حافظ
عبدالرزاق مهراڻ
سڪندري
ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيقي
ڪم جو هڪ گوشو
سنڌ جي ڀلاري ڀُونء، ڪيترن نامور عالمن، اڪابرن،
سچن سرويچن ۽ مٿير مڙسن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي
علم، حلم، سوچ، لوچ، ڏات ۽ ذات سان هن ڌرتي واسين
سان گڏ سموري جڳ کي پڻ فائدو رسايو آهي.
هن دنيا ۾ اچڻ لاءِ قدرت هر انسان ۾ ڪونه ڪو مقصد
رکيو آهي، پوءِ ڪي اورچ انسان انهيءَ ۾ ڪامياب ٿي
وڃن ٿا، ته ڪي منزل جي تلاش ۾ دَم ڏين ٿا، ته ڪي
وري راهه رمندي گس گُسي وڃن ٿا ۽ اهڙي اوڙاهه ۾
ڪرن ٿا جتي سندن سوچ، عمل توڙي وجود انسان ذات
لاءِ هڪ عذاب بنجي پوي ٿو. ان ڪري اسان جي ڪلاسيڪي
شاعرن خاص طرح شاهه سائين ”پاڻ سڃاڻڻ“ تي وڌ ۾ وڌ
زور ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته انسان جو وجود ئي مقصد رکي
ٿو. کيس ٻي پار ڳولهڻ جو ڪو جواز نه آهي. اسان جي
وجود ۾ ئي سڀ ڪجهه موجود آهي، ضرورت صرف سچائي سان
ڳولڻ ۽ من ۾ ليئو پائي پرکڻ جي آهي ته اسان جا
عمل، اسان جي سوچ ڪنهن آدمي کي ايذائي ته نه ٿي.
ان سوچ ۽ عمل مان ٻين کي ڪيترو ۽ ڪهڙو فائدو ٿو
رسي؟
اهڙا اورچ انسان، جن پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي،
مقصد کي ڳولي لڌو ۽ پنهنجي زندگي جو پَلُ پَلُ
سجايو ڪيو، انهن آدرشي ۽ مڻياوارن مهندارن ۾ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جو نالو سمورن کان مٿانهون آهي]1[.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تعارف ڪيئن ڪرائجي ۽
ڪهڙن لفظن سان ڪرائجي؟ اهو تمام مشڪل ڪم آهي. اسان
جو هيءُ بزرگ، علم التعليم، ادبيات، لسانيات، علم
اللغات، سنڌي ادب، سنڌ جي ثقافت، آثار شناسي، لطيف
شناسي، لوڪ ادب ۽ سنڌ شناسيءَ تي وڏي دسترس رکندڙ،
بين الاقوامي دانشور هجڻ جي حيثيت رکندڙ سنڌ جو
اهو فرزند آهي، جنهن تي سنڌ وارا جيترو فخر ڪن،
اهو ٿورو آهي.
ڊاڪٽر صاحب هڪ گهڻ پهلو ۽ ٻهڳڻو دانشور آهي. اهو
پهلو چاهي علم التعليم جو هجي يا ادبيات جو. اهو
پهلو چاهي علم اللسان جو هجي يا علم اللغات جو.
اهو پهلو چاهي سنڌ جي آثارِ شناسيء جي باري ۾ هجي
يا سنڌ جي ثقافت جي باري ۾. اهو پهلو سنڌ شناسيء
متعلق هجي يا لطيف شناسيء متعلق. اهو پهلو اساسي
ادبيات بابت هجي يا لوڪ ادب جي باري ۾ هجي. ڊاڪٽر
صاحب انهن سڀني علمن ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ آهي. جيڪڏهن
سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بڻياد جي باري ۾ ڪو تحقيقي ڪم
ڪبو ته ان سلسلي ۾ اسان جو هيء عالم هڪ رهبر مثل،
بورائو بنجي اڳيان هلي رهبري ڪندي محسوس ڪجي ٿو.
اگر سنڌي لغات جي باري ۾ قلم کڻبو ته اسان جو هيءُ
بزرگ عالم علم اللغات جي جديد فن جي ماهر جي حيثيت
۾ رهبري ڪندو نظر اچي ٿو. جيڪڏهن سنڌ شناسيء جي
باري ۾ ڪنهن رٿا تي تحقيق ڪبي ته هيء عالم هڪ
سونهين جي حيثيت ۾ اسان کي گسُ ڏيکاريندو]2[.
