بابر منير قاضي
سنڌ سان محبت ڪندڙ انسان: ڊاڪٽر بلوچ
سنڌ سان سچي محبت ڪندڙ انسانن مان هڪ سچو انسان
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هڪ آهي، جنهن ڏينهن رات
هڪ ڪري سنڌ جي علم و ادب، تاريخ، ثقافت، جاگرافي،
لطيفيات ۽ لوڪ ادب تي تمام گهڻي اڻٿڪ محنت ڪري پاڻ
کي سنڌ جو سچو سپوت ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ اڄ اسين
کيس سنڌ جو نامور اديب، مؤرخ، محقق ۽ تاريخدان،
دانشور، لوڪ ادب ۽ لطيفيات جو ڄاڻو ۽ تعليمي ماهر
طور کيس ڄاڻون ۽ سڃاڻون ٿا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 30 صفر المظفر 1336هه/16
ڊسمبر 1917ع تي علي محمد لغاريءَ جي گهر ۾ ڳوٺ
جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو.
اهو ڳوٺ سندس وڏن جو ٻه سؤ سال کن اڳ جو آباد ڪيل
آهي. سندس وڏا اصل ديري غازي خان جا هئا. ننڍڙو
نبي بخش خان اڃا ڇهن- ستن مهيني جو مس هو ته سندن
والد گذاري ويو. ان وقت سندن والد جي عمر 25 سال
کن هئي. سندس والد جي وصيت مطابق ننڍڙي نبي بخش جي
تعليم ۽ تربيت سندس چاچي ولي محمد خان لغاريءَ جي
زير نگراني ۾ ٿي. ان کان سواءِ سندس ڏاڏي ۽ ناني
به اهم ڪردار ادا ڪيو.
1924ع ۾ ننڍڙي نبي بخش کي کيس پرائمري اسڪول ڳوٺ
پليو خان ۾ داخل ڪيو ويو، ان بعد کيس 1929ع ۾
نوشهري فيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو
ويو. 1932ع ۾ جڏهن پاڻ اڃا چوٿين درجي انگريزي ۾
هو ته عربي لاءِ قرعهء فال مخدوم امير احمد جنهن
تحفة الڪرام، تاريخ معصومي ۽ چچ نامي جو سنڌي
ترجمو ڪيو هو، تي پيو. ڊاڪٽر بلوچ ٽه ماهي مهراڻ
جي ”سوانح نمبر“ ۾ لکي ٿو ته:
”اها اسان جي خوشقسمتي هئي، جو مخدوم موصوف جهڙو
لائق استاد اسان کي مليو، جنهن عربي ٻوليءَ لاءِ
اسان ۾ هڪ خاص ذوق پيدا ڪيو. انهيءَ ابتدائي ذوق
جي ئي برڪت هئي، جو ايم.اي تائين راقم عربي جي
تعليم ورتي.“ (ص245).
هن مدرسي مان هن 1935ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پهرين
نمبر سان پاس ڪيو. ان بعد ڊي. جي سنڌ ڪاليج
ڪراچيءَ ۾ انٽر آرٽس ۾ داخلا ورتائون، ليڪن بعد ۾
بهاءُ الدين ڪاليج جهونا ڳڙهه ۾ داخلا ورتائون.
انٽر ۾ به نمايان پوزيشن حاصل ڪرڻ کان پوءِ ساڳئي
ڪاليج مان بي. اي آنرس 1941ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس
ڪيائون ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر آيا.
1943ع ۾ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ مان ايم. اي
(عربي) فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري سڄي يونيورسٽيءَ ۾
اول پوزيشن حاصل ڪيائون. ان کان پوءِ ايل.ايل.بي
پڻ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري سنڌ آيا. سنڌ مسلم ڪاليج
ڪراچيءَ ۾ ڪجهه وقت پڙهائڻ شروع ڪيائون.
16 آگسٽ 1946ع ۾ غير ملڪي، اسڪالر شپ تحت آمريڪا
ويا، جتي پهرين ايم.اي تعليم ۽ پوءِ تعليم جي ئي
شعبي ۾ پي ايڇ.ڊيءَ جي ڊگري ورتائون.
Ph.D
لاءِ سندس موضوع هو:
“A Programme of Teacher Education for the new
state of Pakistan.”
ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ کان پوءِ کين پاڪستان طرفان
اقوام متحده ۾ نوڪري جي آڇ ٿي، جيڪا قبول ڪيائون،
ليڪن پوءِ وزير تعليم جي طرفان وڏن آفيسرن کيس
نااهل قرار ڏئي نوڪريءَ کان جواب ڏنائون. ڪتاب
(سڄڻ ساريندي“. ص 189 فوٽ نوٽ).
هن مان اهو ثابت ٿيو ته ڊاڪٽر بلوچ اها نوڪري
ٺڪرائي نه هئي. جيئن ڪيترن ئي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته
ڊاڪٽر صاحب اها نوڪري ٺڪرائي هئي. بهرحال وطن واپس
اچڻ بعد کين هڪ سال تائين بيروزگار رهڻو پيو. اهو
هڪ سال پاڻ گهر ۾ ماٺ ڪري نه ويٺا، بلڪه سنڌ جي
مطالعاتي دوري تي نڪري پيا، جتي سنڌ جا تاريخي ماڳ
مڪان ۽ آثار قديمه ڏٺائون، ثقافتي رنگ ڏٺائون،
ماڻهن سان علمي ۽ ادبي ڪچهريون ڪري لوڪ ادب جي
صنفن جون روايتون قلمبند ڪيائون. ان سفر ۾ پاڻ سنڌ
پوري جهاڳي وڃي بلوچستان کان نڪتا. سندس اهو سفر
1949ع کان 1950ع تائين رهيو. سيپٽمبر 1950ع ۾ کيس
مرڪزي حڪومت جي محڪمه داخلا جي شعبي اطلاعات ۽
نشريات ۾ ”او.ايس.ڊي“ (O.S.D)
مقرر ڪيو ويو، جتي اڳتي هلي مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن
کين ڪلاس وَن ۾ چونڊيو. ان بعد کين مرڪزي حڪومت
پاڪستان طرفان مشرق وسطيٰ ۾ ”تعلقات ۽ اطلاعات
عام“ لاءِ مقرر ڪيو. اتي ڪجهه وقت خدمتون انجام
ڏيڻ کان پوءِ 1951ع ۾ علامه آءِ. آءِ قاضي صاحب جي
چوڻ تي اتان استعيفا ڏئي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم
جي شعبي جو پروفيسر مقرر ٿيو، جتي پوءِ ڊائريڪٽر ۽
پوءِ ڊين فيڪلٽي مقرر ٿيو.
17 جنوري 1973ع ۾ بلوچ صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو
وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ 2 آگسٽ 1973ع
تائين رهيا، ليڪن ڪجهه مهينن بعد کين ٻيهر 6 ڊسمبر
1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو
ويو، جتان پوءِ وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي
چوڻ تي 22 جنوري 1976ع تي استعفيٰ ڏئي ساڻس گڏ
اسلام آباد ويو، جتي کين وفاقي سيڪريٽري تعليم
مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ آگسٽ 1977ع تائين ڪم
ڪيائين. ان عرصي ۾ کيس فيڊرل پي ڪميشن (Federal
Pay Commission)
جو ميمبر ٿي رهيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ کين ريويو
بورڊ جو ميمبر ۽ بعد ۾ پهرين جولاءِ 1979ع ۾ کين
ڊائريڪٽر، انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل ريسرچ
اسلام آباد مقرر ڪيو ويو. هن عهدي دوران کين بين
الاقوامي اسلامي يونيورسٽي ٺاهڻ جو حڪم مليو، جنهن
جي جڙي راس ٿيڻ کان پوءِ کين ئي 22 نومبر 1980ع ۾
هن يونيورسٽيءَ جو باني وائيس چانسلر مقرر ڪيو
ويو. انهيءَ عرصي دوران پاڻ تاريخي ۽ ثقافتي تحقيق
جي قومي ڪميشن جو چيئرمن به رهيو. آڪٽوبر 1979ع
کان 1982ع تائين پاڻ هن ڪميشن جي نئين تشڪيل ۾
ڊائريڪٽر به رهيو.
آگسٽ 1983ع ۾ ڊاڪٽر صاحب کي نيشنل هجره ڪائونسل جو
ايڊوائيزر مقرر ڪيو ويو. هن اداري ۾ رهندي ڊاڪٽر
صاحب هڪ وڏي رٿا
“The Great Books of Islamic Civilization”
تيار ڪئي، ته جيئن چونڊيل اصل ڪتابن جا حواشيءَ
سان شايع ڪرايا وڃن. انهن
Great Books
جي چونڊ لاءِ پاڻ پنهنجن دوستن جهڙوڪ: ڊاڪٽر احمد
حسن داني، حڪيم محمد سعيد، ڊاڪٽر حميد الله ۽ ٻيا
قابلِ ذڪر آهن، کان مدد ورتائون. انهن هڪ سؤ چونڊ
ڪتابن جا تفصيلي تعارف ڊاڪٽر بلوچ انگريزي ۾ لکيا،
جيڪي 1989ع ۾ ساڳي اداري پاران
“The Great Books of Islamic Civilization”
1989ع نالي سان شايع ٿيو.
1989ع ۾ ڊاڪٽر صاحب کي حڪومت جي تبديليءَ ڪري هجره
ڪائونسل جي صلاحڪار جي عهدي تان هٽايو ويو. اهڙي
طرح ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ايامڪاري (1989ع-1983ع) ۾
چار ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا، ڇهن جي ڇپائي پوري
ڪيائون ۽ نون ٻين تي ڪم کي فائينل ڪيائون، جيڪي
پوءِ پيرزادي صاحب جي دور ۾ شايع ٿيا. ان بعد
ڊاڪٽر صاحب اسلام آباد کان موڪلائي حيدرآباد ۾
سڪونت اختيار ڪئي ۽ لکڻ پڙهڻ ۽ تحقيقي ڪم کي لڳي
ويا. ان ئي سال ڊاڪٽر صاحب، شاهه جي رسالي جي جامع
اسڪيم تحت پهريون جلد شايع ڪرايو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انهن سرڪاري عهدن کان
علاوه مختلف علمي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي ادارن ۽
انجمنن ۾ پڻ بطور ميمبر اهم خدمتون سر انجام
ڏنيون. سڀ کان اڳ پاڻ ”شاهه لطيف يادگار ڪميٽي“
جيڪا هينئر ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي نالي سان مشهور
آهي، جو 1951ع ۾ ميمبر مقرر ٿيو، جنهن ۾ اڳتي هلي
اعزازي سيڪريٽري جي عهدي تائين پهتا. ان يادگار
ڪميٽيءَ جي طرفان ٿيندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي
سالياني ميلي ۽ ان ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي
ڪانفرنس جا منتظم به رهيا. هن ميلي خاص طور تي
ميلي جي مناسبت سان ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۽ موسيقيءَ
جي محفل کي اوج تي رسايائون. ان ميلي ۾ سنڌ جي
گمنام فنڪارن، ڳائڻن ۽ وڄتن کي وقت بوقت متعارف
ڪرايائون، جن اڳتي هلي سنڌي سنگيت جي تاريخ ۾ وڏو
نالو ڪڍيو. ڊاڪٽر صاحب هن اداري پاران هر سال ميلي
۾ پيش ٿيندڙ مقالن ۽ مضمونن کي سهيڙي مخزن جي صورت
۾ شايع ڪندا هئا، جهڙوڪ: ياد لطيف (1953ع ۽
1954ع)، يادگار لطيف (1955ع کان 1959ع)، لطيفي
سالگرهه مخزن (1960ع کان 1970ع تائين) وغيره.
1985ع ۾ جڏهن ”لطيف يادگار ڪميٽي“ جو نالو مٽائي
”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ رکيو ويو، تڏهن ڊاڪٽر صاحب
کي هن اداري جو اعزازي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪوششن سان اديبن، عالمن، شاعرن
۽ راڳين لاءِ نه صرف ريسٽ هائوس تعمير ٿيو، بلڪه
روڊ، مارڪيٽون، جلسه گاهه، لائبريري ۽ ميوزيم جون
عمارتون، هالا جي هنرمند ڪاشيگرن کان سرون جوڙائي،
تعمير ڪرايون ويون. اهي مڙئي عمارتون 1961ع تائين
ٺهي راس ٿيون.
