سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2012ع (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو خاص نمبر)

مضمون

صفحو10

حميده بلوچ

 

منهنجي پياري بابا سائينءَ جون يادگيريون

 

اڄ بابا سائينءَ تي لکڻ لاءِ قلم کنيو اٿم ته هٿ ٿا ڏڪن ۽ سمجهه ۾ نٿو اچي ته بابا سائينءَ جهڙي عظيم انسان لاءِ آءٌ ڪهڙا لفظ لکان ۽ ڪهڙيون ڳالهيون لکي ڪهڙيون لکان. بابا سائين نه رڳو عظيم انسان هئا پر سنڌ جا سينگار به هئا، سنڌ نه پوري پاڪستان توڙي دنيا جا عالم ماڻهو کين ياد ڪندا رهندا. پاڻ محفلن جا مور هئا. جيڪو هڪ ڀيرو بابا سائينءَ سان ملندو هو ته اهو کين وري نه وساريندو هو.

بابا سائينءَ جي علمي ۽ ادبي خدمتن بابت سندن مهربانن گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي. مون ۾ اها صلاحيت ڪانهي جو آءٌ وڌيڪ لکي سگهان پر جيئن ته آءٌ بابا سائينءَ سان گڏ رهي آهيان. انهيءَ ڪري سندن ڪجهه ڳالهيون يادگيريءَ طور لکي رهي آهيان.

بابا سائين نه رڳو اسان جي خاندان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن مان پهريون شخص هو جنهن اعليٰ تعليم پرائي وڏيون ڊگريون حاصل ڪيون پر کين تعليم جو گهڻو قدر هو. جڏهن آمريڪا مان پي ايڇ. ڊي ڪري آيا ته پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ تي تمام گهڻو توجهه ڏنائون. انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ فقط بوائز پرائمري اسڪول هوندو هو جنهن ۾ پرائمري تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ جون نياڻيون گهر ويهي رهنديون هيون. انهن کي وڌيڪ پڙهڻ جي ڪابه سهولت ڪانه هئي، پر منهنجي بابا سائين چيو ته آءٌ پنهنجي نياڻي کي پڙهائيندس. آءٌ ستن اٺن سالن جي عمر جي هيس جو مون کي ڳوٺان حيدرآباد وٺي آيا ۽ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ڪرايائون. ان وقت گهر ۾ صرف بابا ۽ وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد شريف صاحب رهندا هئا. منهنجي امان ڳوٺ رهندي هئي ۽ آءٌ اڪيلي بابا سائينءَ سان گڏ رهندي هيس. اهڙي طرح بابا سائين تمام گهڻين مصروفيتن هوندي به مون کي تمام گهڻو وقت ڏيندا هئا. مون جڏهن ميٽرڪ پاس ڪئي ته بابا سائين تمام گهڻو خوش ٿيا هئا. ان وقت اسان جي تعلقي ۾ آءٌ پهرين ڇوڪري هيس جو ميٽرڪ پاس ڪئي هيم ۽ ميٽرڪ کان اڳ مڊل اسٽينڊرڊ اسڪالرشپ جو امتحان به پاس ڪيم. ان کان پوءِ بي. اي، بي. ايڊ ۽ ايم. اي ڪيم. مون جيڪا به تعليم حاصل ڪئي، اها بابا سائينءَ جي همت افزائيءَ سان ڪيم. اهو سمورو وقت بابا سائينءَ سان حيدرآباد ۾ گڏ رهڻ ڪري، بابا سائينءَ کان تمام سٺيون سٺيون ڳالهيون سکيس.

انهن ڏينهن ۾ منهنجي شادي بابا سائينءَ جي سوٽ (جنهن چاچي سائين بابا سائين کي پڙهايو هو، ان جي پٽ) سان ٿي. شاديءَ کان پوءِ به آءٌ بابا سائينءَ سان گڏ رهيس جو اسان جو هڪڙو ئي گهر هو، مطلب ته بابا سائينءَ کان جدا ڪونه ٿيس.

بابا سائين جڏهن 1976ع ۾ اسلام آباد وڃي پنهنجا سرڪاري ڪم سنڀاليا ۽ 1990ع ۾ واپس حيدرآباد آيا، اهي وچ وارا پندرنهن کن سال آءٌ بابا سائينءَ کان الڳ ٿيس. تنهن هوندي به هر سال وئڪيشن ۾ بابا سائينءَ وٽ ويندا هئاسين ۽ ٻه ٻه مهينا اتي رهڻ ٿيندو هو. ان وچ ۾ گهمڻ جا پروگرام به ٿيندا هئا. ڪڏهن سوات ته ڪڏهن فاران، ڪڏهن ڪاغان ته ڪڏهن وري ايبٽ آباد، مظفر آباد ۽ مري. مطلب ته مون کي ۽ منهنجي ٻارن کي بابا سائينءَ سمورا وڻندڙ اتريان علائقا ۽ سڄو پنجاب خوب گهمايو.

جڏهن بابا سائين جن اسلام آباد مان شفٽ ٿي حيدرآباد آيا، تڏهن منهنجا ڀائر پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ آباد هئا. آءٌ اولڊ ڪئمپس يونيورسٽيءَ واري گهر ۾ رهندي هيس. بابا سائين ۽ امان خديجه پنهنجي ئي گهر ۾ اچي ويا. منهنجون ٻه ڀينرون هڪ ڀاءُ، ننڍيءَ امان مان هئا. وڏي ڀيڻ فارين سروسز ۾ هئي، اها ان وقت لاهور ۾ هئي. ننڍي ڀيڻ ان وقت ايم. اي ڪري رهي هئي، اها اُتي اسلام آباد ۾ رهي پئي. ننڍي ڀاءُ کي آمريڪا وڃڻ جو شوق هو سو ان کي بابا سائين وارن حيدرآباد اچڻ کان پوءِ آمريڪا موڪلي ڇڏيو. گهر ۾ هاڻي بابا، امان خديجه ۽ منهنجي فيملي هئي. آءٌ اهو به ٻڌائيندي هلان ته بابا سائين 1965ع ۾ امان خديجه سان شادي ڪئي هئي. امان خديجه تمام گهڻو پيار ڪرڻ واري عورت هئي. هن ۾ تمام گهڻيون خوبيون هيون. هن ڪڏهن به اسان ۾ فرق نه رکيو. خاص ڪري مون کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي. امان خديجه جي پيار ۽ محبت جي ڪري ئي اسان ڀينرن جو به پاڻ ۾ تمام گهڻو پيار ۽ محبت آهي.

جڏهن اسان قاسم آباد ۾ (سنڌي مسلم سوسائٽي) پنهنجو گهر ٺهرايو ته بابا سائين کان اجازت گهريم ته هاڻي اسان کي اجازت ڏيو ته اسين پنهنجي گهر شفٽ ٿيون. بابا سائين ظاهر ۾ ته اجازت ڏني پر مون کي چڱيءَ طرح سان اڄ به ياد آهي ته دل سان اجازت ڪانه ڏني هئائون. ايتري قدر جو صبح جو اسان پنهنجي گهر آياسين ۽ شام جو بابا سائين فون ڪري چيو ته آءٌ اوهان کي ياد پيو ڪريان. توهان اچو ته رات جي ماني گڏجي کائون. مطلب ته هر وقت هر گهڙي بابا سائين جن مون کي ياد ڪندا هئا.

 2003ع ۾ امان خديجه جي وفات کان پوءِ بابا سائين جن گهر ۾ بلڪل اڪيلا ٿي پيا. مهينو کن آءٌ بابا سائينءَ وٽ وڃي رهيس ۽ پوءِ مون بابا سائينءَ وٽ روزانه وڃڻ جو پروگرام ٺاهي ڇڏيو. صبح جو نائين بجين ويندي هيس ۽ اڍائي بجي منجهند جو گهر واپس ايندي هيس. ان وچ ۾ بابا سائينءَ جا جيڪي به ڪم ڪار هوندا هئا اهي پورا ڪري پوءِ واپس ايندي هيس.

بابا کي گهڻو ئي چيم ته هاڻي توهان هلي موٽ رهو پر پاڻ چيائون ته امان اڃا مون ۾ ايتري همت آهي جو آءٌ اڪيلو رهي سگهان ٿو پر جڏهن مون ۾ اڪيلي رهڻ جي همت نه رهي، ته تو وٽ ئي اچي رهندس. باقي اهو فيصلو ٿا ڪريون ته صبح جو تون مون وٽ اچين ٿي ۽ شام جو آءٌ روزانه تو وٽ ايندس. جيئن ته بابا سائينءَ کي صبح شام واڪ ڪرڻ جي عادت هئي، ان ڪري شام جو واڪ ڪري منهنجي ڀائٽي محمد ارشد سان گڏ مون وٽ ايندا هئا ۽ رات جي ماني کان پوءِ يارهين بجي واپس گهر ويندا هئا. مون کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻندي هئي جو بابا سائين منهنجي گهر منهنجي ٻارن، منهنجي گهرواري ۽ منهنجي پٽ ڊاڪٽر فاروق سان ڪچهري ڪري ڏاڍو خوش ٿيندا هئا. پنهنجي ننڍي هوندي جون ڳالهيون اسڪول جي زماني واريون ڳالهيون، پنهنجن استادن ۽ هاءِ اسڪول جي پٽيوالن ۽ چوڪيدارن جا نالا جيڪي بابا سائينءَ کي اڃا تائين ياد هئا ۽ ڏاڍي شوق سان ٻڌائيندا هئا. اسان سڀ مزي سان بابا سائينءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌندا هئاسين.

وقت گذرندو ويو ۽ ٽي سال ائين ئي گذري ويا. 2006ع ۾ مون بابا سائينءَ کي گهڻو چيو ته هاڻي توهان هلي مون وٽ رهو. پاڻ چيائون ته امان آءٌ اڪيلو ڪونه آهيان، منهنجا ڪتاب به آهن، آءٌ تو وٽ هلان ته اهي ڪيئن هلندا. ڪتابن جي اها ذميواري ڊاڪٽر فاروق ۽ ارشد کنئي. اهڙيءَ طرح اها منهنجي خوشنصيبي هئي جو بابا سائين مون وٽ رهڻ لاءِ راضي ٿيا ۽ مون وٽ اچي رهيا. بابا سائين اسان وٽ ڏاڍا خوش رهڻ لڳا. پاڻ چوندا هئا ته يونيورسٽيءَ واري گهر ۾ اڪيلائي ۽ خاموشي مان آءٌ بيزار ٿيندو هوس. هت ڀاتين سان ڀريل تريل گهر ۾ خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ڏينهن ڪيئن گذري ويو.

بابا سائين ٽائيم ٽيبل مطابق ڪم ڪندا هئا. ٻئي ڏينهن جا ڪم ڪار رات جو سمهڻ کان اڳ نوٽ ڪري ڇڏيندا هئا ته سڀاڻي ڪهڙا ڪم ڪرڻا آهن. صبح جو فجر نماز کان پوءِ قرآن پاڪ جو دور ڪندا هئا. ان کان پوءِ واڪ ڪندا هئا. شروع ۾ ٻاهر واڪ لاءِ ويندا هئا پر پوءِ گهر ۾ ئي واڪ ڪندا هئا. ساڍين ستين بجي پنهنجي ڪمري ۾ ايندا هئا ۽ چانهه پيئندا هئا. ناشتو به چانهه سان گڏ ئي ڪري ڇڏيندا هئا. ان کان پوءِ صبح واريون دوائون کائي اٺين بجي فارغ ٿي پنهنجي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندا هئا. گهڻو ڪري يارهين بجي تائين ڪم ڪندا هئا، ان کان پوءِ اخبارون پڙهندا هئا. ان کان پوءِ ارشد ايندو هو ۽ بابا سائين کي آفيس وٺي ويندو هو. صبح جو آفيس نه وڃي سگهندا هئا ته شام جو ويندا هئا. منجهند جي ماني آفيس مان اچي پوءِ کائيندا هئا. کائڻ جا شوقين ڪونه هئا، پر تنهن هوندي به ڪي شيون شوق سان کائيندا هئا. جيئن مڇي ۽ ڀينڊيون سينئل، ماني ۾ ڌونئرو ۽ ڪا مٺي شيءِ ۽ فروٽ کائيندا هئا پر مختصر کائيندا هئا. جيتري ضرورت هوندي هئي. بابا سائين ماڻهن کي ملڻ جو ٽائيم به 11 بجي کان پوءِ جو ڏيندا هئا. منجهند جو 2 بجي ڌاري سمهي پوندا هئا، ۽ چئين بجي اٿارڻ لاءِ چوندا هئا. شام جو ان وقت ۾ گهڻو ڪري پروف پڙهندا هئا. ڪتاب جو پهريون پروف پاڻ پڙهندا هئا. ان کان پوءِ وارا پروف منهنجي ذمي هوندا هئا ۽ آءٌ پڙهندي هيس. 5 بجي کان 6 بجي تائين هڪ ڪلاڪ ماڻهن سان  ملڻ لاءِ رکيل هوندو هو. رات جي ماني به انهي وقت ۾ کائي ڇڏيندا هئا. رات واري ماني ۾ پٽڙي دال سوپ وانگر ڪري استعمال ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن رات جو سوپ به ٺهرائيندا هئا. شام جو ستين بجي منهنجو ڀائٽيو محمد ارشد بابا سائينءَ کي واڪ لاءِ وٺي ويندو هو يا ڪنهن ماڻهو سان ملڻو هوندو ته ان سان ملندا هئا ۽ رات جو نائين بجي گهر واپس ايندا هئا. ان کان پوءِ پنهنجي روز جي ڊائري لکندا هئا ۽ گهروارن سان ڪچهري ۽ ٻارن سان ڳالهيون ڪندا هئا. ٽي. وي به ڏسندا هئا. ٽي. وي جا ٻه پروگرام بابا سائينءَ کي ڏاڍا وڻندا هئا. هڪڙو Wrestling ۽ ٻيو نيشنل جاگرافڪ. اهي ٻئي پروگرام ڏسي 11 بجي سمهي پوندا هئا. اها هئي منهنجي بابا سائينءَ جي روز جي مصروفيت جڏهن کان مون وٽ اچي رهيا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ميٽنگ هوندي هئي ته اها به ضرور اٽينڊ ڪندا هئا.