سنڌ جو شايد ڪو اهڙو ماڳ مڪان هجي جتي ڊاڪٽر بلوچ
نه ويو هجي، سنڌ جي هن بطوطه کي جتي به ڪا اهڙي
خبر ملي آهي ته فلاڻي جاءِ تي هڪ سٺو سگهڙ رهي ٿو،
ڊاڪٽر صاحب اُتي ڪَهي ويو آهي، جيڪڏهن کيس ٻڌايو
وڃي ته فلاڻي ماڳ تي ڪنهن وقت سُٺي دميني درسگاهه
هئي، اُتي سٺا عالم هئا، ته انهي ماڳ تي وڃي اُتي
جي ماڻهن کان معلومات حاصل ڪري اُتي جي مڪمل تاريخ
۽ معلومات لکي پڙهندڙن ۽ تحقيق ڪندڙن جي اڳيان پيش
ڪري ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي جيتري سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ
واسين سان محبت هئي، ايتري شايد ٻئي ماڻهوءَ کي
هجي، هر ماڻهوءَ کي ان جي قول ۽ فعل سان سڃاڻي
سگهجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي قول ۽ فعل ۾ مون کي تضاد
نظر نه آيو. هر ماڻهوءَ ۾ خوبين سان گڏ خاميون به
هونديون آهن، ليڪن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي زندگيءَ کي
خوبين ۽ خامين جي ترازيء ۾ جڏهن توريون ٿا ته اسان
کي خوبين وارو پلڙو سرسُ نظر اچي ٿو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هڪ غريب ماڻهوءَ جي گهر ۾ اک کولي
۽ پوءِ تعليم جي ميدان ۾ محنت ۽ ڪشالا ڪري ڏيساور
وڃي اعليٰ ڊگري حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب صحيح
معنيٰ ۾ پنهنجو ڪئريئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد
طور شروع ڪيو. اڳتي هلي، ان جو وائيس چانسيلر ٿيو.
سنڌ سرڪار سنڌ يونيورسٽي غالباً مارچ 1947ع ۾ ٺاهي
۽ 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ٺاهيو. ڊاڪٽر صاحب بورڊ
جو به ميمبر مقرر ٿيو، اداري جي رٿيل سنڌي ڊڪشنري
اسڪيم ۽ لوڪ ادب اسڪيم جا باضابطه ڊائريڪٽر ٿيو.
پر بيشمار ٻين ڪتابن جهڙوڪ: سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي
ڪلاسيڪي شاعرن جي بياضن ۽ ديوانن کي ايڊٽ ڪرڻ جو
ڪم به هٿ ۾ کنيائين. انهن ۾ مير عبدالحسين سانگيءَ
جو ڪلام، ميين شاهه عنات رضويءَ جو ڪلام ۽ خليفي
نبي بخش جو ڪلام مثالي نموني ۾ ايڊٽ ڪري
ڏيکاريائين]3[.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب بورڊ ۾ رڳو انهن سنڌي رسالن کي
ايڊٽ ڪرڻ تي اڪتفا نه ڪئي، بلڪ ٻين ادارن جا به
ڪتاب جن مان ڪن جا مهاڳ ۽ مقدما ته ڪن کي ايڊٽ ڪرڻ
۽ ڪن تي تعارفي ڪلمات لکي علم و ادب جي خدمت ڪرڻ ۾
پيش پيش رهيو آهي. مثلاً: 1970ع ۾ سنڌالاجي جي
طرفان شايع ٿيل سنڌ جي مشهور عالم دين قاري سيد
علي محمد شاهه (وفات 1287هه) جي لکيل ڪتاب ”مُصلح
المفتاح“ جي مقدمي تي جا ڊاڪٽر صاحب محنت ۽ تحقيق
ڪئي آهي، سا بيمثال ۽ ڏسڻ وٽان آهي. هن ڪتاب جي
مقدمي ۾ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ”سنڌ جي علمي ۽
تعليمي تاريخ جي لحاظ سان هن ڪتاب ”مصلح المفتاح“
جي اهميت ۽ افاديت جا ٽي مُکيه پهلو آهن. اول ته
هيء تصنيف سنڌ ۾ علمي تحقيقي ۽ فقهي تجسس جي انهي
سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو ڏهين صدي هجريءَ ۾
ترخاني دؤر کان شروع ٿئي ٿو، ٻيو ته اهم اسلامي
رُڪن ”نماز“ جي توضيح ۽ تشريح، شرائط ۽ لوازمات
بابت جمله محققانه تصنيفات ۾ هيء تصنيف هڪ جامع
حيثيت رکي ٿي ۽ ٽيون ته سنڌ اندر مادري زبان سنڌيء
۾ تعليم ۽ تحقيق جي تاريخ ۾ هيءُ ڪتاب هڪ خاص مقام
رکي ٿو]4[.
