پروفيسر سليم سهتو
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرحوم بحيثيت اسڪالر ۽
تعليمي ماهر جي، دنيا، پاڪستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي
تعليمي ادارن ۾ مهمان طور ويو پر انهن تعليمي
ادارن مان سنڌ جو مشهور ۽ پهريون ڪيڊٽ ڪاليج، جنهن
کي اهو شرف حاصل آهي ته ملڪ جو موجوده محترم صدر
اسلامي جمهوريه پاڪستان جناب آصف علي زرداري صاحب
به شاگرد رهيو آهي.
ان اداري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرحوم ٻه ڀيرا
خاص مهمان طور آيا هئا. هڪ ڀيرو آل پاڪستان انگلش
تقريري مقابلي جي موقعي تي ۽ ٻيو ڀيرو سنڌ جي
سداحيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي شاعري تي
ڪيڊٽس ۽ ڪاليج جي استادن کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ. جيئن
ته مان لطيف ڊي فنڪشن جو آفيسر انچارج هئس،
تنهنڪري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرحوم کي سندن
رهائشگاهه سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس کان ڪاليج وٺي
اچڻ ۽ ڇڏي وڃڻ جي ذميواري به منهنجي هئي. مون سان
گڏ اسلاميات شعبي جو استاد سائين اسدالله ڀٽو به
ساڻ هو.
رستي تي اسان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرحوم سان
علمي ۽ ادبي ڪچهري ڪندا آياسين. ڊاڪٽر بلوچ مرحوم
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ بابت نهايت ئي اهم ۽
معلوماتي ڳالهيون ٻڌايون. تنهن کان سواءِ لوڪ ادب
جي حوالي سان به گهڻيون ئي مفيد ڳالهيون ٻڌايون.
لوڪ ادب جي سلسلي ۾ سندن مرتب ڪيل ڪهاڻين جا 7 جلد
وڏي اهميت رکن ٿا. انهن ڪتابن کي پڙهڻ سان ٻارن
توڙي وڏن ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو، پر ان سان
گڏوگڏ ڪيتريون ئي سمجهه ڀريون ڳالهيون ۽ ذهانتي
نُڪتا پڻ حاصل ٿين ٿا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرحوم سان گهڻائي دفعا
حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ادبي گڏجاڻين ۾
ملاقات ٿيندي رهي. هر ڀيري سندن گفتگو دوران ڪا
نئين ڳالهه ۽ ڪو نئون پيغام ٻڌڻ جو موقعو ملندو
رهيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تي سنڌ کي سدائين فخر رهڻو
آهي. هو هڪ محقق سان گڏ لوڪ ادب جو پارکو پڻ هو.
سگهڙن کي اڳيان آڻڻ ۾ سندن ڪيل ڪوششن کي وساري نه
ٿو سگهجي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نئين نسل لاءِ
هڪ مثالي شخصيت هئا. سندن وڇوڙي سبب سنڌي ادب ۾
جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، تنهن جو پورائو ممڪن نه
آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب 94 سالن جي ڄمار ۾ ٿڪيو نه
هو، توڙي جو سندس زندگيءَ جو هر پل جستجو ۾ گذريو.
منهنجي سوچ دنگ رهجي وڃي ٿي جڏهن هنن چيو هو ته
ٻئي جنم ۾ کين موقعو مليو ته هو سنسڪرت ٻولي
سکندو. سڄي زندگي جستجو ۽ تحقيق ۾ گذارڻ بعد به هن
ٻئي جنم ۾ به سکڻ واري مرحلي کي اهميت ٿي ڏني ۽
وڌيڪ ڄاڻڻ ٿي چاهيائين. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي
ٻوليءَ کي هڪ اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ نوان لاڙا
ڏنا، مون کي ڏک آهي ته هو اڄ جسماني طرح اسان جي
وچ ۾ نه رهيو آهي.
سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عظيم ليکڪ جيتوڻيڪ اسان کان
جسماني طور جدا ٿي ويو آهي، پر روحاني طور هميشه
گڏ رهندو. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي.
(آمين)
ڊاڪٽر مخمور بخاري
ڊاڪٽر بلوچ جي سچل سرمست جي شخصيت ۽ فڪر تي تحقيق
(مختصر جائزو)
سنڌ جي وحدت ۾ جنهن فڪر اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان
۾ تصوف اهڙو فڪر آهي، جيڪو عملي صورت ۾ اچڻ کان
پوءِ ان ويس جي وحدت، نرالو رنگ اختيار ڪيو.
