ظفر جوڻيجو
تاريخ، لوڪ ادب، ٻولي، موسيقي ۽ لغت جي ماهر
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو تاريخي انٽرويو
]هيءُ
تاريخي انٽرويو رسالي ”نيوز اينڊ اوپنين“ جولاءِ-
آگسٽ 2007ع ۾ ڇپيو، جيڪو پوءِ محترم محمد عثمان
منگي، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم قاسم آباد پاران 2007ع
۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اهو تاريخي انٽرويو مٿين ٻنهي
ادارن جي ٿورن سان هتي پيش ڪجي ٿو- انچارج[
توهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟
منهنجو ننڍپڻ ائين ئي گذريو جيئن عام طور ٻارن جو
گذرندو آهي. مان چئن پنجن مهينن جو هئس ته والد
علي محمد خان گذاري ويو ۽ منهنجي امڙ ٻيو حق ڪيو.
مرڻ مهل منهنجي پيءُ جي وصيت ڪئي هئي ته ”منهنجي
پٽ کي پڙهائجو.“ سو وڏي هوندي جڏهن مون اها ڳالهه
ٻڌي ته اها شايد منهنجي تحت الشعور ۾ ويهي وئي ۽
مون پڙهائي ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.
ان وصيت تي ڪنهن عمل ڪرايو؟
منهنجي چاچي ولي محمد خان ان وصيت کي هينئين سان
هنڊايو ۽ عهد ڪري ڇڏيائين ته مون کي ضرور
پڙهائيندو. شروع ۾ مان پڙهائيءَ م دلچسپي نه وٺندو
هئس ۽ ٻه ڀيرا اسڪول مان ڀڄي ويو هئس ڇو ته استاد
ماريندو هو، پر چاچو منهنجي پٺيان لڳو رهيو ۽ نيٺ
ميٽرڪ تائين پڙهايائين. پوءِ چيائين: ”هاڻي پڙهين
يا نه پڙهين، تنهنجي مرضي آهي. ڇو ته هاڻي نه مون
وٽ وقت آهي ۽ نه وري وسيلا.“
توهان جي وڏن جي گذر سفر جو وسيلو ڪهڙو هوندو هو؟
اهي هاري هئا. پنهنجي ٻني ٿورڙي ۽ ٻين جي زمين تي
هارپو ڪندا هئا. اڳتي هلي پوءِ هنن ڪجهه زمين
ورتي.
توهان جي والد جي گذاري وڃڻ ۽ امڙ جي ٻي شادي ٿيڻ
ڪري توهان جي پرورش تي ڪو اثر ڪونه پيو؟
تڏهن سماج ۾ ايڏا ويڇا ڪونه هئا. تنهن ڪري منهنجي
والده جي ٻي شادي ٿيڻ جو منهنجي پرورش تي ڪوبه اثر
ڪونه پيو. چاچيون، ماسيون، پڦيون ۽ سمورا مرد مون
سان تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. منهنجي ڪاميابين جي
پٺيان دراصل انهن ماڻهن جون محبتون ڪارفرما رهيون
آهن.
خاندان ۾ سڀ کان وڌيڪ توهان ڪنهن جي ويجهو رهيا؟
ڏاڏي جي وفات (1922ع) کان پوءِ ناني لعل بخش
منهنجي تربيت ڪئي. مون سان تمام گهڻي دل هئس.
شادين مرادين ۽ محفلن ميلن ۾ ساڻ وٺي ويندو
هو.ڪچهرين ۾ ڀرسان ويهاريندو هو. منهنجي سوالن جا
جواب ڏيندو هو. تاڪيد ڪندو هو ”معنيٰ ڏي ڌيان ڪر
جو معنيٰ عقل جو منڍ آهي.“ بيشڪ نانو منهنجو
پهريون استاد هو، جنهن مون کي سوچڻ ۽ سمجهڻ
سيکاريو.
ڪي حرڪتون وغيره ڪندا هيو؟
ها، حرڪتون به ڪندو هئس. مون کي ياد ٿو اچي ته
جڏهن ڏاڏو نماز پڙهندو هو ۽ سجدي ۾ ويندو هو ته
آءٌ سندس پٺن تي چڙهي ويهندو هئس. هو آهستي آهستي
اٿندو هو ۽ آءٌ وڃي پاسي تي ڪرندو هئس. ڪڏهن ائين
به ڪندو هئس جو سندس ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجهندو هئس. هو
جڏهن سجدي مان اٿندو هو ته آءٌ به پويان لڙڪيو پيو
هوندو هئس.
اوهان جو ڏاڏو ڪاوڙبو ڪونه هو؟
نه، هن ڪڏهن به ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو. هڪ ڀيري ته
آئين ڪيم جو چلهه جي ڪاٺي کڻي، ڏاڏي جي پير جي کڙي
تي هڻي، ڪاٺي اڇلي، تڪڙو ڀڄي وڃي ڪوٺي ۾ پيل سامان
پويان لڪس. ان وقت چاچو اندر آيو ۽ مون کي ڏسي
ڏاڏي کي چيائين: ”ابا، لڪو ويٺو آهي، پڪڙي اچانس.
جنهن تي ڏاڏي چيو: ”نه ابا، اسان پاڻ ٺهيا پيا
آهيون.“
ڏاڏي ۽ ناني کان پوءِ توهان جي پرورش ڪنهن ڪئي؟
منهنجي پرورش ۽ تعليم تربيت ۾ وڏو هٿ منهنجي چاچي
ولي مهمد خان جو رهيو. منهنجي تعليم جا خرچ پکا هن
ئي برداشت ڪيا. منهنجو هر طرح سان خيال رکندو هو.
سچ ۽ انصاف وارو ماڻهو هو. زبان جو پڪو هو. وڏو
خوش طبع شخص هو. سندس ٽوٽڪا سڄي ڳوٺ ۾ مشهور هئا.
پنهنجي امڙ بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟
منهنجي امڙ مائي صاحبزادي وڏي سمجهه ۽ صبر واري
مائي هئي، ۽ وڏو رس رهايائين. سندس وفات (1941ع)
کان پوءِ ڪيترن ئي سالن تائين آءٌ کيس ياد ڪندو
پيو روئندو هئس. مون کيڪ افيون ٻڌڻ جو گهنو شوق
هو. هوءَ مون کي خوش ڪرڻ لاءِ وقت بوقت سهڻي ڍار
سان ڪافيون چئي ٻڌائيندي هئي.
پنهنجي والد جون ڪي يادگيريون؟
منهنجو والد علي محمد خان هر دل عزيز ۽ يار ويس
هو. ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس وصيت هئي ته
منهنجي پٽ کي (مون کي) ضرور پڙهايو وڃي. اصل ڳالهه
هيءَ هئي ته اببا پڙهيو ڪونه هو ۽ پنهنجي انهيءَ
عيب جو کيس و ڏو احساس هو.
پنهنجي بنيادي تعليم بابت ڪجهه ٻڌائيندا ته اها
توهان ڪيئن حاصل ڪئي؟
منهنجي والد وفات وقت وصيت ڪئي هئي ته ”منهنجي
ڇوڪري کي پڙهائجو“، سو ڏاڏي جڏهن ڏٺو ته آءٌ
ڳالهيون ياد ڪري ٿو وڃان ته مون يک پرهيائين الحمد
شريف ۽ پوءِ ٽيهين سيپاري جون آخري صورتون ياد
ڪرايائين. چئن سالن جو ٿيس ته امان مون کي قرآن
شريف پڙهائڻ شروع ڪيو. اسڪول نه هجڻ ڪري مون کي
ڳوٺ جي واڻيي ڀائي وَسُومل وٽ سندس هٽ تي هلي
ويهاريائون ته هٽڪا اکر پڙهان. وَسُو مل مون کي
پٽيءَ تي ٿورا ٿورا اکر لکي ڏنا ۽ آءٌ سگهو ئي سڄي
پٽي ياد ڪري ويس.
اسڪول ۾ ڪونه پڙهيو؟
اسان جي ڳوٺ ۾ ته اسڪول ڪونه هو. پوءِ جڏهن معلوم
ٿيو ته ڀر واري ڳوٺ پليو خان لغاري ۾ سنڌي اسڪول
کليو آهي ۽ چاچي مون کي اتي ويهاريو. ڳوٺ مان اسين
ٽي ٻارڙا اوڏانهن پڙهڻ لاءِ گڏجي ويندا هئاسون.
بعضي جُتي نه هوند هيئي ۽ پير اگهاڙا هوندا هئا.
آرهڙ جي اس ۾ پير سڙندا هئا ۽ ڪنڊا پڻ لڳندا هئا.
ان وقت جي ڪا يادگيري؟
مون کي ياد آهي ته تڏهن مان ٽيون پاس ڪري چوٿين
درجي ۾ آيو هئس پر مون کي حساب سمجهه ۾ ڪونه ايندا
هئا ۽ استاد ڄيٺانند سخت ماريندو هو. آءٌ ٻه ڀيرا
ڀڄي ويس، پر چاچو مون کي ڳولي وٺي آيو ۽ اچي استاد
جي حوالي ڪيائين.
پوءِ پڙهائيءَ جو سلسلو اڳتي ڪيئن وڌيو؟
ان کان پوءِ انگريزي پڙهڻ جو وارو آيو ته معلوم
ٿيو ته ان لاءِ ڪراچي يا نوشهري فيروز وڃڻو پوندو.
پر اهو معلوم ئي ڪونه هو ته ڪهڙي مهيني ۾ داخلا
وٺبي آهي. چاچو مون کي مئي 1928ع ۾ نوشهري وٺي
هليو پر مدرسي هاءِ اسڪول ۾ پهتاسون ته ٻڌايائون
ته داخلائون مارچ ۾ ٿي ويون ۽ هاڻي داخلا ڪانه
ملندي.
پوءِ ڇا ٿيو؟
مجبور ٿي موٽي آياسين پر چاچي چيو، ”وقت ناهي
وڃائڻو مون کي ڪنهن ٻڌايو آهي ته پنجابين جي ڳوٺ
’ديهه 22‘ ۾ انگريزي جا ٽي درجا پڙهائين ٿا. سائني
محمد يوسف سومرو، جنهن توکي پهريان هتي اسڪول ۾
داخل ڪيو هو، اهو اتي وڏو استاد آهي، تون کڏڙي وڃي
ساڻس مل ته توکي داخلا ڏياريندو.“
ڇا کڏڙي توهان کي اڪيلو ٿي موڪليو ويو؟
ها، ٻئي ڏينهن صبح جو پنج ميل پنڌ ڪري سنجهوري
پهتس ۽ اتان ريل گاڏي ۾ چڙهي کڏڙي پهتس ۽ استاد
محمد يوسف جي جاءِ تي ويس. جتان خبر پئي ته هو
ديهه 22 ۾ رهندو آهي. ٻئي ڏينهن صبح جو ٽپال وارو
اتان اٺ تي ٽپال کڻي ويندو ۽ مون کي ان سان گڏ
وڃڻو پوندو. ائين ٻئي ڏينهن ٽپال واري سان گڏ مان
به اٺ تي چڙهيس. اڌ واٽ تي هن چيو: ”ڀاڙو ڏي نه ته
توکي لاهي ڇڏيندس.“ ٻار هجڻ جي ڪري ڊڄي ويس ته جي
لاٿائين ته رلي ويندس، سو رپيو ڪڍي هن کي ڏنم ۽
ائين استاد يوسف سان وڃي مليس. جنهن چيو: ”توکي
داخلا ته ملندي پر رهڻ جو انتظام ڪونهي. پنهنجي
چاچي کي وٺي اچ ته اسڪول جي في به ڏئي ۽ تنهنجي
رهڻ جو انتظام ڪري.“
پوءِ توهان ڇا ڪيو؟
استاد محمد يوسف سان گڏجي کڏڙي آيس. خبر پئي ته
کڏڙي کان سنجهروي تائين ريل جو ڀاڙو چار آنا آهي.
جڏهن ته مون وٽ رڳو ڇهه پئس اهئا. شام جا ڇهه ٿيا
هئا. پوءِ ڇا ڪيم جو ريل ئي ريل ڏئي وٺي ڀڳس ۽ ڏهه
ميل مفاصلي دوران ساهيون کڻندوا چي سنجهوري اسٽيشن
تي پهتس . اتي سج لهي ويو هو. وري اتان ڳوٺ وارو
رستو ڏئي وٺي ڀڳس. جيئن رات ٿئي تيئن ڊپ به پيو
ٿئي، پر آخرڪار ڳوٺ پهچي ويس.
ڇا پوءِ رهائش جو انتظام ٿيو؟
ها، چاچو، ٻئي ڏينهن مون کي ساڻ وٺي آيو ۽ استاد
محمد يوسف سان ملي کيس فيس ڏنائين. رهڻ جو انتظام
اتي جي سفيد پوش علي محمد آرائين جي گهر ٿيو، جنهن
کي ساڍا ست رپيا مهينو ڏيڻو پوندو هو. هيءَ منهنجي
پهرين آزمائش هئي جو مون کي گهر ۽ ڳوٺ کان ٻاهر
رهڻو پيو هو. ٽن مهينن بعد مون کي اتان رهائش کان
جواب مليو. جنهن کان پوءِ مون کي اسڪول جي استاد
لعل دين جي گهر (ديهه 24 ۾) رهڻو پيو.
ان اسڪول ۾ توهان ڪيترو وقت پڙهيو؟
ديهه 22 واري اسڪول ۾ مان مئي 1928ع کان فيبروري
1929ع تائين پڙهندو رهيس۽ ڪنهن حد تائين اي.بي.سي
هاڻو ٿيس. مارچ ۾ چاچو مون کي نوشهري وٺي ويو ۽
مدرسي جي هيڊ ماستر عثمان علي انصاري صاحب سان
مليو. جنهن مون کي اسڪول ۽ بورڊنگ ۾ داخلا ڏني ۽
اسڪول واري فيس معاف ڪئي. بعد ۾ مون کي فري بورڊري
به ملي.
توهان کي فري بورڊري ڇا جي ڪري ملي؟
پرائمري ۾ هڪ صاحب امتحان وٺڻ آيو، تڏهن امتحان
وٺندڙ کي ”صاحب“ چيو ويندو هو. هن مون کان ڪجهه
پڇيو ۽ صحيح ٻڌائڻ تي امتحاني رجسٽر ۾ نوٽ هڻي
ويو، ”هن ڇوڪري کي انگريزي پڙهائي وڃي.“ هڪ اهو
سبب هو ۽ ٻيو ڪارڻ غربت هو، جنهن ڪري مون کي هاءِ
اسڪول ۾ فري بورڊري ڏني وئي. ان وقت ٽئين درجي ۾
اسڪالرشپ جو امتحان ڏبو هو، سو مون ڏنو ته پاس ٿي
ويس، جنهن ڪري مون لاءِ ماهوار نو رپيا وظيفو مقرر
ٿيو. ان کان پوءِ مون فري بورڊري ڇڏي ڏني ۽ اسڪالر
شپ جي پيسن مان گذارو ڪندو هئس.
ان اسڪول جون ڪي ٻيون يادگيريون؟
اڳوڻي اسڪول ۾ ٻاهران آيل استاد جڏهن داخلائون پئي
ڪيون ته هن سوچيو ٻروچن جو ڳوٺ آهي، سو هر ڇوڪري
جي نالي پٺيان بلوچ لکندو ويو. جڏهن مان مدرسي
هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ويس ته اُتي مون کي ”بلوچ
بلوچ“ ڪري سڏڻ لڳا. اهو نالو مون کي ڏاڍو انوکو
لڳو سو گهران اچي پڇا ڪيم ته وڏڙن ٻڌيو ته اسان جو
پاڙو ”جعفراڻي“ آهي. ان وقت مون ڪاميٽي امتحان
(ورنيڪيولر اسڪول فائنل امتحان) جو فارم پئي ڀريو
سو ان ۾ لکي ڇڏيم ”جعفراڻي“. جڏهن رزلٽ آئي ته
”بلوچ“ جي ذات سان منهنجو نالو نظر نه آيو. اسڪول
جي هيڊ ڪلارڪ چيو، ”تون ناپاس ٿيو آهين.“ پوءِ مون
کيس ”جعفراڻي“ ذات وارو نالو ڳولي ڏيکاريو، اتي
بيٺل هڪ استاد ناراض ٿيو پر جڏهن مارڪون ڏٺائين ته
ٿڌو ٿي ويو. آءٌ ان سال (1933ع) سڄي سنڌ ۾ پهريون
نمبر آيو هئس.
مطلب ته ائين پوءِ توهان جي نالي پٺيان ”بلوچ“ لفظ
ڳنڍجي ويو؟
ان حوالي سان مان توهان کي هڪ مزيدار ڳالهه ٿو
ٻڌايان ته جڏهن مان جهونا ڳڙهه ۽ علي ڳڙهه پڙهڻ
ويس ته سنڌ جي ڏاڍي سڪ لڳي ۽ مون پاڻ کي سنڌي
سڏائڻ شروع ڪيو. ان وقت مون جيڪي تحقيقي مقالا
ليکا، اهي ”عثمان سنڌي“ جي نالي سان لکيم. بهرحال
ان وقت سنڌ ۾ هڪ شيخ عبدالمجيد سنڌي هو ۽ ٻيو آءٌ
عثمان سنڌي هئس.
توهان ميٽرڪ نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول مان ڪئي، ان
بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟
تڏهن سنڌ ۾ مسلمانن لاءِ رڳو ٻه هاءِ اسڪول هئا.
پهريون هاءِ سنڌ مدرسو ڪراچي هو، جيڪو حسن علي
آفنديءَ قائم ڪرايو. جڏهن ته ٻيو هاءِ اسڪول
نوشهرو مدرسو هو، جيڪو ظفر علي شاهه جي ڏاڏي سيد
الهندي شاهه قائم ڪرايو. هو هندن جي اڪثريت ۽ اثر
هجڻ ڪري نوشهري جي ميونسپالٽيءَ اهو ٺهراءُ پاس
ڪرايو ته هتي ڪوبه اسڪول قائم ٿي نه ٿو سگهي. سيد
الهندو شاهه جيئن ته تر جو وڏو بااثر شخص هو سو هن
ڇا ڪيو جو نوشهري کان ٻه ميل ڏکڻ هڪ زميندار کان
زمين وٺي اتي ڀتيون وجهي، راتو رات اسڪول شروع
ڪرايو. تمام گهڻي مخالفت ٿي پر وريو ڪجهه ڪونه،
نيٺ هاءِ اسڪول ٿيو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاهه،
جنهن کي تڏهن لوڪل بورڊ چيو ويندو هو، ان هن اسڪول
لاءِ بورڊنگ هائوس منظور ڪيو.
اوهان کي اتي جو ماحول ڪيئن لڳو؟
اتي پهچي مون وڏو اطمينان محسوس ڪيو. مون سمجهيو
ته ها هيءَ ئي صحيح نموني پڙهائي آهي. ان کان اڳ
ته ڄڻ راند هئي. پوءِ آءٌ پنهنجي ذوق، ذهانت، همت
۽ حوصلي سان اڳتي وڌيس، جنهن مون کي نوشهري مدرسي
مان ميٽرڪ پاس ڪرائي ۽ بعد ۾ جهونا ڳڙهه، علي ڳڙهه
۽ آمريڪا پهچايو.
ان دور ۾ سنڌ ۾ هن هاءِ اسڪول جي ڪيتري اهميت
هوندي هئي؟
تڏهن اوٻاوڙي کان گهوڙا ٻاري تائين، سنڌو نديءَ جي
کاٻي طرف مسلمانن لاءِ ڪوبه هاءِ اسڪول ڪونه هو.
نوشهري مدرسي سنڌ جي تمام وڏي خدمت ڪئي. هن اسڪول
وڏيون مسلمان شخصيتون پيدا ڪيون. تڏهن مسلمانن کي
روينيو ۾ هيڊ منشيءَ کان مٿي جو عهدو ڪونه ڏيندا
هئا. پوءِ ان مدرسي مان پڙهي نڪتل مسلمان اڳتي هلي
وڏا ڪامورا ٿيا. ان کان پوءِ
غلام محمد خان ٽالپر لاڙ ۾، مخدوم غلام حيدر هالن
۾، ۽ محمد عثمان مري ڀٽ ڀائٽي ۾ هاءِ اسڪول وڌا.
پر افسوس ته انهن جي اعليٰ ڪردار تي گهٽ لکيو ويو
آهي.
انهن بابت ڇو نه لکيو ويو؟
ڇاڪاڻ ته پاڻ ماڻهن کي يا ته آمريڪا سان هلڻو آهي
يا ته روس سان. سنڌ سان ته پنهنجو نه اچي نه وڃي.
حالانڪ انهن ماڻهن کي ياد ڪرڻ گهرجي ڇو ته هنن سنڌ
جي تمام وڏي خدمت ڪئي.
اتي هاءِ اسڪول ۾ تعليمي عمل جي ابتدا ڪيئن ٿيندي
هئي؟
صبح جو اٺين وڳي اسيمبلي ٿيندي هئي، جنهن ۾ سڀ
استاد ته موجود هوندا هئا پر پرنسپال به بيٺو
هوندو هو. مدرسي جو استاد اڄ جي ڪاليجي استادن کان
وڌيڪ باصلاحيت هوندي هو. اهو بي.اي ۽ بي.ٽي پڙهيل
هئا. ان دور ۾ اهي تمام وڏيون ڊگريون هونديون
هيون.