بابا سائين جون ڳالهيون جيڪي مون کي ياد آهن انهن مان ڪجهه هت لکي رهي آهيان:

بابا سائين جن کي شڪار جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. آءٌ ننڍي هوندي جڏهن بابا سائين وٽ اچي رهي هيس، انهن ڏينهن ۾ بابا سائين هر آچر تي شڪار لاءِ ويندا هئا. ڪڏهن پکين ۾ تتر جو شڪار ته ڪڏهن پاڻيءَ جي پکين جو شڪار ڪري ايندا هئا. پوءِ اهي پکي يونيورسٽيءَ جي ڪالوني ۾ ورهائي ڏيندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ بابا سائين وٽ سڄي سنڌ مان سگهڙ ايندا هئا ۽ انهن سان ڪچهريون ٿينديون هيون. ميوزڪ وارا ايندا هئا ته نڙ، بينون ۽ مولود ٻڌندا هئا ۽ پاڻ ڏاڍو خوش ٿيندا هئا. ڪڏهن وري پاڻ سگهڙن سان وڃي ملندا هئا ۽ انهن وٽ جيڪو علمي خزانو هوندو هو اهو ميڙي نوٽبڪ ۾ لکي کڻي ايندا هئا.

بابا سائينءَ جو جانورن ۽ پکين سان به تمام گهڻو پيار هوندو هو. مون کي ياد آهي ته اسان وٽ ڦاڙهي هوندي هئي جيڪا چار پنج سال اسان وٽ هئي پوءِ بابا راڻي باغ ۾ ڏيئي ڇڏي. سها هئا ۽ ٻليون هونديون هيون. هڪ ڀيري سخت سيءُ ۾ بابا سائين ٻاهران آيا ته هٿن ۾ ڪا شيءِ کڻي آيا ۽ مون کي چيائون ته هي ٻليءَ جو ٻچو آهي، سيءَ ۾ دانهون پئي ڪيائين، آءٌ کڻي آيو آهيان. هن کي کير به ڏيو ۽ ڪنهن گرم ڪپڙي ۾ ويڙهيوس جيئن سيءُ نه لڳي. اها ٻلي وڏي ٿي، تمام سهڻي ٿي، اڇي رنگ جي هئي ۽ پڇ ٿلهو ۽ ڊگهو هوس. ان جو نالو ”لوڪاڙي“ رکيو هو. ان ٻليءَ مان ڪل يارنهن ننگ ٿيا، جن کي بابا سائين هٿ سان کير ۽ کاڌو وغيره ڏيندا هئا.

پالتو پکي ماڻهو سان هري ويندا آهن، پر ڪانءُ هڪ اهڙو پکي آهي جيڪو ماڻهوءَ جي ويجهو ئي نه ويندو آهي. پر هت آءٌ اوهان کي ٻڌائينديس ته تعجب لڳندو ته ڪانءُ جي بابا سائينءَ سان دوستي ٿي وئي. صبح جو چانهه بابا سائين گهڻو ڪري ٻاهر لان ۾ پيئندا هئا. هڪ ڪانءُ اسان جي ڀت تي ويهي لهي اچي گاڏيءَ جي مٿان ويهڻ لڳو. بابا سائين هن سان ڳالهيون ڪندا رهندا هئا ۽ کائڻ لاءِ بسڪيٽ به ڏيندا هئا. هڪڙي ڏينهن اهو ڪانءُ لهي اچي بابا سائين جي ٽيبل تي ويٺو ۽ بابا بسڪيٽ ڏنو، اهو کاڌائين. ان کان پوءِ روزانه اهو ڪانءُ ايندو هو ۽ بابا سائين هن سان ڳالهيون ڪندا هئا. ايتري قدر جو هڪ ڏينهن بابا سائينءَ جي ڪلهي تي اچي ويهي رهيو. هن ڪانءَ جي دوستي بابا سائين سان سندس آخري ڏينهن ۾ ٿي. بابا سائين کان پوءِ وري اهو ڪانءُ اسان ڪونه ڏٺو.

بابا سائينءَ کي قدرتي نظارا ڏاڍا وڻندا هئا. جڏهن اسلام آباد ۾ هوندا هئا ته اسان کي سڄي ڏينهن لاءِ ٻاهر پڪنڪ لاءِ وٺي ويندا هئا. ڪم وارو ماڻهو به گڏ هوندو هو. اتي ماني ٺهندي هئي. بابا سائين جون مٺيون ڳالهيون مزي سان ٻڌندا هئاسين. پاڻ گهڻو ڪري جبل ۽ اتي جي ساوڪ کي ڏسي تمام گهڻو Enjoy ڪندا هئا. آسمان تي ڪڪرن جو اچڻ وڃڻ ڏسي اسان کي ٻڌائيندا هئا ته هي ڪڪر مينهن وسائيندا ۽ هي ڪونه وسائيندا. هت حيدرآباد ۾ به چوندا هئا ته اهڙي هنڌ سڄي ڏينهن لاءِ هلون، جتي پاڻي هجي، وڻن جي ڇانوَ هجي، آسمان نظر اچي، پکي پيا اڏامن. اهي سڀ شيون ڏسي آءٌ ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان. بابا سائينءَ جي ڪري پوءِ فارم هائوس وغيره جا پروگرام ٺهندا هئا. ڪڏهن ٿر جو پروگرام ته ڪڏهن ڪينجهر جو پروگرام ٺهندو هو. مطلب ته جيڪي شيون بابا سائين کي وڻنديون هيون اهي پوريون ٿينديون هيون. بابا سائين صبح يا شام جو جڏهن ٻاهر اچي ويهندا هئا ته اسان جي گهر ۾ هڪ گهاٽي ول لڳل آهي، ان کي ڏاڍو غور سان ڏسندا هئا. هڪ ڏينهن مون کي چيائون ته امان هن ول ۾ جيڪي گل نڪرن ٿا اهي رات جو اڇي رنگ جا هوندا آهن ۽ صبح جو روشنيءَ ۾ انهن جو رنگ گلابي ٿي ويندو آهي. اهو قدرت جو ڪمال آهي. هڪ دفعي مون کي چيائون ته امان انهيءَ ول ۾ روزانه ٻه ننڍڙا ڪارڙا پکي اچي ويهن ٿا ۽ وري اڏامي وڃن ٿا. اهي متاعُ پکي آهن. تون ڏسي اچ ته اتي انهن جو آکيرو آهي ڇا؟ مون ڏٺو ته برابر آکيرو ٺهيل هو پر اهڙو ته لڪل هو جو ڪنهن جي نظر به نه پئجي سگهي. مون آکيري بابت ٻڌايو ته بابا سائين مون کي منع ڪئي ته انهن پکين جي آکيري بابت گهر ۾ ڳالهه نه ڪجانءِ نه ته ٻار هنن کي تنگ ڪندا. پوءِ بابا سائين روزانو انهن پکين کي شوق سان ڏسندا هئا، جيستائين اهي ٻچا ڪري اڏامي ويا.

بابا سائين ڳوٺ هلندا هئا ته ڳوٺ جا ماڻهو ملڻ ايندا هئا. وڏي ڪچهري ٿيندي هئي، جنهن ۾ ڳائڻ وغيره به ٿيندو هو. اسان جي ڳوٺ کان ٽي چار ميل پري ڪريم ڏني وساڻ جو ڳوٺ آهي، اُتان ساهڙ فقير لغاري نالي سگهڙ پنڌ ڪري بابا سائينءَ سان ملڻ لاءِ ايندو هو. بابا ٻڌايو ته هڪ ڀيري ساهڙ فقير چيو ته سائين مون کي جهڙ، ڪڪر ۽ مينهن ڏاڍا وڻندا آهن، پر افسوس اٿم ته آءٌ مري ويندس ته ڪڪرن ۽ مينهن کي ڪير ڏسندو. بابا سائينءَ هن کي چيو ته اها ذميواري آءٌ ٿو کڻان، توکان پوءِ انهن کي آءٌ ڏسندس. بابا سائين کي به آسمان ۾ جهُڙ، ڪڪر ۽ مينهن ڏاڍا وڻندا هئا. پاڻ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هوندا هئا پر جيڪڏهن اسان مان ڪير ٻڌائيندو هو ته جهُڙ ٿي ويو آهي ۽ مينهن اچڻ وارو آهي ته پنهنجو ڪم ڇڏي چوندا هئا ته: هلو هلو ٻاهر هلي ڪڪرن ۽ مينهن کي ڏسون. ٻاهر آسمان ڏسي ٻڌائيندا هئا ته مينهن پوندو يا نه. مون کي چوندا هئا ته امان ڪڪر ۽ مينهن مون کي به ڏاڍا وڻندا آهن، پر مون ساهڙ فقير سان واعدو ڪيو هو ته توکان پوءِ انهن کي آءٌ ڏسندس، پر منهنجي وڃڻ کان پوءِ جهُڙ، ڪڪر ۽ مينهن ڪير ڏسندو؟ آءٌ بابا سائين کي ڀاڪر پائي چوندي هيس ته آءٌ ڏسنديس. هن وقت مينهن جي موسم آهي. جهُڙ ۽ مينهن شوق سان ڏسندي آهيان ۽ بابا سائين سان ڪيل وعدو پورو ڪندي آهيان.

بابا جيترو عظيم انسان هئا، اوتروئي سادگي پسند هئا. سادگي سان وقت گذاريائون. سادو پائيندا هئا، سادو کائيندا هئا. پاڻ چوندا هئا ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي سامهون منهنجي تعريف ڪندو آهي ته مون کي ڏاڍو حجاب ٿيندو آهي.

منهنجي خوشنصيبي هئي جو بابا پنهنجي حياتيءَ جو پڇاڙيءَ وارو وقت مون وٽ رهيا ۽ مون کي خدمت جو موقعو ڏنائون. پاڻ پنهنجي اولاد توڙي انهن جي اولاد کي تمام گهڻو پيار ۽ محبت ڏنائون. ايتري قدر جو اسان مان هرهڪ ائين ڀائيندو هو ته بابا سائين گهڻي ۾ گهڻو مون کي پيار ٿو ڪري. پنهنجن عزيزن ۽ مٽن مائٽن جو به تمام گهڻو خيال رکندا هئا. انهن جي ڏکي سکي ۾ مدد ڪرڻ ۽ انهن رشتن کي نباهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. نه رڳو عزيز ۽ رشتيدار پر آءٌ ته ائين چونديس ته پوري سنڌ وارن سان بابا سائينءَ جي محبت هئي. پاڻ محبت جا درياء هئا. اهو درياء جتان به وهندو هو ته اتان جي سرزمين کي پنهنجي خوشبوءِ سان سيراب ڪري ڇڏيندو هو.

2010ع کان بابا سائينءَ کي ٽنگن ۾ سور جي تڪليف وڌي وئي هئي. انهي ڪري هلڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي. پاڻ چوندا هئا ته ٽنگون ماڻهو جا گهوڙا آهن، جنهن تي چڙهيو پيو هلي. بابا سائين جن جوانيءَ ۾ توڙي پوءِ به پنڌ تمام گهڻو ڪيو ۽ سڄي سنڌ پيرن هيٺان ڪڍي ٻڌائيندا هئا ته ڪٿي ڪنهن سگهڙ جي خبر پوندي هئي ته ان وٽ پهچڻ لاءِ نه رستو هوندو هو ۽ نه ڪا ٻي سواري پوءِ آءٌ پيرين پنڌ سگهڙ وٽ پهچي ان کي ادبي خزانو هٿ ڪندو هوس. مطلب ته آءٌ ريسرچ لاءِ پاڻ وڃي اهي مڪان ۽ ماڻهو ڳولي روبرو ڏسندو هوس. اڄ ٽنگون جواب ڏيئي ويون آهن. انهن جو ڏوهه ڪونهي، انهن کان مون تمام گهڻو ڪم ورتو آهي. پوءِ مون کي شاهه صاحب جو بيت ٻڌائيندا هئا ته:

ٿر، ڏونگر، بر، ميي سڀ مناڙيا،
اڄ اڱڻ اسي ڪوهه، ڪرهي ڪشالو ٿيو.

بابا سائين سان گڏ رهڻ ڪري مون بابا سائين کان تمام سٺيون ڳالهيون ٻڌيون ۽ سکيون. هميشه چوندا هئا ته امان پنهنجي حيثيت کان مٿي وارن کي ڪڏهن به نه ڏسجي پر پاڻ کان گهٽ وارن کي ڏسي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.

بابا پنهنجو لکڻ جو ڪم باقاعدي ڪندا رهيا ۽ آخري شام جو به پنهنجو ڪم ڪيائون. مون بابا سائين لاءِ ڪپڙا ڪڍي رکيا ۽ بدلائڻ لاءِ چيم. ٿوريءَ دير کان پوءِ آيس ته اهي ڪپڙا اتي ئي رکيا هئا. مون چيو ته بابا سائين توهان ڪپڙا ڪونه مٽايا آهن ته چيائون ته امان توکي خبر آهي ته مون کي ڪپڙن مٽائڻ تي به ٽائيم لڳندو آهي. سوچيم ته ڪي ڪم جيڪو هٿ ۾ آهي اهو پورو ڪري وٺان ۽ اهو وقت به هن ڪم کي ڏيان.

بابا سائينءَ جي وفات کان هڪ هفتو اڳ جي ڳالهه آهي. بابا سائين واڪ تي ويندا هئا ته مون کي گڏ وٺي ويندا هئا. اسان ڪرسي گڏ کڻندا هئاسين. جڏهن بابا سائين ٿڪجي پوندا هئا ته ڪرسيءَ تي ويهي پوءِ وري پنڌ ڪندا هئا. ان ڏينهن مون کي چيائون ته امان ڌڻي تعاليٰ جون مون تي تمام گهڻيون مهربانيون آهن. مون کي وڏي عمر ڏنائين، جنهن ۾ مون پنهنجا سڀ ڪم پورا ڪيا. وڏا وڏا عهدا مليا. اولاد سڄو سلامت آهي. دوستن يارن کان تمام گهڻي محبت ۽ عزت ملي. هاڻ منهنجي ڪابه خواهش ڪانه رهي آهي. جيڪڏهن الله تعاليٰ هاڻ مون کي پاڻ وٽ گهرائي وٺي ته آءٌ بلڪل راضي آهيان. بابا سائين جي اها ڳالهه ٻڌي آءٌ ڏُکاري ٿيس ته پيار مان منهنجو هٿ جهلي چيائون ته ”امان تنهنجو بابا 94 سالن جي عمر جو آهي، ڇا تون سمجهين ٿي ته آءٌ اڃا سٺ سال زندهه رهندس.“

بابا سائينءَ کي ڪيترائي اوارڊ ملندا رهيا پر سنه 2011ع ۾ صدر پاڪستان طرفان بابا کي ”هلال امتياز“ جو ايوارڊ مليو هو. پاڻ ايوارڊ وٺڻ لاءِ اسلام آباد وڃي نه سگهيا. اهو اوارڊ محترم عبدالغفار سومري صاحب بابا جي طرفان ورتو هو. 3 اپريل تي سائين آفتاب شاهه جي بنگلي تي پروگرام رکيو ويو هو. سومرو صاحب بابا جو اوارڊ کڻي اچي رهيو هو ۽ ٻيا سڀ دوست به اتي گڏ ٿيا ته اهو ايوارڊ بابا سائين کي ڏين. جڏهن اتان واپس آيا ته ڏاڍا خوش هئا. مون کي اوارڊ ڏيکاريائون ۽ چيائون ته امان مون کي اڄ دوستن طرفان ايتري ته عزت ۽ محبت ملي آهي جو ڄڻ ته منهنجو وقت پورو ٿي ويو آهي ۽ ان کان وڌيڪ هاڻ ايتري عزت نه ملي. هر هر اهوئي پيا چون ته امان اها منهنجي پيارن دوستن جي محبت آهي، نه ته آءٌ فقير ماڻهو آهيان. بابا سائين اهي لفظ اهڙيءَ طرح دل سان چيا جو مون روئي ڏنو.