سنڌ جي ڌرتي جيئن ته ماضي جي ورقن ۾ ڪيترن ئي
مذهبن ۽ مذهبي روين کي پاڻ ۾ سانڍي رکيو ويٺي آهي،
اتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ سامي ان
فڪري وحدت جا بنيادي محرڪ آهن، جن جي سوچ، سمجهه،
ساڃاهه، شعور هن ديس کي ته ڇا پر پوري عالم لاءِ
انساني اتحاد، سهپ، ڀائيچاري، امن ۽ اتحاد جو
پيغام ڏنو آهي. هنن ٽنهي وڏن شاعرن مان سچل سرمست
پنهنجي اندازِ بيان جي رنگ ڍنگ سبب نرالي حيثيت
رکي ٿو. هن جي اُن شاعراڻي فڪر ۽ انداز کي کولي
بيان ڪرڻ توڙي سچل سائين جي شخصيت تي چڙهيل عقيدت
جي دز کي لاهي، ان جو اصل چهرو عيان ڪرڻ وارن ۾ جن
ٿورن شخصيتن تحقيقي انداز ۾ ڪم ڪيو، انهن ۾ ڊاڪٽر
عطا محمد حامي، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جو ڪردار نهايت اهم آهي. هنن صفحن ۾ اسان
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو سچل سرمست تي ڪيل
تحقيقي ڪم جو مطالعو ڪنداسين.
سچل سرمست جي ڪلام جي ترتيب جو آغاز ته سنه 1883ع
کان شروع ٿيو، مرزا علي بيگ سنه 03-1902ع ۾ سچل
فقير کي گهڻو ڪلام سنڌي سرائڪي ۽ ريخته (اردو) ۾
گڏ ڪري رسالي جي صورت ۾ پيش ڪيو. اهڙي ريت آغا
عبدالنبي، مولانا صادق راڻيپوري، عثمان علي
انصاري، قاضي علي اڪبر درازي، نماڻو فقير، ميان
درمحمد، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر تنوير عباسي،
ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ٻين ڪيترن ان ڏس ۾ ڪردار ادا
ڪيو پر خاص طور سچل سرمست جي شخصيت توڙي سندس
سوانح حيات بابت علمي تحقيقي انداز ۾ ڪن ٿورن
شخصيتن قلم هلايو آهي، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، سرمست سائين بابت ڪن اهم اختلافي نُڪتن بابت
جدا جدا پنهنجن مضمونن/مقالن/تقريرن/ليڪچرن ۾ ذڪر
ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب ڪو جدا مڪمل ڪتاب ته سچل
سرمست تي نه لکيو پر هن جي تحريرن مان اهو اندازو
ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ذهن ۾ سچل سرمست
بابت ڪو ڪتاب لکڻ جو خاڪو ضرور موجود هو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجين لکڻين ۾ سچل سرمست
بابت جن اهم نُڪتن طرف اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي،
اُهي هي آهن:
1.
سچل سائين جي ولادت جي درست تاريخ
2.
چئن زبانن وارو يا هفت زباني شاعر
3.
سچل سائين جو پنهنجي دور جي عالمن سان اختلاف
4.
سچل سائين جي انقلابي شاعري
5.
سچل سائين جي فڪري واٽ
هت اسان ترتيب وارو مٿين موضوعن تي گفتگو ڪنداسين:
(1) سچل سائين جي ولادت جي درست تاريخ: هيءُ به هڪ
اختلافي مسئلو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان طرف
اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي. سچل چيئر ۾ موجود شجره
فاروقيان کي ڏسڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهڙو
اظهار ڪيو ته سچل سائين جي جيڪا ولادت جي تاريخ
1152هه/ 1739ع ٻڌائي وڃي ٿي، اها درست ناهي بلڪ
شجره فاروقيان ۾ درج سچل سائين جي ولادت جي تاريخ
1170هه/1758ع درست آهي(1).