غير نصابي سرگرميون ڪهڙيون هونديون هيون؟
اتي وڏي ۾ وڏي سرگرمي راندين جي هوندي هئي. هاڪي،
فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ وڏي پيماني تي کيڏيون ويندڙ
رانديون هيون. مان انهن راندين ۾ پهرئين جو جو
رانگديگر هئس. اسان ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۽ بين
اسڪولن سان ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين جون ميچون کيڏين.
پر اصل ڳالهه اها هئي ته رانديون باقاعدگيءَ سان
ٿينديون هيون.
اتي ٻي وڏي سرگرمي مشاعري جي هئي، جيڪو هر مهيني
ٿيندو هو. استاد مخدوم امير احمد صدر ۽ مان جنرل
سيڪريٽري هوندو هئس. ٽين وڏي سرگرمي شڪار جي هوندي
هئي. آچر جي ڏينهن اسان جو هيڊماستر انصاري صاحب
شڪار تي ويندو هو. ساڻس جيڪي شاگرد گڏ ويندا هئا.
انهن ۾ ننڍي ۾ ننڍو آءٌ هوندو هئس.
جڏهن توهان وڏا ٿيا ته توهان پاڻ به شڪار ڪرڻ شروع
ڪيو. ڇا اهو اثر توهان انصاري صاحب کان قبول ڪيو
هو؟
ها، اها ڳالهه صحيح آهي، مان جڏهن ٻاهران پڙهي
موٽي آيس ته انصاري صاحب سڄي سنڌ جي مٿان ايجوڪيشن
انسپيڪٽر هو. هن مون کي شڪار جي حوالي سان سبق به
ڏنو هو. هن ئي مون کي ٻڌايو ته بندوق ڪيئن هڻجي.
انصاري صاحب جو اوهان گهڻو ذڪر ڪيو آهي، ان جي
باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندا؟
جيتوڻيڪ هو هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو پر قابليت
جي حوالي کان ڄڻ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر هو.
هو هميشه ٽپ ٽاپ رهندو هو. انگريزي اهڙي ته
عاليشان هوندي هئس جو چئي بس ڪر. مون کي ياد ٿو
اچي ته پڊ عيدن ۾ سيد جمن شاهه جو ميلو لڳندو هو.
انصاري صاحب شيڪسپيئر جو ڊرامو سنڌي ۾ ترجمو ڪري
اتي پيش ڪيو هو. مدرسي ۾ به ڊراما ڪرايائين. سنڌي
ٻوليءَ سان کيس تمام گهڻو لڳاءَ هو. پڇاڙي ۾ ”شاهه
جو رسالو“، ايڊٽ ڪيائين. ان کان سواءِ ”سچل سرمست
جو رسالو“ به ترتيب ڏنائين.
اڄڪلهه اهڙا استاد موجود ناهن، ان جو ڪهڙو سبب
آهي؟
اصل مسئلو اختيار ۽ جوبداريءَ جو آهي. اختيار ناهي
ته ڪير جوابدار به ناهي. هينئر هيڊ ماستر جي ته ڪا
به حيثيت ڪانهي. ڪو وقت هو جو هتي ڊپٽي ڪمشنر جي
وڏي حيثيت هوندي هئي، پر هاڻي اهو به بي اختيار
آهي! ان کان پڇو ته چوندو: ”اختيار مٿين وٽ آهن“.
وزيراعليٰ کان پڇو ته چوندو: ”مون وٽ اختيار ناهن،
مٿان اسلام آباد مان پڇو!“ يعني ڪٿي به اختيار
موجود ناهي. هتي انتظامي اختيارن جو مڻڪو ڀڳو ويو
آهي. شاگرد استاد کي مارڪٽ ڪن ٿا. مطلب ته ڪنهن جي
به عزت محفوظ ناهي. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ڇو ڪم
ڪن، ڇو محنت ڪن! اڳي ماڻهن جو هنن جي قدبت آهر
ڪنهن حد تائين قدر هو. پرائمري استاد رٽاريرڊ
ٿيندو هو ته کيس وڏي عزت ۽ احترام سان الوداع ڪيو
ويندو هو، پر هاڻي ته وي.سي کي به ڪن مان وٺيو
ڪڍيو ڇڏين ته ڪير پڇڻ وارو ڪونهي!
ڪي ذڪر لائق استاد، جن کان توهان متاثر ٿيا؟
نوشهري مدرسي ۾ پهريون درجو سائين عبدالخالق ميمڻ
پڙهائيندو هو. اهو منڍ کان پهريون درجو پڙهائيندو
هو ۽ رٽائر ٿيڻ تائين پڙهائيندو رهيو. هن کي
پهريون درجو پڙهائڻ تي ڪمال جي دسترس حاصل هئي. هڪ
سال اندر ٻارن کي انگريزي ٻولي لکڻ پڙهڻ سيکاري
ڇڏيندو هو.
ٻيو استاد هو مسٽر هڱوراڻي، جيڪو حساب پڙهائيندو
هو. تمام وڏو لائق ماڻهو هو. ٽيون استاد ايم.ايم
حافظ هو، جيڪو جادوگر استاد هو. ان جهڙو استاد ملڻ
مشڪل آهي. انهن کان سواءِ مان هتي ٽن اهڙن استادن
جو ذڪر ڪندس، جن غريب مسلمان شاگردن کي تمام گهڻو
همٿايو ۽ اتساهيو. انهن امن هڪ هو سائين گل محمد
پٺاڻ، جيڪو ڊرائينگ ٽيچر هو. اهو پوءِ بورڊنگ
هائوس ٽيچر به ٿيو. ٻيو هو سائين الله بخش
نظاماڻي، جنهن جو تاڪيد اخلاقيات تي هوند هو.
چوندو هو ته: ”شاگرد جو اخلاق بلند هئڻ گهرجي.“
ٽيون استاد مخدوم امير احمد هو. مان هن کان تمام
گهڻو متاثر رهيس. هن اتي مشاعرا ۽ ٻيون اهڙيون
سرگرميون ڪرايون. انهن کان سواءِ مان مدرسي جي
مسجد جي پيش امام آخوند ڪريم بخش جو ذڪر ڪندس،
جيڪو ڪمال جو شخص هو. صبح جو سوير اسين ستل هوندا
هئاسين ته اسان کي جاڳائڻ لاءِ ڪنڊيءَ جي وڻ کي
لڪڻ جا ڌڪ هڻندو هو. جيئن آواز ٻڌندا هئاسين ته
وٺي مسجد ڏانهن ڀڄندا هئاسين. لڪڻ به هڻندو هو ته
کلندو ۽ کلائيندو به هو- عجيب انسان هو.
ڪهڙو سبب هو جو تڏهوڪا استاد تمام گهڻا باصلاحيت
هئا؟
هڪ هنڌ ٽڪي پڙهائڻ وڏي ۾ وڏو سبب هو، جنهن ڪر کين
هڪ ئي سبجيڪٽ ۾ مهارت حاصل ٿي ويندي هئي. مان
توهان کي نوشهري مدرسي جو مثال ڏيان ته اتي مون
اچڻ ۽ وڃڻ مهل ساڳيا ئي استاد ڏٺا هئا. هنن اتي ست
سال ويهي، گوڏا ٻڌي پڙهايو. ان دوران هيڊ ماستر
رڳو هڪ ڀيرو بدلي ٿيو.
اصل ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ڪو استاد هڪ ئي اسڪول ۾
لڳاتار رهي ٿو ته پوءِ ئي شاگرد تي اثر ڇڏي ٿو. اڄ
ڪلهه ته هر ڇهين مهيني استاد بدلي ٿين ٿا، اهي
شاگردن تي ڪهڙو اثر وجهندا!
اتي توهان جون ڪي علمي سرگرميون به هيون؟
اتي پڙهندي، مون ”سنڌ آبزرور“ انگريزي اخبار پڙهڻ
شروع ڪئي. اسڪالر شپ جي پيسن مان مون 18 رپيا بچت
ڪئي. پوءِ جڏهن موڪلن ۾ ڳوٺ ويندو هئس ته اتي به
اها گهرائيندو هئس. سنجهوري ۾ ٽپال ذريعي اها
اخبار پهچندي هئي. روزانو صبح سوير ڇهه ميل پنڌ
ڪري سنجهوري ويندو هئس ۽ اخبار کڻي اچي پڙهندو
هئس.
اسان کي جهونا ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ وڃڻ جي پس
منظر بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟
ان دور ۾ جڏهن مون ميٽرڪ ڪئي ته سنڌ ۾ اها صورتحال
هئي جو ٽيئي ڪاليج، يعني ڊي.جي (D.J.)
سنڌ ڪاليج ڪراچي، ڊي.جي (D.J.)
ڪاليج حيدرآباد ۽ سيتلداس ڪاليج شڪارپور هندن
صاحبن جا هئا. مسلمانن لاءِ ڪوبه ڪاليج ڪونه هو.
اسان ڊي.جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ پڙهڻ وياسون ته اتي
هندو شاگرد اسان کي حقارت جي نظر سان ڏسندا هئا.
حقيقت ۾ اسان جي حالت به اهڙي هئي. ڪانچون ميريون،
ڪپڙا ميرا، پوءِ هو اسان کي ڇو چاهين! اسان وٽ نه
هو پيسو نه پائي، ته پوءِ ڇو عزت ڏين. ٻيو ته
ڪراچيءَ جو خرچ گهڻو هو. مطلب ته مون کي اتي پڙهڻ
واري ڳالهه بنهه ڪانه وڻي. ميٽرڪ ۾ ٻيو نمبر اچڻ
جي ڪري مون کي 20 رپيا اسڪالرشپ ملندي هئي، جنهن
مان پورت نٿي ٿي. پوءِ مون کي خبر پئي ته جهونا
ڳڙهه ۾ اتان جي نواب هڪ ڪاليج قائم ڪرايو آهي، جتي
مسلمان شاگردن کان فيس نٿي ورتي وڃي، ان ڪري مان
اوڏوانهن هليو ويس.
توهان اتي پهچي ڇا محسوس ڪيو؟
اتي هندستان جا سڀ غريب شاگرد پڙهندا هئا. مان
جڏهن ٽئين سال ۾ هئس ته ان وقت اتي سنڌي شاگردن جو
تعداد 71 هو. اهي اتي جهيڙا تمام گهڻا ڪندا هئا،
ان ڪري سنڌين جي داخلا تي پابندي وجهي ڇڏيائون. پر
جڏهن آءٌ هتان ويس ۽ پهريون نمبر آيس ته پوءِ
صورتحال تبديل ٿي وئي. اتي اسان جي وڏي تربيت ٿي.
ڇاڪاڻ ته پهريون ڀيرو اسان کي دنيا ۾ پنهنجا هٿ
پير هلائڻ جو موقعو مليو هو.
اتي توهان ڪيترا سال رهيا؟
اتي گريجوئيشن رڪڻ ۾ مون کي چار سال لڳا. اهي سال
وڏي غنيمت وارا هئا جو مون سنڌ کان ٻاهر وڃي گهڻو
ڪجهه سکيو سمجهيو. ڇاڪاڻ ته جڏهن ماڻهو پنهنجو گهر
ڇڏي ٻاهرئين ملڪ وڃي ٿو ته کيس پنهنجو پاڻ تي
ڀاڙڻو پوي ٿو، کيس پاڻ کي آزمائش ۾ وجهڻو پوي ٿو.
جهونا ڳڙهه توهان کي ڪيئن لڳو؟
جهونا ڳڙهه نهايت خوبصورت شهر آهي. اهو ڏاتار ۽
گرنار جبلن جي پاڇي ۾ واقع آهي. صبح جو دير تائين
شهر تي جبلن جو پاڇو هوندو آهي. اتي چوماسي واري
موسم ۾ ٽي ٽي، چار چار ڏينهن پيو مينهن وسندو هو.
اتي مينهوڳي مند ايڏي ته خوبصورت هوندي هئي جو ان
جي ڪا حد ئي ناهي.
اتي توهان جون ڪهڙيون سرگرميون هونديون هيون؟
اتي منهنجون هر قسم جون سرگرميون هونديون هيون.
اهو ٻي عالمي جنگ جو زمانو هو. يونيورسٽي ۾ ملٽري
ڪور شروع ڪيائيون ته مون ان ۾ به حصو ورتو ۽
سارجنٽ ٿي ويو هئس. جڏهن ته اسڪائوٽس ۾ به ٽاپ تي
هوندو هئس. اتي يونيورسٽيءَ طرفان تقابلي امتحان
ٿيندو هو ۽ پاس ڪندڙ کي ڇهه کان نو رپيا وظيفو
ملندو هو. مون اهو امتحان ڏنو ۽ پاس ڪرڻ تي نو
روپيا وظيفو مليو. مون انٽر جي امتحان جو سينٽر
ڪراچي ۽ بي.اي جي امتحان جو مرڪز بمبئي ڪرايو هو.
ڇا جي ڪري؟
ان ڪري جو هتي ته وڏي ڄاڻ سڃاڻ هئي. ان بهاني
دوستن يارن سان ڪچهري به ٿي ويندي هئي. پر اتي
بمبئي ۾ نه ڪير ڳالهائڻ ٻولهائڻ وارو، نه ڪير حال
ڀائي- پڙهي لکي، ٻوٿ ٻڌيو ستا پيا هوندا هئاسين.
راندين، روندين جون به ڪي سرگرميون هونديون هيون؟
ها، منهنجو اهو شوق جاري رهندو آيو. ڪرڪيٽ، هاڪي
توڙي فوٽ بال ۾ مان سڀني کان اڳڀرو رهيس. راندين
جا مقابلي ٿيندا هئا.
توهان ٻڌايو ته سنڌي شاگرد جهيڙا ڪندا هئا، اهي
ڪهڙي ڳالهه تان وڙهندا هئا؟
ڪلب جي مئنيجر ٿيڻ تان اڪثر جهيڙا ٿيندا هئا. جڏهن
مان اتي پهتس ته مون ڦڏو ڪيو ته اسان جي الڳ ڪلب
هجڻ گهرجي. پوءِ ائين ئي ٿيو ۽ مون ڪلب کي هلائڻ
جي ذميواري کنئي. اسان اتي ”سنڌي برياني“
مشهور ڪرائي. اها ايتري ته مشهور ٿي جو اتان جو
تڏهوڪو رياست جو وزير دعوت تي سيڙجي اها برياني
کائڻ آيو.
سائين اهو ته وڏي سياسي هلچل وارو زمانو هو، توهان
سياست ۾ حصو ورتو؟
ها، ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ يڪو مان خاڪسار تحريڪ سان
لاڳاپيل رهيس، جهونا ڳڙهه ڪاليج ۾ اسين سؤ سؤ
شاگرد خاڪساري پريڊ ڪندا هئاسين. اسان بابت اخبارن
۾ هڪ ڳالهه هلائي وئي، ”هڪڙو بلوچ آيو آهي، جيڪو
پريڊون ٿو ڪرائي ۽ جهونا ڳڙهه تي قبضو ڪندو.“
توهان خاڪسار تحريڪ ۾ ڇو شامل ٿيا؟
مسلمانن جي سياسي تحريڪ، مسلم ليگ جي شڪل ۾، تڏهن
مستحڪم ٿي جڏهن جناح صاحب ان ۾ شامل ٿيو. ان کان
اڳ منظم پارٽي رڳو خاڪسار تحريڪ هئي. جنهن جو مقصد
هو ته هندستان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مٿن ظاهر ڪيو
وڃي ته اسين غلام جي حيثيت ۾ نه پر برابريءَ واري
حيثيت ۾ رهنداسين، پر ملڪ هڪڙو ئي هوندو. خاڪسار
ورهاڱي جي حامي ڪونه هئي. مون کي دراصل خاڪسارن جي
ورهاڱي مخالف رويي ئي متاثر ڪيو هو. مان ان راءِ
جو هئس ته مسلمانن هتي راڄ ڪيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ کين
هتي تحفظ ته ملڻ گهرجي. منهنجي خاڪسار ۾ سرگرم ٿيڻ
جو اهو ئي سبب هو.
آخر۾ جڏهن مون ايم.اي ڪري ورتي ته مان خاڪسار ڇڏي
مسلم ليگ ۾ شامل ٿيس. پر ترت ئي آمريڪا هليو ويس،
جنهن ڪري سرگرم ڪردار ادا ڪري نه سگهيس.
توهان ايم .اي علي ڳڙهه يونيورسٽي مان ڪئي، توهان
کي اهو خيال ڪيئن آيو؟
جهونا ڳڙهه ڪاليج جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ انتظاميا اهو
چئي مون تي پابندي هڻي ڇڏي: ”هن شاگرد کي هتي وڌيڪ
پڙهڻ نه ڏنو وڃي، ڇو ته هي خاڪسار اڳواڻ آهي ۽ هتي
قبضو ڪندو.“
پر جڏهن بي.اي جو نتيجو ظاهر ٿيو ته ڪاليج ۾
پهريون نمبر ۽ بمبئيءَ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر
آيس. نواب صاحب پاران پهريون نمبر اچڻ تي هڪ سو
رپيا انعام رکيل هو، اهو به مون کي مليو. مون کي
روڪڻ جو هاڻي وٽن جڏهن ڪوبه معقول سبب نه رهيو ته
پوءِ رنڊڪون وجهڻ شروع ڪيائون. هنن اٽڪل ڪئي ۽
داخلا جي آخري تاريخ گذاري، پوءِ مون کي چيائون:
”هاڻي داخلا نٿي ٿي سگهي“. ڪاليج جو پرنسپال ڀلو
ماڻهو هو. هن مون کي گهرايو ۽ چيو: ”هتي توکي هرگز
داخل انه ڏيندا. تون علي ڳڙهه وڃ، اتي توکي داخلا
ملي ويندي. مان خط به لکي ٿو ڏيانءِ.“ ائين پوءِ
مان مجبور علي ڳڙهه يونيورسٽي آيس.
اها توهان کي ڪيئن لڳي؟
اتي جي ته ڳالهه ئي ٻي هئي. پڙهائي جي خيال کان،
دنيا کي سمجهڻ جي خيال کان، هندستان جي سياست کي
سمجهڻ جي حوالي کان مطلب ته ان سڄي پس منظر ۾
منهنجي وڏي تربيت ٿي. اتي ڇهه سال رهندي مون گهڻو
ڪجهه حاصل ڪيو.
توهان اتي به سياست ۾ سرگرم رهيو؟
ها، اتي به مان خاڪسار تحريڪ سان لاڳاپيل رهيس ۽
سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو. پر ايم.اي ڪرڻ بعد
منهنجو مسلم ليگ ڏانهن لاڙو ٿيو.
علي ڳڙهه جو تعليمي معيار ڪيئن هو؟
علي ڳڙهه جهڙا قابل پروفيسر مون وري ڪٿي نه ڏٺا.
اهي رڳو هندستان نه پر عالمي سطح جا استاد هئا.
اهو ئي سبب هو جو منهنجو گهڻو ڌيان پڙهائي طرف
رهيو. اتي استادن جو وڏو احترام هو، جيتوڻيڪ شاگرد
ٻاهر پوليس سان وڙهندا هئا. علي ڳڙهه جو وي.سي
ڊاڪٽر ضياءُ الدين احمد ايترو ته قابل ماڻهو هو جو
کيس انڊيا جي ريلوي بورڊ جو ميمبر ڪيو هئائون.
ڇا اتي به سنڌي شاگرد هئا؟
ها، اتي ته اسان کان به گهڻو گهڻو اڳ سنڌي شاگرد
آيا ۽ فارغ التحصيل ٿي چڪا هئا. علامه آءِ.آءِ
قاضي، پير الاهي بخش ۽ ٻيا به علي ڳڙهه جا پڙهيل
هئا.
اتي جون ڪي يادگيريون؟
پوزيشن هولڊر هجڻ جي ڪري مون کي علي ڳڙهه
يونيورسٽي جي ذهين شاگردن واري هاسٽل ۾ رهايائون ۽
سنگل روم ڏنو هئائون. هڪ سال اتي رهيس پر پوءِ
اتان ڀڄي نڪتس. ڇو ته اڪيلو رهي رهي بور ٿي پيو
هئس. نه ڪنهن سان ملڻ نه جلڻ، نه ميل نه ملاقات.
پوءِ ڪٿي رهيو؟
اتان نڪري پوءِ مان ٻي هاسٽل ۾ وڃي رهيس، جتي روم
۾ ٽي شاگرد اڳ ئي رهندا هئا. هاسٽل جي وچ ۾
خوبصورت لان هو. اتي هڪ قانون هو ته ڀلي نواب جو
پٽ هجي پر ان کي هاسٽل جي ماني کائڻي پوندي هئي.
اتي مون سان سيد غلام مصطفيٰ شاهه گڏ رهندو هو.