1966ع ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب بحيثيت اعزازي سيڪريٽري،
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز آڏو هيءَ تجويز پيش ڪئي ته
”شاهه لطيف جي هر سالگرهه جشن جي موقعي تي شاهه
صاحب جي فن ۽ فڪر، ٻولي ۽ شاعريءَ جي خاص موضوعن ۽
رسالي جي سڀني سرن مان هرهڪ تي عالمانه بحث مباحثي
خاطر ”مڪالمو“ منعقد ڪيو وڃي ۽ پوءِ اهي ڪتابي
صورت ۾ شايع ڪرايا وڃن.“ ڪاميٽيءَ اها تجويز منظور
ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح اهو سلسلو 1967ع کان شروع ڪري
1977ع تائين پورو ڪيو ويو. انهن يارنهن سالن ۾
يارنهن ئي ڪتابي سلسله نڪتا جهڙوڪ: شاهه جي ڪلام ۾
اسلامي اقدار (1967ع)، شاهه جي ڪلام ۾ انساني
اخلاق ۽ ڪردار (1968ع)، شاهه- سنڌي ٻوليءَ جو
معمار (1969ع)، سُرڪلياڻ جو مطالعو (1970ع)، سُر
جمن جو مطالعو (1971ع)، سُر کنڀات جو مطالعو
(1972ع)، سُر سريراڳ جو مطالعو (1973ع، سُر
سامونڊي جو مطالعو (1974ع)، سُر سهڻي جو مطالعو
(1975ع)، سُر سسئي آبري جو مطالعو (1976ع) ۽ سُر
معذوري جو مطالعو (1977ع).
ڊاڪٽر بلوچ ساڳي سال ئي ڪاميٽيءَ کان ٻي رٿا به
منظور ڪرائي ته شاهه لطيف جي سوانح، رسالي، پيغام
۽ فڪر متعلق جديد سائنسي انداز ۾ تحقيق ۽ تدوين
لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن. ڪاميٽيءَ سندن اها رٿا به
منظور ڪئي ۽ کين ئي اها رٿا سونپي. ڊاڪٽر صاحب ان
سلسلي ۾ پهريان قلمي ۽ ڇاپي رسالا هٿ ڪيا ۽ انهن
مان ڪيترائي رسالا شايع ڪرايائون، جيئن ته برٽش
ميوزيم لنڊن وارو قلمي رسالو 1969ع ۾ شايع
ڪرايائون، 1974ع ۾ ’سُرڪلياڻ‘ سان شروع ٿيندڙ ٽن
آڳاٽن قلمي رسالن کي ڀيٽي شايع ڪيو ۽ 1977ع ۾ ’سُر
سسئي‘ سان شروع ٿيندڙ ڏهن قلمي رسالن جي ڀيٽ سان
هڪ رسالو شايع ڪرايائون. ان کان علاوه شاهه لطيف
جي سوانح تي مشتمل مير عبدالحسين سانگيءَ جو فارسي
ڪتاب ”لطائف لطيفي“ ايڊٽ ڪري 1967ع ۾ شايع
ڪرايائون. 1972ع ۾ وري مرزا قليچ بيگ جو اڻ لڀ ۽
ناياب ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ “ ۽
پنهنجو تصنيف ڪيل ڪتاب ”شاهه جي رسالي جا سر چشما“
شايع ڪرايائون. 1974ع ۾ وري پنهنجو ڪتاب ”شاهه جي
رسالي جي ترتيب“ شايع ڪرايائون.
انهيءَ مٿين رٿا جي ٻئي ۽ آخري مرحلي مطابق ڊاڪٽر
بلوچ صاحب کي ”شاهه جي رسالي“ جي جامع ۽ مستند
معياري متن، ان جي سمجهاڻي ۽ تشريح کي مڪمل ڪرڻو
هو. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ سنه 1980ع کان وٺي جدوجهد
شروع ڪيائون ۽ 1999ع تائين ڏهه جلد، چاليهه قلمي ۽
سڀئي شايع ٿيل رسالن جي مدد سان شايع ڪرايائون.
1951ع ۾ ئي کين سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به چونڊيو
ويو. هن عرصي ۾ پاڻ بورڊ کان هيءَ تجويز منظور
ڪرائي ته سنڌ جي تاريخ جا ٽي ڪتاب 1. فتح نامه سنڌ
المعروف چچ نامو 2. تاريخ معصومي ۽ 3. تحفة الڪرام
کي فارسي زبان مان ترجمو ڪري ضروري تصحيح، حواشي ۽
مقدمي سان ترجمو ڪرايا وڃن.“ بورڊ سندن اها تجويز
منظور ڪئي ۽ ترجمي جو ڪم مخدوم امير احمد حوالي
ٿيو ۽ تصحيح، حواشي ۽ تفصيلي مقدمي جي ذميداري کين
سونپي وئي، جيڪي اڳتي هلي هڪ ٻئي پٺيان شايع ڪيا
ويا.
ساڳي بورڊ جي ميٽنگ ۾ ”جامع سنڌي لغات“ جي ذميواري
به ڊاڪٽر بلوچ صاحب حوالي ڪئي وئي ۽ کين ٽن سالن
جو مختصر عرصو به متعين ڪري ڏنو ويو. ڊاڪٽر صاحب
ڊسمبر 1951ع کان هن ڪم کي لڳا. هن لغت جي تياريءَ
لاءِ هڪ مرڪزي آفيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علامه آءِ.
آءِ. قاضي صاحب وائيس چانسلر جي مهربانيءَ سان
قائم ٿي ملي. ان کان علاوه تعلقيوار ڪارڪن به مقرر
ڪيا ويا، جن جي محنت ۽ ڪوشش سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب
هيءَ لغت ٽن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ڪري ورتي، ليڪن
پوءِ ان ۾ ايتريون رنڊڪون وڌيون ويون جو ان لغت جو
پهريون جد 1960ع ۾، ۽ آخري پنجون جلد 1988ع ۾ شايع
ٿيا.
1954ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ڪئي
وئي، تڏهن به کين ميمبر طور مقرر ڪيو ويو. وري
مارچ 1955ع ۾ بورڊ جي نئين تشڪيل ۾ کين سنڌ
يونيورسٽيءَ جي نمائش ۽ طور بورڊ جو ميمبر چونڊيو
ويو. 1956ع ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي
ميمبرن اڳيان ”لوڪ ادب اسڪيم“ پيش ڪئي، جيڪا يڪدم
منظور ڪئي وئي ۽ ان جي نگراني ۽ تڪميل به سندن
حوالي ڪئي وئي. ڊاڪٽر صاحب هن رٿا تي جنوري 1957ع
۾ لوڪ ادب جي سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو. لوڪ ادب جي
رٿا جي مرڪزي آفيس به سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌي
لغات“ ۾ قائم ڪئي وئي، جتي الڳ اسٽاف مقرر ڪيو ويو
۽ پڻ تعلقي وار ڪارڪن به مقرر ڪيا ويا ته ڏنل
هدايتن موجب ٻهراڙين مان مواد گڏ ڪري موڪلين.
مرڪزي آفيس ۾ مقرر اسٽاف، ٻهراڙين مان آيل مواد ۽
ڪتابن مان اتاريل مواد کي هدايتن موجب ورڇي
ورهائي، سوڌي سنواري ۽ ڀيٽي صاف ڪري ڇپائڻ لائق
بنايو ۽ ان سڄي ڪم جي نگراني ۽ رهنمائي ڊاڪٽر بلوچ
صاحب پاڻ ڪندو هو. نه صرف اهو بلڪ ڊاڪٽر صاحب پاڻ
به واهڻن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي سگهڙن ۽ راوين سان
ملاقاتون/ ڪچهريون ڪري مواد هٿ ڪيو. ٻن سالن جي
اڻٿڪ محنت ۽ ڪوشش کان پوءِ هن اسڪيم جو پهريون
ڪتاب ”مداحون ۽ مناجاتون“ 1960ع ۾ شايع ڪيو ويو.
جيتوڻيڪ هن اسڪيم جي منظوريءَ وقت چاليهه ڪتابن جي
سهيڙڻ لاءِ بورڊ کان پنجن سالن جو مدو مليو هو،
ليڪن ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ سندس ساٿين کي هن اسڪيم کي
پورو ڪرڻ لاءِ ڇٽيهه سال لڳي ويا. ان جو ڪارڻ اهو
ٻڌايو وڃي ٿو ته مواد جي سهيڙڻ لاءِ پنجن سالن جو
مدو تمام گهٽ هو. ان کان علاوه ٻيو ڪارڻ ڪتابن جي
ڇپائي به هو، جيڪا ڪيترن ئي سالن تائين التوا جو
شڪار رهي. جس هجي مخدوم طالب الموليٰ مرحوم کي
جنهن ذاتي دلچسپي وٺي اهي رنڊڪون دور ڪيون.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان عرصي دوران ٽه ماهي مهراڻ جو
سوانح نمبر (1957ع) پڻ ايڊٽ ڪيو. پاڻ، بورڊ جو
سيپٽمبر 1961ع، 1968ع ۽ 1984ع ۾ پڻ ميمبر رهيو.
بلوچ صاحب، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي بانيڪارن مان
پڻ آهي. 1962ع کان ئي کين سنڌالاجي جي صلاحڪار
ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. هيءُ ادارو پهرين
سنڌي اڪيڊميءَ جي نالي سان قائم ٿيو هو ۽ پوءِ
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ئي صلاح سان هن اداري جو نالو
مٽائي ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ رکيو ويو. اداري جي
اعزازي ڊائريڪٽر محمد حنيف صديقي جي وفات بعد 22
اپريل 1972ع کان 19 مئي 1972ع تائين کين
سنڌالاجيءَ جو انچارج ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان
کان پوءِ جڏهن پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس
چانسلر (17 جولاءِ 1973ع) مقرر ٿيا، تڏهن کين هن
اداري جي سرپرستي به ملي. جنوري 1976ع تائين پاڻ
اها ذميداري نڀاهي. ڊاڪٽر صاحب ئي هن اداري کي
نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ۽ سنڌي مخزن ”علمي آئينو“
۽ انگريزي جرنل
“Sindhological Studies”
جاري ڪيو ۽ پڻ اداري طرفان ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي
پڌرا ڪيائون. ان ۾ قائم ميوزيم لاءِ وڏي محنت ۽
جاکوڙ کان پوءِ مختلف ماڳن تان هٿ آيل شيون جمع
ڪري بهترين ميوزيم قائم ڪيائون.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ کي سنڌ يونيورسٽيءَ کان
ڌار ڪرڻ جون به ڪيتريون ئي ڪوششون ٿيون، ليڪن
ڊاڪٽر صاحب جي ڏاهپ ان کي جدا ڪرڻ کان روڪيو. اها
سندن اداري سان محبت ۽ خلوص جي ڪري ئي ممڪن هو.
جنوري 1990ع ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم
”علامه آءِ. آءِ. قاضي چيئر“ جو اعزازي ڊائريڪٽر
مقرر ڪيو ويو. هڪ سال پوءِ جڏهن 29 جنوري 1991ع تي
سنڌ اسيمبليءَ پاران ”سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، سڌاري،
ترقي ۽ ان جو استعمال وڌائڻ وارو ترميمي بل پاس
ڪري“ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ قائم ڪئي وئي، تڏهن ان
جو ڊاڪٽر بلوچ کي پهريون چيئرمن مقرر ڪيو ويو.
بلوچ صاحب ان وقت باوجود 74 سالن جي پنهنجي همت،
ڪوشش، جدوجهد، جانفشاني، لگن ۽ ڏانوَ سان اداري کي
مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو. اداري پاران ڪيترائي نادر
ناياب ۽ اڻ لڀ ڪتاب شايع ڪرايائون، ليڪن مارچ
1994ع ۾ پاڻ هن عهدي تان استعفيٰ ڏنائون.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ايترين مصروفيتن باوجود ڏيڍ- ٻه
سؤ ڪتاب لکيا، اهي ڪتاب سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽
انگريزيءَ ۾ آهن، انهن ڪتابن مان اڪثر ايڊٽ ۽
ترتيب ڏنل آهن. هن هيٺ سندن ڇپيل ڪتابن جي فهرست
ڏجي ٿي:
(الف) سنڌي:
1.گڏهه (تنقيد- 1946ع) 2. ٻيلاين جا ٻول (لوڪ ادب-
1951ع) 3. ڪليات حمل (مرتب- 1952ع) 4. ياد لطيف
(1953ع) 5. تاريخ معصومي (ايڊٽ- 1953ع) 6. چچ نامو
(ايڊٽ- 1954ع) 7. ياد لطيف (1954ع) 8. يادگار لطيف
(1955ع) 9. يادگار لطيف (1956ع) 10. يادگار لطيف
(1957ع) 11. تحفة الڪرام (ايڊٽ- 1957ع) 12.
حيدرآباد (تحقيق- 1958ع) 13. يادگار لطيف (1958ع)
14. لاکو ڦلاڻي (تحقيق- 1958ع) 15. ڪل سنڌي ادبي
ڪانفرنس (مرتب- 1958ع) 16. مداحون ۽ مناجاتون (لوڪ
ادب- 1959ع) 17. يادگار لطيف (1959ع) 18. سنڌي-
اردو لغت (1959ع) 19. لطيف سالگره مخزن (1960ع)
20. اردو- سنڌي لغت (1960ع) 21. جامع سنڌي لغات
(جلد 1-1960ع) 22. مناقبا (لوڪ ادب- 1960ع) 23.
معجزا (لوڪ ادب- 1960ع) 24. ٽيهه اکريون (جلد
1-1960ع) 25. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (جلد1-1960ع) 26.
