پيغام
سنڌي ادبي بورڊ ۾ چيئرمن جي منصب سنڀالڻ کان
پوءِ دل ۾ خيال آيو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي
رهيل ڪم کي اڳتي وڌائجي، آءٌ اڃان ان ئي سوچ
ويچار ۾ هئس ته جناب قائم علي شاهه وزيراعليٰ
سنڌ جن ڊاڪٽر اين.اي.بلوچ انسٽيٽيوٽ آف
هيريٽيج ۽ ريسرچ جي چيئرمن شپ سنڀالڻ جي آڇ
ڪئي، جا مون خوشيءَ سان قبولي ورتي ۽ ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جي ڪيل تحقيقي ڪم جي نگراني ڪرڻ جو
بهترين موقعو مليو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
علمي ڪارنامن جو نه رڳو معترف رهيو آهي بلڪ
بورڊ ڊاڪٽر صاحب جي لوڪ ادب ۽ لغت اسڪيمن سان
لاڳاپيل ڪتاب ۽ لغات عاليشان نموني ڇاپي پڌرا
ڪيا ۽ گڏوگڏ سندن سهيڙيل سنڌي ٻوليءَ جي
ڪلاسيڪل شاعرن جو ڪلام پڻ بورڊ ڇاپي پڌرو
ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي لطيف شناسي ۽
تاريخ شناسي پڻ هڪ وڏو علمي پهلو آهي، جنهن تي
هڪ ڌار نشست برپا ڪري سگهجي ٿي. پاڻ لطيف جا
وڏا شارح ۽ پارکو هئا، سندن تحقيق ۽ تدوين جو
مقام عالمي معيار جو آهي. اسان جي سنڌي
اسڪالرن سان اها ناانصافي آهي جو انهن کي
پنهنجي اصل مڃتا نه ملي آهي، جن جا هو صحيح
معنيٰ ۾ حقدار آهن. سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندڙن
۾ جهڙيءَ ريت پير حسام الدين راشديءَ جو نالو
نمايان ۽ معتبر آهي تيئن ادب، ٻولي، لوڪ ادب ۽
خاص طور تي لطيفيات ۾ وري ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو
نالو وڌيڪ اهميت جو حامل آهي. علامه آءِ.آءِ
قاضي کان پوءِ سنڌ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ئي
واحد استاد ۽ اسڪالر هئا، جن گهڻي کان گهڻا
سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر پرڏيهه ۾ به پنهنجا قابل ۽
سٺا شاگرد/استاد پيدا ڪيا.
”مهراڻ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ“ ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جي ڪيل علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن سميت
سندن گران قدر شخصيت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ
لاءِ سندن پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان هڪ
خصوصي اشاعت ۽ اهتمام هيٺ بورڊ طرفان ڇاپي
پڌرو ڪيو ويو آهي. هن نمبر ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب
جي مڙني علمي، ادبي ۽ تحقيقي پهلوئن تي گهڻ
طرفي روشني وڌي وئي آهي. سنڌ جي انهن نامور
اسڪالرن جا مضمون، مقالا ۽ تاثر هڪ وڏي اسڪالر
۽ عالم جي شخصيت کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد فراهم ڪن
ٿا. هن نمبر جي مواد گڏ ڪرڻ ۽ ايڊٽ ڪري
ڇپائيءَ جي مرحلي تائين رسائڻ ۾ محترم دين
محمد ڪلهوڙو ايڊيٽر ٽماهي ”مهراڻ“ وڏي جفاڪشي،
تندهيءَ ۽ دلي لڳاءَ سان ڪم ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ
بورڊ جي سيڪريٽري محترم الهڏتو وگهيو صاحب جي
اڻٿڪ ڪوششن سان هيءُ نمبر وقت تي ڇپجي پڌرو
ٿيو آهي. هي ٻئي فرد بيشڪ مبارڪن جا مستحق
آهن.
اسان مستقبل ۾ سنڌ جي انهن سداحيات نامور
اديبن، عالمن ۽ شاعرن تي ”مهراڻ خاص نمبر“
شايع ڪرڻ جو نيڪ ارادو رکون ٿا، جن سنڌي ٻولي،
ادب، تاريخ ۽ شاعريءَ ۾ نمايان خدمتون سرانجام
ڏنيون. بورڊ انهن نامور ڏات ڌڻين جو هميشه
ٿورائتو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان مانوارن
اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن سان رابطي ۾ آهيون.
مخدوم جميل الزمان
چيئرمن، سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو
پيغام
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو اهو نامور
اسڪالر هو، جنهن تي سنڌ جيترو ناز ڪري اهو گهٽ
آهي، سندن خدمتن جو دائرو وسيع آهي. ڊاڪٽر
صاحب جو تعلق سنڌي ادبي بورڊ سان به رهيو،
سندن اهو تعلق ڪو عام رواجي تعلق نه هو بلڪه
اهو هڪ محبت ۽ پيار وارو تعلق هو. پاڻ بورڊ جي
شروعاتي ميمبرن مان هو ۽ گڏوگڏ لوڪ ادب ۽ لغت
اسڪيم جو پڻ ڊائريڪٽر هو. هنن ٻنهي اسڪيمن
دراصل بورڊ کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ روشناس
ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان ناتي بورڊ
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو قرضدار آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي
اهڙين علمي ۽ تحقيقي خدمتن کي ڀيٽا ڏيڻ سنڌي
ادبي بورڊ جي ترجيحات ۾ شامل آهي. ڊاڪٽر صاحب
جن جي لاڏاڻي کان پوءِ بورڊ جي لائق چيئرمن
جناب مخدوم جميل الزمان صاحب جن ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جن جي مڙني علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن کي
ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ”مهراڻ خاص نمبر“ جو اعلان ڪيو.
چيئرمن صاحب جن جي اهڙي حڪم ۽ هدايتن جي پيش
نظر اسان مهراڻ جو هيءُ ”خاص نمبر“ سندن بي
انتها خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سندن
پهرين ورسيءَ جي موقعي تي خاص اشاعت هيٺ پڌرو
ڪري رهيا آهيون. آءٌ بورڊ جي هردلعزيز چيئرمن
جناب قبله مخدوم جميل الزمان صاحب جن جو نهايت
ئي ٿورائتو آهيان جن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙي
عالمي اسڪالر جي خدمتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ هن
خاص نمبر پڌري ڪرڻ جا نه رڳو احڪام ڏنا پر
وقتاً بوقتاً پنهنجي مفيد مشورن کان پڻ
نوازيندا رهيا. هيءُ نمبر مواد جي حوالي سان
تاريخي حيثيت رکي ٿو، ڇو ته هن نمبر ۾ ڊاڪٽر
صاحب جي همعصر عالمن ۽ اديبن سميت سندن لائق
شاگردن، عزيزن ۽ گهر وارن جو مواد شامل آهي ۽
گهڻو ڪري ڊاڪٽر صاحب جي مڙني پهلوئن کي اجاگر
ڪري ٿو.