اسين پاڻ ڀاڄيون چاڙهي کائيندا هئاسين. مون کي
ياد ٿو اچي ته اتي هڪ ڀيرو وڏو مينهن پيو ۽ پوءِ
تمام وڏي تعداد ۾ کنڀيون ڦٽيون، پر ڪير کائڻ وارو
ڪونه هو، اتي ڪنهن کي به اها خبر ڪانه هئي ته ڪو
انهن جي به ڀاڄي چاڙهبي آهي. اسين روزانو ڍڳ
کنڀيون پٽي اچي چاڙهيندا هئاسين. غلام مصطفيٰ شاهه
وٽ بندوق هوندي هئي، سو رات جو ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾
وڃي اتان سها ماري ايندا هئاسين. مطلب ته ائين
اسين اتي رڌو پڪو پنهنجو ڪندا هئاسين ۽ چئن سالن
کان پوءِ بورچي ٿي ٻاهر نڪتاسين.
اتي راندين لاءِ ماحول ڪيئن هو؟
رڳو رانديون ئي نه پر هر حوالي سان شاگردن لاءِ
وڏو ميدان هو ۽ کين وڏي آزادي مليل هئي. اتي هر
راند جا ملڪي سطح جا مقابلا ٿيندا هئا. اتي
رائيڊنگ ڪلب هئي، جن ڇوڪرن کي شوق هوندو هو، اهي
گهوڙا ڊوڙائڻ جا مقابلا ڪندا هئا.
ڇا ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا گڏ پڙهندا هئا؟
نه، اتي ڇوڪرين لاءِ الڳ ڪاليج هو. اهي پڙهڻ کان
سواءِ ڊرامن ۽ ٻين ثقافتي سرگرمين ۾ به حصو
وٺنديون هيون.
توهان ذڪر ڪيو ته يونيورسٽي جي وئڪيشن دوران واپس
ڳوٺ ايندا هئا. هتي توهان جون ڪهڙيون سرگرميون
هونديون هيون؟
1942ع ۾ مان مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ پڙهي رهيو
هوس. وئڪيشن دوران ڳوٺ آيس ته مون اسڪول کولڻ جو
ارادو ڪيو. مون کي وڏو ارمان هو جو اسان جي ڳوٺ ۾
ڪوبه اسڪول ڪونه هو. اسڪول جي منظوري لاءِ مون
ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ۾ درخواست ڏني پر بورڊ جي هڪ
ميمبر، سيٺ ڏيارام اهو چئي مخالفت ڪئي: ”اجايو خرچ
ٿيندو، ڇو ته ڳوٺاڻن ۾ پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ جو
چاهه نه آهي.“
پوءِ توهان ڇا ڪيو؟
مان به ماٺ ڪري نه ويٺس ۽ ٻيهر درخواست ڏنم ۽
سفارش لاءِ شهدادپور تعلقي جي چونڊيل ميمبر وڏيري
گاهي ڀنڀري سان مليس. چيائين، ”اسان ڪجهه نٿا ڪري
سگهون ڇو جو ڏيارام مخالفت ٿو ڪري.“ بهرحال منهنجي
لڳاتار ڪوششن جي نتيجي ۾ 1944ع ۾ اسڪول منظور ٿيو.
ان حوالي سان جهول جي تڏهوڪي سياسي اڳواڻ مير الله
بخش ٽالپر منهنجي وڏي رهنمائي ڪئي. هيءُ اهو زمانو
هو جڏهن هتي حرن فقيرن مقابلا پئي ڪيا. خير، اسڪول
منظور ته ٿيو پر عمارت ڪانه هئي. هڪ ڳوٺاڻي مورو
فقير لغاريءَ جو اوتارو خالي هو، جتي اسڪول قائم
ڪرڻو پيو.
اوتاري ۾ ڇو؟
ڳوٺ ۾ اهڙي ڪا ٺهيل جاءِ موجود ڪانه هئي. ٻيو ته
منهنجي وئڪيشن به پوري ٿيڻ واري هئي. سوچيم ته
جڏهن مان هليو ويس ته اهو ڪم اتي رهجي ويندو. اسان
ڇا ڪيو جو اوتاري ۾ منهن اڏڻ جي تياري ڪئي سين ۽
ان لاءِ جمڙائو واهه جي بند لڳ بيٺل پن لڻي گاڏي
ڀري آياسون. ان ڪم ۾ ڳوٺ جا ٻيا ڇوڪرا به گڏ هئا.
توهان جڏهن اتان پڙهي موٽيا ته پوءِ هتي ڇا اچي
ڪيو؟
مون کي کوجنا ۾ وڏو مزو ايندو هو. 1944ع ۾ جڏهن
علي ڳڙهه مان پڙهي هتي موٽيس ته سنڌ جي تاريخ تي
تحقيق جي سلسلي ۾ بدين ويس، جتي مولوي احمد ملاح
سان ملاقات ٿي. پوءِ ساڻس اهو تعلق رهندو آيو.
اڳتي هلي هن قرآن شريف جو منظوم ترجمو ڪيو. سندس
خيال هو ته اهو ڇپجي. پوءِ مون ۽ منهنجي پياري
دوست محمد اسماعيل خان نون، ارباب الهجڙيي کي چيو،
جنهن اهو قرآن شريف شايع ڪرايو.
توهان ايم.ايڊ ڪرڻ لاءِ آمريڪا ويا. ان جو ٿورو پس
منظر ٻڌايو؟
انهن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ پير الاهي بخش جي ڪوشش سان
سنڌ مسلم ڪاليج قائم ٿيو هو ۽ ان لاءِ استادن جي
گهرج هئي. اهو 1945ع جو زمانو هو ۽ مان علي ڳڙهه
يونيورسٽي ۾ پي ايڇ.ڊي ڪري رهيو هئس ته اتي پير
الاهي بخش آيو. ساڻس ملاقات ٿي ته مون کي مسلم
ڪاليج ۾ پڙهائڻ لاءِ زور ڀريائين پر مون پي ايڇ.ڊي
جو عذر پيش ڪيو. جڏهن هو ڪراچي پهتو ته اتان علي
ڳڙهه جي وي.سي (ڊاڪٽر ضياءَ الدين) کي خط لکيائين:
”بلوچ کي چئو ته اچي ڪاليج ۾ پڙهائي.“ ائين پوءِ
مون ڪراچي اچي مسلم ڪاليج ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو.
تڏهن مان، غلام مصطفيٰ شاهه، علي اڪبر جلباڻي،
لاڙڪاڻي وارو ۽ شيخ گل محمد هالن وارو گڏ رهندا
هئاسين. هڪڙي ڀيري شيخ صاحب آيو ۽ ٻڌايائين ته
”پوسٽ وار ايجوڪيشنل ري ڪنسٽرڪشن اسڪيم“
تحت برطانوي حڪومت پرڏيهه لاءِ اسڪالرشپن جو اعلان
ڪيو آهي. اسان سوچيو الائي اسڪالرشپ ملي الاءِ نه.
پرشيخ صاحب فارم وٺي آيو. مون سينٽرل گورنمينٽ
وارو فارم ڀريو. پوءِ مون کي چٽا ڀيٽي امتحان لاءِ
دهليءَ گهرايائون ۽ مان چونڊجي ويس. مطلب ته ائين
اهو چرچن ڀوڳن ۾ ڪم ٿي ويو.
ڊاڪٽر آف ايجوڪيشن به توهان آمريڪا مان ئي ڪيو؟
ها، ايم.ايڊ ۽ پي ايڇ.ڊي، ٻئي ڪولمبيا يونيورسٽي
نيو يارڪ مان ڪيم.
اتي جون ڪي ذڪر لائق يادگيريون؟
اتي جو ته سڄو ماحول ئيم ختلف هو. مون جهڙي
ماڻهوءَ لاءِ ته اهو ملڪ هڪ ميوزيم وانگر هو. هر
شيءِ حيران ڪندڙ اها هڪ ڊسيپلين واري زندگي هئي.
ان سماج ۾ وقت جو وڏو قدر هو. هر ڪم مقرر وقت تي
ٿيندو هو.
اتي ٻي ڪهڙي مختلف ڳالهه هئي؟
موڪلون بنهه گهٽ ٿينديون هيون. سڄي سال ۾ ڪي ڇهه
موڪلون مس ملنديون هيون. هتي ته ڏسو يونيورسٽيون
هر ٻئي هفتي بند پيون آهن، پر جيڪڏهن اتي ڪي شاگرد
وئڪيشن ۾ پڙهڻ چاهيندا هئا ته هنن لاءِ استاد به
مقرر هوند اهئا ۽ لائبريري به کليل هوندي هئي.
توهان پي ايڇ.ڊي ڪهڙي موضوع تي ڪئي؟
ايم.ايڊ ڪرڻ کان پوءِ مون سوچيو ته پي ايڇ.ڊي لاءِ
اهڙو ڪو سبجيڪٽ کڻان جيڪو سنڌ سان لاڳاپيل هجي.
مون پير الاهي بخش ۽ سنڌ ۾ موجود ڪامورن کي خط
لکيا ۽ ته هو منهنجي رهنمائي ڪن پر ڪوبه خاطر
خواهه جواب نه مليو ۽ ان دوران چار پنج مهينا گذري
ويا. مون پروفيسرن سان ڳالهه ڪئي، ته تازو ورهاڱي
بعد اسان جو پاڪستان نالي ملڪ ٺهيو آهي ۽ مان
چاهيان ٿو ته ”پاڪستان جو تعليمي نظام ڪهڙو هجي؟“
جي موضوع تي پي ايڇ.ڊي ڪريان. جنهن تي هو راضي ٿيا
ويا.
پنهنجي ازدواجي زندگيءَ بابت ڪجهه ٻڌايو؟
مون ٻه شاديون ڪيون، جن مان پنجن پٽن ۽ ٽن نياڻين
جو اولاد اٿم. سڀ تعيلم يافته ۽ حال حيات آهن. پٽ
توڙي نياڻيون سڀني وڏيون منزلون ماڻيون آهن.
توهان پهرين شادي ڪڏهن ڪئي؟
اڳي ننڍي عمر ۾ ئي شادي ڪرائي ڇڏيندا هئا سو مون
سان به ائين ئي ٿيو. اڃا ميٽرڪ تائين به نه پهتو
هئس جو شادي ڪرائي وئي، پر منهنجي اها گهر واري
گذاري وئي. ان مان مون کي چار فرزند ۽ هڪ نياڻي جو
اولاد ٿيو.
ٻي شادي توهان ڪڏهن ڪئي؟
اها مون هتان حيدرآباد مان 1965ع ۾ ڪئي. جنهن مان
مون کي ٻه نياڻيون ۽ هڪ فرزند جو اولاد ٿيو.
ڇا اها پسند جي شادي هئي؟
ها، اها پسند جي شادي هئي. خديجه يعني منهنجي گهر
واري علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جي ڀائٽي هئي. تمام
لائق خاتون هئي. اها به 2003ع ۾ گذاري وئي!
ٻي شادي کان اڳ تعليم جي حاصلات جي سلسلي ۾ توهان
کي ڪا عورت پسند آئي؟
نه، مون سان ائين نه ٿيو. مون ماڻهن بدران اصولن
سان پيار پئي ڪيو آهي. ٻي ڳالهه ته جڏهن مان هتان
پڙهڻ لاءِ ٻاهر ويس ته پاڻ سان اهو احساس گڏ کڻي
ويس ته مان پرڻيل آهيان. جيڪڏهن مان اتي ڪنهن
ڇوڪريءَ سان شادي ڪري کيس هتي وٺي اچان ها ته اها
هُن سان زيادتي ٿئي ها. ڇو ته اها هِتي ايڊجسٽ ڪري
ئي نه سگهي ها. بهرحال مون ڇوڪرين سان تعلق کي رڳو
سلام دعا تائين ئي محدود رکيو.
اسان توهان کان پڇڻ چاهيون ٿا ته سنڌ توهان جو
موضوع ڪڏهن ۽ ڪيئن بڻي جو اوهان سنڌ تي منظم نموني
ڪم ڪرڻ شروع ڪيو؟
ڪوبه ڪم وڏي رٿا بنائڻ سان يا گهڻا پيسا منظور
ڪرائڻ سان ڪونه ٿيندو آهي. اهو ته محبت جي جذبي
سان ٿيندو آهي. سوال آهي ته توهان ڪيتري قدر
ڪميٽيڊ آهيو، توهان کي ڪيتري قدر شوق آهي، ڪيتري
قدر محبت آهي، اهو سڄو ان تي دارومدار رکي ٿو. مان
سنڌ جو ڳوٺاڻوماڻهو هئس. ماڻهن سان لهه وچڙ ۽ فطري
ڳانڍاپي جي ڪري انهيءَ محبت ۾ پياسين.
تحقيق يا ٻيو ڪو ڪم منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڪونه
هو. مون ته نوڪريون پئي ڪيون، پوءِ جيڪو فارغ وقت
ملندو هو تنهن ۾ مون هيءُ ڪم ڪيو. مون ڇو ائين
ڪيو، ڇاڪاڻ ته منهنجي محبت هئي. مون ڪتابل کڻ عيوض
پيسا وٺڻ کي هميشه غلط پئي سمجهيو آهي. اڄ ڏينهن
تائين جيڪو ڪم ڪيم، ان لاءِ ڪنهن کان به ٽڪو ڪونه
ورتو اٿم. مان سمجهان ٿو ته اها علم جي زڪوات آهي.
منهنجو پورهيو اڳتي هلي سنڌ لاءِ نهايت ڪارگر ثابت
ٿيندو.
توهان لکڻ جي ابتدا ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪئي؟
مون لکڻ جي ابتدا 1945ع ۾ ”گڏهه“ جي نالي سان ڪتاب
لکڻ سان ڪئي. اهو ڪتاب 1946ع ۾ منهنجي آمريڪا وڃڻ
کان اڳ شايع ٿيو. ان کان پوءِ مون ٻيو ڪتاب لکيو،
جنهن جو عنوان هو ”ٻيلاين جا ٻول“.
توهان ”گڏهه“ عنوان واري ڪتاب ۾ ڇا لکيو هو، ان جي
ٿوري وضاحت ڪندا؟
اهو هڪ دلچسپ قصو آهي. اهو 1973ع وارو زمانو هو،
جڏهن سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي هڪ صوبو ٿي هئي. اميد
هئي ته سنڌ ترقي ڪندي پر مسلمان اڳواڻ اميدن تي
پورو لهي نه سگهيا. اسان سندن خلاف بغاوت جي موڊ ۾
هئاسين. ان کان ڪي سال پوءِ 1945ع ۾ اسان سمورا
سنگتي جڏهن ڪراچي ۾ اچي ڪٺا ٿياسين ته ان وقت مون
مسلمان سياستدانن تي طنزيه طور ”گڏهه“ نالي سان
ڪتابڙو تحرير ڪيو. جنهن ۾ مون لکيو هو: ”بهتر
ٿيندو ته سياسي ليڊر بدران گڏهه کي پنهنجو ليڊر
بنائجي، جيڪو خلق جو سچو خادم ۽ وڏي ۾ وڏو پورهيت
آهي.“
سائين جي.ايم.سيد سان به توهان جي ويجهڙائپ رهي
آهي. سيد توهان کي ڪيئن لڳو؟
اسان اڃا تائين مخالفت ۽ مزاحمت واري صورتحال ۾
آهيون. تنهن ڪري شايد اهڙين شخصيتن سان انصاف نه
ڪري سگهون پر منهنجي راءِ موجب اسان ويهين صدي جي
وڏي شخصيت جي.ايم.سيد صاحب کي سڏي سگهون ٿا. هو
رڳو سنڌ نه پر پاڪستان جو به وڏو ليڊر هو. پاڪستان
ٺهرائڻ لاءِ زبردست ڪوششون سنڌ ۾ ٿيون ۽ انهيءَ جو
جهنڊو جي.ايم.سيد جي هٿ ۾ هو.
ڪهڙين ڳالهين توهان کي سيد صاحب جي قريب آندو؟
منهنجي پنهنجي دانست ۾ هن جيڪي وڏا ڪم ڪيا ۽ جن جو
آءٌ ڪنهن حد تائين اکين ڏٺو شاهد آهيان ۽ ساڻن گڏ
به ڪم ڪيم، اهي هي هئا: پهريون ادارو سنڌي ادبي
بورڊ هو جيڪو 1951ع ۾ قائم ٿيو. ڀٽ شاهه ڪلچر
سينٽر جو سڄو نظام ۽ خاڪو پاڻ ويهي ٺاهيائين ۽ اهو
مون کي ڏيکاريائين. ٽيون ڪم اهو ته صوبائي
لائبريريءَ جي باري ۾ ڪوشش ڪيائون ته جيئن سنڌ ۾
هڪ عاليشان لائبريري هجي.
خاڪو تيار ڪري سائين جي آڏو رکيو ۽ چيو ته سندن
ماڻهو مون سان مالوند، هاري ناري، ڪنڀار، ملاح،
واڍا، رازا ۽ ٻيا ملائيندا رهن ته آءٌ کانئن سندن
ڌنڌن جا لفظ پڇان ۽ لکان ٻيو ته جيڪي سگهڙ ماڻهو
هجن، سي مون سان ملائين. اهڙيءَ ريت ڏينهن جو
انهيءَ ڪم ۾ مشغول هوندو هئس ۽ شام جو سائينءَ سان
ايندڙ ڏينهن جي ڪم بابت ڪچهري ٿيندي هئي.
لغت جي تياري ۾ سيد پاڻ به هٿ ونڊايو؟
لغت جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪچهرين جي ڪري سندس دل به
وندري پئي هوندي هئي. پاڻ به ڪراچي وڃڻ بدران
اطمينان سان سن ۾ ويهي رهيو. سندس دلچسپيءَ جي اها
حد هئي جو محرابپور ۽ منڇر ڍنڍ توڙي ڪراچي ۾ سمنڊ
جي مهاڻن سان ڪچهريون ڪرڻ لاءِ هو پاڻ مون سان
گڏجي هليو. ائين ٻين هنڌن تي پڻ مون سان گڏ هليو.
اهو ڪم ڪيترو وقت جاري رهيو ۽نيٺ ڪٿي پهتو؟
1950ع جي شروع تائين چار پنج مهينا اهو ڪم جاري
رهيو. پوءِ ڪم جو دائرو ايترو وڌي ويو جو وڌيڪ
انتظام جي ضرورت محسوس ٿي. سائين ٻڌايو ته حڪومت
عنقريب سنڌي ادبي بورڊ قائم ڪرڻ واري آهي. ائين
پوءِ 1951ع ۾ بورڊ قائم ٿيو ۽ مون کي به ميمبر ڪيو
ويو. مون جامع سنڌي لغات جي رٿا پيش ڪئي جيڪا
منظور ٿي. سيپٽمبر 1951ع ۾ آءٌ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
پروفيسر ٿي آيس. ڊسمبر ۾ منهنجي گذارش تي وي.سي
علامه آءِ.آءِ قاضي صاحب جن لغت جي تياري لاءِ
آفيس قائم ڪري ڏني. يونيورسٽي مان واندو ٿي شام جو
چئين وڳي کان رات جو 12 وڳي تائين ڪم ڪندو هئس. ٽن
سالن جي عرصي بعد ڊسمبر 1954ع تي پهريون مسودو
ويهن دستخط جلدن ۾ مڪمل ڪيو ويو. سچ ته سيد جي
ڪوششن کان سواءِ اهو ڪم پورو نه ٿئي ها.
توهان کي دمشق ۾ هڪ سٺي نوڪري جي آڇ ٿي هئي، پوءِ
توهان سنڌ يونيورسٽيءَ ڇو آيا؟
مون کي علامه آءِ.آءِ قاضي صاحب چيو: ”تون دمشق
ويندين ته سنڌ جو ڪم ڪير هلائيندو. تون سنڌ
يونيورسٽي جوائن ڪر ته آءٌ توکي لائيف ٽائيم سروس
ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“ علامه صاحب جي همٿائڻ تي
مون به عزم ڪيو ته هاڻي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي رهڻو
آهي ۽ اهڙي طرح کُپ کوڙي 25 سال يونيورسٽيءَ ۾
ويهي رهيس ۽ خدمتون سرانجام ڏنم، ۽ اڃا تائين
يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل آهيان.
هن وقت توهان سنڌ يونيورسٽي سان ڪهڙي حيثيت ۾
لاڳاپيل آهيو؟
هن وقت آءٌ علامه آءِ.آءِ قاضي چيئر جو نگران
اعزازي پروفيسر آهيان.
پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه وقت پوءِ بمبئي جي مروج
امتحاني سرشتي کان هٽي ڪري جڏهن سنڌ يونيورسٽي
ميٽرڪ جا امتحان پاڻ وٺڻ شروع ڪيا ته ڇا ان عمل
سان سنڌ ۾ تعليمي معيار کي نقصان نه پهتو هو؟
انگريزن جي دور ۾ شاگردن ڪاليجن ۾ پڙهندا هئا ۽
يونيورسٽين جو ڪم رڳو امتحان وٺڻ هوندو هو. قاضي
صاحب جڏهن وي.سي ٿيو ته هن سنڌ يونيورسٽي جو معيار
بمبئيءَ کان به بلند ڪري ڇڏيو. اهو اثر قاضي صاحب
کان پوءِ به ڪجهه وقت رهيو پوءِ جڏهن سنڌ جا
پنهنجا ماڻهو آيا ته انهن جيڪو حشر ڪيو سو اوهان
جي سامهون آهي.