آءٌ آخر ۾ اهوئي چونديس ته منهنجو بابا هڪ فقير نه پر فرشتا هئا. آءٌ پڙهندڙن کي گذارش ڪنديس ته بابا لاءِ دعا ڪن ته الله سائين کين جنت الفردوس عطا ڪري. (آمين)

محمد علي ڏيپلائي

 

 

 

 

لوڪ ادب اسڪيم آڏو آيل رڪاوٽون ۽ انهن کي دور ڪرڻ لاءِ

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تاريخي جدوجهد

 

لوڪ ادب ۾ شوق جو آغاز:

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي لوڪ ادب ۾ دلچسپي ٻالجتيءَ ۾ ئي سندن ناني علڻ خان لغاري ڏياري. ڪچهرين جو ڪوڏيو علڻ خان لغاري جنهن کي ڊاڪٽر صاحب ’اڻ پڙهيل داناءُ‘ چئي ياد ڪندو هو، کين ننڍڙي وهيءَ ۾ پاڻ سان گڏ ڪچهرين ۾ وٺي ويندو هو ۽ کين ’ڪچهريءَ جا آداب‘ سمجهائيندي تاڪيد ڪندو هو ته: ”معنيٰ تي ڌيان ڪر، جو معنيٰ عقل جو منڍ آهي!“ سندس چوڻ هو ته ”ڏٺل واقعو هرڪو بيان ڪري ۽ ٻڌل ڳالهه به هرڪو سڻائي. پر داناء اُهو جو اَڻ ڏٺي ۽ اڻ سُڻي ڳالهه ٻڌائي!“ اهڙن نُڪتن ۽ سمجهاڻين ننڍپڻ ۾ ئي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۾ هڪ قسم جو ادبي ذوق پيدا ڪيو ۽ ”نوان بيت، نيون ڪافيون ۽ نيون ڳجهارتون“
ڊاڪٽر صاحب لاءِ ڄڻ ته سوکڙيون ٿي پيون، منجهن ڳالهيون ٻڌڻ جو شوق جاڳيو ۽ ان جي معنيٰ سمجهڻ لاءِ تجسس پيدا ٿيو. ڪو نئون بيت يا ڪا نئين ڳالهه تي يا ته انهيءَ کي ياد ڪري ڇڏيندو هو يا وري نوٽ ڪري ڇڏيندو هو.

لوڪ ادب تي ڪتاب لکڻ جو خيال ۽ ابتدائي قدم:

جهوناڳڙهه ۽ علي ڳڙهه ۾ ڊاڪٽر صاحب عربي زبان جو نهايت گهرو ۽ وسيع مطالعو ڪيو. عربي عالم ’مُبرد‘ جو ڪتاب ’الڪامل في ادب‘ (ادب ۾ ڪامل) پڻ پڙهيائون. ڪتاب جي لکڻي هڪ سگهڙ واري هئي. مصنف جو چوڻ هو ته ’الشيءِ باالشيءُ‘ يعني ’ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي!‘ ڊاڪٽر صاحب انهيءَ نُڪتي کان بيحد متاثر ٿيو. سندن خواهش ٿي ته جيڪر اهڙي نموني تي سنڌي ادب ۽ تمدن تي پڻ ڪتاب لکجي. کين اهو احساس پڻ ٿيو ته: ”اهڙي ڪتاب ترتيب ڏيڻ لاءِ وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪرڻي پوندي، سنڌي علم ۽ ادب جي وسيع ميدانن جا سير ڪرڻا پوندا، سنڌي تهذيب ۽ تمدن جي عميق اونهاين ۾ ٽٻيون هڻڻيون پونديون، سنڌي ڪچهرين مان قسمين قسمين انوکا گفتا گڏ ڪرڻا پوندا ۽ ان جي محاوري کي سمجهڻو پوندو، سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ وڃي اتي جي سگهڙن ۽ سالڪن کان گهڻو ڪجهه سکڻو پوندو. مطلب ته هر گل جو واس وٺي، سنڌي تمدن جي روح ۽ رس کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻو پوندو.“

سنڌ هڪ هيرن جي کاڻ آهي، سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، چپي چپي، گهر گهر ۽ ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي سيني ۾ ڏاهپ، علم، تاريخ ۽ ڄاڻ جا املهه ۽ بي حساب خزانا محفوظ آهن. سندن خيال هو ته ”جيڪا شيءِ قلمبند ٿئي ٿي اها محفوظ ٿي وڃي ٿي. قصو هجي يا ڪهاڻي، روايت هجي يا حڪايت، جيڪڏهن اها قلمبند ٿئي ته پوءِ اها تاريخ بنجي وڃي ٿي!“ دراصل اهو ئي مواد نه صرف اسان جي لغت، ثقافت ۽ ادب واسطي اهميت جو حامل آهي. بلڪ سماجي تاريخ جي تشڪيل لاءِ پڻ بنيادي مواد مهيا ڪري ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ سندن عملي ڪوشش جو پهريون دؤر سنه 1943ع کان سنه 1946ع تائين هليو جنهن کان پوءِ کين اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا اُسهڻو پيو. سنه 1949ع ۾ اُتان واپسيءَ تي انهيءَ سفر جي ٻيهر شروعات ٿي ۽ ترت ئي ”ٻيلاين جا ٻول“ جي تڪميل ٿي. سنه 1956ع ۾ ”مهراڻ“
رسالي ۾ ”پارس کاڻ“ جي عنوان سان ’توحيد‘ متعلق قديم سنڌي شاعرن جا ڏاهپ ڀريا نُڪتا نهايت دلچسپ ۽ پر اثر انداز ۾ پيش ڪيائون.

لوڪ ادب سلسلي جي اسڪيم:

سنه 1955ع ۾ ڊاڪٽر صاحب ”لوڪ ادب سلسلي“ بابت هڪ جامع رٿا سنڌي ادبي بورڊ آڏو پيش ڪئي جا سنه 1956ع ۾ منظور ٿي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس جي گرائونڊ فلور تي ڏکڻ اولهه واري ڪُنڊ ۾ هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ لوڪ ادب سلسلي جي مرڪزي آفيس قائم ڪري ڪم شروع ڪيو ويو. انهيءَ ننڍڙي ڪمري ۾ ’جامع سنڌي لغت‘ جي آفيس اڳ ۾ ئي ڪم ڪري رهي هئي.

لوڪ ادب اسڪيم جي مثالي ڪاميابي:

ڊاڪٽر صاحب ۽ سندن اورچ ساٿين (جن ۾ سيد سردار علي شاهه، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مخدوم غلام احمد، رشيد احمد لاشاري، عبدالڪريم سنديلو، محمد اسماعيل شيخ وغيره شامل هئا) جي بي لوث ۽ اڻ ٿڪ محنتن جا نتيجا جلد ۽ متواثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا. پهريون جلد ”مداحون ۽ مناجاتون“ سنه 1959ع ۽ ڇپجي شايع ٿيو. سنه 1961ع جي شروعات تائين انهيءَ سلسلي جا نوَ (9) ضخيم جلد اچي ويا جن ۾ ’مناقبا‘، ’معجزا‘، ’مولود‘، ’ٽيهه اکريون‘، (ٻه جلد)،
’هفتا، ڏينهن، راتيون ۽ مهينا‘، ’جنگنامه‘ ۽ ’واقعاتي بيت‘ شامل هئا.

شخصي عناد ۽ حسد جي شروعات:

پنجاهه ۽ سٺ وارا ڏهاڪا جتي سنڌي علم ۽ ادب جي واڌاري جي حوالي سان نهايت غير معمولي اهميت وارا ليکجن ٿا، اُتي ساڳئي ئي دور ۾ نظرياتي ڇڪتاڻ پڻ نهايت منفي ۽ افسوسناڪ صورت ورتي. شخصي حسد ۽ بغض جا معاملا پڻ نظرياتي ڇڪتاڻ جي آڙ ۾ طيءِ ٿيڻ لڳا. لوڪ ادب اسڪيم جي غير معمولي ڪاميابي ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ملندڙ پذيرائيءَ ڊاڪٽر صاحب جي خلاف حسد ۽ بغض کي جنم ڏنو، جنهن جو اظهار نظرياتي ڇڪتاڻ جي آڙ ۾ به ٿيڻ لڳو. ان دور بابت ڊاڪٽر عمر چنڊ صاحب لکي ٿو:

”مون کي ياد آهي ته پنجاهه واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۽ سٺ واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ سنڌي ادب جا ٻه وڏا گروهه بنجي ويا جيڪي هڪٻئي تي اخبارن ۽ رسالن ذريعي خوب حملا ڪندا رهندا هئا..... پر ڏٺوسين ته ڊاڪٽر (بلوچ) صاحب ڪنهن به مباحثي ۾ حصو ڪونه ورتو!“

ڄام ساقي صاحب هڪ هنڌ رقم طراز آهي:

”اسان سنڌي ماڻهو هڪ طويل عرصي کان ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان نا انصافي ڪندا رهيا آهيون.... ڊاڪٽر صاحب کي هروڀرو جماعت اسلاميءَ واري لابيءَ سان ڳڻيو ويو جڏهن ته پاڻ ائين نه آهي. افسوس جو اهو به نه سوچيو ويو ته پير صاحب پاڳاري جو هيءُ همراهه جماعت اسلاميءَ سان ڪيئن ٿو ٿِي سگهي؟ ٻي ڳالهه جنهن تي اُن وقت غور نه ڪيو ويو ته ڊاڪٽر صاحب جماعت اسلاميءَ جو بنياد پرست هجي ها ته ڀٽائيءَ تي  ڪم ڪيئن ڪري ها!“

مون کي ياد آهي ته انهيءَ ئي دور ۾ ڊاڪٽر صاحب جو تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ شايع ٿيو. اهو ڪتاب نج علمي هو، پر انهيءَ تي علمي انداز ۾ نظر وجهڻ بدران جذباتي ۽ نظرياتي رنگ ۾ نڪته چيني ڪئي وئي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي نظريي جي غلط تشريح ڪندي نوجوانن کي برغلائڻ جي سعي ڪئي ويئي.

ڊاڪٽر صاحب جو رد عمل:

ڊاڪٽر صاحب مخالفن جي حملن تي مڪمل خاموشي اختيار ڪندي، پنهنجي ڪم سان لڳو رهيو. سندن چوڻ هو ته:

”مون جڏهن لکڻ پڙهڻ جو ڪم شروع ڪيو، تڏهن پاڻ سان واعدو ڪيو هئم ته منهنجو قلم ڪڏهن به، ڪنهن به مخالفت ۾ نه لکندو.... آءٌ جيڪڏهن ويهي تنقيدن جا جواب ڏيان ها ته هوند هيڏو پورهيو ڪين ڪري سگهان ها!“

نظرياتي ڇڪتاڻ بابت ڊاڪٽر صاحب فرمايو ته:

”....... گهڻا ماڻهو انهيءَ ڪري ڪاوڙيل آهن ته مون جهڙو ماڻهو سندن ڪئمپ ۾ شامل ڇو نه آهي؟ ٻي ڳالهه جيڪا کين نه وڻندي هئي، اها هئي منهنجي وطن دوستي.....“

سازش جا سانڀا:

هاڻ حاسدن ڊاڪٽر صاحب خلاف منظم سازش جو ڄار وڇائڻ جا سانڀا ڪيا. اهڙيءَ چرپر کان آگاهه ڪندي (مرحوم) پروفيسر علي نواز جتوئي کين هڪ خط ۾ لکيو ته هڪ اعليٰ سنڌي آفيسر ۽ دانشور ڊاڪٽر صاحب تي رنجش جو اظهار ڪندي ڏوهه ڏنو ته:

”...... (ڊاڪٽر) بلوچ حاسد آهي. نه ٿو چاهي ته ڪوبه سنڌي (پي ايڇ. ڊي) ڊاڪٽر ٿئي. ..... جو مقالو رد ڪري ڇڏيائين. امتحان ۾ گهڻن کي فيل ڪري ٿو.... ٻين جا مضمون پنهنجا ڪري ٿو ڇپائي.... وغيره وغيره.“

پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي، جتوئي صاحب ساڳئي خط ۾ ٻڌايو ته:

”شام جو پير..... وٽ وڃڻ ٿيو، جنهن مون کي ٻڌايو ته توهان جي خلاف وڏي منظم سازش ٿي رهي آهي!“

سازش طرف عملي قدم:

جولاءِ 1962ع جي شروعات ۾ ڪراچيءَ جي هڪ انگريزي پندرنهن روزه اخبار پنهنجي 8 جولاءِ واري پرچي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ترتيب ڏنل لوڪ ادب سلسلي جي ڏهين ڪتاب ”مناظرا“ ۾ آيل مواد کي بنياد بنائيندي نه صرف ڪتاب بلڪ ان سان گڏ لوڪ ادب اسڪيم ۽ خود ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت تي پڻ نازيب حملا ڪيا. هن تنقيدي مضمون جو عنوان هو:

"Gutter Scholar from Sindh takes a dive into the stink pool of vulgarity."

