محمد قاسم
سومرو ڪنڊياروي
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن
جون مون تي مهربانيون
شيخ سعدي رحمة الله عليہ لکيو آهي ته : نِعمَ
الاَمِيرُ عَليٰ بَابِ الفَقِيرِ وَبِئسَ الفَقِير
عَليٰ باب الاميرِ. يعني اهو امير بهتر ۽ ڀلو جيڪو
فقير جي دروازي تي پاڻ وڃي پهچي ۽ اهو فقير ڪَسو
آهي جيڪو ڪنهن امير جي در تي وڃي پهچي، ۽ جناب
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن بزرگن جي مٿئين قول تي
عمل ڪندي ڪيترا دفعا ڪنڊياري منهنجي غريب خانه تي
تشريف فرما ٿيا.
هڪ ڏينهن پنهنجي پاڙي واري مسجد ۾ ٽپهريءَ جي اذان
ٿي ڏنم ته مسجد جي ٻاهران ڪا گاڏي اچي بيٺي. اذان
پوري ڪري ٻاهر ڏٺم ته گاڏيءَ مان ڊاڪٽر بلوچ صاحب
۽ ٻيو به ڪو صاحب لهي رهيا آهن. آءٌ ٻاهر نڪري
ساڻن مليس. عرض ڪيم ته: سائين! لائبريريءَ جو
دروازو کولرايان، توهان ويهندا؟
مون کي چيائون ته، ويهنداسون ڪونه. آءٌ خيرپور
ڪنهن ڪم سانگي ويو هوس اتان موٽي حيدرآباد وڃان
پيو پر دل ۾ چيم ته، ڪنڊياري مان لنگهي وڃان ۽ هنن
دوستن سان نه ملان، اهو مناسب نه آهي. تڏهن لڙي هت
هليو آيس. توهان جي ملاقات ۽ زيارت ٿي. هاڻي اسان
کي اجازت ملي. مون چيو ته، سائين ائين ٺهي ته نٿو،
پر جيئن توهان کي مناسب نظر اچي. پوءِ ته ڊاڪٽر
صاحب جن موڪلائي حيدرآباد روانا ٿي ويا. ان ڏينهن
گهڻو ڪري سيد ضياء الدين شاهه صاحب اڳڙن وارو ساڻن
گڏ هو، والله اعلم.
ان کان اڳ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سهي سنبري اسان جي
لائبريري ڏسڻ لاءِ نڪتو هو، ڪنڊياري پهچي منهنجي
پڇا ڪرائي اچي پهتا. ان ڏينهن نورچشم مولوي محمد
ادريس پڻ اتي هو. پوءِ ته ڪافي وقت پئي ڪتاب
ڏٺائون ۽ ڪتابن متعلق پئي ڪچهري ڪيائون. مون جنهن
به مشهور عربي ڪتاب جو نالو کنيو پئي ته ڊاڪٽر
صاحب جن کي ان ڪتاب کان اڳ۾ ئي واقف ڏٺم. مون
علامه ازرقيءَ جي ڪتاب اخبار مڪہ جو نالو کنيو ته
ان مان ڪجهه حوالا ٻڌائي ويا.
اسان جي لائبريريءَ لاءِ هڪ وڏو قلمي سنڌي ڪتاب
تحفي طور ڏيڻ لاءِ کنيو آيا هئا. اهو اسان کي
ڏنائون، قلمي ڪتاب جا منڍ وارا ۽ آخر وارا پنا
ڪونه آهن. گهڻو ڪري مولانا عبدالله نرئي وارن جو
لکيل سيرت النبي ﷺ جي موضوع تي آهي.
مون کي فرمايائون ته، حيدرآباد اچڻ ٿئي ته مون سان
ملجو، توهان کي ڪجهه ڪتاب هن قاسميہ لائبريري لاءِ
ڏيندس ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن حيدرآباد ويس،
تڏهن ساڻن مليس. پوءِ ته پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتابن
مان کوڙ ڪتاب مون کي ڏنائون.
ان کان پوءِ ٻيو دفعو به منهنجي مڪتب ۾ آيا. ان
ڏينهن مولوي محمد ادريس صاحب لائبريريءَ ۾ ڪونه
هو. ڪتابن کي ڏسندي هڪ قلمي ڪتاب جو فوٽو ڪاپي کين
پسند آيو ۽ اهو فوٽو ڪاپي ڪرائڻ لاءِ مون وٽان کڻي
ويا ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ ڪتاب واپس موڪليائون.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن وفات کان ڪجهه مهينا، يا سال
ٻه اڳ۾ به مون وٽ آيا، سندن نياڻو ميان عرض محمد ۽
هڪ پوٽو ساڻن گڏ هو. اچڻ سان فرمايائون ته اندر
لائبريريءَ ۾ ڪونه ٿو هلان. جو گوڏن ۾ سور اٿم.
ڪرسيون ٻاهر ڪڍرايو، ته هت ٻاهر ٿا ويهون. مون
ڪرسيون ڪڍرايون، پاڻ ويٺا خوش و خير عافيت کان
پوءِ چيائون ته آءٌ ٽن ڪمن سان آيو آهيان:
(1) سنڌي عالم فارسي ۾ شاعري ڪئي هجي، ته ان عالم
جو تعارف ۽ سندس فارسي شاعري گڏ ڪري لکي ڏيو. جيئن
ڪتاب تذڪرة الشعراء جي ڪنهن جلد ۾ آڻجي.
(2) توهان وٽ سنڌيءَ ۾ لکيل سڀ کان قديم قلمي ڪتاب
ڪهڙو آهي؟
(3) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي صاحب جا هٿ اکر توهان وٽ
آهن؟
مون نورچشم مولوي محمد ادريس کان موبائيل تي اهي
سوال پڇي ڊاڪٽر صاحب کي مثبت جواب ڏنا ته:
درٻيلي جي مخدوم محمد دائود صاحب فارسي شاعري ڪئي
آهي، اها شاعري اسان جي سڳي ڏاڏي مولوي محمد عالم
سومري جي بياضن ۾ لکيل آهي. انشاءالله اها لکي
توهان ڏي موڪلينداسين.
اسان جي لائبريريءَ ۾ سڀ کان قديم سنڌي ڪتاب مقدمة
الصلواة (جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي چوندا آهن) جو
قلمي نسخو آهي جيڪو يارنهن سؤ هجريءَ ۾ لکيو ويو
آهي. جڏهن ته ان ئي ڪتاب جو قلمي نسخو ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جن وٽ پڻ آهي، پر اهو يارنهن سؤ پندرنهن
هجريءَ جو لکيل آهي سوبه ڪنڊياري جي هڪ ڪاتب
قريشيءَ جي هٿ اکرن ۾ آهي ۽ اهو ڪتاب ڊاڪٽر صاحب
وارن شايع پڻ ڪرايو هو ۽ اسان وارو قلمي نسخو
ڊاڪٽر صاحب جن وٽ محفوظ قلمي نسخي کان پندرنهن سال
اڳ۾ لکيو ويو.
مخدوم جي هٿن سان لکيل صرف هڪ ورق قلمي، اسان وٽ
موجود آهي. مطلب ته ان ڏينهن ان قسم جي ڪچهري ڪري
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن واپس وريا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد جي پروگرام ’ساڻيهه جا سينگار‘ ۾
(1972ع) |
مون کي 5 جنوري 1965ع ۾ ماستريءَ جو آرڊر ضلع
سانگهڙ ۾ مليو ۽ پهريون اسڪول الهداد لغاري مليو.
جيڪو پرائمري اسڪول جعفر خان لغاريءَ جي برانچ هو،
اتي رهندي ڊاڪٽر صاحب جن بابت ڄاڻ حاصل ٿي پر آءٌ
ساڻن ملڻ لاءِ نه ويندو هوس. دل ۾ چوندو هوس ته
آءٌ مسڪين ماستر ۽ هو وڏا ماڻهو. انهن وٽ منهن جو
وڃڻ ٺهي ئي نٿو، پر جڏهن 1986ع ۾ منهنجو لکيل ڪتاب
”قبا ۽ قبر پرستي“ ڇپيو، تڏهن ڪتاب جي ڪاپي کڻي
حيدرآباد يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ بلوچ صاحب جن کي
هديتاً ڏيڻ لاءِ پهتس. ڊاڪٽر صاحب جن ڪتاب ڏسي چيو
ته: ابا! بزرگن تي قبا ته ڀلي هجن. مون چيو ته،
سائين! مون وري دليل لکيا آهن ته قبا نه هجن.
ڊاڪٽر صاحب جن وڌيڪ ڪونه ڪُڇيا.
۽ جڏهن 2004ع ۾ منهنجو لکيل ڪتاب ”سوانح حيات حضرت
سائين ٻير وارا“ ڇپيو. تڏهن ڪتاب جي ڪاپي کين ڏيڻ
لاءِ اولڊ ڪئمپس ويس. بلوچ صاحب جن ڪتاب ڏسي
فرمايو ته ننڍن تي وڏن جو اهو قرض آهي ۽ تو اهو
قرض ادا ڪيو آهي.
بلوچ صاحب جن جي وفات جو ٻڌي نورچشم مولوي محمد
ادريس کي فون ڪيم ته بلوچ صاحب جي جنازي ۾ شرڪت
ڪري ۽ ٻئي ڏينهن آءٌ به مسلم سوسائٽيءَ ۾ تعزيت
لاءِ حاضر ٿيس پر اُتي شاميانن ۾ پٽن پوٽن مان
ڪوبه نه هو جو صبح جو ٽائيم هو. پوءِ ميان عرض
محمد جو پڇائي، اُن سان ملي تعزيت ڪيم.
فجزاہ الله عَنَّا جَزاءً حَسَنا
محمد هاشم لغاري
ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ- همٿ وارو انسان
سنڌ ڌرتي ڪيئي ماڻڪ موتي ۽ لعل پيدا ڪيا، ڊاڪٽر
بلوچ صاحب به انهن مان هڪ هو. سائين سان واقفيت
تڏهن ٿي جڏهن اسان ٽنڊي ڄام جي زرعي ڪاليج ۾
پڙهندا هئاسين. اسان جي داخلا کان ٻه سال پوءِ
سندس فرزند رفيق لغاري به اچي ٽنڊي ڄام ۾ داخلا
ورتي ۽ هو اسان جي دوستيءَ جي حلقي ۾ شامل ٿي ويو.
ان جي واسطي سان سندس اولڊ ڪيمپس واري گهر
حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان ملاقات ٿي. اهو
ڀانيان ٿو ته 1966ع يا 1967ع جو سال هو. ان وقت
اسان شاگرد هئاسين. ان ڪري سائينءَ سان ڪو بحث نه
ٿي سگهيو. ان وقت ڊاڪٽر نظر حسين لغاري ۽ هڪ ٻه
ٻيا به دوست گڏ هئا.
ان کان پوءِ وري سال 1973ع ۾ منهنجي
NDVP
۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آفيس
کولڻ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان ملاقات جو موقعو
مليو. تڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب اتي وائيس چانسيلر هو.
ان وقت اسان جو آفيسر هو- محمد رمضان شيخ، سو اسان
ان ڪم ۾ جُنبي وياسين. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اسان جي
ڏاڍي مدد ڪئي. اسان کي
NDVP
جي آفيس لاءِ
Administration Block
۾ هڪ مناسب ڪمرو ڏنو. باقي فرنيچر وغيره پنهنجو
ورتوسين. آفيس جو افتتاح پيار علي الانا ان وقت جي
وزير تعليم ڪيو. مون سان اهو زباني واعدو ڪيو ويو
ته توهان هتي
Staff Officer
طور ڪم ڪندؤ. پر، عين ان وقت خبر پئي ته اتي مير
لطف علي ٽالپر صاحب کي
Staff Officer
مقرر ڪيو ويو آهي. حالانڪ مون ڏاڍي محنت ڪئي هئي.
ايتري قدر جو بورڊ هڻڻ لاءِ مون خود هنن سان گڏ
کڏا کوٽي بورڊ لڳايو هو. پوءِ مون کي ٽنڊوڄام ۾
Staff Officer
ڪري رکيو ويو. ان ڪري ڊاڪٽر صاحب سان گهٽ رابطو
رهيو.