هن خصوصي نمبر جي تڪڙي اجراء لاءِ آءٌ بورڊ جي
سموري ٽيم جو ٿورائتو آهيان، جنهن ۾ ايڊيٽر
مسٽر دين محمد ڪلهوڙي، سميت پبليڪيشن آفيسر
مسٽر سڪندر علي شاهه، ڪمپيوٽر ليب انچارج
مسٽر سليم اختر پيرزادي، سينئر آپريٽر
عبدالصمد ٻٻر ۽ ٻيا ورڪر شامل آهن. هنن دوستن
جي ڀرپور تعاون ۽ محنت سان هيءُ تاريخي رٿا
پايئه تڪميل تي پهتي آهي. اسين اميد ڪريون ٿا
ته لائق پڙهندڙن کي اسان جو ڪيل هيءُ پورهيو
قبول پوندو.
الهڏتو وگهيو
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
گذارش
صديءَ جو وڏو ماڻهو
تاريخ ۽ تاريخ ۾ جنم وٺندڙ ڪردارَ، هڪٻئي جي
سڃاڻپ ۽ ڏَڍُ هوندا آهن. اهي سدوريون صديون
هونديون آهن، جن ۾ اهڙا اَمر ڪردارَ جنم وٺندا
آهن، جن تي صديون فخر ڪنديون آهن. 20 صديءَ کي
به فخر حاصل آهي، ڇو ته سندس جهول ۾ به ڪافي
اهڙن اَمر ڪردارن جنم ورتو، جن جي ڪري 20 صدي
تاريخ ۾ وڌيڪ نشانبر ۽ اهميت واري بڻي. شهيد
ذوالفقار علي ڀُٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو،
شهيد محمد فاضل راهو، جي.ايم.سيد، علامه
آءِ.آءِ.قاضي، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر عمر بن
محمد دائودپوٽو، پير حسام الدين راشدي،
ايم.ايڇ.پنهور، شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو ۽
اهڙا ٻيا نالا 20 صديءَ جا وڏا ماڻهو آهن، جن
جي خدمتن جو ذڪر ڪندي ماڻهو ٿڪجيو پون پر
ٻڌندڙن جي تشنگي رهجيو وڃي. سنڌ جي هڪ سدابهار
ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ به
ويهين صديءَ جي هڪ اهڙي ئي ملوڪ ۽ يگاني ڪردار
جنم ورتو، جنهن لاءِ 20 صدي بيقرار هئي ۽ اهو
هو- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، انهن شخصيتن مان هو،
جن جي ضرورت پنهنجي ملڪ، قوم، ٻولي، ادب ۽
تاريخ سميت پوري ڪلچر کي هوندي آهي. سنڌ کي
ڊاڪٽر بلوچ جهڙي کاهوڙي اسڪالر جي گهڻي عرصي
کان ضرورت هئي. هو سنڌ جي جيئري جاڳندي
انسائيڪلوپيڊيا هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي سموري
حياتي هڪ عام ماڻهو وانگر بي ترتيبيءَ ۾ نه
گذري، پر اهڙي ته ترتيب ۽ بامقصد ڍنگ سان گذري
جو مثالي بڻجي وئي، جنهن کي بنياد بڻائي هلون
ته سنڌ به اسان تي فخر ڪري سگهندي ڇو ته ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ سموري حياتي سنڌ، سنڌي ٻولي،
ادب ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ هڪ لمحو به پوئتي
نه رهيو بلڪ زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين سنڌ
۽ سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي ترقيءَ ۽ استحڪام
لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ساري حياتي هڪ اهڙي
مجذوب ماڻهوءَ وانگر گذاري، جيڪو پنهنجي ڌُن ۾
ڏينهن رات ايترو ته مگن ۽ محوَ رهيو جو کيس
دنيا وارن جي اُها ڪل ئي نه پئي، ته ڪير آيو،
ڪير ويو يا سندس باري ۾ ماڻهن ڇا سوچيو. مٿن
آڱريون کڄيون، سندس باري ۾ طرح طرح جون
ڳالهيون به ٿينديون رهيون، مخالفتون به ٿيون،
پر هن فقيرتن ماڻهوءَ پنهنجو پاڻ کي ڪم ۾
ايترو ته مدغم ڪري ڇڏيو هو جو انهن مخالفتن جو
جواب ڏيڻ به وقت جو زيان سمجهيائين، تان جو هو
سموري حياتي انهيءَ زرين اصول تي گذاري وڃي
مالڪ حقيقيءَ سان مليو. سنڌ کي اهڙن مجذوب ۽
فقيرتن ماڻهن جي گهڻي ضرورت آهي جيڪي زندگيءَ
سان لاڳاپيل مختلف شعبن ۾ اهڙيءَ ريت ڪم ۾
جنبيل رهن، جن کي انهيءَ ڪم کان سواءِ ٻيو
ڪجهه نظرئي نه اچي. ڪاش! رب پاڪ جي بارگاهه ۾
اها دعا مقبوليت ماڻي، ڪاش! ائين ٿِي پوي.
مان هڪ لحاظ کان پنهنجو پاڻ کي خوش نصيب
سمجهان ٿو ڇو ته اهڙي وڏي انسان سان منسوب
هيءُ خصوصي نمبر ايڊٽ ڪري تيار ڪرڻ جو ڳرو ڪم
منهنجي ڪُڻي پيو. اهو منهنجي لاءِ هڪ حوالي
سان چئلينج وارو ڪم ته آهي، پر ٻئي طرف ان کي
مان پنهنجي لاءِ سعادتمندي پڻ سمجهان ٿو.