انهيءَ عنوان جو ترجمو منهنجي لاءِ آسان نه آهي. پر شايد اهو هن ريت ٿي سگهي ٿو:

”گندي ناليءَ جو سنڌي عالم، فحاشيءَ جي بدبودار دُٻي ۾ ٽٻي ٿو هڻي!“

مذڪور مضمون ۾ نه صرف ”مناظرا“ تي ڪُڌا حملا ڪيل هئا، پر ڊاڪٽر صاحب جي ڪردار ڪشي ڪندي، کين سنڌ يونيورسٽي توڙي ٻين قومي ادارن مان خارج جو مطالبو پڻ ڪيل هو. ٻين ڳالهين کان سواءِ مضمون ۾ لکيل هو ته:

1.”سنڌ جا ڪي اهڙا فرزند به آهن جن اهڙا شعر به چيا جيڪي هڪڙي خيال کان سنڌ جي باوقار نالي جي بي عزتيءَ جو باعث سمجهيا ويندا!“

2. ”’مناظرا‘ جي عنوان هيٺ 750 صفحن ۾ سنڌ جي سرزمين جي هيٺان وهندڙ گندين نالين جو سمورو فحش مواد گڏ ڪيو ويو آهي! “

3. ”ڏسجي ٿو ته ڊاڪٽر بلوچ هن ڪتاب مان سٺو مواد خارج ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي!“

4. ”ڪتاب ۾ شامل سمورو مواد، انساني شرافت لاءِ ايڏو ته اڻ سهائيندڙ آهي جو انهيءَ جو ڪوبه حصو هن مضمون ۾ شامل ڪرڻ اسان لاءِ مشڪل ٿي پيو آهي.....“

ايترو سڀ لکڻ کان پوءِ ”سنڊي پوسٽ“ جي ايڊيٽر امين ترين مطالبو ڪيو ته:

”لازم آهي ته ڊاڪٽر بلوچ جهڙي شخص کي هڪ اهم تعليمي اداري (سنڌ يونيورسٽي) تان فوراً هٽايو وڃي. کيس انهيءَ عهدي تي فائز رکڻ جو مطلب ٿيندو اسان جي تباهي. اهو اسان جي فرزندن ۽ نياڻين واسطي وڏي هاڃي جو باعث ٿيندو.“

پنهنجي ياداشتن ۾ ڊاڪٽر صاحب رقم طراز آهي ته:

”ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار ’سنڊي پوسٽ‘ لوڪ ادب ڪتاب ’مناظرا‘ خلاف لکيو. مقصد هو ته ڪتاب تي بندش پوي. ڪراچيءَ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ اها پاليسي طئي ٿي چڪي هئي!“

ڊاڪٽر صاحب سان همدرديءَ جو اظهار:

سنڌي پريس ۽ عالمن انهيءَ معاملي تي مضبوط رد عمل ڏيکاريو. روزنامه ”عبرت“ جي 17- جولاءِ 1962ع واري پرچي ۾ ان وقت جي ايڊيٽر مرحوم شيخ علي محمد هڪ زوردار ايڊيٽوريل ۾ لکيو ته:

”.... صاف ظاهر آهي ته (اها تنقيد) ڪتاب کان وڌيڪ ڪتاب جي مرتب ڊاڪٽر نبي بخش جي ذات ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي نشانو بنائڻ لاءِ لکي ويئي آهي يا لکائي ويئي آهي. اهڙو ايڊيٽر جيڪو سنڌيءَ جي الف-ب کان به واقف نه هجي ۽ جنهن، اسان سمجهون ٿا ته ڪتاب پوريءَ طرح پڙهيو به نه آهي ۽ نه ئي وري سمجهيو آهي، ڏسجي ٿو ته ڪنهن جي ڀڙڪائڻ تي اهڙي قسم جي غلط ۽ غليظ تنقيد ڪئي هئي.

”....... مذڪور اخبار، ڊاڪٽر صاحب کي سندس موجوده عهدي تان هٽائڻ جو مشورو به ڏنو آهي.... کيس معلوم هجڻ گهرجي ته ڊاڪٽر صاحب کي غير ملڪن مان وڏن عهدن جو آڇون ٿينديون هيون، پر هن صاحب صرف مادر وطن جي خدمت ڪرڻ جي خيال کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي... ان سڄي تحرير جو مطلب ڊاڪٽر صاحب کي پاڪستان جي عوام جي نظرن ۾ ڪيرائڻ ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان نقصان پهچائڻ آهي.“

ساڳئي اخبار جي 27 جولاءِ واري پرچي ۾ مخدوم امير احمد صاحب هڪ خط ۾ امين ترين کي مخاطب ٿيندي چيو ته:

”جناب اعليٰ! سنڌي تهذيب جا رڳو اوهان ٺيڪيدار نه آهيو.... مان ته سمجهان ٿو ته اوهان کي ڊاڪٽر بلوچ تي ڪي خارون آهن، جن کان متاثر ٿي، هن ڪتاب جي آڙ ۾ ڊاڪٽر صاحب مان ڪثرون ڪڍڻ گهريون آهن.... مون کي ته ڊپ آهي ته جيڪڏهن اهڙا نقاد صاحب پيدا ٿيا ته هو ڪنهن وقت قرآن شريف ۽ حديث شريف مان ڪي به اهڙا جملا ڳولهي خاڪم بدهن، خود خدا تعاليٰ ۽ رسول اللهﷺ تي به حملا ڪرڻ شروع ڪندا !“

پروفيسر ممتاز حسين به ساڳئي ڏينهن”عبرت“ ۾ شايع ٿيل هڪ خط ۾ سنڌين کي اپيل ڪئي ته:

”جيئن ته هيءُ مسئلو سنڌي ادب ۽ سنڌي عوام سان وابسته آهي، ان ڪري سنڌ جي عوام کي اپيل ٿي ڪجي ته هو انهيءَ سنڌي دشمن اخبار خلاف جوڳو قدم کڻي انهيءَ جي لاف زنيءَ کي بند ڪن.“

 لاهور مان غلام نبي ميمڻ صاحب (حيدرآباد جو نامور وڪيل ۽ ان وقت اولهه پاڪستان جو وزير قانون هو) هڪ خط ذريعي ڊاڪٽر صاحب سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي خط لکيو:

”اخبار واري بڪواس ٻڌي افسوس ٿيو، مون کي ڪالهه معلوم ٿيو ته (امين ترين) يا ته پاڻ هڪ بليڪ ميلر آهي، يا ڪنهن حاسد جي چرچ آهي. يا ٻئي سبب آهن. ڪيس بلڪل صاف ۽ ظاهر آهي. اوهان فوراً پهريائين فوجداري ڪيس حيدرآباد ۾ داخل ڪريو. يقيني سزا کائي ويندو. ان بعد سول ڪيس داخل ڪريو. وڪيل جيترا گهرندا، مفت ۾ حاضر ڪبا. پاڻ به حاضر آهيان ۽ حيدرآباد کان وڪيل به حاضر آهن. انشاء الله ضرور سزا کائيندو. اوهان ڪتاب ۾ حالانڪ پنهنجي ذاتي راءِ ڪابه ڪونه ڏني آهي. لاض ولاضرار. اوهان جي بقا لاءِ ضروري آهي....“

پراڻا پلاند:

ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي، (جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو) ڊاڪٽر صاحب ظاهر ڪيو ته امين ترين پنهنجي اخبار ذريعي پراڻا پلاند وٺڻ جو خواهشمند هو. انهيءَ ڳالهه جو پس منظر هي  آهي ته سنه 1947ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر صاحب ڪولمبيا يونيورسٽي آمريڪا ۾ ڊاڪٽريٽ ڪري رهيو هو. تڏهن ساڳئي وقت امين ترين ڪيناڊا ۾ پڙهي رهيو هو. ڊاڪٽر صاحب آمريڪا ۾ ”مسلم اسٽوڊنٽ ايسوسيئيشن“ جا سيڪريٽري هئا. هڪ ملاقات ۾ امين ترين خواهش ظاهر ڪئي ته آمريڪي ۽ ڪيناڊا جي مسلمان شاگردن جي گڏيل ايسوسئيشن ٺاهجي، پر اها ڳالهه ڊاڪٽر صاحب جي ساٿين قبول نه ڪئي. امين ترين اهڙي فيصلي تي ناراض ٿيو هو.

ڊاڪٽر صاحب جو رد عمل:

هيتري اخلاقي حمايت بهرحال عملي طور تي ڪا خاص لاڀائتي نظر نه پئي آئي. ڊاڪٽر صاحب جي دُوردرس نگاهن ڏٺو پي ته اهو معاملو آسانيءَ سان ختم ٿيڻ وارو نه هو. سازش وڏي سوچ سان ٺاهيل هئي. انهيءَ کي مُنهن پڻ وڏي هوش، دانشمنديءَ ۽ جرئت سان ڏيڻو هو. ڊاڪٽر صاحب هاڻ پنهنجي عملي زندگيءَ جي نهايت اهم چئلينج جو عملي جواب ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهڻ جو فيصلو ڪيو.

ڊاڪٽر صاحب ڄائي ڄم کان مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جو عادي هو. پاڻ فطرتاً هڪ اسپورٽس مئن هو. ڪرڪيٽ، هاڪي ٿوڙي فٽ بال ۾ سڀ کان اڳرو رهندو هو. ٻين راندين ۽ اسڪائوٽنگ ۾ به وڏي ڪاميابي ماڻي هئائين. جوناڳڙهه ۾ ڪاليج جي ميس جي مئنيجري وڏي جهيڙي کان پوءِ هٿ ڪيائين ۽ اُتي سنڌي برياني متعارف ڪرايائين، خاڪسارن جي سَوَن تي مشتمل جٿي جي اڳواڻي ڪيائين. شاگرديءَ واري دور ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي طاقتور ميمبر سيٺ ڏيارام جي مخالفت جي باوجود پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول جو پايو وجهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. مخالفن کي ڪو اندازو ئي ڪونه هو ته بظاهر نهٺو نماڻو هي انسان پنهنجي عزت ۽ وقار جي دشمنن کي ڪيئن نه پنهنجي همٿ ۽ هوشياريءَ سان رُڪ جا چڻا چٻاڙائي سگهيو ٿي!

پهريون مرحلو:

پهرئين مرحلي ۾، قانوني حجتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادبي بورڊ سان رابطو ڪيو ۽ اُميد ڪئي ته جهڙي حالت ۾ لوڪ ادب اسڪيم بورڊ جو پراجيڪٽ هو ۽ ”مناظرا“ انهيءَ پراجيڪٽ جو حصو هو. تنهنڪري بچاءَ لاءِ بورڊ اڳيان ايندو.. پر ائين نه ٿيو. ڊاڪٽر صاحب يونيورسٽي انتظاميه ۾ به اميد ساري ته اها يونيورسٽيءَ جي بنياد ۾ حصو وٺندڙ هڪ سينئر اُستاد جي وقار جو تحفظ ڪندي، پر اتان به خاطر خواهه موٽ نه ملي.

ڪمشنر حيدرآباد سان لهه وچڙ:

ٻئي مرحلي ۾ ڊاڪٽر صاحب هڪ خط ذريعي حيدرآباد جي ڪمشنر حيدرآباد جو ڌيان ڇڪايو جنهن اهو معاملو حيدرآباد جي نامياري وڪيل ۽ لا ڪاليج جي پرنسپال عبدالجليل صاحب ڏانهن راءِ لاءِ ڏياري موڪليو. عبدالجليل صاحب پنهنجي راءِ ۾ شاهه لطيف، سچل، ساميءَ ۽ بيدل کان سواءِ ڊي. ايڇ لاوينس جي ڪتاب جا حوالا ڏيندي ”مناظرا“ جي فحش هجڻ کان ته انڪاري ٿيو پر سندس خيال ۾ ”سنڊي پوسٽ“ يا امين ترين خلاف قدم کڻڻ ڊاڪٽر صاحب جو ذاتي معاملو هو، انهيءَ معاملي ۾ سرڪاري طور قدم کڻڻ جو جواز نه هو.

امين ترين خلاف بدناموسيءَ جو ڪيس:

سموريون حجتون پوريون ڪندي، سنڌ يونيورسٽيءَ کان اجازت وٺي، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي وڪيلن (عبدالقادر هاليپوٽي ۽ محمد ميمڻ) معرفت 23 جولاءِ 1962ع تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ امين ترين جي خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 500 ۽ 504 جي تحت ڪيس داخل ڪيو.

ڪيس جي ڪاروائيءَ ۾ پيش ايندڙ مسئلا:

ڊاڪٽر صاحب ڪيس ته داخل ڪري ويٺو پر عملي مشڪلاتون ڏاڍي مونجهاري جو باعث ٿي پيون. پهريون مسئلو اهو اٿيو ته پنهنجي مدد واسطي شاهد ڪٿان آڻي!؟ بدناموسي جي ڪيس ۾ مدعيءَ توڙي سندس شاهدن کان ڏاڍي ڏکي آڏي پڇا ٿي سگهي ٿي. اهڙا ڪيس تمام وڏي طوالت پڻ وٺي سگهن ٿا. پنهنجن پراين جا اثر رسوخ، دشمنيون، دوستيون پڻ وڏا مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿيون. انهن مڙني حقيقي ۽ خيالي خدشن ۽ ذاتي مصلحتن همدردن کي اڳيان اچڻ کان روڪي ڇڏيو ٿي.. ويتر اهو به معلوم ٿيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڪي پروفيسر ۽ ڪي ٻيا صاحب ڊاڪٽر صاحب ۽ ڪتاب خلاف بيان ڏيڻ لاءِ سنڀري رهيا هئا.

ڏيپلائي صاحب جو ڪردار:

پنهنجي ساروڻين ۾ ڊاڪٽر صاحب ٻڌائي ٿو ته:

”اهڙي دل شڪن ماحول ۾ ڏيپلائي صاحب اڳتي وڌيو ۽ دل و جان سان منهنجو ساٿ ڏنائين. منهنجي طرفان شاهدي ڏيڻ آيو. هن ’مناظرا‘ جي ٻوليءَ ۾ آيل لفظن ۽ اصطلاحن جي خاطر خواهه وضاحت ڪري، ڪتاب کي معياري ثابت ڪيو.“

ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ ٻڌايو:

”ڪيس اٺ سال هليو. امين ترين جي پاران بئريسٽر پير محمد چنه (مون ۽ منهنجي شاهدن تي) ڏاڍيون جُهلون ڪيون. مون ڏاڍو سٺو.....“

امداد حسيني پنهنجي ساروڻين ۾ ٻڌائي ٿو:

”ان ڏس ۾ اچرج جي ڳالهه اها هن ته پروفيسر غلام حسين جلباڻي صاحب (عربيءَ جي پروفيسر) جنهن کي ساڄي درجو وارو سمجهيو ويندو هو، ”مناظرا“ جي مخالفت ۾ شاهدي ڏني ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ، جنهن کي کاٻي ڌرجو سمجهيو ويندو هو، تنهن وري ’مناظرا‘ جي حق ۾ شاهدي ڏني. ڊاڪٽر صاحب اڄ تائين ڏيپلائي جا ان ڏس ۾ ڳڻ ڳائي ٿو. ڏيپلائي صاحب مون کي پاڻ ٻڌايو ته هن ’مناظرا‘ جي بچاءَ ۾ مذهبي ڪتابن جا حوالا ڏنا هئا!“

نتيجا:

1. مناظرا تي بندش ڪانه پيئي.

2. لوڪ ادب اسڪيم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي هلندي رهي ۽ جملي 42 جلد مختلف صنفن تي شايع ٿيا.

3. ڊاڪٽر صاحب جي عزت ۽ وقار کي ڪابه لهس نه آئي.

4. ڪن دوستن جي وچ ۾ پوڻ تي ڊاڪٽر صاحب امين ترين کي معاف ڪري ڪيس ختم ڪرايو.

