بيدل
مسرور بدوي
ادب ساگر: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڊاڪٽر صاحب جي عالم، تارخدان ۽ محقق واري بين
الاقوامي شهرت کان ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگهي،
بيشڪ ڊاڪٽر صاحب هڪ اهڙو شخص هو، جنهن ادب ۽ تاريخ
جي سلسلي ۾ هڪ اداري جيترو ڪم ڪيو، جنهن جي ادبي
علمي ۽ ثقافتي ڪمن کي ڏسجي ٿو ته بنا مبالغي جي
اهو چوڻو ٿو پوي ته ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ادب جو ساگر
هو، ۽ اسان جي خوشنصيبي آهي جو اسان ڊاڪٽر بلوچ
جهڙن جاکوڙي ۽ علمي شخصيتن جي دور ۾ پيدا ٿياسين،
جن تي اسان جو نئون نسل به فخر ڪري ٿو. ايتري قدر
جو اهي سنڌي ٻار، جيڪي ڪراچيءَ ۾ ڄاوا، اردو
ڳالهائيندڙن جي آبادين ۾ نپنا، اردو ۾ ايم. اي
تائين پڙهيا. تڏهن به منجهن، اردوءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌ
ٻوليءَ جي ڏاهن، درويشن توڙي ليکڪن بابت وڏو مان ۽
مرتبو موجود آهي، ۽ مون کي اميد آهي ته سندس محنتن
کي سنڌي نسل صدين تائين ساريندو.
سندس، لوڪ ادب جي سلسلي جي سهيڙيل ڪتابن، نه رڳو
ننڍي عمر جي ٻارن کي پر خود وڏڙن جو به ڌيان ڇڪايو
هو، هي اهو دور هو جو اڃان ٽيليويزن يا وي.سي.آر
به سنڌ تائين نه پهتيون هيون ۽ اڃان به رات جو
سمهڻ وقت ٻار گهڻو ڪري پنهنجي ڏاڏين، نانين يا
پڦين کان آکاڻيون ٻڌندي سمهندا هئا، جن ۾ اسان به
شامل هئاسين، پوءِ هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو اسان
ٿورڙا وڏڙا ٿياسين ته روز روز ساڳيون ڪهاڻيون ٻڌي
نيٺ بازار مان آکاڻين جا ڪتاب وٺي اچي پاڻ ۾ پڙهڻ
لڳاسين ته پڦيءَ کي به ٻڌائيندا هئاسين، پر جڏهن
اهي ٻه ٽي ڪتاب پڙهي پورا ڪياسين ته پڦي چوڻ لڳي:
”من اهي آکاڻيون ته انهن ڪتابن ۾ آهن ئي ڪونه
جيڪي، مان توهان کي ٻڌائيندي آهيان.“
”اڙي واقعي!“ اسان انهن ڪتابن کي ان حوالي سان
اٿلائڻ پٿلائڻ لڳاسين ته واقعي اسان جي پڦيءَ جو
چوڻ درست هو.
تڏهن ته خير اسان کي ان جو سبب سمجهه ۾ ڪونه آيو
هو پر پوءِ جڏهن ڪتابن جا مقدما پڙهڻ جهڙا ٿياسين
ته خبر پئي ته اهي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا
ترتيب ڏنل آهن، جيڪو لوڪ ادب جي سلسلي ۾ ڪيترائي
ڪتاب سيهڙي چڪو آهي. لوڪ ادب جي انهن ڪتابن جي
مقدمن پڙهڻ سان خبر پئي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
صاحب انهن آکاڻين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي
علائقن ۾ پاڻ وڃي ۽ تعليم کاتي جي ڪيترن استادن جي
مدد سان لوڪ ادب جي ان اسڪيم کي مڪمل ڪيو آهي.
پر وري جڏهن پاڻ به تحقيق جي ميدان ۾ پير ڌرياسين
ته اهو خيال به ضرور پيدا ٿيو هو ته ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ صاحب کان، لوڪ ادب جي انهن ڪتابن ۾ سنڌ
جي ڪيترن انهن خاندانن جي وڏڙين (نانين، ڏاڏين) وٽ
سيني بسيني سانڍيل آکاڻيون گڏ ڪرڻ کان رهجي ويون
هيون، جيڪي بلوچستان جي بلوچن، بروهين پٺاڻن مان
پرڻجي آيون هيون يا جن جو گهريلو تعلق پنجاب، خاص
طور ملتان جي سادات سان هو. سنڌ جي ڪجهه خاندانن ۾
ته بنگالي ۽ ڪشميري عورتون به پرڻجي آيون هيون، ان
حوالي سان سنڌ جي ڪيترن گهرن ۾ انهن علائقن جون
آکاڻيون به پيون ٻڌبيون هيون، جيڪي بلوچي، براهوي،
پشتو يا ڪشميري لوڪ ڪهاڻين ۾ به سانڍيل نه آهن.
پر جيئن ته ڊاڪٽر صاحب جي محنتن جي اڳيان اسان جو
قد صفا ننڍو هو، ان ڪري ان ڳالهه جو اظهار نه ڪري
سگهياسين ۽ نه وري ڪڏهن بلوچ صاحب جي روبرو به
ٿياسين ته ڪا ڳالهه ڪڍيسين، ها البت اشاري طور کيس
عرض ڪيوهوسين ته ان اسڪيم کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم ٿيڻ
گهرجي. تنهن تي هڪدم وڏو ساهه کنيو هئائين، جنهن
کان پوءِ افسوس وچان ٿوري دير ڪنڌ جهڪائي ويٺو
رهيو، پوءِ نهايت افسوس ڪندي چيو هئائين:
”ادا توهان کي شايد خبر نه هجي، مون انهن ڪتابن جي
اجوري جو سنڌي ادبي بورڊ کان هڪ پيسو به نه ورتو
آهي، تڏهن ادارن ۾ ويٺل عالمن جي ڪوششن سبب دل به
چوندي هتي ته سنڌيءَ ۾ اهڙا ناياب ڪتاب هجڻ گهرجن
پر ادا هاڻي اهو دور نه رهيو آهي.“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي عظيم ادبي حيثيت جي
باوجود علمي ادبي ڪم ڪندڙ جي همٿ افزائي ڪندو هو.
پر مون سان سندس رغبت جو خاص حوالو اسان جو چاچو
مرحوم لطف الله بدويءَ، ۽ خود اسان جو والد فقير
مسرور هو، جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته نهايت شفقت
سان ملندو هو. مون کي ياد آهي ته اٽڪل پنجاهه سالن
کان جڏهن ڪليات مسرور سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع
ٿيڻ کان محروم رهيو ته پنهنجي سر ڪوشش وٺي مون پاڻ
شايع ڪرايو، جنهن جي ڪاپي اعزازي طور جڏهن ڊاڪٽر
صاحب کي ڏني هيم ته ڪيتري دير تائين منهنجي منهن ۾
نهاريندو رهيو، پوءِ ڪتاب جي ورق گرداني ڪندي رڳو
ايترو چيائين:
”ادا توهان پنهنجي فقير والد جي حق ادائي ڪئي آهي،
الله پاڪ اوهان کي ان جو اجورو ڏيندو.“
پوءِ 22- مئي 2005ع تي خط لکي موڪليو هئائين، جنهن
جو مضمون هن ريت آهي ته :
”ادا بيدل مسرور بدوي،
سدا سلامت هجو،
اسلام علڪيم،
اوهان مهرباني ڪري 19 تاريخ ڪراچيءَ واري جلسي ۾
ڪتابن جي تحفي سان نوازيو. اوهان وڏي مهرباني ڪئي،
جنهن جو آءٌ ان وقت پورو شڪريو به ادا ڪري نه
سگهيس. هتي اچي مون ڪتاب ڏٺا آهن، اوهان وڏي خدمت
ڪئي آهي پنهنجي فقير تن والد بزرگوار ”فقير غلام
علي مسرور“ جي، جو سندن ڪلام ۽ تصنيفون شايع ڪري
سندن خدمتون ۽ نالي کي روشن ڪيو آهي. ڪتاب زيب
زينت سان سهڻا ڇپيل آهن، ڌڻي اوهان کي خوش رکي،
اميد ته ٻئي ڪنهن موقعي تي تفصيلي ملاقات ٿيندي.
مخلص ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ حيدرآباد
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ انتهائي وڏو ۽ عظيم
الشان ڪم سندس سگهڙن جي سالاري ڪرڻ هو، جنهن لاءِ
جيڪڏهن مبالغو نه سمجهي ته مان ته ائين چوندس ته
خود سنڌي ادبي سنگت کي، علمي طور اهڙيءَ منظم
انداز سان هلائڻ جي سالاري نه ملي سگهي آهي، جيڪا
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سگهڙن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي
هڪ سنگهر ۾ جوڙڻ لاءِ ڪئي. مون کي ياد ٿو اچي، مان
اڃا ٽي.ويءَ تي پروڊيوسر ٿي نه آيو هوس، ۽ قومي
تحريڪ جو جوش جنون به پنهنجي اوج تي هو، انهيءَ
سنڌ جي قومي تحريڪ جي جذبن سان ٽمٽار دور ۾ جڏهن
سائين جي.ايم.سيد قومي ڪارڪنن تي سنڌ جي
جاگرافيائي صورتحال کي گڏ ڪرڻ جو ذمو جاري ڪيو هو
ته ان سلسلي ۾ اسان تي روهڙي ۽ ڀرپاسي جي قومي
جاگرافيائي صورتحال کي گڏ ڪرڻ جو ذمو هو، ان ڏس ۾
اسان جڏهن روهڙيءَ جي ريلوي لائين کان پنڌ ڪندا
”پٽڻي“ پهتا هئاسين ته اتي رات رهڻي پئي هئي، اتي
گهڻو ڪري چنا ذات جا ماڻهو ٿي رهيا، جن اسان جي
قومي سوچ جي خيال کان ڳوٺ جا سگهڙ گڏ ڪيا، جن ويهي
اسان کي ڏور ۽ ڳجهارتن سان گڏ سگهڙ پائيءَ جا ٻول
ٻڌائي ڏاڍو محظوظ ڪيو هو، انهن سادڙن ڳوٺاڻن جي
انهيءَ تخليقي ذهن جو داد ڏيندي اسان جڏهن انهن
کان پڇيو ته ان سلسلي ۾ توهان ڪا جماعت به ٺاهي
آهي يا ڇڙ ڇڙ گابا آهيو، ته چوڻ لڳا: ”واه سائين
واه، هيڏا عقل وارا عقلمند قومي ڪار لاءِ وسين
واهڻن جا سير پيا ڪريو، پر اسان جي ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جي خبر ڪانه اٿوَ ته هو سنڌ جي لڳ ڀڳ
سمورن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اسان سگهڙن جون ڪچهريون
ڪرائيندو آهي. وڏو داناءُ ماڻهو آهي، هتي اسان وٽ
به ايندو آهي، گهڻو ڪري مهيني ۾ چنڊ وارين تاريخن
۾، درياهه جي ڪپ تي چانڊوڪيءَ ۾ ويهي راتين جون
راتيون رهاڻيون ڪندا آهيون.“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ادبي ڪارنامن کان ته
اسان رسالن ۽ سندس سهيڙيل ڪتابن ذريعي پيا واقف
ٿيندا هئاسين، ڪڏهن ڪنهن ٽي.وي پروگرام ۾ به
مهرباني ڪري شريڪ ٿيندو هو پر گهڻيون ڳالهيون اسان
پنهنجي ٽي.ويءَ جي ساٿيءَ ۽ مهربان مرحوم ممتاز
مرزا کان ٻڌندا هئاسين، جن ۾ گهڻو ڪري سندس سهيڙيل
لغت ۽ سنڌ جي ماڳن مڪانن جي سياحت ۽ تاريخي
معلومات متعلق سندن ذڪر خير هلندو رهندو هو ۽ ان
ئي بنياد تي اسان ”روح رهاڻ“ جي نالي سان ڪسوٽي
ٽائيپ جو پروگرام شروع ڪيو، ڇاڪاڻ ته خود ممتاز
صاحب تي به ڊاڪٽر صاحب مرحوم جي اها علمي ادبي ۽
ثقافتي رمز رلمل هئي.