سعادتمندي ان ڪري به سمجهان ٿو جو ڊاڪٽر صاحب
سان منهنجون به ڪجهه يادگيريون سلهاڙيل آهن،
جن جو هتي مختصراً ذڪر ڪرڻ ضروري ڀانيان ٿو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان منهنجي پهرين
ملاقات سال 2001ع ۾ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ٿي
هئي، جتي منعقد ٿيل هڪ تقريب جي صدارت ڪئي
هئائون. پروگرام جي خاتمي کان پوءِ جيئن ئي
ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ لڳا ته مون کين وڌي وڃي سلام
ڪيو، پاڻ پهل ڪندي نالو ۽ منهنجي خاندان ۽ وڏن
بابت پڇيائون. منهنجي ٻڌائڻ تي پاڻ وري چيائون
ته: ”ڇا ٿا ڪريو؟“ مون کين عرض ڪيو ته: ’سائين
آءٌ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾
”انسائيڪلوپيڊيا سيل“ ۾ ”ريسرچر“ آهيان.‘
چيائون ته: ”پنهنجي خاندان بابت مضمون لکي،
هنن کي ڏيو ته انسائيڪلوپيڊيا ۾ درج ڪن ڇو ته
اوهان جو خاندان علمي خاندان آهي، اهو مواد
اچڻ گهرجي.“ ۽ وڌيڪ چيائون ته: ”اوهان پنهنجي
ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي تاريخي آثارن ۽ ماڳن مڪانن جي
باري ۾ وڏڙن کان معلومات حاصل ڪندا رهو ۽ اها
ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪندا رهو ۽ انهن جا وقت سر فوٽا
به هٿ ڪندا رهو، اهو مواد اڳتي هلي ڪم ايندو.“
مون کين وڌيڪ ٻڌايو ته: ’مان هن وقت ”ڪلهوڙن ۽
عباسين جي نسلي هڪجهڙائي“ جي موضوع تي ڪم ڪري
رهيو آهيان. مون کان پڇيائون ته: ”پوءِ اوهان
ڪهڙي راءِ تي پهتا آهيو؟“ مون کين عرض ڪيو ته:
’قبلا! آءٌ هن راءِ تي پهتو آهيان ته سنڌ ۾
رهندڙ ڪلهوڙا، سنڌ جا اصلوڪا رهواسي آهن. هنن
جو ڪنهن به عرب قبيلي سان تعلق نه آهي پر
عباسي الڳ قبيلو آهي، جنهن جو تعلق عربن سان
آهي ۽ هتي جيڪي اڪثر عباسي سڏائيندڙ ماڻهو رهن
ٿا، انهن جا مورث اعليٰ ۽ انهن جا تاريخي آثار
سنڌ ۾ ڏسجن ٿا، تنهنڪري اهي عباسي نه پر مقامي
ڪلهوڙا آهن،“ منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌي چيائون
ته: ”اوهان جي تحقيق ۾ بيشڪ وزن آهي، پر اڃا
تحقيق جاري رکو، عباسي ۽ ڪلهوڙن جا شجرا هٿ
ڪريو ۽ گڏوگڏ انهن جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن
بابت به معلومات گڏ ڪريو جا اڳتي هلي اوهان کي
مقالي لکڻ ۾ وڏي مدد ڪندي.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان منهنجي ٻي ملاقات سال
2009ع ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ”مهراڻ“ جي حيثيت ۾،
سندن نياڻي عرض محمد بلوچ جي رهائشگاهه قاسم
آباد، حيدرآباد ۾ ٿي، جتي آءٌ سندن هڪ مضمون،
جيڪو مرحوم رئيس ضياءالدين ’بلبل‘ جي شاعريءَ
تي لکيل هو، جا پروف کڻي پهتس. پاڻ مليا، بورڊ
جا حال احوال ورتائون. آخر ۾ منهنجي خاندان
بابت پڇيائون ته انهن تي ڪو تحقيقي مقالو
وغيره تيار ڪيو اٿوَ؟ مون کين ٻڌايو ته خطاطي
۽ ڪتابت جي حوالي سان معلومات گڏ ڪئي آهي، ته
پاڻ هڪدم چيائون ته پوءِ ان جو عنوان رکو-
”خطاطيءَ ۽ ڪتابت جي فن ۾ ڀاوندا لاکا جي
ڪلهوڙا گهراڻي جون خدمتون“. مون ان تي هائوڪار
ڪئي ۽ رخصت گهُري. ان ٻي ملاقات کان پوءِ مون
ان عنوان تي مقالو تيار ڪيو، جيڪو ٽماهي
”مهراڻ“ جي شماري 1/2010ع ۾ ڇپيو. پرچو ڊاڪٽر
صاحب ڏانهن ڏياري موڪليو، پڙهي خوش ٿيا ۽ طارق
عالم کي فون ڪري شاباس ڏياري مُڪائون ۽ فون تي
طارق عالم کي منهنجي پارت به ڪيائون.
هر سال اپريل ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻي هڪ پارکو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ورسي ٿيندي آهي. ورسيءَ جو
اهتمام ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر ڪندي آهي. مون
سوچيو ته اڪيڊميءَ جي دوستن کي چئجي ته ڇو نه
هن سال ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ورسي تقريب ۾ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ کي مدعو ڪجي. اهڙو خيال
ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ جي دوستن سان ظاهر ڪيو ته
هنن به هائوڪار ڪئي ۽ پوءِ هنن ڊاڪٽر محبت جي
لکيل ڪتابن جو سيٽ به ڊاڪٽر صاحب لاءِ سوکڙي
طور ڏنو. مون ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان رابطو ڪرڻ
چاهيو پر پاڻ ڪٿي ٻاهر ويل هئا، ڪتاب
رهائشگاهه تي ڏنا. پاڻ ٻي ڏينهن بورڊ جي فون
تي شڪريو مڃيائون ۽ وڌيڪ چيائون ته: ”اهڙو
شڪريي جو خط مون اڄ اوهان ڏانهن پوسٽ ڪرائي
ڇڏيو آهي.“ مون موقعو سمجهي ڊاڪٽر محبت جي
ورسيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ کين گذارش ڪئي، جنهن
تي پاڻ چيائون ته: ”ميان صاحب! دل ته ڏاڍي
گهُري ٿي، ته ايڏانهن هلجي پر هاڻي منهنجا
سائين، طبعيت ٺيڪ نه ٿي رهي ۽ پيرسن به ٿي ويو
آهيان، ڊگهو سفر نه ٿو ڪري سگهان، اوهان
جيڪڏهن ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي علمي ڪارنامن تي هڪ
تفصيلي ڊرافٽ تيار ڪري ڏيو، ته مان ان ۾ ضروري
واڌارا سڌارا ڪري ڏيان، پوءِ اهو دوستن کي
ڏيو.“ وڌيڪ چيائون ته: ”ميان صاحب! مون کي
جيستائين ياد پوي ٿو ته ڊاڪٽر ٻرڙي صاحب جا
ڪجهه مضمون ’جامع سنڌي لغات‘ جي حوالي سان
ڪنهن سنڌي اخبار ۾ ڇپيا هئا، ڏاڍا ڪارائتا
مضمون هئا پر يار منهنجي هڪ طبعيت رهي آهي ته
آءٌ ڪنهن به تنقيدي مضمون جو ڪوشش ڪري جواب نه
ڏيندو آهيان. بهرحال مون کي ڊاڪٽر ٻرڙي صاحب
سان ملڻ جي اونِ ضرور هئي پر ساڻس ملاقات نه
ٿي. سندس لکڻين مان معلوم ٿيو هو ته هو وڏو
پاڙهو ماڻهو هو ۽ هن جو سنڌي ٻوليءَ سان ڪو
ازلي عشق هو.“ انهيءَ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب سان وري ملاقات نه ٿي
سگهي، ۽ منهنجون آفيشلي ذميواريون ۽ مصروفيتون
به وڌي ويون جو آءٌ وقت سر ڊاڪٽر محبت تي اهڙو
ڪو موزون ڊرافٽ تيار ڪري نه سگهيو ۽ ڊاڪٽر
بلوچ صاحب 6- اپريل 2011ع ۾ اسان کان جدا ٿي
ويو. اپريل مهيني هڪ ٻيو محبوب ماڻهو اسان کان
کسي ورتو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات 9- اپريل
1997ع تي ٿي هئي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو جڏهن وٺجي ٿو
ته پوءِ ان لاءِ تعارف جي ضرورت ئي نه ٿي رهي،
ڇو ته تعارف ان گمنام ماڻهوءَ جو ڪرايو ويندو
آهي، جنهن کي ڪوبه نه سڃاڻي، پر ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ ته پنهنجي سڃاڻپ پاڻ هو. سندن لاءِ
تعارف جو لفظ تمام ننڍڙو لڳي ٿو، پر رسمي طور
هتي سندن ڪيل علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تعليمي
ڪارنامن جو ذڪر ان ڪري به ڪجي ٿو ته جيئن هڪ
طرف ڊاڪٽر صاحب کي ڀيٽا ڏئي سگهجي ۽ ٻي طرف
انهيءَ سفر تي هلندڙ اسڪالرن، اديبن، محققن،
استادن ۽ شاگردن کي اهو اُتساهه به ڏئي سگهجي،
ته هڪ ماڻهو ئي وڏي ڳالهه آهي، جيڪڏهن اهو
ڊاڪٽر بلوچ صاحب وانگر ڪم ڪرڻ چاهي، ته گهڻو
ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.