لطيف سالگره مخزن (1961ع) 27. سنڌي نصاب (1961ع)
28. مولود (لوڪ ادب- 1961ع) 29. ٽيهه اکريون
(جلد2-1961ع) 30. هفتا، ڏينهن، راتيون ۽ مهينا
(لوڪ ادب- 1961ع)31. واقعاتي بيت (لوڪ ادب- 1961ع
32. مناظرا (لوڪ ادب- 1961ع) 33. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون
(لوڪ ادب جلد 4- 1961ع) 34. لطيف سالگرهه مخزن
(1962ع) 35.سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (لوڪ ادب جلد
5-1962ع) 36. سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ
(لسانيات- 1962ع) 37. ميين شاهه عنايت جو ڪلام
(مرتب- 1963ع) 38. ڳيچ (لوڪ ادب- 1963ع) 39. سنڌي
لوڪ ڪهاڻيون (جلد2- 1963ع) 40. لطيف سالگرهه مخزن
(1963ع) 41. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (جلد3- 1963ع) 42.
سنڌ جا عشقيه داستان- مشهور سنڌي قصا- 1 (لوڪ ادب
1964ع) 43. مشهور سنڌي قصا- ٻاهريان قصا ۽ عشقيه
داستان (لوڪ ادب- 1964ع) 44. لطيف سالگرهه مخزن
(1964ع) 45. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (جلد6- 1964ع) 46.
سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (جلد7- 1964ع) 47. تاريخ طاهري
ايڊٽ (1964ع) 48. پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول
(لوڪ ادب- 1965ع) 49. لوڪ گيت (لوڪ ادب- 1965ع)
50. لطيف سالگرهه مخزن (1965ع) 51. خليفي صاحب جو
رسالو (مرتب 1966ع) 52. لطيف سالگرهه مخزن (1967ع)
53. ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري (مرتب 1986ع)
54. لطيف سالگرهه مخزن (1986ع) 55. سڀ رنگ
(موسيقيات- 1986ع) 56. شاهه لطف الله قادريءَ جو
ڪلام (مرتب 1968ع) 57. شاهه جي ڪلام ۾ انساني
اخلاق ۽ ڪردار (لطيفيات- 1968ع) 58. ڳجهارتون (لوڪ
ادب- 1969ع) 59. لطيف سالگرهه مخزن (1967ع) 60. نڙ
جا بيت (لوڪ ادب- 1969ع) 61. عشقيه داستان- ڍول
مارو (لوڪ ادب- 1969) 62. مورڙو مانگرمڇ (لوڪ ادب-
1969ع) 63. ڪليات سانگي (مرتب- 1969ع) 64. شاهه جو
رسالو (برٽش ميوزم وارو- 1969ع) 65. شاهه
عبداللطيف- سنڌي ٻوليءَ جو معمار (مرتب- 1969ع)
66. شاهه جي ڪلام ۾ اسلامي اقدار (مرتب- 1969ع)
67. مصلح المفتاح- دائري وارن جي سنڌي (ايڊٽ-
1970ع) 68. لطيف سالگرهه مخزن (1970ع) 69. ڏور
(لوڪ ادب- 1970ع) 70. سُرڪلياڻ جو مطالعو (مرتب-
1970ع) 71. شاهه جو رسالو (مرتب- 1970ع) 72. بيت
(لوڪ ادب- 1971ع) 73. مشهور سنڌي قصا- عشقيه
داستان -3- ليلان چنيسر (لوڪ ادب- 1971ع) 74. سر
جمن جو مطالعو (مرتب- 1971ع) 75. تعليم ڇا جي لاءِ
(نصاب – 1972ع) 76. احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي
(ايڊٽ- 1972ع) 77. شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو
(مرتب- 1972ع) 78. شاهه جي رسالي جا سر چشما
(تحقيق- 1972ع) 79. سُرکنڀات جو مطالعو (مرتب-
1972ع) 80. سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي (لوڪ ادب-
1972ع) 81. سُر سريراڳ جو مطالعو (مرتب- 1973ع)
82. شاهه جي رسالي جي ترتيب (تحقيق- 1974ع) 83.
شاهه جو رسالو (مرتب- 1974ع) 84. سُر سامونڊي جو
مطالعو (مرتب- 1974ع) 85. سُر سهڻي جو مطالعو
(مرتب- 1975ع) 86. مومل راڻو (لوڪ ادب- 1975ع) 87.
دودو چنيسر (لوڪ ادب- جلد 1- 1976ع) 88. سسئي
پنهون (لوڪ ادب- 1976ع) 89. عمر مارئي (لوڪ ادب-
1976ع) 90. سورٺ راءِ ڏياچ ۽ هير رانجهو (لوڪ ادب-
1976ع) 91. سُر سسئي آبري جو مطالعو (مرتب- 1976ع)
92. دودو چينسر (جلد 2- 1977ع) 93. سُر معذوري جو
مطالعو (مرتب- 1977ع) 94. شاهه جو رسالو (مرتب-
1977ع) 95. سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ (تحقيق-
1978ع) 96. رسمون، رواج، سوڻ ۽ ساٺ (لوڪ ادب-
1978ع) 97. سومرن جو دور (لوڪ ادب- 1980ع) 98.
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ (تحقيق- 1980ع)
99. جامع سنڌي لغات (جلد-2-1981ع) 100. راڳ نامون
(مرتب- 1981ع) 101. جامع سنڌي لغات (جلد3- 1983ع)
102. جنگ نامه (لوڪ ادب- 1984ع) 103. جامع سنڌي
لغات (جلد1- 1985ع) 104. رسالو غلام محمد خانزئي
جو (مرتب- 1985ع) 105. قافيون (لوڪ ادب جلد1-
1985ع) 106. سنڌي سينگار شاعري (لوڪ ادب- 1986ع)
107. قافيون (لوڪ ادب- جلد2- 1987ع) 108. شاهه جو
رسالو (مرتب- 1987ع) 109. جامع سنڌي لغات (جلد5-
1988ع) 110. شاهه جو رسالو (جلد1- 1989ع) 111.
قافيون (جلد3- 1990ع) 112. رمضان واڍي جو راڳ
(ايڊٽ- 1990ع) 113. شاهه عبداللطيف (مضامين- مرتب:
ڊاڪٽر بشير احمد شاد- 1990ع) 114. سنڌي ٻولي ۽ ادب
جي مختصر تاريخ (نئين سر وڌايل- 1990ع) 115. سنڌي
هنر شاعري (لوڪ ادب- 1991ع) 116. فهرست (لوڪ ادب
جي- 1991ع) 117. شاهه جو رسالو (جلد2- 1992ع) 118.
سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي جو مطالعو (تحقيق 1992ع)
119. سنڌ جي مڇي- مٺي جي مڇيءَ جو مطالعو (تحقيق-
1993ع) 120. انڊين ڪانٽريڪٽ ائڪٽ (1993ع) 121.
هرگينو (1993ع) 122. سنڌي ٻوليءَ جو منظوم آڳاٽو
ذخيرو (تحقيق- 1993ع) 124. شاهه جو رسالو (جلد3-
1994ع) 125. سنڌ جي مڇي- کاري جي مڇي (تحقيق-
1995ع) 126. شاهه جو رسالو (جلد6- 1995ع) 127.
جواهر لغات سنڌي اڪيچار (مرتب- 1996ع) 128. شاهه
جو رسالو (جلد10- 1996ع) 129. شاهه جو رسالو
(جلد4- 1997ع) 130. شاهه جو رسالو (جلد5- 1997ع)
131. هڪ جلدي سنڌي لغت (مرتب- 1998ع) 132. شاهه جو
رسالو (جلد 8 ۽ 9- 1999ع) 133. منهنجو ڳوٺ جعفر
خان لغاري (تحقيق- 1999ع) 134. قاضي قاضن جو ڪلام
(مرتب- 1999ع) 135. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد1- 2000ع)
136. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد2- 2001ع) 137. رهاڻ هيرن
کاڻ (جلد3- 2002ع) 138. روشني (شاهه جي رسالي جي
لغت- مرتب- 2002ع) 139. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد4-
2003ع) 140. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد5- 2003ع) 141.
رهاڻ هيرن کاڻ (جلد6- 2004ع) 142. رهاڻ هيرن کاڻ
(جلد7-6 2006ع) 143. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد8- 2008ع).
(ب) فارسي ڪتاب:
1. لب تاريخ سنڌ (ايڊٽ- 1959ع) 2. ديوان غلام
(ايڊٽ- 1959ع) 3. تاريخ طاهري (ايڊٽ- 1964ع) 4.
لطائف لطيفي (ايڊٽ- 1967ع) 5. حاصل النهج (ايڊٽ-
1969ع) 6. بيگلار نامه (ايڊٽ- 1971ع) 7. فتح نامه
(ايڊٽ- 1980ع) 8. باقيات از احوال ڪلهوڙا (ايڊٽ-
1996ع) 9. تاريخ بلوچي (ايڊٽ- 1996ع).
(ث) عربي ڪتاب:
1. ديوان ابي عطا (ايڊٽ- 1961ع) 2. غرة الزيجات
(ايڊٽ- 1962ع).
(ج) اردو ڪتاب:
1. سنڌ ۾ اردو شاعري (1970ع) 2. ديوان صابر (ايڊٽ-
1984ع) 3. مولانا آزاد سبحاني (تحقيق- 1990ع) 4.
ديوان ماتم (1994ع) 5. طلبه اور تعليم.
(ح) انگريزي ڪتاب:
1. Sindh To day (1951) 2. Musical Instruments of
Lower Valley of Sindh (1966) 3. The Traditional
Arts & Crafts of Hyderabad Region (1966) 4.
Spanish can to Jondo and its origin in Sindhi
Music (1968) 5. Nah-al-Tallum (1969) 6. Folk
Music of Mehran Valley (1970) 7. Education in
Sindh before the British of Conquest & the
education policies of British Govt. (1971) 8.
The Education Policy (1972) 9. Historical
Development of Music in Sindh (1973) 10. The
Great Books of Islamic Civilization (1989) 11.
Lands of Pakistan (1995) 12. Advent of Islamic
Indonesia (1986) 13. Sindhi Script & Orthography
(1995) 14. Sindh- Studies Historical (2002) 15.
Sindh Studies Cultural (2002).
مٿين ڪتابن کان علاوه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڪيترائي سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي زبانن ۾
مضمون ۽ مقالا لکيا، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾
شايع ٿيا. ضرورت آهي ته انهن تاريخي، ثقافتي،
جاگرافيائي ۽ لسانياتي مضمونن ۽ مقالن کي سهيڙي
مرتب ڪري شايع ڪرايا وڃن.
ڊاڪٽر صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل خدمتن جي مڃتا ۽ اعتراف
۾ ڪيترائي انعام ۽ اعزاز مليا. سڀ کان پهرين ڊاڪٽر
صاحب کي حڪومت پاڪستان پاران ”تمغهء پاڪستان“،
1968ع ۾ ”ستاره قائداعظم“، 1979ع ۾ ”تمغهء حسن
ڪارڪردگي“
(Pride of Performance)،
”اعزاز ڪمال“ 1991ع ۾ ۽ 2001ع ۾ ”ستاره امتياز“
جهڙا اعزاز ۽ انعام مليا. ان کان علاوه کيس مختلف
علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن پاران مڃتا ۽ نقد انعام
۽ شيلڊز مليون.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 6 اپريل 2011ع تي حيدرآباد
جي سنڌي مسلم سوسائٽيءَ ۾ پنهنجي نياڻي (ڄاٽي) جي
گهر ۾ دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو. انا الله
وانا اليه راجعون سندس عمر 94 سال هئي. سندن وصيت
مطابق سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سندن محسن ۽ همدرد، گائيڊ
ڪندڙ ۽ روشني ڏيندڙ علامه آءِ. آءِ. قاضي جي مزار
ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڌڻي در دعا آهي ته
سندن صغيره ۽ ڪبيره گناهه معاف ٿين ۽ جنت ۾ جاءِ
ملينِ ۽ سندن پونيئرن کي صبر و جيل عطا ٿئي.
(آمين)
حوالا:
1. ڊاڪٽر بلوچ- هڪ مطالعو- ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو. ڇاپو پهريون 1998ع.
2. سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو- مختيار احمد
ملاح- ڇاپو پهريون- 2006ع.
3. سنڌي ٻوليءَ جا محقق- هدايت پريم.
4. ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مثالي عالم- تاج جويو.
5. لوڪ ادب سلسلي جي مختلف ڪتابن جا مهاڳ.
6. سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ- ڊاڪٽر بلوچ- ڇاپو ٻيو
2003ع.
7.
Source Material on Sindh (1977) by M.H. Panhwar.
8. ٽه ماهي مهراڻ جا مختلف پرچا.
9. ماهوار نئين زندگي حيدرآباد جا مختلف پرچا.
10. ماهوار پيغام ڪراچيءَ جا مختلف پرچا.
11. ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي (1947ع ۽
1973ع) تائين. ڇاپو اول 1976ع).