وري جڏهن سال 1979ع ۾ اسلام آباد نوڪري ڪرڻ جو
موقعو مليو. ان کان پوءِ وقت به وقت ڊاڪٽر صاحب
سان رابطو رهيو. ان وقت ڳوٺ جعفر خان لغاري جا ٻيا
به ساٿي جهڙوڪ: محمد خان لغاري، عبدالرحمٰن لغاري،
محمد بخش لغاري، يوسف لغاري ۽ ٻيا ڪيئي نوجوان
آهستي آهستي اچي اسلام آباد ڀيڙا ٿيا. اُتي سنڌ
گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تي ڪم ڪندا
هئاسين. ان وقت اسلام آباد ۾ سنڌي نوجوانن کي
نوڪريون جام مليون. ان ۾ خاص طرح سان لغاري ۽ چنڙ
گهڻي تعداد ۾ هئا. اهو ضروري نه هوته هڪ طبقي جي
مدد ٿي ۽ ٻي جي نه، پر هتي ٻيو حساب هو جيڪي ماڻهو
همت ڪري پهتا انهن کي روزگار ملي ويو.
جڏهن سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي ميمبرن تي ضياء
سرڪار جي ڪاوڙ ٿي، ته اسان سنڌي ادبي سنگت کي اڳتي
آندو ۽ اُن جون گڏجاڻيون شروع ٿيون. سنڌي ادبي
سنگت قائم ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريي جو وڏو هٿ
هو. هن ڪوشش ڪري هڪ لائبريري به قائم ڪئي جنهن ۾
اسان سڀ شامل هئاسين. مون کي ياد آهي ته ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ به ان ۾ شرڪت ڪئي هئي. هو اسان جي
دوستن جي لکڻين تي شاباس ڏيندو هو ۽ چوندو هو-
”واهه سائين واهه!“ ان کان علاوه سدائين هدايت
ڪندو هوته محنت سان ڪم ڪريو ته ڪاميابي اوهان جا
قدم چمندي. ان دوران هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ
سفارشي چٺيون سرائيڪي ۾ لکي موڪليندو هو. اسان به
وس آهر ڪوشش ڪنداهئاسين. پوءِ ڪم ٿي ويندا هئا،
پوءِ ائين اسلام آباد ۾ اسان جي سنڌين جو تعداد
وڌندو رهيو. اڳ ۾ تمام ٿوري تعداد ۾ هوندا هئا.
ان سلسلي ۾ جن ماڻهن ڪوشش ڪئي، انهن ۾ نجم الدين
مڱريو، محمد يوسف ميمڻ، قربان بلوچ، محمد صديق
مشوري، غلام علي شيخ، ابراهيم نظاماڻي، ڊاڪٽر حيدر
سنڌي ۽ ٻيا شامل هئا. ڊاڪٽر صاحب جي ڳوٺ جو هڪ
ماڻهو عمر خان لغاري به اسلام آباد ۾ آيو. ان کي
علامه اقبال يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ملي. ان جو قصو
ٻڌائڻو ضروري آهي. هيءُ جڏهن ڳوٺان نڪتو ته اسلام
آباد پهچڻ لاءِ هن وٽ ڀاڙو نه هو. ڏس پتا پڇي
روزانه مزدوري ڪندو اچي اٽڪل 20 ڏينهن ۾ اسلام
آباد پهتو. مون کي پاڻ ٻڌايائين ته هڪ شهر ۾ هڪ
مٽيءَ جو دڙو ڪڍڻو هو. اندازو ڪيو ويو ته هي پنج
ڏينهن وٺندو، ان ڪري سؤ رپيا تاريخ مزدوري طئي ٿي.
عمر خان 6 فوٽ قد وارو، وڏين مڇن سان همت وارو
انسان هو، هن اهو دڙو هڪڙي ڏينهن ۾ پٽي ڪم پورو
ڪيو. وري جو هيءُ اسلام آباد جي گهٽين ۾ وڏي ورن
واري شلوار پائي مڇون وٽيندو هلندو هو ته هڪ ڏينهن
پوليس هن کي ڌاڙيل سمجهي وٺي ويئي. ڊاڪٽر صاحب
چيو: بابا هن جي پوئواري ڪريو. ڊوڙي ڊُڪي همراهه
کي ڇڏايوسين.
ڳوٺ عيد وغيره تي اچبو هوته ڪو نڪو ماڻهو گهر جي
سنڀال لاءِ ويهاربو هو. هڪ هفتي عمر خان اتي
ويهاري آياسين. واپسي تي ڀر واري گهر نذير صاحب جي
گهر واري ٻڌايو ته: ”اتني بڙي مونچهين اور شلوار
مين ني کبهي نهين ديکهي.“
انهيءَ وقت دوران سائين مولوي عبدالڪريم لغاري
(منهنجو استاد) ڪتاب- ”ٿڌا وڻ ولهار جا“ لکيو ته
مون کي چيائون ته بابا اوهان اسلام آباد ۾ رهندا
آهيو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان هن ڪتاب جو مهاڳ
لکائي وٺو. آءٌ سائين بلوچ صاحب وٽ حاضر ٿيس ۽
هِنن مهاڳ لکي ڏنو. بعد ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٻڌايو
ته انهيءَ ڪتاب کان متاثر ٿي مون پنهنجي ڳوٺ جعفر
خان لغاري تي ڪتاب لکيو. پاڻ چوندا هئا ته جيڪڏهن
هر ڳوٺ جو پڙهيل ماڻهو پنهنجي ڳوٺ جو احوال لکي ته
سنڌ جي ڳوٺن جي هڪ وڏي تاريخ تيار ٿي پوي. بعد ۾
مون اها ڳالهه مختلف اٿارٽيز تائين پهچائي ته
جيڪڏهن تعلقي جي سطح تي اها اسڪيم ٺاهجي ته واقعي
هڪ بهترين تاريخ تيار ٿي پوي.
سنڌ ۾ آءٌ مختلف عهدن تي رهيس. ان دوران به ڊاڪٽر
صاحب سان رابطو رهيو. پاڻ هميشه لکڻ، پڙهڻ ۽ محنت
ڪرڻ جي تلقين ڪندا هئا. ان دوران مون غلام خان
ڀرڳڙي تي ڪتاب لکڻ وارو ڪم هٿ ۾ کنيو. اصل ۾ اهو
ڪم مون پهرين اسلام آباد کان شروع ڪيو ۽ بعد ۾ جتي
به موقعو مليو، لکندو رهيس. ان زماني ۾ پاڻ
لاڙڪاڻي ۾ آيا، جتي آءٌ
DCO
هيس. پهرين دفعي ڊاڪٽر صاحب کي اهو ڪم ڏيکاريم.
سائين ڏاڍو خوش ٿيو ۽ همت افزائي ڪيائون. منهنجي
دل خوش ٿي ويئي ۽ اڃان به جذبا جوان ٿيا. ان کان
اڳ ۾ هڪ دفعي خواهش جو اظهار ڪيائون ته اوهان جي
ڳوٺ مسڻ وڏي ۾ مولوي عبدالڪريم سان ملجي. خير ان
جو بندوبست ڪيوسين ۽ ڊاڪٽر صاحب کي پهرين مسڻ وڏي
۽ بعد ۾ پنهنجي ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري وٺي وڃڻ
جو موقعو مليو ۽ اُتي سٺي ڪچهري به ٿي.
ٻي دفعي وري هڪ پروگرام ٺاهيو- ماڳ ڏسڻ ۽ ادبي
ڪچهريءَ جو، جنهن ۾ نيلوفريءَ جا ماڳ ڏٺاسين. پير
ڪڪي ۾ سائين محمد هاشم جي چانهه پيتي سين. اتي به
حال احوال ٿيندا رهيا. ان کان بعد اسان جي ڳوٺ ۾
ادبي گڏجاڻي ۽ محفل موسيقي ٿي، جنهن ۾ چاهت سان
شرڪت ڪيائون. انهيءَ ادبي گڏجاڻيءَ ۾ رئيس
عبدالرحمٰن لغاري، سائين فتح محمد ٿيٻو، عبدالواحد
عاصي هَڪڙو، مولوي خليل کوسو، ڊاڪٽر عبدالعزيز
لغاري، ڊاڪٽر محمد ايوب، علي محمد ولهاري، استاد
غلام قادر، جان محمد جهانگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان ۾
ٻين ڳالهين کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جان محمد جهانگي
کان ”ناسڪي“ جي باري ۾ تفصيل سان پڇيو. جان محمد
جهانگي کيس سموري تفيصل کان آگاهه ڪيو. آخر ۾
ڊاڪٽر صاحب حڪم ڪيو ته ڳاڙهي صدر جي زيارت ڪجي
جيڪو اصل پروگرام ۾شامل نه هو پر پوءِ اُتي وياسين
۽ دعائون گهري واپس حيدرآباد پهتاسين.
مون جڏهن ڪتاب ڀرڳڙي صاحب تي پئي لکيو ته پاڻ هفتي
۾ هڪ ٻه دفعا يادگيري ڏياريندا هئا ته ڪڏهن ڪتاب
مڪمل ٿيندو ۽ ان لاءِ هميشه همٿائيندا رهندا هئا.
هِن ڪتاب جو مهاڳ به ڊاڪٽر صاحب لکيو. پاڻ ڪڏهن
ڪڏهن گهر هليا ايندا هئا ۽ ڪمپيوٽر تي ڪتاب جو
معائنو ڪندا هئا ۽ صلاحون پڻ ڏيندا رهندا هئا.
جڏهن ڪتاب ڇپجي تيار ٿيو ته ڏاڍو خوش ٿيا ۽ مون کي
شاباس ڏنائون، ۽ ڪتاب جي
Launching
۾ اِهو چيائون ته هيءُ هن صديءَ جو وڏو ڪتاب آهي.
آءٌ جڏهن سيڪريٽري تعليم ٿيس ته مون کي خط لکيائون
ته تعليم کي سڌارڻ جي ضرورت آهي ۽ اوهان ئي ان ۾
ڪجهه ڪري سگهو ٿا. اهڙو خط ان وقت جي وزير ڊاڪٽر
حميده کهڙو صاحبه کي به لکيائون. اسان پنهنجي ڪوشش
ڪئي پر پوءِ حسبِ معمول منهنجي بدلي ٿي ويئي ۽
اسان جا خواب اڌورا رهجي ويا.
هو سدائين تلقين ڪندا رهندا هئا ته لکڻ جو ڪم نه
ڇڏيو ۽ اِها خدمت سدائين ڪندا رهو. مون کي ڪافي
دفعا اِهو چيائون ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي زماني ۾
جيڪو آبپاشيءَ تي ڪم ٿيو هو، ان تي هڪ سٺي تاريخ
لکي سگهجي ٿي. حيدرآباد ۾ سائين هر محفل جا مور
هوندا هئا. پوءِ اُها ادبي يا تاريخي هجي يا سنڌي
نوجوانن کي
C.S.S
۾ اول اچڻ جي تقريب يا سندن سالگره، هو سدائين
نوجوانن کان به اڳرا نڪرندا هئا. سائين آفتاب شاهه
ڄاموٽ جي دعوت هجي يا دُر محمد ڀٽي وٽ ٽنڊي محمد
خان ۾ گڏجاڻي، هو سدائين وقت تي ايندا هئا ۽ ڪلاڪن
جا ڪلاڪ ويهي توجه سان هر ڳالهه ٻڌندا هئا. هو
ڪڏهن به ڪنهن جي باري ۾ گلا نه ڪندا هئا. آخري وقت
۾ به مون کي ياد ڪيائون.
سندن رحلت کان ڏهاڪو ڏينهن اڳ سندن ڏهٽي عارف
لغاري فون ڪئي ته سائين اوهان کي ياد ٿو ڪري. مون
چيو جڏهن به سکر کان حيدرآباد اچبو ته سائين سان
ضرور ملبو پر پوءِ اهو موقعو نه ملي سگهيو ۽ پکي
پڃريءَ مان پرواز ٿي ويو. مون کي عارف لغاريءَ
اِهو به ٻڌايو ته آخري وقت کان ٿورو اڳي اِهو
چيائون ته محمد هاشم کي فون ڪريو پر فون به نه ملي
سگهيو ۽ اسان سائين سان نه ڳالهائي سگهياسين. پر
اِهو ضرور ڄاڻون ٿاته سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب اِهو
چوڻ ٿي چاهيو ته اُٿو قلم کڻو، لکو ۽ لکندا ئي
رهو.