هيءُ معاملو ڪجهه منجهائيندڙ آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ته
شجره فاروقيان سنه 1265هه/1850ع يعني سچل سائين جي
وصال کان ٺيڪ ٽيويهه سال پوءِ لکيو ويو ته ان جو
لکندڙ خود فاروقي خاندان جو فرد آهي، ان صورت ۾ ان
لکت کي مڪمل طرح رد نه ٿو ڪري سگهجي، ته ٻي طرف ان
لکت کي پوري طرح قبول ڪرڻ کان اڳي، اسان کي پڻ
ڪجهه ٻيون روايتون به ڏسڻيون پونديون، جن ۾ زبان
زد روايت ته منهنجي عمر (سچل سائين) 105 ورهيه آهي
پر آءٌ سرڪار جي سلاميءَ تي پندرنهن سال اڳ
ويندس(2).
ٻيو ته سچل بابت ڇپيل سمورن آڳاٽن لکتن ۾
1152هه/1739ع جو سنه لکيل آهي. فقير قادر بخش بيدل
جي لکيل سچل سائين جي وفات واري نظم ۾ پڻ ’نوي
ورهيه نروار هو‘ جي ڳالهه آيل آهي. پنهنجي عمر
بابت سچل سائين خود ديوان آشڪار ۾ هڪ هنڌ چيو آهي:
هفتا دو وسالم شده در پيچ زلفت مبتلاست،
يک روز خواهم وصل تو عشقت بجان ور زيده ام(3).
(منهنجي عمر ٻاهتر سال ٿي چڪي آهي آءٌ تنهنجي زلفن
جو اسير آهيان، مون تنهنجي عشق کي دل و جان سان
قبول ڪري ورتو آهي، آءٌ فقط هڪ ڀيرو وصل چاهيان
ٿو.)
هن بنهه مختصر بحث کان پوءِ اسان چئي سگهون ٿا ته
شجري فاروقيان جي صحت بابت پڻ اسان کي ويچار ونڊڻ
گهرجن ته ٻئي طرف سچل سائين بابت سمورين لکتن کي
عقلي بنياد تي بيدل سائين جي ڪلام جي روشنيءَ ۾
پرکڻ گهرجي ته جهڙي طرح ان اختلافي مسئلي کي نبيري
سگهجي.
چئن زبانن وارو يا هفت زبان شاعر:
حقيقت ۾ هن قسم جي نعري بازي 1970ع کان شروع ٿي،
ان کان پهرين ههڙي قسم جي ڳالهه ڪٿي به لکي نه وئي
پر عقيدت جي بنياد تي چيل هيءَ ڳالهه عقيدت ۾ اڳتي
وڌي. اول ۾ ڊاڪٽر عطا محمد حامي ”غلط روايتون“
مضمون لکي هن قسم جي ڳالهه کي رد ڪيو، بعد ۾ سيد
حسام الدين شاهه راشدي، سچل ادبي ڪانفرنس ۾ پنهنجي
صدارتي خطبي ۾ پڻ هن ڳالهه کي رد ڪيو. موضوع جي
اهميت کي محسوس ڪندي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ هن
تي خيال آرائي ڪئي. هن سلسلي ۾ لکن ٿا:
”سچل سائين بابت ويجهي دور ۾ هڪ غير حقيقي نعرو
”هفت زبان شاعر“ هجڻ وارو گونجي رهيو آهي، اول
ڪنهن به وڏي شاعر جي وڏائي انهي ۾ ناهي ته ڪو هو
گهڻن زبانن ۾ شاعري ڪري، گهڻن زبانن ۾ شاعر ٿيڻ
ناممڪن آهي. عظيم شاعري فقط هڪ ئي زبان ۾ ڪئي
ويندي آهي، باقي زبانن ۾ رسمي شاعري يا نظم نگاري
ٿئي ٿي. سچل سرمست پڻ بنيادي طور ٻن زبانن جو شاعر
آهي، سنڌي ۽ سرائڪي، باقي فارسي ۽ اردو ۾ هن فقط
نظم نگاري يا رسمي شاعري ڪئي آهي(4).“
حقيقت ۾ هيءَ ڳالهه نج عقيدت جي بنياد تي چيل آهي
ته سچل سرمست هفت زبان شاعر آهي. ڇاڪاڻ ته سڀن
ڳالهين کان هٽي ڪري اسان فقط سچل سائين جي موجوده
ڪلام کي ڏسون ٿا ته اهو اسان کي سنڌي، سرائڪي،
فارسي ۽ اردو ۾ ملي ٿو، باقي زبانن- عربي، هندي ۽
پنجابي ۾ ڪو مڪمل شعر هٿ نه آيو آهي. ها البته سچل
جي ڪلام ۾ قرآن شريف جون آيتون، حديثون، ۽ عربي
مقولا ته ضرور ملن ٿا. اهڙي ريت سرمست سائين جي