12. سڄڻ ساريندي (خطن جومجموعو) ڇاپو اول- 2005ع.
13. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شخصيت اور فن- محمد ارشد
شيخ. اڪادمي ادبيات پاڪستان- اسلام آباد، ڇاپو
پهريون- 2007ع.
امداد حسيني
سنڌي ٻوليءَ جو عظيم اتهاسڪار
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ گهڻ پاسائين شخصيت
جو مالڪ
هو.
بلوچ صاحب
سنڌي ٻوليءَ
تي به ڪم ڪيو، ته لغت تي به ڪم ڪيو آهي. لوڪ-
ڪلاسيڪل اتهاس (شاعريءَ توڙي نثر) تي به لکيو آهي
ته سنڌي سنگيت تي به لکيو اٿس. سنڌي شاعريءَ جي
سريلي صنف ڪافيءَ تي ٽي ضخيم جلد ڏئي چڪو آهي، ته
پاڻ شاعري به ڪئي اٿس.
روايتي دؤر جي هڪ وڏي شاعر مير عبدالحسين
"سانگيءَ" جو ڪليات به سهيڙيو اٿس، ته انهن سڀني
ڪتابن تي پاڻ عاليشان مهاڳ پڻ لکيا اٿس.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
جي ڪلام ۽ سوانح تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جيڪو
ڪم ڪيو آهي، انهيءَ جو سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ ۽ اعليٰ
درجو
آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکڻ کي عبادت ۽ رياضت جو
رتبو عطا ڪيو آهي ۽ هن پنهنجي ڪم جي آڌار تي سنڌي
ٻوليءَ جي هڪ عظيم اتهاسڪار جو مرتبو ماڻيو آهي.
ان ڪارڻ ئي اڄ سنڌ جي هن عظيم سپوت کي خراج عقيدت
پيش ڪندي اسين فخر محسوس ٿا ڪريون. هتي مان صرف
ڊڪشنري/ لغت آفيس جي حوالي سان ڪجهه ساروڻيون پيش
ڪرڻ چاهيان ٿو.
تڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هئس ۽ تن ڏينهن
دوران
ڊڪشنري آفيس ۾ پارٽ ٽائيم جاب پڻ ڪئي هئم. مون کي
اها
چڱيءَ طرح
سـُـڌ نه هئي ته هڪ ڪمري واريءَ انهيءَ ڊڪشنري
آفيس ۾ ڪيل ڪم جو تجربو آئيندي مون کي ڪيڏو نه ڪم
اچڻ وارو هو!
انهيءَ ڪمري ۾، قطار سان، آمهون سامهون ٽيبلون
رکيل هونديون هيون ۽ انهن ٽيبلن جي پٺيان ڪرسيون
رکيل هونديون هيون، جيڪي ڀت سان لڳل هونديون هيون.
آمهون سامهون رکيل ٽيبلن وچان، هڪ ماڻهوءَ جي
لنگهڻ جيتري وِٿي ڇڏيل هوندي هئي. ٽيبلن تي ڪتابن،
ڪارڊن، ڪاڳرن جا ڍڳ پيل هوندا هئا.
شيخ محمد اسماعيل انهيءَ آفيس جو انچارج هو، سڀني
ڪارڪنن جو ڪم ورهايل هوندو هو. لغت ۽ لوڪ ساهت...
لغت ۾ وري مختلف اکر/ لفظ- لوڪ ساهت ۾ ڪهاڻيون،
آکاڻيون، ڳالهيون، داستان، ڳيچ، گيت، ڳجهارتون،
ڪهاڻين ۾ وري
ڀن ڀن
موضوع، لوڪ گيتن ۾ مختلف صنفون.
صبح شام ڪم ٿيندو هو ۽ انهيءَ سڄي ڪم جو نگران
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هوندو هو.
ڊڪشنري آفيس ۽ لوڪ ادب رٿا ۾ جيڪي ڪارڪن مون کي
ياد آهن، اهي هي آهن: شيخ محمد اسماعيل، ڊاڪٽر
اسدالله شاهه "بيخود" حسيني، ممتاز مرزا، طالب
لوهار، محمد يعقوب ميمڻ، ولي محمد طاهرزادو، شبير
هاتف....
ڊڪشنري آفيس ۾ جيڪو به اُجورو ملندو هو، اهو ڪم
ڪرڻ جو اجورو هوندو هو، نه ڪي ڪم نه ڪرڻ جو! ان
ڪري اهميت وري به ڪم جي هئي ۽ اهو ڪم اڄ سڀني جي
سامهون آهي. يقيناً
لوڪ ساهت جي انهيءَ عاليشان عمارت جي اڏاوت ۾
ڊڪشنري آفيس جي سڀني ڪارڪنن جي محنت شامل هئي، پر
ان سان گڏوگڏ انهن سون هزارن ڪارڪنن جي محنت پڻ
شامل هئي، جيڪي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل هئا، جن
لاءِ ڪوبه اُجورو نه هو! ڀلا پنهنجي گهر اڏڻ جو به
ڪو اجورو هوندو آهي ڇا!
ڇپيل ڪتابن مان مواد ڪڍڻ کان سواءِ،
سڄيءَ
سنڌ مان جيڪو به مواد هو، اهو ڇانٽي ٿيندو هو.
پوءِ لاڳاپيل ٽيبل/ ڪارڪن تائين پهچندو هو، جتي ان
جي پڙهڻي سان گڏوگڏ ان ۾ درستيون به ٿينديون هيون.
مختلف روايتن جي ڀيٽا
ٿيندي هئي، ائين پهريون اسڪرپٽ تيار ٿيندو هو. شيخ
محمد اسماعيل ان کي چيڪ ڪندو هو ۽ پوءِ ڊاڪٽر صاحب
جي آڏو رکندو هو. ڊاڪٽر صاحب ان کي پهرئين کان
آخري لفظ تائين ڏسندو هو،
ويچار ونڊيندو هو، هدايتون ڏيندو هو ۽ ان پٽاندڙ
پريس ڪاپي تيار ٿي، پريس
۾
هلي ويندي هئي.
اهو مواد جنهن وٽان به آيل هوندو هو، فوٽ
نوٽ ۾ تَنهن
جو نالو درج ڪيو ويندو هو. ان ريت هڪ ئي ڪهاڻيءَ،
گيت يا داستان جون مختلف روايتون
ڪم
اينديون هيون ته اهي به ڏنيون وينديون هيون ۽ سڀني
راوين جا نالا به ڏنا ويندا هئا. آيل مواد جي ڇنڊ
ڇاڻ/ سوڌ سنوار جو ڪم جنهن به ڪارڪن جي بِلي
هوندو هو، ان جو نالو پريس ڪاپي تيار ڪندڙ جي
حيثيت سان ڏنو ويندو هو ۽ ڇپجڻ کان پوءِ کيس ان
ڪتاب جي
هڪ
ڪاپي پڻ ڏني ويندي هئي، ۽ اهو ان لاءِ ساري ڄمار
ياد رهڻ وارو هڪ اعزاز هوندو هو. جڏهن ته مون کي
ذاتي تجربو آهي ته ٻين شخصن/ ادارن جي پهرئين اکر
کان آخري اکر تائين، مسودن کي پڙهيو ۽ سنواريو
هوندم، پر انهن ۾ منهنجو نالو نه ڏنو ويو هوندو!
ان ڏس ۾ مان هتي صرف "کيڏوڻا" جو مثال ڏيڻ
چاهيندس. سحر، "هوا جي سامهون" جي اڀياس ۾ صفحي 17
تي لکي ٿي:
"ان ريت گيت کيڏوڻا جو نه رڳو نالو هن جو ڏنل آهي،
پر ان جا سمورا معياري ترجما امداد جا ئي ڪيل
آهن."
انهيءَ لکڻ مان منهنجي مراد صرف اها آهي ته تحرير
جي پيشي سان وابسته فردن لاءِ ايمانداري بنيادي
شرط آهي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان پنهنجي هر ڪارڪن جي
پورهئي جو قدر ڪيو ۽ ان جي محنت کي مانُ ڏنو.
"لوڪ ادب رِٿا" هيٺ هڪ ڪتاب "مناظرا" به ڇپيو هو،
جنهن جي مخالفت ۾ ڪراچيءَ جي هفتيوار اخبار
"Sunday Times"
۾ مسلسل هڪ ليک اچڻ لڳو هو. نيت اهائي هئي ته
"مناظرا" تي بندش وجهرائجي. انهيءَ ليک کي بنياد
بنائي، ڪراچيءَ جي ڪمشنر وٽ هڪ ڪيس پڻ داخل ڪيو
ويو هو، جيڪو اٺ سال هليو ۽ فيصلو ڊاڪٽر صاحب جي
حق ۾ ٿيو. ان ڏس ۾ اچرج جي ڳالهه اها آهي ته
پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ، جنهن کي ساڄي ڌر جو
سمجهيو ويندو هو، "مناظرا" جي مخالفت ۾ شاهدي ڏني
۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ، جنهن کي کاٻيءَ ڌر جو
سمجهيو ويندو هو، "مناظرا" جي حق ۾ شاهدي ڏني.
ڊاڪٽر صاحب
آخري
ڏينهن تائين ڏيپلائي صاحب جا ان ڏس ۾ ڳڻ
ڳاتا.
ڏيپلائي صاحب پاڻ مون کي ٻڌايو هو ته هن "مناظرا"
جي بچاءَ
۾ مذهبي ڪتاب جا حوالا ڏنا هئا.
جيتوڻيڪ مون جتي به نوڪري ڪئي آهي، اتي سنڌي
ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت سان ئي منهنجو واسطو رهيو
آهي، پر منهنجي پوري ڪيريئر ۾ ڊڪشنري آفيس اهو
واحد ادارو هو، جتي جي نوڪريءَ کي مون ڪڏهن به
نوڪري نه سمجهيو. اتي سڀئي ڪارڪن ٻوليءَ، ادب ۽
ڪلچر جا ڄاڻو ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ جي جذبن سان سرشار
هئا.
ڊڪشنري آفيس ۾ ڪم هلندي جڏهن به ولي محمد طاهر
زادو پنهنجي مخصوص
انداز ۾
کلندو هو، تڏهن سڀ ڏانهس متوجهه ٿي ويندا هئا.
پوءِ ڪونه ڪو ٽوٽڪو ٻڌائيندو هو، ته هڪ گڏيل ٽهڪ ٻُرندو
هو. ڪڏهن وري شيخ صاحب چوڳو وجهندو هو ته "ابا هو
ڇا پئي ٻڌايئي!" ۽ ائين ڪڏهن لفظن جي صورتخطيءَ/
معنيٰ بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي، ته ڪڏهن
ٽوٽڪا، نقل نظير، پهاڪا ۽ چوڻيون پيش ٿينديون
هيون. ڊاڪٽر صاحب پوري وقت تي آفيس ۾ ايندو هو ۽
پنهنجي ڪرسيءَ تي اچي ويهندو هو، جيڪا شيخ صاحب جي
ٽيبل جي ساڄي پاسي رکيل هوندي هئي. ڊاڪٽر صاحب جي
موجودگيءَ سان ڪارڪنن ۾ اُتساهه ڀرجي ويندو هو.
1992ع ۾ جڏهن مون کي سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري
ڪري رکيو ويو هو، تڏهن خبر پئي ته "لوڪ ادب رٿا"
بند ٿي چڪي هئي. جڏهن ته ان وقت به "لوڪ ادب رٿا"
هيٺ ڪجهه اهم عنوان تياريءَ جي مختلف مرحلن ۾ هئا،
جيئن "چوڻيون". هاڻي اهو ڪتاب ڪهڙي مرحلي ۾ آهي،
ان جي مون کي ڪا خبر ناهي!
سنڌ جو لوڪ ادب سنڌي عوام جو قومي ورثو ته آهي ئي،
پر اهو عالمي سطح تي پوري انسانيت جو ورثو آهي.
سنڌ جي لوڪ ادب جو دنيا جي لوڪ ادب ۾ ڪهڙو
مقام
آهي؟ سنڌ جا لوڪ گيت، سر توڙي موضوع جي لحاظ کان،
دنيا جي لوڪ گيتن ۾ ڪهڙي اهميت رکن ٿا؟ دودي-
چنيسر جي وير گاٿا جو عالمي رزميه شاعريءَ ۾ ڪهڙو
درجو
آهي؟ اهي سڀ سوال، جواب طلب آهن ۽ انهن جا جواب
لهڻ گهرجن، مثلاً:
ڪجهه ڪهاڻيون/ آکاڻيون اهڙيون آهن، جيڪي ٻين ٻولين
۾ به آهن،
اهي سنڌ کان سفر ڪري ٻاهر پُڳيون،
يا ٻاهران سفر ڪري سنڌ ۾
آيون!
انهن سوالن جا جواب اسين تڏهن ئي لهي سگهنداسين،
جڏهن اسين خود پنهنجي قومي ورثي بابت سچيت
هونداسين.