عنايت بلوچ
آديسي آديس، هتان ڪري هليا...
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾)
اڄ ڪتابن جا ورق ويڳاڻا ٿا لڳن. سنڌي ثقافت، ٻولي،
سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي لوڪ ادب جو چهرو مايوس، ملول
۽ اُداس نظر اچي رهيو آهي. سياري جي سيءَ ۾ مچن تي
ڪچهرين مچائڻ جو مور اسان کان جدا ٿي ويو. لطيف جي
پيرن پٺيان پير کڻي هر ان ماڳ مڪان تي پهچڻ ۽ لطيف
تي مشاهداتي تحقيق ڪرڻ وارو اڪيلو ماڻڪ، لطيف جو
پارکو ۽ لطيف جو وڻجارو سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو.
هڪ بيمثال عالم ۽ لاجواب محقق ظاهري طرح بقا جي
اهڙي سفر تي راهي ٿي چڪو آهي جتان ڪوبه موٽي نه
ايندو آهي، پر جي اندر جي اکين سان ڏسون ٿا ته
ائين ٿو محسوس ٿئي ته نه هو اسان جي دلين کان ڌار
۽ نه وري اسان کان هڪ پل لاءِ به پري ٿيو آهي. سنڌ
جي شهرن، ڳوٺن، واهڻن، وسندين، ٿرن، برن ۽ ڀـِٽن
تي سندن
ئي قائم ڪيل ڪچهرين جي قولن، ٻولن ۽ گفتن جو
غوغاءُ هر سنڌيءَ جي ڪنن ۾
گونجي
رهيو آهي. مداحن، مناجاتن ۽ مولودن جون روح پرور
محفلون جڏهن به مچنديون ته سندن چاهيندڙن طرفان
پنهنجي محسن جو ذڪر پيار، پاٻوهه ۽ محبت ڀرين لفظن
۾ ڪيو ويندو. ڏور، ڏوهيڙن، ڳجهارتن، بيتن، مناظرن
۽ سينگار شاعري جي رهاڻ رچائڻ لاءِ جڏهن ۽ جتي به
سنڌ جا سگهڙ گڏ ٿيندا ته انهن محفلن جي صدارت هاڻي
به ڊاڪٽر بلوچ جي حوالي ڪئي ويندي ۽ سندن
روح تراوت وٺڻ لاءِ
اُتي
ضرور موجود هوندو. مٿاهين سطح تي سنڌي ٻولي هجي
توڙي ثقافت جا وسيع دائرا هجن، تهذيب، تمدن ۽
تاريخ تي تحقيق هجي يا لطيف شناسي جي جاکوڙ هجي،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ عالمن، اديبن، ليکڪن ۽
محققن جي سٿ ۾ تارن ۾ چنڊ جيان چمڪندو نظر ايندو.
اسان سنڌي پاڻ کي ڪيڏو نه خوش قسمت سمجهون ٿا جو
اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي وڏي فخر سان اهو ٻڌائي
سگهون ٿا ته اسان سنڌ جي
بيمثال
عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
جي دؤر ۾ رهندا هئاسين،
اسان ساڻن
مليا هئاسين
۽ ساڻن
ڪچهرين ڪرڻ جو شرف به اسان کي مليو هو. اڃا وڌيڪ
اوچو ڳاٽ ڪندي کين اهو به ٻڌائينداسين ته اسان
دنيا جي مڃيل مفڪر، ڏاهي ۽ شاهه جي پارکو علامه
آءِ.آءِ.قاضي
کي به ڏٺو هو جنهن ڊاڪٽر
برناڊ شا
(Dr.
Bernard Shaw)
جهڙي عالمي مفڪر سان علمي ۽ فڪري سطح تي ٽڪر کاڌو
هو. اسان پنهنجي نئين نسل کي اها ڄاڻ به ڏينداسين
ته اسان جي ئي دؤر ۾ شيخ اياز جهڙو عظيم شاعر پيدا
ٿيو هو جنهن لطيف کي پنهنجو رهبر بنائي ڪلاسيڪل
مان جديد سنڌي شاعريءَ جا نوان لاڙا ۽ حيران ڪندڙ
نت نوان رخ ڳولي لڌا هئا، اسان فخر مان سنڌي سپوتن
جي نئين ٽهيءَ کي اهو به ٻڌائينداسين ته هڪڙو عظيم
تاريخدان ۽ محقق سنڌ ۾ اهڙو به هو جيڪو نه اسڪولن
۽ ڪاليجن ۾ پڙهيو ۽ نه وري يونيورسٽين ۾ ويو پر
سندن
علم جي خداداد ڏات انهن بلندين کي ڇهي ورتو هو جو
يونيورسٽين جا پي ايڇ.ڊي
جا طالب علم ڊاڪٽريءَ
جو ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ سندن رهبري حاصل ڪرڻ جا
منتظر رهندا هئا ۽ اهڙو املهه ماڻڪ پير حسام الدين
راشدي هو، جنهن کي ڏسڻ ۽ جنهن سان ملاقات ڪرڻ جو
شرف پڻ اسان کي مليو هو.
سندن وڏو ڀاءُ پير علي محمد راشدي، جيڪو پڻ مدرسن
۾ پڙهيو ۽ فقط پرائمري تعليم جا چار- پنج درجا به
هِتان هُتان ڪري پاس ڪيائين. سو پڻ وڏو علم جو
اڪابر انسان هو جنهن سنڌ کي ”اُهي ڏينهن، اُهي
شينهن“ جهڙا تاريخي ڪتاب تحفي ۾ ڏنا، ته اسان ان
سان به روح رچنديون رهاڻيون ڪيون هيون
۽ ها وري جنهن شخصيت کي عرب ملڪن جا اسڪالر،
پنهنجن ئي ملڪن جي تاريخ يا علم
و
ادب تي عربي ۾، عربن کان به وڌيڪ فصاحت بلاغت سان،
تقرير ڪندي کين حيرت ۾ گهوريندا رهجي ويندا هئا،
اهو قرآن، حديث ۽ فقهه جو وڏو عالم علامه غلام
مصطفيٰ قاسمي هو، اسان کي ان جي زيارت جو شرف پڻ
مليو هو. پر ترسو.... ٻه ڪلجڳ جا ڪاپڙي سائين محمد
ابراهيم جويو (مفڪر ۽ عظيم تعليمي ماهر) ۽
ڪامريڊ
سوڀو گيانچنداڻي (سنڌ جي جيئري جاڳندي تاريخ) اسان
۾ اڃا به موجود آهن ۽ لطيف چواڻي ته: "پيئي کڻي
پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي" الله پاڪ کين وڏي ڄمار
ڏئي، سندن وجود سنڌ جي لاءِ وڏي غنيمت ۽ نعمت آهي.
هڪ ٻيو اڪابر انسان جيڪو سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ سنڌ
جي علمي ۽ ادبي تاريخ جو مُهندار ۽ مانجهي مڻيادار
آهي سو آهي ڊاڪٽر غلام علي الانا. جيڪو پڻ اسان ۾
موجود آهي ۽ آئنده لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي سندن ئي
رهبريءَ جي سخت ضرورت پوندي. (الله پاڪ کين سهڻي
صحت ۽ وڏي ڄمار عطا فرمائي. آمين)
بيان ڪيل اسان جا سڀيئي هيرا ۽ موتي بيمثال آهن پر
جيئن ڪوهه نور هيرو، جنهن کي مون پاڻ پنهنجي اکين
سان ڏٺو، ٻين سڀني هيرن کان وڌيڪ چمڪدار، سهڻو ۽
نرالو، تيئن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (علامه آءِ.آءِ.قاضي
جي حيثيت کي نج فلسفي جي خاني ۾ جدا رکندي) سنڌ جي
علم، ادب، تاريخ، تحقيق، لوڪ ادب ۽ لطيفيات ۾ سڀني
کان اڳرو، اڳڀرو ۽ اتاهون آهي. سندن
ڇپيل
بيشمار
ڪتابن کي پڙهڻ لاءِ سالن جا سال گهرجن تڏهن به
انهن کي پڙهي پورو ڪرڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي ته پوءِ
ٿورو تصور ڪجي ته ڊاڪٽر صاحب کي تحقيق ڪرڻ، هزارين
مسودن کي اٿلائڻ پٿلائڻ، ڪتابن لکڻ ۽ ڪيئي ڀيرا
انهن جا پروف ڏسڻ ۽ انهن کي ڀيٽڻ ۾ ڪيترا سال لڳا
هوندا ۽ ڪيتري محنت ۽ جاکوڙ ڪرڻي پئي هوندي، ان
حقيقت کي نه لفظن ۾ بيان ڪري ٿو سگهجي ۽ نه وري ان
جو صحيح اندازو لڳائي ٿو سگهجي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب مون تي ڏاڍو مهربان هوندو هو. مون
کي اهو فخر ۽ اعزاز حاصل آهي ته شاهه لطيف جي
رسالي تي سندن تحقيق جي نتيجي ۾ ڇپرايل ڏئي جلد
مون کي تحفي طور عنايت ڪيائون ۽ هر جلد تي سندن
پنهنجن هٿ اکرن سان لکيل آهي: "پيار مان پياري
عنايت جي مطالعي لاءِ."
جيئن ته مون تي گهڻي شفقت فرمائيندو هو ته مون کي
ذاتي طور تي خبر آهي ته ڊاڪٽر صاحب هڪ عشق جي ڦندي
۾ ڦاسي ويو هو ۽ ان عشق کي، پنهنجي زندگي جي تند
ٽٽڻ تائين توڙ نڀايائين. هتي اهو به ٻڌائڻ ضروري
آهي ته ڊاڪٽر صاحب هڪ سچو مسلمان ۽ پڪو پاڪستاني
هو، پر جيئن مٿي ٻڌايو اٿم ته ڊاڪٽر صاحب جو عشق
فقط ۽ فقط سندس چنچل محبوبا
”سنڌ“
سان ٿيو هو. جيڪو ڪجهه به تقريرن ۾ چيائين ۽ جيترو
۽ جيڪو ڪجهه لکيائين ته فقط سنڌ تي لکيائين ۽ سنڌ
لاءِ لکيائين. ڊاڪٽر صاحب جيڪڏهن چاهي ها ته اسلام
توڙي پاڪستان تي اهڙا تحقيقي ڪتاب لکي ها جو دنيا
دنگ رهجي وڃي ها. پر تعريف هرڪو ان شيءِ يا شخصيت
جي ڪندو آهي جيڪا کيس پياري ۽ محبوب هوندي آهي ۽
ڊاڪٽر بلوچ جي محبوبا
فقط ۽ فقط
سنڌ هئي،
تنهن ڪري عشق جي ڳالهه ئي نرالي هوندي آهي، بس
جنهن سان ٿي وڃي، پوءِ ڪنهن ٻي جي لاءِ سُڌ
سماءُ ۽ سرت ئي ماڻهوءَ ۾ نٿي رهي، جيئن ته سندن
نظرن ۾ سنڌ سڀني
کان وڌيڪ سهڻي ۽ سلڇڻي هئي، سنڌ جو حسن سڀني کان
سرس ۽ سنڌ ڪنوار جا سينگار سڀني کان سوايا هئا ۽
سنڌ جو لطيف دنيا جي سڀني شاعرن کان وڏو
مهندار
شاعر هو،
تنهن ڪري ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي ٻولين، لولين، لڇڻن،
تهذيب، تمدن، ثقافت، تاريخ ۽ جاگرافي کي اجاگر ڪيو
۽ شاهه تي بيمثال تحقيقي ڪم ڪيو. ڪشالا ڪاٽي،
پيرين پيادو پنڌ ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي واهڻن،
وسندين ۽ ڳوٺن تائين پهچي لوڪ ادب جي مختلف صنفن
کي نه رڳو سنڌ ۽ سنڌين آڏو پيش ڪيو
پر سڄا سارا 42 جلد لکي سڄي دنيا کي حيران ڪري
ڇڏيائين ڇوته ڪنهن به ملڪ
۾
لوڪ ادب تي ايترا سارا ڪتاب شايد اڃا تائين نه
لکجي سگهيا آهن. اڃا به ڪن صاحبن طرفان سندن لوڪ
ادب اسڪيم ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون، ڊاڪٽر صاحب خلاف
ڪورٽن ۾ ڪيس هليا ۽ ڪيترائي سال لوڪ ادب تي وڌيڪ
ڪم نه ٿي سگهيو،
نه ته ڊاڪٽر صاحب جن جي چوڻ مطابق جنهن تيزيءَ سان
لوڪ ادب جي مختلف موضوعن تي ڪم جاري هو، انهيءَ
رفتار سان ان کي جاري رهڻ ڏنو وڃي ها ته لوڪ ادب
جي ڪتابن جو تعداد پنجاهه کان به مٿي هليو وڃي ها.