ڊرامن يا دستاويزي پروگرامن جي سلسلي ۾ جيڪي
اسڪرپٽ ايندا هئا ته انهن ۾ ڪجهه اهڙا لفظ به شامل
هوندا هئا، جن جي تصديق لاءِ اسان ڊاڪٽر صاحب جي
لغت کان مدد وٺندا هئاسين پر اسان اٽڪل 1976ع ڌاري
جڏهن ”سڳنڌ“ پروگرام شروع ڪيو ته ان ۾ هڪڙو
سيگمينٽ ”لفظ بڻايو، ڄاڻ وڌايو“ جي عنوان سان به
رکيو هو. اتفاق سان ان سلسلي ۾ کوڙ اهڙا لفظ
سامهون آيا، جيڪي ڊاڪٽر صاحب جي لغت ۾ شامل نه
هئا، ان صورت کي سامهون رکي اسان جي هڪ پروڊيوسر
دوست فدا حسين بلوچ (امر جليل جي مشهور ڪردار
ڦودني) انهن لفظن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، ايتري قدر
جو هن، هينئر هڪ لاجواب قسم جي ڊڪشنري ترتيب ڏئي
ورتي آهي. فدا حسين کي اسان گهڻا ڀيرا اهو به
مشورو ڏنو هو ته اهو مسودو ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي به
ڏيکاري پر هو همٿ ساري نه سگهيو، مان سمجهان ٿو ته
هن وقت وٽس اهو مسودو موجود آهي، جيڪو ڪنهن اداري
پاران شايع ٿيڻ جي انتطار ۾ آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ
متعلق ٿيل تحقيق به اهم آهي، جنهن جي اهميت کان
ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگهي پر ان ڪتاب ۾ سنڌي
موسيقيءَ جي بڻ بنياد ۽ ڪجهه راڳن جي ڄاڻ جي سلسلي
۾ تنقيد جو باب کليو هو پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ان پاسي ڌيان نه ڏنو هو يا ڏيڻ پسند نه ڪيو هو.
اصل ۾ ان ڪتاب ۾ راڳن ۽ تاريخ بابت ڪجهه قدر ڪميون
ڪوتاهيون رهجي ويون آهن. جن تي في الوقت بحث ڪرڻ
مناسب نه آهي. ساڳيءَ ريت تازو سندس سفارش سان
سنڌي ادبي بورڊ پاران شاعر رمضان واڍي جو ڇپايل
(مارچ 2006ع) ڪتاب ”علم موسيقي“ جيڪو خود بقول
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ته:
”افسوس جو سنڌ ۾ سنڌي موسيقيءَ جي انفراديت ۽
اهميت کي سمجهڻ وارا ڪي ٿورا وڃي رهيا آهن. سنڌي
موسيقيءَ بابت رمضان جي ڪيل تحقيق ۽ تخليق به سندس
ڪتابن ۾ بند رهجي وئي. هن وقت انهيءَ اعليٰ ڄاڻ
وارا موسيقار موجود ناهن جيڪي سندس اختراعن جي
نوعيتن ۽ نزاڪتن کي سمجهي سگهن! بهرحال، سندس گن
مان باقي جيڪي بچيو آهي، تنهن جو شايع ٿيڻ غنيمت
آهي.“
ان حوالي سان پهرين ته هيءُ ڪتاب هڪ هزار تعداد
بجاءِ پنج سؤ ڇپجڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته هي ڪتاب رڳو
مصنف جي ڪتاب محفوظ ڪرڻ واري حيثيت تائين محدود
آهي، جنهن جو اعتراف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به
ڪيو آهي. اصل ۾ هيءُ ڪتاب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جي تحقيق ۽ تصحيح جي باوجود موسيقيءَ يا خود
ڪلاسيڪي سنڌي يا هندي موسيقيءَ جي ڄاڻ ۾ اضافي
بجاءِ مونجهارا پيدا ڪندڙ آهي. البت ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جو مقدمو سندس روايت جو علمبردار ضرور
آهي.
پر انهن ڪمين ڪوتاهين جي باوجود ڊاڪٽر بلوچ صاحب
جا ڪيترائي ڪتاب انتهائي انمول آهن جن مان سنڌ جي
ناميارن شاعرن متعلق، مير عبدالحسين سانگي، ميين
شاهه عنات، خليفي نبي بخش فقير، نواب ولي محمد خان
لغاري يا شاهه شريف ڀاڏائيءَ جي ڪلامن تي مشتمل
ديوان ۽ ڪليات سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب جا شاهڪار آهن،
جن جا مقدما نه رڳو تحقيق جو بيمثال نمونو آهن پر
انهن مقدمن جي ٽپن (Synopsis)
جو به جواب ناهي. لاشڪ اهي هر نئين تحقيق نگار
لاءِ رهبري ڪندڙ آهن، خود مون انهن ڪتابن جي مقدمن
کي نظر ۾ رکي ”ڪليات مسرور“ جو مقدمو (اٽڪل ٻه سؤ
صفحا) لکيو آهي، جنهن جو جس ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ صاحب جي انهن مقدمن ڏانهن ٿو وڃي، جو منهنجي
ڪيترن همعصر ۽ سينيئر اديبن به منهنجي انهن مقدمن
جي تعريف ڪندي ائين ضرور چيو آهي ته بيدل توکي ته
پي ايڇ.ڊي ڪرڻ کپندي هئي.
واقعي مون کي پي ايڇ.ڊي ڪرڻ کپندي هئي پر ان اعزاز
حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي پيسي ۽ خوشامد جي ضرورت هئي
جيڪي ٻئي مون وٽ ڪونه هئا. بس مون کي خوشي ان
ڳالهه جي آهي ته منهنجي انهن مقدمن کي خود مرحوم
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر
نواز علي شوق ۽ سيد امداد حسيني ساراهيو آهي.
تحقيق جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ٽن
حصن تي مشتمل ”ڪافيون“ به هڪ اهم تاليف آهي، پر ان
کان وڌيڪ اسان جهڙي ٽي.وي پروڊيوسر لاءِ سندس ڪتاب
”سنڌ ۾ اردو“ اهم آهي، ان ڪري جو خود اردوءَ جي
ڪيترن اديبن کي اها به خبر ڪانه آهي ته سنڌ جي
سنڌي شاعرن، اردو شاعريءَ جا ڪهڙا ڪهڙا نه بي بها
خزانا ڇڏيا آهن. ان ڪتاب جي حوالي سان مون ”محبتون
ڪي سفير“ جي عنوان سان اردو پروگرام جو آئيڊيا
ڏنو. اردو پروگرام جو آئيڊيا عام طور تي هيڊ
ڪوارٽر ۾ ويٺل ڊائريڪٽر منظور ڪندا آهن، انڪري
اسلام آباد مان آيل اردوءَ جي ناليواري شاعر ”سرمد
صهبائي“ ان آئيڊيا تي بحث ڪرڻ لاءِ مون کي سڏايو.
هو صاحب اردوءَ جي ڪنهن ٻئي پروڊيوسر مان واندو
ٿي، منهنجي ڏنل آئيڊيا تي نظر ڌرڻ کان سواءِ مون
کي مخاطب ڪندي چوڻ لڳو ته:
"مسرور صاحب، سندھ میں
تو صرف سچل سرمست ہی
وہ شاعر ہے،
جس نے
اردو شاعری
کی
ہے"۔
مون عرض ڪيو ته:
"آپ میری
آئیڈیا
پر تھوڑا
غور کریں
گے
تو آپ کو سندھی
کے
ایک
سؤ ستر سے
زیادہ
شاعر ایسے
ملیں
گے
جن میں
کئی
تو اردو زبان کے
صاحب کتاب بھی
ہیں
اور ان کے
عرس اور میلے
منعقد ہوتے
ہیں"۔
منهنجي چوڻ تي حيران ٿي منهنجي منهن ۾ نهارڻ لڳو.