سنڌ تي ڌڻي تعاليٰ جو اهو خاص ڪرم آهي، جو ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ اسان جي پـُـکـي پيو،
جن
سنڌ جي قومي ورثي کي محفوظ ڪري، ان کي ضايع ٿيڻ
کان بچايو.
پرفيسر سليم ميمڻ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- سنڌ جو ليجنڊ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ويهين ۽ ايڪهين صديءَ جو
اهو مايا ناز ڏاهو، محقق، ماهر ۽ اديب هو، جنهن جو
مثال سندس همعصرن ۾ ملڻ محال آهي. پاڻ هڪ ئي وقت
ستن ٻولين: سنڌي، انگريزي، اردو، بلوچي، فارسي،
عربي ۽ سرائڪيءَ تي دسترس رکندا هئا ۽ سواءِ
بلوچيءَ جي باقي ٻولين ۾ سندس عالماڻي تحقيق ۽
تاليف جو انگ سؤ کان به مٿي آهي. جڏهن ته عالماڻي
۽ محققاڻي مقالن جو انگ ان کان به وڌيڪ آهي. سندس
تصنيفن کي مواد، مقدار ۽ معيار جي لحاظ کان پرکجي
ته ننڍي کنڊ توڙي يورپ ۾ ڪير به سندس معيار ۽
مقدار کي برميچي نه ٿو سگهي. اهو ته هڪ اندازو ۽
ڪاٿو آهي پر مان سمجهان ٿو ته ان ڏس ۾ کوجنا ڪرڻ
جي سخت گهرج آهي.
ڊاڪٽر صاحب ڪنهن هڪ شيءِ تائين پاڻ کي محدود نه
رکيو. بلڪه هڪ ئي وقت لوڪ ادب، تاريخ، لغت،
لسانيات، لطيفيات، موسيقي ۽ تعليم جي شعبي ۾ ڏينهن
رات تحقيق ۽ تاليف جي وسيلي سنڌي ٻولي ۽ ادب کي
مالامال ڪيو آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هو فقط سنڌي
ٻوليءَ جو ئي عالم نه هو، پر وقت ۽ حالتن کين ۽
سندس علمي ۽ کوجنائي پورهئي کي فقط سنڌ تائين
محدود ڪري ڇڏيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻ رخي شعبن ۾
ان کان اڳ مرزا قليچ بيگ پنهنجي جاکوڙ وسيلي ادب
جي مختلف صنفن سان گڏوگڏ سماجي علمن: لسانيات، صرف
و نحو ۽ طبعي سائنس ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب کي مالامال
ڪيو. مرزا صاحب 457 ڪتاب تيار ڪري سنڌ واسين کي
ڏنا، پر بدقسمتي آهي هن قوم جي، جو ايڏي وڏي عالم
جي ايڏي وڏي پورهئي کي مڪمل طور عام ماڻهن تائين
نه آڻي سگهي آهي. اها اسان جي بيحسيءَ جي انتها
آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ڪوٺايل ادبي ريفرنس
۾ ادي مهتاب راشدي، سنڌي قوم جي نبض تي هٿ رکندي
چيو هو ته: اسان کي اڃا اهو احساس ئي ڪونه ٿيو آهي
ته اسان ڇا وڃايو آهي. اها حقيقت آهي ۽ اسان اڃا
ان ڏک ۽ اذيت مان لنگهي رهيا آهيون جنهن ۾ اسان کي
تڪليف جو احساس به ڪونهي، ڄڻ ته بيهوشيءَ جي عالم
۾ آهيون. تڪليف ۽ ڌڪ جو اندازو ۽ احساس ان ڪيفيت
مان ٻاهر نڪرڻ تي ئي معلوم ٿيندو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جنهن ڏينهن گذاري ويو، مون سنڌي
ادب جي هڪ وڏي اديب کي فون ڪري، اها ڏکوئيندڙ خبر
ڏني ۽ بعد ۾ ٻڌايم ته شام جو پنجين وڳي جنازي نماز
آهي. سائين فرمايو: لالا منهنجو ساڻس ڪو تعلق نه
هو، مان وڃي ڇا ڪندس؟ جي نبي بخش بلوچ صاحب جو
سنڌي ادب ۽ اديبن سان تعلق نه هو ته ڪنهن سان هو؟
ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه عبداللطيف چيئر پاران
آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل هڪ ريفرنس جي حوالي
سان هڪ مهربان دوست کي عرض ڪيم ته ڊاڪٽر صاحب
لطيفيات جي حوالي سان جيڪو علمي پورهيو ڪيو آهي،
ان تي ڪجهه لکي اچو. سائين فرمايو: ”منهنجو ته ان
تي ساڻس سخت اختلاف آهي.“ مون کين عرض ڪيو ته ان
اختلاف تي اچي ڳالهايو.
سائين جن جي مهرباني، سائين جن آيا ۽ ڊاڪٽر صاحب
لطيفيات جي حوالي سان جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون،
ان تي تمام سٺو ڳالهايو.
حقيقت اها آهي ته سنڌي عالمن ۽ اديبن ۾ جيڪا
نظرياتي ورهاست ٿيل آهي، ان موجب ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جو تعلق ساڄي پاسي واري ڌر سان هو. جڏهن
ته سنڌي اديبن ۽ عالمن جي گهڻائي کاٻي ڌر يا ترقي
پسند سوچ رکندڙ آهي، اهڙي ريت ڊاڪٽر صاحب ان لڏي
يا فڪر جي اديبن سان لاڳاپيل رهيو، جيڪي مذهبي
لاڙن يا قدرن جي پٺڀرائي ڪندڙ هئا.
ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ۽ علمي پورهئي جو تجزيو ڪيو
وڃي ته اڪثر پورهئي ۾ ان جو اظهار نه ٿو ملي.
ڊاڪٽر صاحب ادب کي ادب ۽ علم کي علم سمجهي پنهنجي
قابليت ۽ صلاحيت آهر ان تي عالماڻو ڪم ڪيو. ڊاڪٽر
صاحب تي ان حوالي سان تنقيدون به ٿينديون رهيون،
پر ڊاڪٽر صاحب جي اها سوچ رهي ته پاڻ ڪڏهن به ڪنهن
کي يا ڪنهن تنقيد جو جواب ڪونه ڏنائون ۽ خاموشيءَ
سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا.
ڊاڪٽر صاحب جنهن دؤر ۾ علم ۽ ادب جي دنيا ۾ قدم
رکيو، اهو ترقي پسنديءَ جو دؤر هو، گهڻائي اديبن ۽
عالمن جي ان سوچ جي حامي هئي. جڏهن ته ڪجهه ساڄي
ڌر جا پوئلگ به هئا، جن ۾ ڊاڪٽر صاحب به شامل هو،
پر ڊاڪٽر صاحب ڪڏهن به ڪنهن تڪراري معاملي ۾ نه
پيو ۽ پنهنجو ڪردار اڻ ڌريو ٿي ادا ڪندو رهيو.
لطيفيات ۽ ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت سندس نظرين ۽
ڪيل ڪم تي مٿس تنقيد به ٿي ۽ اختلاف به رهيو، پر
اهو ادبي، علمي ۽ کوجنائي ڪم آهي، جنهن لاءِ هر
عالم پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ علمي حيثيت آڌار ڪا
راءِ قائم ڪري ٿو.
ڊاڪٽر صاحب جي علمي پورهئي تي گفتگو کان اڳ آءٌ
سندس شخصيت تي ڪجهه روشني وجهندس.
مون پنهنجي ننڍپڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت جو ويجهو
۽ گهرو اڀياس ڪيو هو، هڪ ٻار جي حيثيت ۾ مون کين
جيئن ڏٺو تيئن اوهان آڏو پيش ڪرڻ چاهيندس.
هي احوال آهي 1956ع کان 1965ع واري دؤر جو. ان وقت
1956ع ۾ منهنجي عمر 6 سال هئي، ان کان اڳ جون
ڳالهيون ياد نه اٿم، پر 1956ع کان اڳتي جون
ڳالهيون ذهن جي ڪمپيوٽر تي محفوظ آهن، جڏهن آءٌ
ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين جي پريڪٽسنگ اسڪول ۾
پهرين درجي جو شاگرد هئس. سنڌ يونيورسٽيءَ جي
پراڻي ڪيمپس ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا پاڙيسري هئاسين.
پراڻي ڪيمپس ۾ ننڍي کان وڏي ڪوارٽرن جو تعداد 31
هو، جنهن ۾ پٽيوالي، چوڪيدار کان وٺي پروفيسر ۽
رجسٽرار تائين جي حيثيت جا ڪامورا رهندا هئا. بابا
سائين (عبدالقادر ميمڻ) به انهيءَ دؤر ۾ پهرين
آفيس سپرينٽنڊنٽ ۽ پوءِ اسسٽنٽ رجسٽرار جي حيثيت ۾
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.
بلوچ صاحب جو گهر پراڻي ڪيمپس جي بلڪل آخري ڇيڙي
تي هو، بعد ۾ اتي يونيورسٽي پريس جي ڀرسان ڪجهه
ٻيا گهر به ٺهيا جن ۾ پروفيسر قلباڻي ۽ درمحمد
ناريجو اچي رهيا. پراڻي ڪيمپس ۾ انتظامي آفيسون به
هيون ۽ لائبريري به هئي، ڪجهه تدريسي شعبا به هئا.
ڪن شعبن ۾ صبح جو ته ڪن شعبن ۾ شام جو ڪلاس ٿيندا
هئا.
بلوچ صاحب انهن ڏينهن ۾ نئون نئون ٻاهران
Ph.D
ڪري آيو هو. هميشه سوٽ ۾ رهندو هو، اونهاري ۾ به
کين ٿڌي ڪپڙي زِين جو سوٽ پهريل رهندو هو. هلڪي
بادامي رنگ جي سوٽ ۾ سندس شخصيت نهايت رعبدار،
وزندار ۽ متاثر ڪندڙ هئي. علامه آءِ.آءِ.قاضي صاحب
ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو، ان
جي شخصيت به نهايت سحر انگيز هوندي هئي. صبح جو
وڪٽوريا ۾ چڙهي يونيورسٽي ايندا هئا ۽ ايلسا قاضي
کين روز ڇڏڻ ۽ وٺڻ ايندي هئي. ڇڏڻ ۽ وٺڻ جو منظر
به نهايت دلڪش ۽ متاثر ڪندڙ هوندو هو. وڪٽوريا تان
لهڻ مهل ايلسا قاضي، جيڪا هڪ جرمن خاتون هئي،
پنهنجي ٻانهن ڊگهيريندي هئي ۽ علامه آءِ. آءِ قاضي
صاحب ٻانهن تي پنهنجي ٻانهن رکي لهندا هئا ۽ ان ئي
انداز سان پنهنجي آفيس تائين ويندا هئا. ميڊم
ايلسا کين سندن ڪمري تائين پهچائي موٽندي هئي ۽
منجهند جو واپس وٺي وڃڻ مهل به ساڳيو رومانوي منظر
ڏسڻ لاءِ ملندو هو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب روز پنهنجي گهر کان آفيس، جيڪا
ودايالي بلڊنگ عمارت جي ساڄي حصي ۾ گرائونڊ فلور
تي هئي، پنڌ ايندا ويندا هئا، پنڌ به ڪو گهڻو ڪونه
هو.
پراڻي ڪيمپس جي ميدان ۾ ڦرندي، راند روند ڪندي
بلوچ صاحب جي گهر تائين ويندا هئاسون، ته اتي هڪ
عجيب لانڍي نما ڪمرو ٺهيل هو، جيڪو اڪثر ڏينهن جو
به کليل رهندو هو. ڪجهه هنڌ پيل هوندا هئا. ڪيمپس
۾ بجلي هوندي به، اها لانڍي بجليءَ جي سهولت کان
گهڻي عرصي تائين وانجهيل رهي. شام جو اتي سگهڙن،
فنڪارن ۽ ڳائيندڙن جو وڏو انگ اچي گڏ ٿيندو هو،
ڊاڪٽر صاحب سج لٿي کان پوءِ اتي ايندا هئا ۽ انهن
کي ٻڌندا هئا. اها محفل رات جو دير تائين جاري
رهندي هئي، خاص طور ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو
لالٽين جي روشنيءَ ۾ سينگاريل ان محفل ۾ ممتاز
مرزا مرحوم به هوندو هو. مان پهريان ته اهو لقاءُ
پري کان ئي ڏسندو هئس، پر هڪڙي ڏينهن همت ڪري مان
به لانڍيءَ ۾ گهڙي پيس. ڪو لوڪ فنڪار ڳائڻ ۾ مصروف
هو، مان به هڪڙي ڪنڊ وٺي ويهي رهيس. فنڪار جڏهن
ڳائي بس ڪئي ته ڊاڪٽر صاحب مون ڏانهن ڏسندي پڇيو
ته بابا ڪير؟ مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ماٺ
رهيس.