ڊاڪٽر بلوچ لطيفيات جو ماهر هو:
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو
پڪو عاشق هو. هن جو شاهه جي سوانح ۽ شاهه جي
ڪلام سان عشق هو. سندن خدمتون هونئن ته وسيع
آهن، پر پاڻ جنهن موضوع تي زندگيءَ جو گهڻو
حصو دلجمعي ۽ تندهيءَ سان ڪم ڪيو، اهو لطيفيات
جو موضوع آهي. ان ڳالهه جو ذڪر بلوچ صاحب
پنهنجين مختلف لکڻين ۾ ته ڪيو آهي، پر خصوصاً
”شاهه جو رسالو“ جي معياري متن جي مهاڳ ۾ واضح
لکيو اٿن ته:
”ٻٽيهن سالن (1996ع- 1966ع) جي مسلسل محنت ۽
مطالعي سان ”شاهه جي رسالي“ جو مستند معياري
متن تيار ڪيو ويو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي
سوانح، ڪلام ۽ فڪر بابت تحقيق کي توڙ تائين
پهچايو ويو.“ (ص-گ)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي انهيءَ تحقيقي
ڪارنامي تي سندن نگرانيءَ ۾ پي ايڇ.ڊي ڪندڙ
اسڪالر ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لائق شاگرد ڊاڪٽر
عبدالغفار سومري صاحب مستند معياري متن جي
”تعارف“ ۾ لکيو آهي ته:
”شاهه جي رسالي بابت ذري گهٽ هڪ صديءَ تي
ڦهليل تحقيق جو آغاز ويهين صديءَ جي شروع ۾
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڪيو. اها تحقيق، ويهين صديءَ
جي آخر ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي هٿان ٻٽيهن سالن جي
مسلسل محنت سان رسالي جي ڏهن جلدن ۾ پايئه
تڪميل تي پهتي.“ (ص-ل)
ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي لغات جو به ماهر
هو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ٻوليءَ جي نامور
عالمن ۽ اسڪالرن ۾ سرفهرست آهي. سنڌي ٻوليءَ
جي بڻ بنياد بابت سندن نظريو علمي حلقن ۾
نهايت اهميت جو حامل آهي. سندن نظريي مطابق:
’سنڌي ٻولي سڌوسنئون سنسڪرت مان نڪتل نه آهي
بلڪه سنسڪرت کان اڳ واري دور جي سنڌوماٿر جي
اڳ واري قديم ٻولي آهي. يعني سنڌي هڪ قديم
هند- آريائي ٻولي آهي، جنهن جو بنياد سنڌوماٿر
جي اڳ واري قديم دور ۾ کُتل نظر اچي ٿو.‘
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، بلوچ صاحب جي انهن
ٻنهي پهلوئن تي پنهنجي مضمون- ”ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ- هڪ گهُڻ رخو ودوان“ ۾ لکيو آهي ته:
”جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ ڪو
تحقيقي ڪم ڪبو، ته ان سلسلي ۾ اسان جو هيءُ
عالم، هڪ رهبر مثل، بورائو بڻجي اڳيان اڳيان
هلي، رهبري ڪندي محسوس ڪجي ٿو. جيڪڏهن سنڌي
لغات جي باري ۾ قلم کڻبو ته اسان جو هيءُ بزرگ
دانشور، علم اللغات جي جديد فن جي ماهر جي
حيثيت ۾ موجود ملندو.“
ڊاڪٽر بلوچ تاريخ جو ماهر عالم ۽ محقق مؤرخ به
هو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي اهو معلوم هو ته
اها ئي قوم ڌرتيءَ تي عروج حاصل ڪندي آهي،
جنهن وٽ خود اعتمادي ۽ پرعزم ارادن جي قوت
هجي. سنڌي قوم جو ماضي به شاندار رهيو آهي.
سنڌ جي شاهوڪار تهذيب و تمدن جي گواهي موهن جو
دڙو ڏئي رهيو آهي. تهذيب، مسلسل رواج، طور
طريقن، اٿڻي ويهڻي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ وڻج
واپار وغيره جو نالو آهي. ثقافت ۽ تاريخ به ان
جو ئي حصو آهن. هر قوم جي ثقافت هر دفعي ساڳي
نه هوندي، پر اها وقت ۽ حالتن مطابق مَٽبي
رهبي آهي، پر تاريخ انهن سڀني جو رڪارڊ ۽
آئينو هوندي آهي، جا وقت جا محقق ۽ مؤرخ ئي
لکندا آهن. قومن جون تاريخون ايندڙ نسلن لاءِ
مثال ۽ عبرت هونديون آهن.
قومن جا سُلجهيل فرد پنهنجي گم ٿيل تاريخ هٿ
ڪندا آهن. سنڌ جي تاريخ به گُم ٿيل تاريخ آهي،
جنهن کي ڳولهڻ لاءِ پير حسام الدين راشدي ۽
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙا ماڻهو اسان وٽ
پيدا ٿيا، جن سنڌ جي گم ٿيل تاريخ کي ڳولڻ
لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون. تاريخ لکڻ به هڪ فن
آهي، ڪنهن به شيءِ جي لکڻ کان اڳ ان جا اصول ۽
قاعدا طئي ڪرڻا پوندا آهن. اصول ۽ قاعدا تيار
ڪرڻ جو اهو مطلب هوندو آهي ته جيئن منجهيل شين
کي سُلجهائي ترتيب ۾ رکيو وڃي. ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ به سنڌ جي تاريخ لکڻ لاءِ ڪي قاعدا
قانون جوڙيا. نظريئه تاريخ بابت سندن شاگرد
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب پنهنجي مضمون-
”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (عالم اديب، محقق
مؤرخ ۽ سندس نظريئه تاريخ) ۾ لکيو آهي ته:
”سڀ کان پهرين هڪ تاريخ نويس لاءِ لازمي آهي
ته هو پنهنجي آڏو واضح مقصد رکي ۽ ان لحاظ کان
پنهنجي رخ جو تعين ڪري. هر تاريخي تحرير جي
پويان ڪونه ڪو محرڪ ضرور هوندو آهي ۽ تاريخ
نويس لاءِ ان جو هئڻ بري ڳالهه به نه آهي، هن
کي گهرجي ته پنهنجي ان مقصد کي ٻين لاءِ کولي
بيان ڪري ته جيئن سندس ان تحرير جي صحيح نموني
پرک ٿي سگهي… ان ڪري هڪ مؤرخ سان ڪٿي، ڪير ۽
ڪيئن، جي اضافت هميشه لڳل هوندي آهي… ڪنهن به
واقعي بابت وقت، هنڌ ۽ حالتن جي پوري ڄاڻ رکڻ
ازخد ضروري آهي.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، صوفيت جو پرچارڪ به هو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، زندگيءَ ۾ ڪنهن
کي ڪونه ڏُکويو، بلڪه هو پکين ۽ جانورن تي به
مهربان رهيو. سندن لائق شاگردن مان ڊاڪٽر حبيب
الله صديقي صاحب پنهنجي مضمون- ”ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ- علم جو روشن مينار“ ۾ لکيو آهي ته:
”سائينءَ هڪ ذاتي سبق ڏنو، سهپ جو، برداشت جو،
صوفي مت جو، مخالفن کي برداشت ڪرڻ ۽ ڪنهن سان
ڪينو نه رکڻ جو سبق، مون سائينءَ کان سکيو.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ جو عاشق به هو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو عشق نرالو هو، هن
عشق سنڌ سان به ڪيو هو. سنڌ جي سونهن ۽
خوبصورتيءَ کي نه رڳو پنهنجين تحريرن ۾
لامحاله نروار ڪيائين پر پرڏيهه وڃي اُتي به
سنڌ جي حوالي سان ڪئين يادگار قائم ڪيائون.
