سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو:7

حڪيم خليفو عبدالحميد چانڊيو

 

ڊاڪٽر بلوچ سان ڪيل ”ڳاڙِهي“ جو هڪ يادگار سفر

هڪ سال يعني مؤرخه 30 مارچ 1996ع تي صبح جو 10 وڳي اوچتو قبلا محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ۽ حيدرآباد ڊويزن جو اڳوڻو ڪمشنر مسٽر عبدالغفار سومرو صاحب منهنجي غريب خاني ۾ تشريف فرما ٿيا هئا. اوچتو اچڻ تي ساڻن ملي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. ان وقت مون وٽ جا غريباڻي ماني تيار هئي سا حاضر ڪئي هيم. ٻين دوستن تڪڙ پئي ڪئي مگر محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن فرمايو ته: ”بابا، تڪڙ نه ڪريو، ٻروچ نيرن ڪرڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو.“ پوءِ پاڻ فرمايائون ته ضلعي سانگهڙ واري سُگهڙ صادق فقير ٿهيم بلوچن جا چوڏهن پارَ ٻڌايا آهن، جن مان پهريان ٻه هن طرح آهن:

بلوچن بهادرن جا سُڻ چوڏهن پُورا پارَ،
هڪ مهمان نواز ماني کارائينِ، ٻيو پاڙي سان ڪن پيار.
 

اهو ٻڌي مهمان مطمئن ٿيا ۽ موقعي سان مون به مرحوم دادن فقير جو هيءُ شعر پڙهيو:

 

اسان جي دعوت اي جاني قبوليندؤ ته بسم الله،
غريباڻي مڇي ماني قبوليندؤ ته بسم الله،
سرنهن جو ساڳ سبحاني قبوليندؤ ته بسم الله
ڇِٽو ڀت، دال دُوفاني قبوليندؤ ته بسم الله.

   بهرڪيف غريباڻي ماني کائڻ بعد مون پنهنجو ڪتاب ”سوانح حيات نواب سر غيبي خان چانڊيو“ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيو هو، پاڻ مهرباني فرمائي مختصر طور ڪتاب جو معائنو ڪرڻ فرمايُنِ ۽ ڏاڍو پسند ڪيائون.

منهنجي جاکوڙ ۽ محنت تي شاباش چيائون: ان کان پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي درگاهه تي هلڻ لاءِ ارشاد فرمايائون. آءٌ تيار ٿي ساڻن گاڏيءَ ۾ گڏ ويٺس. اسان جي گاڏيءَ پٺيان ميهڙ سب ڊويزن جي ايس. ڊي. ايم مسٽر سليم احمد کهڙي صاحب جي گاڏي هئي.

سنڌيءَ ۾ دانائن جو چوڻ آهي ته: ”مورک ساري رات، سالڪ هڪ گهڙي“. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان جهڙي عظيم سالڪ سان رهاڻ ڪندي وڃي ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي جوڙيل مسجد شريف وٽ پهتاسين. اتي سڀئي موٽرن مان لهي پياسين ۽ مسجد شريف جي اوڀر کان سيمنٽ سان بند ٿيل هڪ پٿر تي وڃي بيٺاسين. هيءُ پٿر مسجد شريف جي نئين طرح مرمت ڪرڻ واسطي لڳايو ويو هو، جنهن تي ڪن صاحبن جا اسماء گرامي لکيل هئا.

محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ محترم ڪمشنر سومرو صاحب ذري گهٽ اڌ درجن جنابن جا نالا پڙهي ٿورو مُرڪيا، ۽ ڪمشنر صاحب جن فرمايو ته مسجد شريف جي ڪم واسطي سرڪار طرفان منظور ٿيل پيسا جنابن جا چيلا کائي ويندا، باقي جنابن جا نالا پٿر تي يادگار هوندا، ۽ مسجد شريف انهيءَ ئي خسته حال ۾ هوندي. واقعي جناب ڪمشنر صاحب جي ڳالهه سؤ سيڪڙو پوري ٿي. مسجد شريف تقريباً انهيءَ ئي حال ۾ آهي جنهن ۾ هئي. لهٰذا افسوس ته، انهيءَ تاريخي مسجد شريف جي مرمت واسطي سرڪار ڪوبه توجهه نه ٿي ڏئي.

هيءَ تاريخي مسجد شريف ميان نصير محمد ڪلهوڙي سنه 1071ع هجري بمطابق سنه 1660ع ۾ جوڙائي. مسجد جي اتر ۽ اولهه جي ڪُنڊ تي سيد حامد شاهه شهيد جي مزار آهي. مٿس چورس تي گنبد ٺهيل آهي. هن بزرگ جي زيارت ڪرڻ کان پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي حويليءَ جا کنڊرات ڏٺا ويا. هنن کنڊرن مان صرف ٻه برج خسته حالت ۾ نظر اچن ٿا، هڪ بُرج ڏکڻ طرف کان ۽ ٻيو اوڀر طرف کان. حويلي ڏيڍ ڪلوميٽر چورس تي مشتمل آهي. جڏهن ميان شاهل محمد ڪلهوڙو (ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو چاچو) سنه 1068 هجري ۾ بکر جي مغليه نوابن سردار جلال خان ابڙي ۽ سردار محمد صديق خان سانگي جي ماڻهن هٿان شهيد ڪرايو، جنهن ۾ چانڊين جي سردار ملڪ غيبي خان مغلن جي نوابن جي خلاف وڏي تحريڪ هلائي ۽ مغليه لشڪر تي ڇاپا مار حملا شروع ڪرايا، ته پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙو ٿوري عرصي لاءِ سنڌ مان ملتان  هليو ويو. بعد ۾ وري به سردار ملڪ غيبي خان جي چوڻ تي واپس اچي ’کارا‘ يا ’گهارا‘ پرڳڻي ۾ سنه 1070 هجري بمطابق سنه 1659ع ڌاري ڳوٺ ٻڌي حويلي جوڙائي ۽ حويلي جي اولهه طرف مقام عدالت گاهه جوڙايائين. انهيءَ مقام جي خسته حالت ڏٺيسين. اتي ڪرڙ جون پٽيون اڃا تائين نظر پئي آيون. فقيرن جو چوڻ هو ته اهي پٽيون انهيءَ زماني جون آهن. بقول قبلا محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ته، حويلي يا مقام عدالت گاهه مٿان ڪاٺ جون ڇتيون هيون. جنهن ۾ وَرا، ڪامون يا لاتڻيون کني پير، لئو، ڪنڊي پانم جون ڇو نه هجن مگر پٽيون ڪرڙ جي ڪاٺيءَ جون هيون. مقام عدالت گاهه جي ڏسڻ بعد سيد عنايت شاهه ڏندُو جي مزار تي پهتاسين. هن بزرگ تي مسجد نما گنبد الحاج امير بخش خان جوڻيجي صاحب سنه 1997ع ۾ پنهنجي خرچ سان جوڙايو. ياد رهي ته سيد حامد شاهه ۽ سيد عنايت شاهه ڏندُو مغليه لشڪر سان ڳيريلي وٽ وڙهندي جرنيل مير مؤندر خان چانڊئي ۽ ٻين سان گڏ سنه 1111 هجري مطابق 1699ع ۾ شهيد ٿيا. جنهن جو تفصيلي احوال مون پنهنجي ڪتاب ”سوانح حيات سر غيبي خان چانڊيو“ ۾ لکيو آهي. اولهه طرف ونگ نما هڪ پڪي سرن جي ديوار وٽ پهتاسين. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اها ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي بٺي يعني بورچي خاني جي جاءِ هئي. اولهه، اتر ۽ ڏکڻ طرف جون ديوارون ختم ٿي چڪيون آهن. باقي اوڀر طرف شايد ونگي دروازو هو. محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ سندس هم رفيق دوست هن ونگي نما ديوار جي مضبوطي ڏسي ڏاڍا متاثر ٿيا. پوءِ فتح فقير پخاليءَ جي مزار تي پهتاسين. هيءُ درويش، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو مريد ۽ پخالي هو. روزانو ميان صاحب جي ڳوٺ کان اوڀر طرف ٽي ميل پري لهڙيءَ جي ڪنب مان ميان صاحب جي حويلي ۽ مهمان خاني لاءِ پاڻيءَ جون مشڪون ڪڏهن ڪلهي تي ته ڪڏهن ڏاند تي، سندس ڏاند جنهن سان فقير صاحب جي گهڻي محبت هئي، تمام ڏاهو هوندو هو، فقير صاحب مٿس نالو ’عاقل‘ رکيو. عموماً انهيءَ ڏاند جي پُٺيءَ تي پاڻيءَ جون مشڪون ڀريندو هو. (عاقل ڏاند ۽ فتح پخاليءَ جو مفصل احوال ڪتاب ”سوانح حيات نواب سرغيبي خان“ ۾ پڙهندا). پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي درگاهه اعليٰ تي پهتاسين جيڪا فتح پخاليءَ جي مزار جي اولهه طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. ميان صاحب جي مزار جي اتر طرف واري مسافرخاني ۾ اڳ۾ ئي خيرپور ناٿن شاهه تعلقي جو ان وقت جو مختيارڪار ميان ارباب علي خان لنڊ بلوچ معزز مهمانن جي ويهڻ واسطي هنڌ کٽن جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. ساڻس گڏ پوليس جو عملو به موجود هو. اتي لهڻ کان پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي زيارت تي وياسين ۽ ختمو پڙهيوسين. اتي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي شخصيت بابت احوال ٻڌايو:

”ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي وفات بعد ميان نصير محمد بن ميان الياس محمد ڪلهوڙو سنه 1068 هجري بمطابق سنه 1657ع ۾ پنهنجي وڏن جي گاديءَ تي ويٺو. هو پنهنجي وڏن کان وڌيڪ ممتاز هو، ڇو ته سندس ئي زماني  ۾ مريدن مان لشڪر تيار ٿي ويا، ۽ انهن جي پوري انتظام حڪومت جو رنگ اختيار ڪيو. ان کان علاوهه زهد ۽ عبادت سببان ميان صاحب غير معمولي شهرت حاصل ڪئي ۽ سندس ڪرامتون ڳاڻاٽي کان زياده آهن.“ راقم به سندس مفصل ذڪر پنهنجي ڪتاب ”سوانح حيات نواب سر غيبي خان چانڊيو“ ۾ قلمبند ڪيو آهي. هن عظيم انسان 7 ماهه ذوالحج سنه 1102 هجري بمطابق سنه 1692ع ۾ وفات ڪئي. مٿس ڇٽي نما سفيد گول گنبد ۽ عاليشان ڪوٽ سندس فرزند ميان يار محمد ڪلهوڙي سنه 1130 هجري بمطابق سنه 1708ع ۾ جوڙايو. بعد ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي فرزند ميان دين محمد ڪلهوڙي جي مزار جيڪا ميان صاحب جي مزار يعني ڪوٽ کان ٻاهر لڳ اولهه طرف آهي، جي زيارت ڪئيسين.