ڊاڪٽر صاحب وري پڇيو ته بابا ڪير؟ مان وري به ماٺ
رهيس. ڪنهن شخص مون کي ٻانهن کان وٺي چيو، ڊاڪٽر
صاحب توهان کي مخاطب آهي. مون ڊاڪٽر صاحب کي ٻڌايو
ته مان عبدالقادر جو پٽ آهيان، هت ڪيئن؟ منهنجي
لاءِ اهو به ڏکيو سوال هو، ماٺ رهيس. ڊاڪٽر صاحب
وري ٻيو سوال نه ڪيو.
ائين آهستي آهستي موڪلن وارن ڏينهن ۾ مان ان
لانڍيءَ ۾ وڃي ڪڏهن انهن سگهڙن ۽ فنڪارن کي ٻڌندو
هئس. گهڻيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون.
ڊاڪٽر صاحب انهن فنڪارن سان جيڪا گفتگو ڪندو هو،
تنهن جي به گهڻي سمجهه نه پوندي هئي، پر جڏهن وڏو
ٿي ڊاڪٽر صاحب جي علمي پورهئي جو اڀياس ڪيم ته
پروڙ پئي اهو لوڪ ادب جي اسڪيم جو حصو هو، جتي هڪ
پاسي ڊاڪٽر صاحب ۽ سندس ٽيم جا ماڻهو وڃي قصا،
روايتون ۽ لوڪ ڪلام، ڳجهارتون، پروليون ۽ ٻيو لوڪ
ادب سهيڙيندا هئا، ته ٻئي پاسي اتي سگهڙن ۽ فنڪارن
کي ڊاڪٽر صاحب پاڻ وٽ گهرائي، سندس علمي حيثيت جي
ڪٿ ڪرڻ کان سواءِ مواد کي ريڪارڊ ڪري سهيڙڻ جي عمل
کي مڪمل ڪندا هئا. ائين ڊاڪٽر صاحب سان ڏيٺ ويٺ
وڌي ۽ ڪلب جو ميمبر ٿي ويس. 1965ع تائين، جڏهن
ڪراچي اچي نه وياسون، مان اڪثر وڃي ان محفل ۾
ويهندو هئس. محفل ٻڌڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب سگهڙن ۽
فنڪارن کي چانهه پياريندو هو. هڪڙي ڏينهن پنهنجي
مخصوص لهجي ۾ مون کان پڇيائون: بابا چانهه! مون
چيو، سائين مان ڪونه پيئندو آهيان. چيائون ته، چڱو
ڪندو آهين، ان کان پوءِ ڪڏهن به نه پڇيائون، نه
ڪڏهن چانهه ملي.
ڊاڪٽر صاحب حقيقت ۾ فنڪار دوست هو، هو فنڪار جي
تمام گهڻي عزت ڪندو هو، کين ڀائيندو ۽ همٿائيندو
هو. تازو ڪجهه مهينا اڳ پاڻ غلام نبي مورائيءَ کي
فرمائش ڪري هڪ فنڪار کي گهرايائون ۽ رات دير تائين
نهايت سنجيدگيءَ سان ٻڌندا رهيا ۽ ان فنڪار کي
گهور به ڏيندا رهيا.
انهن ڏينهن ۾ ڪيمپس تي سنڌي ڳالهائيندڙ چار
پروفيسر رهندا هئا:
1. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
2. ڊاڪٽر قاضي نبي بخش
3. ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو
4. پروفيسر شفيع محمد ميمڻ
مٿيان چار ئي پروفيسر شادي شده ۽ ٻارن ٻچن وارا
هئا. هڪ ڏنهن خبر پئي ته ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي
ٻي شادي ڪئي آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ قاضي نبي بخش، جيڪو
جرمني اعليٰ تعليم لاءِ ويل هو، واپس ٿيو ته سوسن
نالي هڪ جرمن خاتون کي زال جي حيثيت ۾ وٺي آيو.
پوءِ خبر پئي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به ٻي شادي
ڪري ورتي آهي. مان اڪثر سوچيندو هئس ته انهن
پروفيسرن شادي ڪئي آهي ته پوءِ شفيع محمد ميمڻ،
جيڪو انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ پروفيسر هو، اهو ٻي
شادي ڇو نه ڪري. ٿورو وڏو ٿيس ته پنهنجي ليکي ئي
ان ڳالهه کي ائين سمجهيم ته هو ٽئي پروفيسر
Ph.D
هئا، تنهنڪري کين تعليمي ڊگريءَ سان گڏ ٻي گهريلو
ڊگريءَ جي به گهرج هئي. ويچارو شفيع محمد بنا
Ph.D
هئڻ ڪري ان دولت کان محروم رهيو.
ڊاڪٽر صاحب جي علمي پورهئي جي جيڪڏهن ڪٿ ڪجي ته ان
ڪم تي بلڪه سندن هر تصنيف تي کين
Ph.D
جي ڊگري ملڻ گهرجي، پر شاهه لطيفؒ تي پاڻ جيڪو ڪم
ڪيو اٿن، تنهنجو ته ڪو ثاني ناهي. پاڻ ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز سان هڪ ڊگهي عرصي تائين لاڳاپيل رهيا
۽ اتي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس کي ڪوٺائڻ ۾ نهايت اهم
ڪردار ادا ڪيائون. شاهه لطيفؒ سان پنهنجي ان عقيدي
کي به جاري رکيائون ۽ شاهه سائينءَ جي ڪلام کي وڏي
محنت ۽ جاکوڙ ڪري ڏهن جلدن ۾ سهيڙي پيش ڪيائون.
پاڻ اهو ڪم ٻٽيهن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ڪيائون.
رسالي جي تاليف ۾ ڊاڪٽر صاحب اٽڪل پنجاهه قلمي
نسخن کي آڏو رکيو، انهن کي ڀيٽيو ۽ انهن سان گڏوگڏ
سڀني ڇپيل رسالن کي پڻ آڏو رکيو، سندن کوجنا جي ان
معيار ۽ ايڏي وڏي ۽ گهري ڇنڊڇاڻ جو ان کان اڳ ڪوبه
مثال نه ٿو ملي. ان محنت ۽ جاکوڙ مان سندن شاهه
سائينءَ سان عقيدي ۽ محبت جي اظهار کان سواءِ شاهه
جي رسالي جي هڪ مستند نسخي کي تيار ڪري سنڌ واسين
کي سوکڙي ڏيڻ جي نيت جي پروڙ به پوي ٿي.
ڊاڪٽر صاحب جي ان پورهئي تي ڪجهه عالمن اعتراض به
واريا آهن، ڪن وٽ شاهه لطيفؒ جي بيتن کي خارج ڪرڻ
۽ شامل ڪرڻ جي عمل تي مستند اعتراض به آهن، پر
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان ڏس ۾ دليلن ۽ ثابتين
سان ڳالهين کي رد ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ٿيڻ
گهرجي. ڊاڪٽر صاحب جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڏهن
جلدن ۾ ٻڌل آهي، جيڪو 6020 صفحن تي پکڙيل آهي.
انهن ڏهن جلدن جي اشاعت ۾ به ڏهن سالن جو عرصو
لڳو. پهريون جلد 1999ع ۾ شايع ٿي پڌرو ٿيو، اهو هڪ
علمي ڪارنامو آهي.
رسالي جو پهريون جلد جيڪو 1989ع ۾ پڌرو ٿيو، سو
865 صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 236 صفحن تي ٻڌل
مقدمو آهي، جنهن ۾ شاهه سائينءَ جي پيرائتي سوانح
حيات ۽ رسالي جي باري ۾ بنيادي ڄاڻ فراهم ڪئي وئي
آهي. پهرين جلد ۾ شروعاتي ٻن سرن: ڪلياڻ ۽ يمن
ڪلياڻ کي متن ۽ معنيٰ سوڌو پيش ڪيو ويو آهي. بيتن
جي کوجنا جي ڏس ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪجهه اصول ۽ معيار
مقرر ڪيا آهن، جن جو پڻ پيرائتو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽
انهن اصولن ۽ معيارن جي روشنيءَ ۾ بيتن کي رسالي ۾
شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رسالي
جي اٺين ۽ نائين جلد ۾ خاص اشاعت هيٺ انگريزي
ٻوليءَ ۾ مختصر مقدمو شامل ڪيو ويو آهي، اهو جلد
کوجنا جي هر پهلوءَ کي روشن ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحب
رسالي جي پهرين ستن جلدن کي کوجنا ڪندڙ ۽ ادب جي
طالبن جي گهرجن کي آڏو رکندي تيار ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته اٺون ۽ نائون جلد، جيڪو گڏي هڪ جلد ۾ پيش
ڪيو ويو آهي، 548 صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ شاهه
سائينءَ جي سوانح حيات، عرفان ۽ فڪر تي پيرائتو
مقدمو، جڏهن ته ٻئي حصي ۾ رسالو متن ۽ معنيٰ سميت
29 سرن سميت پيش ڪيو ويو آهي ۽ ٻين رسالن ۾ آيل
ٽيهون سر ”سر ڪيڏارو“ خارج ڪيو ويو آهي. ان جلد ۽
رسالي بابت ڊاڪٽر صاحب ان جلد کي ”شاهه عبداللطيف
جي پنهنجي ڪلام جو سڄو سربستو صحيح رسالو ڪري
ڪوٺيو آهي.“
ڏهن جلدن تي ٻڌل شاهه جو رسالو شايد ڊاڪٽر هوتچند
مولچند گربخشاڻيءَ جي ان خواهش جي تڪميل هجي، جنهن
۾ پاڻ لکيو اٿائون ته:
”خوشيءَ جو باعث تڏهن ٿيندو، جيڪڏهن ڪو عالم اچي ۽
ان ايڊيشن کي رد ڪري، نئين سر محنت ڪري رسالي جو
ان کان بهترين ايڊيشن شايع ڪرائي تڏهن منهنجي اها
محنت قبول پوندي.“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو جوڙيل ڏهن جلدن وارو
جديد ايڊيشن اهڙي خواهش جي تڪميل آهي، جنهن لاءِ
ڊاڪٽر بلوچ ڪسرنفسيءَ مان ڪم وٺندي لکي ٿو:
”منهنجو پيش ڪيل هيءُ مختصر جائزو ڪاش اهڙي تصنيف
جي شايان شان هجي.“
جلد ڏهون شاهه صاحب جي رسالي ۾ شامل ٻين شاعرن جي
ڪلام تي ٻڌل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب شاهه جو رسلو
۽ اڳتي ”رسالي جو ڪلام“ جي عنوان سان ترتيب ڏنو
آهي، اهو جلد 1996ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ان ۾
سرڪلياڻ کان سر بسنت تائين ٻين شاعرن جو ڪلام
موجود آهي، جيڪو رسالي جي قلمي نسخن ۽ ڇپيل رسالن
۾ شامل رهيو آهي. انهن بيتن کي خارج ڪرڻ بدران
کوجنا جي دائري ۾ آندو ويو آهي. ان مان اڪثر ڪلام
کي ڊاڪٽر گربخشاڻي خارج ڪري ڇڏيو هو، جنهن بابت
”سنڌو“ رسالي ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين علمي بحث هلندو
رهيو، اهو جلد 855 صفحن تي ٻڌل هو.
انهن بيتن کي ڏيڻ سان گڏوگڏ اهو به ڄاڻايو ويو آهي
ته اهي ڪهڙن ڪهڙن رسالن ۾ ڏنل آهن. پنهنجي ليکي
اهو ڪم رسالي جي تاليف ڪرڻ واري ڪم کان به وڌيڪ
ڏکيو ۽ ڊگهو ڪم آهي، پر ڊاڪٽر صاحب ان کي به نهايت
عالماڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر
صاحب يقيناً کيرون لهڻي.
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان لاڳاپيل ڪي يادون
پنهنجي زندگيءَ جي اثاثن جو حساب ڪتاب ڪبو ته
گهڻيون نسبتون اهڙيون به نڪري اينديون، جن تي
جيترو فخر ڪجي، اوترو گهٽ آهي. انهن نسبتن مان هڪ
نسبت اها به آهي ته پاڻ کي پنهنجي دور جي تمام وڏن
ڏاهن، فيلسوفن، دانشورن ۽ مدبرن جي ڇانوَ ۾ ويهڻ
جو موقعو مليو. انهن مان مخدوم قبله طالب الموليٰ،
جي.الانا، پير حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جا نالا ذڪر لائق آهن.