سنڌالاجي جي قيام ۾ اوهان جو به هٿ رهيو آهي، ان
بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟
1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر
رضي الدين صديقي هو. مون کيس سنڌالاجي طرز جي
اداري قائم ڪرڻ جي صلاح ڏني. پوءِ مون هڪ رٿا تيار
ڪئي ۽ وي. سي سان گڏجي راولپنڊي ويس ۽ اسان تعليم
جي وفاقي سيڪريٽري شريف صاحب آڏو اها رٿا پيش ڪئي،
جنهن 50 هزار گرانٽ منظور ڪئي. اهڙي ريت ”سنڌي
اڪيڊمي“ جي نالي سان هيءُ ادارو قائم ٿيو.
پوءِ ان تي ”سنڌالاجي“ نالو ڪيئن پيو؟
منهنجي شروع کان ئي اها راءِ هئي ته هن اداري جو
نالو ”انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي“ رکيو وڃي. پوءِ
انتظامي اداري نيٺ منهنجي اها راءِ تسليم ڪئي.
سنڌي جي ليڪچرار مسٽر غلام علي الانا کي هن اداري
جي آفيس لاءِ اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته محمد
حنيف صديقي اعزازي ڊائريڪٽر هو، جنهن جي وفات کان
پوءِ اتي مون کي مقرر ڪيو ويو. جنوري 1976ع تائين
مون اها ذميواري نڀائي. منهنجي ئي ڪوششن سان هيءُ
ادارو نئين هاڻوڪي عمارت ۾ منتقل ٿيو.
چيو ٿو وڃي ته حيدرآباد مان مهراڻ آرٽس ڪائونسل
قائم ڪرائڻ ۾ توهان جو هٿ هو؟
ها، ان وقت سڄو زور ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل تي هو.
مون ڪوششون ڪري حيدرآباد ۾ مهراڻ آرٽس ڪائونسل
قائم ڪرائي ۽ مان ان جو اعزازي سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ
لڳس. وڏين رنڊڪن کان پوءِ لطيف آباد ۾ پلاٽ مليو.
گرانٽون وٺي ڪمرا ٺهراياسين ۽ محفلون ڪرايوسين.
لائبريري ٺاهي سين ته فسادين ان کي ساڙيو. بهرحال
اسان همت نه هاري.
سنڌ ميوزيم ٺهرائڻ پٺيان به چيو ٿو وڃي ته توهان
جو ڪردار هو؟
1957ع کان مان انهن ڪوششن ۾ هئس ۽ نيٺ عمارت منظور
ٿي، پر ڪم نه هليو. مون اعزازي ڊائريڪٽر جي حيثيت
۾ ون يونٽ صوبي جي چيف سيڪريٽري بي.اي قريشي کي
خالي پيل عمارتي ڍانچا ڏيکاريا، جنهن ٽي لک رپيا
گرانٽ منظور ڪئي، مون ميوزيم قائم ڪيو.
علامه آءِ.آءِ قاضي وي.سي شپ واري دور ۾ سنڌ
يونيورسٽي ۾ توهان ۽ ٻن ٻين دوستن جي هڪ ٽرائڪا
مشهور هئي. چيو وڃي ٿو ته توهان ئي قاضي صاحب کي
سائنس بدران هيوميٽيز جا شعبا کولڻ طرف راغب ڪيو،
ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي؟
سنڌ يونيورسٽي جڏهن قائم ٿي ته اها رڳو امتحان
وٺندڙ يونيورسٽي هئي. پوءِ جڏهن قاضي صاحب وي. سي
ٿي آيو ته هن هِن کي ريزيڊينشئل يونيورسٽي بنايو ۽
جيڪوپهريون پروفيسر مقرر ٿيو، سو آءٌ هئس. ان کان
پوءِ ڊاڪٽر هاليپوٽو مقرر ٿيو ۽ ٽئين نمبر تي
ايم.اي قاضي مقرر ٿيو. اهي ٽيئي سينئر ماڻهو
هئاسين، جن ابتدا ۾ وڏي محنت ڪئي. باقي اها دعويٰ
اجائي ٿيندي ته اسين قاضي صاحب کي هيڏانهن يا
هوڏانهن هلايو.
جڏهن سنڌ جي اسڪولن جي بمبئي يا لاهور يونيورسٽي
سان الحاق جي ڳالهه نڪتي ته قاضي صاحب جو ڪهڙو
رايو هو؟
ڏسو نه، جڏهن هڪ يونيورسٽي ختم ۽ ٻي ان جي جاءِ تي
اچي وڃي ته لازمي طور تي سڀ اختيار نئين يونيورسٽي
کي ملندا. ائين جڏهن سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي وئي ته
هتان جا جيڪي به ڪاليج هئا سي از خود سنڌ
يونيورسٽي سان لاڳاپجي ويا.
سنڌ يونيورسٽي جي حوالي سان قاضي صاحب جون ٻيون ڪي
ذڪر لائق ڪوششون؟
پهريون ته قاضي صاحب سنڌ يونيورسٽي کي ٽيچنگ
يونيورسٽي بنايو ته استاد ۽ شاگرد هتي رهن ۽ پڙهن.
ون يونٽ قائم ٿيڻ کان اڳ جي ڳالهه آهي ته علامه
صاحب سنڌ حڪومت کي منٿون ڪندو رهيو ته سنڌ
يونيورسٽي لاءِ گرانٽ ڏيوته نئون يونيورسٽي شهر
قائم ڪيو وڃي. پر ڪي ڪامورا مٿس ٽوڪون ڪندي چوندا
هئا: ”اسان کي سڄي سنڌ سنڀالڻي آهي، رڳو حيدرآباد
ته ڪانهي جو سڀ پيسا قاضي صاحب کي ڏيون.“ پوءِ
انهن ساڳين ڪامورن ۽ وزيرن ون يونٽ قائم ٿيڻ وقت
26 ڪروڙ رپيا ون يونٽ صوبي کي ڏئي ڇڏيا، کين اهڙي
تڪڙ هئي جو سنڌ جو رڪارڊ گاڏا ڀرائي لاهور
موڪليائون جتي سنڌ جا فائل نيلام پئي ٿيا. انهن
مان ڪجهه حسام الدين خريد ڪيا ۽ ڪجهه مون خريد
ڪيا. اسان دانهون ڪيون ته هيءُ ڇا ٿا ڪيو پر ڪنهن
ڌيان نه ڏنو.
علامه آءِ.آءِ قاضي سان توهان جي ويجهڙائپ رهي. هن
وٽ سنڌ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي حوالي سان ڪهڙو خواب
هو؟
علامه صاحب سنڌ کي هڪ بهترين ملڪ ۽ سنڌين کي عظيم
قوم ڏسڻ ٿي چاهيو. سنڌ هن جو آدرش هئي. چوندو هو:
”مون سڄي دنيا ڏٺي آهي پر سنڌ جي ماڻهن ۾ جيڪا
خوبي آهي، اها ٻين ۾ ڪانهي.“ اهو ئي سبب هو جو هو
35 سال انگلينڊ ۾ گذارڻ کان پوءِ به اچي هتان جي
گرم موسم ۾ رهيو. ست سال سنڌ يونيورسٽي جي خدمت
ڪيائين پر سندس نالو وٺڻ وارو ڪير ڪونهي. هو بلند
فڪر شخص هو. پاڪستان، هندستان ڇا، هو سڄي دنيا جي
وڏن ماڻهن مان هڪ هو پر جيئن ته اسين پاڻ ننڍڙا
ماڻهو آهيون تنهن ڪري علامه صاحب کي به ڇڪي پنهنجي
ليول تي بيهارينداسين. ڪير ڪنهن کي مٿي تڏهن ڪندو،
جڏهن پاڻ مٿي هوندو.
جيئن توهان چيو ته علامه صاحب کي مڃتا نه ملي.
ائين هڪ ٻيو ڪردار به آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽو. توڙي
جو کيس شمس العلماءَ جو لقب ڏنو ويو پر کيس
پذيرائي نه ملي، ان جو ڪهڙو سبب هو؟
منهنجي خيال ۾ ته هن کي پذيرائي ملي آهي. ڊاڪٽر
دائودپوٽو سنڌ جو پهريون عالم هو، جنهن سنڌ ۾
تحقيق جو بنياد رکيو. ”چچ نامو“ ۽ ”تاريخ معصومي“
هن ايڊٽ ڪرائي شايع ڪرايا. ان کان سواءِ گرهوڙي
صاحب تي بهترين ڪم ڪيائين، پر سندس حيثيت اڳواڻ
واري ڪانه هئي. ٿورو ڪم ڪيائين پر عاليشان ڪيائين.
آمريڪا مان فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ توهان ذاتي
دلچسپي طور به لغات ٺاهڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو؟
جيئن اڳ ۾ چيو اٿم ته سيد صاحب جي ته مون کي حمايت
حاصل هئي، پر جيئن ته مون ذاتي طور تي لغات تي ڪم
ڪيو هو سو خوشي سان آڇ قبول ڪيم. اها لغات ٽن سالن
۾ مڪمل ڪرڻي هئي. وعدي مطابق 1951ع کان 1954ع
تائين 20 هٿ لکيل جلدن ۾ جامع سنڌي لغات جو مسودو
مڪمل ڪيو ويو.
پوءِ اهو ڇپيو؟
مسودي جي تڪميل بعد ڪي اهڙيون رنڊڪون پئجي ويون جو
1957ع تائين ڇپائي ڪانه ٿي سگهي. انهيءَ موقعي کي
غنيمت ڄاڻي مون سڄي لغات تي نظرثاني ڪئي، ان کي
سنواريو سڌاريو ۽ ان ۾ 20 سيڪڙو نوان لفظ شامل
ڪيا. 1960ع ۾ نيٺ وڃي لغات جو پهريون جلد شايع
ٿيو. ان بعد وڌيڪ رنڊڪون پيش آيون. 28 سالن کان
پوءِ ٻيا چار جلد شايع ٿيا. اهڙي ريت پنج جلد مڪمل
ٿيا.
لغات جي تياري جا سرچشما ڪهڙا هئا؟
اڳ جيڪي لغتون يا ڪتاب لکيا ويا، تن جي اڪثر مصنفن
۽ مؤلفن جو واسطو شهرن سان هو، جي ٻهراڙيءَ جي نج
ٻوليءَ کان واقف نه هئا پر ان جي ابتڙ اسان سنڌ جي
ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خاص ڪارڪن مقرر ڪيا، جيئن هو پنهنجي
پنهنجي تر جا خاص لفظ ۽ محاورا توڙي اصطلاح گڏ ڪري
موڪلين. اهڙي طرح مالدارن، هارين ۽ ڪاسبين جي
ٻوليءَ جا لفظ ۽ ٻيا زندگيءَ جي هر پهلوءَ سان
واسطو رکندڙ لفظ ۽ اصطلاح گڏ ٿيا.
ان ڳالهه جو ڪهڙو سبب هو جو لغات جو ٻيو جلد 21
سال پوءِ ڇپيو؟
ان جو هڪ نه پر گهڻا سبب هئا. هڪ ته مان بورڊ جو
ميمبر نه رهيو هئس، ٻيو ته ان عرصي دوران اسلام
آباد ۾ مقرري ٿي، ٽيون ته منهنجي غير موجودگيءَ ۾
سياسي کيڏ کيڏيو ويو. پوءِ شايع ٿيندڙ جلدن تي ٻين
جا نالا لکيا ويا. ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين جلدن ۾
منهنجا لکيل پيش لفظ ۽ مهاڳ شامل ناهن. اهو اصل ۾
مون سان رقابت جو نتيجو هو.
لوڪ ادب واري رٿا تي توهان ڪڏهن کان ڪم جي شروعات
ڪئي؟
1955ع ۾، مون سنڌي ادبي بورڊ آڏو لوڪ ادب سهيڙڻ جي
رٿا پيش ڪئي. 1956ع ۾ اها رٿا منظور ٿي ۽ ان جي
ذميواري مون کنئي، جنوري 1957ع ۾ ان جو ڪم شروع
ٿيو. مواد گڏ ڪرڻ لاءِ علائقي وار ڪارڪن مقرر ڪيا
ويا. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي لغت واري آفيس سان گڏ
لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي.
ڪيترو مواد گڏ ٿيو؟
ڪافي مواد گڏ ٿيو. هر صنف بابت گهٽ ۾ گهٽ هڪ جلد
ترتيب ڏنو ويو. ائين هيءَ لوڪ ادب جي عظيم رٿا
ڪيترن ئي جلدن تائين پهتي. جن ۾ ڪن صنفن تي ٻه ٻه
جلد تيار ٿيا ۽ اهڙي ريت 42 جلد ڇپيا.
توهان لوڪ ادب تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ لوڪ ادب
ڪنهن به تهذيب ۽ معاشري جي عڪاسي ڪندو آهي.
مهرباني ڪري اسان کي اهو ٻڌايو ته سنڌي سماج جون
ڪهڙيون ڪهڙيون نمايان خصوصيتون آهن؟
جيڪا شيءِ قلمبند ٿئي ٿي، اها محفوظ ٿي وڃي ٿي.
قصو هجي يا ڪهاڻي، روايت هجي يا حڪايت، جيڪڏهن اها
قلمبند ٿي ته پوءِ تاريخ بنجي وڃي ٿي. ان حوالي
سان مون سنڌي ادبي بورڊ کي تجويز ڏني هئي ته سنڌ
جون روايتون، جيڪي سگهڙن وسيلي صدين کان سينه به
سينه هلنديون اچن پيون، انهن کي قلمبند ڪيو وڃي،
ڇو ته اهو قيمتي ورثو آهي. سنڌ ۾ روايت باقاعده هڪ
علم آهي، هڪ فن آهي جيڪو نسل در نسل هلندو اچي پيو
پر هاڻي اقتصادي ڪشمڪش ۽ ٻين مسئلن جي ڪري اهو فن
زوال پذير ٿي رهيو آهي. جيڪي جهونا سگهڙ موجود
آهن، اهي جيڪڏهن هليا ويا ته اهي پنهنجي سينن ۾
سانڍيل روايتون به کڻي هليا ويندا، تنهن ڪري انهن
جو تحريري شڪل ۾ هجڻ ضروري آهي.
سائين اسان جو سوال هو ته سنڌي سماج جون ڪهڙيون
ڪهڙيون نمايان خصوصيتون آهن؟
ان جو جواب ڏاڍو مشڪل آهي پر لکت ۾ جيڪي روايتون
گڏ ڪيون ويون آهن، انهن کي پڙهي، انهن جو تجزيو
ڪري، هر شخص ڪونه ڪو نتيجو ڪڍي سگهي ٿو. ان حوالي
سان سڀ کان پهرين جيڪا ڳالهه منهنجي ذهن ۾ اچي ٿي،
اها آهي حقيقت پسندي. ان کان سواءِ توهان کي سنڌي
سماج ۾ ڏيک ويک کان وڌيڪ حجاب ملندو. سنڌي معاشري
جي ٻي وڏي خوبي ٻين جي مدد ڪرڻ آهي. هتان جي ماڻهن
۾ رڳو پنهنجي ڀلائيءَ جو عنصر نهايت گهٽ آهي. هڪ
ٻي ڳالهه به نظر اچي ٿي ته پيسي يا ڪنهن لالچ جي
ڪري قرباني ڏيڻ کي غلط تصور ڪيو وڃي ٿو پر جيڪڏهن
ڪا حق جي ڳالهه آهي ته ان لاءِ سر به ڏنو وڃي ٿو.
لوڪ ادب جي ڏاهي ۽ تاريخدان ۾ توهان ڪهڙو فرق ڪيو
ٿا؟
انهن ٻنهي شعبن جا الڳ الڳ ڪم ۾ ذميواريون آهن.
لوڪ ادب جي معنيٰ آهن ته عام ماڻهن جي ڳالهين ۽
فڪر کي ميڙي گڏ ڪجي. جڏهن ته تاريخ وري واقعن کي
قلمبند ڪرڻ جو علم آهي.
توهان پاڻ کي ڇا ٿا سمجهو- لوڪ ادب جو ماهر يا
تاريخدان؟
مان ماهر ڪونه آهيان، باقي انهن ٻنهي شعبن جي
حوالي سان مون گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. ماهر ٿيڻ ڏاڍو
ڏکيو ڪم آهي.
سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب ۽ ساڃاهه کي محفوظ ۽ مستقبل
۾ اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ توهان وٽ ڪهڙيون رٿائون آهن؟
اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ٿيندو جڏهن اسين پنهنجي
تعليمي معيار کي اعليٰ سطح تائين پهچائينداسين.
باقي هن وقت ته اسان جو ان طرف توجهه ئي ڪونهي.
اصل ۾ اسان جو توجهه ٻئي طرف آهي. مان سمجهان ٿو
ته سنڌ جي حوالي کان قابليت وارو سوال بنيادي شرط
آهي.
آخر ان ڳالهه جو ڪهڙو سبب آهي جو هن وقت تائين سنڌ
جي مڪمل ۽ مستند تاريخ لکجي نه سگهي آهي؟
اصل ۾ اهو مسئلو رڳو سنڌ تائين محدود ناهي بلڪه
اسان جي ملڪ جا جيڪي ٻيا صوبا آهن يا موجوده هند
جا علائقا آهن، اتي به اهو مسئلو موجود آهي. ان جو
سڀ کان وڏو سبب هيءُ آهي ته هتي ڊگهي عرصي تائين
سامراجي حڪومتن جو غلبو رهيو آهي، پورچوگيز، ڊچ ۽
انگريز هتي ٻن ٽن سؤ سالن تائين حڪومتون ڪندا
رهيا. ان عرصي دوران تاريخ لکڻ ته پري جي ڳالهه،
هنن مورڳو اسان جي تاريخ ئي ميساري ڇڏي ۽ پوءِ اها
ساڳي ميساريل تاريخ اسان کي پڙهائي وئي. اسان اڃا
تائين پاڻ کي ان تاريخ جي اثر مان ٻاهر ڪڍي نه
سگهيا آهيون. اسان اڄ ڏينهن تائين اها ئي تاريخ
پڙهي رهيا آهيون. باقي جيستائين سنڌ جي تاريخ بابت
تحقيق جو سوال آهي ته مان چوندس ته پاڪستان جي ٻين
صوبن جي ڀيٽ ۾ هتي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. مثال طور
هتي تاريخ جا جيڪي ماخذ هئي، جن جي اڪثريت فارسيءَ
۾ هئي، سي اڪثر ڇاپيا ويا آهن. ان کان سواءِ انهن
مان ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما به شايع ٿي چڪا آهن.
ٽين ڳالهه ته سنڌي ادبي بورڊ 1951ع م سنڌ جي تاريخ
لکائڻ جي رٿا جوڙي هئي پر ڪير لکي! پوءِ به ٻه ٽي
دور لکجي چڪا آهن ۽ ڪجهه دور اڃا باقي آهن.
توهان چيو ته ننڍي کنڊ ۾ جيتري تاريخ سنڌ جي لکي
وئي آهي، اوتري ٻين خطن جي قلمبند نه ٿي آهي، ان
لاءِ توهان وٽ ڪهڙا دليل آهن؟
سنڌي ادبي بورڊ جڏهن قائم ٿيو ته اسان هڪ رٿا تيار
ڪئي هئي ته سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪجي ۽ اٺ ڏهه جلد
لکيا وڃن، اها رٿا منظور ٿي، پوءِ ماڻهن کي ڪم
ورهائي ڏناسين، پر اهو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو. پوءِ پير
حسام الدين، مون ۽ هڪ ٻه ٻين ذاتي طور تي ان ڪم کي
هٿ ۾ کنيو. مون تجويز ڏني هئي ته ٽن ڪتابن يعني”چچ
نامو“، ”تحفة الڪرام“ ۽ ”تاريخ معصومي“ کي اوليت
ڏني وڃي.
ان کان پوءِ جيڪڏهن ”لب تاريخ سنڌ“ تي ڪم ڪجي ته
پوءِ سڄي تاريخ مڪمل ٿي ويندي. ائين اسان هي ٽئي
ڪتاب ترجمو ڪرائي شايع ڪرايا.
سنڌ جون جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن، انهن کي
جيڪڏهن گڏائي ڏسجي ته انهن ۾ گهڻيون وڇوٽيون نظر
اچن ٿيون. سؤ سؤ سالن جو احوال نٿو ملي. ان باري ۾
توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
سنڌ جي تاريخ جو رڳو هڪڙو دور يعني سومرا دور اهڙو
آهي، جنهن بابت گهڻو تحريري مواد نٿو ملي پر ان
دور بابت ڪيتريون ئي روايتون موجود آهن. جڏهن ته
ٻين دورن بابت وڌيڪ مواد موجود آهي. مثال طور عرب
دور آهي، ان بابت عربي ۾ ڪتاب آهن، سمن جي دور
بابت فارسيءَ ۾ ڪتابن ۾ حوالا آهن. ان بعد سڀني
دورن لاءِ ڪتاب موجود آهن. بهرحال اسان کي اهو ياد
رکڻ گهرجي ته اسلام کان اڳ واري دور بابت لکت ۾
تاريخ موجود آهي پر هندستان جي ڪنهن به خطي جي
ايتري تاريخ نٿي ملي جيتري سنڌ جي ملي ٿي. جيڪڏهن
اسان ڏسڻ چاهيون ته گجرات ۾ يا پنجاب ۾، اسلام کان
اڳ ڪهڙيون حڪومتون هيون ته ان بابت اسان کي ايترو
تحريري مواد نٿو ملي. باقي هونئن آرڪيالاجي جي
حوالي کان ڏٺو وڃي ته اها هڪ الڳ ڳالهه آهي.
