محمد
ارشد بلوچ
منهنجو پيارو ڏاڏا سائين
(ساروڻيون)
دنيائ علم و دانش لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو
لاڏاڻو هڪ عظيم سانحو شمار ٿئي ٿو، پر منهنجي لاءِ
ڏاڏا سائين جي وفات قيامتِ صغريٰ کان گهٽ نه آهي.
ڏاڏا سائين جن جي مون سان مسلسل 8 سالن کان وٺي هڪ
”منفرد“ اُنسيت، قربت، محبت ۽ شفقت رهي ۽ اهي سال
منهنجي زندگيءَ جا بهترين سال شمار ڪري سگهجن ٿا،
جنهن جو فيصلو قدرت طرفان ٿيل هو. هي انهن ئي
ڏينهن جو ذڪر آهي، جڏهن اسان جي ننڍي ڏاڏي صاحبه
جن آڪٽوبر 2003ع ۾ هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ۽
مون محسوس ڪيو ته بابا سائين (ڏاڏا سائين) کي سندن
اڪثر و بيشتر ٻاهر رهڻ جي ڪري (علمي ادبي ڪانفرنسن
۾ شرڪت ۽ تحقيقي ڪم جي سلسلي ۾ مختلف ماڳن ڏانهن
سفر) گهر ۾ به اهڙو ڪو فيملي جو ميمبر ڪونه هو جو
سندن غير حاضريءَ ۾ لائبريريءَ جي سارسنڀال ڪري
سگهي ۽ گهر ۽ آفيس جي به پرگهور لهي سگهي.
هڪ ڏينهن شام جو گهر جي لان ۾ بابا سائين ۽ منهنجي
پياري پڦي حميده بلوچ صاحبه سان ڪچهري ۾ ويٺل
هئاسين ته بابا سائين مون کي اوچتو مخاطب ٿيندي
چيو ته: ”بابا ارشد، يونيورسٽي مان اچڻ کان پوءِ
توهان جي ڪهڙي مصروفيت هوندي آهي؟“ مون بابا کي
مؤدبانه انداز ۾ وراڻيو ته: ”بابا سائين
يونيورسٽيءَ کان پوءِ اڪثر واندڪائي رهندي آهي.“
جنهن تي بابا سائين مسڪرائيندي مون کي چيو ته:
”بابا، منهنجا ڪجهه ضروري ڪم ڪار هوندا آهن، جن ۾
انيڪ سرگرميون شامل آهن، مثلاً منهنجي لائبريري
مان ڪتاب ڳولي ڪڍي اچڻ، علامه آءِ. آءِ قاضي چيئر
واري آفيس ڏي منهنجا ڊرافٽ ٿيل ليٽر کڻي وڃڻ ۽
وري رڌڻي جي واحد اسٽاف (سانوڻ لغاري) کي
Menu
جي هدايت ڏيڻ ۽ مهمانن جي آڌرڀاءُ ۽ خاطر تواضع ۽
رهائش جو انتظام ڪرڻ ۽ ان کان سواءِ گهر جي لان کي
سنڀالڻ جي ذميواري اڄ کان پوءِ توهان سنڀاليو ته
ڏاڍو سُٺو؟“ مون بابا
سائين
کي نيازمنديءَ سان ها ۾ جواب ڏنو. اُن وقت منهنجي
ڄمار 20 سال کن هئي، ۽ اُن وقت بابا سائينءَ جي
عمر لڳ ڀڳ 87 سال هئي ۽ بابا سائين هڪ واڪنگ اِسٽڪ
استعمال ڪندا هئا ۽ سندن صحت عمومي طرح نارمل هئي.
ان گفتگو دوران پڦي حميده صاحبه خاموشيءَ سان سڄي
گفتگو ٻڌنديون رهيون ۽ جڏهن گفتگو ختم ٿي، تڏهن
چيائون ته: ”بابا سائين انهيءَ کان وڌيڪ ارشد لاءِ
ڪهڙي خوشقسمتي ٿي سگهي ٿي، جو هو توهان سان گڏ رهي
۽ توهان جي خدمت ڪري.“ ان کان پوءِ اسان گڏجي
چانهه پيتي ۽ پوءِ آءٌ بابا سائينءَ کي ٻئي ڏينهن
يونيورسٽي کان پوءِ سندن خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو چئي
پنهنجي گهر روانو ٿيس. ٻئي ڏينهن کان پوءِ باقاعدي
مون بابا سائينءَ وٽ يونيورسٽي کان پوءِ تقريباً
شام جو 6 بجي ڌاري حاضر ٿيڻ شروع ڪيو. منهنجو گهر
بابا سائين جن جي گهر جوئي هڪ حصو هو ۽ وچان هڪ
پارٽيشن وال هئي.
بابا سائين وٽ جڏهن پهرئين ڏينهن سندن حڪم جي
تعميل مطابق حاضر ٿيس ته بابا سائين معمول مطابق
ورانڊي ۾ سندن مخصوص نشست (هڪ ڪلاسڪ ڊيزائن جو
صوفه) تي هميشه وانگي ويٺل هئا. آءٌ سلام ڪري جڏهن
بيٺو هوس ته بابا سائين پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته محوَ
هئا جو هنن منهنجو آواز نه ٻڌو. پوءِ وري مون
ٿورڙو ٻيهر سلام ڪيو، جنهن تي پاڻ مون ڏانهن يڪدم
متوجهه ٿي مشڪي چيائون ته: بابا ارشد آيا آهيو.“
ان کان پوءِ آءٌ ساڄي طرف رکيل سنگل صوفا تي ويهي
رهيس ۽ وري بابا سائين ساڳئي انداز سان پنهنجي ڪم
۾ مصروف ٿي ويا. سامهون رکيل ٽيبل ۽ ٻيا صوفه سڀ
ڪتابن سان ڀريا پيا هئا. ان دوران آءٌ تقريباً اڌ
ڪلاڪ کن مسلسل بابا سائينءَ کي ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيس
۽ حيران به ٿيندو رهيس ته ڪيڏي نه ڌيان سان پاڻ
ڪنهن ڪاغذ تي ڪجهه لکيائون پئي ۽ سندن ذهني
توانائي پوريءَ طرح پنهنجي قلم ۽ ڪاغذ تي مرڪوز
رهي. جڏهن پنهنجي علمي ڪم کان فارغ ٿيا، تڏهن مون
ڏي متوجهه ٿي چيائون ته بابا سانوڻ بورچي کي چئو
ته پنهنجي لاءِ چانهه کڻي اچي. ڪجهه دير کان پوءِ
سانوڻ چانهه جا ٻه ڪوپ ٽري ۾ کڻي اچي ٽيبل تي
رکيا. پوءِ بابا سائين سانوڻ کي چيو ته ڪمري مان
ماکيءَ جو شيشو ۽ ميري بسڪوٽن جو پئڪيٽ کڻي اچ.
بابا سائين پنهنجي چانهه ۾ ماکيءَ جا ٻه چمچا وڌا
۽ بسڪوٽ چانهه ۾ ٻوڙي پاڻ به کاڌائون ۽ مون کي به
ڏنائون. ان کان پوءِ بابا سائينءَ مون کي چيو ته،
بابا پينگهي جي ڀر ۾ رکيل اڇا واڪنگ شوز کڻي اچ،
مون فوراً شوز کڻي اچي بابا سائين جي پيرن وٽ
رکيا. پوءِ بابا سائين شوز پائي چيو ته هاڻ هلو ته
ٻاهر هلي واڪ ڪريون. پوءِ اسان گهران نڪري اتي ئي
اولڊ ڪئمپس واري ڪالوني ۾ رستي تي واڪ دوران مون
کي ڏهن پندرهن منٽن کان پوءِ چوندا هئا، ته اوهان
وڃي پنهنجو ڪم ڪريو ۽ آءٌ واڪ ڪري گهر اچي ويندس.