هن کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پهرين مکيه پهلو ”سنڌ
۾ تعليم ۽ علمي تحقيق جو سلسلو“ عنوان تحت سنڌ ۾
اسلامي دؤرِ حڪومت جي شروعات پهرين صدي هجري جي
آخري ڌاري ٿي. انهي ۾ سلسليوار سنڌي عالمن جي
تصنيفات ۽ تحقيقات جو بحث سومرن جي دؤر کان ٽالپرن
جي آخري دؤر تائين سن وار مختصر ليڪن جامع ذڪر ڪيو
اٿس. اهڙي طرح ٻئي عنوان ”دائري جي درسگاهه“ هيٺ
مدرسي جو بنياد، بنيادي تعليم ان کان پوءِ اوسط ۽
اعليٰ تعليم جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”هن درسگاهه
جو بنياد هڪ مڪتب يعني ابتدائي تعليمي اداري جي
صورت ۾ پيو، قرآن شريف جو درس، حفظ ۽ قراءت
ان جي نصاب جا مرڪزي پهلو رهيا، يارهين صدي جي آخر
کان وٺي ٻارهين صدي جي آخر تائين درسگاهه جي مرڪزي
حيثيت مڪتب واري رهي. مگر انهن هڪ سؤ سالن جي عرصي
۾ هن مڪتب ابتدائي تعليم جي مکيه مقصدن يعني ته
قرآن شريف جي درس، حفظ ۽ قراءت
کي اعليٰ معيار تي پهچايو، ايتريقدر جو روايت آهي
ته حجاز ۽ عراق جي ڪن قارين پڻ تبرڪ طور هتان جي
قاري حافظن کان اچي سبق ورتو.“
تقريباً هڪ سؤ سالن جي ڪامياب تعليمي ڪشالي بعد هن
درسگاهه ۾ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم جو دؤر شروع ٿيو،
حلقي يا دائري جي نظام جو تعلق ثانوي ۽ اعليٰ
تعليمي طريقي سان آهي. سيد محمد مسعود عرف سيد
محمد معصوم (وفات 1182هه) هن درسگاهه جو پهريون
عالم ۽ استاد آهي، جنهن کي ”صاحبِ دائره“،
”حلقي“ يا ”دائري“ جو سرواڻ سڏيو ويو آهي، ثانوي ۽
اعليٰ تعليم جي معيار کي پڻ هن درسگاهه ۾ اوج تي
پهچايو ويو. محقق لاءِ تحقيق ڪندي منتخب موضوع سان
گڏوگڏ ان سان منسلڪ شين جو ذڪر ڪرڻ ضروري هوندو
آهي، جيئن ته قاري کي تِشنگي باقي نه رهي ۽ ”مالہ
وماعليہ“ تي مڪمل سير حاصل ٿئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب
ڪتاب ”مصلح المفتاح“ جي مقدمي تي ٽي مکيه مقصد
زيرِبحث آڻڻ جو ذڪر ڪيو، ليڪن انهن سان متعلق شين
جي ذڪر ڪرڻ لاءِ لازمي سمجهندي دائري جي درسگاهه
جي استادن جو تفصيلي ذڪر ڪري ٿو ۽ انهن جو لوحِ
مزار تان تاريخِ وفات نقل ڪري ستن استادن جي
تاريخِ وفات ۽ چئن استادن جي وفات جي تاريخ نه ملڻ
ڪري انهن جو تعداد ڄاڻائي ٿو. آخر ۾ هن ريت لکي ٿو
ته: ”انهن کان سواءِ ساڳئي صفحي ۾ چار ٻيون مزارون
آهن، جن تي ڪتبا لکيل نه آهن. بهرحال هن درسگاهه
جا يارنهن استاد ۽ عالم هن صُفي اندر سُتل آهن]6[.“
اهڙي طرح دائري جي درسگاهه جي تعمير ۽ مسجد جي
تعمير جون تاريخون درسگاهه ۽ مسجد جا نقشا، دائري
جي سادات ڪرام جي سلسلي نسب جو ذڪر اصل شجري تان
ورتل نقشي جي صورت ۾، ڪتاب جي مصنف قاري سيد علي
محمد جي حالات زندگي، مدرسي لاءِ ڪيل خدمتن جو ذڪر
۽ سندس ٻيون تصنيفون، انهي ضمن ۾ مصنف جي استاد
مخدوم عبدالڪريم متعلوي جو ذڪر ۽ سندس علمي مرتبي
وجاهت ۽ ڪردار کي نمايان بيان ڪرڻ وغيره. مصلح
المفتاح ڪتاب جي مقدمي بابت جمله محققانه تصنيفات
۾ هيءَ تصنيف هڪ جامع حيثيت رکي ٿي.