سنڌ سان عشق جا ٻه اکين ڏٺا مشاهدا، جيڪي مون اڳ ۾
ڊاڪٽر صاحب جي لاڏاڻي تي پنهنجي لکيل مضمون "تاريخ
جو وڇوڙو" ۾ بيان ڪيا آهن انهن کي ٻيهر هتي
ورجايان ٿو ته جن صاحبن کان منهنجو اهو مضمون پڙهڻ
کان رهجي ويو هجي ته هاڻي هتي
پڙهي سگهن ٿا:
1986ع ۾
آءٌ
آمريڪا جي گاديءَ جي هنڌ واشنگٽن ڊي.سي
۾ قائم سمٿسونين ميوزيم گهمڻ ويس.
هيءُ
ميوزيم اٺن کان ڏهن مختلف عمارتن تي مشتمل آهي.
هڪڙي جڳهه تي لکيل هو،
A Sindhi Home
بجليءَ جو ڪرنٽ محسوس ڪيم ۽ ڪجهه سمجهه ۾ نٿي آيم
ته واشنگٽن جي سمٿسونين ميوزيم ۾ اهو سنڌي گهر،
ڪنهن ٺاهيو هو، يا ان کي ٺاهڻ ڪيئن ڏنو ويو هو؟
سنڌي گهر ۾ اندر ڇا وڃي ڏسان ته هڪ ٿري عورت
سوسيءَ جا ڪپڙا پائي ڏڌ پئي ولوڙي، ٻي مائي ڇـَـڄ
۾ اَن ويٺي ڇنڊي ۽ ٽين مائي سنڌي رِلي ويٺي
سبي
۽ سَنهي
سئيءَ سان ان کي ٽوپو ويٺي ڏئي، وغيره وغيره. خوشي
۽ جذبات ۾ سرشار ٿيندي ميوزيم جي رکوالي کان پڇا
ڪيم ته هن هڪدم رجسٽر کولي مون کي ٻڌايو ته ڪو
صاحب پاڪستان کان هتي آيو هو، سندن
نالو ڊاڪٽر اين.اي.بلوچ
هو، اهو ڪيترا ڏينهن هتي ترسيل هو ۽
Sindhi Home
به ان ئي ٺاهيو هو. پاڪستان واپس ورڻ تي ڊاڪٽر
صاحب جن کان جڏهن اها ڳالهه معلوم ڪيم ته پاڻ مون
کي هينئن ٻڌايائون:
"پاڪستان جي حڪومت مون کي حڪم ڪيو ته سمٿسونين
انسٽيٽيوٽ (ميوزيم) ۾ پاڪستان جي ثقافت جي حوالي
سان ڪا اهڙي شيءِ قائم ڪري اچان، جيڪا پاڪستان جي
نمائندگي ڪري. مون گهڻي سوچ ڪرڻ کان پوءِ فيصلو
ڪيو ته سنڌ جي ثقافت پوري پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ
قديم به آهي ته بين الاقوامي سطح تي جڳ مشهور به
آهي، تنهن ڪري مون ڊاڪٽر ڪنيز (Dr.
Knez)
جيڪو هن منصوبي جو انچارج هو، کي
Sindhi
Home
ٺاهڻ جو مشورو ڏنو. جيڪو هن به بنا دير کڻي قبول
ڪيو.
ڊاڪٽر بلوچ کي ته فقط اهڙي ثقافتي شيءِ ٺاهڻ لاءِ
موڪليو ويو هو، جيڪا پاڪستان جي نمائندگي ڪري پر
اتي به هو "سنڌي گهر" ٺاهي آيو ۽ اها پرواهه به نه
ڪيائين ته ائين ڪرڻ سان کين
تڪليف به اچي سگهي ٿي.
پر سنڌ جي عشق کين ڪنن به نتيجي ڀوڳڻ لاءِ سوچڻ تي
به مجبور نه ڪيو ۽ هو سمٿسونين ۾ ”سنڌي گهر“ قائم
ڪري واپس وريو.
فقط اهڙن جرئتمندي وارن عملي قدمن سان ئي سنڌ
جيئندي ۽ جيئندي رهندي. انشاءَالله.
1983ع ۾
آءٌ
پئرس ويس، جتي الجزائر جي مسلمانن جي هوٽل مونديال
۾ وڃي رهيس. رسيپشن تي سامهون رکيل وڏا نقش نظر
آيم، جن تي مڪلي جي چٽسالي ۽ هالا ٽائيلز جو رنگ
نظر
آيو،
انهن پينٽنگز تي لکيل هو:
Glimpses from Sindh
يعني "سنڌي
تهذيب جون جهلڪيون"
خوشيءَ سان گڏ حيرانگي وٺي وئي. کانئن
پڇيم: هي سنڌ جا نقش اوهان وٽ ڪٿان آيا ته هو
فرينچ ۾ شروع ٿي ويا. فقط ايترو سمجهه ۾ آيو
"ڊاڪٽر بلوچ".
جيڪو دوست مون کي هوٽل تي وٺي ويو هو ۽ فرينچ
چڱيءَ طرح ڳالهائيندو هو، ان جي پڇڻ تي هوٽل وارن
ٻڌايو ته: ڊاڪٽر بلوچ ڪيترا ڀيرا پئرس آيو آهي ۽
هميشه اسان جي هوٽل ۾ اچي رهندو آهي. اهو هي
پينٽنگون هتي رکرائي ويو هو ۽ تاڪيد ڪري ويو هو ته
هنن کي رسيپشن تان هرگز نه هٽائجو. هي واقعو به ان
ڪري لکيو اٿم ته ان کي پڙهي من اسان جو نوجوان نسل
به سنڌ کي جيئارڻ لاءِ اهڙا عملي قدم کڻي.
جڏهن
آءٌ
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسٽيشن ڊائريڪٽر هوس ته
ڊاڪٽر صاحب جن بغير اڳواٽ اطلاع ڪرڻ جي اڪثر مون
وٽ هليا ايندا هئا. جيئن ته ائين اچڻ سندن نظم ۽
ضبط رکندڙ طبعيت
جي خلاف هو ته هڪ دفعو کانئن پڇڻ جي جرئت يا
گستاخي ڪري ويٺس ته منهن تي مرڪ آڻيندي ٻڌايائون
ته دوستن ڏي لکيل خط پوسٽ آفيس حوالي ڪرڻ ايندو
آهيان، جيئن ته ريڊيو پاڪستان سامهون آهي ته دل
چوندي آهي ته اوهان وٽان جهاتي پائيندو وڃان. هڪ
ٻه ڀيرا ساڻن حجت ڪندي عرض ڪيم ته ڀلا جي آيا آهيو
ته عنايت تي عنايت ڪندا وڃو ۽ ڪجهه رڪارڊ ڪرائيندا
وڃو. ڊاڪٽر صاحب جن جي نٽائڻ باوجود کين منٿ ڪري
اسٽوڊيو ۾ وڃي ويهاربو هو ۽ سنڌ جي تاريخ جي ڪنهن
به موضوع تي ساڻن گفتگو ڪبي هئي،
بغير ڪنهن تياري جي ۽ بغير ڪتاب کي سامهون رکڻ جي
تاريخ وار تفصيل ٻڌائيندا ويندا هئا،
آءٌ
۽ مرحوم مراد علي مرزا حيرت ۾ کين گهوريندا رهجي
ويندا هئاسين. مثال طور: سڪندر اعظم جڏهن ننڍي کنڊ
۾
آيو ته ڪڏهن آيو، ڪٿي ويو ۽ ڪنهن سان مليو. ....
البيروني ڪڏهن هتي آيو، ڇا ڇا ڪيائين ۽ سندس
ڪارناما ڪهڙا هئا وغيره. مجال آهي جو ڪتابن
ڀيٽڻ
سان تفصيلن ۽ ٻڌايل تاريخن ۾ ڪو فرق اچي.
سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن سان ڊاڪٽر بلوچ جي عشق جو هڪ
ٻيو قصو به هتي بيان ڪجي ٿو جيڪو ڊاڪٽر صاحب جن
پاڻ مون کي ٻڌايو هو. ڊاڪٽر صاحب چيو ته کين اها
ڳالهه هميشه پئي کٽڪندي هئي ته ڦيٿي (Wheel)
جي ايجاد کي گهڻو ڪري فارس يا ايران سان منسوب ڪيو
وڃي ٿو يا وري ڪجهه ڪتابن ۾ ان کي هندستان جي
ايجاد ڪوٺيو ويو آهي. (Persian/
Indian Wheel)
ڊاڪٽر صاحب فرمايو ته سندن ذهن جي ڪنهن گوشي ۾ اها
ڳالهه ويٺل هئي ته ڦيٿو سڄي دنيا ۾ سڀ کان پهريون
سنڌ ۾ ايجاد ٿيو.
جڏهن ڪجهه سال اڳ سکر بئراج جي
گولڊن جوبلي جي موقعي تي هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس
جو اهتمام ڪيو ويو ته بئراج جي
اڏيندڙن يعني انگلنڊ مان ڪافي انجنيئرن ۽ وڏن
ماهرن کي دعوت ڏئي گهرايو ويو ته ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ صاحب کي به خاص مقالو پيش ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو
ويو. ڊاڪٽر صاحب جن ڏينهن رات کوجنا ڪرڻ ۾ مصروف
ٿي ويا، نيٺ سندن جستجو ۾ کين ڪاميابي حاصل ٿي ۽
عربي زبان جي هڪ قديم ڪتاب مان ڳولي هٿ ڪيائون ته
جنهن ايجاد کي عرف عام ۾ پرشين ويل يا انڊين ويل
چيو ٿي ويو اهو درحقيقت "سنڌين ويل" (Sindhian
Wheel)
هو. جڏهن لئائڊ بئراج (LLOYD
BARRAGE)
سکر جي ڪناري تي منعقد ٿيل هڪ وڏي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر
صاحب جن اهڙو انڪشاف ڪيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن
کي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ ڊاڪٽر صاحب جن جي چوڻ
موجب انگلنڊ جي ڪيترن تاريخدانن کانئن
ان حوالي جو ذريعو پڇيو جيڪو ڊاڪٽر صاحب کين ٻڌائي
ڇڏيو هو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر صاحب جن جي جاکوڙيندڙ
تحقيق جي نتيجي ۾ جنهن ايجاد جو اعزاز ايران يا
انڊيا ڏي ٿي ويو، اهو سنڌ جي حصي ۾ اچي ويو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هڪ ٻن تقريرن ۾ اهو به انڪشاف ڪيو
هو ته "شاهه جو راڳ" جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي
درگاهه تي ذري گهٽ ٽن صدين کان لڳاتار ڳايو وڃي ٿو،
اهو سڄي دنيا ۾ سڀني کان پراڻو ميوزڪ اسڪول آهي ۽
ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙو ڪوبه موسيقيءَ
جو ادارو ڪونهي جنهن جي ڄمار ڏيڍ سؤ سالن کان مٿي
هجي، جڏهن ته شاهه جو راڳ جنهن کي لطيف سائين پاڻ
ڳائي شروع ڪيو هو، بلڪل انهيءَ انداز، آلاپ ۽ لهجي
سان ٽن سؤ سالن کان وٺي اڄ ڏينهن
تائين
لڳاتار قائم آهي، جنهن ۾ ڪوبه خلل يا رخنو نه آيو
آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا بيمثال اديب
محقق
۽ اسڪالر قومن ۾ صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن ۽
اها خوش قسمتي سنڌ جي هئي جو ڊاڪٽر صاحب جن جهڙو
اورچ ۽ جاکوڙي انسان ان ۾ پيدا ٿيو ته ساڳئي وقت
ڊاڪٽر بلوچ جن جي به خوش قسمتي هئي جو هو سنڌ ۾
پيدا ٿيو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ باصلاحيت ماڻهن جي
ناقدري اؤج تي هئڻ جي باوجود، ڊاڪٽر صاحب جن کي
سندن زندگي ۾ ئي مانُ ۽ مڃتا ملي ۽ سنڌي اديبن ۽
ليکڪن (سواءِ انهن چند ماڻهن جي جن کين تڪليفون
پهچايون) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جن جي تحقيقي ۽ علمي
لياقتن کي دل سان تسليم ڪيو
۽ سندن زندگيءَ ۾ ئي کين اُهو مانُ ۽ مرتبو مليو،
جنهن جا هو بجا طور تي مستحق هئا.