انهيءَ مرحلي تي آءٌ بابا سائينءَ کان موڪلائيندو
هوس ۽ بابا سائين جن پنهنجي هڪ ڪلاڪ واري واڪ جاري
رکندا هئا. ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته بابا سائين
ڪالونيءَ مان ٻاهر نڪري روڊ ڪراس ڪري سيشن ڪورٽ جي
پويان بمبئي بيڪريءَ تائين واڪ ڪندا ويندا هئا ۽
اتي ڏهن منٽن جي وقفن سان واڪ ڪري گهر موٽي ايندا
هئا. بابا سائينءَ جي زندگيءَ جا اهي معمول آخر
تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهيا. آخري ٽن سالن ۾
بابا
سائين
هڪ هٿ ۾ واڪنگ اسٽڪ کڻندا هئا ۽ ٻيو هٿ مون کي ڏئي
واڪ ڪندا هُئا.
بابا سائين هڪ متحرڪ (Dynamic)
شخصيت جا مالڪ هئا ۽ فارسي مقولي ”از حرڪت ما
برڪت“ (يعني چرپر ۾ فائدو آهي) جا قائل هئا ۽
چاهيندا هئا ته دوستن يارن ماڳن، مڪانن، سگهڙن سان
ڪچهريون ۽ جهرجهنگ، جبل پهاڙ، نديون نالا، ٿربر،
ڪوهستان، ڪاڇي جا سفر ڪري ”سنڌ“ جو عميق مطالعو
ڪجي ۽ ان کان پوءِ پاڻ اُهي سمورا اڀياسي احوال
پنهنجي سلسليوار ڪتاب ”رهاڻ هيرن کاڻ“ ۾ هميشه
لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيندا هئا. اُن مقصد لاءِ بابا
سائينءَ وٽ هڪ موٽر ڪار شروع کان ئي استعمال ۾
هُئي پر هڪ ڪُل- وقتي ڊرائيور جي سهولت نه هئڻ ڪري
هڪ ڏينهن مون کي شام جي چانهه پيئندي چيائون ته
بابا، ڇا اوهان کي موٽر ڪار هلائڻ ايندي آهي؟ مون
جواب ۾ وراڻيو ته نه بابا سائين مون کي موٽر ڪار
هلائڻ نٿي اچي. پوءِ مون کي چيائون ته اندران وڃي
ڪارڊ ليس فون کڻي اچ ته تنهنجي والد کي چوان ته هو
تنهنجو استاد ٿئي ۽ توکي گاڏي هلائڻ سيکاري ۽ پوءِ
منهنجي والد فون تي بابا سائينءَ کي هائو ڪئي ۽
چيائين ته بابا سائين سڀاڻي کان ئي ارشد کي پنهنجي
شاگرديءَ ۾ آڻيان ٿو. ٻئي ڏينهن صبح جو 6 وڳي کان
7 وڳي تائين والد صاحب سان گڏ گاڏي سکڻ لاءِ ويندو
هوس. تقريباً 15 ڏينهن ڪافي گاڏي هلائڻ سکي ويس.
پوءِ هڪ ڏينهن شام جو مون کي چيائون ته تون مون
واري گاڏي تي پنهنجي پڦي صاحبه جي گهر قاسم آباد
وٺي هل ۽ مون الله توهار ڪري، پهريون ڀيرو بابا
سائينءَ کي گاڏي ۾ ويهاريو آهسته آهسته گاڏي هلائي
۽ پڦي صاحبه جي گهر پهتس. ان ڏينهن کان پوءِ اهو
منهنجو روز جو معمول بڻجي ويو. شام جو پهرين بمبئي
بيڪريءَ وٽ ٽن وقفن سان بابا سائينءَ کي واڪ ڪرائي
پوءِ پڦي صاحبه جي گهر وٺي ويندو هوس ۽ بابا سائين
پنهنجي نياڻي، ناٺي ڏهٽن ۽ ڏهٽين سان ڪچهري ڪري
فرحت محسوس ڪندا هئا ۽ رات جي ماني کائڻ کان پوءِ
واپس اولڊ ڪئمپس واري گهر ۾ ايندا هئاسين. ان کان
پوءِ بابا سائينءَ کي دوائون وغيره کارائي اجازت
وٺڻ جي ڪندو هوس ۽ بابا سائين آرامي ٿيندا هئا.
اهڙيءَ طرح بابا سائينءَ سان سال کن ۾ ايتري ته
انسيت ۽ قربت وڌي وئي جو آءٌ گهر ۾ ساڻس گڏ رهڻ
لڳس ۽ گهر ۾ 2 ڪمرا منهنجي حوالي رهڻ لاءِ ڪيائون.
2006ع ۾ جڏهن مون ايم. اي ايڪنامڪس ۾ ڪئي. تڏهن
ڪجهه عرصي کان پوءِ مون کي هڪ ڪمرشل بئنڪ ۾ نوڪري
ملي وئي. جيئن ته بئنڪ جي نوڪري ۾ ٽائيم صبح 8:30
کان شام 6 بجي تائين هوندو هو. جنهن ڪري بابا
سائينءَ کي آفيس ٽائيم کان پوءِ وقت ڏئي سگهندو
هوس. جنهن ڪري بابا سائينءَ کي ڪنهن ميٽنگ يا ڪنهن
سماجي پروگرام ۾ يا ڪنهن ادبي ميڙ ۾ مون کان سواءِ
وڃڻ ۾ دقت محسوس ٿيڻ لڳي. جنهن ڪري سُتت ئي مون
فيصلو ڪيو ته بابا سائينءَ جي ڪُل وقتي حاضري ڏيڻ
گهرجي ۽ بابا سائين مون کي دعا ڏني ته: ”بابا
جيستائين منهنجي حياتي آهي، تيستائين منهنجي خذمت
ڪر، الله تعاليٰ پاڻهي تنهنجا ٻيڙا پار ڪندو.“
جنهن ڪري نوڪري کي خيرباد چئي بابا سائينءَ جي
خذمت ۾ رهڻ لڳس. بابا سائينءَ جي همت افزائيءَ جي
ڪري بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ به ڪيم. آءٌ جڏهن ڪلاس مان
فارغ ٿي گهر ايندو هوس. تڏهن بابا سائين مون کان
فيڪلٽي ۽ منهنجي پڙهائيءَ متعلق معلومات وٺندا
هئا. انهيءَ عرصي ۾ بابا سائين لائبريري سنڀالڻ جي
ذميواري به منهنجي حوالي ڪئي. لائبريريءَ ۾ وڃبو
هو ته اندر پير رکڻ جي جاءِ به نه هوندي هئي. 54
ڪٻٽ هئڻ جي باوجود به ايترا ڪتاب هوندا هئا جو 4-5
ٽيبلن جي مٿان ۽ هيٺان ۽ پاسن کان ڪتاب رکيل هوندا
هئا. بس ايتري جڳهه ٺاهڻي پوندي هئي ته بابا
سائينءَ جي ڪرسي رکي سگهان، ته جيئن بابا مون کان
ڪتابن جون لسٽون ٺهرائي سگهن ۽ مون کي پٽ تي ويهڻ
جي جڳهه به مشڪل ملي سگهندي هئي. پوءِ اهي ڪتاب
بابا سائينءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ سنڌ آرڪائيوز
ڪراچي، سينٽرل لائبريري سنڌ يونيورسٽي، ڊاڪٽر چاند
بيبيءَ جي دور ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ
يونيورسٽي، ڊائريڪٽر شوڪت حسين شورو جي دؤر ۾
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي لاءِ
پرنسپال ڪئپٽن (ر) ڊاڪٽر محمد يوسف شيخ صاحب کي ۽
عالي جناب محترم پير صاحب پاڳارا جن جي لائبريري
درگاهه شريف پير جو ڳوٺ ۽ ٻين تعليمي ادارن جي ڪتب
خانن کي في سبيل الله ڏنائون. اهو ڪتابن ڏيڻ جو
سلسلو بابا سائين تاحيات جاري رکيو.
