سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو24

ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي

 

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان منهنجي ملاقات

هيءَ ان دؤر جي ڳالهه آهي جڏهن پوري ملڪ تي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جو عوامي راڄ قائم هو ۽ سنڌ ۾ هر طرح جو امن ۽ سُک هو. ڪنهن به شيءِ جي ڪمي ڪونه هئي. نه اٽي جي ۽ نه لٽي جي، مهانگائي ۽ سستائي هئي. هر ماڻهو پنهنجي ڪکن ۽ پکن ۾ خوش هو. دهشتگردي ۽ مارا ماري ڪونه هئي ۽ نه وري ڪو غريب ۽ مسڪين ماڻهو ڪئمپن جي حوالي هو، ۽ نه ڪي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ بدمعاشيون هيون، ۽ نه ئي سنڌين کي لاش ٻورين ۾ ملندا هئا، نه ڪي ڪنهن ونيءَ کان وَرُ ۽ نه ڪنهن جيجل جي جهولي رت سان ريٽي ٿيل هئي. سنڌ سُڪار هئي ته رس رهاڻيون به هيون. ”اڱڻ تازي، ٻَهَر ڪُنڍيون، پَکا پَٽ سُونهن“ واري سنڌ هئي. ان زماني ۾ حيدرآباد شهر جو ته اوج هو. ماڻهو هاسيڪار حيدرآباد گهمڻ ويندا هئا. عيدن برادن تي ته حيدرآباد ۾ ميلا متل هوندا هئا. هوٽلن تي، مسافرخانن تي ۽ راڻي باغ ۾ ته وڏي رش هوندي هئي.

ڏاها ماڻهو حيدرآباد شهر کي سنڌ جي ”دِل“ چوندا هئا. هيرآباد جو حُسن ۽ نزاڪت، سونهن ۽ صفائي وڻندڙ هئي، وري جو ريڊيو حيدرآباد، سو ته سموري سنڌ جي سونهن ۽ وندر وِرونهه هئي، ان جي پارڪ ۾ وڏا وڏا فنڪار، صداڪار، سگهڙ، شاعر، اديب ۽ عالم ۽ سنڌ جا سدا ملوڪ ماڻهو ايندا هئا، جيڪي سڄيءَ سنڌ جي نمائندگي ڪندا هئا. ڏاڏي فتح خان واري ڳوٺاڻي ڪچهري ڄڻ سموري سنڌ جو آواز هئي.

ريڊيو حيدرآباد وڏا وڏا ڪلاڪار ۽ آواز پيدا ڪيا. فني ۽ سماجي خدمت ڪئي. شايد استاد منظور علي خان جو پهريون وڊيو انٽرويو به ريڊيو حيدرآباد جي اڱڻ تي رڪارڊ ٿيو. جيڪو مرحوم شيخ محمد اسماعيل جي ميزبانيءَ ۾ ٿيو. ان ۾ شيخ صاحب- استاد منظور علي خان کان ڪلاسيڪل گائڪي ۽ لوڪ موسيقي بابت سوال جواب ڪيا. ان پروگرام ۾ مرحوم ممتاز مرزا، گل حسن قريشي ۽ ٻيا استاد جا محبتي موجود هئا. مرحوم شيخ محمد اسماعيل رات جو ريڊيو حيدرآباد تان ”ساڻيهه جا سينگار“ پروگرام جي ميزباني ڪندو هو، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ کان ڏاها ماڻهو ايندا هئا، مولود مداحون ۽ لوڪ رس جا سڄاڻ ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. آءٌ به ٻه ٽي ڀيرا شريڪ ٿيو هئس. واهه جو پروگرام هو، ۽ وڏي معلومات ملندي هئي ۽ ڏاڍو رس ۽ چَسُ هوندو هو. منجهس پهريون ڀيرو انهيءَ پروگرام ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو ٻڌم. جيڪو سگهڙن ۽ سياڻن جي مهندار مڙس فقير ٻيڙي ڪنڀار ۽ ٻين کان بار بار ٻڌم. منهنجي اندر ۾ به اُڪير ۽ سڪ جاڳي ته اهڙي جاکوڙيءَ مڙس کي ڏسڻ گهرجي پر منهنجي وس کان اها ڳالهه پري هئي، ”پر جڏهن سائينءَ سبب ڪيو ته سُتَڙ به سالم لنگهيا“ ۽ مون سان به مالڪ ائين ئي مهرباني ڪئي.

آءٌ ان زماني ۾ ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هئس ۽ هاسٽل ٽنڊي ولي محمد ۾ رهندو هئس. مٿان رمضان جو ڀلارو مهينو آيو ته تراويح نماز لاءِ ميمڻ مسجد گاهه مارڪيٽ جماعت خانه ۾ نماز لاءِ ويندو هئس، جتي شڪارپور جو مشهور قاري محمد علي نابين نماز پڙهائيندو هو. ڏاڍو سهڻو ۽ مٺڙو آواز هئس، قراءت ۾ پوري ملڪ ۾ مشهور هو، قاري صاحب جي قراءت روح کي راحت ۽ قلب کي فرحت بخشيندي هئي. ٻه ڪلاڪ تراويح نماز ۾ لڳندا هئا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جو سرواڻ هو. پنهنجي ڪنهن دوست سان اڇي رنگ جي گاڏيءَ ۾ چڙهي اُتي ڪڏهن ڪڏهن نماز لاءِ ايندو هو. نماز بعد ڪلاڪ اڌ ويهي پنهنجي دوستن سان ڪچهري ڪندو هو. مون کي پهريون ڀيرو ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان هٿ ملائڻ ۽ روبرو ڏسڻ نصيب ٿيو. آءٌ به ڪي گهڙيون ويهي، ان رهاڻ جو رَسُ وٺندو هئس. ”صحبت سپريان جي، اِيءُ پڻ وڏي هاج“ جي سُڌُ مون کي اُتي پئي. مون کي ٻهراڙيءَ جو نئون ماڻهو ڏسي پڇيائين ته ڪير مڙس آهين، ڪٿي ويٺو آهين ۽ ڇا ڪرين ٿو. کيس سمورو احوال ٻڌايم ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ منهنجي همت کي شابس ڏيندي چيائين: ادا مڙس ٿي پڙهه ۽ محنت ڪر. آءٌ تنهنجي ڳوٺ بلڙي تان ڀيرو ڪرڻ ايندس. آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس. ٻه- ٽي ڀيرا اتي ڊاڪٽر صاحب جي ڪچهري ٻڌڻ نصيب ٿي. پوءِ وري سال لنگهي ويا.