دعا آهي ته سنڌ جي موجوده اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن
منجهان يا اسان جي نئين نسل مان من ڪنهن ۾ ڪو جذبو
جاڳي، ڪا کين رِيس اچي ته جيئن ڊاڪٽر صاحب جن جي
کنيل
قدمن پٺيان هلندي سنڌ جي سينڌ کي ڪو سنواري ڇڏي ۽
جيڪي
ڪم، ممڪن آهي
ته
ڊاڪٽر صاحب جن ڪٿي اڌورو يا اڻپورو ڇڏي ويا هجن ته
انهن ڪمن جي نه رڳو تڪميل ڪري پر انهن کي اڃا
ايترو ته اڳڀرو کڻي وڃي جو من ڪنهن نئين ڊاڪٽر
بلوچ جي پيدا ٿيڻ جا امڪان يا آثار نظر اچي وڃن.
(آمين!)
آديسي آديسُ،
هتان ڪري هليا،
ڪاپڙين قلب ۾، ڪيو ڏوراڻو
ڏيس،
ويراڳي نئون ويس، رانوَل ڍڪي رَميا.
(لطيفؒ)
مولوي
ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي
ڊاڪٽر بلوچ سان وابسته ڪجهه
يادون
پنهنجي پياري وطن سنڌ ۾ ڪيترين ئي نرالين شخصيتن
جنم ورتو، جن مان ڪن لاءِ چيو ويو ته؛ تاريخ ساز
شخصيت هئي، ڪن لاءِ لکيو ويو ته وڏو تاريخدان هو ۽
ڪيترن بابت ٻڌايو ويو ته مؤرخ يعني تاريخ نويس هو،
پر انهن سڀني وصفن جي جامع ڪا شخصيت ڳولهجي ته هن
ويجهي دور ۾ ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ صاحب ئي ان جي مصداق بڻبو. بلڪه ان
لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هو خود تاريخ هو
سنڌ ۾ اديب ۽ فاضل ته ڪافي پيدا ٿيا آهن، پر همت
افزائي ڪرڻ ۾ نمايان (منهنجي نظر ۾) ٻه شخصيتون
هيون؛ علامه غلام مصطفي قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ، جن وٽ جيڪو به ويندو هو ته هو ان کي مايوس
نه ڪندا هئا، بلڪه حوصلو وڌائيندا هئا، رهنمائي
ڪندا هئا . جڏهن ته سنڌ جا ڊاڪٽر اديب گهڻو ڪري
انهيءَ وصف کان وانجهيل آهن.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان منهنجون ڪافي يادون وابسته
آهن. دل چاهيو ته انهن کي محفوظ ڪري ڇڏجي، هن کان
اڳ جو مٽيءَ ۾ مدفون ٿي وڃن.
مولوي صاحب! علم ۾ بخل نه ڪبو آ:
حيدرآباد کان سکر يا خيرپور ويندي، ڊاڪٽر صاحب قرب
جا قدم ڀري ڪنڊيارو ۾ اسان جي قاسميه لائبريريءَ ۾
ضرور ايندا هئا. اهو هن ڪري ته والد محترم مولانا
محمد قاسم سومرو صاحب جن سندن ڳوٺ لڳ ”چاڪراڻي“ ۾
1966ع کان 1970ع تائين مسلسل 5 سال پرائمري جا
استاد رهيا. انهيءَ تعلق کي نباهڻ لاءِ ڀيرو نه
ڀڃندا هئا ۽ ٻيو هن ڪري به ته پنهنجي لائبريريءَ ۾
ڪتابن جو ذخيرو سندن دلچسپيءَ جو مرڪز هو .
مان ’جامعه انوار العلوم‘ ۾ اسباق پئي پڙهايا،
والد صاحب فون تي ٻڌايو ته: ”ڊاڪٽر بلوچ صاحب آيو
آهي، توهان کي ياد ٿو ڪري.“ سبق پورو ڪري خدمت ۾
حاضر ٿيم. ان دوران ڊاڪٽر صاحب، قاسميه
لائبريريءَ جي مصورات المخطوطات واري شعبي کي پئي
ڏٺو. پهريائين ته هڪ سنڌي مخطوطو (مخدوم عبد الله
تريائي جي تصنيف) تحفي طور ڏنائون. چيائون ته:
هيءُ ڪتاب اسان جي طرفان لائبريريءَ لاءِ تحفو
آهي. (جيڪو اڄ تائين محفوظ آهي) ان کان پوءِ آيا
مصورات المخطوطات تي، جن ۾ هڪ ڪتاب-
”ڪحل الجواهر في احوال الشيخ طاهر“ سندس توجهه
مرڪوز هو. تمهيد طور چيائون ته: ”مولوي صاحب! علم
۾ بخل نه ڪبو آهي.“ مون به ان سان سر ملايو ۽ چيو
ته: هائو سائين! علم ۾ بخل نه ڪرڻ گهرجي . چيائون
ته: ”هيءُ ڪتاب (ڪحل الجواهر) مان کڻي وڃي سگهان
ٿو؟ فوٽو ڪاپي ڪرائي واپس ڪندم“. علم ۾ بخل نه ڪرڻ
واري تازي اقرار سبب انڪار نه ڪري سگهيس ۽ ڪتاب
سندس حوالي ڪيم. هوڏانهن حقيقت هيءَ هئي ته اهو
ڪتاب جنهن وٽان مليو هو، ان مون کان قسمائتو واعدو
ورتو هو ته: ”هيءُ ڪتاب ڪنهن کي به ڏيڻو نه آهي“،
بهرحال ڪجهه وقت کان پوءِ اهو ڪتاب ڊاڪٽر صاحب
وٽان واپس ٿيو .
صحيح بخاريءَ جو مطالعو سنڌ ۾:
صحيح بخاري بابت ڪو بين الاقوامي سيمينار منعقد
ٿيو هو امام بخاري جي ملڪ ازبڪستان ۾. ڊاڪٽر بلوچ
کي ان ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. ڊاڪٽر صاحب ان موقعي تي
حيدرآباد مان فون تي رابطو ڪري ڳالهايو هو.
(موبائل ان وقت مروج نه هئي) ۽ علماءِ سنڌ طرفان
صحيح بخاريءَ تي ڪيل خدمتن بابت ڪجهه معلومات ورتي
هئي. هونئن ته پاڻ ان موضوع تي بهتر ڄاڻن پيا پر
چوندا آهن: ”ڪک هيٺان لک“، ڪجهه نئين معلومات کين
مهيا ٿي. مقالو شايد انگريزيءَ ۾ هو، پوءِ اهو يا
ان جو ترجمو ڪٿي شايع ٿيو يا نه، خدا کي خبر؟
تشنيف السمع مخدوم محمد قائم ٺٽوي:
ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتابن مان مون کي ڪافي اهڙن قديم
ڪتابن جي ڄاڻ ملي ، جيڪي منهنجي لاءِ نوان هئا.
سندن ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ان سلسلي ۾ هڪ کاڻ
آهي. ”مصلح المفتاح“ يعني ’دائري وارن جي سنڌي‘،
جيڪو ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق سان ۽ هڪ ڪشادي مقدمي
سان سنڌالاجي ڄام شورو طرفان ڇپيو آهي، ان جي
مقدمي ۾ نماز جي مسئلن تي سنڌي عالمن پاران لکيل
ڪتابن جو ذڪر ڪندي، ڊاڪٽر صاحب، مخدوم محمد قائم
سنڌي (ت 1157 هه) جي هڪ ڪتاب ”تشنيف السمع بذڪر
احاديث الجمع بين الصلاتين في الظعن و الوقع“ جو
ذڪر ڪيو آهي ۽ هيٺ حاشيه ۾ لکيو آهي ته:
”مخدوم محمد قائم جو پنهنجو هٿ لکيل هن ڪتاب جو
قلمي نسخو اسان برطانيه جي مئنچسٽر يونيورسٽي جي
ڪتب خاني ۾ ڏٺو“.
3 سال اڳ اسان جو پيارو دوست ڊاڪٽر حافظ مختيار
احمد ڪانڌڙو (شڪارپور) جڏهن
Ph.D
جي سلسلي ۾ مانچسٽر (برطانيه) ويو ته مون کيس
انهيءَ حوالي جي آڌار تي ’فون ذريعي گذارش ڪئي ته:
’مانچسٽر يونيورسٽيءَ جي لائبريريءَ مان انهيءَ
مخطوطي جو عڪس ڪرائي وٺو‘ (جيڪا سنڌ وارن جي عظيم
خدمت شمار ٿيندي) پاڻ اتي جاچ ڪيائين، پر فون تي
ٻڌايائين ته: ”هت يونيورسٽي اندر ڪيتريون ئي
لائبريريون آهن، الائي ڪهڙي لائبريريءَ ۾ اهو
مخطوطو هوندو؟ مون کان ته نه ٿو لڀي.“
ان ڏس ۾ مون جسارت ڪندي ڊاڪٽر صاحب کان فون ذريعي
پڇا ڪئي ۽ صورتحال سامهون رکي. ڊاڪٽر صاحب فرمايو
ته: ”هن وقت ياد نه آهي ته ڪهڙي لائبريري هئي،
البت ڊائري ڏسي ٻڌائي سگهان ٿو پر ان لاءِ مهلت
کپي.“
ان کان پوءِ مون به کين وڌيڪ تڪليف ڏيڻ مناسب نه
سمجهي ۽ ائين انهيءَ مخطوطي جي حصول جي حسرت دل ۾
رهجي وئي. لعل الله يحدث بعد ذلڪ امرا.
حلاوة الفم ۽ تمام العناية:
جڏهن اسان قاسميه لائبريريءَ طرفان مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي جي عربي ڪتابن کي ايڊٽ ڪري شايع ڪرڻ جو
ڪم شروع ڪيو ۽ ان سلسلي جو پهريون ڪتاب ”تمام
العناية في الفرق بين صريح الطلاق و الڪناية“ ۽
ٻيو ڪتاب ”حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم“ 1426
هه/2005 ۾ ڇپيا ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خدمت ۾ پيش
ڪيم، ڊاڪٽر صاحب ڏاڍو خوش ٿيا ۽ همت افزائي ڪئي.
اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ:
ڊاڪٽر صاحب جي حياتيءَ ۾ ئي هن اداره جو بنياد
پيو، مون کي به ان ۾ ميمبر رکيو ويو. ان جي ٻن
اجلاسن ۾ شرڪت به ٿي. آخري اجلاس 4 اپريل 2011ع
تي ڪراچيءَ ۾ سڏرايل هو، جيڪو اچانڪ ملتوي ڪيو
ويو، نه ته ان ۾ ڊاڪٽر صاحب سان آخري ملاقات ٿي
وڃي ها. ۽ پوءِ اوچتو 6- اپريل تي اطلاع مليو ته
ڊاڪٽر صاحب جن وفات ڪري ويا.