عنايت بلوچ صاحب پنهنجي مضمون- ”آديسي آديس،
هتان ڪري هليا…“ ۾ هن طرح لکيو آهي ته:
”1986ع ۾ آءٌ آمريڪا جي گاديءَ جي هنڌ واشنگٽن
ڊي.سي ۾ قائم سمٿسونين ميوزيم گُهمڻ ويس، اتي
هڪڙي جڳهه تي لکيل هو:
"A Sindhi Home"
بجليءَ جو ڪرنٽ محسوس ڪيم… اندر گهر ۾ ڇا وڃي
ڏسان ته هڪ ٿري عورت سوسيءَ جا ڪپڙا پائي، ڏڌ
ولوڙي، ٻي مائي ڇڄ ۾ اَنُ ويٺي ڇَنڊي ۽ ٽين
مائي سنڌي رلي پئي سبي… پڇا ڪيم ته ٻڌايو ويو
ته ڪو صاحب پاڪستان کان آيو، سندس نالو ڊاڪٽر
اين.اي بلوچ هو.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪم جو طريقو:
هر اديب، عالم ۽ محقق جو ڪم جو طريقو پنهنجو
پنهنجو هوندو آهي. جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي
ته ڪم لاءِ طئي ڪيل اصول، پيچيدگين کي ختم ڪري
آساني پيدا ڪندا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جي تحقيقي ڪم ڪار جو طريقو به بهترين هو.
1955ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ لوڪ ادب سهيڙڻ جي
رٿا منظور ڪئي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن اسڪيم جي
ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ تعلقي وار ڪارڪن مقرر
ڪيا، جن يو.سي وار مواد گڏ ڪري ڊاڪٽر صاحب جن
جي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي
مضمون- ”ڊاڪٽر بلوچ: ڪم جي ابتدا، رٿابندي،
تحقيق ۽ ترتيب جو طريقو“ ۾ لکي ٿو ته:
”ڪم جو طريقئه ڪار هيءُ هو ته جيڪو به مواد
ايندو هو سو مرڪزي آفيس ۾ موجود هيڊ ڪارڪن شيخ
محمد اسماعيل ۽ ٻيا ڪارڪن ڇنڊڇاڻ ڪندا هئا.
ڊاڪٽر صاحب شام جو ڇهين وڳي ايندا هئا، ان
مواد کي ڏسندا هئا، ڪارڪنن سان صلاح ڪندا هئا
۽ درستيون ڪندا هئا، مختلف روايتن مان هڪ جي
چونڊ ڪندا هئا ۽ اهائي روايت متعلقه جلد ۾
موڪليندڙ تعلقه ڪارڪنن جي نالي سان شامل ٿيندي
هئي، جيڪا فوٽ نوٽ ۾ ڏني ويندي هئي.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جو
عالم به هو:
ڪنهن به اسڪالر، اديب ۽ تاريخدان لاءِ ضروري
آهي ته هو مختلف ٻوليون ڄاڻندڙ هجي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هڪ ئي وقت ڪيترين
ئي ٻولين جو ماهر بلڪ عالم هو. ڊاڪٽر غلام
محمد لاکو پنهنجي مضمون- ”ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ ۽ فارسي علم و ادب“ ۾ لکيو آهي ته:
”ويهين صديءَ جي سنڌ جيڪي به وڏا اديب، شاعر ۽
محقق، تاريخدان ۽ نقاد پيدا ڪيا آهن، ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جو نالو انهن سڀني ۾
سرِفهرست ڏسجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جا لکيل، مرتب
ڪيل، ايڊٽ ڪيل ۽ جوڙيل ڪتاب، پڪ سان هڪ سؤ کان
به مٿي ٿيندا. انهن ڪتابن ۾ بلوچ صاحب نهايت
معتبر ۽ مٿانهون اسڪالر ۽ عالم نظر اچي ٿو.
ٻولين جي حساب سان مون کي فارسي، عربي، اردو،
انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ سندن قلمي پورهيو
سُجهي ٿو.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه لطيفؒ جو وڏو شارح به
هو:
ڊاڪٽر نواز علي شوق پنهنجي مضمون- ”ڊاڪٽر بلوچ
جِي شاهه لطيفؒ جي رسالي تي ڪيل تحقيق جو
مختصر جائزو“ ۾ لکي ٿو ته:
”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پهريون عالم آهي،
جنهن سنڌ کي اهي سڀ شيون ڏنيون، جن جي سنڌي
قوم کي ضرورت هئي، مثال طور: سنڌي ڪلاسيڪي
شاعري، خاص طور شاهه جي رسالي جو مستند متن،
لوڪ ادب، لغات، سنڌي موسيقي جي تاريخ، سنڌي
ٻولي ۽ ادب جي جامع ۽ مستند تاريخ وغيره.