مددي ڪتاب ۽ مواد:

1. ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان مليل ڪيس جو فائل.

2. مختلف موقعن تي ڊاڪٽر صاحب جون ڪيل تقريرون.

3. نيوزاينڊ اوپينيئن (جولاءِ/ آگسٽ 2007ع) ۾ آيل انٽرويو.

4. راقم الحروف سان ڪيل ڊاڪٽر صاحب جي ڳالهه ٻولهه.

5. ڊاڪٽر صاحب جا نوٽ.

6. ”ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم“

7. روزنامه ”عبرت“ جولاءِ 1962ع جا مختلف پرچا.

 

 

پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه

 

 

 

ڊاڪٽر بلوچ: سنڌي ادب جي عظيم هستي

پروفيسر ايمريٽس سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پوري برصغير جي هڪ اهڙي اهم علمي شخصيت جو نالو آهي، جن سنڌي ٻولي ۽ ادب کي هميشه زندهه رکيو آهي. ان جي ترقي ۽ ترويج ۾ پاڻ سدائين اڳرا رهيا آهن. سنڌ جا ماڻهو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙي گرانقدر علمي شخصيت تي جيترو فخر ڪن ٿا، شايد ئي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ڪنهن اديب ۽ عالم تي ڪير ڪندو هجي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ تمام وڏو مقام رکندڙ اسڪالر هئا. پاڻ ننڍي عمر کان وٺي مرڻ گهڙي تائين سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندي گذاري. سندن خدمتن جي عيوض کيس صدارتي تمغهء حسن ڪارڪردگي، تمغهء پاڪستان ۽ ستارهء قائد اعظم سان پڻ نوازيو ويو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي پيدائش 1917ع  ۾، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ ٿي. ان وقت سنڌ ۾ خاص طور تي ڳوٺن ۾ اسڪول ڪونه هئا. پر ڊاڪٽر صاحب جي پڙهائيءَ جي شوق کي ڏسي، سندن چاچي ولي محمد خان، کين ٻين هنڌن تي سٺن اسڪولن ۾ پڙهائڻ لاءِ ويهاريو. پاڻ بمبئي يونيورسٽيءَ مان 1936ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، بهاءُ الدين ڪاليج جهونا ڳڙهه ۽ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ آمريڪا مان ايم.ايڊ ۽ ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن جون اعليٰ ڊگريون حاصل ڪيائون.

ڊاڪٽر صاحب، پنهنجي زندگيءَ ۾ لکيل ڪتابن، مضمونن ۽ مقالن ۽ انٽرويوئن ۾، پنهنجي پوري زندگي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان جيڪو سندن عشق هو، اُنهيءَ بابت تفصيلي طور معلومات ڏني آهي، ته پاڻ ڪيترين تڪليفن سان تعليم حاصل ڪري، انگريزي، سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ مهارت حاصل ڪري انهن ٻولين ۾ بي شمار ڪتاب لکي، پنهنجو نالو هميشه لاءِ زندهه رکيو آهي. اهڙيون عظيم هستيون، جيستائين سنڌي قوم جو هڪ فرد يا سنڌي ٻولي موجود هوندي ڪتابن ۾ سونهري اکرن ۾ کيس ياد ڪيو ويندو.

ڊاڪٽر صاحب جن جي شخصيت، علميت، ڪمالات، ادبي چال ۽ علمي مرتبو پوريءَ دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي نه صرف سنڌ ۽ هندستان تائين بلڪه پوري دنيا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن ۽ سنڌي ۾ لکيل ڪتابن کي ايتري شهرت ملندي رهندي ۽ اهي ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت تي فخر ڪندا رهندا.

ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي شخصيت علمي ۽ ادبي خدمتن بابت لکن ٿا ته:

”ڊاڪٽر بلوچ صاحب علم التعليم، ادبيات، لسانيات، علم اللغات، سنڌي ادب، سنڌ جي ثقافت، آثار شناسي، لطيف شناسي، لوڪ ادب ۽ سنڌ شناسي تي وڏو دسترس رکندڙ، بين الاقوامي دانشور هجڻ جي حقيقت رکندڙ سنڌ جو اهو فرزند آهي، جنهن تي سنڌ وارا جيترو فخر ڪن اهو ٿورو آهي.“ (ڊاڪٽر الانا، نئين زندگي، 2000ع، ص 7)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي تعليم مڪمل ڪري، 1951ع ۾ علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ جي وقت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر ۽ پوءِ ان ئي انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيا. پاڻ ان وقت سنڌي شعبو به قائم ڪرايائون. 53-1952ع کان وٺي 1959ع تائين ان جا انچارج چيئرمين رهيا ۽ شعبي ۾ ڪيترائي تحقيقي ڪم ڪرايائون. ان کان سواءِ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نيو ڪئمپس جي پلاٽ وٺڻ کان وٺي، نيو ڪئمپس جي مختلف شعبن کي قائم ڪرڻ، پريس، ميوزيم وغيره ۾ علامه آَءِ.آءِ.قاضيءَ جا ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا. پاڻ وائيس چانسيلر ٿيڻ تائين، سنڌ يونيورسٽيءَ کي بهتر کان بهتر ڏسڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڻ نه صرف هڪ استاد هئا، پر هڪ سٺا اسڪالر، هڪ سٺا منتظم پڻ رهيا. پاڻ ڪيترائي عهدا ماڻيائون پر هر عهدي تي نهايت ئي سچائي، ايمانداري ۽ جفاڪشيءَ سان ڪم ڪري پنهنجو پاڻ کي مڃرايائون.

1980ع ۾ اسلام آباد ۾، اسلامي يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسيلر مقرر ٿيا. سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسيلر رهيا، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ جا 1979ع کان 1982ع تائين ڊائريڪٽر رهيا، تعليم جا وزير (نگران) رهيا. 1977ع کان 1979ع تائين ثقافت، آثار قديمه، رانديون ۽ صحت جا وزير مقرر ٿيا. 1979ع ۾ قومي ڪميشن تحقيق، تاريخ ۽ ثقافت جا چيئرمين مقرر ٿيا. 1983ع کان 1989ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جا مشير ٿي رهيا. پاڻ اتي به ڪيتريون ئي اسڪيمون ٺاهي، ڪتاب شايع ڪرايائون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جا 1991ع ۾ پهريان چيئرمين رهيا، جتي پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ٻوليءَ کي استعمال ڪرڻ وغيره بابت تمام گهڻو ڪم ڪيائون ۽ آخري وقت تائين سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين ادارن ۾ سينيٽ، اڪيڊمڪ ڪائونسل جا ميمبر ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ به هئا، جتي پاڻ  ڪيترائي مفيد مشورا ڏيندا رهندا هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪيترن ئي موضوعن تي سوين ڪتاب ۽ بي شمار مقالا لکيا آهن. پاڻ گڏهه“ (تنقيدي) ڪتاب کان پوءِ ٻولي ۽ ادب تي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ابتدا بابت پنهنجو نظريو پيش ڪيو آهي ۽ سنڌي ادب جي شروعات بابت وضاحت سان بيان ڪيو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي زندگيءَ جو وڏو ڪارنامو شاهه لطيف  جي ڪلام کي مرتب ڪرڻ آهي. پاڻ لطيف سائين جي ڪلام جا وڏا ڄاڻو هئا. بلوچ صاحب ڪلام جي ڪيترن سُرن کي ترتيب ڏيئي، شاهه جي ڪلام جا ڏهه جلد مڪمل تيار ڪري ان جي شرح تيار ڪئي. ان کان علاوه پاڻ جامع سنڌي لغت 1951ع، سنڌي- اردو لغت 1959ع، اردو- سنڌي لغت 1960ع ۾، جواهر اللغات، سنڌي اڪيچار، هڪ جلدي سنڌي لغات 1959ع، انگريزي- سنڌي لغات ۽ ٻيا به لغت جا ڪيترائي ڪتاب تيار ڪرايائون.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ٻيو وڏو ڪارنامو لوڪ ادب کي سهيڙڻ آهي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جي مدد سان 1955ع کان منظور ڪيل رٿا مطابق ڪم شروع ڪرايو ۽ 38 صنفن تي، 40 کان مٿي ڪتاب شايع ڪرايائون. پاڻ انهيءَ بابت لکن ٿا ته:

ان تجويز مطابق 1959ع کان لوڪ ادب جي سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، انهيءَ سلسلي ۾ تعلقي وار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب ٻهراڙين مان مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي لغت آفيس سان گڏ، لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي ويئي ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته  مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري ڇپائڻ لائق بنائين. (ڊاڪٽر بلوچ، 1998ع، ص 56)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لوڪ ادب جي ڪم تي پنهنجو پاڻ مڃايو. هن وقت تائين جيترو به ڪم ڊاڪٽر بلوچ جو ڪيل آهي، ٻئي ڪنهن به اسڪالر نه ڪيو آهي. پاڻ سنڌ جو صدين کان لڪل ۽ لَٽيل خزانو هٿ ڪري، ٺاهي، سنواري، سينگاري پيش ڪيو. بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ته ايترو ئي مواد اڃا اڻ ڇپيل موجود هو، جن ۾ لوڪ ڪهاڻين، بادشاهن، وزيرن، شهزادن، سوداگرن، جادوگرن، جنن، ڀوتن، ڏائڻين، جانورن، پکين ۽ انسانن جي عشق جي عقل، سمجهه، سياڻپ، همت، شجاعت، بهادري ۽ همدرديءَ جا قصا ۽ نصيحت آميز نُڪتا، مختلف روايتن سميت بيان ڪيا آهن. پاڻ لوڪ ڪهاڻين جا 7 جلد تيار ڪيائون، جن ۾ مقدما، ڪهاڻين جا تر ۽ بر، ڪهاڻين جا ڪردار ۽ ڪهاڻين بابت تاريخي روايتن وغيره کي بيان ڪيو آهي. ان کان سواءِ قصن ۽ عشقيه داستانن تي ڪتاب لکيائون. معياري نظمن، ديني نظمن، مولود، مدح، ٽيهه اکريون، مناظره، هفتا، ڏينهن ۽ راتيون، نظم، واقعاتي بيت، جنگ نامه، ساٺ سنئوڻ، ڪافيون، لوڪ گيتن، جمالو، مورو، ڇلڙو، لولي، همرچو کان علاوه ڳيچ وغيره سينگار شاعري، نڙبيت، پرولي، هنر، ڏٺ، معما، ڳجهارت وغيره جي صنفن تي ڌار ڌار ڪتاب لکي، انهن صنفن بابت ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ، سگهڙن جو ڪلام به شايع ڪرائي سنڌي ٻوليءَ کي مالامال ڪيو آهي. سندن گڏ ڪيل انهيءَ خزاني جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، سنڌي ثقافت، سنڌ جي تاريخي ۽ سماجي سياسي حالتن، ريتن رسمن، ڌنڌي واپار، پوکي راهي، هنر سان گڏ سنڌ جي شهرن، ڳوٺن، هنڌن، ماڳن جي ذڪر سان سنڌ جي ڏهن سخي ڏاتارن جي سخاوت جي هاڪ ملي ٿي. انهيءَ سموري ڪم جو ڪريڊٽ ڊاڪٽر صاحب ڏانهن وڃي ٿو.

انهيءَ کان علاوه ڊاڪٽر صاحب سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي به تمام گهڻو ۽ تحسين جوڳو ڪم ڪيو آهي. پاڻ موسيقيءَ ۽ راڳ جا سٺا ڄاڻو هئا، ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام ۽ سندن موسيقي تي ڪيل ڪم ساراهه جوڳو آهي. پاڻ 1973ع ۾ سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب (Development of Music in Sindhi) لکيائون.

ڊاڪٽر صاحب سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن شاهه لطف الله قادري، شاهه عنايت رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، خليفو نبي بخش لغاري، صوفي محمد صديق فقير، حمل فقير لغاري ۽ نواب ولي محمد لغاريءَ وغيره جي ڪلام کي سهيڙي، ترتيب ڏيئي، انهن جي زندگيءَ ۽ ڪلام بابت مقدما لکي شايع ڪرايا آهن، جيڪو به سندن وڏو ڪارنامو شمار ٿئي ٿو.

پاڻ عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ به ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا آهن. سنڌ جي تاريخي ڪتابن، تاريخ معصومي، چچ نامه، تحفة الڪرام، تاريخ طاهري، لب تاريخ سنڌ، بيگلار نامه سندن ئي ڪوششن جو نتيجو ۽ ثمر آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا سنڌ جي تاريخ بابت ڪافي مقالا لکيل آهن. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌ جي علمي ادبي تاريخي ذخيري تي، پير حسام الدين راشديءَ سان گڏجي سنڌي ادبي بورڊ جي رٿا تحت ٻيا به ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي شخصيت، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ ڪيل سندن خدمتن جو شمار ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. ڊاڪٽر صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي ته ڪئين ڪتاب لکي سگهجن ٿا. صرف هڪ مقالي ۾، ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت کي پيش ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. پر ادب جي هڪ ادنيٰ خادم جي حيثيت ۾، ڊاڪٽر بلوچ صاحب تي ٻه ٽي لفظ لکي، پاڻ کي سندس پسند ڪندڙن ۽ متاثر ٿيندڙن ۾ شمار ڪرائي سگهان ٿي. ڇاڪاڻ ته منهنجي چيئرپرسن واري سڄي دؤر ۾، ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان سنڌي شعبي مان شايع ٿيندڙ ڪتابن ’ڪينجهر‘ جي مختلف پرچن لاءِ ۽ شاهه لطيف تي شايع ٿيندڙ ڪتابن ’اگهيا سُٽ سندا‘ ۽ ’لوچيان ٿي لاحد ۾‘ ڪتاب ۾ مقالن لاءِ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۽ لکپڙهه ٿيندي رهندي هئي. اسان سندن لکيل مقالن کي ڪمپوز ڪري سندن چوڻ مطابق پروف ڏسڻ لاءِ) موڪليندا هئاسون ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ پروف ڏسي موڪليندا هئا ۽ هر وقت منهنجي همت افزائي ڪندا رهندا هئا. ان کان سواءِ سنڌي شعبي ۾ منعقد ٿيندڙ شاهه لطيف ليڪچر پروگرامن ۾ شرڪت ڪري، پنهنجي قيمتي راءِ ڏيندي اصلاح پڻ ڪندا رهندا هئا. سنڌي شعبي جي ڪتاب ’اگهيا سُٽ سندا‘ ۾ سندن تقرير پڻ شامل آهي.

آخر ۾ اها الله سائين کان دعا آهي ته کين جنت ۾ جاءِ ڏي (آمين) ۽ اسان سڀني کي  توفيق ڏي ته سندن نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ سندن نوازيل سرمائي کي پڙهون، سکون، سمجهون، عمل ڪريون ۽ سنڀالي رکون. ائين ڪرڻ سان ڊاڪٽر صاحب جن هر وقت، هر لمحي اسان جي دلين ۾ سدائين موجود رهندا.