هڪ اجلاس ۾ تجويز آئي ته ڊاڪٽر صاحب کان انٽرويوز
وٺڻ جو سلسلو شروع ڪجي. ان ڏس ۾ مون ڊاڪٽر مولانا
محمد انس راڄپر جو نالو پيش ڪيو، جيڪو منظور ٿيو ۽
ان صاحب اهو ڪم سندن حياتيءَ ۾ شروع به ڪيو هو، پر
شايد اڌ ۾ رهجي ويو.
فهرست مخطوطات ذخيره ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ:
ڊاڪٽر صاحب پنهنجا ڪتاب قلمي ۽ ڇاپي 92/1993ع ڌاري
سنڌ آرڪائيوز ڪراچيءَ کي وڪرو ڪري ڏنا هئا. جيئن
اتي محفوظ رهي سگهن. الحمدلله ڊاڪٽر ڪليم الله
لاشاري صاحب جي دور ۾ (جڏهن هو سنڌ آرڪائيوز جو
ڊائريڪٽر هو) مون کي انهن قلمي ڪتابن جي فهرست
ٺاهڻ جو موقعو مليو. رمضان جو مهينو هو، صبح جو 10
کان رات 11 بجي تائين فهرست نگاريءَ جو ڪم ڪندو
هوس. ايسيتائين ڊاڪٽر لاشاري صاحب جن به ويٺا
هوندا هئا. وري درميان ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن سنڌ
آرڪائيوز جو دورو ڪيو ۽ بقايا مخطوطات، تحفي طور
سنڌ آرڪائيوز کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ اهي قلمي ڪتاب
به پهتا جن کي فهرست مخطوطات ۾ شامل ڪيو ويو.
هونئن ته ڪتابن جو تعداد 740 هو ۽ هاڻي انهن ڪتابن
ملائڻ سان 961 کي وڃي پهتو. انهيءَ دوران ڊاڪٽر
صاحب جي لائبريري جي ڇاپِي ڪتابن ڏسڻ جو موقعو
مليو. انهن پوين ڪتابن ملڻ سان فائدو هيءُ ٿيو ته
ڪجهه ڪتاب جيڪي اڳ ۾ آيل هئا، کٽل نظر آيا پر هن
نئين کيپ سان اهي ڪتاب مڪمل ٿيا، مثال طور:
معونة المبتدي:
امام جعفر بوبڪاني جو ڪتاب ”معونة المبتدي“ جيڪو
علم المنطق ۾ لکيل آهي ۽ هن ذخيره مخطوطات ۾ موجود
هو جيڪو اسان لاءِ نئين دريافت هو پر اڻپورو هو
بلڪه چند ورقن تي مشتمل هو. ڊاڪٽر صاحب طرفان ٻيهر
ڏنل قلمي ڪتابن ۾ ان جا ٻيا ورق ملي ويا ، ڪتاب
جيتوڻيڪ پوءِ به مڪمل ته نه ٿي سگهيو پر منهنجي
خيال ۾
95%
ڪتاب مهيا ٿي سگهيو.
ڪفاية القاري:
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو ڪتاب ”ڪفاية القاري في
متشابهات القرآن“ عربي ٻولي ۾ هڪ منظوم الفيه آهي،
جنهن جو هڪ قلمي نسخو مدينة المنورة ۾، ۽ ٻيو نسخو
راقم الحروف جي قاسميه لائبريريءَ ۾ موجود آهي، جن
جي آڌار تي ام القري يونيورسٽي مڪة المڪرمة جي
ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر عبد القيوم بن عبد الغفور
السندي ڪتاب کي ايڊٽ ڪري بيروت مان ڇپرايو. انهيءَ
ڪتاب جو ٽيون نسخو هن ذخيره ۾ دستياب ٿيو. البت
ناقص هو پر جڏهن ڊاڪٽر صاحب طرفان ٻيو دفعو
مخطوطات مليا ته ان ۾ ان جا بقايا اوراق ملي ويا ۽
ائين هيءُ نسخو مڪمل ٿي ويو.
هن نادر ذخيره مخطوطات بابت راقم الحروف جو مستقل
مقالو پڻ آهي. ڊاڪٽر صاحب کي انهيءَ فهرست جي جلد
طباعت جو اونو ۽ انتظار هو. وفات کان اڳ ڪافي ڀيرا
تاڪيد ڪيائون ته جلد فائنل ڪيو وڃي، پوءِ هيءَ
فهرست مخطوطات ڪمپوزنگ جي مرحلي مان گذري فائنل به
ٿي، پر افسوس جو سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي نه سگهي ۽
اها حسرت دل ۾ کڻي هليا ويا. (هن وقت زير طباعت
آهي.)
چار مخطوطا:
ڊاڪٽر بلوچ مٿيان ڪتاب سنڌ آرڪائيوز کي گفٽ ڪرڻ
وقت چيو هو ته: مون وٽ 4 قيمتي ڪتاب آهن، اهي مان
قيمت سان ئي ڏيندس. جن جي خريداريءَ جي هام سنڌ
آرڪائيوز هنئي، سنڌ آرڪائيوز جي ايڪوزيشن ڪاميٽي ۾
ٻه ٽيڪنيڪل ميمبر آهن، جن ۾ هڪ سيد محمد شاهه
بخاري صاحب ۽ ٻيو راقم الحروف، جن کي سليڪشن
ڪاميٽي طور مقرر ڪيو ويو ۽ انهن قلمي ڪتابن جي
قيمت جو ڪاٿو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد موڪليو ويو.
ڊاڪٽر صاحب کي اطلاع اڳواٽ ئي ڏنو ويو هو. اسان
پهتاسين، ڊاڪٽر صاحب پرتپاڪ نموني آڌرڀاءُ ڪيو ۽
اهي 4 قلمي ڪتاب کڻي آياسين ۽ قيمت مقرر ڪئيسين،
جنهن جي ادائگي ڊاڪٽر صاحب کي ڪئي وئي.
1.
مثنوي وامق عذراء، فارسي از- نامي اصفهاني، ڪاتب:
ملا غلام حيدر، حسب ارشاد: مير ڪرم علي خان ٽالپر.
2.
مثنوي خسرو شيرين فارسي، از نامي اصفهاني، ڪاتب:
ملا غلام حيدر.
هي ٻئي نسخا نهايت نادر ۽ خوبصورت، مطلي ۽ مزخرف
آهن. هر هڪ صفحي تي سون ۽ لاجرورد سان گلڪاري ڪيل
آهي. مثنوي خسرو شيرين جي منڍ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب
ڪتاب لاءِ لکيو آهي: از جان عزيزتر (جان کان به
وڌيڪ پيارو)
3.
مثنوي دقائق الحقائق. ملا احمد رومي بخط مؤلف
727هه. هيءُ ڪتاب شاهجهان جي ملڪيت ۾ رهي چڪو آهي
. جنهن جي مهر پڻ لڳل آهي: ”بادشاهه شاهجهان
صاحبقران غازي“ ۽ ٻئي به ڪافي مهرون لڳل آهن جن جا
سجع ڪجهه هن طرح آهن:
-
بلال بنده سيد پيغمبران خواهد شد.
-
شفاعت خواه محمد سعد الدين
-
دارد اميد شفاعت از محمد باقر 1110 هه
-
راز تو شاهه خسروي طلبد 48 .......
4.
ديوان الوليد بن يزيد (جو ڪجهه حصو) قديم ترين
عربي خطي نسخو آهي. دنيا ۾ هن جو ٻيو نسخو (اسان
جي ڄاڻ مطابق) ڪو نه آهي. منڍ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب
جي استاد عبد العزيز ميمني صاحب لکيو آهي: هذه
النسخة فريدة عتيقة يظهر انها من القرن السادس
(هيءُ نسخو يگانو ۽ قديم آهي. بظاهر ڇهين صدي هجري
جو لڳي ٿو).
اتحاف الاڪابر:
اتحاف الاڪابر بمرويات الشيخ عبدالقادر . مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي جي تصنيف مان هڪ اهم ڪتاب آهي،
جنهن ۾ هن پاڻ کان وٺي هر مشهور ڪتاب جي مؤلف
تائين سلسله اسناد بيان ڪيو آهي (ته مون هيءُ ڪتاب
فلاڻي وٽ پڙهيو يا انهيءَ مون کي ان جي اجازت ڏني
۽ ان فلاڻي کان…… ۽ ان مؤلف کان) انهيء ڪتاب جا
خطي نسخا سنڌ ۾، ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ مختلف ڪتب خانن ۾
موجود آهن. راقم الحروف وٽ به ان جا ٻه نسخا آهن.
مون چاهيو پئي ته ان کي ايڊٽ ڪري شايع ڪجي. 10/12
سال اڳ لاهور جي هڪ سفر ۾ جناب خليل الرحمٰن داؤدي
صاحب سان ملاقات ٿي، ۽ ان سان پوءِ خط و ڪتابت جو
سلسلو به رهيو. داؤدي صاحب مڃيل ماهرِ مخطوطات هو.
’حياة القلوب في زيارة المحبوب ‘ (از مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي) جو، مؤلف جي ملڪيت هيٺ رهيل، مؤلف جي
مهر لڳل خطي نسخو راقم الحروف کي ان وٽان ئي
دستياب ٿيو هو. ان کان پڇيم ته ”اتحاف الاڪابر“ جو
ڪو خطي نسخو! چيائين ته: مون وٽ وڪري لاءِ آيو هو،
نيشنل هجرة ڪائونسل اسلام آباد وارن کي وڪري لاءِ
پيش ڪيو هو. پر هنن وڏي قيمت ڏسي منهنجا مخطوطو
واپس ڪيو، پوءِ مون وٽن ان جو عڪس/فوٽو اسٽيٽ ڇڏيو
هو ۽ اصل مخطوطو ”العين“ يونيورسٽي (الامارات
العربية المتحدة) وارن خريد ڪيو. جنهن وقت جي
ڳالهه داؤدي صاحب ڪري رهيو هو. تن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر
صاحب نيشنل هجرت ڪائونسل ۾ ايڊوائيزر هو. (جڏهن ته
چيئرمين اي.ڪي بروهي صاحب هو) مون ان سلسلي ۾
ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي خط لکيو. ڊاڪٽر صاحب بروقت
جواب ڏنو جنهن جو خلاصو هيءُ هو ته: ”داؤدي صاحب
برابر اتحاف الاڪابر جو قلمي نسخو آندو هو پر
-/25000 (پنجويهه هزار) گهريائين، جيڪي نه ڏئي
سگهياسون.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو هڪ نادر ڪتابچو:
1431هه/ 2010ع ۾ حج جي توفيق نصيب ٿي . عادت مطابق
ڪتبخانا گهمياسون. هڪ مڪتبه ۾ مختلف ڪتاب
اٿلائيندي، هڪ ڪتابچي تي نظر کُپي وئي، جيڪو ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جو هو ۽ عربي ۾ هو .
”اعادة بناء تربية المدرس في المجتمع الاسلامي“
(اسلامي معاشري ۾ استاد جي تربيت جي از سر نو
تعمير)
هيٺيان لکيل هو: بقلم: الدڪتور/ن.أ.بلوس.
باڪستان. 40 صفحن تي عربيءَ ۾ لکيل هيءُ ڪتاب،
1983ع ۾ المرڪز العالمي للتعليم الاسلامي
"International Center for Islamic Teachings"
مڪة المڪرمة طرفان ڇپيو. ڪتاب مقدمي جي مطالعي مان
معلوم ٿيو ته 1977م/1397هه ۾ مڪة المڪرمة اندر
اسلامي تعليم بابت پهرئين انٽرنيشنل ڪانفرنس منعقد
ٿي هئي، جنهن ۾ دنيا کان آيل ماهرين تعليم پنهنجا
مقالا پڙهيا هئا. انهن مان هڪ ڊاڪٽر بلوچ به هو،
جنهن جو مقالو شايد انگريزي زبان ۾ هو، ان جو عربي
ترجمو ڪري ڇاپيو ويو. ان مڪتبي ۾ اهڙي نموني ٻين
ماهرن جا به مقالا موجود هئا. مون صرف پاڪستان سان
وابسته ماهرين تعليم جا 3 مقالا خريد ڪيا. جن مان
هڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو ٽيچرس ٽريننگ
( Teachers Training)
بابت هيءُ رسالو به هو. سائي رنگ جي ٽائيٽل سان
مزين هيءُ رسالو اڃان به راقم الحروف وٽ موجود
آهي، ارادو هو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ڏيکاريندس،
پر ڊاڪٽر صاحب اوچتو وفات ڪري ويو. البته انهيءَ
جو سنڌي ترجمو ڪري رهيو آهيان. ممڪن آهي ته مستقل
ڪتابچي جي صورت ۾ ان جي طباعت جو بندوبست ڪيو وڃي.