ميان دين محمد ڪلهوڙي جي شخصيت بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب سڀني دوستن کي هن طرح ٻڌايو:

ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي ٽي پٽ هئا:

1. سڀني کان وڏو ميان دين محمد

2. وچيون ميان يار محمد

3. سڀني کان ننڍو ميان مير محمد

ميان نصير محمد جي وفات کان پوءِ انهيءَ ئي سال سنه 1103 هجري بمطابق 1692ع جي پيري مرشديءَ جي مسند ۽ حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. جيڪي زميندار لڙاين ۾ ناڪام رهڻ کان پوءِ گهڻي مدت تائين ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ خاموش رهيا هئا سي وري جهڳڙي ۽ فساد ڪرڻ لاءِ آماده ٿي ويا، شايد انهيءَ ڪري جو سندن خيال مطابق نئون سجاده نشين اثر رسوخ ۽ طاقت ۾ پنهنجي والد محترم کان گهٽ هوندو، ان ڪري کيس شڪست ڏيئي ختم ڪرڻ ۾ ڪا گهڻي دقت پيش نه ايندي. ليڪن منجهن اڪيلي سر مقابلي ڪرڻ جو حوصلو موجود نه هو ۽ هنن وقت جي حاڪمن وٽ شڪايتون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ حاڪمن طرفان سختيون شروع ٿيون. مجبوراً ميان صاحب جا مريد جن ۾ گهڻا بلوچ هئا، خصوصاً چانڊيا جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا. مغليه حاڪم مرزا خان پني ڪيترا دفعا ميان دين محمد ڪلهوڙي کي دٻائڻ جون ڪوششون ڪيون، ليڪن کيس ڪاميابي نه ٿي، آخر دهلي دربار جي طرفان امير شيخ جهان کي سراين جي مات ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو.

ڳيريلي جي ڳوٺ وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ مغليه لشڪر کي سخت شڪست آئي ۽ شيخ جهان خان، مير مؤندر خان چانڊئي هٿان مارجي ويو ۽ مير مؤندر خان به پنهنجن ساٿين يعني حاجي خان مري سميت شهيد ٿيو ۽ فيروز فقير ويراڙ جي سپهه سالاريءَ هيٺ حاجي خان مري، حامد شاهه ۽ عنايت شاهه ڏنرو، اهي به مير مؤندر خان چانڊئي سان گڏ شهيد ٿيا. سنه 1927ع جي نواب سر غيبي خان جي ڪتب خانه جي دستاويزات مان اهو احوال ملي ٿو، باقي تاريخي ڪتاب ته لکن ٿا ته: امير شيخ جهان فيروز فقير ويراڙ هٿان شهيد (قتل) ٿيو، اها ڳالهه سراسر غلط آهي، ڇو ته تاريخ وارن چانڊين جي خلاف اڪثر پئي لکيو آهي، جيئن تاريخ مظهر شاهه جهاني وارو لکي ٿو:

”هن علائقي ۾ جيئن ته بدبخت چانڊين جي گهڻائي آهي“. (صفحو 162)

هو صفحه 201 تي لکي ٿو:

”باغبان پرڳڻي جا سميجا ۽ ٿيٻا، چانڊين نڀاڳن سان ملي وڳوڙ پکيڙڻ لڳا“. (صفحه 220) ”نڀاڳن چانڊين رات جو اچي لشڪر تي تير وسايا“.

(صفحه 247) ” ڳاها باغبان، پاٽ، اڪبر آباد جي پرڳڻن کي چنڊن چانڊين برباد ڪري ڇڏيو“. (صفحه 282:) ”هتي ٻيو فساد گروهه چانڊين جو آهي، اهي نڀاڳا باغبان جي پرڳڻي ۾ جبل پاسي رهن ٿا“.

”آخر انهيءَ سال مغل شاهه زاده هٿان ملتان ۾ سنه 1111 هجري بمطابق 1700ع ميان دين محمد بن ميان نصير محمد ڪلهوڙو شهيد ٿيو. سندن مٿان ننڍڙو مقبرو سندس وچين ڀاءُ ميان يار محمد، ميان نصير محمد جي مقبري سان گڏ ٺهرايو، يعني سنه 1130هه ۾“.

بعد ۾ محترم قبلا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي حرمن جي مزارن جي ڏسڻ واسطي فرمايو. تنهن تي صڦري فقير مشوري جيڪو مزارن جو مجاور به آهي، انهيءَ ناراضگي ڏيکاري ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾ هن طرح تقرير شروع ڪئي:

”سائين ميڏا، پاڪين دي قبران ڏيکڻ واسطي اسان ڏيان ڪنواريان ڇوڪريان به نهين وينديان. هڪڙي سال اسان ڏي شهر دي ڪنهن نڀاڳي عورت هڪڙي پاڪ دي قبردا پڙدا پلاند مٿي ڪيتا. قذرت (قدرت) دي طرڦان (طرفان) شام دي وکت (وقت) اتر اولهه دي ڪنڊ ڪني ڪالا طڦان (طوفان) اٿيا، اسان شهر واليان ميان سائين (يعني ميان نصير محمد) دي دربار وچ ڳچي وچ ميان کٿي پا وچ آزي ڪيتي، تڏان مس وڃ طڦان بند ٿيا، وت ڏون سالين ڪني بعد ول به ڪنهن ڪني رن پاڪ دي قبر دا پڙدا پلاند مٿي ڪيتا، وت ڀورا طڦان آيا“.

صڦري فقير اڃا تقرير جاري رکي، مگر مون صڦرو فقير کي روڪيندي چيو ته، صڦرا فقير طڦان، ٻوفان هُڻ ڪونه آسين، اي صاحب (محترم ڊاڪٽر صاحب ڏانهن اشارو ڪندي) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هي، ۽ ٻيا صاحب ڪمشنر صاحب هي. ايهه تاريخان ڏيکڻ آئي هن. ايهن وچ ميان صاحب دي خاندان ڀلائي هي ۽ ڪمشنر صاحب سنڌ دا مالڪ هي، جيوين وڻسين تيوين ڪرسين، تيڏي مغز خوري اجائي ٿيسين. پوءِ ڏيڍي اک سان ڪمشنر صاحب ڏانهن ڏسندي صڦري فقير ماٺ ڪئي ۽ صڦري فقير جو جوش به گهٽجڻ لڳو. چيائين ته: سائين ڀلي ڄُلو. محترم ڪمشنر صاحب جن اتي ئي ويهي رهيا ۽ مختيارڪار صاحب ميان ارباب علي خان بلوچ به باقي محترم قبلا ڊاڪٽر صاحب، بندهه، مسٽر سليم احمد کهڙو صاحب، فوٽوگراف وارو، حاجن بنگالو، ماڻو خان ۽ ٻيا دوست ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي مستورات جي قبرستان طرف روانا ٿياسين. مستورات جي قبرن کي چوڌاري ديوار آهي، صرف ڏکڻ ۽ اولهه جي ڪنڊ کان هڪ دروازو آهي. هيءُ قبرستان ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي درگاهه جي اوڀر ۽ اتر جي ڪنڊ تي اڌ فرلانگ پنڌ تي آهي. جڏهن اسان قبرستان دروازي وٽ پهتاسين، تڏهن صڦري فقير رڙ ڪري چيو ته:

”هُڻ جوتي شوتي دروازي ڪني ٻاهر لاهو.“ مون اندر ديوار کان هڪڙي سوراخ مان ڏٺو. سُڪي لاڻي، ٻُوهه، سُڪل ڳم، سڪل سيوهر جا ڪنڊن سان ڀريل ڪانڊيرا نظر آيا. صڦري فقير جي اوچتي رڙ ڪرڻ تي محترم قبلا ڊاڪٽر صاحب جن هڪدم پنهنجو بوٽ لاٿو. مون کيس عرض ڪيو ته، سائين قبرستان اندر سڪل گاهه ٻوٽن جا خطرناڪ ڪنڊا آهن، اسان جوتا لاهيون ٿا، اوهان نه لاهيو. تنهن تي ڊاڪٽر صاحب جن فرمايو ته: ”ادا حڪيم صاحب، ڪنڊي لڳن ته ڀلي لڳن، صڦري فقير دا حڪم منڻائي“. ۽ اسان سڀني به جوتا لاٿا. اندر قبرن وٽ پهتاسين ٽي قبرون، هيٺ اوڀر طرف، ٻي قبر وچ۾ ۽ ٽين اولهه طرف هئي. صڦري فقير اوڀر واري قبر تي بيهي ٻڌايو ته، ايهه قبر بي. بي پاڪ امان دي اي. يعني ميان نصير محمد صاحب جي والده ماجده. باقي اولهه وارين ٻنهي قبرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته، ايهه ڏونهين قبران پاڪ حرمين ديان هي، اسان سمجهي وياسين. مون وري پڇيو ته فقير سائين، ڪيا ايهه ڏونهين قبران ميان نصير محمد دي پاڪ حرمين ديان هن؟