تڏهن مون ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب سندس اڳيان رکيو، ته
ويتر سندس اکيون ڦاٽي ويون. مون کي لڳو ته کيس
پنهنجي ڪم علميءَ جو احساس ٿيڻ لڳو آهي ۽ ٿيو به
ائين، جو هن ڊاڪٽر صاحب جي ان ڪوشش کي ساراهڻ
بجاءِ ٻوٿ بڇڙو ڪري چيو:
"ٹھیک
ہے
آپ اس کا ایک
پروگرام بناکر بھیجیں،
اس کے
بعد فیصلا
کریں
گے"۔
پروڊڪشن اسڪرپٽ پهرين مون سائين آغا سليم صاحب جن
کي لکڻ جو عرض ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته پهرين مون ان
پروگرام جو آئيڊيا ان سان ئي ڊسڪس ڪيو هو ۽ ان ئي
مون کي ان جو ٽائيٽل ٻڌايو هو... پوءِ ان جي انڪار
سبب مون حمايت علي شاعر کي عرض ڪيو، جنهن وڏيءَ
هيج مان مون کي پروگرام جا تمام سٺا سٺا پروڊڪشن
اسڪرپٽ ٺاهي ڏنا. خير مون پائليٽ ٺاهي اسلام آباد
موڪليو ته اتي واه واه ٿي وئي، پر ان وقت جي جنرل
مئنيجر ظهير خان کي اها ڳالهه بنهه پسند ڪانه آئي
ته اردوءَ ۾ سنڌ جي ڪنهن شخصيت جو پروگرام نشر
ٿئي، ۽ سو به تيرهن پروگرامن تي مشتمل هجي. ان
سلسلي ۾ هن ڀريءَ ميٽنگ ۾ مون کي گهٽ وڌ به
ڳالهائڻ شروع ڪيو پر مون کي رڳو ان ڳالهه تي اچرج
پئي لڳو ته انهن غير سنڌين کي اهو اعزاز قبول ڇو
نه ٿو ٿئي ته سنڌ وارن اردو زبان ۾ تڏهن کان
شاهڪار شاعري ڪئي آهي جڏهن خود هندستان ۾ به اردو
زبان اڃا ٻارڙن وانگر بانبڙا پئي پاتا، ۽ ياد رهي
ته اهو سمورو ڪريڊٽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڏانهن ٿو وڃي،
جو اسان محمود صابر ۽ عظيم ٺٽوي کان ويندي علي
نواز ناز ٽالپر تائين اٽڪل ستر شاعرن تي تيرهن
پروگرام تيار ڪري نشر ڪيا، جن ۾ خود اردوءَ جي به
مايئه ناز فنڪارن جهڙوڪ: مهدي حسن، غلام عباس،
مهناز، استاد حامد علي خان، ترنم ناز، نيره نور،
شمسه ڪنول، گلبهار بانو، سلامت علي، عذرا سلامت ۽
ٽينا ثاني کان ڳارايا، ته جيئن اردو جي انتها
پسندن کي ان چوڻ جي حجت نه رهي ته سنڌي شاعرن جو
اردو ڪلام اوهان جي اردو زبان جي فنڪارن کان نه
ڳارايو. ان کان علاوه سنڌ جي فنڪارن عابده پروين،
ذوالفقار علي، مظهر حسين، لالا عزيز، سهراب فقير،
امام الدين ڊکڻ کان سنڌي ڪلام ڳاراياسين. بس هڪڙو
افسوس بهرحال رهجي ويو آهي ته جتي اردو جا سڀ
پروگرام محفوظ ڪيا ويا آهن، اتي ”محبتون ڪي سفير“
جهڙو اردوءَ جو تاريخي دستاويز ان ڪري محفوظ نه
ڪيو ويو آهي ته اهو سنڌي شاعرن جي ڪلام تي مبني
پروگرام آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سان گهڻو ڪري هميشه
ادبي ميڙن ۾ ملاقات ٿيندي هئي، ۽ مان پنهنجي عادت
مطابق انهن سمورن وڏڙن جي وڃي قدمبوسيءَ کي اعزاز
سمجهي ساڻن ملندو هوس. مون کي ياد ٿو اچي ڪجهه
مهينا اڳ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ڇپايل
انسائيڪلوپيڊيا جي مهورتي تقريب ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب
ڪراچيءَ جي ريجينٽ پلازا تائين سفر ڪري آيو هو، پر
جسماني ڪمزوريءَ سبب پنڊال تائين پنڌ ڪري نه
سگهيو، ۽ پاڻ هوٽل جي ئي هال ۾ ئي ويهي رهيو، سندس
موجودگيءَ سبب ڪيترائي ليکڪ ساڻس اتي لائونج ۾ ملڻ
آيا هئا. يقيناً هن شخص ايترو مان لهڻيو ٿي. ان
خيال سان مان به اٿيس ۽ پنهنجي پٽ ”سائرس مسرور“
سميت وڃي سندس قدمبوسي ڪئي. ٿوري دير ويٺاسين،
هڪٻئي کي دعائون ڏنيون سين ورتيون سين، اٿيو ته
مون پنهنجو ڪلهو اڳيان ڪري ڪنڌ جهڪايو پر هن
منهنجو هٿ جهليو، ۽ بيهي پاڻ کي هلڻ هارو ڪيائين،
پوءِ هٿ وٺي لائونج کان ٻاهر آيو، ساڻس گڏ ڪو
نوجوان عزيز به هو، جيڪو ڪار پارڪنگ مان هلائي اچي
در تي رسيو هو، جنهن ۾ پاڻ براجمان ٿيو ۽ دعائون
ڏيندي روانو ٿي ويو.
الله پاڪ کيس پنهنجين محنتن جو اجورو ڏئي ۽ جنتن ۾
جايون ڏئي (آمين).
سندس علمي ادبي راهه تي رمندڙن کي علم ادب جي
ترقيءَ جي توفيق ڏئي. ”آمين“،
۽ پنهنجي رسول پاڪ ﷺ جن جي مهابي،
سنڌ ۾ وري اهڙن جاکوڙين کي پيدا ڪري،
جيڪي سنڌي زبان، ثقافت، تاريخ ۽ جاگرافيءَ بابت
تحقيقي ڪمن جو بار کڻي سگهن ”آمين“.
پ
1-
ڏيئي شاها، ڦرن ٺڳ، ڏاڍيون ٻپيون ٻَڌي ٻَپ.
2-
ٺڳ جن جو ٻڌن تپ، تنين اچي وڃي تپُ.
3-
ڪِن جي لڳي وڃن طاق، ڪِن جا ٺري وڃن ٺَپ.
4-پڙهي
سور، وٽي مُڃَ، ڏيئي ڳنڍيون، ٻڌن تپَ.
5-سڪل
بانٺ، سنهو تند، ٿلهو بنڊ، پوڙهو ڀَپ.
6-زميندار
ڪارائي کي چون: راهَ وڃي ٺپ.
7-بيٺي
پير، ويندي وير، ٺهه پهه، ٺهه ٺپ.
8-ڏين
ٽِپَ، توڙي ٽَپ، ڍينگر ڍاري چون ٽَپ.
9-کليل
هٿ سان چماٽ، چوين ٿف، توڙي ٿَپ.
10-
ڪري خيال، رکج پير، ڏسين چِڪ جتي گَپ.
11-
چون ڳڀ، توڙي ڳپ، ڳنڍ ڳوپ ڪرن ڳپ.
12-
کپو ڪاٺ اندر کپ، ڪٻ کٻ توڙي گهپ.
13-
خوشبوءِ چڱي؛ باس بدبوءِ، بُري ڌپ.
14-
تازو ڳڀ، ڳر، ڳپ، سُڪي ڦَلُ ڇڏي ڏپ.
15-
زوراور لائن زور، ڪري وات منجهه چپ.
16-
ڇپي ڇاپاڪو، ڇاپوٽيو، هڻن ڇُپ، توڙي ڇَپ.
17-
مونڊاهه، ڪُڙهه، سار واري مام اندر ڇَپ.
18-
کر کام بدنام، سخت پٽ پوٺو رَپ.
19-
ڪارو نانگ وسيهر، زهري زور سِيهَه سَپ.
20-
اڊو، ڊڄ، ڀؤ، ڊاءُ، خطر، خوف، ڏر، ڊپ.
21-
چون: ڪين ماري سَپ، ماري سپ سندو ڊپ.
22-
سندي واهَه، ڀِڪ، ڀَر، ڪپر، ڪنڌي، توڙي ڪپ.
23-
مانجهي مڙس ڪوڏر ساڻ، ٻڌن شوپ شپان شپ.
24-
گانڊو مڙس هڻن لاف، ڪرن گوڙ گپ شپ.
25-
کائن مال مفت منجهه، ڪرن هضم هڙپ هپ.
26-
کسن زور هٿن ساڻ، ڏيئي جهٽ جهڙپ جهپ.
27-
سهڻي صاف سونهاري، گهڻا وار گهاٽا، جهپ.
28-
ٿئي عزت جو تنهن خيال، جنهن کي
ديد، نَڪ، چپ.
29-
ٿئي ڦري بدخواه، مرد جيڪو پئي
چَپ.
30-
نست مرد نا اميد، بيٺو ڏور چَٽي
چپ.
31-
آهي غريبن گذران، سُڪي ماني، ڏڌ
لپ.
32-
ڪري عشق اندر منجهه، وڏا گهاءَ،
وڏا گهَپ.
33-
سڙين ڪين اچي سُک، جَلين ڪين اچي
جپ
34-
حب، سارَ سڄڻ جي، سِڪ، تانگهه،
طلب، کپ.
35-
آهي نينهن کَپر نانگ، تنهن کي
نيهي نر نَپ.
36-
ڌُڻي نام ڌڻيءَ جو، تون رڳو نام
ڌڻي، جپُ.
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ٽماهي ”مهراڻ“ 1-2/1969ع
تاج جويو
لغت نويسيءَ ۾ ڊاڪٽر بلوچ جون
ورتل ڪوششون
جديد همعصر دورَ ۾ ٽن سنڌي عالمن جي ڪَم، جيڪا جڳ
مشهوري حاصل ڪئي آهي، اُن جو مثال نه ٿو ملي. اُهي
ٽي عالم ۽ اديب آهن: (1) پير
حسام الدين راشدي، (2) محمد ابراهيم جويو ۽
(3) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
- پير حسام الدين راشديءَ جو نالو، سنڌ جي تاريخ
جي تحقيق جي حوالي سان هميشه وڏي مانَ ۽ شانَ سان
ورتو ويندو. پير صاحب کي مادرِ وطن سنڌ سان اٿاهه
محبت هئي، هِن اُن جذبي هيٺ سنڌ جي تاريخ کي نئون
موڙُ ڏنو. هن تاريخ بابت سوين بلڪ هزارين قلمي ۽
ڇاپي ڪتاب هٿ ڪري، اُنهن مان اهم ڪتاب ۽ مسودا
وڏيءَ محنت ۽ محبت سان ايڊٽ ڪيا ۽ سنڌ جي تاريخ
بابت اسان کي نئون، قيمتي ۽ اڻلڀ مواد ميسر ڪري
ڏنو. سندس اهم تصنيفن ۽ تاليفن ۾: ’مڪلي نامو‘،
’ترخان نامو‘، ’حديقة الاولياء‘، ’مرزا عيسيٰ
ترخان‘، ’تذڪرهء مشائخ سيوستان‘،’ڳالهيون منهنجي
ڳوٺ جون‘،’هُو ڏوٿي هُو ڏينهن‘،’هشت بهشت‘،’مهراڻ
جون موجون‘، (ترتيب) ’مثنوي چنيسر نامه‘،’ڳالهيون
ڳوٺ وڻن جون‘،’تڪمله مقالات الشعراء‘،’تاريخ مظهر
شاجهاني‘،’منشور الوصيت و دستور الحڪمت‘ وغيره
شامل آهن. هنن ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ چئي سگهجي
ٿو ته ايڊيٽنگ ۽ تدوين جو فَنُ پير صاحب کان پوءِ
دنگ آهي. پير صاحب جي ايڊيٽنگ جو بهترين مثالُ
’مڪلي نامو‘ آهي، جيڪو اصل ڪتاب، مير علي شير
”قانع“ فارسي زبان ۾، مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي پوريل
شخصيتن، سندن مقبرن ۽ مزارن جي هنڌن، سنن ۽ واقعن
سميت ڪُل 90 صفحن تي مشتمل لکيو هو؛ پر پير صاحب
اُن تي سنڌيءَ ۾ جيڪي حاشيا لکيا آهن، سمجهاڻيون ۽
اضافا پيش ڪيا آهن، ۽ اُن ۾ ناياب تصويرون شامل
ڪيون آهن، تن مان هي تاريخي شاهڪارُ 888 صفحن جو
عظيم دستاويزُ بنجي پيو آهي.