اولڊ ڪيمپس ۾ ملاقات:
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان هڪ دفعي سندن آفيس (سنڌ
يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس حيدرآباد) ۾ ملاقات ٿي ۽
مختصر علمي ڪچهري به ٿي. پاڻ شايد ٻين ساٿين سان
گڏ ”شاهه جو رسالو“ جي ترتيب ۾ منهمڪ ۽ مصروف هو.
مان وڃي اوچتو مٿان پيم. سٺي آڌرڀاء ڪيائون. چانهه
به پياريائون. 10/15 منٽن بعد اوچتو اٿيا ۽ چيائون
ته: ”اسان هاڻي موڪلايون ٿا.“ (اشارو هو ته هاڻي
اسان پنهنجي ڪم ۾ شروع ٿينداسون) مون کي پوءِ
پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو، ته مان اهڙي مصروف
موقعي تي نه اچان ها ته بهتر. بهرحال سندس چهري تي
ناگواري جا آثار بالڪل نه هئا . ائين کانئن
موڪلائي ٻاهر آياسون .
همت افزائي جو اعلي مثال:
راقم الحروف ”سنڌي عالمن جي مطالعه ۾ رهيل سيرت
شاميه جوهڪ نادر خطي نسخو“ جي عنوان تي، هڪ مقالو
لکيو هو جيڪو ماهوار ”شريعت“ سکر جي هڪ شماري ۾
ڇپيو هو . ڊاڪٽرصاحب جي مطالعي ۾ آيو ۽ همت
افزائيءَ خاطر هيٺيون خط مون ڏانهن موڪليو:
(آگسٽ 2001ع)
فاضل محترم محمد ادريس
السلام عليڪم ورحمة الله و برڪاته:
رسالي شريعت ربيع الثاني 1422 هه ۾ اوهان جو مقالو
(سنڌي عالمن جي مطالعي ۾ رهيل سيرت شاميه جو هڪ
نادر نسخو) پڙهي نهايت خوشي ٿي . تحقيق جي لحاظ
سان هيءُ مقالو معياري آهي . منهنجي ناقص ڄاڻ موجب
مون هن موجوده دور ۾ ٻئي ڪنهن سنڌ جي عالم جو اهڙي
اعليٰ معيار وارو مقالو نه پڙهيو آهي، اها توفيق
الله تعالي طرفان اوهان کي عطا ٿي آهي جو اوهان
محنت سان پنهنجي علمي ڄاڻ کي وسيع ڪيو آهي . اوهان
جي اها صلاحيت علماء سنڌ جي عربي داني ۽ علمي ادبي
ديني مصنفات جي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ صرف ٿئي ته بهتر.
”نزهة الخواطر“ يا ”الثقافة الاسلامية في الهند“
جي نهج نموني تي ”الثقافة الاسلامية في السند“
مرتب ڪئي وڃي. هيءَ صلاح انهيءَ ڪري ڏيان ٿو جو
اوهان اهڙي اعليٰ معياري ڪم ڪرڻ جا اهل آهيو. سنڌي
۾ لکو، جنهن جو پوءِ عربيءَ ۽ اردو ۾ ترجمو ٿي
سگهي ٿو. ڪو وقت هو جو مون اهڙي ڪم ڪرڻ جو ارادو
ڪيو هو ۽ ابتدائي طور تي حوالا ۽ حالات گڏ ڪرڻ
شروع ڪيا هئا. ڌڻي اوهان کي توفيق ڏئي جو سنڌ جي
عالمن جون ڪيل خدمتون دنيا جي سامهون اچن. و ما
علينا الا البلاغ والله المستعان و المعين. و
الحمد لله رب العالمين.
گهڻا سلام والد بزرگوار کي ، اميد ته بخير و عافيت
هوندا.
مخلص
نبي بخش عفي عنه
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ، سنڌ (71000 )
ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي
خالد آشيان جنت مڪان
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
جي حياتيءَ ۽
علمي خدمتن تي ڪجهه
اکر
سنڌ- هند ۽ دنيا جو وڏو عالم ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ 4- اپريل 2011ع صبح جو 4:00 بجي هن
فانيءَ مان ڪوچ ڪري وڃي خالق حقيقي سان مليو.
عربيءَ جو مقالو آهي ته موت العالِم موت العالَم،
هڪ عالم جو موت سڄي جهان جو موت برابر آهي.
حقيقت هيءَ آهي ته ڊاڪٽر صاحب جي لاڏاڻي سان علم ۽
ادب جي ميدان ۾ سنڌ يتيم ٿي وئي آهي، منهنجي
مطالعي موجب اڄ تائين سنڌ ڪوبه اهڙو عالم پيدا نه
ڪيو آهي، جيڪو سَون ڪتابن جو مصنف ۽ محقق هجي ۽ نه
وري ايندڙ ڪن صدين تائين ڪو ايڏو وڏو صاحبِ علم
پيدا ٿيندي نظر اچي ٿو. ان حقيقت ۾ ڪو مبالغو نه
آهي ته انهيءَ درمياني عرصي ۾ سنڌ ۾ وڏا عالم،
روحانيت جا صاحب حقيقت ۽ معرفت جا رازدان ۽ تاريخ
نويس ٿي گذريا آهن. جن ڪيترا معرڪة الآرا ڪتاب
لکيا ۽ تحقيق ۽ تصنيف جي ميدان ۾ شهسواري ڪئي ۽
تاريخ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪرايو. اهڙن مصنفن جي
ڪتابن ۾ چچنامه، بيگلارنامه، تحفة الڪرام، تاريخ
معصومي، تاريخ سنڌ وغيره شمار ٿين ٿا پر اهڙن
ڪتابن جو تعداد ڊاڪٽر صاحب جي مقابلي ۾ مختصر آهي،
ڪيترن ڪتابن ۾ ديومالائي ۽ ماوراء العفل قصا ضروري
يا غير ضروري طور تي شامل ڪيا ويا آهن، جن کي نه
تحقيق جي ڪسوٽي تي پروڙي سگهجي ٿو ۽ نه وري انساني
عقل انهن کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڊاڪٽر بلوچ
پنهنجي تحقيق مان انهن ڏندڪٿائن ۽ خيالي ڳالهين کي
خارج ڪيو آهي، پاڻ پنهنجي تصنيفن کي مروج سائنٽيفڪ
۽ عقلي معيار تي پرکي لکيو اٿس جو هر ذي علم صاحب
ان جي صحيح هجڻ تي اطمينان ڪري سگهي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب هڪ ئي وقت ۾ علم جي مختلف صنفن ۾ قلم
گويائي ڪئي آهي، پاڻ هڪ طرف مصنف، مرتب ۽ مؤلف آهي
ته ٻي طرف محقق، مبصر، معلم، مدير، مدبر ۽ ماهر
آثار قديمه هجڻ جو حق به ادا ڪيو اٿس. هن جهڙو
قابل احترام ۽ فائزالمرام علم جو ڏات ڌڻي سنڌ ۾
ٻيو ڪو ورلي هوندو.
تصنيفات جي ميدان سندس مرجع علم تحقيق تي مبني
آهي، پاڻ هر ڪتاب لکڻ کان اڳ موضوع جي هر پهلوءَ
تي تحقيق پراڻن ۽ نون ڪتابن ۽ ذاتي مشاهدن تي
معلومات حاصل ڪري پوءِ لکندو هو، علم جي ميدان ۾
مصنف، مترجم، مرتب يا معلم ٿيڻ نسبتاً آسان آهي پر
تحقيق هڪ دشوار گذار مرحلو آهي جنهن ۾ سون يا
هزارن ڪتابن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوي ٿي، وڏن عميق
مشاهدن ۽ تجربن کي مدِنظر رکڻو پوي ٿو. ڊاڪٽر صاحب
جا سڀ ڪتاب تحقيق تي مبني آهن ۽ هر ڪتاب پنهنجي
موضوع تي مستند آهي ۽ ايندڙ زماني توڙي حال ۾ ان
مان حوالا وٺي سگهجن ٿا.
بلوچ صاحب جون مشهور تصنيفون لوڪ ادب شاهه جو
رسالو تنقيدي انداز ۾ ترتيب ڏنل تاريخ سنڌ پنهنجا
ذاتي مشاهدا ۽ تجربا مثلاً: رهاڻ هيرن کاڻ، ۽ ٻيا
لاتعداد ڪتاب حقيقي ۽ منطقي طريقي تي لکيل آهن،
انهن سڀني علم جي ميدانن ۾ شهسواري ڪرڻ، علم جي
مختلف شاخن ۾ ڄاڻ سڄاڻ جو ماهر هجڻ ضروري آهي ۽
بااليقين ڊاڪٽر صاحبِ بصيرت بي بها ۽ بي بدل عالم
هو.
دانشورن جي چوڻ مطابق: علم چئن ذريعن سان حاصل ٿئي
ٿو:
(1)
ڪتابي علم
يا ظاعري علم جيڪو ڪتب بيني ۽ ڪتب نويسيءَ مان
حاصل ٿئي ٿو.
(2)
علم مجلسي،
جيڪو عالمن، اديبن، سگهڙن حتيٰ ڪه اڻ پڙهيل عاقلن
سان ڪچهري ڪندي حاصل ٿئي ٿو.
(3)
علم سياحت،
جيڪو سير سفر مان حاصل ٿئي ٿو، قرآن مجيد ۾ فرمايل
آهي ته: قل سيرو في الارض فانظر کيف کان عاقبہ
المڪذبين. ’دنيا ۾ گهمو ڦرو تاڪه توهان کي خبر پوي
ته حق کي باطل چوڻ وارن جو ڇا حشر ٿيو‘. دنيا گهمي
ڦري اتي جي رهاڪن جي طرز رهائش، عادتن، ثقافت،
تهذيب ۽ حدن جي خبر پوي ٿي. بلوچ صاحب تقريباً اڌ
دنيا جو سفر ڪيو. سندس تصنيفون انهن سفرن جي
مشاهدن جي تصديق ڪري ٿي.
(4)
علم لُدني،
جيڪو باري تعاليٰ طرفان سڌو نبين، پيغمبرن،
اوليائن ۽ نيڪ درويشن کي حاصل ٿئي ٿو، جڏهن نبين
تي اهو علم نازل ٿئي ٿو ته ان کي وحي سڏجي ٿو، ۽
جڏهن خدا جي مقرب ٻانهن تي اهو علم نازل ٿئي ٿو ته
ان کي الهام چئجي ٿو.
بلوچ صاحب جي شاهه جي رسالي تي تشريح مان ظاهر
ٿئي ٿو ته پاڪ پروردگار کيس الهام جي ذريعي علم
لدني عطا فرمايو ڇو ته ڪيترا مثال تاريخي حوالا،
استعارا، تشبيهون، معنائون، اُچار ۽ تلفظ ۽ لکڻيون
کانئس اڳ جي رسالن ۾ ڪونه هيون. بلوچ صاحب هنن
ڍڪيل ۽ لڪل حقيقتن جي معنائن کي کولي ظاهر ڪيو آهي
ته پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته کين ٻين علمن
سان گڏ علم لدني به حاصل هو.
مطلب ته ڌڻي صاحب جي مهربانيءَ سان بلوچ صاحب هڪ
مڪمل عالم ۽ رهنما انهن علمي ذريعن ٿيو جن جو نزول
يا حاصلات پاڪ پروردگار کيس ڏني.