جيئن ته بابا سائين جي پنهنجي وڏي نياڻي محترمه
حميده بلوچ سان تمام گهڻي محبت هئي ۽ پاڻ به وڏي
عمر ۽ ناچاقيءَ جي ڪري جولاءِ 2007ع ۾ پنهنجي
نياڻيءَ جي گهر (قاسم آباد) رهڻ پسند ڪيائون، ان
ڏينهن کان وٺي زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين آءٌ هر
روز سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندو هوس. ڪو اهڙو ڏينهن
هوندو هو جو آءٌ ڪنهن سبب جي ڪري پهچي نه سگهندو
هوس ته پاڻ انتهائي شفقت وچان چوندا هئا ته: ”بابا
تون ڪيڏانهن ويو هئين، اسان سمجهيو ته تون وڃائجي
ويو آهين.“ مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي سان گهڻيءَ دير
تائين واڪ نه ڪري سگهندا هئا.
2007ع کان 2011ع واري عرصي ۾ منهنجي پڦي محترمه
پنهنجون سڀ آسائشون ۽ مصروفيتون وساري، پنهنجي
گهرواري ۽ اولاد کي هڪ پاسي ڪري فقط پنهنجي والد
جي خدمت ۾ مشغول رهي ۽ بابا سائين جي زبان تي ڪنهن
به قسم جي تشنگيءَ جو موقعو آڻڻ نه ڏنائين. بلڪه
بابا سائينءَ جي مهمانن جي خاطر تواضع به انهيءَ
ساڳئي طريقي سان ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندي هئي. بابا
سائينءَ جي روزمره جي استعمال هيٺ آيل شين جو خاص
خيال رکندي هئي. پوري وقت تي ماني تيار ڪرڻ،
دوائون کارائڻ، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ، ميٽنگ يا
ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت لاءِ بابا سائينءَ کي تيار
ڪرڻ ۾ سندن مددگار ثابت ٿيندي هئي. بعض اوقات بابا
سائين ۽ آءٌ سير و سفر يا تحقيق يا ڪنهن ادبي
ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ شهر کان ٻاهر ويندا هئاسين ته
بابا سائينءَ جي استعمال جون شيون هڪ بيگ ۾ رکي
ڇڏيندي هئي ۽ مون کي سمجهائيندي هئي ته بابا
سائينءَ جن کي جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ جي ضرورت محسوس
ٿي ته تون فوراً اها شيءِ بيگ مان ڪڍي بابا
سائينءَ جي خدمت ۾ پيش ڪجانءِ. ايتري قدر جو بابا
سائينءَ جي هر وقت ۾ استعمال ٿيندڙ دوائون الڳ الڳ
پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ ويڙهي اندر پرچي تي لکي ڇڏيندي
هئي ته هي گوري صبح جي، هي شام جي ۽ هي رات جي
کائڻ جون آهن.
بابا سائين وٽ دوستن، احبابن، تحقيق ڪندڙن جي لاءِ
گهر تي 12 کان 2 تائين ۽ شام جو 5 کان 6 تائين جو
وقت مقرر ٿيل هو. بابا سائينءَ کي گهڻو ڪري آچر
واري ڏينهن تي گهمائڻ لاءِ حيدرآباد کان ٻاهر ڪنهن
پياري دوست ڏانهن وٺي وڃڻ جو معمول هوندو هو. پاڻ
پکين، جانورن، جبلن، وڻن، ٻوٽن، جهڙ ۽ برسات کي
تمام گهڻو پسند ڪندا هئا ۽ انهن مان لطف اندوز به
ٿيندا هئا. خاص ڪري سانوڻيءَ واري موسم ۾ پاڻ ٿر
جو سفر سال ۾ ٻه ٽي ڀيرا ڪندا هئا. تحقيق جي سلسلي
۾ ڪٿي به ويندا هئاسين ته مون کي گاڏي ۾ ڪجهه
هدايتون به ڏيندا هئا، ته بابا جتي هلون ٿا ته
انهن کي منهنجي باري ۾ ٻڌائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي
ته آءٌ ڪير آهيان ۽ ڪٿان آيو آهيان. قلم ۽ نوٽ بڪ
هر وقت گڏ هوندو هو ۽ ڪابه چڱي ڳالهه دل کي وڻندي
هئي يا سنڌ لاءِ فائديمند ثابت ٿئي، اها فوراً نوٽ
ڪري وٺندا هئا ۽ ان جو ذڪر هر ڪنهن سان پيا ڪندا
هئا. هر نئين شيءِ جي دريافت ڪرڻ جو کين گهڻو
اشتياق هوندو هو.
بابا سائينءَ جي هر گفتي ۾ هڪ سبق هوندو هو. پاڻ
وقت جي پابندي ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ ضروري سمجهندا هئا
۽ مون کي وقت جي پابندي ڪرڻ جي هدايت ڪندا هئا.
ڪڏهن به ننڍي يا وڏي سان تکي انداز ۾ گفتگو نه
ڪيائون ۽ سڀني پنهنجن توڙي پراون سان بابا سائين،
پُٽ ۽ منهنجا سائين جي لقب سان مخاطب ٿيندا هئا.
هر ڪنهن جي ڳالهه غور سان ٻڌندا هئا. توڙي اها
ڳالهه اڳ ۾ ڇو نه خبر هجي، پر پاڻ پوري دلچسپيءَ
سان پيا ٻڌندا هئا. مون کي هميشه اهو سبق ڏنائون
ته رات جو سمهڻ کان اڳ اهي سڀ ڪم جيڪي ٻئي ڏينهن
تي ڪرڻا آهن، پاڻ وٽ نوٽ ڪري پوءِ سمهندا ڪريو، ته
جيئن ٻئي ڏينهن تي هر ڪم وقت تي ٿي سگهي ۽ ڪو ڪم
رهجي نه وڃي. مون کي هميشه ڊائري لکڻ جي تلقين
ڪيائون. پاڻ مون کي ٻڌايائون ته مون کي به علامه
قاضي صاحب روزمره جي لکڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن
مطابق 1954ع کان آءٌ ڊائري لکندو پيو اچان. اها به
هدايت ڪندا هئا ته بابا ارشد هميشه سٺو ۽ صاف سٿرو
لباس پهريو. اهو به هميشه سمجهائيندا هئا ته صرف
ايترو ڳالهائجي جيترو پڇيو وڃي ۽ جنهن مان توهان
جو مقصد پورو ٿي سگهي ۽ ٿوري ڳالهائڻ سان ئي سڀ
ڪجهه سمجهائي سگهجي ۽ بلڪل ائين ئي بابا سائين
مختصر لفظن ۾ ئي اسان ننڍن وڏن سڀني کي گهڻو ڪجهه
سمجهائي ڇڏيندا هئا. نيشنل جاگرافڪ چينل ڏاڍي چاهه
سان ڏسندا هئا. سياري جي موسم کي گهٽ پسند ڪندا
هئا ۽ اونهاري واري رات مان لطف اندوز ٿيندا هئا.
مچ ڪچهري رچائڻ ۽ مچائڻ به سندن خاص شوق هو. سگهڙن
سان ڪچهريون ۽ ڳاهن سان ڳالهيون، جهانگيئڙن ۽
سانگيئڙن جون تاتون ۽ سنڌ جي لوڪ ثقافت ۽ ڪلاسيڪ
شاعري سان بي پناهه محبت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
سان بي انداز عقيدت، سندن زندگيءَ جا بنيادي پهلو
هئا. خوراڪ جي معاملي ۾ تمام سادگي پسند هئا ۽ خاص
طور تي شاهي ۽ مغليه طرز جي کاڌي کي ته ويجهو به
نه ويندا هئا. سندن پسنديده کاڌي ۾ ساڳ، دال، جوئر
جي ماني ۽ سبزيون قابلِ ذڪر آهن. سيئل ڀينڊيون کين
وڻنديون هيون. ميون ۾ خصوصاً انب، گري فروٽ، صوف ۽
نارنگيون شوق سان کائيندا هئا. لباس ۾ اڪثر اڇي
شلوار ۽ شيرواني ڪالر وارو پهراڻ پهريندا هئا.