جي عنوان تحت ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن ريت مختصر تمهيد
ٻڌي لکي ٿو ته: ”فقه حنفي جي لحاظ سان نماز جي
مسئلن بابت، سڌي يا اڻ سڌي طرح، جن ڪتابن مان مدد
ملي سگهي ٿي، تن مان اڪثر اسان جي مصنف جي ماخذن ۾
شامل آهن. خاص نماز جي مسئلن بابت جيڪي ڪتاب مصنف
جي آڏو هئا، تن مان هڪڙا اُهي آهن جيڪي ٻاهرين
عالمن جا لکيل آهن. مصنف جي ماخذن ۾ شامل آهن. خاص
نماز جي مسئلن بابت جيڪي ڪتاب مصنف جي آڏو هئا، تن
مان هڪڙا اُهي آهن جيڪي ٻاهرين عالمن جا لکيل آهن
۽ ٻيا اُهي آهن جيڪي سنڌي عالمن جا لکيل آهن.
ٻاهرين عالمن جي تصنيفات مان هيٺيان اهم ڪتاب مصنف
استعمال ڪيا آهن. منية المصلّي ۽ منية المصلّي جون
گهٽ ۾ گهٽ پنج شرحون. جن مان ابن امير حاج جون
لکيل ٻه شرحون هڪ شرح صغير ۽ ٻي ڪبير (غنية
المستملي) ابراهيم ابن حلبي جي شرح منيه، قاضي
عُبيد جي شرح منيه، ۽ علامه صديق احمد آبادي جي
شرح مُنيه، صلواة ماچيني، صلواة مسعودي، صلواة
نخشبي، تحفة الصلواة، ترغيب الصلواة في سنن
الصلواة ۽ ڪفاية المصلي، (الف) نماز جي مسئلن بابت
سنڌ جي عالمن جا لکيل ڪتاب، جي عنوان تحت تيرهن
سنڌي عالمن جي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي جن مان پنج
عربي چار فارسي ۽ چار سنڌي زبان ۾ لکيل ڪتابن جو
سنه وار ذڪر ڪيو آهي. انهن مان 3 نمبر ڪتاب مفتاح
الصلواة (فارسي) هيء ڪتاب سنڌ جي مشهور بزرگ ۽
عالم شيخ عيسيٰ جندالله جي فرزند مخدوم فتح محمد
فارسي زبان ۾ لکيو. مخدوم فتح محمد جو هيءُ ڪتاب
نهايت ئي مقبول ٿيو، نماز جي مسئلن بابت هن ڪتاب
کي سَند ڪري مڃيو ويو، سنڌ کان ٻاهر توڙي سنڌ ۾ هن
ڪتاب جي مطالعي ۽ تحقيق ڏانهن خاص توجهه ڏنو ويو.
اسان جي مصنف سيد علي محمد شاهه پنهنجي ڪتاب جو
بنياد پڻ هن ڪتاب تي رکيو آهي. انهن ڪتابن مان
نمبر3 کان 8 تائين اسان جي فاضل مصنف سيد علي محمد
شاهه جي ماخذن ۾ شامل آهن]7[.“
انهن حوالن مان مقدمہ نگار جي تحقيق ۽ وسيع مطالعي
جو هيٺين ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو:
(1)
فاضل مقدمي نگار جي غير سنڌي عالمن جي تصنيفات تي
گهري نظر جو پتو پوي ٿو.
(2)
عربي ڪتابن ۽ انهن جي شرحن تي گهري نظر جو پُڻ پتو
پوي ٿو.