محمد ابراهيم جويي صاحب جي نالي کان سواءِ ’سنڌي
جديد ادب‘ جو تصور ئي محال آهي. هن 98 ورهين جي
تازه دم ۽ جُوان جذبن واري بزرگَ پنهنجي سڄي
ڄمارَ، سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ تعليم جي خدمت ڪندي
گذاري آهي. سنڌي مادري زبان جا اڪثر درسي ڪتابَ
سندس ’دست مُهر‘ کان سواءِ مستند نه سمجهيا ويندا
آهن. هن ٻوليءَ، ادب ۽ تعليم جي ميدان ۾ ظاهري
توڙي پردي پويان جيڪو عظيم پورهيو ڪيو آهي، اُن جو
ڪاٿو وقت ۽ تاريخَ ئي لڳائي سگهن ٿا. ’سنڌي ادبي
بورڊ‘ جي پوريءَ دنيا اندر مڃتا، هن لاثاني عالم
جي پورهئي، لڳاءَ ۽ سچائيءَ جو نتيجو آهي. هن عالم
شخص جي دَم قَدم سان ئي سنڌي ادبي بورڊ جون مختلف
رٿائون تڪميل جا مرحلا پورا ڪري سگهيون. جن ۾ ’سنڌ
جي تاريخ‘،’جامع سنڌي لغات‘،’سنڌي لوڪ ادب‘ ۽
’عالمي ادب‘ جي ترجمي جون رٿائون اچي وڃن ٿيون. هن
شخص دنيا جي بهترين ادب ۽ فلسفي ۽ فڪر جا شاهڪارَ،
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي دامن ۾
ڪهڪشائون پکيڙي ڇڏيون آهن. اهڙن ڪتابن ۾ ’ايملي
عرف تعليم‘،’ٻارن جي تعليم‘،
’وحشي جيوت جا نشان‘،’فڪر جي آزادي‘،’ٻارن جو
مسيح‘،’فلسفي جون ابتدائي ڪورس‘،’محڪريءَ جا
مضمون‘،’فرينچ انقلاب‘،’علم تدريس مظلومن لاءِ‘
وغيره اهم آهن. سندس ذاتي قلمدانيءَ جي شاهڪارن
۾:
'Save Sindh, Save the Continent'
’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘، ’شاهه سچل
سامي‘،’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘،’ادب، ٻولي،
تعليم‘،’ڳالهيون ڪتابن جون‘ (2 جلد)، ’سنڌ منهنجي
خوابن جي‘ (2008ع)، ’سنڌ، جا مون سپنن ۾ سوچي‘
2012ع ۽ ٻيا ڪتاب اچي وڃن ٿا. مستقبل ۽ حال جي
سنڌ، هن پورهيت اديب کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي.
اهڙي طرح ٽيون عالم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي،
جيڪو سنڌ جو سپورنج، سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيت جو
ڄاڻو، لطيفيات جو شارح، سنڌي لوڪ ادب جو ماهر،
ڪلاسيڪي شاعريءَ جو پارکو، عظيم تعليمدانُ، محقق ۽
سنڌ جي تاريخ جي سُونهن بلڪ مٿي جو موڙُ هو. هن
عظيم ڏاهي جون لسانيات، لوڪ ادبَ، تعليم، تاريخ،
لطيفيات، اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي سهيڙَ،
موسيقيءَ ۽ لغات نويسيءَ جي ميدانَ ۾ خدمتون وسارڻ
جهڙيون نه آهن.
هن سنڌي ٻوليءَ، لسانيات ۽ ادب جي موضوع تي ’سنڌي
ٻوليءَ ۽ ادبَ جي تاريخ‘ جهڙو بي بدلُ ڪتاب لکيو،
جنهن جا چار سُڌاريل ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن.
موسيقيءَ جي ميدانَ ۾ ’سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ‘
سندس شاهڪار ڪتاب آهي. اساسي ۽
ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي سهيڙَ ۾: ’ڪليات حمل‘ (1953ع)، ’ميين
شاهه عنايت جو ڪلام‘ (1963ع)، ’خليفي صاحب جو
رسالو‘ (1966ع)، ’شاهه لُطف الله قادريءَ جو ڪلام‘
(1968ع)، ’ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري (1968ع)،
’ڪليات سانگي‘ (1969ع)، ’شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو
رسالو’ (1972ع)، ’راڳ نامو‘ (1981ع)، ’رسالو غلام
محمد خانزئيءَ جو‘ (1985ع) ۽ ’قاضي قادن جو رسالو‘
(1999ع) اهم ڪتاب آهن. ’لطيفيات‘ جي ميدان ۾:
’شاهه جو رسالو: برٽش ميوزم وارو‘ (1969ع)،
’شاهه جي رسالي جا سرچشما‘ (1972ع)، ’شاهه جي
رسالي جي ترتيب‘ (1974ع)، ’شاهه جو رسالو: ٽن قلمي
نسخن تي آڌاريل‘ (1974ع)، ’شاهه جو رسالو: ڏهن
قلمي نُسخن تي آڌاريل‘ (1977ع)، ’شاهه جو رسالو‘
(۽ رسالي جو ڪلام) ڏهه جلدَ ۽ شاهه لطيف ثقافتي
مرڪز طرفان ترتيب ڏنل ڪيئي مخزنَ ۽ ڪتابَ، سندس
عظيم پورهئي جا شاهد آهن. ’سنڌ جي تاريخ‘ جي حوالي
سان- ’چچ نامي‘، ’تاريخ معصوميءَ‘، ’لب تاريخ
سنڌ‘،
’تحفة الڪرام‘، ’تاريخ طاهري‘ ۽ ٻين ڪتابن جي
ترجمن جي تصحيح، ترتيبَ ۽ خاص ڪري ’فتح نامہ سنڌ‘
عرف ’چچنامي‘ جو مقدمو، ڊاڪٽر صاحب جي تاريخ ڄاڻ
جو مظهر آهن.
ٻن حوالن سان ڊاڪٽر نبي بخش خان جو نالو اول صف جي
عالمن ۽ محققن ۾ شمار ٿئي ٿو:
(1) لوڪ ادب جي سهيڙَ، ۽ (2) لغات نويسي.
سنڌي ادبي بورڊ جي ’لوڪ ادب سلسلي‘ جا 40 کان وڌيڪ
ڪتابَ، سنڌ جي هن عظيم اسڪالر جي سهيڙَ ۽ تحقيق جو
ڪمال آهن. ’سنڌي لوڪ ادب‘ جي سهيڙَ جي تفصيلي
تجويزَ، 1955ع ۾، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي آڏو آندي
وئي هئي ۽ 1956ع ۾ هن اسڪيم کي منظور ڪري، هيءُ
محنت ۽ جاکوڙ وارو ڪم، ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيو
ويو. 1957ع ۾ ’لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس‘ قائم ڪري،
ڊاڪٽر صاحبَ، سوين ڪارڪنن جي سٿَ سان وڏيءَ محنت،
جفاڪشيءَ ۽ لگن سان مواد جي سهيڙَ شروع ڪري ڏني.
اِن ڏس ۾ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جو گشت ڪري، ڪچهريون
سڏائي پڻ مواد هٿ ڪيائين. 1959ع ۾ لوڪ ادب سلسلي
جو پهريون ڪتابُ، ’مداحون ۽ مناجاتون‘ شايع ڪيو
ويو، ۽ 1991ع ۾ هن رٿا جو چاليهون ڪتاب ’هُنر‘
ڇپجي پڌرو ٿيو. هن تاريخي ڪم جي سهيڙَ ۾ ڊاڪٽر
صاحب کي پنهنجن ساٿين سان گڏ محنت ڪندي ڇٽيهه سال
لڳا. لوڪ ادب سلسلي جي چاليهن ڪتابن جي ’فهرست‘،
جيڪا خُود 250 صفحن تي مشتمل آهي، هن اجتماعي
پورهئي جو اعليٰ مثال آهي. اِن رٿا کان سواءِ، هن
ئي سلسلي جا ٻيا ڪتاب،‘
ٻيلاين جا ٻول‘ (1950ع ’لاکو ڦُلاڻي‘ (1985ع) ’سڀ
رنگ‘ (1968ع) ۽ ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ ڏهن کان مٿي جلد
پڻ ڊاڪٽر صاحب جي قلم آرائيءَ جو ڪارنامو آهن؛
جيڪي زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽيءَ،
مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۽ خليل ڪتاب گهر
خيرپورميرس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ ماڻڪ موتي
تنظيم ۽ ٻين ادارن پاران ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن.
ڊاڪٽر صاحب جهڙي گهڻ رُخي عالم جي مختلف رُخن ۾
ڪيل تحقيق تي تفصيل سان لکڻ لاءِ ڪيترائي ڪتابَ
درڪار آهن. هتي آءٌ صرف سندس هڪ اهم ڪم ’لغات
نويسي‘ تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو:
سنڌ ۾ ’لغت نويسيءَ‘ جو فَنُ ته آڳاٽو آهي، پر
’سنڌي لغت نويسي‘ جي تاريخ ڪا ايڏي پراڻي به نه
آهي. ’سنڌي لغت نويسيءَ‘ طرف 18 صديءَ جي وچ ڌاري
ڌيانُ ڏنو ويو. ٽالپر حڪومت جي پڇاڙڪن سالن ۾ ڪن
انگريز بيوروڪريٽن، پنهنجي حڪومتي مقصدن ۽ اُن جي
استحڪام خاطر سنڌي ٻوليءَ جي اڀياسَ، سنڌي ٻوليءَ
جي گرامر ۽ لغتن تيار ڪرڻ طرف توجهه ڪيو. 1835ع ۾
جيمس پرنسيپ، ’سنڌي ٻوليءَ جو گرامر‘
(A grammar of the Scindee language)
۽ 1836ع ۾، ڊبليو. ايڇ. واٿن ’سنڌي ٻوليءَ جو
گرامر‘ ۽ اُن سان گڏ سنڌي لفظن جو مختصر ذخيرو
(A grammar of Sindhi Language)
بمبئيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن بمبئيءَ ۾ رهندڙ
سنڌي واپارين کان سنڌي سکي هئي.
1843ع ۾ انگريزن، ٽالپرن کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو
ڪيو. اُن سال ٻن انگريز فوجي عملدارن: ڪئپٽن
ايسٽوِڪ
(J.B. Eastwick)
۽ ليفٽيننٽ ليچ
(R.
Leech)
’سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا مختصر ذخيرا‘
(Vocabularies)
رومن لپيءَ ۾ انگريزي معنيٰ سان ڇپائي پڌرا ڪيا.
ڪئپٽن ايسٽوِڪ، سنڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ دوران
پنهنجيءَ رُوءِ سُوءِ سنڌي زبان سکي، 1947ع ۾ سنڌي
ٻوليءَ جو گرامر تيار ڪيو ۽ گڏو گڏ انگريزي- سنڌي
۽ سنڌي- انگريزي ڊڪشنرين تي پڻ ڪم شروع ڪري
ڏنائين. هن جو سنڌي گرامر ۽ ’انگريزي سنڌي ڊڪشنري‘
پهريون ڀيرو 1849ع ۾ ڇپيا. هن لغت ۾ 12000 انگريزي
لفظن جون سنڌيءَ ۾ معنائون ڏنل هيون. ڪئپٽن
ايسٽوِڪ، ٻن سنڌي عالمن- پنڊت برهم سچانند ۽ پنڊت
جيشٺ برهم يا جيٺارام جي مدد سان ’سنڌي انگريزي
ڊڪشنري‘ پڻ جوڙي، پر اُن جي ڇپائيءَ کان اڳ پاڻ
وفات ڪري ويو؛ ۽ اُها ڊڪشنري اڳتي هلي، بي. ايڇ.
ايلس بئرو، اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ، پنهنجيءَ نگرانيءَ
۾، 1855ع ۾، بمبئيءَ مان ڇپائي پڌري ڪئي، جنهن ۾
20000 جي لڳ ڀڳ لفظ هئا. (سندس اهي ٻئي لغتون سنڌي
لئنگئيج اٿارٽيءَ 2011ع ۾ ٻيو ڀيرو ڇپائي پڌرو
ڪيون آهن). اِن ئي عرصي ۾ هڪ سنڌي عالم آخوند
عبدالرحيم ’وفا‘ عباسيءَ، پهرين سنڌي- فارسي لغت:
’جواهر لغات اڪيچار سنڌي‘ تيار ڪئي، جنهن جي
تياريءَ جو عرصو ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب 1845ع
کان 1851ع جي وچ وارو ٿي سگهي ٿو. ان کان سواءِ
پادري شرٽ، 1860ع ۾ 44 صفحن جي ننڍڙي لغت؛ لڪشمڻ
وشڻو پرانچبيءَ 1868ع ۾ ’انگريزي- سنڌي ڊڪشنري‘ ۽
پادري شرٽ، اُڌارام ۽ صادق علي مرزا سان گڏ ’سنڌي
انگريزي ڊڪشنري‘ تيار ڪري 1879ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي،
جنهن ۾ 21450 لفظ هئا. هن لغت جي تياريءَ ۾ آخوند
عبدالرحيم عباسي مرحوم کان به مدد ورتي وئي هئي.