ڊاڪٽر صاحب! اهو ٻڌايو ته قديم سنڌ جون جيڪي
تاريخون لکيون ويون آهن، توهان انهن مان ڪنهن کي
بهتر يا مستند سمجهو ٿا؟ ۽ قديم سنڌ مان توهان جي
ڪهڙي مراد آهي؟
قديم سنڌ مان مراد عربن جي هتي اچڻ کان اڳ جا دور
آهن.
سچ پڇو ته سڄي ننڍي کنڊ ۾ عربن جي آمد کان اڳ جو
مواد آهي ئي ڪونه! ان وقت سنڌ، هند جو حصو هئي يا
گهٽ ۾ گهٽ هند جي ويجهو هئي. توهان هندستان جا
سمورا ماخذ ڏسو، توهان کي هتان جي باري ۾ رڳو ٻه
شيون ملنديون: هڪ سنڌو درياءَ جو ذڪر آهي ۽ ٻيو ته
چيو وڃي ٿو ته سنڌ شودرن جو ملڪ آهي. هو برهمڻ هئا
۽ شودرن جو ملڪ هئڻ سبب هنن سنڌ طرف ڪوبه ڌيان نه
ڏنو. ٺيڪ آهي جيڪڏهن سنڌ وارن قديم دور ۾ ڪجهه نه
لکيو ته هو ئي کڻي ڪجهه لکڻ ها. مسلمانن بغداد ۾
ويهي سنڌ بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي! هي ته پاڙيسري
هئا پر حقيقت ۾ ان وقت سڄي هندستان ۾ تاريخ نويسي
جو رواج ئي ڪونه هو. ان دور جون رڳو ديو پرين جون
ڪهاڻيون ۽ قصا ملن ٿا، اسان کي ان وقت جي ڪابه
اهڙي باقاعده تاريخ نٿي ملي، جيڪا هند ۾ لکي وئي.
دراصل تاريخ نويسي اهڙو علم هو جيڪو مسلمانن ئي
هتي شروع ڪيو ۽ وچ ايشيا ۾ شروع ڪيو.
سنڌ جي تاريخ متعلق عربي يا فارسي ۾ جيڪي ڪتاب
لکيا ويا، انهن مان توهان جي نظر ۾ ڪهڙو سڀ کان
آڳاٽو آهي، جنهن کي اسين پهريون ماخذ ڪتاب قرار
ڏئي سگهون؟
سنڌ متعلق جيڪو پهريون ڪتاب آهي ۽ جنهن کي اسين
پهريون ماخذ قرار ڏئي سگهون ٿا، اهو آهي ”چچ نامو“
ان جو اصل نالو ”فتح نامو“ آهي پر بعد ۾ مغليه دور
۾ ان کي ”چچ نامو“ چيو ويو. اهو ”فتح السند“ جو
ترجمو آهي. ان کان پوءِ سنڌ جي جيڪا تاريخ آهي،
اها آهي مير معصوم بکريءَ جي ”تاريخ معصومي“
۽ مان سمجهان ٿو ته اها معياري آهي. ”چچ نامي“ ۾،
سنڌ ۾ اسلام کان اڳ جي دورن ۾ اسلام جي فتح جو
رڪارڊ آهي. جڏهن ته ”تاريخ معصومي“ شروع کان وٺي
اڪبر جي دور تائين جي تاريخ آهي. ان کان پوءِ جيڪو
ٽيون نمبر تاريخ جو ڪتاب سٺو آهي، اهو آهي
”تحفة الڪرام“، جيڪو مير علي شير قانع کي ان کان
اڳتي وڌائيندي، ڪلهوڙا دور ۾ ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي جي دور تائين آندو آهي. ڏٺو وڃي ته مير
معصوم جو ڪارنامو وڏو آهي، ڇو ته هن جيڪي ماخذ
استعمال ڪيا آهن، اهي اسان وٽ آهن ئي ڪونه.
توهان ”چچ نامي“ کي بنيادي ڪتاب تصور ڪيون ٿا.
جڏهن ته عام طور تي ان تي اها تنقيد ٿيندي رهي آهي
ته ان ۾ تاريخي واقعن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو
آهي؟
اها غير علمي راءِ آهي. علم واري ڳالهه جو علم جي
ميدان ۾ بحث ٿيندو آهي. جڏهن سڄي دنيا ”چچ نامي“
جي مستند هجڻ جي ڳالهه ڪري ٿي ته اسان توهان جي
راءِ جي ڪهڙي حيثيت آهي. ڀلا جي ڪا تنقيد آهي به
کڻي ته اها دليلن سان پيش ڪئي وڃي. باقي ائين
هوائي توائي ڳالهه نه ڪجي. اصل هتي ڳالهه بيهي ٿي
ووٽن تي، نه ڪي علم تي. گهڻا ماڻهو گڏجي جيئن چون
ٿا، ٻيا سڀ چون ٿا، ها اها ڳالهه صحيح آهي. مان
سمجهان ٿو ته علمي ڳالهيون علمي طريقي سان ٿيڻ
کپن.
جيئن چيو وڃي ٿو ته خاص ڪري راجا ڏاهر جي حوالي
سان ان ۾ پيش ڪيل ڳالهيون درست ناهن.
جيئن ”چچ نامي“ ۾ بيان ٿيل آهي، ڀلا جيڪڏهن ان دور
جي ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ ڪا ابتڙ ڳالهه لکيل هجي ته
پوءِ کڻي آڱر کڻجي. جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ ”چچ
نامو“ ئي درست آهي، اسان کي پنهنجو اهو رويو بهتر
ڪرڻو پوندو. ڇو ته اڳتي هلي قابل ماڻهو پيدا
ٿيندا، پوءِ اسان جون هي غير علمي ڳالهيون بيهي نه
سگهنديون!
توهان تاريخ تي ڪم ڪيو آهي ۽ خاص طرح سنڌ جي عرب
دور تي مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته سنڌ ۾ عرب دور کان
اڳ جي تاريخ جي سلسلي ۾ اوهان ڪا تحقيق ڪئي آهي يا
آئيندي ڪو اهڙو ارادو آهي؟
”تحقيق“ جو لفظ منهنجي لاءِ ڳرو آهي. آءٌ چوندس ته
شاگردي ڪريون پيا، مطالعو ڪريون پيا. عرب -
اسلامي دور کان اڳ جي تاريخ ۾ جيڪو خاص مسئلو آهي،
اهو نه فقط سنڌ جي تاريخ جو، پر سڄي هند جي تاريخ
جو به. اهو آهي سنن ۽ سالن مرتب ڪرڻ جو، ڇاڪاڻ ته
لکت ۾ ڪا شيءِ موجود ڪانهي، جيڪا شاهدي ملي ٿي ته
يا جيڪي اُهڃاڻ ملن ٿا، سي آثار قديمه مان ملن ٿا.
اهو اهڙو مسئلو آهي جو جيئن وقت گذرندو، تيئن اسان
کي انهيءَ تي ڪجهه وڌيڪ مواد ملندو، ڇاڪاڻ ته
تحقيق ٿئي پئي ۽ ڪيترن ئي قديم آثارن جون کوٽايون
ٿين پيون. البت اسلام جي دور سان لاڳيتي سنڌ جي
جيڪا اڳين تاريخ آهي، ان بابت مسلمان محققن لکيو
آهي ۽ اهو مواد ”فتح نامي“ يا ”چچ نامي“ ۾ موجود
آهي. اهو مواد برهمڻ گهراڻي جي تاريخ ۾ اُن کان اڳ
۾ راءِ گهراڻي جي تاريخ بابت آهي پر ڳالهه اها آهي
ته ان تي وڌيڪ ويچار ڪجي ۽ اُن کي سنن وار مرتب
ڪجي. انهيءَ تي مون ڪجهه ڪيو آهي ۽ هڪ تحقيقي
مضمون ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ مون سن ۽ سال متعين
ڪيا آهن. سوال آهي ته برهمڻ گهراڻي جا جيڪي حڪمران
هئا، مثال طور: چچ ٿيو، پوءِ چندر ٿيو ۽ اهڙي طرح
ويندي ڏاهر تائين، انهن سن ۽ سال ڪيئن مرتب ڪجن.
يا ان کان اڳ راءِ گهراڻي جي حڪمرانن، مثال طور
راءِ سهاسي وغيره جا سن سال ڪيئن مرتب ڪجن؟ ان
مسئلي بابت تحقيقي کي ٿورو اڳتي ڪيو ويو آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي جيڪا هڪڙي وڏي معلومات
حاصل ٿي آهي، سا هيءَ ته تنهن وقت سنڌ جو پنهنجو
ڪئلينڊر موجود هو، يعني سن ۽ سال ”سنڌي سنبت“ موجب
هلندا هئا. اُها سنڌي سنبت، وڪرما جيت جي سنبت ۽
بين سنبتن کان جدا هئي. محقق بيروني انهيءَ سنڌي
ڪئلينڊر جو حوالو ڏنو آهي، ۽ مون ان تي تحقيق ڪري،
ان کي متعين ڪيو آهي.
اها جيڪا اڳين سنڌ جي تاريخ آهي، اُن بابت ڪيتريون
ساريون غلط فهميون پيدا ٿيون آهن پر ڳالهه آهي ته
ڪير انهن جو مطالعو ڪري ۽ انهن کي صاف ڪري!
مثال طور ڪهڙيون غلط فهميون؟
جيئن چين جي سياح ”شوان سينگ“ جي ”هند“ ۾ اچڻ جو
جيڪو سفرنامو آهي، تنهن کي آثار قديمه جي محققن،
خاص طرح ”ڪننگهام“ مرتب ڪيو آهي، پر هن جيڪي
نتيجا ڪڍيا آهن، تن سان اسان جو اتفاق ڪونهي. هن
جي خيال ۾ چيني سياح لکيو آهي: ”سنڌ شودرن جو ملڪ
آهي“. انهي غلط نظريي کي پوءِ وٺي گهڻو وڌايو ويو
آهي ته سنڌ م شودر رهندا هئا، پر قديم آثارن مان
ظاهر آهي ته سنڌ جي وڏي تهذيب هئي، شودرن جو ته ڪو
سوال ئي نه ٿو اُٿي. ان اڳئين دور بابت ٻي ٿوري
گهڻي روشني سنڌ ۾ ساساني- ايران جي تعلقات مان ملي
ٿي. موهن جي دڙي جي تهذيب ڪيئن پوءِ ٻئي هنڌ پکڙي،
تنهن جا آثار ڪوٽڏيجي مان يا هندستان جي ڪن قديم
آثارن (لوٿل وغيره) مان مليا آهن. سنڌ جي موجوده
حدن اندر اهڙن ”قبل - تاريخي دور“ جي آثارن جي
تلاش بابت مون مقالو لکيو آهي ته انهن کي ڪيئن
ڳولجي. هڪ خاص سروي جي ضرورت آهي، خاص طرح سان
”رور سسٽم، وارين ايراضين جي. سنڌونديءَ جا پراڻا
وهڪرا ۽ شاخون قديم آثارن جي ڳولا لاءِ ڪارگر آهن،
ڇاڪاڻ ته گهڻو اڳ جيڪي بستيون هيون، سي پاڻيءَ سان
ٻڌل هيون. سنڌو نديءَ جو جيڪو الهندي طرف وارو
وهڪرو آهي، تنهن جي ڪن بستين جي اسان کي خبر آهي،
مثال طور آمري هئي ۽ مئن جو دڙو هو، پر ”اُڀرنديون
نارو“، جيڪا هڪ نهايت پراڻي ندي آهي، تنهن لڳ
جيڪي آثار آهن، تن تي توجهه نه ٿيو آهي.
عرب دور کان وٺي سمن جي دور تائين جيڪا تاريخ آهي،
تنهن تي توهان جا ڪتاب به آهن. انهيءَ تاريخي دور
جي سلسلي ۾ اوهان ڪا وڌيڪ تحقيق ڪئي آهي؟ انهيءَ
دور جون ڪي ڪڙيون رهيل آهن، جن بابت ڪا نئين ڳالهه
توهان جي ذهن ۾ آئي هجي؟
عربي دور کان پوءِ آهي ”سومرن جو دور“ جنهن تي
منهنجي مسلسل محنت ۽ ڪوششن سان ٽي وڏا جلد شايع
ٿيا آهن. اميد ته اهو مواد اڳتي هلي ”سومرن جي
دور“ بابت هڪ مکيه ماخذ ٿي رهندو.
سومرن کان پوءِ ”سمن جو دور“ صحيح معنيٰ ۾ هڪ
تاريخي دور آهي، جنهن تي مون سڀ کان پهريائين
1952ع ۾ ڪم شروع ڪيو، جو سمن سلطانن جي حڪمراني جي
سنن وار تحقيق ڪيم. ان دور جي تاريخ جا ٻيا پهلو
به اڃا روشن ڪين آهن: مثال طور سما حڪومت ۾ ڪيئن
آيا، سومرن کان حڪومت ڪيئن ورتائون؟ آخر ۾ جيڪو
سومرو حڪمران هو، سو ڪير هو ۽ پوءِ انهيءَ جا
پويان ڪيڏانهن ويا؟ انهن مسئلن کي، هندستان مان
جيڪي تاريخي آثار مليا آهن، تن جي آڌار تي مون حل
ڪيو آهي. سومرن کان پوءِ سمن مان پهريون حڪمران
ڄام هالو ٿئي ها، پر حڪمران وڃي ٻيا ٿيا، جيڪي
سوٽاڻن مان هئا. اهو ڇو ٿيو؟ انهيءَ جي اڃا پوري
خبر نه پئي آهي.
معنيٰ ته سمن جي دور جا اهي ڪتاب اوهان کي مليا
آهن؟
سمن جي دور جا ڪتاب موجود آهن، گهڻا نه ته ٿورا،
انهن کي بنياد بنائي، اسان ڪنهن حد تائين ان دور
جي علمي تاريخ مرتب ڪري سگهون ٿا.
”لوڪ ادب“ جي اسڪيم ۾ اوهان چاليهارو کن ڪتاب شامل
ڪيا هئا، جن مان تقريباً 42 جلد ڇپجي چڪا آهن، ان
اسڪيم جي پوري ٿيڻ کان پوءِ اهڙي ڪا ٻي اسڪيم به
اوهان جي اڳيان آهي؟
سڀڪو چاهي ٿو ته هيئن به ٿئي، هونئن به ٿئي، پر
ڪنهن به ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي ته حالات
سازگار هجن. انهيءَ کان سواءِ ڪم نٿو ٿي سگهي.
مثال طور منهنجي ذهن ۾ يا لکت ۾ جيڪو مواد آهي،
تنهن جي آڌار تي ”سنڌ جي سماجي تاريخ“ لکي سگهجي
ٿي، اها ڪنهن ڪانه لکي آهي. سنڌ جا نسب ناما، سنڌ
جون قومون، قبيلا ۽ انهن مان جيڪي لائق ماڻهو ٿي
گذريا، راڄن جون ڳالهيون ۽ انهن جا لڳ لاڳاپا، اهو
هڪ وڏو موضوع آهي. انهيءَ سلسلي ۾ لوڪ ادب هيٺ
اسان ريتن رسمن تي هڪڙو ڪتاب مرتب ڪيو آهي، پر سنڌ
جي نسب نامن بابت ايترو ته مواد موجود آهي، جو اهو
پنجن ستن جلدن ۾ شايع ڪري سگهجي ٿو. اهو بذاتِ خود
هڪ وڏو تحقيقي ڪم آهي، جنهن کي هٿ ۾ کڻجي پر ضروري
آهي ته انهيءَ لاءِ حالات سازگار هجن.
سائين، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح تي به اوهان
صاحبن ڪم پئي ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اوهان ڪا
نئين تحقيق ڪئي هجي يا ڪو آئيندي اهڙو ارادو آهي؟
عرض آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف جي سوانح جي سلسلي
۾ مون سوچيو آهي ۽ مطالعو ڪيو آهي، پر سمجهيو ڪجهه
وڌيڪ آهي ۽ لکيو به گهڻو آهي. هي مسئلو به اڃا
تحقيق طلب آهي. جيستائين ڪا ڳالهه پوري هٿ نه اچي
تيستائين رڳو نالي طور ڪتاب لکڻ ٺهي ڪونه ٿو. البت
هن وقت تائين شاهه صاحب جي سوانح جا ٻه پهلو، جيڪي
اڳ مبهم هئا، تن کي مون واضح ڪيو آهي. پهرين ڳالهه
ته آڳاٽو پنهنجي هڪ مضمون ۾ مون ڪافي تحقيق سان
اهو واضح ڪيو آهي ته شاهه صاحب جن ڪٿي ڄاوا، سندن
والدهه ڪير هئي ۽ ناناڻا ڪير هئا. انهيءَ مسئلي
بابت مون کان اڳ پوري تحقيق جي بجاءِ نقلي روايتن
کان ڪم ورتو پئي ويو. ٻي ڳالهه، جيڪا روشن ڪئي
ويئي آهي، سا شاهه صاحب جي تعليم ۽ طريقت بابت
آهي.ا ن سلسلي ۾ ٻه خط شايع ڪيا ويا آهن. هڪ خط
شاهه عبداللطيف مخدوم محمد معين ٺٽوي واري ڏانهن
لکيو ۽ ٻيو جوابي خط، جيڪو مخدوم محمد معين لکيو.
انهن خطن ۾ پهريون ڀيرو اهو ثبوت مليو ته شاهه
صاحب اڻ پڙهيل ڪونه هو. مير علي شير قانع، شاهه
صاحب کي ”اُمي“ ڪري لکيو آهي، پر اُمي جي معنيٰ ڇا
آهي؟ قانع جي انهيءَ لکڻيءَ کان سواءِ ٻيا به دليل
۽ ثبوت آهن، جن تي غور ڪرڻ ضروري آهي. حضرت شاهه
صاحب باقاعدي نصابي پڙهائي پوري ڪري عالميت جي پڳ
ڪانه ٻڌي هئي، پر ان وقت جي رواج موجب شاهه صاحب
بنيادي تعليم يعني قرآن شريف ۽ ابتدائي فارسي،
استادن کان پڙهيا هئا. وڌيڪ الله تعاليٰ هن کي
پنهنجو ذهن ڏنو هو. ٽيون پهلو سندن سوانح بابت،
شاهه جي راڳ جي سلسلي جو آهي ته هن ڪيئن طنبورو
ايجاد ڪيو، ڪيئن راڳ جو بنياد ووڌو ۽ ڪيئن انهيءَ
اداري کي قائم ڪيو، انهيءَ کي مون پنهنجي ڪتاب
”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ“ ۾ بيان ڪيو آهي.
شاهه صاحب جي سوانح جي انهن ٽن پهلوئن تي مون ڪوشش
ڪري روشني وڌي آهي.
شاهه سائين جي ڪلام جي مستند ايڊيشن کي تيار ڪرڻ ۾
اوهان جي راءِ مطابق ڪهڙي دشواري آهي؟
سڄي ڳالهه تحقيق ۽ مطالعي جي آهي، جنهن لاءِ حالات
سازگار هجن ۽ ماخذ معلوم هجن. اڪيلي سر، محدود
ذريعن سان، انهيءَ بنيادي مطالع تي ڪم ڪندي مون کي
يارنهن سال کن 1966ع کان وٺي 1977ع لڳي ويا. اهو
بنيادي مطالعو انهي لاءِ هو ته اسان کي شاهه صاحب
جي رسالي بابت ضروري معلومات حاصل ٿئي. مثال طور
شاهه عبداللطيف جو رسالو ڪنهن لکيو ۽ ڪٿان ڪٿان
ڇپيو؟ بهرحال، بنده ڳولا شروع ڪئي ۽ خدا جي فضل
سان 38 قلمي نسخا ڳولي ڪڍيا. گربخشاڻي صاحب کي
لنڊن ۾ هڪڙو رسالو مليو هو، پر اُتي ٻيو به قلمي
نسخو هو، جنهن جي کيس خبر ڪانه هئي. مون اُهو ڳولي
ڪڍيو. هڪڙو قلمي رسالو اتفاق سان مون کي ايران جي
شهر تهران جي هڪ ڪتبخاني ۾ مليو.
انهن ملڻ کان پوءِ اوهان ڪهڙي نتيجي تي پهتا؟
ان کان پوءِ انهن جو غور سان مطالعو ڪيو ويو جنهن
مان انهيءَ نتيجي تي پهتاسون ته رسالي کي ٻن صورتن
۾ لکيو ويو: شروع شروع ۾ جيڪي رسالا لکيا ويا، تن
۾ ”سر سسئي“ پهريائين رکيو ويو ۽ ان کان پوءِ ٻيا
سُر، اهي پهرين دور وارا رسالا، جيڪي اسان کي مليا
آهن سي سڀ ”سسئي“ سان شروع ٿين ٿا. ان کان پوءِ 13
صديءَ هجري (19 عيسويءَ) ۾ ٽالپر اميرن جي دور ۾
شاهه صاحب جي رسالي ۽ راڳ جو تمام گهڻو رواج ٿيو.