محترم قبلا ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ميان نصير محمد جي والده جي قبر ڏسي فرمايو ته، هيءَ تمام پراڻي قبر آهي، قبر جي سيراندي ۽ پيرانديءَ تي سفير پٿر جون تختيون لڳل هيون، مگر اکر ڊٺل هئا ۽ حرمن جي قبرن مان وچين قبر جي پاسن ۽ سيرانديءَ جي مٿان قرآن پاڪ جون آيتون لکيل هيون. باقي پيرانديءَ جي پٿر تي هيٺيون ڪتبو لکيل هو:

”تاريخ وفات مرحومه بي بي جادو، سنه 1114 هجري بمطابق سنه 1702ع.“

۽ اولهه واري قبر تي هيءُ ڪتبو لکيل هو:

”تاريخ وفات مرحومه بيبي ڀائتي، سنه 1111هجري بمطابق 1699ع.“

مذڪوره ميان صاحب جي حرمن جي قبرن ڏسڻ بعد وري محترم قبلا ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن اوڀر واري قبر يعني ميان صاحب جي والده ماجده جي قبر تي هلي بيٺا، ۽ مون کي مخاطب ٿي فرمايائون ته: ”هن قبر تي هي پٿر مٿين ٻنهي قبرن جي پٿرن کان پراڻو ٿو ڏسجي.“ واقعي پٿر ميرو ۽ پراڻو نظر پئي آيو. صاف ظاهر آهي ته محترم قبلا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب نه صرف تاريخ جا ڄاڻو هئا مگر آثار قديمه تي به کين وڏي دسترس ۽ ڄاڻ هئي بعد ۾ تاجي ليکيءَ جو مقبرو پري کان ڏٺوسون.

تاجو ليکي بن راڄو ليکي، جو احوال مون ڪتاب ’سوانح حيات نواب سر غيبي خان چانڊيو‘ ۾ قلمبند ڪيو آهي. پوءِ قاضي صاحبان جون قبرون ڏٺيوسين. جن جي باري ۾ ميان جا فقير انيڪ قسم جون خبرون ٻڌائيندا آهن. اهو احوال به مون لکيو آهي. وري به پڙهندڙ جي دلچسپيءَ واسطي لکجي ٿو.

ڳالهه ڪندا آهن ته هندستان جي ڪنهن علائقي جا قاضي، ڪن روايتن ۾ ست، ڪن ۾ چوڏنهن ڄڻا، خبرون ٻڌائيندا هئا ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي جا مريد ۽ فقير شريعت جي ابتڙ پيا هلن. انهن کي هدايت ڪري شرعي راهه وٺرائجي. سو منزلون ڪندا اچي ميان نصير محمد جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، ۽ چيائون ته، اوهان جا (مريد) فقير شرع شريف جي ابتڙ پيا هلن، انهن کي اوهان به هدايت ڪيو ۽ اسان به هدايت ڪرڻ واسطي پري کان پنڌ ڪري آيا آهيون. سو ميان صاحب بنا دير جي قاضي صاحبان کي چيو ته: پهريان اوهان وڃو، منهنجي ڌنار ياري فقير وٽ. هيءُ فقير ميان نصير محمد جو مريد ۽ سندس رڍون چاريندو هو، تنهنڪري يارو فقير ريڍو جي نالي سان مشهور هو. جڏهن فقير جي خدمت ۾ قاضي صاحب پهتا ته صبح جو وقت هو. فقير صاحب پنهنجي منجي (مَنهه) تي زال سان گڏ سُتو پيو هو. قاضي صاحبان وڃي ڀرسان سلام ورايو، فقير ٽپو ڏيئي اٿيو، قاضي صاحبان سان اچي مليو. مهمانن کي ويهاري، فقير صاحب وڃي ڌڻ مان هڪ رڍ ڪاهي اچي ڪُٺي. قاضين کي شڪ پئجي ويو ته فقير جيڪو پنهنجي زال سان ستو پيو هو، يقيناً فقير کي تڙ هوندو، هيءَ جيڪا رڍ ڪُٺائين، ان کي به تڙ سان تڪبير ڏنائين. تنهنڪري هيءُ رڍ حرام آهي. سو فقير کي چيائون ته، فقير اها رڍ حرام آهي تو تڙ سان تڪبير ڏني. فقير وري ٻي رڍ ڪُٺي. وري به قاضين چيو حرام آهي. فقير وري ٽين رڍ ڪٺي، جنهن کي به قاضين حرام ڪيو. لهٰذا القياس ياري فقير ست رڍون بيڪ وقت ڪُٺيون، ستنئي رڍن کي قاضين حرام قرار ڏنو. تنهن تي فقير پٽڪو لاهي وارن کي نپوڙي پاڻي ڪڍي فرمايو ته:

”جيوي ميان، تُسان ئو عورتان، مين هُڻ وڃ (حوض ڪوثر) دي پاڻي نا وهنج آيا هان.“

قاضي صاحب ڏسن ته واقعي اهي مردن مان فري عورتون ٿيا. سو ڀڳا ميان نصير محمد صاحب جي خدمت ۾، سمورو احوال ٻڌايائون. ميان صاحب يارو فقير ريڍوءَ کي گهرايو. اتي شادمانو ڪيو ويو، الا توآهر ٿي، پوءِ وڃي قاضي صاحب مرد ٿيا. جڏهن مرد ٿيا ته هنن وعدو ڪيو ته هاڻي هتان واپس نه وڃبو. آخر مرڻ تائين قاضي صاحب، ميان نصير محمد صاحب جي خدمت ۾ رهيا ۽ دفن به اتي ئي ٿيا.

درگاهه ميان نصير محمد جي ڏکڻ طرف تلاءُ آهي، هن تلاءَ کي نئن جي پاڻيءَ سان ڀرائبو آهي، اگر برسات نه ٿي پوي ۽ نئيون نه ٿيون اچن ته پوءِ نئن گاج جي ڪاري پاڻيءَ سان ڀرائبو آهي. هيءُ تلاءُ تمام قديم آهي، هن جي باقاعده کوٽائيءَ جو ڪم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ سنه 1880ع ۾ ڪرايو. ان وقت هيءُ صاحب تعلقي ڪڪڙ جو مختيارڪار هو.

دادو ضلعي ۾ بلڪ پوري سنڌ ۾ ڳاڙهيءَ جو قبرستان، مڪليءَ کان پوءِ وڏو قبرستان آهي. هن قبرستان جو وجود سنه 1103هه بمطابق 1692ع کان آهي. مقبرا ۽ قبرون ڳاڻاٽي کان وڌيڪ آهن.

مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکي ٿو ته:

”زماني جي دستور موجب ميان نصير محمد پنجيٽهه يا ڇٽيهه سال مرادون ماڻڻ کان پوءِ هميشه واري جهان ڏانهن لڏي ويو ۽ گهاريءَ ۾ ڳاڙهي دڙي تي دفن ٿيو.“

مون ڳاڙهي ڊٻ يا دڙي جو احوال ڪتاب- ”سوانح حيات نواب سرغيبي خان“ ۾ لکيو آهي. ان کان علاوه هن قبرستان ۾ عالم دين به مدفن آهن ته مجذوب، درويش ۽ راڄن جا رئيس يا سردار، دانشور، شاعر، سگهڙ، پير، مير ۽ وزير پر درويش جهانگر ٻاليشاهي جهڙا فقير به. مون ڊاڪٽر صاحب کي درويش جهانگر فقير ٻاليشاهيءِ جو احوال هن طرح ٻڌايو ته:

”هيءُ درويش به ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو مريد هو. ميان صاحب جي ڳوٺ کاري يا (گهاري) ۾ ويٺو هوندو هو، کيس ڪتن ڌارڻ جو وڏو شوق هوندو هو. فقير صاحب ماڻهن کي سوال ڪرائي لهڙيءَ جي ڪنب مان ٺڪرن ۾ پاڻي ڀرائي ڪتا ڪاهي اتي وڃي پاڻي پياري ايندو هو. تنهن تي ميان صاحب جي مشوري فقيرن اعتراض واريو ته، فقير جا ڪتا لهڙيءَ جي ڪنب جو پاڻي وڃي ڪنب جي ڀرسان پيئن ٿا. فقير کي گهرجي ته مشڪون ڀرائي ڪتن کي گهر پاڻي پياري... تنهن تي ميان صاحب جهانگر فقير کي گهرائي، مشوري فقيرن جي اعتراض کان واقف ڪيو. جهانگر عرض ڪيو ته، مان پاڻي ٻين کان ڀرائي، ٻاهر ڪڍي ٺڪر جي خاص ٿانون ۾ ڪتن کي پياريندو آهيان مون کي پاڻي ڀري ڏيندا آهن ۽ آءٌ مشڪون ڀري گڏهه تي لڏي پيئڻ واسطي گهر آڻيندو آهيان.