ڊاڪٽر صاحب جو هونئن ته هيءُ تحقيقي ڪم لاجواب
آهي پر بلوچ صاحب ’شاهه جي رسالي‘ تي جيڪا
محنت ۽ جاکوڙ ڪئي، سا مثالي آهي.“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهڙي گهڻ رُخي ۽ عظيم
هستي هو، جنهن جا ڪئين پهلو آهن ۽ هرهڪ پهلو
پنهنجي پاڻ ۾ هڪ تاريخ رکي ٿو، پوءِ اها تاريخ
سنڌي ادب جي هجي، لوڪ ادب جي هجي، علم لغات جي
هجي، علم موسيقيءَ جي هجي يا کڻي علم لسان جي
هجي، هر پهلو ۽ نشست ۾ هو يڪتا هو. ڊاڪٽر نور
افروز خواجه پنهنجي مقالي- ” ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ: سنڌي ادب جي عظيم هستي“ ۾ لکي ٿي
ته:
”ڊاڪٽر صاحب جن جي شخصيت، علميت، ڪمالات، ادبي
چال ۽ علمي مرتبو پوريءَ دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو
وڃي ٿو.“ ڊاڪٽر صاحبه، ڊاڪٽر غلام علي الانا
جو حوالو ڏيندي پنهنجي مقالي ۾ وڌيڪ لکي ٿي
ته:
”ڊاڪٽر بلوچ صاحب علم التعليم، ادبيات،
لسانيات، علم اللغات، سنڌي ادب، سنڌ جي ثقافت،
آثارِ شناسي، لطيف شناسي، لوڪ ادب ۽ سنڌ شناسي
تي وڏو دسترس رکندڙ سنڌ جو اهو فرزند آهي،
جنهن تي سنڌ وارا جيترو فخر ڪن، اهو ٿورو
آهي.“
سنڌي صورتخطيءَ تي به ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جو
نهايت ڪارائتو ۽ بنيادي ڪم ٿيل آهي.سنڌي
صورتخطيءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جي ورتل
ڪوششن تي الطاف حسين جوکيي صاحب عالمانه انداز
۾ مقالو لکي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي عالمانه خدمتن
کي خوب ساراهيو آهي. هو صاحب پنهنجي مقالي-
”سنڌي صورتخطيءَ جي سڌاري ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو
ڪردار“ ۾ هن طرح رقم طراز آهي ته:
”ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي
صورتخطيءَ جي تاريخ ۽ ان جي بهتريءَ لاءِ جيڪو
ڪم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪيو يا انهيءَ ڪم لاءِ
جيڪو هن ميدان مهيا ڪيو، تنهن ڏانهن لسانيات
جي ماهرن جي بيشڪ نظر رهي آهي. صورتخطيءَ تي
ٻين عالمن جي خيالن کان سندن رايا ڪافي مضبوط
رهيا آهن.“
ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائودپوٽي کان پوءِ
سنڌ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٽيون فرد هو،
جنهن ولايت مان پي ايڇ.ڊي جهڙي اعليٰ ڊگري
نمايان حيثيت ۾ حاصل ڪئي، اها ان دور ۾ تمام
وڏي ڳالهه هئي. گل محمد عمراڻي پنهنجي مضمون-
"A National System of Education & Education
of Teachers"
-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جو اولين علمي ۽ پي ايڇ.ڊي مقالو“ ۾ لکي ٿو
ته:
”ڊاڪٽر بلوچ صاحب سال 1943ع ۾ ايم.اي عربي
فرسٽ ڊويزن فرسٽ پوزيشن علي ڳڙهه مسلم
يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽريٽ
لاءِ ٽن سالن تائين ڪم ڪندو رهيو ۽ کين وظيفو
ملڻ شروع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق جو موضوع
”السند تحت سيطرة العرب“
"Sind Under the Arab Admiustration"
هو. هن تحقيق ۾ سندن نگران ڊاڪٽر عبدالعزيز
الميمني، سربراهه ۽ استاد عربي شعبو هو، پر
پوءِ اهو مقالو ڪن سببن جي ڪري ڇڏي ڏنو. ان
کان پوءِ 1947ع ۾ نيويارڪ جي جڳ مشهور ڪولمبيا
يونيورسٽيءَ ۾ ايم.اي ايجوڪيشن ۾ کيس داخلا
ملي. ايم.اي ڪرڻ کان پوءِ اتان ئي پي ايڇ.ڊي
جي ڊگري حاصل ڪئي. پي ايڇ.ڊي جو عنوان هو:
"A National System of Education & Education
of Teachers"
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ننڍپڻ يتيميءَ ۾ گذريو. لک
شابسون هجن سندن چاچي ولي محمد بلوچ صاحب کي
جنهن صاحب، پنهنجي ڀاءُ علي محمد خان بلوچ سان
ڪيل وچن پاڙي ڏيکاريو. ڏسجي ته هن دور ۾
پنهنجو سڳو پيءُ به پنهنجي اولاد تي ايترو
ڌيان نه ٿو ڏئي، جيڪو ڌيان ڊاڪٽر بلوچ صاحب تي
سندن چاچي ولي محمد خان بلوچ ڏنو. اڳيان ماڻهو
بيشڪ حرف رکڻ وارا انسان هئا، اڄ ته اوندهه
لڳي پئي آهي، وقت وقت کي سلام آهي. يتيميءَ
واري ڏينهن تي نفيس احمد شيخ پنهنجي مضمون-
”يتيم تي رب جي خصوصي رحمت!“ ۾ لکي ٿو ته:
”آءٌ ڇهن مهينن جو هوس، جو والد وفات ڪئي،
وفات وقت وصيت ڪئي هئائين ته منهنجي ڇوڪري کي
پڙهائجو. چئن سالن جو ٿيس ته امان مون کي قرآن
شريف پڙهائڻ شروع ڪيو. چاچي
ولي محمد خان پنهنجو فرض ڪري سمجهيو ته ڀاءُ
علي محمد جي وصيت موجب مون کي پڙهائي.“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، هڪ اهڙي علمي شخصيت
هو، جنهن سان ڪانه ڪا سلهاڙيل نسبت به فخر جو
باعث آهي. بلڪه سندن جهڙي معتبر ۽ قدآور شخصيت
جو دور ۾ اسان جهڙن اَڀرن سَڀرن جو هجڻ به فخر
جهڙي ڳالهه آهي. ڇو ته صديون ۽ دورَ نامور
شخصيتن سان ئي سڃاتا ويندا آهن. ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جي دور ۾ مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽
سماجي شخصيتن جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان قرب ۽
نياز نوڙت وارو ناتو رهيو. ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
موجوده دور جو هڪ نمائنده محقق ۽ اديب آهي،
جنهن صاحب پنهنجي مقالي- ”ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ سان لاڳاپيل ڪي يادون“ ۾ ڊاڪٽر صاحب سان
ڪيل قرب ڪچهريون ۽ ميل ملاقاتن بابت ڪي يادون
ساريون آهن، هو لکي ٿو ته:
”ڊاڪٽر بلوچ جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو ۽ کيس
وقت هوندو هو ته ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ (ڳوٺ
خيرمحمد آريجو، ڏوڪري) ۾ دعا جا پير ضرور کڻي
ايندو هو. اها ڳالهه مون لاءِ اعزاز برابر
آهي، ته اسان جي سينيئر محققن مان ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجي، منهنجي مربي استاد ڊاڪٽر
غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر بلوچ ”گل حيات“ ڏٺو ۽
مون کي دعائون ڏئي ويا...“
ڊاڪٽر بلوچ تعليمي ماهر به هو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي استاد ۽ نامور
فلاسافر علامه آءِ.آءِ.قاضي صاحب کي جڏهن سنڌ
يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر مقرر ڪيو ويو،