هڪ ڀيري ڊاڪٽر بلوچ جي پٽ ڊاڪٽر محمد شريف جي پٽ جي ديالداس ڪلب حيدرآباد ۾ شادي هئي. ان جي دعوت مون کي منهنجي پياري استاد ۽ دوست مرحوم ميان بخش لغاري ڏني هئي. جو سندس نياڻي ان کي ڏني هئائين. ان ۾ شرڪت لاءِ ويس. ماڻهن جي وڏي ميڙ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ويٺو هو. مون به وڃي سلام دعا ڪئي مون کي پاڻ سڃاڻي حال احوال ڪيو. پوءِ پاڻ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو سربراهه ٿيو ته مون ڏي خط لکيائين ته بلڙي شاهه ڪريم جي درگاهه تي ايندس. ”ڊاڪٽر بلوچ صاحب واعدي جو تمام پابند هوندو هو. جي قضا سان اچي نه سگهندو هو ته ماڻهو موڪلي اطلاع ڏيندو هو پر انتظار نه ڪرائيندو هو.“

ڊاڪٽر بلوچ واعدي مطابق مون وٽ بلڙي شاهه ڪريم آيو، ۽ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي. ٻه- ٽي دوست گهرائي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي آجيان ڪئيسون. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڻ به ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پوءِ گڏجي درگاهه حضرت شاهه عبدالڪريم تي آياسين، چيائين درگاهه تي ٿيل ڪاشيءَ جو ڪم ڏسڻو آهي، جيڪو شاهه لطيف خود ڪرايو هو. اهو ڏسنداسين ۽ ان جي وڊيو فلم تيار ڪرائڻي آهي. ڪئميرا جا فوٽو ڪڍبا، درگاهه جي مجاور مرحوم حاجي صوف ميمڻ سان ملياسين ۽ ڊاڪٽر صاحب خليفي کي پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايو ۽ ڊاڪٽر صاحب اهو به چيو شاهه لطيف درگاهه تيار ٿيڻ وقت جيڪا سال واري سرفارسي بيت سان لکرائي لڳائي هئي اُها به ڏسنداسين.، حاجي صوف هڪ سر کڻي آيو جيڪا مسجد جي جاري (ڪَٻَٽ) ۾ اڳڙين ۾ ويڙهيل هئي، ان تي فارسيءَ ۾ ”هست درگاهه ڪريم و جلوه گاه حق ابد“ ۽ هيٺان هجري سن 1154هه/1156 لکيل هو. ان سِر جي ڊيگهه 17 انچ ۽ ويڪر 11 انچ آهي، (عيسوي سن 1743ع) ان وقت شاهه لطيف جي ڄمار 54 سال هئي.“ سو حاجي صوف مرحوم جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه جي رسالي جلد پهريون ص 47 ۽ ص 27 تي ڪيو آهي ۽ سِر جو ڦوٽو به ڏنو آهي. هيءُ جلد ثقافت کاتي طرفان 1989ع ۾ ڇپرايو ويو آهي. ۽ ٻيو مهراڻ رسالي ۾ ”شاهه جي سوانح حيات“ واري مضمون ۾ ڏنو ويو آهي.

شاهه لطيف جي دور جو تاريخي سِرون

هڪ سِر تي درگاهه جي تعمير جو سال 1156هه لکيل آهي

 

مون کي به ڊاڪٽر بلوچ چيو ته اوهان به انهن سِرن جا فوٽو ڪڍو، پاڻ وٽ به رکو ۽ مون کي به ڏياري موڪليو، ٻي سِر مون اڳ ۾ ئي ڳولي هٿ ڪري رکي هئي جا مون وٽ محفوظ هئي. اها جڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ڏيکاريم ته پاڻ وڌيڪ خوش ٿيو ۽ ان جا فوٽا گهرايائين جيڪو آءٌ پوءِ کيس حيدرآباد ڏئي آيس ۽ مون کي تاڪيد ڪيائون ته اهي سِرون محفوظ ڪريو، ڇو ته ڀٽائي صاحب جون يادگار آهن، ڀٽائي صاحب ٻه سال شاهه ڪريم جي روضي ۽ مسجد جو ڪم ڪرايو. رات جو لطيفي راڳ ٿيندو هو ۽ صبح جو درگاهه تي فقراء ڪم ڪندا هئا. ڀٽائي صاحب حُجرو به جوڙايو، ”جيڪو اڄ به درگاهه جي اوڀر طرف موجود آهي، اها سال واري سر جنهن تي 1156هه سال لکيل هو، جيڪا درگاهه واري مسجد ۾ موجود هئي، اها مجاور حاجي صوف ميمڻ جي وفات کان پوءِ پرائمري استاد سيد دلشاد علي شاهه پاڻ کڻائي شاهه لطيف واري حُجري ۾ لڳرائي ڇڏي جيڪا اڄ تائين اتي لڳل آهي.“ موجوده وقت درگاهه شاهه ڪريم جي دروازي مٿان فارسي بيتن سان سِرون ۽ سن لکيل آهي 1355هه. اهو غلام حيدر شاهه، لونگ فقير جي نگرانيءَ ۾ ڪرايو آهي، جيڪو هن وقت موجود آهي.