(3)
ڪتابن جي مصنفن جي تاريخ وفات، مدفن ۽ مسڪن تي
محقق جي تحقيق.
(4)
فارسي ڪتابن جا ترجما، ڪهڙن عالمن ڪيا ۽ ڪهڙين
زبانن ۾ ڪيا ۽ ڪهڙن ادارن شايع ڪيا.
(5)
قلمي نسخن تي نظر، ڪٿي ڪٿي آهن، ڪهڙي نوعيت ۾ آهن.
(6)
سنڌي عالمن جي مختلف مسئلن تي رد، مدح وغيره.
(7)
فٽ نوٽ جي حوالي سان هيٺ حاشي ۾ متن ۾ ذڪر ڪيل
ڪتابن جي وڌيڪ وضاحت، اگر قلمي نسخو آهي ته ڪاتب
جو نالو ۽ ڪتابت جو سن ۽ تاريخ وغيره.
(8)
جيڪي ڪتاب ڇپيل نظر ۽ تحقيق مان گذريا آهن ته انهن
جي ڇپائي جو سال ۽ ڇپائيندڙ اداري جو نالو وغيره.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جنهن ڪتاب جو مقدمو لکي ٿو ته ان
سان تعلق رکڻ وارين سمورين ڳالهين کي مدِنظر رکندي
انهن سمورين ڳالهين جو ذڪر پڻ وضاحت سان ڪري ٿو،
مثلاً: ”مصلح المفتاح“ جو موضوع آهي ته هن ڪتاب جو
بنياد ”مفتاح الصلواة“ تي رکيو ويو آهي. ته ڊاڪٽر
صاحب مفتاح الصلواة جو تحقيقي مطالعو: جي نالي سان
عنوان قائم ڪري لکي ٿو ته: ”انهي ڪتاب تي پهرين
تعليقات ۽ تصريحات مفتاح الصلواة جي مصنف شيخ فتح
محمد ڪئي، جن کي ”مِنهياتِ مفتاح“ سڏيو ويو. اُهي
منهيات پڻ سنڌ جي عالمن آڏو رهيا ۽ خود اسان جي
مصنف پڻ ”مصلح المفتاح“ ۾ انهن جو حوالو ڏنو آهي،
مفتاح الصلواة جو پهريون سنڌي ترجمو غالباً سنڌ جي
هڪ عالم مخدوم انور نالي ڪيو، جنهن جو ذڪر اسان جي
مصنف سيد علي محمد شاهه ڪيو آهي ۽ سندس ترجمي جو
حوالو ڏنو آهي. مخدوم محمد انور بابت اسان کي
سردست وڌيڪ احوال ملي نه سگهيو آهي]8[.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن محقق هجڻ جي حيثيت ۾ اهو چئي
ڪري ته ”مخدوم محمد انور بابت اسان کي سردِست وڌيڪ
احوال ملي نه سگهيو آهي“، پنهنجي جان ڇڏائڻ جي
ڪوشش نه ڪئي اٿس بلڪ وڌيڪ محنت ڪري ان جي ماڳ جي
نشاندهي هن ريت ڪيائين. البت مخدوم فضل الله
پاٽائي پنهنجي ڪتاب ”اصلاح مصلح المفتاح“ جي مهاڳ
۾ کيس مخدوم محمد انور لاڙائي ڪري لکيو آهي. ڊاڪٽر
صاحب انهي ڳالهه کي وڌيڪ مستند ثابت ڪرڻ لاءِ ڪتاب
جي حاشيي ۾ اصلي فارسي عبارت هن ريت آڻي ٿو:
”کتاب مفتاح الصلواة تصنيف مخدوم فتح محمد عليہ
الرحمة دربيان مسائل عباداتـﻶ بزبان فارسي بوده پس
مخدوم محمد انورلارائي اورا برائي سهوليت مرد مان
سند بزبان سندي ترجمه نموده]9[.“
ڪتاب مفتاح الصلواة تصنيف مخدوم فتح محمد عليہ
الرحمة فارسي زبان ۾ نماز جي مسئلن بابت لکيل هو،
پوءِ سنڌي ماڻهن جي سهولت لاءِ مخدوم محمد انور
لاڙائي هن ڪتاب جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. ڊاڪٽر
بلوچ صاحب ”مصلح المفتاح“ جي لکڻ جو سبب ڄاڻائيندي
لکي ٿو ته: ”مخدوم محمد انور ”مفتاح الصلواة“ جو
لفظ به لفظ ترجمو ڪيو، جنهن ڪري متن ۾ مسئلن جي
اختلاف ۽ تڪرار، عبارت جي طوالت ۽ خود ترجمي جي
ڪَمين بيشين سببان سنڌي خواندن کي سمجهڻ ۾
مشڪلاتون پيش ٿي آيون. اهوئي سبب هو جو سيد علي
محمد شاهه ”مفتاح الصلواة“ کي نئين سر سنڌي ۾ ڪرڻ
جو قصد ڪيو، مصنف سيد علي محمد شاهه هن ڪتاب جي
مهاڳ ۾ ڄاڻايو آهي ته سندس هڪ واقفڪار درس
عبدالملڪ پلي پوٽو ”مفتاح الصلواة“ جي مخدوم محمد
انور واري سنڌي ترجمي کي گهڻي ذوق ۽ محبت سان
پڙهندو هو، پر مسئلن جي اختلاف، تڪرار ۽ عبارت جي
طلاوت سببان کيس معنيٰ سمجهڻ ۾ مونجهارو ٿيندو هو.