 

حوالا

1.                         الانا، غلام  علي، ڊاڪٽر، (مقالو) ’هڪ ٻهڳڻو دانشور‘، (ڊسمبر 2000ع) نئين زندگي، انفارميشن ڊپارٽمينٽ آف پاڪستان ص 7.

2.                       جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر- ”ڊاڪٽر بلوچ- هڪ مطالعو،“ (1998ع) لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين.

 ڊاڪٽر عبدالرسول قادري

 

 

 

         

            سائين ڊاڪٽر بلوچ: عظيم استاد

             (سندن خط ۽ پهرين ملاقات جو احوال)

سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ولد علي محمد خان لغاري (اين. اي بلوچ، ڄم: 16 جنوري 1917ع- وفات 6- اپريل 2011ع). سر زمينِ سنڌ جو تاريخ ساز ۽ عظيم انسان هو. هُن جون لافاني تحقيقي ۽ علمي ادبي خدمتون سج جيان روشن آهن. سندس سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ خطن جا مجموعا شايع ٿيا آهن. اها پنهنجي ليکي وڏو علمي خزانو آهي. انهن علمي ۽ تاريخي خطن ۾ ڪيئي هيرا جواهر سمايل آهن. اڃا به علمي دنيا ۾ سندس گهڻائي خط علم دوستن وٽ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. ضرورت آهي ته انهن خطن کي ڳولي مواد مرتب ڪجي، ته اها وڏي علمي خدمت ٿيندي.

خط انساني زندگيءَ جو آئينو هوندو آهي، خطن مان لکندڙ جي شخصيت، علمي عظمت، اعليٰ فڪر ۽ اکرن جي خوشبوء ظاهر هوندي آهي. هونئن ته سائين ڊاڪٽر بلوچ جي خط و ڪتابت جو سلسلو هڪ عام ٻهراڙيءَ جي سالڪ سگهڙ کان وٺي، سنڌ پاڪستان ۽ دنيا جي مڃيل اسڪالر ليکڪن ۽ محققن تائين وسيع هو. مون علم جي طالب ۽ سندس رهبريءَ ۾ پي ايڇ. ڊي  جي شاگرد وٽ سائين ڊاڪٽر بلوچ جا کوڙ سارا عيد مبارڪ جا ڪارڊ ۽ خط محفوظ آهن. اهي خط سنڌي، انگريزي ۽ عربيءَ ۾ لکيل آهن. انشاءَ الله تعاليٰ انهن سمورن خطن کي تعليقات ۽ سوانح حيات سان گڏ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويندو. في الحال يادگيريءَ قائم رکڻ لاءِ انهن خوشبودار خطن مان چونڊ خط هتي شامل آهن. خطن جو مختصر پس منظر ۽ تعارف به شامل آهي ته، جيئن خطن جي علمي اهميت سامهون رهي.

سائين ڊاڪٽر بلوچ اڄ کان ٽيهه سال اڳ منهنجي لکيل خط جي موٽ ۾ پهريون خط اسلام آباد مان لکيو. جيتوڻيڪ ان وقت پاڻ اسلامي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو. منهنجو خط سنڌ جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي ? (1102هه- 1165هه) جي بيتن بابت هو، پر سندس حضرت شاهه ڀٽائي ۽ هن جي پيغام سان محبت هئي، ان ڪري شاهه لطيف جي حوالي سان رهنمائي ڪيائون. پوءِ منهنجو اهو پهريون خط ۽ ان تي جوابي نوٽ سندس خطن جي مجموعي ”سڄڻن جا سلام“ ۾ به شامل آهي.

 

باسمہ تعاليٰ

ڊاڪٽر اين. اي بلوچ

پوسٽ باڪس نمبر 1230

اسلام آباد

3 ربيع الاول 1401هه

10 جنوري 1981ع

 

پيارا ادا عبدالرسول

اسلام عليڪم

اوهان جو خط مؤرخه 22 صفر 1401هجري پهتو. اوهان نهايت پيارو ۽ تفصيلي خط لکيو آهي ۽ اوهان جي نيڪ خيالن تي مون کي گهڻي خوشي ٿي آهي، مبارڪ باد!

شاهه عبداللطيف ? نه فقط سنڌ جو وڏو شاعر ۽ مفڪر هو، پر هو دنيا جي وڏن شاعرن مان هڪ آهي. اعليٰ تخيل، نيڪ ۽ پاڪيزه جذبات سندس شعر جو روح آهن. هو ڪابه اهڙي هيٺاهين ڳالهه ڪونه ٿو ڪري، جيڪا عام ماڻهو ڪندا آهن. اها ئي سندس ڪلام جي صحيح پرک آهي، البت جيئن ڪن وڏن شاعرن سان ٿيو آهي، تيئن ڀٽائي صاحب جي نالي به ڪيئي بيت ۽ ڳالهيون منسوب ڪيون ويون آهن، جيڪي ڀٽائي صاحب جي شايان سان ناهن. ”ملا ملا“ وارا بيت جن ۾ گِلا آهي، سي پوين احمقن جا ٺهيل آهن. انهن کان سواءِ ڪي ٻيا بيت جن ۾ گلا ناهي، پر ميار آهي، سي به پهرئين دور جي رسالن ۾ ڪين آهن ۽ پوئين دور (اڄ کان سؤ سال کن اڳ) جي رسالن مان به بلڪل آخر ۾ لکيل هڪ ٻن قلمي رسالن ۾ آهن، پر انهن اڳين رسالن ۾ اهڙا ڪيئي بيت ۽ وايون آهن، جيڪي ٻين جا آهن ۽ ڀٽائي صاحب جا ناهن. ڀٽائي صاحب جي بيتن ۽ واين جي پرک اها آهي ته، انهن ۾ سوچجي ته ”لفظن يا معنيٰ جي ڪيتري سهڻائي آهي“ جن بيتن ۾ لفظ يا معنيٰ جي سهڻائي ناهي، سي ڀٽائي جا آهن ئي ڪين. در محمد ڪمال صاحب پنهنجي مضمون ۾ صحيح خيال پيش ڪيو آهي. اميد ته اوهان به خير سان هوندا. سلام سنگت کي.

مخلص

نبي بخش

 

]ڪن ماڻهن واتان ”ملا ملا نه چئو“ ۽ ”ملا مرئي ماء“ جهڙا بيت شاهه ڀٽائي جي نالي منسوب ٻڌبا هئا. انهن بيتن جي تحقيق خاطر سائين ڊاڪٽر بلوچ کي خط لکيو ويو. هيءُ مٿيون تحقيقي جواب ان خط جي پس منظر ۾ لکيل آهي. ان کان پنجويهه سال پوءِ جڏهن سندس خطن جو ڪتاب ”سڄڻن جا سلام“ 2005ع ۾ ڇپيو ته، ان ۾ منهنجو لکيل خط علمي اهميت خاطر شامل ڪرڻ سان گڏ هيٺان پاڻ هيءُ نئين سر وضاحتي نوٽ لکي شامل ڪري حقيقت کي ويتر چِٽو ڪيو.[

خط ۾ لکيل بيت، انهن پڙهڻين سان ’شاهه جي رسالي‘ جي ڪنهن به قلمي نسخي يا ڇاپي ۾ ڏنل ناهن ۽ شاهه صاحب جي شعر ۽ فڪر جي معيار کان ڪِريل آهن. مڪتب ۾ پڙهائيندڙ ’مُلا‘ (پرائمري ٽيچر) تي، مفڪرن ۽ صوفين سالڪن گهڻي وقت کان تنقيد ڪئي، پر اها تنقيد تعليمي نقص جي لحاظ سان هئي. شاهه صاحب پڻ ان طرح تنقيدي بيت چيا، جيڪي رسالي جي مستند متن ۾ سريمن جي داستان 3 هيٺ موجود آهن. جيڪي بيت پوءِ فرقيواريت يا جهالت سببان ’ملا‘ لاءِ حقارت طور چيا ويا. تن جي شروعات هڪ اوائلي بيت جي غلط پڙهڻي سان ٿي. اهو بيت قاضي قادن جي ڪلام ۽ پوءِ شاهه جي ڪن رسالن ۾ شامل ٿيو. اصل بيت اڻ ڄاڻ طبيبن بابت هو ته:

پتو ڦٽو پيٽ ۾، وڍي مُلا ماه،
ڌائين ڏني ڌوڙ ۾، الله اوري آه.

 

يعني مرض اندر ۾ آهي، پر طبيب پيو ٻاهرين جسم وٽان (ملا) گوشت ڪوري: يعني اڻ ڄاڻ حڪيم مٽي ۾ ٽٻي هنئين آهي ۽ الله شل منهنجي آهه اگهائي (اوري). هن بيت ۾ (مُلا) جي معنيٰ (وٽان) هئي ۽ موضوع جاهل حڪيم جو هو. اها ڳالهه هڪ ته عام پڙهندڙ کي سمجهه ۾ نه آئي ۽ ٻيو ته مخالفن ان کي ملا (مولوي) جي معنيٰ ۾ ڦيرائي پڙهيو ته:

ملين مٺي ماء، جئن پتو ڦٽو پيٽ ۾،
سڃاڻي الله، ٽٻي ڏنائين ڌوڙ ۾.

 

تفصيل لاءِ ڏسو ”شاهه جو رسالو: رسالي جو ڪلام“ مستند متن جلد ڏهون 1999ع، صفحو 265. نبي بخش. ”سڄڻن جا سلام“ صفحو 197.

]اهو خطن جو سلسلو آخر تائين جاري رهيو. ان وچ ۾ ملاقاتون ٿيون. منهنجن ڪتابن جا مقدما لکيائون. شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگئيج اٿارٽي ۽ ڪلهوڙا سيمينار ڪميٽي طرفان ڪتاب شايع ڪرايائون. پي ايڇ. ڊي لاءِ شوق ڏياري، عنوان به پاڻ ڏنائون ۽ ڪم پايهء تڪميل تي پهچايائون. [

خطن جو سلسلو جاري هو ته پاڻ اسلام آباد مان لکيائون ته: ” آءٌ 26- 27 نومبر 1987ع تي حيدرآباد ايندس. اتي اچو ته ملاقات ڪريون.“

پوءِ شايد ڪنهن سبب ڪري سندس حيدرآباد جو پروگرام تبديل ٿيو. باخبر رکڻ لاءِ وري هي خط لکيائون.

اسلام آباد

25 ربيع الاول 1408هه

18 نومبر 1987ع

ادا عبدالرسول قادري بلوچ

السلام عليڪم،

اوهان کي ٻه ڏينهن اڳ خط لکيو اٿم ته آءٌ 26-27 تاريخ هن مهيني جي حيدرآباد هوندس. اهو پروگرام بدلجي ويو آهي، هاڻي 12-13 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ هجڻ جو پروگرام آهي. هيءُ اطلاع انهيءَ لاءِ ڏنم ته اوهان کي ڪا تڪليف نه ٿئي.

 

مخلص

نبي بخش

 ]جيڪڏهن پاڻ مون کي خط نه لکن ها، ته به خير هو. آءٌ حيدرآباد ۾ قرب وارن علم دوستن سان ملي ۽ پنهنجي لائبريريءَ لاءِ ڪتاب وٺي ڳوٺ موٽي اچان ها. پر کين وقت ۽ واعدي جو قدر هو. ان ڪري هڪ اڻ واقف ۽ نه ڏٺل ماڻهو ڏانهن به ٻه ڏينهن ترسي، پنهنجي پروگرام تبديل ٿيڻ جو اطلاع لکي نهايت عالي ظرفي جو مثال قائم ڪيائون.[

 

پهرين ملاقات: آءٌ واعدي موجب حيدرآباد وڃڻ لاءِ رات سڪرنڊ ۾ وڃي رهيس. صبح جو گورنمينٽ بس ۾ حيدرآباد روانو ٿيس. صبح جو ساڍي نائين بجي ڪوارٽر نمبر 12، ڪئمپس حيدرآباد پهتس. اتي سائين ڊاڪٽر بلوچ جو ڏوهٽو فاروق مليو. جنهن احترام طور ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”ناني“ جي بجاءِ ”بابو“ ٿي سڏيو. فاروق اندر ڪمرو کولي ويهاريو ۽ ڊاڪٽر صاحب ڏي منهنجي نالي جي چٺي کڻي ويو. موٽي اچي ٻڌايائين بابو سائين ڊاڪٽر صاحب اندران در بند ڪيو لکڻ ۾ مصروف آهي. ڏهين بجي ازخود ٻاهر نيرن ڪرڻ لاءِ ايندو. سائين ڊاڪٽر بلوچ کي چٺي ملي تمام گهڻو خوش ٿيو. ماني موڪليائين. ان بعد چانهه به آئي. ان وچ ۾ پاڻ به نيرن ڪري ٻاهر اچڻ لڳو. مون، فاروق سان ڪچهري پئي ڪئي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ پڙهڻ، روزانه مصروفيت ۽ زندگيءَ جو ٽائيم ٽيبل گذارڻ جو تفصيل پئي معلوم ڪيو. فاروق ٻڌايو ته:

”بابو سائين فجر نماز پڙهي، قرآن شريف جو دور ڪري، ورزش خاطر اڌ مني ڪلاڪ لاءِ ٻاهر پنڌ نڪري ويندو آهي. واپس اچي چانهه پي لکڻ پڙهڻ لاءِ اندر ڪمري ۾ دروازو بند ڪري علمي ادبي ڪم ڪندو آهي. ڏهين بجي نيرن ڪري آفيس، سرڪاري ڪم لاءِ ويندو آهي. ٻارهين کان ٻين بجي دوران آيل ماڻهن سان علمي ادبي ملاقات جو وقت آهي. ٻين بجي گهر اچي منجهند جي ماني کائي، ٻپهري نماز پڙهي آرام ڪندو آهي. شام جو پنجين بجي کان لوڪ ادب آفيس ۾ رات جو اٺين بجي تائين ويهندو آهي. اتي لوڪ ادب، لغت ۽ شاهه جي ڪلام تي تحقيق جو ڪم جاري هوندو آهي. اهو ڪم ٻئي عملي سان گڏ استاد شيخ محمد اسماعيل جي سهڪار سان سائين ڊاڪٽر بلوچ جي نگرانيءَ ۾ ورهين کان هلندڙ آهي. رات جو اٺين بجي کان پوءِ گهر اچي ماني کائي ٽيليويزن تي خبرون خاص ڪري تاريخ  جا پروگرام ڏسندو آهي، پوءِ آرام ڪندو آهي. اهو بابا سائين جو ورهين کان معمول آهي. هونئن اسلام آباد، يا ٻئي علمي سفر ۾ ٽائيم ٽيبل ۾ مٽ سٽ ٿيندي آهي. گهر، اولاد ۽ اسان جي تعليمي نظرداري به پيار ۽ شفقت سان ڪندو رهندو آهي.“

ائين ڪندي شيخ محمد اسماعيل هڪ اڏيري لال جي پاسي جي سيد عبدالمنعم عرف محمد شاهه سان گڏ ڊاڪٽر بلوچ سان ملڻ اندر آيو. سائين ڊاڪٽر بلوچ واندو ٿي اسان وٽ آيو. پهريان مون سان ڀاڪر پائي مليو ۽ سڃاتائين، جيتوڻيڪ اڳ ۾ ڪونه مليا هئاسون. ٻين سان ملي ويهڻ شرط چيائين ته، شاهه صاحب! اسان جي اڳ ۾ خطن ذريعي علمي ڏي وٺ آهي ۽ گهڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، ان ڪري پهريان احوال توهان سان. هن شاهه صاحب ٻڌايو ته، ”اسان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڀيڻ جو اولاد آهيون.“ پوءِ سائين ڊاڪٽر صاحب بيبي بتول ۽ بيبي لعل جي حوالي سان شاهه صاحب کان تفصيلي احوال پڇيو. ان کان پوءِ وڏي ڊائري جيڏي سائي نوٽ بڪ تي اهو سمورو احوال اتي جو اتي قلم بند ڪري، وري شاهه صاحب کي پڙهي ٻڌايو. خاص ڳالهه ته شاهه صاحب وٽ پنهنجو شجرو لکيل هو. ڊاڪٽر صاحب هن کي چيو ته، اهو شجرو ڀيٽي ڏسبو. مون کي آڻي ڏيو يا آءٌ اوهان وٽ اوڏانهن روبرو اچي شجرو لکي ڀيٽيان. شاهه صاحب شجرو آڻي ڏيڻ جو وعدو ڪيو. ان کان پوءِ پاڻ شاهه صاحب کي ٻاهر دروازي تائين ڇڏي موڪلائي آيو.