ميان صاحب فقير کي منع ڪئي ته: ”ابا مشوري فقير رنج ٿيندين، تون ڪُتيين ڪون گهر پاڻي پلا.“

جهانگر فقير جو ميان صاحب کي جواب ۽ پيشگوئي:

”جيوين ميان، ڪتي گهر پاڻي پلا اسيان، خدا ڪون عرض ڪريندئيون ته سال چوڏهين ۽ پندرهين سن وچ تيڏي مريد (يعني مشوري) جهنگلي جانورين نال گڏ پاڻي پيسن.“

فقير صاحب جي پيشگوئي پوري ٿي هن وقت تلاءَ مان ڪتا ۽ جهنگلي جانور وغيره به پاڻي پيئندا آهن، ۽ مشوري فقير به اتان ئي پيئڻ جو پاڻي ڀريندا آهن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان ڪيل سوين سفرن مان هڪ هيءُ سفر به مونکي هميشه ياد رهندو.  

گل محمد عمراڻي

 

 

 

"A National System of  Education & Education of Teachers         

 ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو اولين علمي ۽ پي ايڇ.ڊي مقالو

          ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تعليم جي شعبي ۾ ماسٽرس جي ڊگري سال 1947ع ۾ نيو يارڪ (آمريڪا) جي جَڳ مشهور ڪولمبيا يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سال 1943ع ۾ M.A. عربي فرسٽ ڊويزن، فرسٽ پوزيشن علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڊاڪٽريٽ لاءِ ٽن سالن تائين ڪم ڪندو رهيو ۽ کين وظيفو ملڻ شروع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق جو موضوع ”السند تحت سَيطرة العرب“(Sindh under the Arab Administration) هو. هن تحقيق ۾ سندن نگران ڊاڪٽر عبدالعزيز الميمني، سَربراهه ۽ اُستاد عربي شعبو هو. مسلم يونيورسٽي، علي ڳڙهه ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سنڌ عرب دور تي پنهنجو مقالو ڪجهه سَببن ڪري ڇڏي ڏنو. سال 1945ع ڌاري سنڌ سرڪار ۽ گورنمينٽ آف انڊيا طرفان هڪ پڌرنامو ڇپيو ته جي آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن، سي اُميدوار پنهنجون درخواستون، حڪومت کي ڏياري موڪلين. ڊاڪٽر انس راڄپر پنهنجي هڪ اڻ ڇپيل مقالي ۾ لکي  ٿو ته:

          ”ڊاڪٽر صاحب ۽ غلام مصطفيٰ نالي سندس هڪ دوست درخواستون ڪراچي ۾ دَٻي واري پوسٽ ۾ وڌيون. سنڌ سرڪار طرفان، ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي روبرو حاضر ٿيڻ جو هڪ خط آيو پر جيڪو ڊاڪٽر صاحب کان شايد گُم ٿي ويو. گورنمينٽ آف انڊيا، فقط سنڌ مان لياقت ۽ قابليت جي بنياد تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي گهُرايو. سڄي هندستان مان 30 عالمن جو انٽرويو 1946ع ۾ ورتو ويو ۽ جنهن کان پوءِ 7 جولاءِ 1946ع تي کين اطلاع پهتو ته توهان کي امريڪا ۾ اعليٰ تعليم لاءِ چونڊيو ويو آهي ۽ اوهان کي آمريڪا جي نيو يارڪ اسٽيٽ جي قديم يونيورسٽي ڪولمبيا ۾ داخلا ملي آهي. آمريڪا ويندي بحري جهاز جنرل گارڊن ۾ روانگي جي تياري ڪريو.“

          اِها آهي مختصر روئداد ان تاريخ ساز سفر جي، جنهن هن تاريخي مقالي کي جنم ڏنو ۽ اهو مقالو، دراصل، پاڪستان ۾ تعليم جي موضوع تي پاڪستان جي ٺهڻ وقت پهريون علمي ڪارنامو ليکيو ويندو آهي، پر افسوس ته اڃا تائين اسان جي علمي ۽ تدريسي حلقن کي اُن تي پَڙهڻ جي توفيق نه ٿي آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي Ph.D جي تحقيقي مقالي:

"A national System of Education and the Education of Teachers".

          (تعليم جو قومي سرشتو ۽ اُستادن جي تعليم) جي ”تعارف“ ۾ لکي ٿو ته:

          ”مون جنهن سال پاڪستان قائم ٿيو، ان سال ئي ڪولمبيا يونيورسٽي جي استادن جي ڪاليج مان، تعليم جي شعبي ۾ M.A جي ڊگري حاصل ڪئي هئي، پر پوءِ سوچيم ته هاڻ پاڪستان جي نئين رياست جو وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، اُتي جي تعليم جي قومي سرشتي بابت نوان خيال، ويچار، رٿون ۽ تجويزون پيش ڪَجن جي اڳتي هلي پراڻي نَو آبادياتي (Colonial) انگريزي ڍانچي ۽ انتظامي جوڙجڪ جي جاءِ والارين. ازان سواءِ نئين تعليمي نظام ۾ خاص طرح اُستادن جي تعليم بابت ڪهڙيون تبديليون اچڻ گهرجن ته جيئن نوازائيده مملڪت خداداد ۾ تعليمي سرشتي کي ڪاميابي سان هلائي سگهجي.“

          اِهوئي ڊاڪٽر بلوچي جي Ph.D جي Thesis جي پر مغز تحقيق جو موضوع خاص هو. ان موضوع تي ڊاڪٽر صاحب لاڳيتا ٻه ورهيه ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ رهي 1948ع کان 1949ع تائين ڪم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر صاحب کي 10 مئي 1949ع تي ”ڊاڪٽر آف ايجوڪيشن“ (Doctor of Education) جي اعليٰ ترين سند عطا ڪئي وئي. ڊاڪٽر بلوچ پاڻ بحيثيت هڪ تعليمي مفڪر جي محسوس ڪندو هو ته نيئن مملڪت پاڪستان ۾ ڪوبه تعليمي نظام اصل ۾ وجود ۾ ئي ڪونه هو ۽ سڀ تعليمي ماهر ان ڳالهه تي متفق هئا ته اُن وقت جو انگريزي استعماري (Imperial) سرڪاري تعليمي ڍانچو ۽ سِرشتو دراصل ڪنهن به طرح ۽ طريقي سان قومي سرشتي جي اوسر جو ٺوس بنياد پيش نه پئي ڪري سگهيو.

          ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مقالي جا پهريان چار باب  باالترتيب اُنهي جاکوڙ ۽ جستجو جي نشاندهي ڪن ٿا ته جيئن قومي تعليمي نظام جي از سر نو جوڙجڪ ۽ تشڪيل ڪهڙن فڪري بنيادن تي مشتمل هئڻ گهرجي. انهن چئن بابن جا عنوان ٻُڌائين ٿا ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مقالي جو بڻ بنياد ڪهڙن اصولن تي رکيو آهي. باب اول جو عنوان آهي ”پاڪستان ۾ تعليمي تبديلي جو عمومي خاڪو، قومي آزادي جو پس منظر“ هن باب ۾ ڊاڪٽر صاحب هندستان جي تاريخ جو هڪ تفصيلي ۽ گهرو جائزو وٺندي، پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ ۽ ان ۾ سنڌ جي ڪردار جو خصوصاً اڀياس ڪيو آهي. محقق جا حواله جاتي ماخذ انگريزي تاريخ نويسَ، نيو يارڪ ٽائمز، اخبار، سر آرڪيبالڊ رولئنڊ (Sir Archibald Roland) اڳوڻو معاشي مشير محمد علي جناح، گورنر جنرل پاڪستان ۽ انيڪ سياسي، سماجي مُحرڪات ۽ واقعات آهن، جن ۾ پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ واري مسلمان اڪثريت وارن صوبن جي اقتصادي، معاشرتي ۽ سياسي تاريخ جو اُپٽار هڪ ماهر سماجياتي سائنسدان  جي عميق نظر سان قلمبند ڪيل آهي. مقصد ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت، پاڪستان جي پنجن ئي صوبن سان ڪهڙا مسئلا درپيش هئا. هاڻ اچو ته هن سڄي علمي مقالي جو هڪ اجمالي جائزو وٺون.

تذڪرو:  باب پهريون جو: باب پهرين جا ذيلي عنوان هن ريت آهن:

(الف) پاڪستان جي جَوڙجَڪ

(ب) پاڪستان جا صوبا

(ث) پاڪستان جي ترقي

(ج) پاڪستان جي ترقي جا امڪانات

(د) پاڪستان جا مسئلا

          باب ٻئين ۾ ڊاڪٽر بلوچ، برصغير ۾ برطانوي استعماري دور کان اڳ جي هندستان جي اسلامي تعليمي نظام جو هڪ عمومي جائزو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ پس منظر، پيش منظر ۽ تعليمي سرشتي جا بنيادي مول متا بيان ڪيا اٿس. هن باب جا ذيلي عنوان هن ريت آهن:

(الف) اسلامي سماج ۾ تعليم جو بُڻ بنياد ۽ ارتقا

(ب) اعليٰ تعليم جو واڌارو ۽ ويجهه

(ث) ادارتي ڍانچو (Institutional Infrastructure) ۽ نصاب تعمير ۽ تشڪيل.

(ج) اسلامي تعليم جي هندستان ۾ آمد

(د) هِند اسلامي تعليمي سرشتي جو ارتقا

(ر) مُغل دَور ۾ هند اسلامي تعليم جو نظام

وري ساڳي باب جي حصي (ب) ۾ ڊاڪٽر صاحب، استادن جي تعليم جي بابت هيٺين موضوعن تي تحقيقي نُڪتا پيش ڪيا آهن.