حضرت قبله مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ ۽ پير حسام الدين راشدي سان غائبانه عقيدت
شاگردي واري زماني ۾ ٿي. مان ڏهين جماعت ۾ پڙهندو
هئس. غريب خاندان سان تعلق هو. ان ڪري نه ته هاسٽل
۾ ٿي رهي سگهيس ۽ نه وري مسواڙ تي جاءِ ٿي وٺي
سگهياسين. قائم شاهه بخاريءَ جو مجاور سائين محمد
عثمان ”احقر“ جمالي هوندو هو. منهنجو ڀاءُ ۽ مان
ساڻس گڏ رهندا هئاسين. سائين ”احقر“ جمالي نه فقط
هڪ روحاني شخصيت هو، بلڪ سٺو شاعر به هو. مون کي
مشاعرن ۾ وٺي ويندو هو. استاد ۽ خير خواهه جي ناتي
سان هن جي شاعري مون کي ڏاڍي وڻندي هئي. انهيءَ
زماني ۾ ڊاڪٽر بلوچ ”لوڪ ادب اسڪيم“ تي ڪم ڪري
رهيو هو. مون سائين ”احقر“ جماليءَ جي هڪ مثنوي
لکي، ان جو مسودو سنڌي ادبي بورڊ جي ايڊريس تي
ڊاڪٽر بلوچ ڏانهن ڏياري موڪليو. موٽ ۾ سائين محمد
ابراهيم جويي مون کي وراڻي ڏني هئي. ڊاڪٽر بلوچ
سان منهنجو ائين اڻ سڌيءَ طرح واسطو طالب العلميءَ
واري زماني ۾ ٿيو.
جڏهن مون گهر ويٺي سنڌيءَ ۾ ايم.اي پئي ڪئي ته لوڪ
ادب تي مون ڊاڪٽر صاحب جا ڪتاب پڙهيا. پير حسام
الدين راشديءَ جي علمي خزاني مان لاڀ به مون
انهيءَ زماني ۾ ورتو. تنهن زماني ۾ هن ”سنڌي ڪافي
جي موجد“ تي هڪ تحقيقي مضمون لکيو هو ۽ جنهن ۾
راءِ قائم ڪئي هئائين ته لاڏجيو سنڌي جو پهريون
ڪافي گوشاعر آهي. حضرت قبله مخدوم طالب الموليٰ کي
به مون انهيءَ زماني ۾ پڙهيو. مون کي سندن ڪتاب
”ڪافيون“ جي ضرورت پئي. اهو ڪتاب لاڙڪاڻي ۾ نه پئي
مليو، انڪري مون کين خط لکيو. منهنجي تعجب جي حد
نه رهي، جڏهن پنهنجي دور جي وڏي شاعر ۽ روحاني
رهبر، هڪ طالب العلم کي وقتائتي موٽ ڏني. مون سندن
انهيءَ خط کي سالن جا سال سانڍي رکيو ۽ دوستن
يارن کي ڏياري فخر مان چوندو هئس ته قبله طالب
الموليٰ جهڙي وڏي ماڻهوءَ مون ڏانهن خط لکيو آهي.
ڊاڪٽر بلوچ سيلف ميڊ ماڻهو هو. تعليم ۾ ڊاڪٽريٽ
ڪري آيو هو ۽ علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ جهڙي ڏاهي ۽
انسان شناس فيلسوف ڊاڪٽر بلوچ کان پنهنجي لياقتن ۽
صلاحيتن مطابق ڪم ورتو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ايڊوڪيشن جي فيڪلٽي قائم ڪئي وئي.
علامه آءِ.آءِ.قاضي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي سوچن ۽ لوچن
جي عظمت انهيءَ ڳالهه مان ظاهر آهي ته هنن سنڌ ۾
تعليمي نظام کي درست قبلي ڏيڻ لاءِ اهو ضروري ڄاتو
ته استادن کي تربيت ڏني وڃي. ڇو ته اهي استاد ئي
آهن، جيڪي انسان سازيءَ وارو عظيم ڪم سر انجام ڏين
ٿا، ان ڪري اهڙي اهم ڪم کي خوش اسلوبيءَ سان
سرانجام ڏيڻ لاءِ استادن جي تربيت کي اولين ترجيح
ڏني وئي. هن شعبي سان لاڳاپيل هئڻ ڪري ڊاڪٽر بلوچ
جو علمي حلقو روز بروز سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙبو
رهيو. ڊاڪٽر بلوچ ائين سنڌ جي استاد برادريءَ جو
سرواڻ بڻبو ويو. ٻئي طرف وري ادبي ميڙاڪن، خاص طور
تي ”جميعت الشعراء سنڌ“ جي ساليانين ڪانفرنسن ۾
مقالا پڙهي ۽ صدارتون ڪري، پنهنجي علمي هاڪ
ماڻيائين، انهيءَ شهرت، منصب ۽ محنت ڊاڪٽر بلوچ کي
”لوڪ ادب“، ۽ ”لغت“ واري اسڪيم ۾ وڏي مدد فراهم
ڪئي. انهن اسڪيمن ڊاڪٽر بلوچ کي سنڌ جو ابن بطوطه
بڻائي ڇڏيو. اسان جي هن جاکوڙي انسان سنڌ جو چپو
چپو ڏٺو، سگهڙن ۽ سپورنجن سان ڪچهريون ڪيون ۽
ڪيترن تاريخي واقعن جي جاگرافيائي تحقيق ڪئي. هن
جيڪي ماڳ مڪان ڏٺا، سگهڙن ۽ سالڪن سان ڪچهري ڪئي،
اهو سمورو رڪارڊ ته منظر عام تي اچي نه سگهيو،
البته ان مان ڪجهه مواد ”رهاڻ- هيرن کاڻ“ جي نالي
سان ڪن ڪتابن جي صورت ۾ شايع ٿيو. ”رهاڻ- هيرن
کاڻ“ ڊاڪٽر بلوچ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي جاکوڙ جو
ئي رڪارڊ ڪونهي، پر سنڌ جي ثقافتي، سماجي ۽
جاگرافيائي تاريخ جو خزانو آهي. مون جڏهن سندس
”رهاڻ- هيرن کاڻ“ جا ٻه ڪتاب نظر مان ڪڍيا ته وڌيڪ
وقت وڃائڻ کان سواءِ انهن جي انڊيڪس ٺاهي، جيڪا
”رهاڻ- هيرن کاڻ“ جي ايندڙ جلد ۾ شايع ٿي. ڊاڪٽر
بلوچ جڏهن اها انڊيڪس ڏٺي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان
کان ترت پوءِ جڏهن گل حيات ۾ آيو ته مون کي چيائين
ته: ”تاريخي ۽ تحقيقي اهميت واري مواد گڏ ڪرڻ ۽
ريسرچ انسٽرومينٽ ٺاهڻ ۾ توکي وڏي مهارت آهي. تو
منهنجي ٻن ٽن ڪتابن جي انڊيڪس ٺاهي، نوجوان محققن
کي هڪ نئون موضوع ڏنو آهي.“ ڊاڪٽر بلوچ کي مون
مخدوم محمد امين ”فهيم“ جي شاعريءَ جو ڇپيل ڪتاب
کڻي ڏيکاريو. مون انهيءَ ڪتاب جي محترم مخدوم جميل
الزمان ”جميل“ جي خواهش تي انڊيڪس ٺاهي هئي، جيڪا
انهيءَ ڪتاب ۾ شامل آهي. اهو پهريون دفعو هو ته
شاعريءَ جي ڪتاب جي انڊيڪس ٺاهي وئي هجي. ڊاڪٽر
بلوچ اهو ڪتاب ۽ ڪتاب ۾ شامل انڊيڪس ڏسي چيو: ”ان
ڪري ته چيم نه، ته تون ريسرچ انسٽرومينٽ ٺاهڻ ۾ ڀڙ
آهين، ڪٿي شاعريءَ جو ڪتاب ۽ ڪٿي ان جي انڊيڪس.
اهو ڏانءُ تو وٽ ئي آهي.“
ڊاڪٽر بلوچ سان منهنجون گهڻيون ڪچهريون نه ٿيون ان
جو سبب اهو آهي ته مان ڪراچيءَ ۾ هئس ته ڊاڪٽر
بلوچ حيدرآباد ۾ مان سنڌالاجيءَ ۾ آيس ته ڊاڪٽر
صاحب اسلام آباد ۾ هو. ڊاڪٽر بلوچ جي ڀيٽ ۾
منهنجون مرحوم جي. الانا، مرحوم پير حسام الدين
راشديءَ ۽ سندس وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشدي ۽
قبله مخدوم طالب الموليٰ سان گهڻيون ڪچهريون ٿيون.
مان ڪراچيءَ جي اسلاميه ڪاليج ۾ استاد هئس ۽ قبله
مخدوم طالب الموليٰ کان سواءِ باقي بزرگ ڪراچيءَ ۾
رهندا هئا. مرحوم جي. الانا سان منهنجون گهڻيون
ڪچهريون ٿيون. انهن ئي ڪچهرين مان هڪ ڪچهريءَ ۾
مخدوم محترم جميل الزمان ”جميل“ سان ڏيٺ ٿي، جيڪا
پوءِ منهنجي نيازمنديءَ واري تعلق ۾ بدلجي وئي.
الله جنت نصيب ڪري پير سائين حسام الدين راشديءَ
کي، هيءُ وڏو عالم مون سان مهنجي طارق روڊ واري
مسواڙي جاءِ ۾ ملڻ ايندو هئو. سندس به اهو ۽ اهڙو
رايو هوندو هئو، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مون
بابت قائم ڪيو هو. سائين پير حسام الدين راشدي
ڪڏهن ڪڏهن کلندي کلندي فرمائيندو هو ته: ”اسان کي
الهو ٻلهو ڪرڻ وارا شاگرد مليا، جي تون منهنجو
شاگرد هجين ها ته سنڌ جي تاريخ ۽ تحقيق جا نوان
باب مانوس ڪرايون ها.“
تاريخي اهميت واري مواد جي ميڙيءَ چونڊيءَ واري
منهنجي سليقي ۽ طريقي جي نيڪ نامي ٿي ته مخدوم
حميد هارون مون کي سيٺ حاجي عبدالله هارون بابت
مواد ۽ معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ ڪم ڏنو ۽ ان ڪم لاءِ
مون کي هڪ ڪلاڪ تي ٻه سئو رپيا اجورو ڏيندو هو.
انهيءَ ڪم مان مون جيڪي ڏوڪڙ ڪمايا، تنهن مان ڳوٺ
۾ گهر ٺهرايم. سيٺ حاجي عبدالله هارون تي مواد گڏ
ڪرڻ شروع ڪيم ته پوءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهڻ جي ضرورت
محسوس ڪئي وئي ۽ پير علي محمد راشديءَ کي انهيءَ
ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. سائين پير علي
محمد راشدي جي ”حاجي عبدالله هارون ميموريل
ڪاميٽي“ جي چيئرمين ٿيڻ کان اڳ ”سنڌ محمدن
ائسوسيئيشن بابت چند غلط فهميون“ جي عنوان سان
منهنجو قسطن ۾ مضمون شايع ٿيو هو. انهيءَ مضمون ۾
مون سائين علي محمد راشديءَ تي سخت تنقيد ڪئي هئي.
ڇو ته هن ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ ”سنڌ محمدن
ائسوسيئيشن“ بابت جيڪو احوال ڏنو هو، حقيقتون ۽
تاريخي واقعا ان جي تصديق نه پيا ڪن. ان ڪري سائين
جڏهن ڪاميٽيءَ ۾ منهنجو نگران ٿي آيو ته اسان ٻنهي
جا هڪٻئي سان تر سنوان نه رهيا. پوءِ به خدا کيس
جنت نصيب ڪري، چوندو هو ته تحقيق ۽ تحقيقي مواد جي
ميڙيءَ چونڊيءَ ۾ تنهنجو الڳ ۽ منفرد مقام آهي.
مان حاجي عبدالله هارون تي ڪم ڪري ئي رهيو هيس ته
عزت مآب ڀيڻ مهتاب اڪبر راشدي سنڌالاجيءَ جي
انتظامي اڳواڻ ٿي ۽ هوءَ مون کي سنڌالاجيءَ ۾ وٺي
آئي. سنڌالاجي ۾ اچڻ سان مون کي وڏو نقصان اهو ٿيو
ته هارون فيمليءَ جيڪو گينين جا توٻرا مون لاءِ
کوليا هئا، اهي ”قومي خدمت“ واريءَ خوش فهميءَ ۾
اتي کليل ئي ڇڏي آيس. جي سال کن اتي ڪم ڪريان ها
ته هميشه لاءِ منهنجي مالي حالت سڌري وڃي ها.
سنڌالاجيءَ ۾ اچڻ سان مون کي وڏو فائدو اهو ٿيو ته
آءُ محترم مخدوم جميل الزمان ”جميل“ ۽ محترم سعيد
الزمان ”عاطف“ جي مهربانيءَ سان قبله مخدوم طالب
الموليٰ جي ويجهو اچي ويس. جتي مون کي رواداري،
ماڻهپي، سليقي، علم دوستي ۽ بي نيازيءَ جو عملي
روپ ڏسڻ جو موقعو مليو. هالا جي مخدومن جو پنهنجو
منفرد ڪلچر آهي، انهيءَ تي لکڻ لاءِ ڪو الڳ موقعو
ئي تلاش ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته هتي اسان کي ڊاڪٽر
بلوچ جي حوالي سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن.
ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي تعليم دانن ۽ محققن مان پهريون
ماڻهو آهي، جنهن کي وقتي (نگران) وزير ٿيڻ جو
موقعو مليو. هن پنهنجو اهو عهدو، پنهنجي نيڪ نامي،
ايمانداري ۽ ماڻهپي ڪري ماڻيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا
دوست خواهه دشمن اها ڳالهه مڃيندا ته هن انسان ۾
اجايو گهمنڊ ۽ اجائي آڪڙ جهڙي ڪابه شيءِ ڪانه هئي.