بسڪيٽن ۾ ميري ۽ هول وٽ ۽ ڪيفي (Cafe)
صبح جي چانهه سان کائيندا هئا ۽ آخري 5-4 سالن
واري عرصي ۾ بابا سائين ناشتي کان پوءِ لسي يا
ڪنهن فروٽ جو جوس پيئندا هئا. شام جو چانهه ۾ ماکي
وجهي ٽي-چار بسڪوٽ کائي واڪ ڪرڻ لاءِ ويندا هئا ۽
پوءِ رات جي ماني کائيندا هئا. بابا سائين اڪثر
رات جو اٻاريل چانور ۽ دال به کائيندا هئا. ان طرح
مڇيءَ سان به رغبت هئنِ.
آءٌ جڏهن به بابا سائينءَ سان اڪيلائيءَ ۾ ويهندو
هوس ته مون سان اڪثر پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون
ڪندا هئا. پنهنجن محسنن، استادن، رفيقن، همعصرن ۽
پيارن شاگردن جو ذڪر به ڪندا رهندا هئا. محسنن ۾
سڀ کان اول پنهنجي استاد علامه آءِ. آءِ قاضي صاحب
جي شفقتن ۽ احسانن جو ذڪر ڪندا هئا ۽ ٻڌائيندا هئا
ته علامه صاحب جي مهربانين سان ئي مون کي
يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ملي. علامه عبدالعزيز ميمني
(جيڪو عليڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ سندن عربيءَ جو ماهر
استاد هو) جي نگراني ۾ پاڻ ايم. اي عربي ۾ ڪرڻ کان
پوءِ سندن رهنمائيءَ ۾ پي ايڇ. ڊي ۾ رجسٽريشن
ڪرائي هئائون ۽ تياري ۽ تحقيق جي ابتدائي مرحلن ۾
هئا ته هندستاني برطانوي حڪومت جي اسڪالرشپ تي
اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا روانا ٿي ويا. ٻين قابلِ
ذڪر استادن ۾ نوشهري فيروز واري مدرسي هاءِ اسڪول
جي پرنسپل عثمان علي انصاري ۽ الله بخش نظاماڻي جو
ذڪر ۽ علم موسيقي جي پنهنجي استاد الهڏني ماڇي جي
تمام گهڻي تعريف ڪندا هئا. پنهنجن پيارن دوستن ۾
محمد اسماعيل نون (ڊپٽي ڪمشنر)، قاضي سچيڏنو (ڊپٽي
ڪمشنر)، سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر، مير شاهنواز
شاهلياڻي، حاجي محمد خان سوڍو بگهياڙ ۽ غلام محمد
ڀٽيءَ کي گهڻو ياد ڪندا رهندا هئا. شاگردن ۾ محمد
عمر چنڊ، سيد سردار علي شاهه ذاڪر، ممتاز مرزا،
اُستاد شيخ محمد اسماعيل، محمد يوسف شيخ (پرنسپال
ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو)، مظهر الحق صديقي ۽ ٻيا انيڪ
سعادتمند شاگرد شامل آهن، جن جا في الوقت منهنجي
ذهن ۾ نالا نٿا اچن. سنڌ جي نامياري عالم ۽ محقق
ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب پنهنجي ”ڊاڪٽريٽ“ جي
ٿيسز لاءِ ڏاڏا سائينءَ کان رهبري ورتي ۽ سومري
صاحب جي فاضلانه تحقيق تي بابا سائينءَ کي وڏي
خوشي هوندي هئي. سندس تقريباً سمورن علمي ڪتابن تي
بابا سائين پنهنجا مهاڳ هڪ خاص پسند، شوق، اُتساهه
۽ امنگ سان لکيا ۽ کين سومري صاحب جي سعادتمنديءَ
تي وڏو فخر حاصل هو.
بابا سائين جن شخصيتن کي پنهنجي دل جي قريب تصور
ڪندا هئا. تن ۾ ڪن جا نالا ياد اچن ٿا: ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو، گل محمد عمراڻي، سيد آفتاب علي
شاهه ڄاموٽ، دُر محمد ڀٽي، جهمٽ مل ڄيٺانند، عنايت
بلوچ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، عابد لغاري، محمد
هاشم لغاري، قاضي خادم، محمد علي ڏيپلائي، محمد
عثمان منگي، نفيس احمد ناشاد، ڊاڪٽر يعقوب مغل،
غلام حسين سچاروي، مير محمد پٺاڻ، خليفو حڪيم
عبدالحميد خان چانڊيو، انعام شيخ، مير محمد
نظاماڻي، عبدالقادر کٽي، شيخ عبدالله ڪوهستاني
وغيره.
بابا سائينءَ جي زندگيءَ ۾ حڪومتِ پاڪستان ۽ سنڌ
سرڪار طرفان ڪيترائي اعزاز ڏئي سندن علمي ۽ ادبي
حيثيت کي مڃتا ڏني ويئي ۽ انيڪ ادارا سندن نالي
سان منسوب ڪيا ويا، جن مان قابلِ ذڪر، ڊاڪٽر اين.
اي بلوچ ماڊل اسڪول ۽ ڪاليج اولڊ ڪئمپس حيدرآباد،
سنڌي ٻوليءَ جي بااختياري اداري ۾ ڊاڪٽر اين. اي
بلوچ هال، ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر ۾ آڊيٽوريم،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
ڪارنر، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي لائبريري ۾ ڊاڪٽر
اين. اي بلوچ ڪارنر. 2009ع ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار
سومري جي ذاتي ڪوشش سان، چيف سيڪريٽري سنڌ فضل
الرحمان ”ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج
ريسرچ“ جي نالي سان باضابطه هڪ ادارو قائم ڪري
ڏنو، جيڪو صوبائي ”قديم نوادرات کاتي“ سان وابسته
آهي. ان جي پهرئين ڊائريڪٽر لاءِ بابا سائينءَ جي
نظر انتخاب ان وقت صوبائي سيڪريٽري ۽ نامياري اهلِ
قلم ۽ دانشور گل محمد عمراڻيءَ تي پيئي، جنهن تي
بابا سائين جن جي نظر شفقت ڪافي عرصي کان رهندڙ
هئي. بابا سائين جي ذاتي دلچسپي ۽ شفقت جي ڪري
عمراڻي صاحب جو تقرر ٿيو ۽ عمراڻي صاحب به طالب
الموليٰ کان وٺي ڊاڪٽر صاحب جي علمي عظمت کان
بخوبي آگاهه آهي. هن اداري ۾ ڊاڪٽر اين. اي بلوچ
پرنسلٽي ميوزيم ٺاهڻ جو مرحلو آيو ته ايڊوائيزري
ڪيو ويو ۽ ان کي ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جي ميمبرن وڏي
خوشيءَ سان منظور ڪري مون کي بابا سائينءَ جي نالي
سان منسوب اداري ۾ خدمت ڪرڻ جو اعزاز 6- جنوري
2011ع تي بخشيو ويو.
6- اپريل 2011ع جو ڏينهن اسان جي خاندان ۽ سڄي سنڌ
توڙي پاڪستان لاءِ هڪ تمام دکدائڪ ۽ المناڪ ڏهاڙو
هو. جڏهن اوچتو بظاهر خوش و خُرم صحت مند ۽ خوش
طبعيت هوندي بابا سائين هن فاني جهان مان رات جو 4
وڳي لاڏاڻو ڪري ويا. فقط ٻه ڏينهن اڳ 3-
اپريل 2011ع تي کين تازو ”هلالِ امتياز“ ملڻ جي
خوشيءَ ۾ سندن اعزاز ۾ هڪ شاندار تقريب جو اهتمام
سيد آفتاب علي شاهه ڄاموٽ جي طرفان ”بزمِ آفتاب“
طرفان سندن بنگلي تي ڪيو ويو هو، جنهن ۾ بابا
سائينءَ جي مداحن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ بابا
سائينءَ جي خدمتن تي روشني وڌي. آخر ۾ بابا سائين
خاص طرح سان پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون تمام خوش
طبعيءَ سان محفل ۾ ونڊيون. دوستن ۽ گهڻ گهرن سان
اها سندن زندگيءَ جي آخري يادگار علمي گڏجاڻي هئي،
جنهن جو ذڪر هڪ اردو ادبي رسالي ۾ شايع ٿيل آهي،
جيڪو مهراڻ جي هن شماري ۾ سنڌي ترجمي سان درج ڪيو
پيو وڃي.