(الف) تعليم متعلق نظريا ۽ استادن، تدريس ۽ سکيا بابت نيون رٿائون ۽ سوچون.

(ب) تدريسي عمل جا طَريقا ۽ اُستاد سازي جو هُنر.

(ث) هندستان جي مسلمان حڪمرانن جي وقت ۾ تدريس جو وهنوار.

          ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي علمي مقالي جو ٽيون باب وري انگريزي بيٺڪي (colonial) دور تي مُحيط آهي. جنهن ۾ هڪ سير حاصل تجزيو ڪندي به هيٺئين ذيلي عُنوان سان قابل مُحقق (الف) جي ذيلي عنوان تحت هي سُرنامو ڏئي بحث جو آغاز ڪندي لکيو آهي ته:

 ”موجوده تعليمي سرشتي جون اساسي پاليسيون ڪهڙيون آهن. اڳيان هلي (ب) جي ذيلي عنوان جي هيٺ هيءُ سرنامو ڏئي پرائمري تعليم جو اُپٽار ڪيو اٿس. وري (ب) جا ٻه اَٺ (8) جُزا ڪيا اٿس.

1. هيٺ ڏانهن نشيبي لاڙو وٺندڙ نظريه ۾ اعتقاد

A belief in Downward Filtration Theory

2. انگريزي ٻولي جو پرائمري سطح تي تعارف

Introduction of English at Primary Stage

3. مقامي برادرين طرفان برپا ڪيل اسڪولن سان دانسته ٻه اکيائي وارو سلوڪ ۽ خاص طور تي عدم تعاون

Indifferent Attitude toward local community Schools and disregard of co-operation with the local communities

4. ٻهراڙي جي علائقن وارن اسڪولن ڏانهن مڪمل لاغرضي ۽ غفلت

The neglect of rural areas

5. ڄاڻي واڻي مفت ۽ زوري تعليم جي نفاذ ۾ سرڪاري ڍرائي ۽ گوٿناٿ واري روش يعني مستقل، منظم بي عملي واري پاليسي

Delay in the introduction of free and compulsory education: A Policy of persistent inaction

6. ماليات، انتظامي نظم و ضبط ۽ ذَميداري جا مَسئلا، مَڪاني ۽ صوبائي ڪَامورا شاهي جي وچ ۾ ٽڪراءِ

Finance, control and Responsibility: Local versees the state

7. معيار به مقابل مقدار

Quality versus Quantity

ڊاڪٽر نبي بخش صاحب ثانوي تعليم جي باري ۾ 6 عدد ذيلي عنوان ڏنا آهن، جيڪي هيٺئين ريت آهن:

1. ثانوي اسڪولن جي واڌاري جي سبب پرائمري اسڪولن جو نقصان.

2. ثانوي اسڪولن جي واڌاري جو محور شهري علائقا ۽ ان مان ٻهراڙي جي آبادي کي پهتل نقصان جو ڪاٿو.

3. انتظامي اپائن ۾ واڌارو ڪيئن آڻجي ته جيئن ثانوي اسڪولن جي معيار ۾ مثبت تبديلي اچي سگهي.

4. اسڪولي نصاب تي انگريزي ٻولي جي بالادستي.

5. پرائمري ۽ ثانوي درجن ۾ هم آهنگي ۽ ميلاپ جو فقدان.

سرڪاري سرشتي کان ٻاهر نڪتل فائنل امتحانن جي بالادستي (Domination of Final External Examination)

خاص طور تي ميٽرڪ جي امتحانن ۾، ثانوي تعليم جي نصاب جي سخت گيري واري يڪسانيت

مقالي جو باب چوٿون: هڪ جائزو

          هيءُ سڄو باب برطانوي دور ۾ اُستادن جي تعليم بابت تفصيلي معلومات تي مُبني آهن. هن باب جا ذيلي عنوان هن ريت بيان ڪيل آهن:

1. پرائمري ۽ ثانوي استادن جي تربيتي تياريءَ ۾ ويڇا (Disparity)

2. تدريسي بمقابل پيشه ورانه (Academic Vs Professional) استادن جي تياري جي ڀيٽ.

3. اُستادن جي تعليم جي توسيع ۽ تربيت جو معيار.

4. استادن جي تربيت جي معيار ۽ ڪلاس روم جي اندر تدريس ۾ بهتري آڻڻ ۾ حائل رڪاوٽون.

5. ڪجهه بهترين ۽ ڪار آمد سفارشون جيڪي اُستادن جي تعليم کي بهتر بنائڻ لاءِ پيش ڪيون ويون هيون، انهن تي عمل نه ڪرڻ جا اسباب.

6. تعليم واري مرڪزي صلاحڪار بورڊ (Central Advisory Board) جون تازيون سفارشون خاص طرح سان اُستادن جي فني ۽ عملي تربيت، آئنده تربيتي پروگرام ۽ نوڪري جي سهولتن کي بهتر بنائڻ بابت تجويزون.

ڪجهه ذڪر باب پنجين جو: هن باب ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۾ نئين قومي تعليمي سرشتي متعلق ڪي اهم ويچار ونڊيا آهن، جن جا خدوخال هن ريت بيان ڪري ٿو.

1. قومي تعليم جي اهميت.

2. موجوده تعليمي نظام کي بدلائڻ جي ضرورت ۽ نئين تعليمي سرشتي جي تعمير نو جي اهميت.

3. تعليمي معيار ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪهڙن ذريعن جي ضرورت پوندي.

4. قومي تعليمي ادارن جا بنيادي ٿنڀ.

5. قومي تعليم جا مقصد ۽ مول متا.

6. ذهني تعليمي سوچ کي بدلائڻ جو طريقه ڪار ڪي خاص مسئلا ۽ تجويزون

هاڻ مختصراً باب ڇهين جو احوال ڏجي ٿو: جيڪو هن ريت آهي. هن باب ۾ محقق پاڪستان ۾ اُستادن جي تعليم جي تعميرِ نو بابت ڪجهه تجويزون پيش ڪيون آهن، جن جو اُپٽار ڪجي ٿو:

1. استادن جي تعليم جي اهميت

2. مڪاني اسڪولن جي ضرورتن سان واڳيل استادن جي تربيت جا مسئلا:

Education of Teachers directly related to the needs of the local School System

3. انگلئنڊ ۽ ويلس (Wales) جي اسڪولن لاءِ گهربل اُستادن متعلق هڪ نقطهء نظر.

4. آمريڪا ۾ اُستادن جي تعليم متعلق ڪجهه اهم ويچار ۽ نظريا.

5. پاڪستان ۾ اُستاد جي تعليم جي اهميت ۽ افاديت

6. اُستادن جي نوڪري دوران ٻيهر تربيت.

In Service Education of Teachers

باب ستين متعلق ڪجهه بيان: هي باب ايندڙ اهم ۽ ترت بنيادي اقدامن بابت تفصيلي سوچ ويچار تي محيط آهي. جنهن جا ذيلي موضوع هن ريت آهن:

1. تعليم کاتي جي نئين سر جوڙجَڪ

2. مُنتظمن جي پيشه ورانه تياري professional) (preparation

3. اسڪولي نصابن جي درجه بندي

Differentiating the School Curriculum

4. نصابن جي جوڙجَڪ واري عمل ۾ خود مختياري

Freedom in designing curriculum

4. ميٽريڪيوليشن امتحان جي متبادل جي تلاش

Replacing the Matriculation Examination

اَٺون ۽ آخري باب اُستادن جي تعليم متعلق آهي، ان جو مختصر ذڪر هن ريت آهي:

1. اُستادن جي تعليم جي متعلق منظم پروگرام جي تشڪيل.

Having the organized program of Teacher Education

2. پيشه ورانه انعامن جي سلسلي جو جاري ڪرڻ ۽ واڌارو.

Increasing the professional rewards

3. پرائمري استادن جي مان مرتبي کي مٿانهون ڪرڻ ۽ سندن تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻ.

Raising the level of Education and the Status of Primary of Primary Teachers

4. نصاب جي تشڪيل جي خودمختياري

Freedom to design the Curriculum

5. ڌارين امتحاني سلسلن جو خاتمو

Abolition of the External examination

6. تربيت جي دورانيه کي وڌائڻ

Extending the period of training

7. هن منصوبي جي طرفان تيار ڪيل تجويزن جي عمل درآمد ۾ حائل رڪاوٽون

Problems involved in the implementation of proposals offered in this project report

          ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هيءُ محققانه ۽ عالمانه ڪارنامو ان وقت تڪميل تي پهتو جڏهن پاڪستان جي رياست معرض وُجود ۾ اچي چڪي هئي. هيءُ سڄو علمي سلسلو، دراصل پاڪستان جي ٺهڻ کان ٺيڪ ٻه سال پوءِ ڪولمبيا يونيورسٽي، نيو يارڪ طرفان Ph.D جي ڊگريءَ لاءِ مناسب سمجهي، ممتحن طرفان منظور ڪيو ويو هو. هن تحقيقي طويل مقالي جي خاص اهميت، ان حقيقت ۾ مضمر آهي ته هيءُ پهريون دانشورانه بحث و مباحث آهي جيڪو پاڪستان جي تعليمي نظام ٿي گهڻي عرق ريزي کان پوءِ مڪمل ڪيو ويو. هن طويل مقالي جو موضوع خاص آهي ته نئين رياست جو تعليمي سرشتو ڪهڙو هئڻ گهرجي ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪهڙيون رٿائون ۽ منصوبا بنديون ڪرڻ گهرجن.

