سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو28

مرحوم و مغفور بين الاقوامي اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

لک قلم لکڻو اٿئي اڄ ڊاڪٽر صاحب بلوچ تي،
تنهن جي تحقيق تي لک سندس ادبي سوچ تي،
جنهن حياتي هي گذاري لوڪ ادب جي لوچ تي،
قلم ڪاغذ هٿ سدا هو ڪار تي يا ڪوچ تي،

 

لوڪ ادب جو پارکو هو شاهه جي ڪلام جو،

هو علامه شان وارو عالم اسلام جو.

 

جلد ڏهه ڏاهي ڏنا ها سر سموهي شاهه جا،
گس ڏٺا گوهر وڃي سي رند انهي راهه جا،
ٽڪر سسئي سور کاڌا ۽ سهڻي درياهه جا.
شاهه جي سڀ سورمين جا ڏٺئين چارا چاهه جا،

 

سفر سهڻي سڀ ڪيو هو گنج گوندي گام جو،

هو علامه شان وارو عالم اسلام جو.

 

ڪم ڪيو بس يار ڪم ڪم وقت آ ڪم ڪار جو،
نا ڏسو تنقيد ڏي ڪو ڇا چوڻ آ يار جو،
ڪو جواب ئي نانهه ڇو جو ڇو ٻڌڻ ڪم ٻار جو،
قول هي قربن ڀرئي جا امر اکين ٺار جو.

 

من هجي مقصود منزل صبح توڙي شام جو،

هو علامه شان وارو عالم اسلام جو.

 

هن لغت جا جلد لکيا علم جو ڀنڊار هو،
سنڌ جي تاريخ جو مؤرخ سٺو مهندار هو،
شاعرن سگهڙن اديبن جو وڏو وينجهار هو،
رس رهاڻي راڳ جو هي خاص خبردار هو.

 

راڳداري تي لکئي سو ڄاڻ آهي ڄام جو،

هو علامه شان وارو عالم اسلام جو.

 

جلد ٽيتاليهه لکيا لوڪ ادب تي لعل ها،
هن ادب کي ارپيا ثابت منو سؤ سال ها،
پنهنجي ٻولي نج سنڌي تي ڀاليا هن ڀال ها،
ترجما ڪافي ڪتابن جا ڪيا لک پال ها.

 

 

هي مڻيا مرديدهي ڪم نه هو ڪو عام جو،

هو علامه شان وارو عالم اسلام جو.

 

اڻ ڏٺي سان ائين ملندو هو ڏٺل ڄڻ ڏيهه جو،
هو ڏڏن کي داد ڏيندو رمز واري ريهه جو،

کيس خالق خُلق بخشيو سلڇڻو هو ڇيهه جو،

آءٌ خادم خاص سندس چاکڙي جي کيهه جو.

آ نبي جو بخش ٿيل مان ته نوڪر نام جو،

هو علامه شان وارو عالمِ اسلام جو.

 

فيض وارا فقير چئي نوٽ لکيئين چوٽ تي،

هن ڪيا احسان اسان تي ربّ ڪندو وهن گهوٽ تي،

ڄام عربي آيو هوندس قبر واري ڪوٽ تي،

شل لواءِ الحمد هيٺان ڇانوَ ربّ جي اوٽ تي.

قل ۽ ڪلمان کيس بخشڻ ورد آ وريام جو،

هو علامه شان وارو عالمِ اسلام جو.


 

خليل کوسو                                                          

هو لکي پيو

(نظم)

هو لکي پيو، هو لکي پيو

هو لکڻ وارو لکي پيو

هو پوڙهو هوندي لکي پيو

پيا هٿ ڏڪن، ته به لکي پيو

ٻيا تڪ تڪن، هو لکي پيو

ٻيا ڇا به چون، هو لکي پيو،

پر لکڻ وارو لکي پيو

(1)

هو شاهه رسالو لکي پيو

هو مُحب مقالو لکي پيو

هو ”هو جمالو“ لکي پيو

هو اڇو ڪالو لکي پيو

هو ٻولو ڀالو لکي پيو

پيا هٿ ڏڪن ته به لکي پيو

 

(2)

هو سنڌي ٻولي لکي پيو

هو سنڌي سولي لکي پيو

هو ڏٺ پرولي لکي پيو

هو جيل ۽ کولي لکي پيو

هو ڏاج ۽ ڏولي لکي پيو

هو جيجل جهولي لکي پيو

پر لکڻ وارو لکي پيو

(3)