تڏهن قاضي صاحب جن تدريسي عمل کي شروع ڪرڻ
لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو انتخاب ڪيو،
جيڪو ان وقت تازو آمريڪا جي ڪولمبيا
يونيورسٽيءَ مان
"A Programme of Teacher Education: for the
new State of Pakistan"
جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ.ڊي جي
اعليٰ سَنَد حاصل ڪري وطن موٽيو هو. اهو مذڪور
ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙي صاحب پنهنجي مضمون- ”هڪ
ئي راڻو راڄ ۾ هو، جنهن کي ساري سرت هئي!“ ۾
هن طرح لکيو آهي ته:
”سنڌ يونيورسٽيءَ جو بنياد 9- اپريل 1947ع تي
پيو. جڏهن اعليٰ تعليمي ادارو قائم ٿيو ته ان
کي متحرڪ ڪرڻ ۽ مثالي بڻائڻ لاءِ جن عالمن ۽
استادن جي ضرورت هئي، تنهن کي پورو ڪجي، اها
ڳالهه ڳڻي مشهور سنڌي فلسفي علامه
آءِ.آءِ.قاضيءَ کي ان جو وائيس چانسيلر مقرر
ڪيو ويو، جنهن سنڌ جي ۽ پاڪستان جي چونڊ عالمن
۽ استادن جي مقرري عمل ۾ آڻڻ شروع ڪئي. هن
پهريائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي استاد
مقرر ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جي مقرري سيپٽمبر 1951ع
۾ ٿي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
نوڪري اختيار ڪندي پهريان ايجوڪيشن شعبو قائم
ڪيو، جنهن جو هو پاڻ سربراهه ٿيو.“
ڊاڪٽر بلوچ سچل شناس به هو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ ۾ اهو محقق هو،
جنهن جي تحقيق، بنياد جي حيثيت رکي ٿي. خاص
طور ڪلاسيڪي ادب، شاعري ۽ موسيقي وغيره جهڙن
موضوعن تي لکڻ جي ابتدا سنڌ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب
ئي ڪئي. ڊاڪٽر صاحب، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
جو وڏي ۾ وڏو عقيدتمند ۽ عاشق هو، جنهن
زندگيءَ جا ڀريا تريا 32 سال ڀٽائي صاحب کي
ڏنا. ازان سواءِ پاڻ سچل سرمستؒ جي فڪر تي به
ڪم ڪيائون. ان سلسلي ۾ سچل سرمستؒ جي شخصيت ۽
فڪر تي پي ايڇ.ڊي ڪندڙ نوجوان اسڪالر ڊاڪٽر
سيد مخمور بخاري لکي ٿو ته:
” ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سچل سرمستؒ بابت ڪن
اختلافي نُڪتن بابت جدا جدا پنهنجين تحريرن ۾
ذڪر ڪيو آهي، جي هن طرح آهن: (1) سچل سائين جي
ولادت جي درست تاريخ، (2) چئن زبانن وارو يا
هفت زبان شاعر، (3) سچل سائين جي انقلابي
شاعري، (4) سچل سائين جي فڪري واٽ. ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جن سچل سائين تي جدا ڪو ڪتاب ته نه لکيو
آهي پر هن جي تحريرن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته
ڊاڪٽر صاحب جي ذهن ۾ سچل سرمستؒ بابت ڪو ڪتاب
لکڻ جو خاڪو ضرور موجود هو.“
ڊاڪٽر بلوچ منصوره ۾ ميوزيم قائم ڪرڻ جو خواب
ڏٺو هو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اڪثر لکڻين ۾ يا عام
ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪندو هو ته سنڌ
جي ثقافت ۽ تاريخ کي زندهه رکڻ لاءِ سنڌ جي
انهن ماڳن مڪانن تي ميوزيم قائم ڪيا وڃن۽ اتي
اهڙن تاريخي ماڳن مان هٿ آيل شين کي محفوظ ڪيو
وڃي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب تاريخ جو عالم هو، ان کي
خبر هئي ته ڪنهن به قوم جي عالمگيري سڃاڻپ، ان
جي قدامت تي دارومدار رکي ٿي. سنڌو تهذيب به
قدامت جي لحاظ کان تمام آڳاٽي ۽ شاهوڪار رهي
آهي. تنهنڪري ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ ڳالهه تي
گهڻو زور ڏنو ته سنڌ ۾ اهڙا ميوزيم ۽ ثقافتي
مرڪز قائم ڪيا وڃن جتي اهڙن شين کي محفوظ ڪيو
وڃي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪوششون وٺي عمرڪوٽ،
ڀنڀور، حيدرآباد ۽ ٻين تاريخي شهرن ۾ ميوزيم
قائم ڪرايا. بلوچ صاحب سنڌ جي اوائلي تختگاهه
’منصوره‘ ۾ به اهڙي ئي ميوزيم قائم ڪرڻ جي
ڪوشش ۾ هو، پر سندن اهو خواب ساڀيان نه ٿي
سگهيو. ميرزا منظور علي بيگ پنهنجي مضمون-
”منصوره ميوزيم: ڊاڪٽر بلوچ جو خواب“ ۾ لکيو
آهي ته:
”سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جهڙي گهڻ
رُخي شخصيت جي ڪيل خدمتن جو ته ڪاٿو ئي نه ٿو
لڳائي سگهجي… پر سنڌ جي تاريخ کي سنوارڻ سان
گڏوگڏ سنڌ جي ثقافت کي به محفوظ ڪرڻ لاءِ
ميوزيم جي قيام، ترقي ۽ واڌاري لاءِ پاڻ آخري
دم تائين جاکوڙيندا رهيا. ان ڏس ۾ پاڻ عمرڪوٽ
ميوزيم، ڀنڀور ميوزيم، ۽ حيدرآباد ٽالپر
ميوزيم پڻ قائم ڪرايا، جن ۾ سنڌ جي ثقافت سان
لاڳاپيل ڪيترائي نوادرات زينت بڻيل آهن. اهڙين
خدمتن ۾ منصوره ميوزيم پڻ سندن هڪ خواب هو،
جيڪو پورو نه ٿي سگهيو.“
ڊاڪٽر بلوچ هڪ وضع دار انسان به هو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ بااصول ۽ منظم
شخصيت هو. سندن طرزِ زندگي هڪ مثالي هئي، جنهن
مان هر ماڻهو گهڻو ڪجهه لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿو.
هو وقت جو پابند هو، ننڍي وڏي سان شوخ ٿي نه
ڳالهائيندو هو، بلڪه انهن کي بابا، پٽ، سائين،
منهنجا سائين، جهڙن لفظن سان مخاطب ٿيندو هو.
عام طور تي تنقيد جو جواب نه ڏيندو هو، بلڪه
تنقيد جي جواب ڏيڻ کي وقت جو زيان سمجهندو هو.
هن سلسلي ۾ سندن پوٽو محمد ارشد بلوچ پنهنجي
مضمون- ”منهنجو پيارو ڏاڏا سائين“ ۾ هڪ هنڌ
لکيو آهي ته:
”ڏاڏا سائين جي هر گُفتي ۾ هڪ سبق هوندو هو.
پاڻ وقت جي پابندي ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ ضروري
سمجهندا هئا ۽ مون کي وقت جي پابندي ڪرڻ جي
هدايت ڪندا هئا. ڪڏهن به ننڍي يا وڏي سان تکي
انداز ۾ گفتگو نه ڪيائون ۽ سڀني پنهنجن توڙي
پراون سان بابا سائين، پُٽ، منهنجا سائين جي
لقب سان مخاطب ٿيندا هئا. هر ڪنهن جي ڳالهه
غور سان پيا ٻڌندا هئا.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو نثر کان علاوه اساسي
شاعريءَ تي تحقيقي ڪم ٿيل آهي. هن کان اڳ ۾
ڪنهن ٻئي عالم جو اهڙو ڪم نظر نه ٿو اچي. سنڌي
اساسي شاعريءَ کي ڳولهي ڦولهي ڇنڊي ڦوڪي
عاليشان شرحن ۽ مقدمن سان رسالي جي صورت ۾
ڇپائي منظر عام تي آندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ اساسي
شاعريءَ جو بنياد قاضي قادن کان شروع ٿئي ٿو.