ٽالپر اميرن جا حرم به رسالو پڙهند اهئا ۽ سندن
واسطي باقاعدي رسالا لکايا ويندا هئا. حڪمران ۽
صاحبزادا پاڻ ڀٽ تي ويندا هئا. آخري دور ۾
عبدالحسين خان سانگي اهو سلسلو قائم رکيو ۽ پاڻ
پنهنجي وصيت موجب دفن به اُتي ڀٽائي صاحب جي روضي
جي ڇانوَ ۾ ٿيل آهي. انهيءَ توجهه سان راڳ به زور
ورتو ۽ راڳ جي لحاظ سان رسالي جي به نئين سر ترتيب
۽ تدوين ٿي.
توهان جي چوڻ جو مطلب آهي ته سُرن جي ترتيب تبديل
ڪئي وئي.
ها، اڳيان لکيل جيڪي رسال اهئي سي ”سر سسئي“ سان
شروع ٿي ٿيا، پر هاڻي راڳ جي لحاظ سان سُر رکيا
ويا. ڇاڪاڻ ته راڳ سانجهي کان پوءِ ئي شروع ٿئي ٿو
۽ اهو وقت ڪلياڻ جي ڳائڻ جو آهي، ان ڪري پهريون سر
ڪلياڻ لکيائون. اهڙي طريقي سان اهي ”راڳناما-
رسالا“ نئين سر مرتب ٿيا. اهڙن رسالن منجهان
پهريائين ارنيسٽ ٽُرمپ 1866ع ۾ جرمني جي شهر لپزگ
مان رسالو ڇاپيو، جنهن جي شروع ۾ سر ڪلياڻ آهي.
اسان ڪوشش ڪئي ته اهو ڏسون ته انهيءَ 1866ع يعني
1282هه ۾ ڇپيل رسالي کان اڳ جوبه ڪو رسالو لکيل
آهي؟ بمبئيءَ وارو ڇاپو به هڪ سال پوءِ 1283هه ۾
ڇپيو. مسلسل ڪوششن سان اسان ٽي اهڙا رسالا ڳولي
ڪڍيا، جيڪي ٽرمپ واري ڇاپي کان 12 سال اڳ جا لکيل
هئا. پوءِ اُهي ٽئي رسالا ڀيٽي اسان هڪ ايڊيشن
شايع ڪيو، جيڪو موجود آهي. اسان انهن رسالن جا
حوالا ڏنا آهن، اهي 1269هه، 1270هه ۽ 1271هه جا
لکيل آهن.
ڪجهه وقت اڳ اسان کي هڪ قلمي رسالو هٿ آيو آهي،
جيڪو 1267هه جو لکيل آهي. اهو آڳاٽي ۾ آڳاٽو رسالو
آهي، جنهن جي شروعات ”سر ڪلياڻ“ سان ٿئي ٿي.
توهان سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لکي آهي، انهيءَ سلسلي
۾ اوهان کي ڪو وڌيڪ مواد مليو هجي، يا انهيءَ باري
۾ اوهان جي ڇا راءِ آهي؟
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ هڪ اهم مسئلو آهي ۽ ضروري
آهي ته ان تاريخ کي اسان پوريءَ تحقيق سان مرتب
ڪريون. اوهان کي خبر آهي ته پهريائين جڏهن انگريز
آيا يا ٻيا جيڪي مغربي ماڻهو هت آيا، تن پنهنجي اڻ
ڄاڻائيءَ سببان چيو ته سنڌي سنسڪرت مان نڪتل آهي؛
نه رڳو سنڌيءَ لاءِ بلڪ سنڌ ۽ هند جي گهڻين ٻولين
لاءِ چيائون ته اهي سنسڪرت مان نڪتيون آهن. سنڌي
ٻوليءَ بابت انهيءَ غلط نظريي کي درست ڪرڻ جي
پهرين پهرين ڪوشش مون ڪئي ۽ انهيءَ طرف ڌيان
ڇڪايو. ڇو ته سنڌي ٻولي سنڌو ماٿري جي قديم ٻولي
آهي ۽ سنسڪرت کان به اڳ جي دور جي آهي. سنسڪرت جا
اڪثر لفظ پوءِ دير سان پالي زبان ذريعي سنڌي ۾
داخل ٿيا. سنڌي ٻولي ”پروٽو- پراڪرت“ دفعي جي ٻولي
آهي ۽ انهن ماڻهن جي عوامي ٻولي آهي، جيڪي ان دور
۾ هت رهندا هئا.
ان آڳاٽي دور کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي ”دور وار
تاريخ“ اسان وٽ ڪانه هئي، البت اڳيان بيان نقل ڪري
هڪ تاريخي ڪتاب ته ويچاري ڀيرومل لکي ڇڏيو پر
تاريخي لحاظ سان ڪو پڇا ڪري ته سومرن يا سمن جي
دور ۾ سنڌي ٻولي ڇا هئي ته ان لاءِ ڪو جواب ڪونه
هو. انهيءَ مسئلي تي مون پهريون مضمون 1952ع لکيو
هو. ان بعد وڌيڪ جيڪي حالات مليا، تن کي هڪڙي
ننڍڙي ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيم. 20 سال کن ٻيا به
ڪم هليو ۽ ان عرصي واري تحقيق کي ڪتاب ”سنڌي ٻولي
۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ آندو ويو. اها تاريخ، سمن
جي دور جي آخر 1520ع تائين پهچي ٿي. ان بعد تحقيق
جو سلسلو جاري رهيو ۽ مغليه دور واري باب ۽ ٻئي
مواد جو اضافو ٿيو. انشاءَ الله اڳتي هلي ڪلهوڙن،
ٽالپرن ۽ انگريزن جي دورن تي بحث ڪنداسون. اهو هڪ
خاص سلسلو آهي، جنهن تي غور ٿي رهيو آهي پر اهو
آهي تاريخي سلسلو. انهيءَ کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ
جي اندروني سٽاء ۽ ترڪيبن بابت پڻ لکڻ جي ضرورت
آهي.
سنڌي ٻوليءَ بابت مختلف نقطه نظر موجود آهن، توهان
جي خيال ۾ اها ڪهڙي لساني گروهه سان واسطو رکي ٿي؟
ان حوالي کان منهنجو موقف ٻين کان مختلف آهي.
پهريان ائين چيو ويندو هو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان
نڪتل آهي پر مون جيڪا سنڌي ٻولي جي تاريخ لکي آهي،
ان ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته اها ان خطي جي مقامي زبان
مان نڪتي آهي، جنهن کي اسان سنڌ ۾ سنڌو ماٿري جي
زبان چئي سگهون ٿا ۽ پڪ سان اها سنسڪرت کان اڳ جي
زبان آهي.
مطلب ته اوهان سنسڪرت واري موقف کي رد ڪيو ٿا؟
اصل ڳالهه هي آهي ته اهو نظريو پيش ڪندڙن اهو
سمجهيو ئي نه هو ته سنسڪرت ڇا آهي؟ سنسڪرت دراصل
هڪ انتهائي ڳجهي زبان هئي، جنهن کي عالم فاضل
استعمال ڪندا هئا ۽ اها عوام کان ايترو ته مٿي هئي
جو ان جو اثر عوام جي ٻولين تي ٿي نٿي سگهيو. رڳو
اهو ئي ممڪن هو ته ڪجهه لفظ اچي سگهيا ٿي، ۽ جيڪي
به لفظ آيا آهن، اهي ”پالي“ زبان جي ذريعي آيا
آهن، جيڪا اتر هندستان جي ٻولي هئي، جنهن ۾ سنڌ به
شامل هئي. تڏهن سنڌ ٻڌن جو ملڪ هو. هتي برهمڻ حاڪم
غاصب بنجي آيا ۽ سٺ سالن تائين انهن جو هتي قبضو
رهيو. هونئن به صدين کان وٺي هيءُ ملڪ ٻڌن جو هو ۽
ٻڌن جي ٻولي ”پالي“ هئي. پالي ۾ به سنسڪرت جا
الفاظ شامل آهن. انگريزن جي دور ۾ ته ڄاڻي واڻي
سنسڪرت جي لفظن کي سنڌي ۾ آندو ويو، اها ته مصلحت
هئي پر جيستائين نيچرل پروسيس جو واسطو آهي ته اهو
پالي ذريعي ئي ٿيو آهي. هتان جي علائقن مان پالي
ٻوليءَ جا آثار مليا آهن، مثال طور: بهاولپور ۽
بهاول نگر ويجهو پاڪ پتڻ مان پالي جون تحريرون
مليون آهن. ان جا ڪجهه لفظ اهڙا آهن جيڪي اسان جي
سنڌيءَ سان ملن ٿا. ان مان لڳي ٿو ته سنڌيءَ تي
پاليءَ جو اثر ٿي سگهي ٿو.
مطلب ته توهان ان ڳالهه کان انڪار ڪريو ٿا ته ڪو
سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتل آهي؟
ها، منهنجي ته اها ئي راءِ آهي.
انگريزن سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جي تعين لاءِ هڪ
ڪاميٽي ٺاهي هئي، جنهن نيٺ سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي
رسم الخط تجويز ڪيو هو. پر اسان جا ڪجهه لسانيات
جا ماهر چون ٿا ته اهو رسم الخط سنڌي ٻولي سان
مطابقت نٿو رکي. خاص طور تي اها سنڌي ٻولي جي صوتي
گهرجن جو پوراءُ نٿي ڪري. ان ڏس ۾ توهان ڇا ٿا
چئو؟
اها ڪاميٽي يا ان جو جيڪو فيصلو هو، اها ته هڪ وڏي
سازش هئي. رسم الخط جو ته ڪو مسئلو هو ئي ڪونه.
انگريزن جي اچڻ کان اڳ ئي سنڌ جا ماڻهو توڙي عالم
هر موضوع ۽ هر شعبي تي عربي رسم الخط ۾ لکندا پئي
آيا. پوءِ ڀلي اهو نثر هجي يا نظم، مطلب ته هتي
پهريان کان ئي رسم الخط طيءِ ٿيل هو پر جيئن ته ان
وقت سنڌ بمبئي صوبي جو هڪ حصو ٿي هئي ۽ هندن جو
غلبو هو، تنهن ڪري هنن چاهيو ٿي ته ان رسم الخط کي
ختم ڪيو وڃي. انگريزن ته تمام وڏي ڪوشش ڪئي ته
ديوناگري رسم الخط رائج ٿئي. اهو ئي سبب هو جو ان
ڪاميٽي هڪ ٻئي جي پٺيان ديوناگريءَ ۾ ڪتاب ڇاپڻ
شروع ڪيا، جن ۾ لغت ۽ گرامر به شامل هئا، پر هو
ڪامياب نه ٿي سگهيا.
ان جو ڪهڙو سبب هو؟
اصل ۾ ڪير به ان تبديليءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار
نه هو، نه هتان جا استاد ۽ نه وري شاگرد ڇو ته هتي
صدين کان هڪ رسم الخط رائج هو. ماڻهن جو چوڻ هو ته
اهو ته مسئلو ئي ناهي، جنهن بابت نئين سر فيصلو
ڪيو وڃي.
پوءِ انگريزن ڪهڙو قدم کنيو؟
تڏهن فريئر هتان جو ڪمشنر هو. هن دپلوميسيءَ کان
ڪم ورتو ۽ چيو ته في الحال ٻئي رسم الخط رکون ٿا،
ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي. پر پوءِ به هتان جي مسلمانن
رسم الخط ۾ ڪابه تبديلي ڪانه آندي.
ڀلا اهو ته ٻڌايو ته ڇا هي رسم الخط، ٻولي جي صوتي
گهرجن جو پوراءُ ڪري ٿو؟
اهو مسئلو ته سڄي دنيا سان آهي. سمورين ٻولين ۽
رسم الخطن بابت اهڙا سوال اٿاريا وڃن ٿا، جيتوڻيڪ
انگريزي ٻولي هن وقت سڄي دنيا تي ڇانيل آهي پر
توهان ڏسو ته ان جو رسم الخط ان جي صوتي گهرجن جو
ڪٿي ٿو پوراءُ ڪري! توهان
Not
کي ناٽ به چئو ٿا ۽
Naught
کي به ناٽ چئو ٿا.
Cut
کي ڪَٽ چيو وڃي ٿو ۽
Put
کي پُٽ چيو وڃي ٿو. مطلب ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا
واري صورتحال آهي. رومن رسم الخط ته بيڪار آهي.
اهو انگريزي ٻولي جون صوتي تقاضائون به پوريون نٿو
ڪري سگهي، پر چيو وڃي ٿو ته رومن رسم الخط ۾ جادو
آهي. جيڪڏهن عربي رسم الخط جي ٻين رسم الخطن سان
ڀيٽ ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن آواز جي سائنسي اصولن تحت
تجزيو ڪجي ته عربي رسم الخط جو صوتي نظام ٻين
ٻولين جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. مان ته ائين چوندس ته
جيڪڏهن هڪ گاڏي سؤ سالن کان هلي رهي آهي ته اها
بلڪل صحيح آهي. عربي رسم الخط 13 سؤ سالن کان
هلندو پيو اچي، ان ۾ اڻ ڳڻيا ڪتاب لکيا ويا آهن،
تنهن ڪري ان بابت نوان فيصلا ڪرڻ جي آخر ڪهڙي
ضرورت آهي.
ڪجهه سال اڳ سنڌ ۾ هڪ بحث شروع ٿيو هو ته سنڌي
ٻوليءَ کي رومن لپيءَ ۾ آڻڻ گهرجي، ان ڏس ۾ اوهان
جو ڪهڙو خيال آهي؟
اهو اجايو خيال آهي، جيئن ڳجهارتن ۾ چيو ويندو آهي
ته هيئن نه ٿيڻ کپي، هيئن به هوندو؛ تاري کي ڪيئن
هيٺ لاهجي يا چنڊ کي ڪيئن مٿي کڻي وڃجي، مطلب ته
اهي اهڙا قصا آهن. توهان ڏسو ته انگريزي خط رومن
خط مان نڪتو آهي، پر اهو خود ان ٻولي جي تقاضا
پوري نٿو ڪري. سائنسي طور لکڻ جي بهترين ترتيب
عربي جي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ اها ڳالهه تسليم ٿيل
آهي. سنڌي ٻوليءَ جو خط تبديل ڪرڻ مان آخر ورندو
ڇا؟ مصطفيٰ ڪمال ترڪيءَ جو عربي خط بند ڪري ان کي
رومن ۾ آندو پر ان فيصلي سان ترڪي ٻوليءَ جي قسمت
تي ڪو اثر نه پيو، ويتر ٻه پير پوئتي آهي. چوڻ جو
مطلب آهي ته رڳو ٻوليءَ جي ڪري ڪا به قوم ترقي نٿي
ڪري، ان جا ڪي ٻيا سبب آهن.
سنڌي ميڊيا ٻوليءَ ۾ وڏو بگاڙ آندو آهي، ان
صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
ڪنهن به ٻوليءَ جي ترقي جي پهرين ذميواري ان ٻولي
جي ڳالهائيندڙن تي هوندي آهي. ان کان پوءِ ان
ٻوليءَ جي افاديت وارو سوال اچي ٿو. اسان وٽ اهي
ٻئي ڳالهيون ڪونه رهيون آهن.
انگريزن جي حڪومت کان اڳ هندستان جي مملڪتي ٻولي
فارسي هئي، جيئن ته اها مسلمانن جي گڏيل ٻولي هئي،
تنهن ڪري ان کي مٽائڻ لاءِ مقامي ٻولين کي اهميت
ڏني وئي. ان صورتحال جي پٺيان اصل سبب اهو هو ته
فارسي جي جاءِ تي انگريزي ٻوليءَ کي لاڳو ڪيو وڃي.
انگريزن جڏهن مقامي ٻولين کي اڀاريو ته پوءِ انهن
جي بقا جو سوال آڏو آيو، جنهن لاءِ هنن ٻٽا تعليمي
سرشتا متعارف ڪرايا. سنڌي ٻولي جي حوالي سان
ڪاميٽي طرفان امتحان ورتو ويندو هو ۽ پاس ڪندڙن کي
ماستري، تپيداري، آبداري جهڙيون نوڪريون ملنديون
هيون. اهي سنڌين لاءِ ئي مختص هونديون هيون. هاڻي
توهان سنڌي ٻوليءَ ۾ ايم.اي ڪيو يا پي ايڇ.ڊي پر
نوڪري ملڻ جي ڪا به خاطري ناهي! پوءِ ماڻهو سنڌي
ڇو پڙهن، هو ته اها ئي ٻولي پڙهندا جنهن جي ذريعي
کين فائدو رسندو. ان ڳالهه جو مطلب اهو ٿيو ته
اسان پنهنجي ٻوليءَ جو ڪارج وڌائڻ لاءِ ڪوبه حيلو
ڪونه هلايو آهي. اصل ۾ اسين پنهنجي پاڙ پاڻ کوٽيون
پيا. اسڪولن ۾ اڪثر ماستر سنڌي ڪونه ٿا پڙهائين پر
ڪير به کانئن پڇڻ وارو ڪونهي. ڏاڍي تڪليف ۾ آهيون.
پنهنجا ماڻهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن. گذريل 20
سالن کان اسان ان نعري بازي جي ور چڙهيل آهيون ته
اسين تمام سٺا ۽ قابل آهيون، اسان جهڙو ماڻهو دنيا
۾ پيدا ئي ڪونه ٿيو آهي، سنڌي ڏاڏي آدم کان به اڳ
جا آهن، جڏهن هي پرٿڻي ٺهي، ان کان به اڳ جا
آهيون، پر ٻين جي ڪري اسان جا هي حال ٿيا آهن! ان
غلط خيال ۽ رويي اسان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. اصل
۾ اسان کي چوڻ هيئن گهرجي ته اسين به ٻين ماڻهن
جهڙا ماڻهو آهيون، جهڙا عضوا ٻين کي آهن، اسان کي
به آهن. اسان ڇو نٿا انهن سان مقابلو ڪري سگهون؟
پر اسين ائين نٿا ڪريون! برابر ٻاهرين ماڻهن اسان
کي تباهه ڪيو آهي پر اسان کي پنهنجي ڪوتاهين جو
اعتراف ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي ۽ هنن جي عمل ۽
صلاحيت جي تور تڪ ڪرڻ گهرجي. جيستائين غلطين کي
محسوس نه ڪنداسين، ان صورتحال مان ٻاهر نڪري ڪونه
سگهنداسين.
توهان جنهن رجحان جو ذڪر ڪيو، اهو سنڌ ۾ اڳ موجود
نه هو ڇا؟
منهنجي خيال ۾ اهو رجحان پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ
پيدا ٿيو آهي، ان جي پيدا ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟
ان جو وڏو سبب اهو آهي ته ٻاهريان ماڻهو آيا ۽
انهن اچي قبضو ڪيو. جڏهن اسان جي ماڻهن سان گهڻ
رخي حق تلفي ٿي ته پوءِ ان رجحان جنم ورتو پر مان
توهان کي هڪ ڳالهه ٻڌايان ته جڏهن ڪا تڪليف حد کان
وڌي ويندي آهي ته اها پنهنجو علاج پاڻ ٺاهيندي
آهي. هن وقت اسين اهڙي صورتحال ۾ آهيون جو ملڪ وڏي
تڪليف ۾ آهي. ائين ٿي سگهي ٿو ته هاڻي صورتحال جو
ٻيو پهلو سامهون اچي، جنهن ۾ اها ڪيفيت تبديل ٿي
سگهي ٿي.
ان سڄي صورتحال تي ڳالهايوسين، ان پس منظر ۾ توهان
کي سنڌ جو مستقبل ڪيئن ٿو نظر اچي؟
هميشه پر اميد رهڻ گهرجي. مذهب جي حوالي کان به
اسان جو يقين آهي ته اهڙي صورتحال ۾ الله تعاليٰ
مدد ڪندو. جيتوڻيڪ حالتون نااميدي جهڙيون آهن پر
آسرو لاهڻ نه گهرجي.
توهان کي ڪي تبديليون ٿيندي ڏسڻ ۾ اچن پيون؟
صورتحال جڏهن برداشت کان ٻاهر ٿي ويندي آهي ته
ڪانه ڪا تبديلي ايندي آهي. پر هتي سنڌ ۾ حالت اها
آهي جو پاڻ سنڌي نهايت بگڙيل قسم جا ماڻهو آهيون
اسان کي حد کان وڌيڪ خود غرضي ۽ ٻيون اهڙيون
بيماريون وچڙي ويون آهن.
اوهان کي سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل ڪيئن ٿو نظر اچي؟
مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌي ٻولي جو مستقبل
الائي ڇا هوندو؟ جنهن قوم جا ماڻهو پنهنجي گهڻ
گهرن خلاف ڪات ڪهاڙا کنيو بيٺا هجن، ان جو آئيندو
ڇا ٿيندو! مون هيترو ڪم ڪيو آهي پر موٽ ۾ ته رڳو
مخالفت ئي پلئه پئي آهي. هاڻ توهان پاڻ سوچيو ته
اڳتي ڪير هنن ڪمن ۾ هٿ وجهندو! اهڙي ٻولي جو
مستقبل ڇا ٿيندو؟ سچ پچ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي.