ڊاڪٽر بلوچ اها به ڳالهه ٻڌائي ته شاهه لطيف اهي سِرون ملتان مان ٺهرائي کڻائي آيو، جيڪي ٻيڙين ذريعي سنڌوءَ مان هتي آيون. ڊاڪٽر بلوچ صاحب مون کان پوءِ ميرپوربٺوري روانو ٿيو. جتي عبدالقادر کٽي وٽ رهاڻ رکيل هئي. ان جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ”سڄڻ ساريندي“ ص 106 تي ڪيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان پوءِ علمي حوالن سان ملاقاتون ڪرڻ ۽ خطن جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو آخري وقت تائين جاري هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب مون کي لکڻ، پڙهڻ ۽ شاهه لطيف کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ جو شوق ڏياريو. مون شاهه کي پڙهڻ ۽ پُرجهڻ شروع ڪيو ۽ لکڻ لاءِ همت پيدا ٿي. ويهارو کن شاهه جي مختلف سُرن تي مقالا لکيم جيڪي ماهوار ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپيا، ۽ ٻيا جيڪي شاهه لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالا ثقافت کاتي وارن ڇپيا، اهي گڏ ڪري، ڊاڪٽر صاحب وٽ مهاڳ لاءِ کڻي ويس، ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وڏي خوشيءَ ۽ فراخدليءَ سان انهن تي پنهنجي عالمانه راءِ ۽ دعا لاءِ فقرا لکيائون. مون کي ڪتاب کڻڻ ۾ دير ٿي ته پاڻ مون ڏي خط لکيائين. اهڙي نموني سان منهنجي لکڻ جو به سلسلو جاري ٿيو، جيڪو اڄ تائين هلندڙ آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب نگران حڪومت ۾ جڏهن تعليم جو صوبائي وزير ٿيو ته ان کان ٻه- ٽي ڏينهن اڳ بلڙي آيو ۽ پوءِ ميرپوربٺوري عبدالقادر کٽي ۽ رئيس لعل بخش زنئور وٽ ويو ۽ اتان ڪراچي ويو، ترت پوءِ تعليم جو وزير بڻيو.

مضمون نگار ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گڏ

آءٌ جڏهن کين مبارڪ ڏيڻ ۽ بلڙيءَ ۾ ادبي دوستن سان رهاڻ ۾ جيڪي فوٽو نڪتل هئا، ڏيڻ ويس ته وٽن وڏي رش هئي. مون کي پاڻ گهرائي حال احوال ڪيائون، ۽ پوءِ چيائون ته ڪو ڪم ڪار هجي ته ٻُڌاءِ، مڊل ڪلاس يا مئٽرڪ پاس ڪي نياڻيون هجن ته انهن لاءِ پرائمري ماستريءَ جا آرڊر ڏيان. ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي نياڻين کي پڙهائڻ ۽ انهن جي تعليم لاءِ وڏو فڪر هوندو هو. هو پنهنجي سڄاڻ دوستن کي ان باري ۾ صلاح ڏيندو هو ته نياڻين کي تعليم ڏيارڻ تمام ضروري آهي. ٽن مهينن واري نگران حڪومت ختم ٿي ته پاڻ وزارت کان آجا ٿيا ۽ پنهنجي دوستن ڏي خط لکيائون ۽ مون کي 30- آڪٽوبر 1993ع تي خط لکيائون. جنهن ۾ اهو لکيائون ته ”وزارت مان آجو ٿي پيارن دوستن کي خط لکي رهيو آهيان، ۽ اوهان به انهن پيارن مان آهيو.“

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا جملي 17 ۽ 18 خط مون وٽ موجود آهن، جن ۾ علمي، ادبي ڳالهيون ۽ شاهه لطيف جي حوالي سان ڏنل معلومات آهي، جن ۾ مون کي پي ايڇ.ڊي ڪرڻ لاءِ همت ڏيارڻ پڻ آهي. اڄ مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته آءٌ جيڪي ڪجهه آهيان اهو ڊاڪٽر بلوچ جي همت ڏيارڻ جي ڪري آهيان ۽ اڄ Ph.D هولڊر آهيان، اهو به ڊاڪٽر بلوچ جي محبت ۽ خلوص جو سِلو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي عملي جاکوڙ ۽ محبت سان، شاهه لطيف جي تحقيق بابت جڏهن ڏهه جلد ڇپيا، ته انهن کي وٺي چڱي طرح پڙهيم ۽ سمجهيم. انهن ڏهن جلدن تي جڏهن تفصيلي خط موڪليم، ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪدم مون کي خط لکي شاباس ڏنائون ۽ چيائون ته ”ادا هيءُ تمام وڏو ڪم هو جنهن ۾ گهڻيون ڪوتاهيون ٿيون آهن. اهي درست ڪبيون.“ اها ڊاڪٽر صاحب جي وڏي خوبي هئي، جو ڪوتاهين جي ڳالهه قبول ڪيائون نه ته ٻيو ڪو اديب هجي ها ته ناراض ٿي پوي ها، هڪ ڀيري سُر سامونڊيءَ جو هڪ بيت: ”اسان اُڌارا، آڻي آونگ چاڙهئا.“ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکيم ته سائين آونگ ڇا آهي؟ ان بابت تمام سهڻي معلومات ڏنائون، ۽ وڌيڪ روبرو به سمجهايائون.

نئين زندگي وارن جڏهن سنڌ جي اديبن کي ايوارڊ ڏنا، انهن ۾ مون کي به ايوارڊ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هٿان مليو. مون کي خوشي ٿي ۽ ڊاڪٽر بلوچ به تمام گهڻو خوش ٿيو. ’بيان العارفين‘ شاهه ڪريم جو ڪلام  جڏهن اوقاف کاتي طرفان ڇپيو ۽ ان جو مهاڳ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو، هيءَ محنت آهي- ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب جي. ان ۾ ٻن اهم تاريخي ماڳن جي نشاندهيءَ ۾ ڦيرڦار هئي. جنهن لاءِ مون ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي 28- مارچ 2003ع تي خط لکي آگاهي ڏني ته: سائين راهوٺ شهر ٻني شهر جي اوڀر ۾ نه پر ڏکڻ طرف آهي ۽ ٻيو لکيو ته موجوده راڌوڙي رائدن ناهي، ڊاڪٽر صاحب منهنجي خط جي تڪڙي موٽ ڏني، منهنجي ڳالهه کي دل سان قبول ڪيائون ۽ خط لکيائون ته اوهان جي وڏي مهرباني اوهان بلڙي شاهه ڪريم جا رهواسي آهيو، ان علائقي کان اوهان اسان کان چڱيءَ طرح واقف هوندؤ. سومري صاحب لکيو ته اوهان شاهه ڪريم جي رسالي جي آيل ماڻهن جي نالن ۽ ماڳن بابت وڌيڪ کوجنا ڪريو. پنهنجي آسپاس جي ماڳن تي تحقيقي انداز سان معلومات گڏ ڪريو، ڪو تاريخي ڪتاب جُڙي پوي.