قاضي قادن سنڌي ٻوليءَ جو شروعاتي ۽ بنيادي
شاعر هو، جنهن جو ڪلام سنڌ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ تحقيق ڪري ٽن ڀاڱن ۾ نروار ڪيو. قاضي
قادن جي ڪلام کان علاوه ڊاڪٽر صاحب ٻين اساسي
شاعرن: شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنات،
خليفي نبي بخش لغاري، حمل فقير لغاري، شاهه
شريف ڀاڏائي، غلام محمد خانزئي ۽ ٻين جو ڪلام
تحقيق ڪري ڇپارايو. ڊاڪٽر ناهيد پروين پنهنجي
عالمانه مقالي- ”سنڌي اساسي شاعري ۽ ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ“ ۾ لکيو آهي ته:
”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي کوجنا موجب اساسي
شاعريءَ جي سلسلي ۽ فڪر جو پهريون باني مباني
شاعر قاضي قادن هو… اهڙي املهه خزاني جي ڳولا
۾ جيڪا جاکوڙ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي، اها
ڪنهن کان به ڳُجهي ڪانهي. ڊاڪٽر صاحب نه رڳو
هندستان جو سفر ڪيو بلڪه هند سنڌ جي ڪيترن
عالمن ۽ ڏاهن سان ملاقاتون به ڪيون.“
ڊاڪٽر بلوچ، علم موسيقيءَ جو ماهر به هو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو واسطو فقط عالمن ۽
اديبن، تعليمدانن، شاعرن ۽ محققن سان نه هو،
پر سندن واسطو سنڌ جي هر مڪتبئه فڪر ماڻهوءَ
سان هو. سندن قرب ڪچهريون سگهڙن، ڌنارن،
سالڪن، فقيرن، ڳائڻن، مڱڻهارن، مڇيرن، هارين،
نارين، مزدورن، مطلب ته هر طبقي جي ماڻهن سان
رهيون پر ڊاڪٽر صاحب جو انهن سڀني کان وڌيڪ
لڳاءُ موسيقي سان به هو. بيدل مسرور بدوي،
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي علم موسيقي ۽ فن جي مهارت
بابت پنهنجي مضمون- ”ادب ساگر- ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ“ ۾ لکيو آهي ته:
”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جِي سنڌي موسيقيءَ جي
تاريخ متعلق ٿيل تحقيق به اهم آهي، جنهن جي
اهميت کان ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگهي.“
حرف آخر:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڀيٽا ڏيڻ بورڊ جي
اولين ترجيحات ۾ شامل آهي. هيءُ خصوصي نمبر
ڊاڪٽر صاحب جي جملي علمي، ادبي، تعليمي ۽
تحقيقي خدمتن جو گهڻي حد تائين احاطو ڪري ٿو.
تنهنڪري هيءُ خصوصي نمبر نه رڳو ”مهراڻ“ جي
پڙهندڙن لاءِ معلومات ۽ دلچسپيءَ جو ڪارڻ بڻجي
سگهي ٿو پر عالمن، اسڪالرن، استادن ۽ خصوصاً
ڊاڪٽر بلوچ صاحب تي پي ايڇ.ڊي ڪندڙ شاگرد
اسڪالرن لاءِ ”ريفرنس بُڪ“ جي حيثيت رکندو.
اِن ڳالهه جو مون کي به هڪ ايڊيٽر جي حيثيت ۾
فخر رهندو، ته اهڙو ريفرنس بُڪ منهنجي ادارت ۾
تيار ٿي ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي.
شڪريه ادائي:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي علمي، ادبي، تعليمي
۽ تحقيقي خدمتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ”مهراڻ“، جو
هيءُ خصوصي نمبر، ڊاڪٽر صاحب جي پهرين ورسيءَ
جي موقعي تي هڪ خاص اشاعت هيٺ شايع ڪري پڌرو
ڪيو ويو آهي. اهڙو اعلان بورڊ جي معزز چيئرمن
قبله جناب مخدوم جميل الزمان صاحب جن ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جن جي لاڏاڻي جي موقعي تي ڪرڻ
فرمايو هو. هن ”خاص نمبر“ جي تياريءَ ۾ ۽ وقت
سر اجراء ۾ چيئرمن صاحب جون ورتل ڪوششون
ساراهه جوڳيون آهن، وقتاً بوقتاً ايڊيٽر کي
گڏجاڻين ۾ سڏائڻ ۽ مفيد مشورن کان نوازڻ وارو
سندن اهو سلسلو هن خاص نمبر جي ڇپائيءَ جي
آخرين مرحلن تائين جاري رهيو. سندن دلچسپي ۽
مستقل مزاجيءَ سان هيءُ اَٺَ ڪاٺيو ڪم مون
جهڙي سُست قسم جي ماڻهوءَ کان ٿيو آهي، جا
ڳالهه ڪنهن ڪرامت کان گهٽ نه آهي.
ٻي نمبر تي ڳڻ ڳائجن سائين ڊاڪٽر عبدالغفار
سومري صاحب جا، جنهن صاحب نه رڳو ڊاڪٽر بلوچ
صاحب تي ڀرپور عالمانه مقالو تيار ڪري ڏنو پر
مڙني مرحلن تي منهنجي مدد ۽ همت افزائي به
ڪندو رهيو.
ٽيون نمبر منهنجو مهربان سائين عنايت بلوچ
صاحب آهي، جنهن صاحب به هڪ جاندار مقالو تيار
ڪري ڏنو ۽ مفيد صلاحن کان پڻ نوازيو.
چوٿون نمبر منهنجو مهربان دوست ۽ ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جو پوٽو محمد ارشد بلوچ آهي،
جنهن مواد گڏ ڪرڻ ۽ تصويرن ڏيڻ ۾ منهنجي
معاونت ڪئي. هن نوجوان جي بي لوث مدد ۽
مخلصانه رويو مون ۾ آخر تائين اُتساهه جو سبب
بڻيو رهيو.
پنجون مهربان، بورڊ جو سيڪريٽري سائين الهڏتو
وگهيو صاحب آهي، جنهن صاحب شروع کان وٺي آخر
تائين منهنجي ڪم جي نگراني ڪئي ۽ گڏوگڏ مون
کان ڪم جي باري ۾ باقاعدگيءَ سان رپورٽ به
وٺندو رهيو.
هن ”خاص نمبر“ ۾ جن مهربان عالمن، اسڪالرن ۽
اديبن جون لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن، ايڊيٽر
سميت ادارو، انهن سمورن مان وارن دوستن جو
نهايت ئي ٿورائتو آهي ۽ هيءُ ”خصوصي نمبر“
پڌرو ڪندي نهايت خوشي محسوس ڪري ٿو. مواد جي
ڪمپوزنگ جي سلسلي ۾ ڪمپيوٽر ليب جي انچارج
مسٽر سليم اختر پيرزادي ۽ سينيئر آپريٽر مسٽر
عبدالصمد ٻٻر، ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ پبليڪيشن
آفيسر مسٽر سڪندر علي شاهه ۽ مئنيجر پريس مسٽر
محمد رحيم نوحاڻي، مشين مين مسٽر علي رضا شاهه
۽ جنرل مئنيجر مسٽرگل حسن درس سروريءَ سميت
بورڊ جي واسطيدار عملي جو سهڪار رهيو. انهن
سمورن دوستن جو شڪريو مڃڻ آءٌ ضروري سمجهان
ٿو. انسان خطا جو گهر آهي، ضرور هن نمبر ۾ ڪٿي
ڪا نظر چُڪ ٿي هوندي، ان جو بروقت ادارو معافي
جو طلبگار آهي.
دين محمد ڪلهوڙو
ايڊيٽر ”مهراڻ“ |