انهيءَ ڪري سيد علي محمد شاهه کي استدعا ڪيائين ته
اوهان هن سنڌي ترجمي جو اختصار ڪري ان کي آسان
بنايو. تڏهن عام فائدي ۽ ثواب خاطر سيد علي محمد
شاهه اصل فارسي ڪتاب ”مفتاح الصلواة“ جي سنڌي
ترجمي جو ارادو ڪيو. اهو ڪم تاريخ 22 جمادي الثاني
سنه 1270هه/1854ع ۾ شروع ڪيائين ۽ ستن سالن جي
محنت کان پوءِ ڇنڇر ڏينهن تاريخ 25 ربيع الثاني
سنه 1277هه ۾ ڪتاب جو پهريون جلد ”مصلح المفتاح“
جي نالي سان جوڙي راس ڪيائين]10[.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن ڪتاب ”مصلح المفتاح“ جي افاديت
بابت وڌيڪ تحقيق ۽ وضاحت ڪندي لکي ٿو ته: ”سيد علي
محمد شاهه پنهنجي علمي تحقيق ۽ تدقيق سان ”مصلح
المفتاح“ کي اهڙي ته اعليٰ معيار تي مرتب ڪيو جو
هيءُ ڪتاب عالمن ۽ محققن جي استفادي جي قابل بنجي
ويو. ڪتاب جي علمي اهميت محسوس ڪندي سيد علي محمد
شاهه جي همعصر عالم مخدوم فضل الله پاٽائي ان جو
سنڌيءَ مان فارسي (نثر) ۾ ترجمو ڪيو.“ مخدوم فضل
الله پاٽائي ڪهڙي سال هن ڪتاب جو فارسي ترجمو لکي
پورو ڪيو، انهيءَ بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب وڌيڪ وضاحت
ڪندي لکي ٿو ته: ”مخدوم فضل الله هيء فارسي ترجمو
سنه 1284هه/1864ع ۾ پورو ڪيو: جهڙي طرح هيٺين
تاريخي قطعي مان ظاهر آهي:
شکر از انعام حق نسخه اي شد بي بدل
ترجمه اي فارسي آمده فياض کل
سال تماميتش جست دلم از سروش
گفت که ”شد ترجمه مصلح اصلاح دل]11[.“
(1284هه)
ڪتاب ”مفتاح الصلواة“ فارسيءَ جو سنڌي ترجمو مخدوم
عبدالصمد ولد مخدوم حاجي محمد مقيم نورنگ ڪيو. هن
هيء ترجمو سنڌي نظم ۽ ان جي تصحيح قاضي عبدالرحيم
ساڪن ”عالمي جو ڪوٽ“ ڪئي. هيءُ ڪتاب قاضي نورمحمد
ابن قاضي عبدالڪريم تاجر ڪتب بمبئي مطبع ڪريمي
بمبئي مان سال 1346هه/1927ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
مفتاح الصلواة جو سنڌي ترجمو مخدوم حاجي عبدالصمد
1288هه/1871ع ۾ مڪمل ڪري ڇڏيو، پر جناب قاضي
عبدالرحيم صاحب طرفان ان جي تصحيح ۾ وڌيڪ وقت ورتو
ويو. اصل ڪتاب کان وڌيڪ اضافا جيڪي ترجمي ۾ موجود
آهن سي به قاضي عبدالرحيم جا شامل ڪيل آهن]12[.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”مصلح المفتاح“ تي تحقيق ڪندي
فقهي مسائل تي غير سنڌي عالمن جي تصنيفن سان گڏوگڏ
سنڌ جي برک عالمن جي تصنيفات جي تفصيلي ذڪر ڪرڻ
کان سواءِ سنڌ جي عالمن جي تحقيق ۽ عالمي ليول جي
عالمن تي سنڌي عالمن جي رد ۽ قدح وغيره کي نهايت
سهڻي اسلوب سان بيان ڪيو آهي. مثلاً: سنڌ جي عالمن
هر مسئلي کي نقل ڪرڻ وقت معتبر فقهي ڪتاب اکيون
ٻوٽي نقل نه ڪيا، مگر هنن اُهي ناقدانه نظر سان
ڀيٽيا ۽ ڪن مسئلن ۾ انهيءَ ڀيٽ جي مدّنظر هڪڙن