استاد لغاري
شاهه جي رسالي جا ڏهه جُلد:
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي فڪري ۽ عالمانه تحقيق جا
شاهڪار
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ولد علي محمد خان لغاري
(جنم: 16- ڊسمبر 1917ع، وفات: 6- اپريل 2011ع) سنڌ
جو نامور عالم، اديب، ماهر لسانيات، لوڪ ادب ۽
لطيفيات جو پارکو، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي
سنجهوري، ضلع سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم
ڳوٺ پليو خان لغاري مان پرايائين. ميٽرڪ ۽ انٽر
جهوناڳڙهه ڪاليج مان، بي.اي آنرز بمبئي يونيورسٽي
مان، ايم.اي مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه مان ۽ وري
ساڳي يونيورسٽيءَ مان وڪالت جو امتحان پاس ڪيائون.
ڪولمبيا يونيورسٽي نيو يارڪ مان ايجوڪيشن جي موضوع
تي ٻيهر ايم.اي ڪري، وري ساڳي ڪولمبيا يونيورسٽي
مان، ساڳي موضوع تي پي.ايڇ.ڊي ڪيائون(1).
ايڏين وڏين ڊگرين رکڻ جي باوجود، ڪُڙمي، ڪوري،
لوهار، درزي، موچي، واڍي، رازي، پورهيت، شاعر،
سگهڙ توڙي فقير سان فقير ٿي، پاڻ پَٽ تي ويهي
رهندا هئا. انهن سان رهاڻيون رچائي، ڪچهريون ڪري،
معلومات جا موتي ميٽي، علم ۽ ادب جون خُرزينون
ڀريندا هئا. هن وٽان نهٺائي نوڙت ۽ سهڻائي ڪير
سکي! هو گهاٽي بَڙ جي ٿڌي ڇانوَ وانگر نيڻن ٺار، ۽
ميويدار درخت وانگر جهڪيل هئا. ”دِل ڪر درخت جي
دستور“ جي جيئري جاڳندي علامت هئا.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ هيٺيان
موضوع قابل ذڪر آهن. جامع سنڌي لغات، اردو- سنڌي ۽
سنڌي- اردو لغت، سنڌي لوڪ ادب واري رٿا، ڪلاسيڪي
شاعرن جو ڪلام گڏ ڪرڻ، سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ،
موسيقي ۽ لطيفيات تي تحقيق وغيره. ڊاڪٽر بلوچ صاحب
جو وڏو ڪارنامو شاهه جي رسالن کي سهيڙي، سينگاري،
ترتيب ڏيئي، انهن کي شايع ڪرائڻ آهي. 1969ع ۾ برٽش
ميوزيم وارو قلمي نسخو، 1974ع ۾ ٽن آڳاٽن قلمي
نسخن تي آڌاريل شاهه جو رسالو 1977ع ۾ سُر سسئي
سان شروع ٿيندڙ ڏهن قلمي نسخن تي مشتمل وڏو رسالو
۽ 2009ع ۾ پنجاهن قلمي ۽ جُملي ڇاپي نسخن سان
ڀيٽيل متن وارو، زيرن زبرن سان، سڄو سربستو صحيح
رسالو، معنيٰ ۽ شرح سميت شايع ڪرايائون(2). البت
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ان کان به وڏو ڪارنامو ”شاهه
جي رسالي جي تحقيقي رٿا ۽ اشاعت“ وارو منصوبو آهي.
جنهن موجب ٻٽيهن سالن جي تحقيق دوران ”شاهه جي
رسالي“ جا ڏهه جلد تيار ڪري، انهن ۾ شاهه جو
پنهنجو، اصلي، حقيقي، نِجُ ۽ صحيح ڪلام، ٻئي ڌارئي
ڪلام کان جدا ڪري، ان کي شايع ڪرايائون ۽ باقي
”رسالي جي ڪلام“ کي به هڪڙي ئي جلد ۾ جمع ڪري
محفوظ ڪرايائون. هيٺ انهن ڏهن ئي جلدن تي ڌار ڌار
روشني وجهجي ٿي.
جلد پهريون:
”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“ (جلد پهريون) جي
عنوان سان، هي جلد سر ”ڪلياڻ“ ۽ سر ”يمن“ جي جامع
۽ مستند متن کان سواءِ مهاڳ، مقدمي، ڀيٽ، بيتن جي
سِٽ وار سمجهاڻين، رسالن جي چارٽن ۽ ڪاتبن جي قديم
۽ اصلوڪين صورتخطين جي نمونن تي آڌاريل آهي. هن
جلد جو مقدمو، باقي جلدن جي مقدمن کان وڌيڪ
معلوماتي ۽ بنيادي اهميت رکي ٿو، جنهن جا باب
هيٺين عنوانن جو احاطو ڪن ٿا:
1.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح عمري.
2.
نسب نامو، ولادت، ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم وارو دور.
3.
حياتي جو مفصل احوال.
4.
والد جي رهنمائي هيٺ تربيت وارو دور.
5.
پاڻ پنهنجي تربيت ۽ ڪماليت ڏانهن قدم وڌائڻ وارو
دور.
6.
ڀٽ تي دائمي سڪونت، فقيري، فيض، تربيت، ڄاڻ ۽
معرفت وارو دور.
7.
شاههؒ جي رسالي جي اصليت ۽ حقيقت ۽ رسالي جي قلمي
۽ ڇاپي نسخن جي سڃاڻپ.
8.
رسالي جي تدوين ۽ تاريخ.
9.
رسالي جي ترتيب.
10.
شاههؒ جي ڪلام جي پرک جا معيار(3).
جلد جي انتهائي ضخيم مقدمي ۾ شاهه جو شجرو، ولادت
جو هنڌ ۽ ماڳ مڪانن جون تصويرون به شامل آهن. ڄمن
جو صحيح هنڌ، واضح دليلن ۽ تاريخي حوالن سان
ڄاڻائي، اهو مسئلو هميشه لاءِ حل ڪيو ويو آهي. اگر
سمونڊر کي قطري ۾ آڻي بيهارجي ته شاهه صاحب جو نسب
نامو هيٺين ريت بيهي ٿو:
1)
نالو: حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي قدس سره
بن سيد حبيب الله شاههؒ
بن سيد عبدالقدوس شاههؒ
بن سيد جمال شاههؒ
بن سيد عبدالڪريم عرف ميان شاهه ڪريم
(بُلڙي وارو)
2)
ڄمڻ جي تاريخ: 1102هجري مطابق 1689ع
3)
ڄمڻ جو هنڌ: ڀِينءَ پور.
4)
وفات جي تاريخ 14 صفر 1165هجري مطابق 1752ع
5)
ڪل عمر 63 سال
6)
آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه، ضلع مٽياري (اڳ ضلع
حيدرآباد هوندو هو).
ڀٽائي صاحب ”متعلوي“ يا ”مٽياري، سيدن جي ”ڪريم
پوٽا“ خاندان مان هئا. جيڪو مٿي ”جراڙ پوٽا“ يا
”جلال پوٽا“ جي هڪ شاخ آهي. ساڳئي وقت هي خاندان
”شرف پوٽا، به سڏجن. شرف الدين جو ڏاڏو سيد حيدر،
هرات جي سيد سڳوري مير علي جو فرزند هو جيڪو شجري
موجب مٿي وڃي، حضرت امام موسيٰ ڪاظم جي اولاد سان
ملي ٿو(4).