ڪلام مان هندي الفاظ به ڳولي سگهجن ٿا. باقي رهيو
مسئلو پنجابي زبان جو، ان بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ لکن ٿا:
”مرزا علي قلي بيگ 1902ع ۾ سچل سائين جو ڪلام مرتب
ڪيو، تنهن پهريون ڀيرو پنجابي زبان جو نالو کنيو،
پر هن پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ سببان ساڳي هڪ ئي زبان
کي سرائڪي يا پنجابي ڪري لکيو آهي. حقيقت ۾ سچل
سائين جنهن ٻوليءَ ۾ شعر چيو آهي سا مجموعي طور
سرائڪي آهي، جيڪا سنڌ توڙي پنجاب ۾ رائج آهي، پر
اها پنجابيءَ کان الڳ آهي(5).“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهو چٽيءَ طرح واضح ڪري ڇڏيو ته
سرائڪي ۽ پنجابي علحده زبانون آهن، جن کي هڪ نه
سمجهڻ گهرجي ۽ سچل سرائڪي زبان ۾ شاعر ڪئي آهي، نه
ڪي پنجابي زبان ۾. تنهن ڪري اهو بار بار لکڻ ۽ چوڻ
ته سچل هفت زبان شاعر آهي، اهو سراسر غلط ۽ بي
بنياد آهي.
سچل سائين جو پنهنجي دور جي عالمن سان اختلاف:
هن قسم جون ڳالهيون به لکت ۾ ملن ٿيون، ڇاڪاڻ ته
جڏهن به پنهنجي دور کان وڏو شخص پيدا ٿيندو آهي،
ته ان دور جا ماڻهو اُن کي سڃاڻي نه سگهندا آهن ۽
پوءِ مختلف قسمن جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون جوڙي عام
ڪيون وينديون آهن. جنهن جو مقصد اهو هوندو آهي ته
ان عظيم شخصيت جي اهميت کي گهٽائجي. اهڙي صورتحال
سچل سائين سان به لاڳو رهي آهي، جنهن ۾ هڪ نُڪتو
اهو به عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته سچل سائين
پنهنجي شاعري ۾ ڪفر ٿو چئي، يقيناً اهڙيون ڳالهيون
عام ڪرڻ سان محدود سوچ وارن مذهبي ٺيڪيدارن سچل
سائين جي مخالفت ڪئي هوندي، اهڙو هڪ واقعو ”تذڪره
مخاديم کهڙا“ ۾ پڻ آيل آهي، جنهن مان چٽو ٿئي ٿو
ته سچل سائين خلاف وقت جي مذهبي ٺيڪيدارن سازشون
ڪيون آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:
”سچل سائين بابت اهو به اختلافي مسئلو آهي ته
درازي شاهه، عالمن جي خلاف هو ۽ عالمن وري سچل
سائين کي مارائڻ ٿي گهريو پر ٽالپر حڪمرانن جيئن
جو سچل سائين جي طرفداري ٿي ڪئي، انهيءَ سبب سندس
حياتي بچي وئي(6).“
رياست خيرپور جا ٽالپر حڪمران سچل سائين جا عقيدت
مند هئا ۽ سندن گهڻو خيال رکندا هئا. سچل سائين جو
روضو پڻ ٽالپر ميرن جوڙايو. تاريخ جي صفحن ۾ سچل
سائين جو مير علي مراد ٽالپر کي ننڍي ڄمار ۾ دعا
ڏيڻ جو واقعو پڻ محفوظ آهي. سچل سائين پنهنجي ڪلام
۾ مذهبن جي نام نهاد ٺيڪيدارن جي منافقتن کي ننديو
آهي. تاريخ جي صفحن ۾ اهڙا کوڙ سارا واقعا آيل آهن
ته ڪهڙي ريت مذهب کي سياست لاءِ استعمال ڪيو ويندو
رهيو آهي. جنهنڪري عام ماڻهو کي سخت تڪليف جو منهن
ڏسڻو پيو. سرمست سائين عقل سان نه، دل سان مذهب جي
روح کي هنڊائڻ جو قائل هو. هو چوي ٿو:
مذهبـــــن مـــلــــــڪ ۾ مــــــاڻــــهــــــو
منجهايا،
ڪن نوڙي نمازون پڙهن، ڪي مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.