اسان ماڻهن وٽ علم آهي ڪونه، تنهن ڪري خبرون
گهڻيون ٿا ڪريون. پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ بدران ٻين
تي ڪاوڙيا ٿا وتئون. ڪم پاڻ کان نٿو پڄي ۽ الزام
ٻين تي مڙهيون ٿا. مثال طور هتي عام رويو هيءُ آهي
ته جيڪڏهن هيئن نه ٿئي ها ته مان الائي ڇا هجان
ها، جيڪڏهن هونئن نه ٿئي ها ته مان الائي ڇا ڪري
ڏيکاريان ها! اصل ڳالهه آهي ته اهڙن ماڻهن کي نه
ڪجهه اڄ ڪرڻو هوندو آهي ۽ نه سڀاڻي، پوءِ هو وتندا
آهن اهڙيون ڳالهيون ڪندا.
توهان لاءِ اهو تاثر ويٺل آهي ته توهان سائنسي ڇنڊ
ڇاڻ بدران مفروضن ۽ ڏند ڪٿائن کي بنياد بنائي لکيو
آهي، ان بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
اها ڳالهه ته منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ڇو ته مون
ڪڏهن به ڏند ڪٿائن کي ڪتب ڪونه آندو آهي. مون جڏهن
به جيڪا به تحقيق ڪئي، ان ۾ ڇپيل مواد کي بنياد
بنائي لکيو آهي. ڪڏهن به مفروضن کان ڪم ناهي ورتو.
سنڌ جي تاريخ بابت ڪو اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو تاريخي
تحقيق جي جديد اصولن تي پورو لهندو هجي؟
ماڻهن جي ”جديد“ مان مراد الائي ڇا هي؟ ڇا جديديت
اها آهي جيڪا ٽين دنيا جا ڪافي ملڪ ڪري رهيا آهن،
يعني پنهنجي هٿن سان پنهنجي تاريخ جو ٻيڙو ٻوڙي
رهيا آهن. ماڻهو خود پنهنجي تاريخ کي گاريون ڏئي
رهيا آهن، ڇا اهو ماڊرنزم آهي؟ منهنجي نظر ۾
جديديت اها آهي ته محب وطن رهجي ۽ غير جانبدار
رهجي ۽ جنهن دور جي تاريخ لکي پئي وڃي، ان دور جي
حالتن کي سامهون رکي تاريخ لکي وڃي. ماڊرنزم اهو
ته ناهي ته ائين چيو وڃي ته سومرا دور ۾ چونڊون ڇو
نه ٿيون، جديد تاريخ نويسيءَ جو اهو مطلب ناهي ته
فلاڻي دور ۾ فلاڻي شيءِ ڇو ڪانه ٿي. جيڪو ٿيو سو
ٿي چڪو. تاريخ نويسي اها آهي ته جيڪو ڪجهه وهيو
واپريو، ان جو ديانتداري ۽ غير جانبداريءَ سان
احوال لکيو وڃي ۽ بامقصد طريقي سان حقيقتن جي
روشنيءَ ۾ تجزيو ڪيو وڃي. اهو ئي ماڊرنزم آهي، ۽
اهائي جديد تاريخ نويسي آهي.
سائين اسان جو سوال اهو هو ته اهڙو ڪو ڪتاب آهي،
جيڪو تاريخي تحقيق جي جديد اصولن تي پورو لهندو
هجي؟
ان حوالي سان مان ائين چوندس ته جيڪي آڳاٽا ماخذ
آهن، سي وڌيڪ مستند آهن، ۽ ٻي ڳالهه ته ان وقت جا
جيڪي ماڻهو هئا، اهي به ائين ئي جديد هئا، جهڙيءَ
ريت اسين جديد آهيون. مير معصوم ته پنهنجي دور جي
حساب سان وڏو ماڊرن هو. اڳ لکيل تاريخ کي هاڻي
جديد اصولن مطابق بنائڻ جي اها ئي صورت آهي ته
اڳين ڪتابن کي ڀيٽي نئين سري سان تاريخ لکي وڃي.
اهڙي ريت ڪجهه ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ ڪجهه لکڻا آهن.
سنڌي ادبي بورڊ به اهڙي رٿا جوڙي هئي، اسلام کان
اڳ جي سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي تي ايڇ.ٽي ليمبرڪ جا
انگريزيءَ ۾ ٻه ڪتاب لکيل آهن. ان کان سواءِ
ڪلهوڙا دور تي غلام رسول مهر ٻن جلدن ۾ تاريخ لکي
آهي. عرب دور تي ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جو ڪتاب لکيل
آهي. باقي جيستايئن جديد اصولن جي ڳالهه آهي ته
اسان ٽين دنيا وارن لاءِ ماڊرن اها ئي شيءِ ۽
ڳالهه آهي جيڪا انگريزي چوي ٿو. مون پنهنجي ملڪ ۾
اڃا تائين اهڙو ماڊرن شخص نه ڏٺو آهي جيڪو انگريز
جي ڳالهه کان سواءِ ڪا ٻي ڳالهه ڪندو هجي. گهٽ ۾
گهٽ هاڻي ته اسان کي پنهنجي خودداريءَ جو خيال رکڻ
کپي. انگريز جڏهن تاريخ لکي ٿو ته هتان جي سمورن
تاريخ نويسن کي اهو چئي رد ڪري ڇڏي ٿو ته ”اهي
مقامي آهن“. انهن کي رد ڪري ڇڏي ٿو ۽ چوي ٿو، ”مان
جيڪو ڪجهه چوان ٿو اهو سچ آهي.“
توهان ايڇ.ٽي ليمبرڪ جي ٻن ڪتابن جو ذڪر ڪيو، ڇا
توهان جي خيال ۾ هن اهي غير جانبداري ۽
ايمانداريءَ سان لکيا هئا؟
جڏهن اسان انهن ماڻهن جو ذڪر ڪريون ٿا جيڪي وفات
ڪري ويل آهن ته غير جانبداري يا جانبداريءَ جو
سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ليمبرڪ جا ڪتاب اسلام کان
اڳ جي تاريخ بابت آهن.
پر توهان هاڻي ئي ته چيو، ”جڏهن انگريز لکي ٿو ته
هتان جي سمورن تاريخ دانن کي رد ڪري ڇڏي ٿو؟“
ها، ليمبرڪ به اسان بابت جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو
ائين ئي لکيو آهي، جيئن مون چيو پر جيڪي پراڻيون
ڳالهيون آهن، اسلام کان اڳ جا دور آهن، جن دورن جي
ماڻهن جا هڏا به سڙي ويا ته انگريزن کي انهن سان
ته ڪا دشمني نٿي ٿي سگهي. دشمني ته هن جي اسان سان
آهي ڇو ته اسان هنن جا جانشين آهيون. بهرحال
ليمبرڪ هڪ محقق هو، منهنجي راءِ موجب هن جي تاريخ
نويسيءَ ۾ هڪ توازن هو ۽ ٻين جانبدار ماڻهن کان
بهتر هو.
سنڌ جي تشخص کي اڀارڻ جو تحقيقي ڪم ته پاڪستان ٺهڻ
کان پوءِ ٿيو آهي، ان ڏس ۾ جن به ماڻهن خدمتون سر
انجام ڏنيون آهن. توهان انهن مان ڪنهن ڪنهن کي
اهميت ڏيو ٿا؟
هڪ ته ماخذن جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون. فارسيءَ
جا جيڪي اصل ماخذ هئا، انهن کي نئين سر ايڊٽ ڪرڻ
جي سلسلي ۾ مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽي، پير حسام الدين
راشدي ۽ مون ڪم ڪيو. شايد ئي ٻئي ڪنهن ايترو ڪم
ڪيو هجي. باقي جيستائين نوان ڪتاب لکڻ جي ڳالهه
آهي ته ان سلسلي ۾ عرض ڪريان ته ٻه شخصيتون آهن،
يعني ايڇ ٽي.ليمبرڪ ۽ مولانا غلام رسول مهر. ان
کان سواءِ ٻين ماڻهن به ڪتاب لکيا آهن. مثال طور:
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ عرب دور جي تاريخ لکي آهي.
ايم.ايڇ پنهور ”سورس مٽيريل آن سنڌ“ جي سري سان هڪ
ڪتاب لکيو هو. سنڌ بابت تحقيق جي حوالي کان اهو
ڪتاب ڪيتري قدر ڪارگر ۽ اهم آهي؟
مون اهو ڪتاب ڏٺو آهي. جيڪا به شيءِ ان قسم جي
ڇپجي، اها ڪارائتي سمجهڻ گهرجي. باقي ڳالهه اها
آهي ته هر ماڻهو ڪم پنهنجي پنهنجي ذهني سطح مطابق
ڪندو آهي. تنهن ڪري ان ڪتاب ۾ جيڪڏهن رڳو ماخذن جا
نالا آهن ته به اهي ڪارائتا آهن.
توهان جو لاڙو تخليقي ادب بدران تحقيق ڏانهن رهيو،
ان جا ڪهڙا سبب آهن؟
ها، واقعي ائين ئي ٿيو آهي. ان جو سبب هيءُ آهي ته
سنڌ جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون لڪل هيون، جن کي
ظاهر ڪرڻو هو پر جيئن ته ڪي ماڻهو ڄمن ئي تنقيد
ڪرڻ لاءِ ٿا، تنهن ڪري هو ڪو ٻيو ڪم ڪيئن ڪري
سگهندا جيڪو ماڻهن کي ڪم اچي. ٻيا وري افسانا
لکندا، هي لکندا، هو لکندا، اهي به سٺيون ڳالهيون
آهن پر ڪنهن قوم جي تشڪيل ۾ انهن جو نمبر پوءِ اچي
ٿو. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته توهان جي تاريخ ڇا آهي؟
توهان جي ٻولي ڇا آهي؟ توهان جي فڪر جي نوعيت ڪهڙي
آهي؟ سنڌي لغت جو ٺهڻ سنڌ جي حوالي سان هڪ وڏو ڪم
آهي، ڪنهن ڪارنامي کان گهٽ ناهي. لوڪ ادب واري
رٿا، جنهن هيٺ 42 جلد شايع ٿيا آهن، اهو به ڪو
ننڍڙو ڪم نه آهي. جنهن مان سنڌ جي ڳوٺاڻن جي فڪر
جي جهلڪ نظر اچي ٿي.
بدر ابڙي، اشتياق انصاري، غلام محمد لاکي ۽ ٻين جو
تحقيقي ڪم توهان جي نظر مان گذريو آهي؟
ها، سٺو ڪم ڪن پيا ۽ کين شابس هجي. باقي ڀلا ڀليءَ
جو ته ڪو ڇيهه ئي ڪونهي.
سائين توهان کي سنڌ ۾ تحقيق جو مستقبل ڪيئن ٿو نظر
اچي؟
هتي ته تحقيق بدران گهڻو زور ”تخليق“ تي آهي. ڀلا
ائين ٿئي پيو، اهو به چڱو. ڪجهه ته ٿئي پيو نه؟
تحقيق نه ٿيڻ جو سبب اهو آهي ته ان لاءِ علم
گهرجي. ادب ته ڇڏيو، پر ڪنهن به شعبي ۾ تحقيق نه
پئي ٿئي! هڪ ٻن ماڻهن جي مضمونن کان سواءِ توهان
کي سائنس تي ڪوبه تحقيقي مواد ڪين ملندو.
موهن جي دڙي جي ٻولي اڄ تائين ڇو نه پڙهجي سگهي
آهي؟
اهو ڪم ته اڄ کان ٻه هزار سال اڳ ٿيڻ گهرجي ها،
جڏهن ان کي پڙهڻ جا قوي امڪان هئا. هاڻي اهو ڪم ٿي
نه سگهندو. بهرحال ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ٿي سگهي ٿو
ڪٿان ڪو اشارو ملي وڃي.
ڪافي سال اڳ توهان پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو
ته موهن جي دڙي جي لکت تي ڪم ٿئي پيو. اهو ڪم ڪٿي
پهتو؟
اهو ڪم ٿئي پيو، پر فيصلو ڪڏهن به ڪونه ٿيندو،
جيستائين اسان کي ڪو باءِ لنگوئل ڊاڪيومينٽ نٿو
ملي. مصر جي اهرامن جي کوجنا ۽ پٿرن تي اڪريل ٻولي
به تڏهن پڙهڻ ۾ آئي، جڏهن يوناني دور جو هڪ پٿر
مليو، جنهن کي ”روسيٽا اسٽون“ چيو وڃي ٿو. ان تي
مصري ٻولي لکيل هئي ۽ هيٺان يوناني ٻوليءَ ۾ ان جو
ترجمو لکيل هو. اهو پٿر ملڻ کان پوءِ عالمن ويهي
تحقيق ڪئي ته هن جو ترجمو هيءُ آهي. اهڙيءَ ريت
پوءِ سموريون لکتون پڙهيون ويون.
دراصل موهن جي دڙي جي جيڪا ٻولي آهي، ان جو ٻيو ڪو
نقل آهي ئي ڪونه، تنهن ڪري اها ڪيئن پڙهجي؟ اهو ئي
سبب آهي جو هر ڪو پنهنجا پيو اندازا هڻي. بهرحال
ان حوالي سان انگلينڊ، مدراس ۽ ماسڪو ۾ ڪم هلي
پيو.
تازو عطا محمد ڀنڀري ڏٺ ۽ پروليءَ جي بنياد تي
موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جي پرولي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي، اهو ڪم توهان جي نظر مان گذريو آهي؟
نه، پر مون چيو نه ته، جڏهن ان ٻولي کي پروڙڻ جو
ڪو اهڃاڻ ئي ڪونهي ته پوءِ هر ڪو ويٺو اندازو
هڻندو.
شيخ اياز سان به توهان جي ويجهڙائپ رهي، هن جي
ادبي قد ڪاٺ بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
اياز جي حوالي سان مان اهو چوندو رهيو آهيان ته هو
جديد سنڌي شاعريءَ جو اڳواڻ هو. باقي هن کي ويهي
ڀٽائيءَ سان ڀيٽيون، اها ڳالهه غلط آهي. توهان ڏسو
نه پنجاب علامه اقبال تي متفق آهي ۽ ٻيا به پنهنجي
عظيم شخصيتن تي متفق آهن، پر اسين ناهيون! ڀٽائي
اسان وٽ هر حوالي کان تسليم ٿيل شاعر رهيو آهي پر
هاڻي اسين ان تي به ورهائجي رهيا آهيون. هاڻي
ٿيندو ڇا جو اڳتي هلي ڪنهن تي به متفق ٿي نه
سگهنداسين. اڄ ڀٽائي، سڀاڻي اياز ۽ پوءِ ڪو ٻيو!
جيستائين اياز جي شاعريءَ کي سمجهڻ جي ڳالهه آهي
ته ان لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻ گهرجي. هن پنهنجي
شعر ۾ سنڌي ٻولي کي ڪارائتي نموني ڪتب آندو آهي پر
اها به حقيقت آهي ته اياز شهر جو ماڻهو هو. سنڌي
ٻوليءَ جو ڊڪشن، جنهن کي اصطلاحي ٻولي چئون، ان
کان بي خبر هو! هن جي شاعري مان اهڙيون چُڪون به
ڪڍي سگهجن ٿيون، جيڪي ڪو ٻار به ڪونه ڪندو. هاڻي
اهو شاعر جنهن کي ٻوليءَ تي قبضو ناهي، اهو وڏو
شاعر ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اياز جي ٽهي جا ٻيا شاعر به
ڏاڍا سٺا شاعر رهيا آهن، مثال طور: بردو سنڌي
بهترين شاعر هو، پر ڪو ماڻهو هن جو نالو ڪونه ٿو
وٺي. منهنجي راءِ آهي ته گهڻن ڳالهين ۾ اياز کان
وڏو شاعر استاد بخاري هو. هن کي ٻوليءَ جي وڏي ڄاڻ
هئي.
پوءِ اياز ايڏو اڀري ڪيئن آيو؟
ان جا ڪي ٻيا سبب هئا. اصل ڳالهه هيءَ هئي ته سنڌ
۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ڪنهن شاعر جي ضرورت هئي ۽
هنن اياز جي چونڊ ڪئي. کيس هنن ايترو ته مٿي کنيو
جو ماڻهن سمجهڻ شروع ڪيو ته اياز ڪميونسٽ شاعر
آهي. اها ڇاپ اهڙي لڳي جو اياز کي ان مان زوريءَ
جان ڇڏائڻي پئي. هڪ ڀيري مون کانئس پڇيو ته
چيائين: ”مان ڪميونسٽ ناهيان. مان ان نظريي ۾ يقين
نٿو رکان. مون کي ان نظريي ۾ گهُٽ ۽ ٻوسٽ محسوس
ٿئي ٿي.“
هن جون جيڪي سٺيون ڳالهيون آهن، اهي ساراهڻ گهرجن
پر سڄي سنڌ مٿان ويهارڻ غلطي ٿيندي. ڇو ته ان
ڪسوٽيءَ تي رڳو ڀٽائي ئي پورو لهي ٿو پر هتي ته
ڀٽائيءَ کي به اسان ماڻهن نظر انداز ڪرڻ شروع ڪيو
آهي. ڪلهوڙا حاڪم ڀٽائيءَ جا وڏي ۾ وڏا مخالف هئا،
پر اسين هاڻي هنن جا ڏهاڙا ملهائي رهيا آهيون.
اسين اهڙي قوم آهيون جيڪي ڪنهن به ڳالهه تي متفق
ناهيون.
آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جو اسين ڪنهن تي به متفق نٿا
ٿيون، ڇا ان جو ڪو تاريخي سبب آهي؟
اسان جو عقل گهٽ آهي. ٻيو تاريخ جو ان ۾ ڪهڙو
ڏوهه! اسان جو عقل اهو آهي ته اياز جي اچڻ کان اڳ
سڀ ڀٽائيءَ تي متفق هئاسين، پر هاڻي چئون ٿا ته
نه، اياز وڏو شاعر آهي. پوءِ ڇا ڪيائون جو اياز کي
ڀٽ شاهه ۾ زوريءَ دفن ڪرايائون ۽ هاڻي مقابلي
بازيءَ ۾ مصروف آهن.
تدفين جي حوالي سان اياز جي ڪهڙي وصيت هئي؟
مون کي اياز جي اولاد ٻڌايو ته سندن پيءُ جي اها
وصيت هئي ته سندس مڙهه کي شڪارپور دفنايو وڃي.
پوءِ اسان سڀني ڏٺو ته اياز کي زوريءَ ڀٽ شاهه ۾
دفنايو ويو ۽ اهي ڪردار جيئرا ويٺا آهن. هاڻي چون
ٿا ته پيسا گڏ ڪري اياز جي مزار تي وڏي محلات
ٺاهيندا ۽ ڀٽائيءَ جي روضي سان مقابلو ڪندا. اها
ڪا فضيلت آهي! کين ڪو چوڻ آکڻ وارو ڪونه آهي. ڪٿي
ڀٽائي، ڪٿي اياز! ٻيلي ڪجهه خيال ڪريو!
پير حسام الدين راشدي، جويو صاحب، ايم.ايڇ پنهور ۽
الانا جي ڪم کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
پير حسام الدين راشدي جو ڪم ته ڏاڍو بهتر آهي،
باقي جويو صاحب ته بنيادي طور تي سياسي ماڻهو آهي.
هن وقت به هو ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان لاڳاپيل آهي.
ادب ۾ به سندس ڪردار آهي پر بنيادي طرح سياسي
ماڻهو آهي. هاڻي ته کيس ”ڏاهي“ جو لقب ڏنو ويو
آهي. پنهور صاحب ڪتابي ماڻهو هو، اسان جهڙو ماڻهو
هو. ڏاڍو محدود. مون ڏٺو آهي ته ڪن ماڻهن وٽ وقت
تمام گهڻو آهي. هڪ ڪتاب لکندا ۽ پوءِ ويهي ان جي
تشهير ڪرائيندا. باقي جيڪو ڏهه ڪتاب لکندو، ان وٽ
ايترو وقت ڪٿان هوندو جو ويهي مشهوري ڪرائي.
جيستائين ڊاڪٽر الانا جي ڳالهه آهي ته اهو
يونيورسٽيءَ جو هڪڙو استاد رهيو آهي. بهرحال ڪنهن
لاءِ ڪيئن چئجي ته اهو ننڍو ماڻهو آهي!
سائين مهرباني ڪري اهو ته ٻڌايو ته قومي طور تي
اسان جي پوئتي پوڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟
اصل ۾ اسين پنهنجا دشمن پاڻ ٿي بيٺا آهيون ته ٻيو
ڪير ڪيئن اسان جي مدد ڪندو. پنجاب ڇو اڳتي وڌيو
آهي؟ رڳو اها ڳالهه ڪانهي ته ان کي ضياءَ الحق
اڳتي ڪري ويو پر حقيقت اها آهي ته انهن ۾ اڳتي وڌڻ
جي جستجو آهي. جڏهن ته ان جي ابتڙ اسان جو وقت
الزام هڻڻ، نعرا ٺاهڻ ۽ طعنا ڏيڻ ۾ گذري وڃي ٿو.
ڪلهوڪو ڏينهن آهي جو پناهگير ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا ۽
هن وقت تائين پنج يونيورسٽيون ٺاهي چڪا آهن، 50
ڪاليج ٺاهي چڪا آهن، هنن وٽ ڪي گهڻا وسيلا ته ڪونه
هئا. انهن جي ڀيٽ ۾ اسان جي ماڻهن وٽ وڏا وسيلا
هئا پر ڪنهن ڳوٺ ۾ اسڪول به ڪونه ٺهرايو!