1- سُر ڪلياڻ:
سر ”ڪلياڻ“ شاهه جي رسالي جو ”الحمد“ آهي جنهن ۾
سمايل شاهه جي اعليٰ فهم ۽ فڪر جو رس ۽ روح موجود
آهي. ”سر ڪلياڻ“ شاهه جي رسالي جي ڪُنجي آهي، جنهن
سان ٻين سرن ۾ سمايل فڪر جا دروازا کلن ٿا ۽ جنهن
جي مطالعي سان اُهي مڙيئي مکيه معنوي اشارا ۽
اهڃاڻ ملن ٿا، جن جو وڌيڪ تفصيل ۽ تفسير رسالي جي
باقي ٻين سرن ۾ موجود آهي. شاهه جي فڪر جي عظمت ۽
اوج جي لحاظ سان، ”سر ڪلياڻ“ نهايت ئي ڳرو ۽ ڳوڙهو
سر آهي. اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت حاصل ڪرڻ ۽ اعليٰ مقصد
ماڻڻ لاءِ هن سر ۾ سمايل فڪر انسان کي شرڪ ۽ شڪ
بدران يقين، آرام بدران بي آرامي، سک بدران ڏک،
رسمي ڏيکاءَ بدران سچائي ۽ سَڌن بدران سِر جي
قرباني جي راهه ڏيکاري ٿو. هن سر ۾ توحيد ۽ رسالت
جي حوالي سان، انسان جي عقيدي جي صفائي ۽ ڪائنات
جي وحدت جو راز سمايل آهي. اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت واري
مقام تي پهچڻ خاطر حقيقت جي تلاش ڪندڙ کي ترغيب
ڏنل آهي ته هو ٻيائي ٻوڙي، خودي کي ڇڏي، هئڻ ۽
هستي واري ڪلاهه ڪاٽي، ٻاهرين لوڇ پوڇ بدران اندر
۾ لوچي ۽ لُڇي ۽ ”پاڻ“ کي پاڻ کان پري ڪري، ائين
جو ڄڻ مرڻ کان اڳ مري. عشق جي حقيقت ۽ محبوب جي بي
پرواهي ۽ سختي جي سلسلي ۾ ڪاتي ۽ ڪوس، کُوري ۽
باهه جو ذڪر آهي. محبوب جي ڪُهڻ ۽ عاشق جي ڪُسجڻ
جو بيان آهي. عشق آسان ناهي، پر سوريءَ جي سيڄ
آهي. عشق جي ڪيفيت ۽ واردات ضربن ۽ زخمن واري آهي.
عشق جي آزمائش ۾ ڪاميابيءَ لاءِ سڄي عاشق کي محبوب
آڏو ڪُسي قربان ٿيڻ ۽ سرهو ٿي سوريءَ تي چڙهڻو
آهي. ترميم: هندستاني موسيقي جي روايت ۾ ”ڪلياڻ“
هڪ مکيه ٺاٺ آهي، جنهن مان ٻيا راڳ صورت پذير ٿين
ٿا. ”شاهه جي راڳ“ جي سلسلي ۾ ”سر ڪلياڻ“، پنهنجي
ذاتي صورت وارو، هڪ جدا راڳ آهي، جيڪو هندوستاني
موسيقي جي لحاظ سان ”ڀوپالي ڪلياڻ“ جي صورت سان
ملي ٿو(5). هتي ”سر ڪلياڻ“ جو پهريون ۽ آخري بيت
مطالعي خاطر پيش ڪجي ٿو:
پهريون بيت:
اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهه قديم،
والي، واحد، وحدهٗ، رازق رب، رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهان جي(6).
آخري بيت:
مل مهانگو قطرو، سِڪن سعادت،
اسان عبادت، نظر ناز پرين جو(7).
2- سُر يمن:
سر ”يمن“ ۾ شاهه صاحب ڪن ڪردارن جي زباني بدران،
ڄڻ خود پنهنجي زباني پنهنجي حال جو اظهار ڪيو آهي.
سر ”يمن“ گهڻي ڀاڱي سر ”ڪلياڻ“ ۾ سمايل فڪر ۽ فهم
جي تصديق ۽ اُن جو وڌيڪ تفسير آهي. سر ”يمن“ جي
پهرين ۽ ٻئي داستان جو مکيه موضوع درد آهي. جيڪو
انسان جي وجود نمو جي هڪ بنيادي حقيقت آهي. انسان
جي درد واري ڪيفيت ازلي آهي. ڇاڪاڻ جو سندس روح
فراق واري حالت ۾ آهي. داستان ٽئين ۾ عشق ۾ آزمائش
۽ محبوب جي عاشق تي سختيءَ جو ذڪر آهي. داستان
چوٿين ۾ سوز ۽ فراق واري سختي جو وڌيڪ تفسير آهي.
سڪ جو سلسلو ۽ محبت جو معاملو باهه جي ٻرندڙ مچ
مثل آهي، جنهن ۾ جڏهن عاشق کامندو تڏهن کَٽندو. ان
محبت واري مچ ۽ سچا عاشق (پتنگ) پاڻ پنهنجو اچي
سٽين ٿا. ان محبت جي مچ کي آڳڙين ۽ لوهارن جو کورو
ڪري ڄاڻايو ويو آهي. جنهن ۾ عاشق کي جلڻو ۽ پچڻو
آهي ته جيئن سندس ڪٽ لهي صاف ٿئي ۽ هو محبوب سان
ملڻ جهڙو ٿئي. داستان پنجين ۾ علم جي بنيادي توڙي
آخري مقصد جي وضاحت ٿيل آهي. داستان ڇهين ۾، محبت
جي مئخاني ۾ مئخواري ۽ مخموري جا اهڃاڻ ڏنل آهن.
جيڪڏهن عاشق کي، محبوب هٿان پيالو پيئڻ ۽ سڪ جي
سُرڪي جي لذت وٺڻي آهي ته ان جي عيوض ۾ کيس سِر
ڏيڻو پوندو. ترميم: ”راڳ يمن“ سنڌ ۾ آڳاٽي دور کان
وٺي رائج ٿيو، هڪ راءِ موجب ”ايمن“ جيڪو ”ڪلياڻ
ٺاٺ“ جو پهريون راڳ آهي، سو اصل ۾ خالص عرب-
ايراني راڳ آهي ۽ ”يمن“ جو ئي بگڙيل نالو آهي.
”يمن“ جون ٻه جدا صورتون آهن- هڪ خالص ”يمن“ ۽ ٻيو
”ايمن. هي راڳ ڄڻ هندوستاني راڳ ”نَٽ ڇايا“ سان
لڳي ٿو ۽ ٻيو اهو ته هي راڳ ڄڻ هندستاني راڳ
”جـٖـيجونتي“ سان مشابهه آهي(8). سر ”يمن“ جو
پهريون ۽ پويون بيت نموني خاطر ملاحظه ڪريو:
پهريون بيت:
حبيب تون، طبيب تون، تون درد جي دَوا،
جانب! منهنجي جيءَ ۾، آزار جا اَنوا،
صاحب! ڏي شفا، ميان! مريضن کي(9).
آخري بيت:
ڪلاڙ نئون ڪاءِ، مت نه سکين مون هيان!
روندي رات وهاءِ، چڪائيندي بَٺيون(10).
اهڙي طرح ٻنهي سرن جي هرهڪ بيت ۽ وائي جي لاءِ سِٽ
واري سمجهاڻي پڻ ڏنل آهي. اها سٽ وار سمجهاڻي صرف
جلد پهرين جي شعرن جي لکيل آهي. مثال خاطر هڪڙو
بيت سِٽ وار سمجهاڻي موجب پيش ڪجي ٿو:
1- موکيءَ متارا، وڏيءَ ساجهر سارئا،
1- موکي اُهي (سدا ايندڙ ۽ پيئندڙ) جوان مرد
مئخوار وڏيءَ ويل سنڀارئا.
2- پيڻَ جي وار، اڄ نه آيا ڳڃڙي.