بُلڙيءَ مان جڏهن ”ڪُوڪ“ رسالو نڪتو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب مون کي خط لکي هدايت ڪيائون ته بلڙيءَ جي ماڻهن ۽ شاهه لطيف جي فقيرن بابت وڌيڪ معلومات ڏيو ۽ رسالي ۾ سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن جو ذڪر ڪريو. ڊاڪٽر بلوچ هر وقت سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ۽ غريب بيوس ماڻهن جو ذڪر ڪندو هو ۽ چوندو هو ته انهن جو قدر ڪريو ۽ انهن کي اڳتي آڻيو. اهي سنڌ جو سرمايو آهن. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پوري دنيا ۾ روشناس ڪجي. ان لاءِ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪجي. سنڌ جي هر ضلعي جي الڳ تاريخ جوڙجي، ان لاءِ اتي جي مقامي عالمن، اديبن ۽ استادن کي اڳتي اچڻ گهرجي. سنڌ جي تاريخ، ادب، ٻولي، علم ۽ تحقيق تي استاد طبقي وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، ۽ اڄ به ڪندا اچن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي اها وڏي خوبي هوندي هئي جو ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ڪوبه ماڻهو ڳالهائيندو ته ان جي ڳالهه غور سان ٻُڌندو هو، ۽ ان کي داد ڏيئي ان جي همت افزائي ڪندو هو. مون وٽ بلڙيءَ ۾ هڪ دوست کين بيت ٻڌايو. بيت ڪچو ڦڪو هو. ڊاڪٽر صاحب مُسڪرايو ۽ ان کي به داد ڏنو ۽ اهو چيو ته ادا بيت ته ڀلوڙ هٿ ڪيو اٿئي. ان کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڌاريو ڪلام بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني. ڊاڪٽر صاحب خود به هڪ يگانو عالم هو ۽ هو عالمن ۽ استادن جو قدر ڪندو هو ۽ کين عزت ڏيندو هو. اسان وٽ ڪچهريءَ ۾ ٻه جهونا استاد: سائين يوسف شيدي ۽ سائين نيازمند بلڙائي به ويٺا هئا، انهن سان پڻ ڊاڪٽر صاحب ادب سان مليو ۽ رهاڻ به ڪئي. اڳين دؤر جي تعليم بابت معلومات ڏني. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جون کوڙ ساريون خوبيون آهن. پر سڀ کان وڏي خوبي اها ته سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪجي، سنڌ کي سنوارجي، ڊاڪٽر جون اهي ئي خوبيون هيون، جن ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ڏيکاري ۽ سنڌ جو لوڪ ادب گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڏني.

مون کي اها به خوشي آهي ته ڊاڪٽر صاحب بلڙيءَ ۾ ڪيترا دفعا آيو ۽ پنهنجي ڪتاب ”پيارن جا پيغام“ ص 225 تي منهنجو خط شامل ڪيو آهي:

سامي تون سُلوڪ کي، هٿان هڏ مَ ڇڏ،
لڏيندن سين لَڏِ، ته رهين تون راڄُ ڪري.
                                              (شاهه)

ڊاڪٽر عبدالحئي ابڙو

 

 

ڊاڪٽر بلوچ: ڪي ساروڻيون

وما ڪان قيس هُلڪہ هُلڪ واحد

ولڪنہ بنيان قوم تَهدّما

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وڇوڙي تي بي ساخته عرب شاعر جو اهو بيت ذهن جي ڦرهيءَ تي تريو اچي، ۽ سؤ سيڪڙو ڊاڪٽر صاحب سان ٺهڪيو اچي؛ جو ڊاڪٽر صاحب جو لاڏاڻو فقط هڪ فرد جو لاڏاڻو ناهي، پر سندس وڇوڙي سان سڄي قوم سوڳوار ٿي وئي آهي!

ڊاڪٽر صاحب سان پهرين ملاقات ته ڇا پر سندن پهرين زيارت اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ 1981ع ۾ ٿي، جڏهن پاڻ ان يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسيلر هئا ۽ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي داخلا ٿي هئي. يونيورسٽي به تنهن مهل نئين نئين قائم ٿي هئي ۽ پاڻ ان جا وائيس چانسيلر ۽ مرحوم اي. ڪي بروهي ريڪٽر مقرر ٿيا هئا. يونيورسٽي ۾ رڳو ايل.ايل.ايم جا ٻه بئنچ هلندڙ هئا ۽ شاگردن جو انگ فقط 27 هو. يونيورسٽيءَ جي اڃا پنهنجي ڪا بلڊنگ ڪانه هئي، ڪلاس مسواڙي گهر ۾ هلندا هئا. ڊاڪٽر صاحب ۽ يونيورسٽيءَ جا ٻيا عملدار ”هجره ڪائونسل“ جي آفيس ۾ ويهندا هئا، جنهن جا ڊاڪٽر صاحب سيڪريٽري پڻ هئا. هيڪاري ساڻن ملڻ لاءِ ”هجره ڪائونسل“ وڃڻ ٿيو، اڳينءَ جي نماز ٿي پئي، ڊاڪٽر صاحب غالباً سَنڌن جي تڪليف ڪري ڪرسيءَ تي نماز پئي ادا ڪئي. ساڻن گڏ يونيورسٽي جي تڏهوڪي ڊين ايڊمنسٽريشن مرحوم غلام صديق گهانگهري سان مختصر ملاقات ٿي. اُن کان پوءِ گاهي به گاهي انهن ملاقاتن جو سلسلو هلندو رهيو. هڪ ڀيري اسان جي هڪ ڪلاسي (اسلم خاڪي ايڊوڪيٽ) يونيورسٽي ۾ شاگردن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ سهولتن جي اڻاٺ بابت جنگ اخبار جي تعليمي ايڊيشن ۾ تنقيدي مضمون لکيو، جنهن تان يونيورسٽي انتظاميه کي مٺيان لڳي ۽ کيس يونيورسٽي مان ايڪسپيل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن نڪتو. مون کي ياد آهي ته فيصل مسجد واري ڪيمپس ۾ قائم ٿيل وي. سي آفيس ۾ اسان جي ٻنهي ڪلاسن جي شاگردن جي ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات ٿي ۽ گهڻي رد ڪد کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب شاگردن جي داخلا جي بحالي جو وعدو ڪيو ۽ ان نموني هو بحال ٿيو. هڪ ڀيري اسٽيٽ بئنڪ بلڊنگ ۾ يونيورسٽي پاران ڪا بين الاقوامي ڪانفرنس ڪرائي وئي، ڪانفرنس جي افتتاحي ويهڪ کان پوءِ اسان ڪجهه شاگردن يونيورسٽي پهچڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب کان لفٽ گهري، پاڻ اسان کي گاڏيءَ ۾ ويهاريائون، پاڻ تنهن مهل هسٽريءَ واري انسٽيٽيوٽ جا ڊائريڪٽر پڻ هئا ۽ اها گاڏي انهيءَ انسٽيٽيوٽ جي هئي. گاڏيءَ ۾ ساڻن ڳالهه ٻولهه جو سلسلو هليو. مان کانئن ”سنڌي لغات“ بابت پڇيو ته ڪم ڪهڙي مرحلي ۾ آهي. پاڻ چيائون ته ”اڄ ڪلهه اهو ڪم ٻيا ماڻهو پيا ڪن.“ هڪ ڀيري پاڻ اسان جي ماسٽرس وارن ٻنهي ڪلاسن کي ريسرچ مئٿاڊالاجي (تحقيق جي طريقي) بابت ليڪچر ڏنائون. ليڪچر جيتوڻيڪ انگريزي ٻوليءَ ۾ هو، پر ان جي آئوٽ لائين آمهون سامهون ڏنل انگريزي ۽ عربي ٻنهي ٻولين ۾ هئي، ٻولين ۾ هئي، ڀانيان ٿو ته اها اڃا تائين منهنجي ڪاڳرن ۾ ڪٿي سانڍيل آهي.