جهمٽ مل نارومل وسڻائيءَ، پادري شرٽ جي طرز تي
سنڌي ٻوليءَ جي اُنهن چونڊ لفظن جي وئتپتي
(Etymology)
1986ع ۾ شايع ڪئي، جيڪي سنسڪرت بنياد رکندڙ هئا،
ان کان اڳ 1881ع ۾ هڪ يورپي عملدار ’مري‘
(J.A. Murry)
ٻه ڪتابڙا
Vertebrate Zoology of Sindh،
۽ (2)
Plants and Drugs of Sindh
1881ع ۾ ڇپايا هئا، جن ۾ سنڌ جي پکين، جڙين ٻوٽين
۽ وڻن ٽڻن جا نالا، رومن لپيءَ ۾ انگريزي معنيٰ
سان ڏنا ويا هئا.
ويهين صديءَ ۾ ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلڻاڻيءَ
’انگريزي- سنڌي ڊڪشنري‘ (1904ع)، ڀيرومل مهرچند
آڏواڻيءَ ’غريب اللغات‘ (1907ع)، ۽ پرمانند
ميوارام ”سنڌي- انگريزي ڊڪشنري‘ (1901ع)، جنهن ۾
25140 لفظ هئا، ۽ ’انگلش- سنڌي ڊڪشنري‘ (1933ع)،
جنهن ۾ 15735 لفظ هئا، شايع ڪيون. ان کان سواءِ
مرزا قليچ بيگ 1913ع ۾ ’لغات لطيفي‘ ۽ 1922ع ۾
’لغات قديمي‘ ڇپايون. ٻيون به ڪيتريون ننڍيون
وڏيون سنڌي پهاڪن، اصطلاحن ۽ ورجيسن جون لغتون
ڇپايون ويون. باوجود ايترين مخلصانه ڪوششن جي سنڌي
ٻوليءَ جي هڪ ’جامع لغت‘، جنهن ۾ سنڌي ۾ سنڌي
ٻوليءَ جا نِج ۽ گهڻي کان گهڻا لفظَ، اصطلاح ۽
اُنهن جون سنڌيءَ ۾ معنائون ڏنل هجن، تيار نه ٿي
سگهي.
ورهاڱي کان اڳ 1940ع ۾ جڏهن سائين
جي.ايم.سيد، سنڌ جو وزير تعليم ٿيو هو ته هن ’سنڌي
ساهتيه جو مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ قائم ڪرايو، ۽ هڪ
’جامع سنڌي لغت‘ جي ضرورت محسوس ڪندي، عالمن جي هڪ
ڪاميٽي مقرر ڪري، اهو ڪم اُن جي حوالي ڪيو. اُن
ڪاميٽيءَ تي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ ۽ لالچند امر
ڏني مل جهڙا سنڌي ٻوليءَ جا وڏا عالم پڻ ميمبر
هئا. اُن ڪاميٽيءَ ’جامع سنڌي لغت‘ جو مسودو، الف-
ب جي پهرين چئن اکرن (ا، ب، ٻ، ڀ) تائين اڃا مَس
تيار ڪيو ته هندستان جي ورهاڱي سبب ’لغات‘ جو ڪم
رُڪجي ويو.
’جامع سنڌي لغات‘ جو اهو تاريخي ڪم اڳتي هلي سنڌ
جي نامور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڪرڻو
پيو. ٿِيو هيئن ته ڊاڪٽر بلوچُ، مئي 1949ع ۾،
آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان
ايم- ايڊ ۽ ’ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن‘ جون ڊگريون وٺي
واپس وريو، پر مُلڪ واپسيءَ تي، ساڻس جنهن ملازمت
جو وعدو ڪيو ويو هو، اها کيس ڪا نه ملي؛ اُن ڪري،
مئي 1949ع کان آگسٽ 1950ع تائين سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ
گُهمندو ۽ سگهڙن ۽ سالڪن سان ڪچهريون ڪندو رهيو.
سائين جي. ايم. سيدُ، ڊاڪٽر صاحب جي علمي حيثيت
کان آگاهه هو، جنهن کيس پاڻ وٽ سَنِ گهرائي، لُغت
جو ڪم ڪرڻ لاءِ چيو. ڊاڪٽر صاحب کي دل گهُريو ڪم
ملي ويو، ۽ هن بنا ڪنهن آنا ڪانيءَ جي سَن ۾،
سائين جي. ايم. سيد جي وسيع لائبريريءَ ۽ اوطاق ۾
ويهي لغت تي ڪم شروع ڪري ڏنو. سائين جي.ايم.سيد
کيس ڪاڇي ۽ ڪوهستان مان ڪيترا سگهڙ گهرائي ڏنا، جن
سان ڊاڪٽر صاحب ڪچهريون ڪري، ڪافي لفظي ذخيرو گڏ
ڪيو. اهڙيءَ طرح سائين جي. ايم. سيد جي رهنمائيءَ
۾، ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ جي خدمت واري جذبي هيٺ
لغت جي ڪم کي ڪافي اڳتي وڌايو.
1951ع ۾، سائين جي.ايم.سيد جي سربراهيءَ ۾، ’سنڌي
ساهتيه مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ جي،
’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ٿي ته
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ’جامع سنڌي لغات‘ ٽن سالن
اندر تيار ڪري ڏيڻ جو ڪم سونپيو ويو. ڊسمبر 1951ع
۾ سنڌ جي ٻئي عظيم سپوت، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اُن
وقت جي وائيس چانسيلر ۽ عظيم اسڪالر علامه آءِ.
آءِ. قاضيءَ، سنڌ يونيورسٽي (اولڊ ڪئمپس) ۾ ’جامع
سنڌي لغات‘ جي تياريءَ ۽ تڪميل لاءِ مرڪزي آفيس
قائم ڪئي، جتي لغات جي رٿا
(Scheme)
جو خاڪو مرتب ڪيو ويو. جنوري 1952ع کان لغت تي
باقاعدي ڪم جي شروعات ٿي. 1940ع ۾ لغت جي شرع ڪيل
ڪم کي ’الف‘ کان ’ي‘ تائين مڪمل ڪرڻ جي ٽه ساله
رٿا، سائين جي.ايم.سيد جي ترغيب، علامه قاضي صاحب
جي مددَ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن جي تعاون سان
ڊاڪٽر بلوچ صاحب مڪمل ڪرڻ جو ٻيڙو، سُکاڻي بنجي
سنڀاليو. ڊاڪٽر صاحب جي جواني هئي. هو قومي جذبي
هيٺ روزانو 12 ڪلاڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته 15، 16 ڪلاڪَ
به ڪم ڪندو رهيو، ۽ ڪيترن ساٿين ۽ عالمن جي مددَ
سان سونپيل ڪم جو مسودو، هٿ لکيل ويهن جلدن ۾،
ڊسمبر 1954ع تائين مڪمل ڪري ورتائين.
’جامع سنڌي لغات‘ جوڙڻ لاءِ سنڌ جي هن نامياري
عالم ۽ محقق، هڪ پورو ’نيٽ ورڪ‘
(Net work)
تيار ڪيو ۽ هڪ رٿا
(Project)
جي صورت ۾، هن ڪم کي ’تاريخي فريضو‘ سمجهي مڪمل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڊاڪٽر صاحب، ’جامع سنڌي لغات‘ لاءِ لفظن ۽ اصطلاحن
جو ذخيرو هٿ ڪرڻ لاءِ هيٺيان ذريعا ڪم آندا:
(1) ادب ۽ ٻين موضوعن تي ڇپيل ننڍا وڏا
ڪتاب ۽ رسالا؛
(2) سموريون (انگريزي- سنڌي، سنڌي، انگريزي ۽
سنڌي) لغتون؛
(3) ڪلاسيڪي شاعرن جي اڻ ڇپيل ڪلام جو لفظي
ذخيرو؛
(4) اڻ ڇپيل لغتن: ’جواهر لغات اڪيچار سنڌي‘
(مرتب- آخوند عبدالرحيم عباسي)؛ مولوي علي محمد
مهيريءَ جي ’سنڌي لغت‘، لالا هاسانند جي ’سنڌي
لغت‘ (جنهن جو لفظي ذخيرو، بورڊ جي فيصلي موجب
تاراچند گاجرا بمبئيءَ مان اُتاري موڪليو هو) جو
مواد؛
(5) سنڌ جي مختلف طبعي ڀاڱن: لاڙ، سري، ٿر، ڪاڇي،
کاري، وچولي، ڪڇ ۽ لس ٻيلي جي اهم محاورن ۽ لهجن
جا لفظ ۽ اصطلاح؛
(6) سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن ۾ مقرر ڪيل ڪارڪنن
وٽان مليل لفظي ذخيرو؛ ۽
(7) عربي ۽ فارسي لفظن جو سنڌيءَ ۾ مروج ذخيرو-
وغيره.
ڊاڪٽر صاحب، ’جامع سنڌي لغات‘ جي تياريءَ لاءِ سنڌ
جي مختلف ڀاڱن جو به سفر ڪيو ۽ اهم ڳوٺن ۽ علائقن
۾ وڃي، اُتان جي بزرگن، سگهڙن،
ڪمين ڪاسبين، ڀاڳين، شاعرن ۽ اُستادن سان ڪچهريون
ڪيون.
ڊاڪٽر صاحب، مختلف علائقن جي رهاڪو، عالمن ۽
استادن کان سنڌي ٻوليءَ جا مروج لفظ ۽ اصطلاح گڏ
ڪرايا. اهڙن عالمن ۽ اُستادن ۾: (1) محمد صالح
سمي، محمد عرس سمي ۽ حڪيم محمد يعقوب قادريءَ
(ڪراچيءَ واري)، ڪوهستاني ۽ لاسي لهجن جا لفظ ۽
اصطلاح گڏ ڪيا. (2) مولوي علي محمد مهيريءَ، محمد
طالب لوهار، محمد صديق مسافر، مقبول احمد بلوچ ۽
شرف الدين شاهه ماتليءَ واري لاڙ جي لفظن ۽
اصطلاحن جو ذخيرو جمع ڪيو.