بلوچ صاحب جا دقيق، ناياب تفصيلي ۽ تحقيقي ڪتاب
لوڪ ادب تي آهن. سنڌ ۾ ڪڏهن ڪنهن کي خواب خيال ۾
به نه هوندو ته ٻهراڙين ۾ پکڙيل لوڪ ادب کي ڪتابي
شڪل ۾ به آڻي سگهجي ٿو. منتشر ڪهاڻيون ۽ لوڪ
داستان مختلف مصنفن کان آڳاٽي دور ۾ لکيل ملن ٿا
جن جو پاڻ ۾ نه ربط آهي ۽ نه ترتيب هاڻي ته زماني
گذرڻ سان اهي ڪتاب ڪثير تعداد ۾ معدوم ٿي چڪا آهن
يا شايد ڪن پراڻن ڪتبخانن جي بوسيده المارين ۾
ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ پيل هجن.
لوڪ ادب کي سهيڙڻ ۽ تحرير ۾ آڻڻ لاءِ ڪجهه قديم
تهذيبن ۾ ڪم ٿيل آهي، مثلاً: هندي، سنسڪرت، چيني،
يوناني، عربي ۽ فارسي ۾ ڪجهه ڪتاب هجن جن جو تعداد
ڪنهن به زبان ۾ 8-10 ڪتابن کان مٿي نه هوندو. هاڻي
خبر پئي آهي، ته آمريڪا جي سمٿ سونين انسٽيٽيوٽ ۾
ريڊ انڊينز جي لوڪ ادب کي ڪتابي شڪل ۾ آندو ويو
آهي. جن جو تعداد ڏهن ڪتابن کان مٿي نه آهي، پر
بلوچ صاحب جي لوڪ ادب جي ڪتابن جو ڳاڻيٽو 40 ڪتابن
کان مٿي آهي. لوڪ ادب جي هر صنف تي الڳ ضخيم ڪتاب
ترتيب ڏنل آهن، مثلاً: مداحون مناجاتون، مناقبا،
مولود، لوڪ ڪهاڻيون، ڏور، سينگار، ڳجهارتون ۽ ٻيون
به انيڪ تصنيفون آهن. ڪتاب، لوڪ ادب جي شاگردن
لاءِ ڪيترن نسلن تائين سنڌي قوم جي رهنمائي ڪندا
رهندا، ۽ بطور حوالن جي ڪم ايندا رهندا.
اصل ۾ لوڪ ادب لاءِ ته اهو چيو ويندو آهي ته هي
غير تحريري علم آهي جيڪو صدين کان يا هزارين سالن
کان سينه به سينه هڪ نسل کان ٻي نسل تائين منتقل
ٿيندو رهي ٿو. انهي طريقه ڪار ۾ لوڪ ادب جي ضايع
ٿيڻ يا ان ۾ ڦيرڦار اچڻ جو وڏو خطرو موجود آهي،
مثلاً: سسئي پنهون جو قصو هڪ هندو مذهب رکندڙ ڪنهن
هڪ نموني ٻڌائيندو هو ته مسلمان جي بيان مطابق ان
۾ اختلاف هوندو. ان کان علاوه ڪيترا قصا ۽ ڪهاڻيون
جيڪي گهرن ۽ اوطاقن ۾ ٻڌبا هئا، اهي هاڻي ختم ٿي
چڪا آهن. مثلاً: ڍولا مارو جو قصو هاڻي اڻلڀ آهي
پر بلوچ صاحب جي محنتن جڏهن ان کي ڪتابي صورت ۾
مبسوط ڪيو ته هاڻي هن قسم جا قصا ۽ داستان علم جا
ڀنڊار ٿي پيا آهن جن مان گهڻي معلومات ۽ فيض حاصل
ڪري سگهجي ٿو.
سينه به سينه علم جي منتقلي جو وڏو مثال يهودي
راهبن جو هو جن کي ڪبيلا سڏيو ويندو هو، پر ڪبيلا
يهودي انهيءَ علم جي منتقلي ۾ بخل کان ڪم وٺندا
هئا. انهي سبب جي ڪري سندن ڪيترو آفاقي ۽ انساني
علوم ضايع ٿي ويو.
ٻي بلوچ صاحب جي معرڪة الآرا تحقيقي تصنيف شاهه جو
رسالو آهي. ڪل ڏهه جلد آهن جن مان 9 کي شاهه جو
رسالو نالو ڏئي بلوچ صاحب اهو چئي ويو ته هنن 9
جلدن ۾ آندل شعر تحقيق، شاهه صاحب جا پنهنجا آهن.
آخري ڏهون جلد رسالي جو شاهه آهي، جن ۾ سندس تحقيق
موجب اهي بيت ڪن ٻين شاعرن جا چيل آهن ۽ پر آڳاٽن
مرتبن سهواً انهن کي شاهه جي رسالي ۾ شايع ڪري
ڇڏيو.
شاهه جو ڪلام سندس حياتيء ۾ ئي ڳايو ويندو هو،
جنهن لاءِ ڀٽائي صاحب ٽن تارن واري ستار ۾ چوٿين
تار وڌائي طنبورو ايجاد ڪيائين، جيڪو فقير هر
جمعرات تي درگاهه تي راڳ ڳائيندا آهن. لکت ۾
پهريون شاهه جو رسالو گنج شريف آهي، جيڪو آخوند
عبدالعليم متعلوي ترتيب ڏنو. ان کان پوءِ لاتعداد
رسالا ڇپيل ۽ اڻڇپيل حالت ۾ منظر عام تي آيا.
پهريون ڇپيل رسالو ٽرمپ صاحب جو آهي جنهن جرمني
مان وڃي ڇپايو. سنڌيءَ ۾ مشهور رسالو ڊاڪٽر
گربخشاڻي جو ٽيون جلد، جنهن رسالي جي شرح پڻ لکي.
هن رسالي کي سنڌ ۾ پهريون مستند رسالو چئي سگهجي
ٿو. ان کان پوءِ وڌيڪ ڇنڊڇاڻ شروع ٿي، آخري دور ۾
شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽي ٻه سال ڀٽ شاهه تي
رهي رسالي تي تحقيق ڪئي، ڪم هلندي ڊاڪٽر صاحب
ديهانت ڪري ويو. پوءِ خبر نه آهي ته سندس تحقيق جو
ڇا ٿيو؟
شاهه جي رسالي جي بيتن جي بيهڪ، پڙهڻي، صورتخطي،
اُچار، زير زبر، پيشُ هميشه علم وارن لاءِ بحث جو
موضوع رهيو آهي. عالم ته ڇڏيو پر ٻهراڙين ۾ اڻ
پڙهيل ڳوٺاڻا به بيتن جي پڙهڻي ۽ اُچار تي بحث
ڪندا نظر ايندا، مثلاً: ڪنهن ڪا سٽ هڪ نموني پڙهي
ته ٻيو هڪدم ان کي خبردار ڪندو ته اها سٽ صحيح هن
نموني آهي. زير، زبر، پيش به وڏن علمي جهيڙن جو
سبب بڻيو آهي. رسالي ۾ ٻين ڪيترن همعصر شاعرن جا
شعر به اچي ويا آهن، خاص طور تي سُر ڪيڏاري ۾
مخدوم محمد صالح ڀٽي جي تحقيق موجب ڪيڏارو چئن
فقيرن: صادق علي فقير، احسان علي فقير هالڪنڊي
وارو ۽ گدا علي فقير جيڪو احسان فقير جي اولاد مان
هو لکيو.
بلوچ صاحب انهن سڀن ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ ڪري صحيح کي
غلط مان الڳ ڪيو. صحيح صورتخطي صحيح اُچارن سان
لکيائين. نتيجي ۾ هاڻي شاهه جو رسالو مستند رسالو
آهي ۽ ٻيا رسالا ان کي اصول ٺاهي لکي سگهجن ٿا.
ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم جي شعبي جو روح
روان هو. تعليم جي ميدان ۾ هن نوان طريقا اختيار
ڪيا ۽ استادن جو معيارِ تعليم بلند ڪيائين، مٿس
ڪيترن حلقن مان اهي اعتراض به ڪيا ويا ته بلوچ
صاحب
نوجوان
Ph.D
پيدا نه ڪيا. اصل ۾ ان وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ اڃا
Ph.D
ڪرڻ جا ذريعا يعني وڏيون لائبريريون، ليبارٽيون ۽
ساز و سامان موجود نه هئا.
Ph.D
ڪرڻ لاءِ شاگردن کي مغربي ملڪن ۾ وڃڻو پوندو هو،
ان وقت جا وائيس چانسيلر مشهور فيلسوف عالم ۽
سائنسدان هئا، هنن جو مطمع نظر تعليم جي معيار کي
بهتر کان بهترين ڪرڻ هو. پهريون وائيس چانسيلر
پروفيسر ابوبڪر حليم (اي. بي حليم)، ان کان پوءِ
جڳ مشهور فلسفي ۽ مفسر قرآن علامه آءِ.آءِ قاضي،
ان کان پوءِ مشهور ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر رضي الدين
صديقي بئريسٽر حسن علي عبدالرحمان جهڙا مايه ناز
عالم هئا.
هنن جي ڏينهن ۾ امتحانن جو نتيجو سخت معيار هجڻ
سبب چاليهه سيڪڙو کان مٿي نه هوندو هو. يونيورسٽي
جي سخت علمي ماحول جي ڪري پنجاب کان شاگرد ميٽرڪ ۽
بي.اي جا امتحان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڏيڻ ايندا هئا.
گهڻو پوءِ جڏهن
Ph.D
عام جام ملڻ لڳي ته کڻي چئجي ته علم جي توهين هئي.
بلوچ صاحب اهڙن آدرشي انسانن مان هو جيڪو ظاهري
ڊگرين جي مقابلي ۾ علمي لياقت ۽ قابليت کي ترجيح
ڏيندو هو.
ڊاڪٽر صاحب نه خوشامد پرست هئا، نه خوشامد پسند.
ڪيترن محفلن جي صدارت ڪيائون، وڏا دانشور سندن
علمي ۽ ادبي ڪمن جي تعريف ڪندا هئا ته پاڻ پيا
مشڪندا هئا. آخر ۾ جڏهن صدارتي خطبو پڙهندا هئا ته
سامعين سمجهندا هئا ته هاڻي ڊاڪٽر صاحب ضرور
پنهنجي تعريف جي موٽ ڏيندو. داناء هو، وڏي حڪمت
سان موضوع بدلائي تعريف بدران پنهنجي زندگيءَ جا
واقعا ۽ مشاهدا ٻڌائيندو هو. آخري سالن ۾ ان قسم
جي واقعن کي ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ ۾ قلمبند ڪري ويو.
ڪچهريءَ ۾ سندن شرڪت مشروط هوندي هئي. جيسين تائين
مجلس ۾ سياڻپ، علم ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون هلنديون
هيون ته حصو وٺندو هو، پر جي گفتگو جو موضوع ڦري
اجاين سجاين ڳالهين ڏي ٿيندو هو، ته پاڻ اجازت
وٺندا هئا.
ڊاڪٽر صاحب وقت جو قدر ڪيو جو سموري حياتي ڪم ۽ ڪم
ڪيائون ۽ گفتگو کي به علمي حدن اندر رکيائون. سندن
رغبت روزانه پنڌ هلڻ جي به هئي، نوجوانيءَ کان وٺي
آخر عمر تائين، صبح و شام پنڌ ڪندا هئا. آخري عمر
۾ لٺ جو به سهارو ورتائون ۽ ڪنهن خدمتگار کي ساڻ
کڻندا هئا ڇو ته ضعيف العمري سندن روزمرهه جي
مشغلن ۾ رڪاوٽ هوندي هئي، کين صدر ۽ حيدرآباد
عيدگاهه ۾ پنڌ ڪندي ڏسبو هو.
اهڙي نموني هن دُر بي بها سنڌ ڌرتي جي فخرِ علم جي
طالب ۽ مطلوب، راز ۽ نياز جي اسرارن ۽ رموزن کان
واقف، سالسنڌيڄي
زندگي علم جي خدمت ڪندي سڦلي ۽ سجائي زندگي گذاري
وڃي پنهنجي رب سان مليو.
هرگز نه ميرد آنکه دلش زنده شديه عشق،
ثبت است برجريده عالم تمام حال. |