2- (اُلڪو ڪيائين ۽ چيائين ته) اڄ پيڻ جي ويل اُهي
الائجي مئخاني تي ڇو نه پهتا؟(11)
مقدمي ۾ اوائلي، وچولي توڙي پوئين دور تائين
دستياب ٿيل قلمي يا ڇاپي رسالن جون سڃاڻپ طور حرف
وار نشانيون (تخفيفون) مڪمل ڪري انهن جو چارٽ
ڏيکاريو ويو آهي ته جيئن شعرن جي ڀيٽ ۽ سمجهاڻي
مهل گهڻي ڊيگهه کان بچي سگهجي. ساڳيو چارٽ هيٺ پيش
ڪجي ٿو:
1.
|
بل |
درگاهه بُلڙي وارو اصلي رسالو |
1911هه |
2.
|
ص |
درگاهه منصوره وارو قلمي نسخو |
1200هه |
3.
|
گل |
ابوبڪر فقير جو لکيل رسالو |
1206هه |
4.
|
گ |
ميين اسماعيل جو لکايل گنج |
1207هه |
5.
|
ل |
قاضي موسيٰ وارو قلمي رسالو |
1207هه |
6.
|
ڻ-1 |
آڳاٽو اڻ پورو قلمي نسخو-1 |
........... |
7.
|
ڻ-2 |
آڳاٽو اڻ پورو قلمي نسخو-2 |
............ |
8.
|
ڻ-3 |
آڳاٽو اڻ پورو قلمي نسخو-3 |
........... |
9.
|
خ |
خيرپور وارو قلمي نسخو |
1249هه |
10.
|
ف |
انڊيا آفيس لائبريري وارو قلمي نسخو |
........... |
11.
|
عش |
پير عباس علي شاهه وارو قلمي نسخو |
........... |
12.
|
ٽ-1 |
عبدالڪريم طبيب ٺٽوي وارو قلمي نسخو-1 |
........... |
13.
|
ٽ-2 |
عبدالڪريم طبيب ٺٽوي وارو قلمي نسخو-2 |
........... |
14.
|
عل |
مير علي احمد خان ٽالپر وارو قلمي نسخو |
........... |
15.
|
ٺٽ |
ميين موسيٰ مداح ٺٽوي وارو قلمي نسخو |
1257هه |
16.
|
مد |
خير محمد فقير هالائي وارو دستخط نسخو |
1267هه |
17.
|
نص |
آخوند فضل علي وارو دستخط نسخو |
1269هه |
18.
|
پ |
مير امام بخش خان ٽالپر جو لکايل رسالو |
1270هه |
19.
|
هه |
حاجي هدايت الله هالائي جو دستخط نسخو |
1270هه |
20.
|
ش |
آخوند محمد شفيع جو دستخط نسخو |
1273هه |
21.
|
ظ |
فقير عبدالرحمٰن نورنگ پوٽي جو دستخط نسخو |
1275هه |
22.
|
نپ |
محمد صالح مُجاور وارو دستخط نسخو |
1275هه |
23.
|
مص |
دلدار فقير وارو قلمي نسخو |
1277هه |
24.
|
لد |
ڪڇ وارو (مختصر) قلمي بياض |
1279هه |
25.
|
ڪ |
قاضي عبدالحميد جو دستخط نسخو |
1279هه |
26.
|
ح |
عبدالحق هالائي جو دستخط نسخو |
1281هه |
27.
|
ع |
ميين نورمحمد ۽ سندس پٽ جو دستخط نسخو |
1282هه |
28.
|
ي |
ميين احمد ڀٽائي جو دستخط نسخو-1 |
1284هه |
29.
|
د-1 |
ميين محمد ۽ ميين حسين جو دستخط نسخو |
1294هه |
30.
|
حس |
نيڪ محمد ۽ ميين حسين جو دستخط نسخو |
1300هه |
31.
|
ن |
نيڪ محمد جو دستخط نسخو |
1303هه |
32.
|
د-2 |
ميين احمد ڀٽائيءَ جو دستخط نسخو-2 |
1304هه |
33.
|
د-3 |
ميين احمد ڀٽائيءَ جو قلمي نسخو-3 |
........ |
34.
|
ط |
برٽش ميوزيم وارو قلمي نسخو |
1304هه |
35.
|
سٽ |
ڪيپٽن اسٽيڪ وارو قلمي نسخو |
1304هه |
36.
|
ظف |
ظفر ڪاظمي وارو قلمي نسخو |
.......... |
37.
|
فق |
فقير محمد ”قانع“ جو دستخط نسخو |
1313هه |
38.
|
ج |
جمعي فقير جو لکايل رسالو |
1331هه |
39.
|
ک |
اسماعيل رنگريز جو دستخط نسخو |
1334هه |
40.
|
ت-1 |
تاج محمد نظاماڻيءَ جو دستخط نسخو-1 |
1342هه |
41.
|
ت-2 |
تاج محمد نظاماڻيءَ جو دستخط نسخو-2 |
.......... |
42.
|
ڀل |
محمد اسماعيل ڀٽيءَ جو دستخط نسخو |
.......... |
43.
|
ر |
محمد صالح بهراڻي جو دستخط نسخو |
1355هه |
44.
|
م |
ميهار فقير جو لکايل رسالو |
1371هه |
45.
|
ٿ |
پيرل ٿيٻي وارو قلمي رسالو |
1373هه |
46.
|
و |
سيد ولي محمد شاهه وارو قلمي نسخو |
1947ع |
47.
|
غ |
سيد غلام شاهه ڀٽائيءَ وارو قلمي نسخو |
1970ع |
48.
|
الف |
استاد لغاريءَ وارو قلمي نسخو
(هي نشاني راقم هينئر قائم ڪئي آهي) |
1432هه-2011ع |
49.
|
ٽ |
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ وارو ڇاپو |
1866ع |
50.
|
ب-1 |
بمبئي ڇاپو-1 |
1867ع |
51.
|
ب-2 |
بمبئي ڇاپو-2 |
1876ع |
52.
|
ب-3 |
بمبئي ڇاپو-3 |
1886ع |
53.
|
ب-4 |
بمبئي ڇاپو-4 |
1889ع |
54.
|
ب-5 |
بمبئي ڇاپو-5 |
1893ع |
55.
|
ب-6 |
بمبئي ڇاپو-6 |
1900ع |
56.
|
س |
سرڪاري ڇاپو (تاراچند شوڪيرام وارو) |
1900ع |
57.
|
ب-7 |
بمبئي ڇاپو-7 |
1911ع |
58.
|
ق |
مرزا قليچ بيگ وارو ڇاپو |
1913ع |
59.
|
ب-8 |
بمبئي ڇاپو-8 |
1921ع(12). |
جلد جي جامع ۽ مستند متن کان پوءِ، شعرن جي مختلف
رسالن سان ڀيٽ ۽ سمجهاڻي ڏنل آهي، جنهن ۾ هرهڪ بيت
۽ وائي کي (سٽ وار) مختلف ادوار جي رسالن سان
ڀيٽي، انهن جي صحيح صورت معلوم ڪري، صحيح پڙهڻي
قائم ڪئي ويئي آهي. نموني خاطر هڪ بيت جي ڀيٽ ۽
سمجهاڻي پيش ڪجي ٿي:
(بيت): ايڪ قصر در لک، ڪوڙيين ڪڻس کڙڪيون،
جاڏي
ڪريان
پرک،
تاڏي
صاحب
سامهون(13).