(3) پروفيسر عطا محمد حاميءَ، محمد عالم عباسيءَ،
عبدالرزاق ميمڻ پير ڳوٺ واري، لعل محمد پٺاڻ ۽
محمد حسن ’مشتاق‘ انڍڙَ، خيرپور، سکر ۽ شڪارپور
ضلعن جي لفظن ۽ اصطلاحن کي سهيڙيو. (4) اُستاد
رائچند هريجن، پمي مل، محمد امين پليءَ ۽ مينگهي
مل، ٿرپارڪر ۽ ڍوري ناري جي مختلف لهجن جا لفظ ۽
اصطلاح گڏ ڪري موڪليا. (5) مشهور اُستاد ۽ شاعر
محمد خان مجيديءَ، معين شاهه (شاهبندر واري)، دوست
محمد ۽ ٻين، ٺٽي، شاهبندر ۽ ساڪري جي طرف جا لفظ ۽
اصطلاح گڏ ڪيا. (6) شاهنواز شاهه عارف الموليٰ
ڊُٺڙي واري، حاجي سومرخان ۽ ٻين، سانگهڙ ضلعي جا
مخصوص لفظ ۽ اصطلاح جمع ڪيا. (7) ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي ۽ غلام نبي سنديلي، لاڙڪاڻي جي طرف جا
اصطلاح ۽ لفظ گڏ ڪري موڪليا. (8) مشهور عالم
گنگارام سمراٽ، سَن (ضلعي دادوءَ) مان لفظي ذخيري
هٿ ڪري ڏيڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي وڏي واهر ڪئي. اهڙيءَ
طرح ٻين به ڪيترن ڪارڪنن ۽ اُستادن وڏو لفظي ذخيرو
گڏ ڪري کيس موڪليو.
جنوري 1952ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر محمد
بخش ’واصف‘، سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ بعد
مرڪزي ڊڪشنري آفيس ۾، زندگيءَ جي آخري پساهن تائين
ڊاڪٽر صاحب جو ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو. مرحوم رشيد
احمد لاشاريءَ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جون پڻ
تعليم کاتي کان ڪجهه عرصي لاءِ خدمتون، ’لغات‘ جي
ڪم لاءِ اُڌاريون ورتيون ويون. محمد بخش ’واصف‘ جي
وفات کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب، مرڪزي لغت آفيس جو ڪم،
مرحوم سيد سردار علي شاهه ’ذاڪر‘ جي حوالي ڪيو،
جنهن وڏي عرصي تائين نهايت سليقي ۽ اورچائيءَ سان
ڪم کي سنڀاليو. جڏهن سردار علي شاهه، روزاني
’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ته آفيس جو ڪم شيخ
محمد اسماعيل جي حوالي ڪيو ويو، جنهن لغت جي فيئر
ڪاپين تيار ڪرڻ ۽ پروفن ڏسڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي
معاونت ڪئي. مرڪزي آفيس ۾ هڪ وڏي عرصي تائين محمد
طالب لوهار، مراد علي بلوچ ۽ محمد يوسف شيخ پڻ ڪم
ڪيو. اُن کان سواءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا، مخدوم
غلام محمد، ممتاز مرزا، ماستر عبدالرزاق مغل،
ماستر محمد بچل انصاريءَ، اُستاد محمد يعقوب
’نياز‘ ميمڻ، غلام قادر انصاريءَ، احمد بخش
انصاريءَ، غلام محمد ميمڻ، ماستر غلام نبي
بُڙديءَ، مصري شاهه ٽکڙائيءَ ۽ ماستر محمد بخش
سولنگيءَ به مختصر عرصي تائين مرڪزي آفيس ۾، لغت
جي ڪم ۾ حصو ورتو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جنهن جانفشانيءَ ۽ قومي جذبي سان
’جامع سنڌي لغات‘ جي تياريءَ لاءِ رات ڏينهن محنت
ڪئي. اُن کي ڏسي، مٿي ڄاڻايل عالمن، اديبن،
اُستادن ۽ سڄاڻ ڪارڪنن، مختصر معاوضي تي ڊاڪٽر
صاحب جي رهنمائيءَ ۽ هدايتن موجب وڏيءَ محبت ۽
محنت سان پورهيو ڪيو؛ ايتريقدر جو ڊاڪٽر بلوچ لکي
ٿو ته: ’ڪارڪنن کي ماهوار 25 کان 50 رپيا اُجرت
ملندي هئي‘. تنهن کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي
ادبي بورڊ جي اوائلي ميمبرن ۽ بورڊ جي چيئرمن
سائين جي.ايم.سيد جي مڪمل پُٺڀرائي ۽ علامه
آءِ.آءِ قاضيءَ جهڙي عالم جو ڀرپور ساٿ حاصل رهيو.
هِنن ڊاڪٽر صاحب جي عالمانه پورهئي ۽ جذبي کان
متاثر ٿي، سندس ڪم ۾ هڪ گهڙيءَ لاءِ به ڪا رڪاوٽ
نه وڌي، ۽ ائين ڊسمبر 1954ع تائين لغات جو مسودو
مڪمل ٿي سگهيو. لغات جي مسودي جي تياريءَ بعد سنڌي
ادبي بورڊ پاران سنڌ جي مشهور تعليمدان ۽ عالم
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي مسودي جي پهرين چئن
اکرن (ا، ب، ٻ، ڀ) تي تنقيدي نظر وجهي، اُن ۾
واڌارا سُڌارا ڪري، اُن کي بهتر بنايو؛ ۽ سنڌي
ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي، لغت جي
پهرئين جُلد جا آخري پروف ڏٺا ۽ اُن ۾ مناسب
واڌارا ۽ دُرستيون ڪيون. محمد ابراهيم جويي لاءِ،
ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو آهي ته: ”جنهن جي گهريءَ نظر
کان سواءِ، شايد هيءَ لغات (جلد پهريون) ايترو
صحيح نه ڇپجي سگهي ها“. لغت جي پهرئين جلد ۾ عربي
لفظن جي اشتقاقن ۾ مخدوم امير احمد جهڙي عالم ۽
سنسڪرت جي اشتقاقن ۾ تاراچند گاجرا (بمبئيءَ) ۽ سن
جي رهاڪوءَ گنگارام سمراٽ (جيڪو بعد ۾ سهجپور
بوگا، احمدآباد، انڊيا ۾ وڃي رهيو)، ڊاڪٽر صاحب جي
ڪافي مدد ڪئي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ’جامع سنڌي لغات‘ جو اهڙو ته
جامع ۽ بهتر سِٽاءُ ڪيو آهي، جيڪو اڳتي هلي لغت
نويسن لاءِ هڪ رهنما اصول بنجي ويو.
ڊاڪٽر صاحب هن لغت جي سِٽاءَ وقت هيٺين ڳالهين کي
آڏو رکيو:
(1) ’الف- ب‘ جي تختيءَ جي نئين سٽاءَ موجب ’الف
کان ي‘ تائين لفظن کي ترتيب ڏني وئي.
(2) بنيادي لفظن کي (•) نشانيءَ سان پهرين رکيو
ويو ۽ اُن مان ٺهيل ٻين لفظن ۽ اصطلاحن کي (-)
نشانيءَ سان ترتيب وار بعد ۾ رکيو ويو.
(3) ’الف‘ اکر هيٺ پهريائين مَدَ، پوءِ زبَر، زيرِ
۽ پيشَ وارن لفظن جي ترتيب کي رکيو ويو. ساڳي
اعرابي ترتيب ٻين اکرن جي به رکي وئي.
(4) هر لفظ جي صحيح اُچارن کي اعرابن وسيلي نروار
ڪيو ويو ۽ اُن سان گڏ سنڌ جي مختلف طبعي ڀاڱن جي
اُچارن ۽ لب لهجي کي به بيان ڪيو ويو.
(5) اسمن جي حالتن ۾ هر لفظ کي واحد توڙي جمع ۽
مذڪر توڙي مؤنث جي صورت ۾ لکيو ويو.
(6) لغت ۾ مختلف علائقن سان لاڳاپيل لفظن جي
نشاندهي ڪئي وئي.
(7) لفظن جي صورتخطيءَ ۽ سُڃاڻپ کان پوءِ تشريحي
نشاني (:) رکي وئي، جنهن کان پوءِ لفظ جي سڃاڻپ
شروع ٿئي ٿي. لفظ جي سمجهاڻيءَ کي
(الف) نحوي صورت، (ب) اشتقاق جي صورت، ۽ (ت) معنيٰ
جي صورت ۾ سمجهايو ويو.
(8) هڪ لفظ جون هڪ کان وڌيڪ معنائون، نحوي حالتن
جي مٽا سٽا مطابق رکيون ويون.
(9) هم معنيٰ لفظ ۽ لفظن جون ڌار ڌار معنائون
ڏنيون ويون.
(10) هر نرالي ۽ انوکي لفظ يا اصطلاح جي تصديق
لاءِ شاهديءَ طور چوڻيون، شعر ۽ پهاڪا ڏنا ويا.
(11) ٻين ٻولين جي مروج لفظن جا اشتقاق، اصل زبانن
موجب ڏنا ويا.
’جامع سنڌي لغات‘ سچ پچ ته سنڌي لغت نويسيءَ جي فن
۽ تاريخ ۾ هڪ سونهري ۽ يادگار ڪارنامو آهي، ۽ هيءَ
سنڌي ٻوليءَ جي پهرين لغات آهي، جنهن ۾ تمام وڏو
لفظي ۽ اصطلاحي ذخيرو شامل ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر بلوچ جو هيءُ عظيم پورهيو، جنهن ۾ سنڌ جي
سوين اُستادن، ڪارڪنن ۽ عالمن طرفان هٿ ڪيل سنڌي
لفظن جي ميڙي چونڊي شامل آهي، جڏهن تڪميل جي مرحلن
مان گذري، ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ پهتو ته نام نهاد
رُڪاوٽن ۽ رقابتن جو هڪڙو سلسلو شروع ٿي ويو.
نتيجي طور لغات جي پهرين جلد جي اشاعت کي به سال
لڳي ويا. 1957ع ۾ لغت جي ڇپائي شروع ٿي هئي ۽
پهريون جلد، پورن ڇهن سالن کان پوءِ 1960ع ۾ وڃي
ڇپيو؛ ان وچ ۾ لُغت جي هن جلد ۾ 20 کان 25 سيڪڙو
لفظن جو واڌارو پڻ ڪرڻو پيو.