ماخذن جي بدران ٻين تي اعتماد ڪيو ۽ پڻ پنهنجي
تحقيق جي بناء تي ڪن ماخذن جي مشهور فيصلن کي رد
ڪيو. مثلاً: مخدوم محمد هاشم ڪن مسئلن ۾
”قاضيخان“، ”مفتاح“ ۽ ”امداد الفتاح“ کي ڀڳو، قبلي
جي مسئلي ۾ ميين محمد متعلوي ”مفتاح“ ۽ ”بدايع“
کي رد ڪيو. حافظ مسعود چوٽياروي ”طحطاوي“ کي ڀڳو ۽
پڻ حافظ مسعودي ”دُرّ“ ۽ ”جامع“ کان صريح مسئلو
نقل ڪري پوءِ ان تي بحث ڪري ان جي خلاف دليل ڏنا
آهن]13[.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”مصلح المفتاح، جي مقدمي جي آخر ۾
پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”هن ڪتاب جي تفصيلي
مطالعي مان تصديق ٿئي ٿي ته هيء تصنيف سنڌي زبان
جي انهي اوائلي علمي، ادبي ۽ تعليمي تحريڪ جي ڪڙي
آهي، جيڪا مخدوم ابوالحسن جي ڪتاب سان شروع ٿي، ۽
پوءِ خاص طرح مخدوم ضياءالدين، مخدوم محمد هاشم،
مخدوم عبدالله ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيء جي
عالمانه تصنيفن ذريعي وڌي وڻ ٿي. هيء ڪارنامو انهي
شاندار درخت جو ثمر آهي. مجموعي طور سان هيء ڪتاب
مصلح المفتاح مصنف سيد علي محمد شاهه توڙي سنڌ جي
ٻين همعصر يا اڳين عالمن ۽ فقيهن جي تصنيفن ۽
تحريرن، فقهي فتوائن ۽ علمي فيصلن بابت معلومات
لاءِ هڪ قيمتي دفتر آهي. ازانسواءِ سنڌ ۾ علمي
تحقيق ۽ تعليمي تاريخ جي مطالعي لاءِ پڻ هڪ نهايت
اهم ماخذ جي حيثيت رکي ٿو]14[.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن تحقيقي مقدمي پڙهڻ مان هڪ
پڙهندڙ ۽ محقق کي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ ڪو
هيء پي ايڇ.ڊي جو مقالو هجي. اهڙي طرح ڊاڪٽر بلوچ
صاحب غير سرڪاري ادارن جي طرفان جن شايع ٿيل ڪتابن
جا مقدما لکيا آهن، انهن مان جمعيت علماء سڪندريه
درگاهه شريف پير جو ڳوٺ ضلع خيرپورميرس طرفان هيٺ
ذڪر ڪيل ٽن ڪتابن جا مقدما نهايت تحقيقي ۽ جامع
لکيا آهن:
(1)
خزانة المعرفت ملفوظات حضرت پير سيد صبغة الله
شاهه اول
(2)
ڪلامِ اصغر (سنڌي شاعري) حضرت پير سيد علي گوهر
شاهه (اول)
(3)
ديوانِ مسڪين، فارسي، از حضرت پير سيد حزب الله
شاهه ”مسڪين“
خليفو عبدالحئي جوڻيجو ميموريل ڪميٽي عمرڪوٽ جي
طرفان 2010ع ۾ شايع ٿيل ”عبدي جو رسالو“ جنهن جي
ترتيب ۽ تحقيق لياقت جوڻيجي صاحب ڪئي آهي، پر هن
ڪتاب جو به مقدمو ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو آهي. هيء
مقدمو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي وفات کان صرف هڪ سال ۽
چند ڏينهن اڳ ۾ لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي اها عمر
لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي نه هئي، ليڪن علم و ادب جي هن
شيدائي قلم ۽ ڪتاب سان توڙ نڀايو.