ان جو سبب ڪهڙو آهي؟
مان سمجهان ٿو ته ان جو سبب پڇاڻو نه ٿيڻ آهي.
اسان کي سماج جي جوابدار ڌرين کان پڇاڻو ڪرڻ
گهرجي. پنهنجي سياسي اڳواڻن کان پڇجي ته بابا اسان
توهان کي اڳواڻ سمجهون ٿا پر اهو ته ٻڌايو ته
توهان ڪيو ڇا آهي؟ استاد کان پڇجي ته ڪيترا ٻار ۽
ڪيئن پڙهايا اٿئي؟ مطلب ته ڪم ۽ پورهئي تي
دارومدار هجڻ گهرجي. جيڪو جيترو ڪم ڪري ٿو، ان کي
اوتري حيثيت ۾ مان ڏيڻ گهرجي. رڳو ائين ڪرڻ سان ئي
اسين اڳتي وڌي سگهنداسين. هتي اسان بنا ڪم جي
ماڻهن کي الائي ڪهڙا ڪهڙا لقب ڏئي ٿا ڇڏيون ۽ ان
جي ابتڙ ڪم واري ماڻهوءَ جي ڏاڙهي پٽ لڳي پئي آهي!
ان رويي، جنهن جو توهان ذڪر ڪريو ٿا، ان جي پيدا
ٿيڻ جا ڪهڙا محرڪ آهن؟
ان تي واقعي پاڻ کي غور ڪرڻ گهرجي. اسان ۾ صبر ۽
تحمل جي ڏاڍي کوٽ آهي. رسول بخش پليجو جي.ايم.سيد
صاحب جي گلا مان ڍاپي ڪونه ٿو، پنهنجي حصو جو ڪم
ڇو نٿو ڪري!
پليجي صاحب جي ڳالهه نڪتي آهي ته توهان کان سوال
آهي ته سائين جي.ايم.سيد ۽ پليجي صاحب جي علمي
پورهئي بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
پليجي صاحب جي باري ۾ آءٌ ڪجهه به نٿو چوڻ چاهيان.
ڇاڪاڻ ته هو وڏو ليڊر آهي ۽ سمجهي ٿو ته هو سڀني
کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو! باقي جي.ايم.سيد صاحب سان
منهنجو ذاتي لاڳاپو رهيو آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته ڪي
ڳالهيون هو نه ڪري ها ته بهتر هو، پر تنهن هوندي
به هن وڏي خدڪت ڪئي آهي. هوندي سوندي به هن ڳالهه
اهڙي ڪئي جو نقصان سٺائين، ان جو قدر ڪرڻ گهرجي پر
هن جي خلاف ته وٺي باهه ٻاريائون.
ذوالفقار ڀٽي کي سنڌ جي پس منظر ۾ ڪيئن ٿا ڏسو؟
نهايت جرئتمند ۽ ذهين ماڻهو هو. منهنجي ذاتي راءِ
اها آهي ته ان ماڻهو کي سياسي ماڻهو چئي ئي نٿو
سگهجي، جيڪو وڃي ڦاهيءَ تي چڙهي. سياستدان جو ڪم
ڦاهي کي ٽارڻ هوندو آهي. ڇو ته هن تي جوابداريون
هونديون آهن، کيس ڪم کي اڳتي وڌائڻو هوندو آهي.
ڀٽي صاحب کي آخر ۾ اها غلط فهمي اچي ويٺي هئي ته
کيس ڪوبه ماري نٿو سگهي. بهرحال ذاتي حوالي سان هن
جا مون تي وڏا احسان آهن.
توهان جو راڳ ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
منهنجي ناني لعل بخش جو دوست حاجي علي محمد ڪچهرين
جو ڪوڏيو شخص هو. نانو جڏهن به وٽس ويندو هو. علي
محمد جو ننڍو پٽ محمد بخش پڻ وڏو يار ويس ۽ محبت
وارو ماڻهو هو. منهنجي ساڻس ڏاڍي لڳندي هئي. هو
ڪافيون جهونگاريندو هو ۽ راڳڻين جي کيس چڱي ڄاڻ
هوندي هئي. سندس ئي سنگت ۾ مان راڳ ڏانهن مائل ٿيس
۽ راڳڻيون سڃاڻڻ سکيس. آءٌ جهونا ڳڙهه ۾ پڙهندو
هئس ته مون کي خط مليو ته ”تنهنجو يار محمد بخش
گذاري ويو.“ مون کي ايڏو ڏک ٿيو جو ٽي چار ڏينهن
پنهنجي منهن پئي رُنس. گهڻو پوءِ 1978ع ۾ کيس ياد
ڪندي مون ”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ“ ڪتاب سندس
نالي منسوب ڪيو.
توهان سنڌي موسيقيءَ جي جيڪا تاريخ لکي آهي، تنهن
کي مختصر ڪري ڄاڻايو آهي، ڇا ان موضوع تي آئيندي
تفصيل سان لکڻ جو ارادو آهي؟
انسان ڪيترو به وڏو ڪم ڪري، پر حقيقي معنيٰ ۾ اهو
نهايت مختصر آهي. ڪنهن به ڳالهه بابت دعويٰ ڪرڻ ته
هيءَ تمام وڏي ڳالهه آهي، اها جڳائي ڪانه ٿي. هڪ
ته خود موسيقيءَ جو علم وڏو آهي، ٻيو ته سنڌ جي
موسيقيءَ جا جيڪي سلسلا آهن، سي به تمام وڏا آهن.
مون هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو اها تحقيق پيش ڪئي آهي
ته سڄي برصغير ۾ موسيقي جون ٻه مکيه روايتون آهن:
هڪڙي ”هند“ جي ۽ ٻي ”سنڌ“ جي. سنڌ جي روايت هڪ
مستقل روايت آهي، جيڪا ٻئي ڪٿي به، ڪنهن به ملڪ ۾
ڪانهي، هن برصغير جي ٻئي ڪنهن به ڀاڱي ۾ ڪانهي.
انهيءَ ڪري ان کي ”مختصر“ چوڻو پيو جو سنڌي
موسيقيءَ جي مختلف موضوعن تي هڪ کان وڌيڪ ڪتاب لکي
سگهجن ٿا: مثال طور هتي جا ڳائڻا وڄائڻا جيڪي ٿي
گذريا يا موجود آهن، تن تي هڪ جدا ڪتاب اچي سگهي
ٿو. مون سنڌي موسيقيءَ جي سازن تي هڪ مختصر ڪتاب
انگريزيءَ ۾ لکيو آهي، پر انهيءَ موضوع تي وڌيڪ
تفصيل سان گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. پر سڀ ڪم ڪوبه
هڪ ماڻهو ڪري ڪونه سگهندو. البت اميدون ڪري سگهجن
ٿيون.
توهان پنهنجي يادگيرين ۾ تنجڻن ۾ باشعور هجڻ واري
ڳالهه لکي آهي. ڇا ائين ٿي سگهي ٿو؟
ها، اها ڳالهه سچي آهي. مون پنهنجي امڙ کان پڇيو
هو ته مان ننڍڙو هئس ته توهان منهنجي آڏو ڪا روشني
واري شيءِ کڻي ٻئي پاسي وڃي رکي هئي. اها ڪهڙي
شيءِ هئي؟ ته هوءَ حيران ٿي وئي ۽ مون کي چيائين:
”تڏهن تنجڻن ۾ هوندو هُئين. مون چمني کڻي وڃي جاري
۾ رکي هئي، تنهنجو منهن ڦري ويو هو.“
سائين ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟
ائين بلڪل ٿي سگهي ٿو. نفسياتي تجربا ٻڌائين ٿا ته
ٻار جڏهن پيٽ ۾ هوندو آهي ته هن کي پنهنجي چرپر جو
احساس هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي ماءُ جي
مڪمل تربيت ڪئي وڃي ٿي ته هوءَ ڇا ڇا ڪري ته جيئن
ٻار جي بهتر تربيت ٿي سگهي. جيڪڏهن صحيح نموني
ٻارن جي تربيت ڪجي ته اٺن مهينن جي اندر اهو ٻار
نه رڳو هلي سگهي ٿو پر توهان جي ٻولي به سمجهي
سگهي ٿو.
توهان پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد جو ڪڏهن به جواب نه ڏنو.
ان جو ڪهڙو سبب آهي؟
مون جڏهن لکڻ پڙهڻ جو ڪم شروع ڪيو، تڏهن پاڻ سان
واعدو ڪيو هئم ته منهنجو قلم ڪڏهن به ڪنهن جي
مخالفت ۾ نه لکندو، ۽ مان اڄ به پنهنجي واعدي تي
قائم آهيان. مان پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو آهيان.
جيڪڏهن ڳالهه ۾ وچڙي پئبو ته وقت ۽ عزت ٻنهي جو
زيان ٿيندو ۽ آخر ۾ ورندو به ڪجهه ڪونه! مان
سمجهان ٿو ته هر ڪنهن کي تنقيد ڪرڻ جو حق آهي، پر
اهم ڳالهه هيءَ آهي ته نقاد جي پنهنجي علمي حيثيت
ڪيتري آهي؟ هتي ته هڪڙا ماڻهو اهڙا آهن جن وٽ تمام
گهڻو وقت آهي ۽ هو هر تنقيد جو جواب ڏين ٿا. نه
رڳو اهو پر هو پنهنجا ماڻهو به پيدا ڪن ٿا، جيڪي
هنن جي پاران جواب ڏين ٿا.
دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته ڪي ماڻهو محنت ڪري ڪجهه
لکن ٿا ۽ ٻيا غلطيون ڪڍن ٿا. اهو سلسلو هلندو رهي
ٿو. هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي خيال موجب پنهنجو وقت
سجايو ڪري ٿو. مون هن وقت تائين سؤ کن ڪتاب لکيا
آهن. جيڪڏهن ويهي تنقيدن جا جواب ڏيان ها ته هوند
هيترو پورهيو ڪري ڪين سگهان ها.
توهان جو مطلب آهي ته اسان وٽ ٿيندڙ تنقيد ۾ ڪوبه
منطق نه آهي؟
مان رڳو اها ڳالهه چوڻ ٿو چاهيان ته جڏهن به تنقيد
ڪجي ته ان کي علمي بنياد هجڻ گهرجن. اهڙي قسم جي
تنقيد ئي اصلاح جو باعث بنجي سگهي ٿي.
سائين اهو ته ٻڌايو ته کاٻي ڌر وارا ماڻهو توهان
سان ڇو نٿا ٺهن؟
مون وٽ ته وقت ئي ناهي جو مون کي اها خبر پئجي
سگهي ته ڪير مون سان ٺهي ٿو ۽ ڪير نٿو ٺهي. مان
ڪنهن کي به پنهنجو مخالف ڪونه ٿو سمجهان. مون ڪڏهن
به ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪونه چيو آهي ته هو منهنجو
مخالف آهي. باقي رهي ڳالهه کاٻي ڌر وارن جي ته هو
انهن کي پنهنجو مخالف سمجهن ٿا جيڪي هنن کان فطري
طور تي الڳ آهن. مثال طور: جيڪڏهن مان مسلمان
آهيان ته کاٻي ڌر وارن کي ڪيئن وڻندس؟ گهڻا ماڻهو
ان ڪري ڪاوڙيل آهن ته مون جهڙو قابل ماڻهو سندن
ڪيمپ ۾ ڇو شامل ناهي. ٻي ڳالهه جيڪا کين نه وڻندي
هوندي، اها منهنجي وطن دوستي آهي.
توهان جي اڄ ڪلهه جي زندگي ڪيئن ٿي گذري؟
مون مهينو کن اڳ هڪ ڪتاب ”سنڌ جا پارسي شاعر“ لکي
پورو ڪيو آهي ۽ شايد اهو منهنجي زندگيءَ جو آخري
ڪتاب آهي. جيئن ته هاڻي منهنجي عمر گهڻي ٿي چڪي
آهي، تنهن ڪري ڀانيان ٿو ته وڌيڪ ڪجهه لکي ڪين
سگهندس. هن ڪتاب ۾ مون پارسي شاعرن جو احوال
قلمبند ڪيو آهي، اهي ڪمال جا شاعر هئا، جن جي ڪلام
ايران جي شاعرن سان مقابلو ٿي ڪيو. انهيءَ ڪتاب
لکڻ ۾ مون کي اٺ مهينا لڳي ويا.
اڄ ڪلهه ڏينهن جي شروعات ڪيئن ٿي ٿئي؟
منهنجو پٽ صبح جو نماز لاءِ اٿندو آهي ته هن سان
گڏ نڪري ويندو آهيان ۽ نياز اسٽيڊيم ۾ واڪ ڪندو
آهيان. ائين شام جو به ڏوهٽو ڊاڪٽر فاروق ٻاهر وٺي
ويندو آهي ۽ هتي قاسم آباد ۾ هڪ پارڪ ۾ واڪ ڪندو
آهيان. اڳي ته مان تمام گهڻي واڪ ڪندو هئس. پر
هاڻي مڙئي عادت پوري ڪندو آهيان.
اتان موٽڻ کان پوءِ ڇا اچي ڪيو؟
موٽي اچي نيرن ڪندو آهيان ۽ ڊان ۽ ڪاوش اخبارون
پڙهندو آهيان. باقي وقت سرگرمين ۾ گذريو وڃي ٿو.
منجهند جو آرام ڪندا آهيو؟
ها، گرمين جي موسم ۾ ٻين کان چئين وڳي تائين آرام
ڪندو آهيان.
رات جو ڪيڏي مهل سمهندا آهيو؟
رات جو يارهين وڳي سمهي پوندو آهيان، اڳي رات جو
سمهڻ کان اڳ پڙهندو هئس پر هاڻي نٿو پڄي.
توهان جي صحت تمام سٺي رهي آهي، ان جو ڪو خاص سبب
آهي؟
مان نوجوانيءَ ۾ اسپورٽس مين رهيس ۽ ٻيو ته اڄ
ڏينهن تائين به واڪ ڪندو رهيو آهيان، شايد اهي ئي
سبب آهن جو منهنجي صحت سٺي رهي آهي. ٻي ڳالهه اها
آهي ته مان زندگيءَ ۾ ڏاڍو سرگرم ماڻهو رهيو
آهيان. تحقيق جي بهاني به هل هلان گهڻي ڪيم. ان
کان سواءِ کاڌي پيتي ۾ سادگيءَ کان ڪم ورتو اٿم.
ڀلا کائڻ پائڻ جو شوق رهيو؟
نه، اهڙو ڪوبه شوق نه رهيو آهي. جڏهن آمريڪا ۾
رهيس ته انهن جهڙو ٿي رهيس. باقي هتي آفيس ۾ ويندو
آهيان ته پينٽ شرٽ پائيندو آهيان. مون زندگيءَ ۾
ڪڏهن به لٽي ڪپڙي تي ڪو خاص ڌيان نه پئي ڏنو آهي.
ڪهڙي موسم توهان جي مزاج مطابق آهي؟
مون کي جهڙالي موسم ڏاڍي وڻندي آهي. ان حوالي سان
اوهان کي هڪ دلچسپ قصوٻڌايان ته اسان جي ڳوٺ ۾
سگهڙن جون تمام گهڻيون ڪچهريون ٿينديون هيون. اتي
ساهڙ خان نالي هڪ ٻروچ سگهڙ به هوندو هو. هڪڙي
ڏينهن مون وٽ آيو ۽ چيائين: ”مون کي هڪ وڏو ارمان
آهي، جيڪو ڀانيان ٿو پاڻ سان کنيو ويندس“. مون
چيو: ”ساهڙ خان، ڪهڙو ارمان آهي توکي؟“ چيائين:
”مون کي ارمان اهو آهي ته مان مري ويندس ته مون
وانگي ڪير ڪڪرن کي ڏسندو به الاءِ نه!“ مون چيو:
”اُهو ذمو منهنجو آهي“. ۽ مان اڄ ڏينهن تائين اهو
واعدو پاڙيندو ٿو اچان. بهرحال مون کي گرميءَ جي
ڀيٽ ۾ سردي وڌيڪ تڪليف ڏيندي آهي.
هن وقت اوهان جي تفريح؟
ٽي.وي شوق سان ڏسندو آهيان. خاص طور نيشنل جاگرافڪ
جا پروگرام ۽ ڪُشتي، ڪشتي ڏسندي ته ان ۾ ايڏو محوَ
ٿي ويندو آهيان جو ڄڻ جو مان پاڻ حصو هجان.
ان کان سواءِ ٻيا ڪي تفريحي مشغلا؟
منهنجو جانورن سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو آهي.
ٻليون ڏاڍيون وڻنديون اٿم. ڪنهن وقت اسان جي گهر ۾
يارنهن ٻليون هونديون هيون، جن جي کاڌ خوراڪ
منهنجي ذمي هوندي هئي. انهن مان هر هڪ جو نالو
رکيل هو ۽ جنهن کي سڏ ڪبو هو، سا اچي پهچندي هئي.
ان کان سواءِ گهر ۾ ڪجهه سها به هوندا هئا پر اهي
ڀڄي ويا. ڦاڙهي به هئي پر اها پوءِ راڻي باغ حوالي
ڪري ڇڏي سين. ڪڏهن ڪڏهن ان کي ڏسڻ ويندو هئس.
عام طور تي ليکڪ تمام گهڻا سگريٽ نوش هوندا آهن،
توهان؟
مان هاڻي ته ڪونه پيئان، پر اڳي ضرور پيئندو هئس.
اڳي جڏهن لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هئس ته ٻه شيون مون
لاءِ ڏاڍيون اهم هونديون هيون، هڪ چانهه ۽ ٻيو
سگريٽ، پر هاڻي ته چانهه پيئڻ به گهٽائي ڇڏي اٿم.
سگريٽن جي معاملي ۾ منهنجي عجيب ٽيسٽ رهي. ڪڏهن
555 جا دٻا چٽ، ته ڪڏهن وڃي ڪي.ٽو تي دنگ ڪندو
هئس. پوءِ سگريٽ ڇڏي سگار پيئڻ شروع ڪيم. ان کان
پوءِ پائيپ سان دل وندرايم پر دل جي آپريشن کان
پوءِ ان مان به هٿ ڪڍي ڇڏيم.
توهان ايترو سارو جو ڪم ڪيو آهي، ان لاءِ اوهان
وقت ڪيئن ڪڍيو؟
منهنجي زندگي ڏاڍي منظم گذري آهي، تنهن ڪري مون کي
ڪڏهن به وقت کان ڪا شڪايت نه رهي آهي، جيڪو به
ماڻهو پنهنجو ڪم منظم نه ڪندو، تنهن کي هميشه وقت
نه هئڻ جي ڪا شڪايت پئي رهندي ۽ وٽس ڪنهن به ڪم
ڪرڻ لاءِ وقت نه هوندو. پر جيڪڏهن پاڻ کي منظم ڪبو
ته سڀ ڪم ڪار اڪلائڻ کان پوءِ به فراغت جو وقت
هوندو، جنهن ۾ تفريح ڪري سگهجي ٿي ۽ پنهنجا ذاتي
ڪم ڪار ڪري سگهجن ٿا. غير منظم ماڻهوءَ کي ننڍڙي
ڪم لاءِ به وقت ملي نه سگهندو آهي!
اوهان جي دوستن جو دائرو ته تمام وسيع هوندو؟
ها، دوستيءَ جي حوالي سان مون گنج ڪمايو آهي.
منهنجا اڪثر دوست غريب، مسڪين ۽ سنڌ جا سادا سودا
ماڻهو، سگهڙ ۽ مختلف پيشن سان وابسته ماڻهو آهن.
اهي سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهن. مان سندن ئي صحبت مان
حظ حاصل ڪندو رهيو آهيان.
ڪي دل گهريا دوست؟
انهن جو به چڱو خاصو تعداد آهي. انهن مان ڪي ته
جهان ڇڏي هليا ويا. محمد اسماعيل نون، مير شاهنواز
شهلياڻي ۽ حاجي سوڍو بگهياڙ ميرپور ساڪري واري کي
ياد ڪري اڄ به غمگين ٿي ويندو آهيان.
اوهان جي ڪو تعريف ڪندو آهي ته ڇا محسوس ڪندا
آهيو؟
مان طبعاً ۽ فطرتاً پنهنجي تعريف ٻڌڻ پسند نه ڪندو
آهيان. سنڌ ۾ اهو مرض تمام گهڻو آهي جو ڪنهن ٿورڙو
به ڪم ڪيو ته ان کي وٺي آسمان تي پهچائيندا.
پنهنجي تعريف جيتري گهٽ ٻڌجي، اوتري بهتر. پاڻ کي
تورجي تڪجي، اوسي پاسي ٻيا جيڪي چڱا ماڻهو آهن،
انهن سان پاڻ کي ڀيٽجي ته پوءِ ئي پنهنجي قد ڪاٺ
جي صحيح خبر پوي ٿي.
توهان ڪڏهن پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جو سوچيو؟
مان ڪجهه ڪونه آهيان. اسان کان ٻيا وڏا ماڻهو ٿي
گذريا آهن، جن جي حياتيءَ تي نظر ڦيرائڻ سان ڪنڌ
شرم کان هيٺ ٿي وڃي ٿو. مون مڙئي حال سارو ڪم ڪيو
آهي.
|