هو لوڪ ادب تي لکي پيو

هو لهجي لب تي لکي پيو

هو ڳالهه عجب تي لکي پيو

هو ڳالهه غضب تي لکي پيو

هونيڪ نسب تي لکي پيو

هو رکي رب تي لکي پيو

 

(4)

هو سنڌ جون ذاتيون لکي پيو

هو پائي جهاتيون لکي پيو

هو اتر راتيون لکي پيو

هو لاڙين لاتيون لکي پيو

هو قربن ڪاتيون لکي پيو

هو ڇپر ڇاتيون لکي پيو

بي باڪ ٿي باتيون لکي پيو

پر لکڻ وارو لکي پيو.

(5)

هو ڪارونجهر تي لکي پيو

هو ڪينجهر جر تي لکي پيو

هو منڇر ڇر تي لکي پيو

هو تنهنجي تَـرَ تي لکي پيو

هو منهنجي تَــرَ تي لکي پيو

هو بينا بر تي لکي پيو

هو ڪوٽ عمر تي لکي پيو

پر لکڻ وارو لکي پيو.

 

(6)

هو انتر منتر لکي پيو

هو جادو جنتر لکي پيو

هو ارچڪ مرچڪ لکي پيو

هو ڌاڻا ڌرچڪ لکي پيو

هو آگ پٽيلڻ لکي پيو

هو نانگڻ جوڳڻ لکي پيو

هو ٽويو ٽڀو لکي پيو

پر لکڻ وارو لکي پيو

(7)

مولود مداحون لکي پيو

هو ڇا ته ادائون لکي پيو

هو سنڌ ثنائون لکي پيو

ٿورن جون گلائون لکي پيو

سوالين جون صدائون لکي پيو

آگي جون عطائون لکي پيو

هو ٿڌيون ڇائون لکي پيو

پر لکڻ وارو لکي پيو

 

(8)

هو ماپون تورون لکي پيو

هو جانب جهورون لکي پيو

هو دوها ڏورون لکي پيو

هو پرون اورون لکي پيو

هو گهوٽن گهورون لکي پيو

هو ٽهل ٽڪورون لکي پيو

ير ٽلڻ ٽورون لکي پيو

پر لکڻ وارو لکي پيو.

(9)

هو مومل راڻو لکي پيو

هو گهوٽ ۽ گهاڻو لکي پيو

هو ڏيهه ڏاڏاڻو لکي پيو

هو ساهه سيباڻو لکي پيو

هو محبت ماڻو لکي پيو

هو جيل ۽ ٿاڻو لکي پيو

اُس موتي داڻو لکي پيو

پر لکڻ وارو لکي پيو.

 

(10)

هو ڪانڌ ڪنگ تي لکي پيو

هو چوريل چنگ تي لکي پيو

هو لڪي لنگهه تي لکي پيو

هو راڳ ۽ رنگ تي لکي پيو

هو ملهه جي انگ تي لکي پيو

هو جوڌن جنگ تي لکي پيو

هو نياڻي ننگ تي لکي پيو

هو ديس جي دنگ تي لکي پيو

پر لکڻ وارو لکي پيو.

(11)

هو لوڪ ڪهاڻيون لکي پيو

هو روح رهاڻيون لکي پيو

هو هيرن کاڻيون لکي پيو

هو چاڙهيون آڻيون لکي پيو

هو مکڻ چاڻيون لکي پيو

هو سنڌ جون سياڻيون لکي پيو

۽ مُرٽ مانڌاڻيون لکي پيو

پر لکڻ وارو لکي پيو.

 

(12)

هو سنڌ جي موسم لکي پيو

هو جهڙ ۽ جهم جهم لکي پيو

هو بوند ۽ رم جهم لکي پيو

هو سهڻي ڏم ڏم لکي پيو

ٽانڊاڻا ٽم ٽم لکي پيو

هو گل ۽ شبنم لکي پيو

هو ديس تي دم دم لکي پيو

پر لکڻ وارو لکي پيو.

(13)

هو سنڌ جو ڏاهو لکي پيو

هو بکيو ڍائو لکي پيو

هو برما ڄائو لکي پيو

هو اُٺ ڪجائو لکي پيو

هو ڏائو سائو لکي پيو

هو سائون ساڻو لکي پيو

پر واه قلندر ڳالهه ڪئي

اسان ڪونه پڙهون هو لکي

هو لکڻ وارو لکي پيو

پيا هٿ ڏڪن ته به لکي پيو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com