سچل سائين بنيادي طور سچ جو سرواڻ هو، جيڪو سچ
انسان کي سندس بنيادي سڃاڻپ سان شناس ڪرائي ٿو ۽
ان سچ جي طفيل انسان ڪائنات ۾ پنهنجو جائز مان
مرتبو حاصل ڪري هن دنيا ۾ اچڻ جي بنيادي مقصد کي
نه فقط سمجهي ٿو پر ان مقصد کي حاصل پڻ ڪري ٿو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو نُڪتو ته سچل جي وقت جا عالم
سچل سائين جي خلاف هئا. هڪ حقيقت آهي، ڇاڪاڻ جو
سچل ڪنهن به مذهب، فرقي، رنگ، نسل جي خلاف نه هو،
بلڪ سچل اهڙن ماڻهن جي خلاف ضرور نظر اچي ٿو، جيڪي
مذهبن کي پنهنجي سطحي سوچ، گروهي مفاد ۽ ڪوڙي
دٻدٻي قائم رکڻ لاءِ استعمال ڪندا رهيا آهن.
حافظان ورد خوان جي عمل اند،
بيخبر قافيان را ديدم(7).
(مون قرآن جي حافظن کي بي عمل ڏٺو آهي ۽ وقت جو
قاضي حالتن کان بي خبر آهي.)
سچل جي انقلابي شاعري: سچل سرمست سنڌي توڙي
سرائڪيءَ ۾ جيڪا شاعري ڪئي آهي. انهيءَ جو انداز
نهايت بيباڪ ۽ کلم کلا وارو آهي، جنهن سبب مٿس ڪفر
جون فتوائون ڪن خاص طبقي طرفان زباني طور جاري
ڪيون وينديون رهيون آهن، پر حقيقت ۾ سچل سائين جي
ڪلام کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته سرمست
سائين جيڪو انداز اختيار ڪيو آهي، ان جو به هڪ خاص
پس منظر آهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو:
”هڪ اختلافي راءِ اها به آهي ته سچل سائين وڏو
انقلابي هو. هو انقلاب ۾ اڀريو، هن ڪنهن جي خلاف
انقلاب برپا ڪيو؟ سچل هڪ باغي شاعر هو، وري به اهو
لکت ۾ ٿو ملي ته هن اسلام جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ اهو
حوالو به ڏنو ويندو آهي ته بقول سندس: مان حضرت ﷴ
ﷺ جن جي سٿ ۾ ڏسجڻ نٿو چاهيان(8).“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب خود ئي ان اختلافي مسئلي جو جواب
ڏنو آهي:
”هاڻي هي به ساڳي نوعيت جو هڪ اختلافي افسانو آهي،
حقيقت ۾ سچل سائين دين يا اسلام جي روح جي خلاف
ڪڏهن به بغاوت نه ڪئي هئي، هن ته جيڪو به احتجاج
ڪيو آهي، سو ظاهر واري جي خلاف آهي. هن ته رواج ۽
رسمن جي خلاف نعرو هنيو آهي(9).“
سچل سائين بابت جن به اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن،
اُهي پنهنجي سطحي سوچ جي سبب درازي شاهه جي اعليٰ
فڪر کي سمجهي نه سگهيا. سچل، فرد جي بنيادي سڃاڻپ،
حيثيت ۽ انفراديت کي پيش ڪيو آهي، هن جي نظر ۾ هڪ
فرد خود وڏي اهميت رکي ٿو، ان ڪري فردِ واحد کي
پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن جي ڄاڻ هجڻ گهرجي، هو چوي
ٿو:
جي تو ڄاتو پاڻ، آءٌ ٻيو ڪي آهيان،
ڪندءِ غرق گمان، ڳهلا انهي ڳالهه ۾.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي اها ڳالهه به اهميت رکندڙ آهي
ته سچل سائين رسمن رواجن جي خلاف ڳالهايو آهي،
ڇاڪاڻ ته رسم ۽ رواج جڏهن پنهنجي معروضي حالتن سان
موافقت نه رکندا آهن، ته پوءِ انسان لاءِ هاڃيڪار
ٿي پوندا آهن، اهڙي حالت ۾ انهن رسمن، رواجن کي
ڇڏي ڏيڻ گهرجي ۽ سچل سرمست چوي ٿو:
”ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو.“
هيءَ بغاوت مدي خارج رسمن خلاف آهي، نه ڪي مذهب
جي، ڇاڪاڻ ته سچل جو مذهب انسانيت آهي، جيڪو دنيا
جي هر مذهب جو بنياد آهي. انهي ڪري ڊاڪٽر بلوچ
صاحب ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته سچل جي اهڙي مثبت
انقلابي نظريي کي عام ڪرڻ گهرجي(10).