          انهن سڀني مفڪرانه نُڪتن ۽ مدلل تجزين کي هڪ نظرياتي ڍانچي (Framework) ۾ هڪ مربوط ۽ منطقي مفروضن ۽ وضاحتن سان پيش ڪري، لائق ريسرچ ڪندڙ ڄڻ مستقبل جي تعليمي سرشتي جي پيش بندي جو هڪ تفصيلي خاڪو (Outline) بااختيار پاليسي ساز ادارن آڏو رکيو آهي. افسوس جي ڳالهه وري اها آهي ته اهڙي عميق علمي ڪاوش جو قدر نه ان وقت جي سنڌ سرڪار يا حڪومت پاڪستان جي ڪار پردازن ڪيو ۽ اهو قيمتي علمي مسودو، فقط هڪ خطي نسخي (Manuscript) جي شڪل ۾ ئي مرحوم ڊاڪٽر بلوچ جي ذاتي ڪتب خانه ۾ رهيو. اڃا به وڌيڪ اچرج جهڙي ڳالهه اها آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي بااختيارن ۽ وائيس چانسلرن ڪڏهن به هن مسودي کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي. وري به جس هجي پروفيسر محمد يوسف شيخ (پرنسپال ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو) کي جنهن سال 2003ع ۾ هن اهم علمي پورهئي کي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽڊيز لاڙڪاڻو طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو.

Sindh Institute of Policy Studies

          ڊاڪٽر بلوچ کي هن ڪتاب جي ڇپجڻ جو جو تمام گهڻو اونو رهندو هو ۽ پاڻ هن ڪتاب جي ”تعارف“ ۾ لکي ٿو ته:

          ”جيتوڻيڪ هيءُ ڪم اڃا تائين غير مطبوعه (اڻ ڇپيل) رهيو آهي، پر مان ان کي پنهنجي طرفان مختلف عالمن سان زير بحث آڻيندو رهيو آهيان ۽ ويچار ونڊيندو رهيو آهيان ۽ ڪيترن تحقيق ڪندڙن جي وقت به وقت رهنمائي ڪئي اٿم. ڊاڪٽر صاحب سنڌ انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽڊيز لاڙڪاڻي جو ٿورائتو آهي ۽ آخر ۾ وري پنهنجي امريڪي اُستادن جو به مشڪور آهي، جتي هُو 1946ع کان 1948ع تائين زير تعليم رهيو ۽ اڳيان هي دَقيق ۽ ڳُوڙهو علمي تحقيقي رٿا تڪميل تائين پهچايائين. ڊاڪٽر صاحب جي هن ڪتاب جو پهريون باب هندستان جي آزادي واري تحريڪ جي پس منظر بيان ڪري ٿو جيڪو ڪتاب جي بنيادي ڏاڪي جي طور ڪم آندو ويو آهي. لائق محقق جي مطابق، هندستان جي پوري تاريخ جيڪا سورهين صدي عيسوي کان پهريائين ڪڏهين به هڪ سياسي اقتدار اعليٰ (Sovereignty) ماتحت نه رهي هئي، سا مختلف دورن ۾ جاگرافيائي ايڪي (Geographical Unity) جي باوجود سياسي طور تي يورپ کنڊ جي تاريخ وانگر مختلف بادشاهتن، شهنشاهتن، نسلن، سڀيتائن ۽ ٻولين جو آماجگاهه رهي آهي. قديم شهنشاهه چندر گپت موريا (312-296 B.C.) جين ڌرم جو پوئلڳ هو. اشوڪ وري ٻُڌ مذهب جي پرچار ڪندو رهيو (268-226B.C.). وڪرم دُت (380-413B.C) برهمڻ شاهي جي بالادستي لاءِ ڪوشان رهيو. هرشا وري سنه 648 A.D. ۾ ٻُڌمت جي مُرلي وڄائي. انهن سڀني ناليوارن حاڪمن جو طاقتور مغربي ۽ ڏکڻ هندستان جي بادشاهن ۽ راجائن ۽ اتر اولهه (North Western) جي منگول تاجڪ ۽ افغان فاتحين سان تنازع البقاء (Survival of the fittest) وارو سلسلو جاري رهيو. سڀ کان آخري متحد ڪندڙ طاقت ۽ قوت جنهن هندستان جي مُتنوع سماجي، ثقافتي ۽ نسلي وايو منڊل کي هڪ رکيو اهو فقط ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ مذهبن جو مستقل اثر. هندستان جي تاريخ جي مختلف دَورن (Epochs) ۾ هندو مت، ٻُڌ مت ۽ اسلام جو عوام ۾ ميلاپ آڻيندڙ ڪرشماتي اثر هندستان کي متحد رکندو آيو آهي. جڏهن انگريزن 1857ع عيسويءَ کان هندستان کي پنهنجي رياڪارنه، مڪارين سان عوام کي ويڙهايو (Divided and Rule) ۽ حڪومت ڪيو جي نيتي (Policy) تحت بالادستي حاصل ڪئي. تڏهن 19 صدي عيسوي جي آخر تائين به مسلمانن جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي حيثيت، انگريزن جي نظر ۾ ناقابل برداشت رهي ۽ هنن اڳيان هلي هندو قوم پرستي کي هَٿي ڏياري. هندو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ نيٺ گهرو جنگ (Civil War) جو خطرو انگريزن جي مُسلسل ڪانگريس نوازي جي ڪري تقريباً ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو سبب بڻي، ۽ آخرڪار Divide and quit (ورهايو ۽ ٽپڙ ٻڌو) جي پاليسي ڪري پاڪستان کي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ڏئي هندستان کان الڳ ڪيو ويو. زير بحث ڪتاب جي فاضِل مُصنف نئين مسلمان رياست جي قومي تعليمي سرشتي بابت اڳيئي پيش بَندي ڪري ڇڏي هئي، جَنهن جو خَاڪو هيءُ عالمانه مقالي جي صورت ۾ پيش ڪيل آهي، جنهن جي اجمالي تفصيل پاڻ اڳواٽ ئي بيان ڪري چُڪا آهيون.

          نئين رياست ۾ اُستادن جي تعليم جو سرشتو ڪهڙو هوندو. انهي تي ڊاڪٽر بلوچ مفصل روشني وڌي آهي، جنهن جا بنيادي خدوخال هن ريت آهن:

          سنه 1868ع ۾ هڪ انگريزي دانشور لارڊ لارينس (Lord Lawrence) چيو هو ته برطانوي سرڪار کي هندستان جي حُڪمراني ڪرڻ وقت سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ جوکم اُتي جي عوام جي ناخواندگي (Illiteracy) آهي. اِهي ڀوائتا لفظ نه فقط برطانوي حڪومت جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيا پر نوازائيده مملڪت خداد پاڪستان جي سَرواڻن لاءِ به ڄڻ هڪ مايوس ڪندڙ صورتحال هُئي. پاڪستان جي باني، پاڪستان جي پهرين تعليمي ڪانفرنس (پاڪستان ايجوڪيشن ڪانفرنس، نومبر 1947ع) ۾ واشگاف لفظن ۾ هيئن چيو هو ته:

"There is no doubt that the future of our state will and must greatly depend upon the type of education we give our children and the way in which we bring them up as future citizens of Pakistan."

(ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار اُن حقيقت تي آهي ته، اسين پنهنجن ٻارن کي ڪهڙي قسم جي تعليم ڏيون ٿا ۽ ڪهڙي طرح سان انهن کي پاڪستان جا ذميدار شهري بنجڻ جي تربيت ڪريون ٿا).

          ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مطابق تعليم ۽ روشن ضمير عام راءِ (Enlightened Public Opinion) ڪنهن به ڌارئي حملي جي سَد باب ڪرڻ جا بنيادي عَنصر ٿي سگهن ٿا. قومي تعليم ۽ صحيح تربيت دراصل قومي بچاءَ ۽ قومي سلامتي جا صحيح ضامن ٿي سگهن ٿا. جيئن ته موجوده تعليمي نظام بديسي يا انگريزي سماج جي واڳ ڌڻين طرفان هندستان جي مظلوم عوام مٿان مُسلط ڪيو ويو آهي، ان ڪري هن پوري جوڙجڪ کي نئين سر اڏڻ جون هيٺيون تجويزون پَيش ڪري ٿو:

          1. انساني ۽ اخلاقي بُنياد (Human and Ethical Foundation): جيئن ته اسلام جو بنيادي متو دين آهي، ان ڪري اسان جا قدر (Value) ۽ ايمان (Faith) اسان کي زندگي گهارڻ جا سونهري نُسخا ٻڌائين ٿا. پنهنجي اخلاقي ۽ شعوري حيثيت سان اسلام انساني قدرن (Human Values) جو حامل نظريه حيات آهي ۽ سندس سماجي ۽ معاشرتي (Sociological) سوچ (Perspective) ۽ فڪر (Viewpoint) هڪ عالمي معاشري يعني اُمتي ۽  بين الاقوامي برادري (Universal Brotherhood) ۽ اخوت جي پرچار ڪري ٿو. اسلام جا سياسي مضمرات (Political Implications) بنيادي طور تي انساني برادري، جمهوري روايتن ۽ هر انسان کي برابر سهولتن ۽ روزگار جي مساوات جي نَويد ڏئي ٿو. هڪ صحيح اسلامي معاشري ۾ مذهبي، اخلاقي ۽ لاديني (secular) قدرن ۾ ڪو فرق رکڻ دراصل اسلامي تعليم جي نفي آهي. جيڪي به لاديني عمل يا ڪم ٿين ٿا، اُهو دراصل ايمان ۽ تقويٰ جي مول مَتنَ جي شعوري ڪاوشن جا مَرهون مِنت آهن ۽ اِهي انساني ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ جا اٽوٽ جُز آهن.