ڊاڪٽر صاحب اٽڪل روءِ اڍائي سال يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسيلر رهيا ۽ هڪ نموني عرب (بلڪ مصري)- پاڪستاني ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ مصري استادن جو ساٿ ڏيندڙ هڪ پاڪستاني گروپ جنرل ضياءُ الحق تائين اثر رسوخ هلائي بروهي صاحب ۽ ڊاڪٽر صاحب کي سندن عهدن تان ڌار ڪرائي، ڊاڪٽر افضل (جنرل ضياءُ جي گهر واري جو مامو) ۽ مصري استاد ڊاڪٽر حسين حامد حسّان کي ترتيب وار ريڪٽر ۽ وي. سي طور مقرر ڪرايو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جو سڄو توجهه هجره ڪائونسل جي ذميوارين تي رهيو، جتي پاڻ اسلامي ورثي جي مشهور هڪ سؤ ڪتابن جا انگريزي ترجما آڻڻ جي رٿا پئي هلايائون ۽ ان سلسلي جا ڳچ ڪتاب تمام سهڻي انداز سان آندائون. اهو سلسلو به اسان جي لاپرواهه حڪومتن ۽ ڪامورا شاهيءَ جو بک بڻجي ويو ۽ اڳتي هلي غالباً وزير اعظم جوڻيجي جي دور ۾ هجره ڪائونسل جا پر ڪتريا ويا ۽ ڊاڪٽر صاحب کي ان کان الڳ ڪيو ويو، نتيجي طور اها اهم رٿا اڻ پوري رهجي وئي.

اسان سنڌي قوم جو اهو الميو رهيو آهي، ته سدائين ڪم وارا ماڻهو اسهپ ۽ ساڙ جو شڪار ٿيا ۽ سندن آڏو سدائين رنڊڪون وڌيون ويون ۽ خاطريءَ سان کين ڪم ڪرڻ ڪرڻ نه ڏنو ويو. ساڳي صورت حال سان ڊاڪٽر صاحب جهڙي بي مثال عالم، اديب، محقق، مؤرخ، تعليمي ماهر ۽ سنڌ جي سينڌ سنواريندڙ شخصيت کي منهن ڏيڻو پيو. سنڌ جي ادارن: ڊاڪٽر صاحب جو اهو قدر نه سڃاتو، جنهن جا پاڻ حقدار هئا، ان جي پويان ڪي برک ۽ وڏو اثر رسوخ رکندڙ شخصيتون هيون، جن مان ڪن جي ميار ڊاڪٽر صاحب پاڻ اسان ڏانهن هڪ ذاتي خط ۾ لکي هئي، جا اسان پنهنجي رسالي ”السند“ اسلام آباد ۾ شايع ڪئي هئي، جنهن تي ڪافي بحث مباحثو پڻ هليو هو. رنڊڪن ۽ رڪاوٽن هوندي ڊاڪٽر صاحب ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ سدائين پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهيا ۽ سنڌي لوڪ ادب، سنڌ جي تاريخ، لطيفيات ۽ سنڌي لغات تي اهڙو ورثو ڇڏي ويا جنهن تي شايد ڪو گهڻو واڌارو ٻيو ڪو نه ڪري سگهي. اهو ڪم لڳي ٿو ته صديون نئون تازو رهندو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي نئون بنو ۽ سگهارو رکندو.

طالب علميءَ واري دور ۾ ڊاڪٽر صاحب سان گهڻو ۽ گهاٽو لاڳاپو نه ٿي سگهيو، پر جڏهن 1991ع ۾ ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي جي سرپرستيءَ ۾ اسلام آباد مان اسان پهريون سنڌي رسالو ”السنڌ“ جاري ڪيو ته ٿورڙي عرصي ۾ ڊاڪٽر صاحب سان سٺو رابطو شروع ٿيو. پاڻ رسالي جي تمام گهڻي پذيرائي فرمائي حوصلو ڏياريائون ۽ وقت بوقت سندن ليک رسالي جي سونهن بڻجندا رهيا. ساڻن خط و ڪتابت جو سلسلو ته رهيو ئي، ڪئين ڀيرا چهار چشمي جو موقعو پڻ ملندو رهيو. حيدرآباد ۾ علامه آءِ.آءِ.قاضي چيئر جي آفيس ۾ ڪافي ڊگهي ملاقات ٿي ۽ علم ۽ تحقيق جي حوالي سان رهاڻ جي ياد اڄ ڏينهن تائين تازي آهي.