سچل سائين جي فڪري واٽ: سچل سائين جي فڪر جي
افاديت کي سمجهڻ لاءِ هيءُ هڪ اهم نُڪتو آهي ته
آخر سچل سائين وٽ جيڪو فڪر آهي، اهو ڪٿان آيو آهي.
ان جي فڪري واٽ ڪٿان ۽ ڪهڙي ريت سرمست سائين تائين
پهتي آهي. جنهن تي وري سچل سرمست هليو آهي، ان واٽ
جي نشاندهي ۾ اسان جا ڪي عالم پنهنجي عقيدت جي ور
چڙهي ويا آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان ڏس ۾ اهم ۽
ڪارائتيون ڳالهيون ڪندي چوي ٿو:
”جڏهن آغا عبدالنبي صوفي، سچل سرمست جو رسالو مرتب
ڪيو ته هن هڪ اختلافي مسئلو هِن طرح اُٿاريو ته:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سائين جي نظرين ۾ واضح
فرق آهي. سچل، عطار جي پيروي ڪئي آهي ۽ شاهه صاحب،
مولانا رومي جي ڏسيل راهه تي هليو آهي.
هاڻ اُهي ماڻهو جيڪي اها ڳالهه ڪن ٿا،
تن کي شايد اهو پتو ئي نه آهي ته عطار ۽رومي يا
سنائي جي خيالن ۾ ڪوبه اختلاف آهي ئي نه! مولانا
رومي خود فرمايو آهي ته:
’ما از پئه سنائي و عطار آمديدم‘ (اسان پڻ سنائي ۽
عطار واري پيچري تي هلندڙ آهيون) (11).“
سچل سائين کي فقط خواجه فريدالدين عطار جو پوئلڳ
سمجهڻ دراصل ان ساري پس منظر کان اڻ واقفي آهي،
جنهن ۾ تصوف جا سمورا سرچشما گڏ ٿين ٿا. عطار هجي
يا رومي يا جامي يا احمد جام. هي سڀ هڪٻئي جا فڪري
تسلسل آهن. سچل سرمست جي ڪلام جي باريڪ بيني
مطالعي سان اها ڳالهه چٽي طرح نظر اچي ٿي ته سرمست
سائين تصوف جي فڪر جي وڏن شارح شاعرن کي پنهنجي
روحاني اڳواڻ جي حيثيت ڏني آهي. حسين بن منصور
حلاج، خواجه فريدالدين عطار، مولانا جلال الدين
رومي، مولانا عبدالرحمان جامي، احمد جام زنده پيل،
ڪبير، سلطان باهو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل جي
اهڙن روحاني اڳواڻن ۾ شامل آهن، ديوان آشڪار ۾
درازي بادشاهه چيو آهي:
اي دلا خوشبوز شہ عطاردر جانم رسيد،
آن زبان يکبارگي از کفر و ديوان مارا کشيد.
چه جلال الدين چہ جامي غاشيه بردار او،
اين چنين تعريف ما از پير عبدالحق شنيد(12)
(اي دل! منهنجي روح تائين حضرت عطار جي خوشبو پهچي
وئي ۽ ان وقت هڪدم مون کي ڪفر ۽ دين کان آزاد ۽ بي
نياز ڪري ڇڏيو. مولانا جلال الدين رومي هجي يا
مولانا عبدالرحمان جامي هجي، اهي سندس چاهيندڙ ۽
پيروي ڪندڙ آهن. اها تعريف اسان پنهنجي پير طريقت
حضرت عبدالحق کان ٻڌي آهي.