ان بعد مون سان مخاطب ٿيو ته اوهان جا خط، تحفا ۽ پيغام پهتا مهرباني. ڪالهوڪي سنڌي  ادبي بورڊ جي ميٽنگ ۾ اوهان جو ڪتاب ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“ منظور ٿي ويو. مون بورڊ جي گڏجاڻي ۾ چيو ته، هيءُ ڪتاب مون ڏٺو آهي ۽ ان جو مصنف تمام لائق آهي. ان کان پوءِ مون کان ذاتي زندگيءَ جو سربستو احوال پڇيائين. مون کيس ٻڌايو ته: فارسي ۽ عربي ۾ فاضل ۽ مدرسي ۾ مُدرس هوس. پوءِ سرڪاري نوڪري ۾ آيس. سيد امداد محمد شاهه جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مجيد ڪيرئي ۾ 15 گريڊ ۾ آهيان. هن سان تاريخ ۾ ايم.اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو اٿم ۽ مطالعي ۽ ڪتابن سان عشق آهي.

پاڻ افسوس ڪرڻ لڳو ته اصل ڪم مدرسي جو هو، اهو تعليمي سلسلو نه ڇڏيو ها ۽ اسڪولي تعليم ته نقل آهي. ايم. اي امتحان تي خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته پي ايڇ. ڊي ڇو نه ٿا ڪريو؟ مون چيو ته، طريقه ڪار بابت معلومات ڪانهي، ان لاءِ ڇا ڪبو؟ پاڻ ٻڌايائين ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي چيئر قائم ڪئي اٿن. ان جو مون کي اعزازي پروفيسر مقرر ڪيو اٿن. ان ڪري منهنجي نگرانيءَ ۾ داخلا وٺو. اوهان لکو ته ڊاڪٽر بلوچ کي منهنجو گائيڊ مقرر ڪن. مون سندن همت افزائي تي شڪريو مڃيو ۽ هائوڪار ڪيم.

ان کان پوءِ مون کان منهنجو پروگرام پڇيائون. مون چيو ته بس اوهان جي ملاقات لاءِ آيو هوس. پاڻ چيائون ته چڱو مون کي به ايڏانهن سعيد آباد هلڻو آهي، ڪهڙي سواري تي هلون؟ مون کين چيو ته گورنمينٽ بس آهي، پر ان کان بهتر حيدرآباد، نواب شاهه ويگن سروس آهي. پاڻ چيائون ته اوهان هلي ويگن تي جاءِ رکو، ته آءٌ اچان ٿو. آءٌ ٻاهر نڪري ڪمند جو رس پي، ڪيلا وٺي رڪشي ۾ پٺاڻ ڪالوني ويگن اڏي تي آيس، ته پاڻ اڳ ۾ پهچي ويا هئا ۽ هڪ ويگن مان لهي رهيا هئا. چيائون ته هن ويگن ۾ ٻن ڄڻن جي جاءِ خالي آهي، پاڻ ٽي ڄڻا آهيون، ان ڪري ٻي ويگن ۾ ٿا ويهون. ٽيون ساڻن ڏوهٽو فاروق به گڏ هو. ان وٽ ٿيلهي نما ننڍي بيگ هٿ ۾ هئي. ٻي ويگن ۾ ويهي فاروق کي چيائون ته، سائين لاءِ فروٽ وٺي اچ ۽ منهنجو ڪرايو به پاڻ ڏنائون. پاڻ دريءَ کان ٿي ويٺا. ڀر ۾ مون کي ويهاريائون ۽ فاروق منهنجي پاسي ۾ ويٺو. ويگن هلي ته پاڻ مون سان حال احوال اورڻ لڳا. جيڪو احوال سعيدآباد تائين هلندو رهيو. ان جو نچوڙ هيءُ آهي ۽ اهي سڀ ڳالهيون منهنجي رهنمائي لاءِ هيون:

 * پاڻ چيائون ته ماڻهو چون ٿا ته وقت ڪونهي جو ڪم ڪجي، ائين نه آهي. رات ڏينهن ۾ چوويهه ڪلاڪ آهن. ڪلاڪ ۾ سٺ منٽ ۽ منٽ ۾ به سٺ سيڪنڊ آهن. اسان جي نوڪريءَ جي ذميداري تمام گهڻي ۽ مصروفيت به آهي، پر پوءِ به ايترو ڪم ڪريون ٿا. اوهان به وقت جو قدر ڪريو ۽ ڪم ڪريو.

* مون کي علمي شوق ڏياريندي چيائون ته ويهو نه، جتي به وڃو ته ڪو پراڻو قبرستان هجي ته اتان جا ڪتبا نوٽ ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ اهو مقام 1940ع جو هجي، پر سو سوا سال اڳ جو هجي ته بهتر. مون پاڻ اوهان جي تر ۾ مخدوم ساند لڳ خياري جو ڪتبو اتاريو هو، پر وقت ٿورو هو، سڪرنڊ ويجهو اهو تاريخي ماڳ آهي، ان تي تحقيق ڪريو. ڪنهن وٽ ڪو قلمي ڪتاب، خانداني ناياب نسخو هجي، ته ان جو احوال يعني ٻولي، موضوع، صفحا وغيره نوٽ ڪريو.

* مون خود ان سلسلي ۾ سڪرنڊ ويجهو خياري شريف جو ڪتب خانو ڏٺو هو. پير معين الدين خياري وڏو عالم ۽ حڪيم هو. ان جو ڪتب خانو ڏٺو هو. رهائش ٽي ڏينهن پير رفيع الدين خياروي وٽ هئي. ان وقت سونهاري ڪاري هئس، ڏاڍو صالح شخص هو. خوش قسمتيءَ سان مون انهن سڀني قلمي ڪتابن جي لسٽ ٺاهي هئي. هينئر خبر ناهي انهن خياري وارن ڪتابن جو ڇا ٿيو؟ مون وٽ انهن قلمي ڪتابن لسٽن جو مواد به ڪتاب جيترو آهي.

* اوهان به فوٽو گرافي لاءِ ڪئميرا وٺو. تاريخي جاين، مزارن، مدرسن ۽ قلمي ڪتابن جا فوٽو ڪڍي، پاڻ وٽ محفوظ ڪندا وڃو. اهو مواد اڳتي هلي سنڌ جي تاريخ بابت ڪم ايندو.

* مٽياري جي ويجهو آياسين ته، چيائون ته مٽياري ۾ به مڪلي، ٺٽي، روهڙي، بکر ۽ سيوهڻ وانگر تاريخ دفن ٿيل آهي، پر ڪو ان تاريخ کي اجاگر ڪري. ويجهي دور ۾ پير غلام مجدد سرهندي هتي جو برجستو ۽ لائق انسان هو. خود شاهه عبداللطيف جي نسبت ڪري هن ماڳ جي وڏي اهميت آهي.

* ڀٽ شاهه جي سامهون آياسون ته ”هالن جي مخدومن ۽ ڀٽائي“ جي باري ۾ ٻڌايائون ته، ”لطائف لطيفي“ ۾ جيتري قدر سندن اختلاف آيل آهن، انهن ۾ مبالغو آهي، البت ڪجهه اختلاف پاڙي جي ڪري هُئن. پاڻ ان ئي دور جي هڪ شاعر جو بيت پڙهي ٻڌايائون، جنهن ۾ اختلاف جو چٽو اظهار هو. اهو بيت ياد نه رهيو. وڌيڪ چيائون ته موجوده مخدوم طالب الموليٰ ڀلو لائق ماڻهو آهي. جيڪڏهن پنهنجي سواري هجي ها ته هينئر ان وٽ به هلون ها.

* مون کان پڇيائون ته غلام محمد خائزئي جو رسالو ڏٺو اٿوَ؟ مون چيو ته نه. پاڻ چيائون ته اهو رسالو نه وٺجو. آءٌ اوهان کي ڏيندس. اهو بزرگ خانزئي يا پٺاڻ ٿي سگهي ٿو يا بلوچ. وڌيڪ وضاحت ڪندي چيائون ته، هڪ ليڪ سعيد آباد کان سنڌو اوڀر سرهاري تائين، ٻي ليڪ نواب شاهه کان قاضي احمد تائين، ٽين ۽ چوٿين ليڪ قاضي احمد کان وايا سڪرنڊ، سعيد آباد تائين. مطلب ته انهي وچ جو اهو بزرگ آهي. اهو اوهان جو تر آهي. اوهان سندس ڳوٺ ڳولي ٻڌائجو، ته خانزئي ڪٿي جو هو؟

* منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائون ته، علامه آءِ. آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽو علم جا پهاڙ ۽ اسان کان سينيئر هئا. باقي اسان، محمد ابراهيم جويو، پير حسام الدين راشدي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ٻين گڏجي سنڌ جي علمي ادبي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو آهي. سنڌ جي علمي سر زمين ۾ گل ٻوٽا ۽ باغ بوستان پوکيا آهن. جيتوڻيڪ هر گُل جي پنهنجي پنهنجي خوشبوء آهي، پر سڀني اهل قلم جي نظر سنڌ جي ڀلائي ۽ علمي آبياري تي آهي.

* ان ڏس ۾ ٻڌايائون ته پير حسام الدين راشدي کان هڪ سهو ٿي وئي. آءٌ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هوس. مون ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪوشش ڪري، سنڌ يونيورسٽي لاءِ سندس ڪتب خانو وٺڻ جو خيال ڪيو. بل به ٺهي ويا، پر 25 هزار وڌيڪ تي قاسمي صاحب جي صلاح ۽ پاڻ ڪتاب اسلام آباد وڪڻي ڇڏيائين. سنڌ جي محبت جي تقاضا هئي ته اهو ناياب املهه ڪتب خانو هتي سنڌ ۾ هجي ها ته، سنڌ جي شاگردن کي تمام وڏو علمي نفعو پهچي ها!

* مون کي وصيت ڪيائون ته ڪنهن به ڪم ۾ لالچ نه ڪجي. الله اجورو ڏيندو ۽ علمي ادبي ڪم جاري رکجي.

* مون سندن مضمونن ۽ مقالن گڏ ڪرڻ جو ذڪر ڪيو، جو اڳ ۾ خطن ذريعي اهو سلسلو زير نظر هو. پاڻ چيائون ته اوهان ڀلي محنت ڪريو. آءٌ نئين شيء ميدان ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ڪراچيءَ ۾ ڪنهن عورت شايد منهنجي شخصيت ۽ ادبي خدمتن تي ڪم ڪيو آهي. ان جي خبر به مون کي پوءِ پئي آهي. ان ڪري اهيy ڪم پيا ٿيندا. اوهان ڀلي مواد گڏ ڪريو. لکڻ جي ضرورت ڪانهي. مضمون، مقالا فوٽو اسٽيٽ ٿي سگهن ٿا.

* نواب شاهه جي شاعر الحاج رحيم بخش ”قمر“
۽ اديب قريشي حامد علي خانائي لاءِ سلام ڏنائون ۽ چيائون ته لائق شخص آهن. اهڙن ماڻهن جو قدر ڪونهي. پر انهن ماڻهن جي سخت ضرورت آهي. قمر صاحب کي چئجو ته پنهنجو رسالو لکندو رهي آخر ڇپائبو ۽ قريشي کي چئجو ته تاريخي ۽ تحقيقي مقالا لکندو رهي، اها ساهتي ۽ سنڌ جي وڏي خدمت ٿيندي.

سعيد آباد شهر اچڻ وارو هو. ان ڪري مون کي چيائون ته اوهان مون سان 19 ڊسمبر ڇنڇر ڏينهن حيدرآباد ۾ ملجو. اوهان کي پنهنجا ڪتاب به ڏيکاريندس، پر آهي ڪاٻاڙي خانو. ”معيارِ سالڪان طريقت“ به اوهان کي ڏيندس. ڏسڻ ڇا جو؟ اصل ترجمو ڪريو ته ڇپرايون.

* آخر ۾ مون کي چيائون ته آءٌ ايندڙ جمعي 18 ڊسمبر تي سڪرنڊ حمل فقير لغاري جي ميلي تي حاضري ڀرڻ ايندس. سائين امداد محمد شاهه زور ڀريو آهي. اوهان مون سان اتي ڇو نه مِلو؟ مون چيو ته ائين ته ڏاڍو سٺو. مون حمل فقير تي اچڻ جو وعدو ڪيو.

اوچتو ڊرائيور ويگن کي تڪڙي بريڪ هنئي. ذري گهٽ ويگن اڳئين گاڏي کي لڳڻ کان بچي وئي. ان تي سائين ڊاڪٽر بلوچ ويگن ڊرائيور کي هڪل ڪري چيو ته: ٽريفڪ قانون ڪونه پڙهيو اٿئي ڇا؟ ته پنهنجي گاڏي اڳئين سواري کان ڪيتري فوٽن تي پري هلائڻي آهي. ان تي ڊرائيور شرم سار ٿيو ۽ آئيندي اُٻهرائي نه ڪرڻ جو واعدو ڪيائين.