2. هڪ صحيح ۽ صالح معاشري جي تعليمي نظام ۾ انساني قدر و قيمت کي اولين حيثيت حاصل آهي ۽ اِها ئي ماڻهو کي خود شَناسي ۽ خود يا وري جي دڳ تي پُهچائي ٿي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي مقالي ۾ بار بار پاڪستان ۾ تعليمدانن لاءِ هيٺيان هَدف مقرر ڪري ڏئي ٿو، جن کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هڪ مُڪمل قومي تَعليمي پاليسي تشڪيل ۾ اَچي سگهي ٿي. اِهي اهداف هيٺئين ريت آهن:

          خَود شناسي ۽ خُودياوري، انساني رشتن جو قدر و قيمت، سماجي انصاف ۽ شهري ذميواري. ڊاڪٽر بلوچ صاحب تعليم جي بنيادي ڪاجن ۾ سَماجي، نَظرياتي، رُوحاني ۽ پيشه ورانه صلاحيتن جي حُصول کي مُقدم ڄَاڻايو آهي. پاڻ قائد اعظم جي پيغام کي به ورجايو اٿن ته سائنسي ۽ هُنري سِکيا ڏيڻ سان اسين پنهنجن نوجوانن جي بهتر مستقبل جي تعمير ڪري سگهون ٿا. ان لاءِ اسان کي سائنس، تجارت، واپار ۽ هنري پيشن تي وڌيڪ توجهه ڏيڻو پوندو. ڊاڪٽر صاحب جي راءِ موجب هڪ بهتر پاڪستان جي خوشگوار آئيندي جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ لازمي ۽ بنيادي تقاضا ڪردار سازي ۽ ذاتي لياقتن جو حُصول آهي ۽ انهن ذاتي اخلاقي ۽ روحاني مقصدن کي حاصل ڪَرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر بلوچ وٽ هي ناياب اَمرت ڌارا آهي، جنهن جي تشريح ڪرڻ ۽ ان تي صحيح طريقي سان عمل ڪرڻ سان هِڪ بهتر ايماندار، باشعور، باضمير ۽ بااصول شهري ڪما حقه پنهنجو پاڻ تعليم يافته سڏائي سگهي ٿو:

امرت ڌارائي اُصول :

(1) پالڻهار جي هستي ۾ يقينِ ڪامل ۽ پُختو ايمان

(2) اِنسان جي عظمت جو اعتراف ۽ مالڪ جي مخلوق کي هڪ جهڙائي سان ورتاء ڪرڻ، بنا ڪنهن نسلي، جنسي، فقهي ۽ معاشي مَت ڀيد جي.

(3) انساني مساوات جي برتري ۽ بالادستي، رنگ، نسل، عقيدي جي تفرقي کان سواءِ.

(4) سماجي ۽ معاشرتي گوناگونين ۽ بوقلمي شناختن (Various Identities)، ثقافتن، تهذيبن ۽ قبيلن جي شناخت ۽ سُڃاڻپ ۾ ويساهه ۽ انهن جي پذيرائي ڪرڻ. جيئن مغربي تهذيب جي هنري بالادستي (Technical Hegemony) جو فسانو، مشرقي قدامت پرستي مٿان پنهنجو تسلط قائم ڪري نه سگهي.

(5) اِنساني برادري جو احساس ۽ هر ذي شعور کي اِهو محسوس ڪرائڻ ته هو ڏاڍي جي ڏاڍ، ظُلم، جَبر ۽ شر کان محفوظ آهي.

(6) ٻين جي سهائتا ڪرڻ جو فطري احساس رکڻ جيڪو هڪ صحيح طور سان پڙهيل لکيل انسان کي وحشي ۽ اڻ پڙهيل انسان کان بنيادي طرح سان جُدا ڪري ٿو.

(7) دائمي اَمن ۽ اَهنساء جي برتري، جيئن انسان ذات جنگ و جدل واري سماج کان ٻاهر نڪري، عقل ۽ دانش جي سلطنت جو هڪ بااخلاق ۽ باهمت فرد ٿي، انسان ذات جي فلاح و بهبود لاءِ ڪم ڪندو رَهي. سڀ کان آخر ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب اخلاقي قدرن جي اوليت ۽ افاديت جي اُپٽار ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته حتمي معنيٰ ۾ پڙهيل لکيل انسان اُهو ئي ليکڻ ۾ ايندو جيڪو اخلاقي قدرن ۽ ماڻهپي ۾ ويساهه رکندو ۽ امن ۽ آشتي جي واٽ جو پانڌيئڙو ٿيندو.

          ڊاڪٽر بلوچ هن مقالي ۾، جيئن ته اڳتي عرض ڪري چُڪا آهيون، ڪُل 7 باب رکيا آهن، جن ۾ باب پهرين کان وٺي باب چوٿين تائين قومي تعليم جي ازسر نو (Reconstruction) بابت نظرياتي (Theoretical) بحث ڪيل آهي. باب پنجين ۾ وري تعليم حاصل ڪرڻ جي عمل ۾ ڪهڙيون مثبت تبديليون آڻڻ گهرجن، ان تي تفصيلي گفتگو ڪيل آهي. باب ڇهين ۾ اُستادن جي سکيا (Teaching) متعلق نهايت ماهرانه انداز ۾ هڪ عمومي نقشو (General Outline) چٽيل آهي، جيڪو هڪ نوزائيده آزاد ملڪ ۾ ڪار آمد ثابت ٿيڻ گهرجي. سڀ کان وڌيڪ، بنيادي نُڪتو، جنهن تي فاضل تحقيق ڪندڙ زور ڏئي ٿو ته اِهي ڪهڙيون لازمي ۽ اٽل گهرجون آهن جيڪي اُن نئين سماج ۾ اُستادن جي سکيا لاءِ شامل ڪرڻ گهُرجن. باب پنجين ۾ پاڪستان جي پهرين تعليمي ڪانفرنس جي ان تاريخي ٺَهراءَ جو ذڪر ڪيل آهي، جنهن ڄاڻايل آهي ته هي خاصيتون هڪ پڙهيل ۽ خوانده انسان ۾ پيدا ڪرڻ، تعليم جو بنيادي مقصَد آهن:

i. Spiritual and moral Integrity

روحاني ۽ اخلاقي ايمانداري

ii. Individual Competency

انفرادي قابليت

iii. Economic Efficiency

معاشي قابليت ۽ هوشياري

iv. Social Competency (Including Cultural Advancement)

سماجي هوشناڪي بشمول ثقافتي ترقي جي لاءِ وڌڻ جي جستجو

v. Civic Responsibility (including preservation of national Freedom and promotion of International Co-operation)

شهري ذميواري (بشمول قومي آزادي جو بچاءَ ڪرڻ ۽ بين الاقوامي سهائتا جو فروغ.)

          باب ٻئي ۾ اسلامي تعليم جا ٻيا اَنيڪ رنگ روپ چٽيل آهن. انهي ساڳئي باب ۾ اسلامي معاشري جي تاريخي پس منظر جو به تفصيل سان ذڪر ڪيل آهي، جڏهن مدرسن ۾ هڪ منظم نظام بَرپا هو. سَرندي وارن طبقن جي مدد ۽ سَهڪار ۽ نگراني، امتحاني سرشتو، نَصاب جي تَشڪيل، ذهني ۽ فڪري خودمختياري ۽ مدرسن ۽ معاشري جا پاڻ ۾ اَٽوٽ لاڳاپا بيان ڪَيل آهن. ڊَاڪٽر بلوچ صاحب جي فڪر ۽ سوچ مطابق نَئين نظرياتي مملڪت پاڪستان ۾ حاڪمن کي ماضي جي اُنهن شاندار روايتن تي عمل ڪندي نئون نظام مرتب ڪرڻ گهرجي.

          ٽئين باب ۾ فاضل تحقيق نگار هڪ مربوط خاڪو ڏئي ٿو ته جيڪو تفصيلاً تجزياتي جائزو وٺي موجوده تعليمي نظام جي تشريح ڪري، متروڪ ۽ غير مؤثر پاليسين ۽ عَملن جي نشاندهي ڪري ٿو ته اُن مُدي خارج ۽ اُڏوهي کَاڌل تعليمي سَرشتي ۾ ڪَهڙيون، مثبت لاڀائتن ۽ جاندار روايتن کي هٿي وَٺائي سگهجي. باب ٽئين ۽ چوٿين ۾ محقق جي سڄي توجهه اُنهن بنيادي مسئلن ۽ پاليسين ۽ طريقه ڪارن (Methodology) تي آهي، جن ڪارڻ تعليمي ترقين ۾ خاطرخواهه واڌارو نه ٿي سگهيو ۽ اسان جو معاشرو يورپ جي مقابلي ۾ پُٺ تي پئجي ويو. فاضل مصنف وري به تبديلي جي لاءِ صدا بُلند ڪري ٿو ۽ اِها تبديلي ان تعليمي ۽ معاشي نظام جي لاءِ تمام اڻ ٽر ۽ اٽل آهي جيڪو هڪ آزاد ملڪ ۾ ترقي لاءِ خواب ڏسي ٿو ۽ انهن خوابن جي ساڀيان جو زرين اَمرت ڌارا ۽ نُسخه ڪيميا، ڊاڪٽر بلوچ جي هن علمي مقالي جي بَغور مطالعي ڪرڻ کان پوءِ هڪ باشَعور ۽ سُڄاڻ قاري کي اَوس مِلندو. باب پنجين ۾ ڊاڪٽر موصوف تعليمي نظام جي از سر نو تشڪيل جو هڪ تفصيلي پروگرام پيش ڪيو آهي. پاڻ بيان ڪن ٿا ته، تعليمي تبديلي جا مُنبع ۽ مُحرڪات ڪهڙا اهن ۽ قومي تَعليم جا مَول مَتا ۽ مقصد بيان ڪندي هو مستقبل جي پيش بندي ڪري ٿو. اِهي سڀ تجويزون هڪ ذهين ۽ فطين تعليمدان جي قلم مان نِڪرن ٿيون جيڪو هڪ بديسي يونيورسٽي جو طالب علم آهي، هو اُتي پنهنجي نئين آزاد ٿيل ملڪ جي پرائمري، ثانوي تعليم، اُستادن جي سکيا، مادري ٻولي جي فروغ لاءِ مڪاني حُڪومتن جي ذميواري سان گڏوگڏ صوبائي ۽ وفاقي سرڪار جي ڪردار بابت پُرمَغز بحث ڪري ٿو. ساڳئي مقالي جي باب ڇهين ۾ ڊاڪٽر صاحب اُستادن جي سکيا بابت متفڪر آهي ڇاڪاڻ ته هن کي خبر آهي ته آمريڪي نظامِ تعليم ۾ ڪَهڙي طرح سان استادن جي تَربيت تي بنيادي توجهه ڏنو ويندو آهي.