هڪ ڀيري ٿورڙي وقت لاءِ پاڻ ڊاڪٽر سليم اختر سان گڏجي غريب خاني تي پڻ ڪَهي آيا، هڪ ڀيري آءٌ ڊاڪٽر سليم اخترسان گڏجي سندن نياڻيءَ جي گهر ۾ ساڻن ملڻ لاءِ وڃڻ ٿيو، جتي پاڻ اسلام آباد اچي ترسندا هئا. وفات کان ڪجهه مهينا اڳ پاڻ اسلام آباد آيا ته سندن گهاٽي عزيز دوست ۽ شاگرد ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو (تڏهن فيڊرل سيڪريٽري صنعتون ۽ پيداوار) سندن مان ۾ پوش سيڪٽر جي هڪ نرالي ريسٽورنٽ ”کيوا“ ۾ ماني رکي ۽ قرب ڪري مون کي پڻ ڪوٺ ڏنائون، چوٿون بزرگ محمد حسن ڀٽو (اڳوڻو چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن) هو. چڱو وقت ڊاڪٽر صاحب سان رس رهاڻ رهي ۽ ساڻن يادگار فوٽو پڻ ڪڍڻ جو موقعو مليو. ائين پئي لڳو جو ڊاڪٽر صاحب جي يادگيري اها ساڳي جواني جي دور واري آهي. پنهنجي استاد عربي ادب جي عالمي طور مڃتا ماڻيل هستي علامه عبدالعزيز الميمني جي پچار ۾ اچرج جوڳا واقعا ٻڌايائون. ان کان اڳ منهنجي ايڊٽ ڪيل، سلطان الاولياء لنواري واري بزرگ جي ابيات سنڌي جي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي واري عربي شرح جو مسودو ڊاڪٽر سومرو صاحب، ڊاڪٽر صاحب ڏانهن موڪلي چڪو هو ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي خط ۾ ان بابت هاڪاري راءِ پڻ ڏني هئي، ان بابت به پڇيائون ۽ وڌيڪ تحقيقي ڪم لاءِ صلاحون پڻ ڏنائون.

ڊاڪتر صاحب جي تصنيفن ۽ تاليفن جو اڀياس ڪندي ٿلهي ليکي ان نتيجي تي پهچجي ٿو ته پاڻ سنڌي ٻولي ۽ لوڪ ادب کي اهڙيون ته حُسناڪيون ڏئي ويا جو هينئر اهو ڪلاسيڪل عربي ادب جون سڪون پيو لاهي. لوڪ ادب ۽ رهاڻ هيرڻ کاڻ وارا سلسلا جاحظ جي البيان والتبيين، ابن عبد ربہ جي العقد الفريد، زمخشري جي ربيع الابرار، ابن حمدون جي التذڪرة الحمدونية ۽ ابشيهي جي المستطرف وغيره ۾ آيل ’ادب عالي‘ سان ڀيٽ ٿا کائن. لڳي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب عربي ادب سان سٺي مناسبت ٿي رکي. مون کي ياد ٿو پوي ته ڊاڪٽر صاحب هيڪاري عربي ادب جي نرالي نانءَ جاحظ جي لکيتن جي ڏاڍي ساراهه ڪئي، پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ به سندس ذڪر ڪيو اٿن.

لطيفيات جي ڏس ۾ سندن تحقيقي ڪم ۽ خذمتن جو ته ڪو برئي نٿو ميچي سگهي. لطيف جي ڪلام جي عمدي سمجهاڻي ۽ شرح کان علاوه رسالي جا اڪيچار دستخطي توڙي ڇاپي نسخا هٿ ڪري انهن کي ڀيٽائي هڪ نهايت معتبر ۽ مستند متن جي تياري ڊاڪٽر صاحب جو اهڙو ڪارنامو آهي جيڪو سدائين يادگار ۽ سندن لاءِ صدقهءِ جاريہ رهندو. جامع سنڌي لغات جي ترتيب ۽ تدوين سنڌي ٻوليءَ تي سندن هڪ ٻيو ٿورو آهي جنهن سان سنڌي ٻولي ٻين عالمي ٻولين سان ريس ڪرڻ جوڳي ٿي آهي.

ڊاڪٽر صاحب پنجن وڏين ٻولين جا وڏا ڄاڻو هئا: سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي. انهن مان پهرين ٽن ٻولين ۾ ته پاڻ روان هئا ۽ گفتگو- تقرير سان گڏوگڏ نهايت عمدي نموني تصنيف ۽ تاليف جو ملڪو هئنِ، جنهن ڪري ٽنهي ٻولين ۾ لکيتن جا واهڙ وهائي ڇڏيائون. سندن تحقيق جو انداز عالمي سطح تي هلندڙ ماپن معيارن مطابق هو. ڪا به ڳالهه توڙي نظريو دليل جي آڌار تي ئي بيهاريندا هئا. اها ڳالهه ڊاڪٽر صاحب کان پهريان اسان جي علمي ۽ ادبي لڏي ۾ فقط ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب وٽ ڏسجي ٿي، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان کي اوج تي رسايو ۽ ان روايت کي پڪو پختو ڪيو.

ڊاڪٽر صاحب جي زندگيءَ ۾ نظم ضبط، وقت جي قدرداني ۽ ان جو صحيح صحيح ۽ پورو پورو واهپو ٿو ڏسجي، جنهن ڪري پاڻ ايڏو ڪم ڪري ويا جو وڏا وڏا ادارا به ان کان عاجز آهن. وري سندن تحقيق رڳو ڪتابن جي ٺلهي مطالعي تائين محدود ڪا نه هئي، پر ان لاءِ ماڳن مڪانن جي مشاهدي، واسطيدار ماڻهن سان سڌين ملاقاتن لاءِ ڪشالا ۽ ڪشٽ ڪڍي جهنگ جهر جهاڳيائون. ان ڳالهه جتي سندن لکتن کي مضبوط بنيادن تي هموار ڪيو ته ساڳئي وقت پنهنجي دور جي ٻين محققن کان نرالي حيثيت پڻ ڏياري ڇڏي.