اهڙي ريت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي زندگي جي بلڪل آخري
ايامن ۾ غيرسرڪاري اداري يعني حُر هسٽاريڪل
سوسائٽي سانگهڙ سنڌ طرفان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لکيل
مهاڳ سان جيڪو ڪتاب شايع ٿيو آهي اهو ”خليفي غلام
نبي جو ڪلام“ آهي. الغرض ته بلوچ صاحب تقريباً اڌ
صدي سنڌ جي عالمن، شاعرن ۽ سگهڙن تي ايڏي ته محنت
۽ جانفشاني سان ڪم ڪيو آهي، جو اڪثر و بيشتر عالمن
۽ شاعرن جي ڄمڻ ۽ وفات جون تاريخون به کيس ازبر ٿي
ويون هيون.
2009ع ڌاري آءٌ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خدمت ۾ ”ديوانِ
سعيد“ تي ”ٻه اکر“ لکرائڻ لاءِ حاضر ٿيس، بلوچ
صاحب مختصر گفتگو ڪندي چيو ته ادا حافظ صاحب! تو
هيء وڏو ڪم ڪيو آهي، حضرت خواجه محمد سعيد ته
فارسي جو قادرالڪلام شاعر هو، اهو چئي پوءِ
”ديوانِ سعيد“ جي اصل بوڪ (مسودي) تي هن ريت
لکيائين:
”خواجه صاحب کي فارسي زبان تي پوري دسترس هئي، پاڻ
قطعِ تاريخ چوڻ جا وڏا ماهر هئا، پاڻ ڪيترن ئي
بزرگن ۽ عارفن جي وصال تي قطع تاريخ چيا اٿن. خاص
طور تي پنهنجي والد بزرگ حضرت خواجه محمد حسن ? جي
وصال تي مختلف ترڪيبن سان قطعِ تاريخ چيا اٿن ۽
مشهور درويش ۽ ڀلاري خواجه عبدالرحمٰن سرهندي جي
وفات جو فارسيء ۾ قطعو پڻ لکيائين ۽ ايڏي قابليت
سان لکيائين جو هر سٽ مان ابجد جي حساب موجب خواجه
عبدالرحمٰن جو سال وفات (1335هه) توڙي سال ولادت
(1244هه) نڪرن ٿا]15[.“
اسان جي سنڌ سڳوري يقيناً ڪيترن ئي اَملهه انسانن
کي جنم ڏنو ۽ پنهنجي پيار ڀري جهوليءَ ۾ پاليو، پر
ڊاڪٽر بلوچ جهڙو عظيم اديب ۽ محقق نه سنڌ اڳتي ڏٺو
نه پوءِ.
واڪا ڪندي ووءِ، صديون تولئه سنڌڙي.
گل زگلشن رفت و بلبل مُرد گمشد باغبان
مي کند آه و فغان ”مسکين“ برائـﻶ عندليب]16[.
حوالا ۽ واڌارا
(1)
ماهوار نئين زندگي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نمبر، ص
71
(2)
ايضاً ” ” ص 7
(3)
ايضاً ” ” ص 20
(4)
مصلح المفتاح ” ص 1
(5)
ايضاً ” ” ص 10-11
(6)
ايضاً ” ” ص 10
(7)
ايضاً ” ” ص 23 کان 29
(8)
ايضاً ” ” ص 30
(9)
ايضاً ” ” ايضاً در حاشيه
(10)
ايضاً ” ” ص 31
(11)
ايضاً ” ” ص 32-33
(12)
سنڌ ۾ فقهي تحقيق جو ارتقاء، ص 125-127
(13)
مصلح المفتاح، ص 35-36
(14)
ايضاً ” ” ص 37-42
(15)
ديوانِ سعيد، ص 4
(16)
ديوانِ مسڪين، ص 90 |