          ڊاڪٽر بلوچ جي هن مقالي جا نگران هيءُ لائق ۽ فائق اُستاد هئا. جن تفصيل هن ريت صُفحه اول تي ڏنل آهي. (انگريزي اصل جو نقل پيش ڪجي ٿو).

"Proposal for the Education of Teachers in Pakistan for the new National System of Education.

هيٺ درج ٿيل آهي:

A Report of a type B Project

By

Nabi Bakhsh Khan Baloch

This Project is recommended for approval by the Student's Project Committee whose individual certificates of approval are on file in the Advanced School.

مُمتحن اُستادن ۽ تحقيقي نگرانن جا نالا هن ريت ڏنل آهن:

Clarence Linton, Members of Committee

ڪلارنس لنٽن

Florence B Stratemeyer, Member of Committee

فلارنس بي اسٽيٽائر

Karl W Bigelow, Major Advisor

ڪارل ڊبليو بِگلو

Approved by the Committee on the Degree of Education Date May 4, 1949.

هن ڪميٽي 4 مئي 1949ع تي منظور ڪيو.

Submitted in partial fulfillment of the requirements for the Degree of Doctor of Education in the Advanced School of Education, Teachers College, Columbia University 1949.

(نوٽ) مٿين عبارت جو ترجمو هن ريت آهي:

هيءُ مقالو تعليم جي ڊگري ڏيڻ واري ڪميٽي جي منظوري بعد 4 مئي، 1949ع تي پي ايڇ. ڊي جي ڊگري لاءِ ڊاڪٽر آف ايجوڪيشن جي عنوان سان تعليم جي اعليٰ اسڪول، اُستادن جي ڪاليج، ڪولمبيا يونيورسٽي لاءِ ڪامياب قرار ڏنو ويو.

          فاضل محقق برطانوي هند جي وقت جي ڇپيل انيڪ رپورٽن مان گهڻو استفادو حاصل خاص طور تي لائق مصنفن ۽ محققن نرولا Narullah ۽ نائڪ Naik جي اهم ڪتاب History of Education in India during the British Perrihd (برطانوي دور ۾ هندستان ۾ تعليم جي تاريخ)

ٻيا خاص حوالا جيڪا هن مقالي جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪن ٿا، انهن جو ذڪر ڪرڻ هت مناسب سمجهان ٿو، اهي اهم تاريخي ماخذ آهن:

1. Pithawala Maneck B: An Introduction to Pakistan Its Resources and Potentialities, The Pakistan Herald, 1948.

2. Colonel Sir Thomas Holdich: Gates of India, MacMillan & Co London 1910.

3. Economic Progress of Pakistan: The Publications and Foreign Publicity Department. The Government of Pakistan, Karachi, 1948.

4. The New Yark Times, Sunday December 6, 1948, New York.

5. Observation of Sir Archibald Rowlands, former Financial Advisor to Mr. M.A. Jinnah, the late Governor General of Pakistan, quoted from the his recommendations in "View of Pakistan", Pakistan Information Service, Vol.2, No.18, Government of Pakistan, Karachi.

6. Pakistan, issued by the Embassy of Pakistan, Washington D.C. 1948.

7. Proceedings of the Pakistan Educational Conference Government of Pakistan, Ministry of the Interior (Education Division), Karachi, 1948.

8. Hitti, Philli K: History of the Arabs, Mac Millan and Co. London, 1937.

9. Draper, John William: History of the Intellectual Development of Europe, Rev. Ed. Harper and Bros. New York and London, 1899. Vol. II.

10. Randall, J.H. Ir. The Making of the Modern Mind, Houghton Mifflin Co. New York 1940.

11. Jaffar, S.M.: Education in Muslim India: Being an Inquiry into the State of Education during the Muslim Period of Indian History (1000-1800A.D.), Published by S. Muhammad Sadiq Khan, Kisa Khani, Peshawar City, 1936.

12. Law, N.N.: Promotion of learning in India during Mohammadan Rule (by Mohammedans), London, 1916.

13. Bernier, Travels in Mogul Empire: Constable Co. Ltd. London.

14. Ibn-e-Batuta: Travels in Asia and Africa: Translated by H.A. Gibb. George Rutledge & sons London, 1929.

          ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب هن ڳالهه جو قائل آهي ته پاڪستان جو هر صوبو پنهنجي مخصوص حالتن مطابق پنهنجي تعليمي نظام ۾ از سر نو ڦير ڦار ڪري مادري ٻولين جي اهميت کي اردو سان متصادم نه ڪندي اڳتي وک و ڌائي سگهي ٿو. هن صاحب جي نظر ۾ هندستان جي هر صوبي جون پنهنجون مخصوص حالتون هن اَمر جون متقاضي آهن ته پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ مرڪز پرست (Centrist) نظام جي مسلط ڪرڻ بجاءِ صوبائي خودمختياري جي ۽ مادري ٻولي بالادستي ڪنهن به طرح سان اردو ۽ انگريزي جي سياسي تسلط هيٺ اچڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته هر علائقي جا پنهنجا تاريخي ۽ سماجي پس منظر آهن، جنهن انگريزي سرڪار کي مجبور ڪيو ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ۽ سماج جي انفراديت جو تحفظ ڪيو وڃي. اُستادن جي تعليمي پروگرام جي بَابت فاضل محقق کي اهو مستقل اونو آهي ته سنڌ جي مخصوص حالتن موجب انهن جي تربيت ٿيڻ گهرجي ۽ پاڻ (بلوچ صاحب) ستين باب ۾ انهن رڪاوٽن جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪي سونهاري سنڌ ۾ خاص طور تي حائل رهيون آهن ۽ جن جي ڪارڻ سنڌ پنهنجي ماضي جي شاندار روايتن جي ابتڙ نئين آزاد مُلڪ ۾ هڪ تعليمي وڳوڙ جو بَک ٿي رهي آهي. مصنف جو هيءُ تحقيقي ڪارنامو افسوس ته وقت جي دست برد سبب الائي ڪهڙين مصلحتن جي ڪري، نه مادر علمي سنڌ يونيورسٽي، يا ان جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يا سنڌي ادبي بورڊ اهڙي اهم تحقيقي ڪم کي عام پڙهندڙن ۽ محققن جي نظرن اوجهل رکيو، جنهن جي سڀ کان وڏي ذميواري خود سنڌ يونيورسٽي لاڳيتن لائق ۽ فاضل وائيس چانسلرن تي عائد ٿئي ٿي. وري به جس آهي هڪ خانگي تحقيقي اداري کي، خاص طور تي سندس مهتمم پروفيسر محمد يوسف شيخ چيئرمن "Sindh Institute of Policy Studies" لاڙڪاڻو، جنهن هي شاندار علمي ۽ تحقيقي مقالو 60 سالن کان پوءِ ڇپرائي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي دانشورانه عظمت کي عوام الناس ۽ عالمن آڏو مڃتا لاءِ پيش ڪيو. ڇا ايئن آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس يا هارورڊ يونيورسٽي پريس يا ڪئمبرج وارا پنهنجي اڳوڻن وائيس چانسلرن جا ڪتاب عوام کان پوشيده ڪري رکندا آهن. پري ڇو وڃو، پنجاب يونيورسٽي وارن، اداره ثقافت اسلاميه، اقبال اڪيڊمي، اڪادمي ادبيات پاڪستان، انجمن ترقي اردو، مقتدره قومي زبان اقباليات ۽ لسانيات ۽ تعليم تي پنهنجن محسنن جا ڪيترائي تحقيقي مقالا ڇپايا آهن. پاڻ وٽ ته ڊراما ۽ افسانه به سنڌالاجي وارن ڇپائي، سنڌ شناسي کي نئون روپ ۽ رنگ ڏنو آهي. ريسرچ ۽ فڪشن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، جنهن تي لکين رپيا بجيٽ خرچ ڪئي وئي آهي. آهي ڪو خود احتساب ڪرڻ وارو فرد يا ادارو؟ هن ڪتاب جي لاءِ اهو ئي عرض ڪبو ته محترم حبيب الله صديقي، پنهنجي اُستاد محترم جي هي تاريخي وٿ جلد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، تعليمدانن ۽ طالب علمن جي پياس اُجهائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com