لغت جي بنيادي مسودي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ۽ ڇپائيءَ
کان اڳ اُن کي علمي بنيادن تي ايڊٽ ڪرڻ ۽ اُن ۾
واڌارن سڌارن ڪرڻ جي ضرورت هئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب
پهرئين جلد کي علمي بنياد تي نه رُڳو نئين سر ايڊٽ
ڪيو، پر سنڌي عالمن: عمربن محمد دائود پوٽي ۽
مخدوم امير احمد اُن کي نظر مان ڪڍيو، اُن جي
اشتقاقن جي تصحيح ڪئي. ٻوليءَ جي گرامر ۽ ايڊيٽنگ
جي فن موجب اُن جا پروف ڏٺا ويا، ۽ سنڌي ادبي بورڊ
جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي اُن کي پنهنجيءَ
نگرانيءَ ۾ شايع ڪرايو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ’جامع سنڌي لغات‘ جي پنجين جُلد
جي مهاڳ ۾ ڄاڻايو آهي ته ٻئي جلد جي ايڊيٽنگ سان
گڏ اڃا 142 صفحا تصحيح ۽ تحقيق سان ڇپائيءَ هيٺ مس
آيا ته رڪاوٽن جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڊاڪٽر صاحب
طرفان مختلف جلدن جي مرحليوار ايڊٽ ڪرڻ واري رٿا
کي بالائي طاق رکيو ويو. لغت جي پهرئين جلد جي
ايڊيٽنگ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ٻه سال لڳا هئا ۽ باقي
جلدن جي ايڊيٽنگ لاءِ هن ڏهن سالن جي رٿا جوڙي
هئي، پر ان کي قبول نه ڪندي، بورڊ جي ميمبرن ۽
سيڪريٽرين، 1969ع ۾ لغات جي تصحيح، واڌاري ۽ سڌاري
جو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش جي. قاضيءَ ۽ ڊاڪٽر اسد الله
شاهه حُسينيءَ جي حوالي ڪيو، پر هڪ سال تائين هنن
ٻنهي صاحبن ڪو خاص ڪم نه ڪيو ته وري بورڊ پاران
لغات جي تصحيح جو ڪم مولانا غلام اصغر، پرنسپال
ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي حوالي ڪيو ويو،
جنهن جو ’سنڌي کٽمٺڙا‘ عرف ’اصطلاحات اصغر‘ نالي
ڪتاب ڇپيل آهي. هيءُ صاحب ’بنياد پرست‘ سوچ جو
مالڪ هو، جنهن جي سوچَ جو هڪڙو ئي مثال ڪافي آهي
ته ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپاليءَ
واري عرصي ۾ هن اُنهن سمورن انگريز ۽ هندو
پرنسپالن جون تصويرون ۽ سندن دور جو ڪيترو مواد
(نصارن ۽ هندن جو مواد سمجهي) درياء جي حوالي
ڪرائي ڇڏيو. فقط ديوان ڪوڙيمل جي نُوراني چهري،
پٽڪي ۽ ڏاڙهيءَ واري تصوير بچي وئي، ڇو ته اُن
تصوير جي هيٺيان نالو لکيل نه هو ۽ هن صاحب سمجهيو
ته اِهو ڪو مسلمان بزرگ آهي. جڏهن مولانا اصغر به
ڪو چاڙهو نه ڪيو ته 1977ع ۾ مولانا غلام مصطفيٰ
قاسميءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ٽه رُڪني ڪاميٽي مقرر
ڪئي وئي، جنهن تي محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر غلام
علي الانا ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي ميمبر مقرر
ڪيو ويو.
اها هڪ حقيقت آهي ته 1957ع کان 1977ع تائين 23
سالن جي عرصي ۾ سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جو هڪ وڏو
ذخيرو، سنڌي ادبي بورڊ جي ’لوڪ ادب سلسلي‘ جي ڇپيل
34 جُلدن ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مجموعن (ميين شاهه
عنايت جي ڪلام‘، ’شاهه لطف الله شاهه قادريءَ جي
ڪلام‘، ’ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري‘، ’ڪليات
سانگيءَ‘ ۽ ’شاهه شريف ڀاڏائيءَ جي رسالي‘) جي
اشاعت جي صورت ۾ سامهون اچي چڪو هو، جيڪو جامع
لغات جي ترتيب ۽ تاليف واري وقت موجود نه هو. اهو
موادُ ڇنڊڇاڻ ۽ تحقيق بعد ’لغات‘ ۾ شامل ڪرڻو هو.
ان ضرورت کي محسوس ڪندي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب 1977ع ۽
سنڌي ادبي بورڊ کي هڪ رٿا تيار ڪري موڪلي، جنهن ۾
هن ڄاڻايو ته جامع لغات جا رهيل چار جلد، 1987ع
تائين ڏهن سالن جي عرصي ۾ واڌارن سڌارن سان تيار
ڪرائي ڇپائي سگهجن ٿا. ليڪن سنڌي ادبي بورڊ اِها
رٿا قبول نه ڪئي ۽ سمجهيو ويو ته ڏهن سالن جو عرصو
تمام گهڻو آهي؛ جڏهن ته جامع لغت جو ٻيو جلد 21
سالن کان پوءِ شايع ٿيو هو. اڳتي هلي علامه غلام
مصطفيٰ قاسميءَ ۽ هنن بزرگن محسوس ڪيو ته هاڻي
نئين سر سُڌارن ۽ واڌارن ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، اُن ڪري
لغات جي رهيل جلدن کي جيئن تيئن نظر مان ڪڍي ڇپايو
وڃي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ته پنهنجو نالو
واڌارن ۽ سڌارن واريءَ ڪاميٽيءَ مان ئي ڪٽائڻ
گُهريو؛ پر بورڊ سيڪريٽرين ۽ ميمبرن جا بلوچ صاحب
سان اختلاف موجود هئڻ ڪري، ’جامع سنڌي لغات‘ جو
ٻيو جلد، 1981ع ۾ اُن وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي
سيڪريٽريءَ، ان نوٽ سان شايع ڪرايو ته ”ڊاڪٽر بلوچ
بورڊ کي لُغات جي رٿيل چئن جُلدن جي لفظن جو سمورو
ذخيرو ۽ اُنهن کي ڪتابن صورت ۾ ڇاپڻ لاءِ ابتدائي
مسودو تيار ڪري ڏنو. ٻيو جلد ڇاپي هيٺ هو ته ڊاڪٽر
صاحب ڪن اُصولي مسئلن سبب لغات جي ڪم بدران سنڌي
لوڪ ادب جي سهيڙَ جي ڪم تي وڌيڪ توجهه ڏنو ۽ 40
کان وڌيڪ ڪتاب بورڊ کي تيار ڪري ڏنا، جنهن ڪري
لغات جي ڪم ۾ ناغو پئجي ويو.“
لُغات جو ٻيو جُلد، مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ ۽
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي نظرثانيءَ سان شايع ڪيو
ويو. ٽيون جلد پڻ بنا ايڊيٽنگ جي 1984ع ۾ ڇپايو
ويو ۽ نظرثانيءَ طور مولانا قاسمي صاحب جو نالو
ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح چوٿون جُلد قائم مقام
سيڪريٽري محمد حسين تُرڪ جي دور ۾، 1985ع ۾ شايع
ٿيو، جنهن جي مهاڳ ۾ پڻ ڄاڻايو ويو ته هِن جُلد جي
نظرثاني ۽ پُروفن ڏسڻ جي ڪم
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ڪيو هو.
ياد رهي ته ’جامع سنڌي لغات‘ جا پويان ٽئي جلد
(ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون جلد) بنا اضافن جي شايع ڪيا
ويا، يعني 1954- 1951ع ۾ تيار ڪيل اصل مسودو ايڊٽ
ئي نه ٿيو. 1977ع کان 1987ع جي آخر تائين ڏهن سالن
جي عرصي ۾ لغت جي هنن جُلدن جي ڇپائي پڻ
علامه قاسمي صاحب جهڙي نيڪ طبع ۽ ڪُشاديءَ دل واري
عالم جي دلچسپيءَ سبب ممڪن ٿي سگهي؛ ڇو ته بلوچ
صاحب جي لفظن ۾ ’بورڊ جا مختلف سيڪريٽري، باوجود
انتظامي داٻي جي ’جامع سنڌي لغات‘ جي باقاعدي
اشاعت لاءِ اثرائتو قدم نه کڻي سگهيا هئا. ڪن
سيڪريٽرين ته مصنف جي حقن خلاف ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي
موجودگيءَ باوجود، جامع لغات جي ڇپجندڙ جلدن لاءِ
پنهنجي طرفان غلط تاثر ڏيندڙ مهاڳ لکيا ۽ ڪن صاحبن
کي سواءِ مصنف جي اجازت ۽ رضامنديءَ جي هن تاريخي
ڪارنامي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ شروع ڪيو. 1984ع ۾
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر ٿيو
ته هن ’جامع سنڌي لغات‘ جي ٻئي ايڊيشن جي تياريءَ
۽ اشاعت جي رٿ پيش ڪئي، جيڪا 1986ع ۾ منظور ٿي. پر
وري به لغات جي سُڌاري ۽ نون اضافن جو ڪم نه ٿي
سگهيو. بهرحال، قاسمي صاحب، بورڊ جي چيئرمن جي
حيثيت ۾ هن لغت جي آخرين جُلدن کي اصل حالت ۾،
وڌيڪ سُڌارن ۽ واڌارن ڪرائڻ کان سواءِ، هڪ تاريخي
ڪم سمجهي، ڇپارائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ڊاڪٽر بلوچ
لغات جي پنجين جلد تي، اسلام آباد ۾ ويهي، 24
ڊسمبر 1987ع تي مهاڳ لکيو، جنهن ۾ هن لغات جي
ڇپائيءَ ۽ سُڌارن واري سڄي معاملي جو ڪيس انتهائي
محتاط لفظن ۾ بيان ڪيو، ۽ هيءُ جلد ’زير نگراني
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ‘ جي مُهر سان 1988ع ۾ ڇپجي
منظر عام تي اچي ويو. اُن وقت بورڊ جو سيڪريٽري
انچارج غلام حسين شيخ هو.
بهرصورت ’جامع سنڌي لغات‘، ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جو اُهو تاريخي ڪارنامو آهي،
جنهن تي سنڌي قوم جيترو فخر ڪري، ٿورو آهي. هن
هڪڙي اعليٰ ڪم ئي ڊاڪٽر صاحب کي. سنڌ جو وڏي ۾ وڏو
لغات نويس ثابت ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’جامع سنڌي لغات‘ کان
سواءِ ٻيون به لغتون تيار ڪري ڇپرايون آهن، جيڪي
سندس ’لُغت نويسيءَ‘ جي فَنَ جو شاهڪار نمونو آهن.
انهن لُغتن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
(1) ’سنڌي- اردو لغت‘، ۽ (2) ’اردو- سنڌي لغت‘
پاڪستان سرڪار جي وزارتِ تعليم،
54- 1953ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ کي هڪ ’سنڌي- اردو
لغت‘، هڪ ’اردو- سنڌي لغت‘ ۽ شاهه لطيف جي ڪلام جي
اردو ترجمي جي تياريءَ ۽ اشاعت لاءِ گذارش ڪئي، ۽
اِن ڏس ۾ ”اردو ترقياتي تجويز فنڊ‘ مان رقم ڏيڻ
بابت پڻ لکيو. اُن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس
چانسيلر علام آءِ. آءِ قاضي صاحب هو، جنهن اُها آڇ
هڪدم قبول ڪري ورتي. ٻنهي لغتن کي جامع ۽ معياري
بنائڻ لاءِ تفصيلي خاڪو به تيار ڪيو ويو، پر جيئن
ته ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ لغتون تيار ڪرڻيون
هُيون، اُن ڪري 500، 500 صفحن جي لغتن جو نئون
خاڪو جوڙيو ويو، جنهن تجويز کي
55- 1954ع ۾ منظور ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب هن لغت
مرتب ڪرڻ وقت اُن جي جامعيت ۽ افاديت کي آڏو
رکندي، اُن ۾ اُهي اهم لفظ ۽ محاورا پڻ شامل ڪيا،
جيڪي عام علمي گُهرجن جي پورائيءَ سان گڏ اعليٰ
تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي اڀياس جو مقصد پورو ڪري
سگهيا ٿي. اهڙيءَ طرح ’سنڌي- اردو لغت‘ 866 صفحن ۽
23675 لفظن تي مشتمل شايع ڪئي وئي. هن لغت جو
مسودو 56- 1955ع ۾ مڪمل ٿيو هو، جڏهن ته ’اردو-
سنڌي لغت‘ جو مسودو 57- 1956ع ۾ تيار ڪيو ويو.