هو پنهنجي قول ۽ فعل ۾ سچو به هو ته سڌو به هو.
ڊاڪٽر بلوچ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر
ٿيو ته مان وڏي عقيدت ۽ اڪير سان ڪراچيءَ مان ڪهي
ساڻس ملڻ آيس. مون کي انهن ڏهاڙن ۾ هنڌ سنڌ جي
عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جي فوٽن گڏ ڪرڻ جو
خفت هوندو هو. مون انهن فوٽن جي مشتمل هڪ آلبم
تيار ڪيو، جيڪو کيس تحفي طور پيش ڪيم. اڳ ۾ روبرو
ملاقات ٿيل ڪانه هئي. ڪا ڄاڻ سڃاڻ ڪانه هئي، بس
سندس عقيدت هئي، جيڪا مون کي وٽس ڇڪي آئي هئي.
انهيءَ کان پوءِ وري آءٌ نه ڊاڪٽر صاحب سان ويجهو
رهيس ۽ نه وري علمي ۽ نظرياتي طور تي پري رهيس.
حقيقت اها آهي ته هن کي نه ته ڪنهن مڃتا جي ضرورت
هئي ۽ نه وري اجائي شهرت جي تانگهه. هن ڀلي انسان
تي علمي ۽ قلمي حوالي سان جيڪي به تنقيدون ٿيون،
ان جي موٽ نه ڏنائين.
ڊاڪٽر بلوچ جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلريءَ
مان فارغ ٿيا ته ڪن حلقن ۾ چوٻول ٿيو ته انتظامي
ڪم سنڀالڻ اديبن ۽ محققن جي وس جي ڳالهه ئي ڪانهي.
پر حقيقت ائين ناهي. علم ڌڻي ۽ قلم ڌڻي آدرشي
انسان ٿيندا آهن. هنن ۾ ابتر حالتن کي بهتر بنائڻ
جو جذبو هوندو آهي. هو گند، ادارن جي سازشن،
انتظامي منافقين ۽ اقربا پروري ۽ ٻين براين جو حصو
بڻجي نه سگهندا آهن. ان ڪري اوس ئي اختلافي رويا
جنم وٺندا. جيڪڏهن ڪنهن دانشور ۽ محقق کي بااختيار
۽ آزاد حيثيت ۾ رکيو ۽ قبول ڪيو وڃي ته هو ادارن
مان ڀينگ ڪڍي، انهن کي مثالي ۽ فعال بڻائي سگهي
ٿو. ڊاڪٽر بلوچ ۾ به بهتر تبديلي آڻڻ جو ڏانءُ
موجود هو، پر اسان ان مان فائدو نه ورتو.
ڊاڪٽر بلوچ جڏهن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۾ آيو ته هن
علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي سوچ ۽ فڪر وانگر مختلف
هنڌن تي استادن جون ڪانفرنسون سڏرايون ۽ انهن ۾
سنڌي ٻوليءَ جي لپي، تدريس، اهميت ۽ ٻين انيڪ
پهلوئن کي موضوع بڻايو. اهڙي ڪانفرنس جڏهن لاڙڪاڻي
۾ ٿي ته هن ڀلي انسان انهيءَ موقعي تي مون کي به
ياد ڪيو ۽ مون به انهيءَ ڪانفرنس ۾ تقرير ڪئي هئي.
ڊاڪٽر بلوچ لاءِ لاڙڪاڻي اچڻ جا ڪيترائي موقعا
جڙيا، پاڻ هڪ اڌ دفعو مرحوم سگهڙ محمد ملوڪ جي
ورسي جي موقعي تي آيا، هڪ دفعي اسان ”لاڙڪاڻه
ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي“ طرفان ڪانفرنس
ڪرائيسين، جنهن جي صدارت ڪرڻ آيا. ڪيڊٽ ڪاليج
لاڙڪاڻه جو پرنسپال محمد يوسف شيخ سندن مثالي
عقيدتمند رهيو آهي. انهيءَ نسبت سان ڊاڪٽر بلوچ جي
حياتيءَ ۾ ئي ڪيڊٽ ڪاليج جي لائبريريءَ ۾ ”ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ ڪارنر“ ٺاهيو. انهيءَ ڪارنر ۾
رکڻ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، تصويرون ۽ ڪتاب تحفي ۾
ڏنا هئا.
ڊاڪٽر بلوچ جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو ۽ کيس وقت
هوندو هو ته گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ دعا جا پير ضرور
کڻي ايندو هو. اها ڳالهه مون لاءِ اعزاز برابر آهي
ته اسان جي سينيئر محققن مان ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجي، منهنجي مربي استاد ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽
ڊاڪٽر بلوچ ”گل حيات“ ڏٺو ۽ مون کي دعائون ڏئي
ويا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گل حيات انسٽيٽيوٽ جي
وزيٽرس بوڪ ۾ جيڪو لکي مانُ بخشيو، اها گل حيات جي
وڏي کان وڏي مڃتا آهي. پاڻ لکيائيون ته: ”اسان
يونيورسٽيون ٺاهيون ۽ انهن جي تحقيقي ڪارڪردگيءَ
کان ڀلي ڀت باخبر آهيون. پر گل حيات جيڪو ڪم ڪيو
آهي، اهو گهڻو منفرد ۽ اهميت وارو آهي.“ مرحوم
سائين بلوچ جي هٿ اکري وارو اهو نوٽ گل حيات جي
ويب سائيٽ تي موجود آهي.
ڊاڪٽر بلوچ جڏهن به گل حيات ۾ آيو ته ڏاڍو زور
ڀريندو هو ته هيءُ هيڏو سارو خزانو ننڍڙي ڳوٺ ۾
ضايع ٿيڻ نه گهرجي. مون کيس هر دفعي اهو پئي جواب
ڏنو ته علم ۽ تحقيق نه ته عوام جي ۽ نه وري ڪنهن
حڪومت جي اوليت رهي آهي. مون کي درخواست ڏيڻي
پوندي ته مون وٽ سنڌ جي تاريخ جو خزانو آهي ۽ ڪو
مون کان مفت ۾ ئي وٺي. پوءِ درخواست تي غور ٿيندو
۽ اها رد به ٿي سگهي ٿي.
ڊاڪٽر صاحب جي بار بار ڌيان ڇڪرائڻ تي مون ٻي واٽ
سوچي ورتي. انهن ڏينهن ۾ محترم مظهر الدين صديقي
سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو. هن ۽ ميڊم
مهتاب اڪبر راشديءَ مون کي سنڌالاجيءَ ۾ آندو هو.
مون کيس خط لکيو ته آءٌ گل حيات جي ميڙي چونڊي مان
سنڌالاجيءَ وارن جي پسند جي موضعن تي مواد ڏيڻ
لاءِ تيار آهيان. سنڌالاجي جيڪڏهن منهنجا اهي
فائيل فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ته مان ڪنهن معاوضي وٺڻ
کان سواءِ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. صديقي صاحب
سنڌالاجي وارن کي حڪم ڏنو، ۽ انهن جي رابطي قائم
ڪرڻ تي مون فائيل فوٽو اسٽيٽ ڪرائي موڪلڻ شروع
ڪيا. تان جو خط اچي پهتو ته في الحال ڪم کي روڪيو.
اهو ڪم جيئن رڪيو، ته وري ماٺ ٿي وئي! سنڌالاجيءَ
جيڪو مواد حاصل ڪيو، شرطن مطابق ان کي منهنجي نالي
اتي قائم ڪيل ڪارنر ۾ رکڻو هو ۽ پڪ ئي پڪ اتي
موجود هوندو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان جڏهن ملاقات ٿي ۽ کيس سموري
صورتحال کان واقف ڪيم، جهڙوڪ هن جون اکيون ڀرجي
آيون، ۽ چيائين ته: ”ڊاڪٽر صاحب! عالم ۽ علم کي
اسان پنهنجو ئي نه ٿا ڪريون، الله معاف ڪري، ڪبيرو
گناهه پيا ڪريون.“ ڊاڪٽر بلوچ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي
۾ جيڪو پنهنجو ڪارنر قائم ٿيندي ڏٺو، ان لاءِ ڪتاب
۽ مواد ڏيڻ پٺيان سندن اها ڏاهپ ۽ حڪمت هئي ته سڄي
ڄمار جي ميڙي چونڊي محفوظ هٿن ۽ هنڌن جي حوالي
ڪجي.
ڊاڪٽر بلوچ پاڻ کان جونيئر محققن ۽ ليکڪن جي عملي
طور تي همت افزائي ڪندو هو. جڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب
ڏٺو ته گل حيات ۾ ”حُر تحريڪ“ تي چڱو خاصو ۽ منفرد
مواد موجود آهي ته ڊاڪٽر عمر چنڊ جو نه فقط انهيءَ
ڏانهن توجهه ڇڪرايائين، پر هن کي اهڙي مواد وٺي
ڏيڻ جو باعث پڻ بڻيو.
هن چوڻ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو وڌاءُ ڪونهي ته ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ اسان جي دور جي عالمن جو آفتاب
هو. هن جي اها ۽ اهڙي حيثيت فقط سنڌ تائين محدود
نه هئي، پر هو سڄي ملڪ ۾ اهڙي حيثيت رکڻ وارو عالم
هو ۽ هو بين الاقوامي سطح جو محقق هو. هن پنهنجو
وارو وڄايو، دل تي علم ۽ قلم جي خدمت ڪئي ۽ اها
خدمت وري ايتري ڪئي جو هن جي ثانيءَ ۽ مٽ ٿيڻ ۾
اسان کي وڏو عرصو لڳندو.
مان موبائيل فون ذريعي سنڌي بيت لکڻ جو ٻن اڍائي
سالن کان تجربو ڪندو پيو اچان. روزانو نئون بيت
لکندو آهيان ۽ هند سنڌ جي ڪن قلمڪارن ۽ يارن دوستن
ڏي ڏياري موڪليندو آهيان. اسر جو معمول مطابق
بسترو ڇڏيم. اڃا بيت لکڻ جو وقت به نه آيو ته تاج
جويي ۽ نياز پنهور جو پيغام پهتو ته ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ وفات ڪري ويو. اها ڏکوئيندڙ خبر پڙهندي
ئي بي ساخته زبان تي اچي ويو ته:
علم ادب تحقيق جو، هو خانئي خان،
اهو بلوچ مرد مهمان، ويو گذاري اسر جو.
مون 6- اپريل 2011ع تي صبح جي سلام بدران انهيءَ
بيت سان سنڌ ۽ هند جي عالمن، اديبن ۽ دوستن سان
تعزيت ڪئي.
ڊاڪٽر بلوچ هاڻي اسان ۾ نه آهي، پر هن مثالي محقق
کي مثالي نموني سان خراج عقيدت پيش ڪرڻ واري
ذميواري اسان تي عائد ٿئي ٿي. پر اهو ڪم ادارا ڪري
سگهن ٿا، يا محقق، اسان کي اهو ڪم ونڊي ورهائي کڻڻ
گهرجي.
اهو ڊاڪٽر بلوچ جي نسبتن ۽ محبتن جو اثر آهي جو
اختيار علي نالي هڪ دوست منهنجي نگرانيءَ ۾ ”ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جون لوڪ ادب لاءِ سر انجام ڏنل
خدمتون“ جي موضوع تي پي ايڇ. ڊي جي تياري ڪري رهيو
آهي. اهو مون لاءِ اعزاز جي برابر هوندو ته ڊاڪٽر
بلوچ جي علمي، قلمي ۽ تحقيقي خدمتن تي جڏهن ڪم
ٿيندو ته ان ۾ منهنجو سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح حصو
ضرور هوندو.
مون ”رهاڻ- هيرن کاڻ“ جي ڪن جلدن جي انڊيڪس ٺاهي،
هاڻي ڪنهن دوست کي اهو ڪم پورو ڪرڻ گهرجي. مرحومن
جي نالي پٺيان ”ڪارنر“ ٺاهڻ يا ”چيئر“ قائم ڪرڻ
واري روايت هاڻي انهيءَ ڪري غير مفيد ٿيندي پئي
وڃي ته اسان ادارا ته ٺاهيون ٿا ۽ ”چيئرس“ ته قائم
ڪريون ٿا، پر انهن کي فعال بڻائي نه ٿا سگهون. ڪم
ڪرڻ وارا ماڻهو پنهنجي محبت ۽ محنت جي زور تي گهڻو
ڪم ڪري ويندا آهن. ڊاڪٽر بلوچ ڪيترائي ناميارا
ڊاڪٽر ۽ قلم ڌڻي پيدا ڪيا. هاڻي انهن کي اڳتي وڌي
هن ڀلي انسان جي چڱاين ۽ خدمتن کي منظم نموني سان
تحقيق جي بنياد تي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ
گهرجي. |