نذير شاڪر بروهي

 

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان راقم الحروف جي پهرين ملاقات جيڪب آباد ۾ هڪ سيمينار ۾ ٿي هئي، جتي ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب ”سنڌي الفابيٽ“ تي هڪ پرمغز مقالو پڙهيو هو، جنهن جي ڊاڪٽر بلوچ وڏي ساراهه ڪئي هئي. ٻي ملاقات ”سکر صدين کان“ سيمينار ۾ ٿي. ان سيمينار جي هڪ نشست جي اختتام کان پوءِ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي مون کي Specially طور ملايو. ان دوران ڊاڪٽر بلوچ سان پنج منٽ بيٺي ڳالهه ٻولهه ٿي. حالانڪه ان ملاقات دوران راقم الحروف ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جو ”چاڪر رند“ جي موضوع تي تنقيدي ۽ علمي بحث و مباحثو هلندڙ هو، پر پوءِ به هن مهان ماڻهوءَ سڀ ويڇا وساري شفقت، پيار ۽ پاٻوهه سان ملي، مون کان وڌيڪ علم و ادب ۾ ڪجهه ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو تفصيل ورتائون ۽ خوش ٿي وڌيڪ همٿايائين. ٽين ملاقات ساڻس سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس ۾ واقع سندس گهر ۾ ٿي. راقم سان گڏ سنڌ جا ٻه نوجوان محقق ۽ اديب هڪ محترم امام راشدي ۽ ٻيو محترم غلام مصطفيٰ سولنگي (هاڻي ٽيليويزن پروڊيوسر) ساڻ هئا. ان ملاقات اسان ٽنهي نوجوانن تي گهرو اثر وڌو. هن ملاقات ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان سنڌ جي تاريخ، ادب، شڪارپور، ڳڙهي ياسين، مدئجي جي تاريخ ۽ اتي بودو باش رکندڙ قبيلن متعلق تفصيلي بحث و مباحثا ٿيا. سنڌ جي هر ضلعي جي تاريخ، ڪلچر ۽ قبيلن تي سندس علمي، تاريخي دسترس ڏسي هر ڪو سندس ساراهه ڪرڻ کان ڪين رهي سگهيو. ائين پئي معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر بلوچ ”سنڌ جا مڪمل گهمندڙ ۽ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا“ هئا.

راقم جي ڊاڪٽر بلوچ سان چوٿين ملاقات ”نئين زندگي“ ايوارڊ واري تقريب ۾ ٿي. جتي پڻ اها مهان شخصيت راقم سان شفقت، پيار ۽ پاٻوهه سان ملي. اهڙي قدآور، نامياري ۽ عالمي شخصيت جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي نروار ۽ وائکو ڪرڻ، سج کي آڱر سان لڪائڻ جي برابر آهي.

ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ذات ۾ صرف عام انسان نه پر سنڌي ادب، تاريخ ۽ ڪلچر تي هڪ مڪمل يونيورسٽي جي حيثيت رکندڙ هئا. جنهن مان سوين علمي ادبي پياسا نوجوان پنهنجي پياس اُجهائي ويا. هو گهڻ رُخي شخصيت جا مالڪ هئا. هو هڪ ئي وقت لغت نويس، ماهر لوڪ ادب، ۽ ماهر لطيفيات سٺا مرتب ۽ ايڊٽ ڪندڙ، مؤرخ، ماهر لسانيات، ماهر بشريات، ماهر آثار قديمه، ماهر نباتات، جاگرافيدان، سوانح نگار، انشائيه نگار ۽ ٻين انيڪ علمي، ادبي موضوعن تي نه صرف دسترس رکندڙ هئا، پر انهن موضوعن تي ڪتاب ۽ مقالا لکي پنهنجي حيثيت مڃرايائون.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب صرف لکڻ، پڙهڻ ۽ سنڌي ادب ۾ ماڻهن جو انگ وڌائڻ جو ڪم نه ڪيائون، پر هن سنڌ جي اصلي ڪلچر کي ان جي اصلي ۽ حقيقي روپ ۾ محفوظ ۽ ٻاهرين دنيا ۾ عام ڪرڻ جا به اهم ۽ علمي قدم کنيائون. آمريڪا جي واشنگٽن ڊي. سي ۾ قائم ڪيل سمٿ سونيم ميوزيم جي ايشين سيڪشن ۾ ”سنڌي گهر“ قائم ڪيائون، جنهن ۾ سنڌي ڪلچر جي متعلق پيٽنگس ۽ مجسما رکيائون. جن ۾ هڪ سنڌي عورت سوسي ڪپڙن ۾ اوڍيل ڇڄ سان اَنُ پئي ڇنڊي ٻي پينٽنگ ۾ هڪ لاڙ جي عورت چاڏيءَ ۾ ڏڌ پئي ولوڙي ۽ ٽئين پينٽنگ ۾ هڪ ڪڙمي هَرُ پيو ڪاهي ۽ هڪ ناري هن لاءِ مٿي تي ماني کڻي اچي رهي آهي ۽ سندس هٿ ۾ لسيءَ جي چؤنري آهي. سنڌ جي هنرمندي ۽ ڪاريگري کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ”مهراڻ آرٽس ڪائونسل“ قائم ڪرائي، ان جا اعزازي سيڪريٽري مقرر ٿيا. 1951ع کان ”سنڌ صوبائي لائبريري“ ۽ ”سنڌ صوبائي ميوزيم“ قائم ڪيائون. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌي اڪيڊمي“ کي ترقي ڏياري ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائون. هيءُ ادارو هاڻي هڪ ئي وقت سنڌي ادب، تاريخ، ۽ ڪلچر جو هڪ بين الاقوامي ادارو بڻجي چڪو آهي. اهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جو بااختياري اداري کي پڻ بين الاقوامي ادارو بنائي، سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي عالمي سطح تي متعارف ڪيائون.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي پوري زندگي چورانوي سالن تي محيط آهي. جنهن مان هن ٽيهٺ سال سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ ترقيءَ لاءِ ارپي ڇڏيا. هي سنڌي ادب ۾ واحد شخصيت آهي جنهن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سنڌي ادب، ٻولي ۽ ڪلچر کي ترقي ڏيڻ هو. جنهن ۾ هو پوري طرح نه صرف ڪامياب رهن. پر سندن تحقيقي تحريرون اڄ به تحقيقي نقطهء نگاهه کان تسليم ڪيون ويون آهن، پر ان سان گڏ ڪيترن علمي ۽ تحقيقي نُڪتن تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو. جن نُڪتن تي سنڌ جي عالمن ۽ محققن ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان اختلاف رکيو تن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ سُر آوازن جو نه هجڻ، دولهه دريا خان جو لاشاري بلوچ هئڻ، چاڪر رند جو هجڻ يا نه هجڻ ۽ ٻيا شامل هئا. ڊاڪٽر بلوچ پوءِ گهڻن جاين تي زير بحث هيٺ آيل نُڪتن تي نه صرف نظرثاني ڪئي پر گهڻن نُڪتن جو تنقيدي جواب به ڏنائون. بقول تاج جويي جي ته ڊاڪٽر صاحب جي ڊگهي علمي پورهئي جي ڪنهن نُڪتن ۽ ڪنهن رخ سان ڪو عالم ۽ اديب اتفاق نه ڪري ۽ ڪنهن رخ سان ڪو عالم ۽ اديب اتفاق نه ڪري ته اها ڳالهه به سڀاويڪ آهي، پر ان جو مطلب اهو به نه ٿيڻ گهرجي ته هن عظيم عالم جي عظيم تحقيق کي ڪا مڃتا نه ڏجي.