پوئين لغت 589 صفحن ۽ 19660 لفظن تي مشتمل ڇپجي
پڌري ٿي. ’سنڌي- اردو لغت‘ جو سن اشاعت 1959ع ۽
’اردو- سنڌي لغت‘ جو سن اشاعت 1960ع آهي. ٻنهي
لغتن جا نوان ڇاپا، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام
شوري پاران مارچ 1989ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا ويا.
هنن ٻنهي لغتن جي تدوين وقت ڊاڪٽر بلوچ صاحب هيٺين
ڳالهين جو خاص خيال رکيو:
(1) ٻنهي لغتن ۾ اهڙا عربي ۽ فارسي لفظ شامل نه
ڪيا ويا، جيڪي اصلي معنيٰ ۽ صورت ۾ اردوءَ ۽
سنڌيءَ ۾ مروج هئا.
(2) اهڙا خاص اردو لفظ ۽ محاورا به شامل نه ڪيا
ويا، جيڪي عام گفتگوءَ ۾ ڪم نه ايندا آهن.
(3) لغتن جي جامعيت ۽ افاديت تي خاص ڌيان ڏنو ويو.
(4) هنن لغتن جي تياريءَ وقت لفظن، اصطلاحن،
محاورن ۽ اُنهن جي معنائن لاءِ ’فرهنگ آصفيه‘ ۽
’جامع لغات‘ بنيادي لغتون قرار ڏنيون ويون.
(5) هنن لغتن جي تياريءَ ۾ جان. ٽي. پليٽس
(John. T. Platts)
جي ”هندستاني- انگلش ڊڪشنريءَ“ ۽ باباءِ اُردو
ڊاڪٽر عبدالحق جي ”انگلش- اردو ڊڪشنريءَ“ مان به
مدد ورتي وئي.
(6) ٻنهي لغتن جي ترتيب، سٽاءَ ۽ لفظن جي سڃاڻپَ،
’جامع سنڌي لغات‘ وارن اصولن موجب مُرتب ڪئي وئي.
هنن لغتن جي تياريءَ کان پوءِ پيرحسام الدين
راشديءَ اُنهن کي ڏٺو ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان،
اردو لفظن جي چونڊ ۽ صحيح صورتخطيءَ جو ذمو پنهنجي
سر تي کنيو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو ڊاڪٽر بلوچ
صاحب، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جو نالو مرتب طور پاڻ
سان گڏ شامل ڪيو. هنن لغتن جي صاف ڪاپين جي
تياريءَ ۾ شيخ محمد اسماعيل ۽ پروفن پڙهڻ ۾ ممتاز
مرزا، ڊاڪٽر صاحب سان تعاون ڪيو؛ جڏهن ته سنڌ
يونيورسٽيءَ جي اُن وقت جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر
محمد رضي الدين لغت جي تڪميل ۾ سندس هرممڪن مدد
ڪئي.
هي ٻئي لغتون، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾
ويجهڙائيءَ ۽ لاڳاپن پيدا ڪرڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيون
آهن، پر اڃا ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته هنن لغتن
کي وڌيڪ جامع بنايو وڃي، ۽ اِهو ڪم ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جهڙا عالم ئي ڪري سگهن ٿا، ڪنهن سڌڙيي ۽
سيکڙاٽ جي جاءِ نه آهي.
(3) ’جواهر لغات اڪيچار سنڌي‘:
هن لغت جو مصنف، 19 صديءَ جو برک عالم آخوند
عبدالرحيم
’وفا‘ عباسي هو، ۽ اُن جي تياريءَ جو عرصو 1845-
1851ع وارو ڄاڻايو وڃي ٿو. هيءَ لغت ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جي مرتب ڪيل نه آهي، پر اُن جي اشاعت ۽ اُن
تي مختصر مهاڳ لکڻ جو سهرو ڊاڪٽر صاحب جي سِر تي
آهي. هن صاحب، هِن ناياب لغت کي نه رڳو منظر عام
تي آندو، پر اُن جي اهميت کان پڻ سنڌي پڙهندڙن کي
واقف ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مصنف جي علميت ۽ لغت
نويسيءَ جي ڄاڻ بابت لکي ٿو:
”هن لائق مصنف، خالص سنڌي اُچار وارن اکرن جي
صورتن کي سنوارڻ ۽ سنڌي الف- بي جي شروع کان وٺي
آخر تائين ترتيبوار سِٽاءَ قائم ڪرڻ وارو جيڪو
ڪارنامو سرانجام ڏنو، سو تاريخي لحاظ سان وڏيءَ
اهميت وارو آهي. سندس الف- بي جي پٽيءَ ۽ ڊاڪٽر
ارَنيسٽ ٽُرمپ واري پٽيءَ کي ڀيٽڻ سان معلوم ٿئي
ٿو ته ڊاڪٽر ٽُرمپ جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو، سو گهڻيءَ
حد تائين آخوند عبدالرحيم کان ئي حاصل ڪيو.“
ڊاڪٽر صاحب اهو به لکيو آهي ته:
”انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌي لغات جي تصنيف ۽
تاليف جي تاريخ ۾ آخوند عبدالرحيم جي لکيل هيءَ
’جواهر لغات سنڌي اڪيچار‘ پهريون وڏو ڪارنامو
آهي.“
هيءَ لغات، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سنڌي لئنگئيج
اٿارٽيءَ جي چيئرمن هئڻ واري عرصي ۾، 1993ع ۾
ڇپائي پڌري ڪئي.
(4) هڪ جُلدي سنڌي لغت:
سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۾ ’جامع سنڌي لغات‘ هڪ
وڏو ڪارنامو هو، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ صاحب سرانجام
ڏنو. جڏهن 1991ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو قيام
عمل ۾ آيو ۽ ڊاڪٽر صاحب هن اداري جو پهريون باني
چيئرمن بڻيو ته هن سنڌي لغت بابت وڌيڪ تحقيق ۽
تاليف طرف ڌيان ڏنو، ۽ هيٺين چئن قسمن جي لغتن
تيار ڪرڻ جي رٿا هٿ ۾ کنيائين:
(1) جامع سنڌي لغات جي اختصار تي مشتمل هڪ جُلدي
سنڌي لغت:
(2) مفصل سنڌي- انگريزي لغت
(3) مفصل انگريزي- سنڌي لُغت
(4) اطلاعاتي صحافتي ڊڪشنري.
ڊاڪٽر صاحب ’انگريزي- سنڌي لغت‘ جي رٿا تيار ڪئي،
۽ ’هڪ جُلدي سنڌي لغت‘ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. ڊسمبر
1993ع تائين هن لغت جا الف- ب جي پهرين يارهن اکرن
جا لفظ ۽ اصطلاح ترتيب ڏئي ڪمپوزنگ ۾ ڏنا ويا.
فيبروري 1994ع ۾ ڊاڪٽر صاحب جيئن ئي چيئرمن شپ تان
لٿو ته هن لغت جو ڪم رُڪجي ويو. ڊاڪٽر صاحب طرفان
اٿارٽيءَ جي نئين چيئرمن کي خط لکڻ کان پوءِ،
مختصر عملي جي مقرري ٿي ۽ ڊاڪٽر صاحب 16 جولاءِ
1994ع کان لغت جي ڪم ۾ ٻيهر هٿ ڳنڍيا، ۽ جون 1997ع
۾ ’هڪ جُلدي سنڌي لغت‘ جي ڪم جي تڪميل ٿي.
هن لغت جي ترتيب ۽ تاليف ۾ ’جامع سنڌي لغات‘ وارا
ساڳيا بنياد آڏو رکيا ويا، البت گهٽ استعمال ٿيندڙ
ڏکيا علمي ۽ ادبي لفظ؛ طبي ۽ فني اصطلاح؛ قبيلن،
قومن ۽ شهرن وغيره جا نالا ڪڍي، اُن ۾ ’جامع سنڌي
لغات‘ جو اختصار شامل ڪيو ويو. ڪي ٿورا نوان لفظ ۽
اصطلاح پڻ هڪ هڪ جلدي لغت ۾ شامل ڪيا ويا. ’جامع
سنڌي لغات‘ 3088 صفحن ۽ 93000 لفظن ۽ اصطلاحن تي
مشتمل هئي، جڏهن ته هيءَ ’هڪ جُلدي سنڌي لغت‘ 729
صفحن ۽ 27000 لفظن ۽ اصطلاحن تي آڌاريل آهي.
حميد سنڌيءَ جي چيئرمن شپ واري دور ۾ جڏهن آءٌ
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ سيڪريٽري ٿي آيس ته اداري
جي پبليڪيشن آفيسر محمد امين لغاريءَ مون کي هن
لغت جو فائيل ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته ثقافت ۽ سياحت
کاتي جي سيڪريٽري جناب عبدالحميد آخوند صاحب جي
خواهش آهي ته هيءَ لغت جلد کان جلد ڇپجي پڌري ٿئي.
اها منهنجي خوش نصيبي چئجي، جو منهنجي ۽ امين
لغاريءَ جي تجويز تي حميد صاحب هيءَ لغت ڇپائڻ
لاءِ راضي ٿيو. اداري ۾ لغت جو مسودو ڪمپوز ٿيل
تيار پيو هو، ان ڪري بنا دير لغت ڇپائيءَ لاءِ ڏني
وئي، پر ان وچ ۾ حميد صاحب جي جاءِ تي مشهور ماهر
لسانيات پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب
اٿارٽيءَ جو چيئرمن مقرر ٿي آيو. الانا صاحب جي
چيئرمن شپ واري دور جو هيءُ پهريون ڪارنامو آهي،
جو هيءَ لغت، آگسٽ 1998ع ۾ ڇپجي منظر عام تي آئي.
هن لغت ۾ ڊاڪٽر صاحب جو مختصر مگر جامع مهاڳ به
موجود آهي، ۽ مُون هڪ ننڍڙي ماڻهوءَ، سندس نقش قدم
تي بانبڙا پائيندي، هن ’شاهڪار لغت‘ ۾ ’سنڌي زبان
۾ لُغت نويسيءَ‘ بابت پنهنجو هڪ مضمون پڻ شامل
ڪيو. آءٌ خوش نصيب آهيان، جو مون اٿارٽيءَ جي
سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾، ڊاڪٽر الانا صاحب جي
چيئرمنيءَ واري دور ۾، هن لغت ڇپائڻ جي سعادت حاصل
ڪئي.
آءٌ پنهنجو هيءُ مختصر مقالو، داڪٽر بلوچ صاحب کي
خراج تحسين پيش ڪندي، اشاعت هيٺ آڻائي، جيڪا خوشي
محسوس ڪري رهيو آهيان، اُن جو اندازو لڳائي نه ٿو
سگهجي.
مددي ڪتاب:
(1)
جامع سنڌي لغات، (5 جلد): مرتب ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ
(2)
سنڌي- اردو لغت: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان
(3)
اردو- سنڌي لغت: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان
(4)
جواهر لغات اڪيچار سنڌي: آخوند عبدالرحيم
عباسي
(5)
هڪ جُلدي سنڌي لغت: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
(6)
ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو: ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو
(7)
ٻولي، ادب، تعليم: محمد ابراهيم جويو
(8)
مطالعو سن جو: پير حسام الدين شاهه راشدي
(9)
سنڌي جوت: ايڊيٽر لڇمڻ ڪومل
(ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو سنڌي لغت نويسيءَ بابت
مضمون)
(10)
هوءَ جا ٽمڪي باهڙي: محمد ابراهيم جويو
|