جتي مولانا رومي اهو فرمايو ته اسان پڻ سنائي ۽
عطار واري پيچري تي هلندڙ آهيون. اتي وري هنن ٻنهي
روحاني رهبرن جي تعريف ۾ فرمائن ٿا:
’عطار روح بود و سنائي دو چشم‘ (عطار روح هو ۽
سنائي هن جون ٻه اکيون)(13).
سچل سائين جي ڪلام جي اهڙي مطالعي بعد ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جي اها راءِ اهم آهي ته عطار، رومي
يا سنائي، جي خيالن ۾ ڪوبه اختلاف آهي ئي ڪونه، ۽
سچل سائين پاڻ کان اڳ جي اهم صوفي اڳواڻن جي فڪر ۽
فلسفي مان بنا ڪنهن مذهبي مت ڀيد جي انسان شناسي،
انسان دوستي، ايڪي، اتحاد، رواداري، خلوص ۽ سچائي
وارن بنيادي نُڪتن کي ملائي خود لاءِ واٽ جوڙي.
چوي ٿو:
وقت اها ٿئي ويل ڏئي دور ڪرڻ جي،
ڪڍ مذاهب من مان ساجهر ساڻ سويل،
هندو مؤمن سان ملي محبت جا ڪر ميل،
مٿان ٿيئي اويل، اولهه سج نه الهي.
پڄاڻي: اسان هت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سچل
سائين بابت اٿاريل ڪن نُڪتن بابت گفتگو ڪئي آهي،
جنهن مان اسان کي هيٺيون ڳالهيون چِٽيون نظر اچن
ٿيون:
• سچل سائين هفت زبان نه بلڪ چئن زبانن جو شاعر
هو.
• سچل جي ولادت جي تاريخ بابت شجره فاروقيان جو
مطالعي دوران سائين جي فارسي شعر کي اڳيان رکيو
وڃي.
• سچل جا پنهنجي دور جي عالمن سان ڪي به اختلاف نه
هئا، البت مذهب کي گروهي مفادن لاءِ استعمال ڪندڙ
استحصالي طبقي سچل جي اعليٰ فڪر جي مخالفت ضرور
ڪئي.
• سچل رڳو خواجه فريدالدين عطار جو پوئلڳ نه هو
بلڪ هن حسين بن منصور حلاج، حڪيم سنائي، مولانا
رومي، مولانا جامي، احمد جام زنده پيل، ڪبير،
سلطان باهو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي پڻ پنهنجي
مرشد خواجه عبدالحق جيان فڪري اڳواڻ سمجهيو آهي،
تنهنڪري پنهنجي ڪلام ۾ مختلف جاين تي انهن جو ذڪر
احترام سان ڪيو اٿس.
حوالا
(1)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، توسيعي ليڪچر، سرمست
12/1992ع سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور
(2)
مرزا علي قلي بيگ، رسالو ميان سچل فقير جو، مقدمو
ميشرس هرسنگهه ڪتبخانه سکر، 1902ع
(3)
سچل سرمست، ديوان آشڪار، ترجمو ۽ ترتيب: قاضي علي
اڪبر درازي، (جلد اول)، ص 180، محڪمه اوقاف سنڌ
1981ع
(4)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حافظ عبدالوهاب فاروقي،
(مقالو) ص 22، ڪاروائي سچل نيشنل سيمينار، ترتيب
حميد آخوند، سچل اڪيڊمي خيرپور 1983ع
(5)
ساڳيو، ص 30-229
(6)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سچل بابت ڪي ڳالهيون،
(خطبو) ص 10، آشڪار 4، مرتب: اياز گل، سچل چيئر
خيرپور 1994ع
(7)
ديوان آشڪار، ص 181، (جلد اول)، 1981ع
(8)
سچل بابت ڪي ڳالهيون، ص 11
(9)
ساڳيو، ص 11
(10)
ساڳيو، ص 11
(11)
ساڳيو، ص 11-12
(12)
ديوان آشڪار، ص 90، (جلد اول) 1981ع
هن سلسلي ۾ تفصيل لاءِ ڏسو راقم جو
ڪتاب ”سچل سرمست ۽ ان جا هم عصر
شاعر“ (2011ع)
(13)
ڊاڪٽر مخمور بخاري، سچل سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر،
ص 174، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2011ع |