ويگن سعيد آباد شهر ۾ پيٽرول پمپ وٽ پهتي ته اسان لٿاسون. سائين ڊاڪٽر بلوچ ۽ فاروق کان موڪلائي وري آءٌ ويگن ۾ چڙهيس ۽ سڪرنڊ اچي لٿس. پوءِ ڳوٺ ٻي سواريءَ ۾ ڳوٺ دڙي مگسي پهتس. سائين ڊاڪٽر بلوچ جا ڳُڻ ۽ ڳالهيون، علمي شوق ۽ صلاحون هينئين سان هنڊائي، انهن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. سندن علمي شوق ڏيارڻ، رهنمائي ۽ صلاح سان مسلسل جدوجهد ڪري پي ايڇ. ڊي ڪئي اٿم. پنجويهه ڪتاب ڇپيا آهن ۽ ڳچ ڪتابن تي ڪم هلندڙ آهي. خاص ڪري ”تاريخ سڪرنڊ“ مڪمل ٿيڻ تي آهي.

آءٌ واعدي موجب 18 ڊسمبر جمعي جي ڏينهن نماز کان پوءِ موٽر سائيڪل تي پنهنجي ڀاءُ دلشير مگسي سان حمل فقير لغاري ويس. آءٌ پهتس ته سائين ڊاڪٽر بلوچ اسٽال پئي ڏٺا. آءٌ حمل فقير جي مزار تي دعا گهري، سائين بلوچ صاحب سان وڃي مليس. پاڻ ڀاڪر پائي مليو ۽ چيائين ته اوهان واعدو پوري ڪري حمل تي آيا، پر مون کان واعدو پورو نه ٿيو، جو ”معيار سالڪان طريقت“ ڪونه کڻي آيس. مون اچڻ سان اوهان جي جانچ ڪئي ۽ سائين امداد شاهه کان پڇيو. چڱو ٿيو اوهان آيا. ان کان پوري 4 بجي ادبي مجلس شروع ٿي. تلاوت لاءِ تاج جويي اعلان ڪيو ته، عبدالرسول قادري اچي تلاوت قرآن پاڪ ڪري. مون سورة والعصر پڙهي. ان کان پوءِ ڏيڍ ڪلاڪ کن سگهڙ ۽ شاعر اديب شعر پڙهندا رهيا. ان دوران نواب شاهه مان رحيم بخش ”قمر“ به آيو. آخر ۾ سائين امداد محمد شاهه تقرير ڪئي، خاص ڪري حمل فقير تي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان.

صدارتي تقرير سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب پوڻين ڇهين بجي ڪئي، تقرير ۾ چيائين ته: ”حمل فقير تي پهريان اڄ کان 44 سال اڳ شاگرديءَ جي زماني ۾ اچبو هو. حمل شاعر سان گڏ استاد به هو ۽ مدرسي ۾ پڙهائيندو هو. جيڪڏهن حمل فقير جو ڪو نئون ڪلام هٿ اچي، ته ان کي ڇنڊڇاڻ ڪري شايع ڪندس.“ 6 بجي ادبي مجلس پوري ٿي. سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان موڪلائي قمر صاحب ۽ اسان رات ڳوٺ دڙي مگسي اچي رهياسون.

 

20- مسجد روڊ ايف 4/6 اسلام آباد

25 ذوالحج 1405هه

11 سپٽيمبر 1985ع

 

فاضل محترم عبدالرسول قادري بلوچ

وعليڪم السلام ورحمة الله و برڪاتہ

اوهان جو خط مؤرخه 11 ذوالحج 1405هه مليو. پڙهي خوشي ٿي جو اوهان معلومات حاصل ڪري رهيا آهيو ۽ مطالعي ۾ مشغول آهيو. اللّٰهم زِد فَزِد!

2. ’لطائف لطيفي‘ جو سنڌي ترجمو ڪريو. ڇپائڻ جي انتظام جي ڪوشش ڪنداسون.

3. جيئن ته شاهه صاحب جي سوانح ۽ رسالي تي ڪم ٿي رهيو آهي. انهيءَ ڪري اميد ته ”معيار سالڪان طريقت“ جو عڪس مون وٽ پهچي ويندو ۽ اوهان ڏانهن به موڪليندس. مون ’لطيف ڊائجسٽ‘ مئي- جون وارو نه ڏٺو آهي جو ملڪ کان ٻاهر هوس. ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

4. مخدوم محمد هاشم بابت ڪتاب لکڻ تي مبارڪ هجي. اهو تمام ضروري آهي ته مخدوم صاحب جا تصنيف ڪيل گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ڏسو ته، جيئن سوانح بابت وڌيڪ مواد حاصل ٿي سگهي. هڪ باب اميد ته مخدوم صاحب جي تصنيفن بابت ڏيندا. (اوهان جي ڏنل بابن جي فهرست ۾ موجود آهي.) ”اتحاف الاڪابر“ ۽ ٻيا ڪتاب اهم آهن. اميد ته ”بذل القوة في حوادث سِني النبوه“ جو مقدمو (سائين مخدوم امير احمد صاحب مرحوم جو لکيل) اوهان پڙهيو هوندو، وڌيڪ صلاح آئنده.

5. ڪتب خاني قائم ڪرڻ جي مبارڪ هجي. حاضر مون وٽ ڪي وڌيڪ ڪتاب پيل هوندا ته موڪليندس، پر اهو ڪم حيدرآباد وڃڻ بعد ٿيندو.

 

                        مخلص

                    نبي بخش عفي عنہ

 

]سائين ڊاڪٽر بلوچ جي شاهه ڀٽائي سان وڏي محبت هئي. پاڻ عبدالحسين ”سانگي“ جو فارسي ڪتاب ”لطائف لطيفي“ ايڊٽ ڪري ڇپرايائون. مون کي ان جي سنڌي ترجمي ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيو اٿن. اهو ترجمو سندن مقدمي سان ڇپيو ۽ ڀٽ شاهه جي ميلي تي 1986ع ۾ ان جو افتتاح ٿيو. علي شير ”قانع ٺٽوي“ جو فارسي ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ برٽش ميوزم لنڊن ۾ هو. ان جي عڪس ملڻ جو ٻڌايو اٿن. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ ڪتاب لکڻ لاءِ طريقه ڪار ۽ ماخذن جي نشاندهي ڪئي اٿن. سندن صلاح سان مون لائبريري سيٽ ڪري سهڻي نموني ٺاهي ته ان تي مبارڪ ڏني اٿن.[

 

اسلام آباد

22 جمادي الاول 1408هه

13 جنوري 1987ع

 

عزيزم عبدالرسول

السلام عليڪم

اوهان جو خط مؤرخه 18 جمادي الاول پهتو، احوال معلوم ٿيو. اوهان رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي ڏي ليٽر لکو ته،  مون کي Ph.D ۾ داخلا جا ٻه فارم موڪليو جو آءٌ داخل ٿيڻ چاهيان ٿو. ڪو واقف هجي ته اهو به اوهان لاءِ فارم وٺي سگهي ٿو.

آءٌ انشاء الله 1 تاريخ ۽ 2 تاريخ فيبروري جي حيدرآباد هوندس اتي ملندا ته وڌيڪ صلاح ڪنداسون.

مون  اوهان جي لاءِ مير علي شير قانع جي ڪتاب جي فوٽو ڪاپي به هٿ ڪئي آهي ۽ اوهان جي حوالي ڪندس.

اميد ته بخير و عافيت هوندا.

                     مخلص

                     نبي بخش عفي عنہ

]مون کي روبرو Ph.D لاءِ همٿائي ان جي داخلا لاءِ طريقيڪار لکيو اٿن. منهنجي مهربانن ڊاڪٽر محمد قاسم سومري ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي يونيورسٽي مان فارم وٺي ڇڏيا. آءٌ کين حيدرآباد مليس فارم صحيح ڪري شايد مسٽر فاروقي ڊين هو، ان کي چيائون. ”معيار سالڪان“ بابت يادگيري ڪئي اٿن.“

 

علامه آءِ. آءِ قاضي چيئر

سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس حيدرآباد

1991-03-05

 

مخدوم محمد هاشمؒ   بابت پي ايڇ. ڊي ڊگري لاءِ ڪم

اوهان جو خط مؤرخه 22 جنوري 1991ع مليو احوال ٿيو. پي ايڇ. ڊي ۾ داخلا وارو ليٽر رڪارڊ تي رکيو ويو آهي. وڌيڪ هدايتن وٺڻ لاءِ جڏهن اچو 12 بجي جي وچ ۾ مِلو. اميد ته اوهان پنهنجو ڪم پوري محنت ۽ تحقيق سان ڪري رهيا آهيو.

                نبي بخش

]سندن شوق ڏيارڻ ۽ مهرباني سان Ph.D ۾ داخلا ٿي وئي. سنڌ يونيورسٽي اهڙو اجازت نامي جو ليٽر مون ڏي سڪرنڊ موڪليو ۽ گائيڊ جي حيثيت ۾ کين به ليٽر مليو. ان بابت آگاهه ڪري تحقيق ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيو اٿن. وڌيڪ رهنمائي لاءِ وقت بوقت حيدرآباد ۾ ملڻ جو وقت مقرر ڪيو اٿن.[

        ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

12. سنڌ يونيورسٽي (اولڊ ڪئمپس)

        حيدرآباد سنڌ. 1999-05-27

 

محترم ڊاڪٽر عبدالرسول قادري سلمہ الله

السلام عليڪم ورحمة الله و برڪاتہ

اوهان جو خط پهتو ۽ اوهان جي علمي ذوق ۽ ڪوشش جو تفصيل معلوم ٿيو. اللّٰهم زِد فَزِد!

ڪتاب ’بيان العارفين‘ ملفوظات شاهه عبدالڪريم (فارسي) جا ٻه قلمي نسخا دستياب ٿيا آهن. مقصد آهي ته انهن ٻنهي کي سامهون رکي صحيح متن قائم ڪري، ان جو سنڌي ترجمو ڪجي. منهنجي آڏو وري به اوهان جو نالو آهي. ترجمي لاءِ ۽ متن لاءِ چئن مهينن جو مدو تجويز ڪيل آهي ۽ پندرهن هزار رپيا معاوضو طئي ڪيل آهي. سنڌي بيت البت پڙهڻ ۾ ڏکيا آهن، انهن جي درستگي آءٌ ڪندس. جيڪڏهن هن ڪم ۾ دلچسپي هجي ته اطلاع ڏيندا. اميد ته بخير و عافيت هوندا.

                             مخلص

                            نبي بخش

نوٽ: ”اسان جو ڳوٺ جعفر خان لغاري“ اوهان جي لاءِ هٿ ڪري رکيو اٿم. ذرا ضخيم ۽ قيمتي ڪتاب آهي. پوسٽ ۾ هيٺ مٿي ٿي سگهي ٿو. ڪنهن کي چوندا ته هتان هٿو هٿ وٺي وڃي يا جڏهن اوهان ايندا تڏهن پاڻ کڻي ويندا.                      

                       نبي بخش

]جيئن ته مون فارسي ۾ ڪتاب ترجما ڪيا ۽ اهي ڇپيا هئا. جيئن: لطائف لطيفي، تحفة الطاهرين، رشف الزلال، حاصل النهج، منشور الوصيت ۽ تحفة المسلمين، اها کين خبر هئي. تنهن ڪري شاهه ڪريم جي فارسي ملفوظات جي متن ۽ ترجمي لاءِ لکيو اٿن.

سندن ابتدائي آتم ڪهاڻي ”اسان جو ڳوٺ“
ڪتاب هٿو هٿ ڏيڻ لاءِ چيو اٿن.[

ڊاڪٽر اين. اي بلوچ

علامه قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽي

اولڊ ڪئمپس حيدرآباد سٽي

2005-04-15

 

عزيزم ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، سلمہ الله

وعليڪم السلام ورحمة الله و برڪاتہ

اوهان جو خط مؤرخه 29 صفر 1426هه/9- اپريل 2005ع مليو، ڪتاب به پهتا. اوهان يادگيري ڪئي، جنهن لاءِ مهرباني.

مخدوم سرور نوحؒ تي لکيل اوهان جو ڪتاب ڏٺم، ته اهو اوهان منهنجي نالي منسوب ڪيو آهي ۽ پڻ پيش لفظ ۾ پيارا الفاظ آندا آهن. اها اوهان جي قلب جي وسعت ۽ علمي بصيرت آهي، آءٌ ممنون آهيان.

2. مزيد ڪاپيون جيئن اوهان چيو آهي تيئن مظهرالحق صديقي صاحب ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري کي پهچائبيون.

3. تذڪرہ ۽ حديقہ جا مبيضه موڪلي ڏيو. اهي بورڊ طرفان شايع ٿيندا. اهڙو فيصلو ٿيل آهي.

اميد ته اوهان بخير عافيت هوندا. صحت جو گهڻو خيال رکندا. مون کي به عارضو آهي ۽ درا (؟) ڪرڻ ۾ غفلت پئي ٿئي!

                       مخلص

                       نبي بخش

]مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي سوانح ۽ علمي خدمتن بابت سندن رهنمائي ۾ پي ايڇ. ڊي بابت لکيل تحقيقي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري طرفان ڇپيو ته، سندن ۽ دوستن لاءِ خذمت ۾ ڪاپيون موڪليم ۽ علمي احسان مندي طور اهو ڪتاب سندن نالي منسوب به ڪيم، ته پاڻ ان کي منهنجي قلبي وسعت ۽ علمي بصيرت ڄاڻائي ممنون ٿي شڪر گذاري ۽ مظهرالحق صديقي ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري کي به ڪاپيون موڪلڻ لاءِ خط لکيو اٿن.

سنڌ جي صوفين بابت ڪتاب ”تذڪرة المراد“
عربي قلمي ۽ حديقة الاولياء فارسي (مرتب: سيد حسام الدين راشدي) ڪتابن جو سنڌي ترجمو ڪرڻ لاءِ مون کي چيو هئائون. انهن ٻنهي مترجم: ڪتابن کي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائيءَ لاءِ منظور ڪرائي اطلاع ڏنو اٿن. جڏهن ادبي بورڊ ٻئي ڪتاب ڇپيا ته همت افزائي لاءِ خط ۾ لکيائون ته: ”مون کي دلي خوشي آهي جو اوهان پنهنجو علمي ادبي ڪم نهايت سهڻي نموني سان ڪري رهيا آهيو. اوهان سٺو ترجمو ڪيو آهي. مبارڪ باد!“

مقصد ته سندن خوشبودار خطن ۾ علم و ادب بابت رهنمائي، همت افزائي ۽ پيغام عمل سمايل آهي.[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com