ڪجهه ماڻهو ڊاڪٽر بلوچ ۽ مرزا قليچ بيگ جي شخصيتن جي اهميت ۽ مقام متعلق ظني رايا قائم ڪري، ٻنهي علمي شخصيتن کي متضاد بڻائي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. دراصل مرزا قليچ بيگ، علم و ادب ۾ ان لاءِ خدمت نه ڪئي ته سندس مقابلو مرزا قليچ بيگ سان ڪيو وڃي. هي پئمانا ۽ مقابلا ۽ تقابل سطحي ۽ زرد ذهني سوچ رکندڙ ماڻهن جو آهي. ٻئي شخصيتون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي، پنهنجي دور ۾ ۽ پنهنجي علمي ادبي ڪاوشن جي حوالي سان اهم ۽ معتبر آهن. ڪو ڪنهن کان مٿانهون ڪونه آهي ۽ نه هيٺ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي شروعاتي تاريخ مرزا قليچ بيگ جي تذڪري کان سواءِ نامڪمل آهي ته اهڙي طرح موجوده سنڌي ادبي تاريخ ڊاڪٽر بلوچ جي تذڪري کان سواءِ نامڪمل آهي، يعني ٻئي شخصيتون پنهنجي پنهنجي دورن جون اهم ۽ مڻيادار آهن.

ڊاڪٽر بلوچ جنهن حُب ۽ جُنون سان پنهنجي سموري زندگي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏيائون ته موٽ ۾ سنڌي قوم به کين ڪين وساريو، ان جي علمي ادبي ڪاوشن کي مان ڏيڻ لاءِ ۽ مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالن جا خاص  نمبر پڌرا ڪري کين علمي ادبي ڀيٽا ڏني ۽ اڃا به سندن ڪم کي ساراهڻ ۽ عام ڪرڻ جو ڪم هلي پيو.

تازو سنڌ يونيورسٽي ۾ ”پير حسام الدين راشدي چيئر“ قائم ڪئي ويئي آهي. اها ڳالهه تمام سٺي آهي، اها روايت سموري دنيا جي يونيورسٽين ۾ قائم آهي. پر ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌ شخصيت شناسي“ جي نالي هڪ چيئر يا ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو وڃي. جنهن تحت سنڌ جي مختلف ناميارن عالمن، اديبن، مؤرخن، ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپو رکندڙ ناميارن شخصيتن تي تحقيق ڪئي وڃي.

هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڊاڪٽر بلوچ جي شخصيت ۽ سندن علمي ادبي نظرين ۽ تحقيقي ڪم کي پرکڻ لاءِ هيٺين عنوانن تي تحقيقي ڪم ڪيو وڃي:

الف: علمي ۽ ادبي زندگي:

1. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت لوڪ ادب جو ماهر

2. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت ماهرِ لطيفيات

3. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت موسيقيءَ جو ماهر

4. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت  ماهر لسانيات

5. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت ماهر آثار قديمه

6. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت ماهر نشريات

7. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت ادبي مؤرخ/ تذڪره نگار

8. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت تعليمي ماهر

9. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت انشائيه نگار

10. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت صحافي

11. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت ماهر نباتيات

12. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت ماهر ثقافت (ڪلچر)

13. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت منتظم

14. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت مرتب

15. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت لغت نويسي

16. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت محقق/ مقالا نگار/ مضمون نگار

17. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت سوانح نگار

18. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت تنقيد نگار

19. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت حواشيه/ حواله نگار

20. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت ميوزم برپا/ قائم ڪندڙ

21. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت لائبرريون قائم ڪندڙ

22. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت مؤرخ

23. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت اردو اديب ۽ محقق

24. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت فارسي اديب ۽ محقق

25. عربي اديب ۽ محقق

 

ب: ذاتي زندگي:

26. ڊاڪٽر بلوچ   بحيثيت پُٽ

27. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت پيءُ

28. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت مڙس

29. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت ڀاءُ

30. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت  شڪاري

 

ج: اخلاقيات:

 31. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت  ميزبان

32. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت مهمان

33. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت دوست

34. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت  مددگار

35. ڊاڪٽر بلوچ بحيثيت مخالف

ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي اهڙا انيڪ موضوع آهن، جنهن حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ جي ڍڪيل زندگي تي تفصيلي نظر ۽ ڪم ڪري سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر بلوچ صرف سنڌي ادبي شخصيت نه هو، بلڪ هو بين الاقوامي اديب، مؤرخ، محقق ۽ عالم هو. جنهن جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي وائکو ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، ان لاءِ هڪ يا ٻن ماڻهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. ان لاءِ هڪ اداري جي ضرورت آهي. شايد عربي زبان جو هيءُ مقولو ڊاڪٽر بلوچ تي پورو لهي ٿو ته ”ماڻهو اُهو ڪم ڪري جو افسانو بڻجي وڃي.“

ڊاڪٽر بلوچ به سنڌي قوم جي ادب، تاريخ، موسيقي، لطيفيات، لغت ۽ ٻين ميدانن ۾ پورو ڇانيل رهيو آهي، ان لاءِ هُو سنڌي ادب ۾ سماج ۾ هڪ افسانو ”Legend“ بڻجي ويو آهي.

نذير احمد شاڪر بروهي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com