]ص
عل ط ف ل ٺ-1 ٺ-2 سٽ ٺٽ ب (4/49)
ي (58/4) ۾ سر ”آسا“ هيٺ، گ ۾ يڪي سر ڪلياڻ ۽ جمن
هيٺ ۽ هيٺين ۾ سر ڪلياڻ هيٺ رکيل: مد (24/1)
نص (24/1) هه (24/1)
پ (25/1) ظ (28/1)
ح (25/1) ع (24/1)
ٽ (23/1) ب (28/1)
ي (23/1) مص (24/1)
د-1 (24/1) د-2 (24/1)
حس (25/1) ن (24/1)
فق (24/1) س خ ج ق ک ت و ر
م غ[
اوائلي دور جي رسالن جي بيت جون مختلف پڙهڻيون:
ف: ايڪ قصر در لک سهس کر
کر کڙ ڪيٌ
ٽ: ايڪ قصر در لک سهسين
ڪڻس ڳڻکيون
ٺٽ ع ب و: ايڪ قصر در لک ڪوڙين سهس
کِڙڪيٌ
(بي هيڪ قصر، وي
قصر)
ٺ-1 ط: يڪ قصر در لک
ڪوڙين سهس کِرکيٌ
فق س ق ک ت ر م غ: ايڪ قصر در لک ڪوڙين سهس ڳڙکيون
(ک م: سهسين)
ن ج: ايڪ قصر در لک ڪوڙين
سهسين ڳڙکيٌ
(جي ايڪ قصر)
ص گ ي: ايڪ قصر در لک ڪوڙيين سهس
کڙڪيٌ
ل نص: ايڪ قصر در لک ڪوڙين
سهس کَرکِيٌ
(نص: قصر)
هه: ايڪ قصر در لک ڪون
سهس کنکين
د حس: ايڪ قصر در لک ڪوڻ سهس
کڻکيٌ
(د-2: در لک، حس:
ڳڻکيٌ)
پ: ايڪ قصر در لک ڪوڙين
سهسين ڪڙڪيٌ
ح: ايڪ قصر در لک ڪوڙين
سهس ڳڙکيٌ
ٺ-2: ايڪ قصرٌ در لک ڪوڙين
سهس کرڪيٌ
مد مص: ايڪ قصر در لک
ڪوڙين سهس کرکيٌ
(ب-2 ب-4) ي: ايڪ قصر در لک ڪوڙين ڳڙک
کڙڪيٌ
ب-1: ايڪ قصر در لک ڪوڙين
ڳڙک ڳڙکيٌ
خ: ايڪ قصر در لک ڪوڙين
سنهس ……
عل سٽ: سهسين کرک
کرکيٌ ايڪ قصر در لک
(عل: کرکه کَرَڪِيٌ)
سُڄاڻي: ”ايڪ قصر“ توڙي ”ايڪ
قصر“ ٻئي صحيح آهن. ”محل“ جي لحاظ سان ”قصر“
پڙهبو، پر ”ماڙي“ جي لحاظ سان ”قصر“ پڙهي سگهجي
ٿو.
(2) ط ف ل گ ٺ-1 ٺ-2 سٽ ٺٽ (م غ: ائين (گ:
سامَہٌ)،
مد: جاڏي ڪريان پرک صاحب
تاڏي سامُهون.
عل هه پ د-2 حس ح: جيڏا ڪريان پرک تيڏا صاحب
سامهون.
(عل: جيڏاهٍ)
ظ ح ع د-1 ن: جيڏاه ڪريان پرک تيڏاه
صاحب سامهون.
نص ب ي فق خ ک ت و: جيڏانہ ڪريانپرک
تيڏانہ صاحب سامهون.
س ق: جيڏان ڪريان پرک تيڏان
صاحب سامهون.
ٽ: جيڏان ڪريان پرک تيڏان
سائين سامهون.
لفظي معنيٰ:
(1) ايڪ
=
فقط هڪ- هڪ ئي، قصر
=
محلُ- محلات- ماڙي. در=
دروازا. لک=هڪ
سؤ هزار- گهڻا- ڪيترائي. ڪوڙيين (1. ڪوڙ=
ويهه، ڪوڙيين=
ڪيتريون ئي ويهون. 2. ڪوڙ=
ڪروڙ، ڪوڙيين=
ڪروڙين)=
گهڻيون- ڪيتريون ئي. ڪڻس=
کيس، اُن محل کي، ڳڙکيون=دريون.
(2) جاڏي=جيڌانهن
به. پرک=
جانچ- نظر. تاڏي=تيڏانهن.
صاحب
]ع.
ساٿي- رفيق- مالڪ[
]س.
وڏي شان شرف وارو سائين[
محل جو مالڪ- بادشاهه- جڳ جو مالڪ- خالق(14).
جلد جي پڇاڙي ۾ ضميمو شايع ٿيل آهي،
جنهن ۾ مختلف قلمي نسخن ۾ ساڳين لفظن لاءِ ڪاتبن
جون اصلوڪيون مختلف صورتخطيون ڏيکاريل آهن(15).
1989ع ۾ شايع ٿيل جلد پهريون ۾، 2 سُر، 11 داستان،
308 بيت ۽ 13 وايون شامل آهن. اهڙي طرح ڪل شعرن جو
تعداد 321 ٿئي ٿو. 914 صفحن تي آڌاريل هن جلد جي
پڄاڻي مواد جي ”صحت نامي“ تي ٿئي ٿي.
جلد ٻيون:
هي جلد ”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“ (جلد ٻيون)
جي عنوان هيٺ شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ مهاڳ ۽ مقدمي
کانسواءِ، سر ”کنڀات“، سر ”بروو“، سر ”سريراڳ“ ۽
سر ”سامونڊي“ جو جامع ۽ مستند متن، ڀيٽ ۽ سمجهاڻين
سميت شامل آهي. شاهه جي ”مستند ڪلام، جي پروڙ خاطر
هر بيت ۽ هر وائي کي هيٺين ڇهن تحقيقي معيارن تي
پرکيو ويو آهيءِ
1.
ماخذن طور رسالن جي تعداد جو معيار
2.
رسالن جي قدامت جو معيار
3.
رسالن جي ڀيٽ جو معيار
4.
سنڌي ٻولي ۽ بيان جي سهڻائي جو معيار
5.
اعليٰ شاعري جو معيار
6.
اعليٰ فهم ۽ فڪر جو معيار(16).
هيٺ جُلد ۾ شامل سرن تي مختصر روشني وجهي بيتن جا
نمونا پيش ڪجن ٿا:
1. سُر کنڀات:
سر کنڀات شاهه عبداللطيفؒ جي تخليقي شاعريءَ جو هڪ
اعليٰ مثال آهي. هن سر ۾ هڪ طرف انساني محبت جي
اعليٰ قدرن جي اُپٽار آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي محبت
۽ مجاز واري ريت، رسم ۽ ماحول بيان ڪيل آهي. سر
کنڀات هڪ اهڙو معنوي سر آهي، جنهن ۾ محبوب جي
اعليٰ اخلاق ۽ سندس حسن ۽ جمال جو ذڪر سمايل آهي.
ترميم: هندستاني موسيقي جي روايت ۾ ”کماچ“ ۽ ”سنڌ“
جي سنگت سان سنڌ ۾ نئين ”کنڀات راڳني“ ايجاد ٿي.
جنهن کي هندستاني ڳائيندڙن ”سنڌ کماچ“ ڪري سڏيو.
”سنڌ“ ۽ ”کماچ“ ملي، ”سنڌ کماچ“ ٿي، جيڪا سنڌ
حيدرآباد واري خطي ۾ رائج آهي. شاهه جو راڳ
”کنڀات“ ڄڻ ”کماچ“ آهي(17).
پهريون بيت: |
پيشانيءَ ۾ پرين جي، ڀلائيءَ جا ڀيرَ،
اڱڻ اُڪنڊين جي، ڏئي پاٻوهي پيرَ،
قمر پاڙي ڪير، شمس سپيرين سين(18). |
آخري بيت: |
ٿر، ڏونگر، بر، روهه، ميي سڀ مناڙيا،
هاڻي اڱڻ اَسي ڪوهه، آهي اُن جماج کي(19). |
2. سُر بروو:
هي سر سچي عاشق جي محبت ڀرين جذبن ۽ احساسن جي
اظهار جو داستان آهي. سڄڻ جي سڪ ۽ ساڻس بي انتها
پيار واري شعوري ۽ لاشعوري ڪيفيت جو آئينو آهي.
فراق م عاشق جي اندر جي آهه ۽ درد جي دانهن جو
آواز آهي. محبوب موجود ڪونهي پر هو هردم عاشق جي
اکين آڏو آهي. کيس غائبانه ياد ڪندي عاشق پنهنجي
اندر جو حال اوري ٿو. ڪانگ کي قاصد ڪري نينهن جا
نياپا موڪلي ٿو ۽ محبوب کي پيار ڀريا ڏوراپا ۽
محبت جون ميارون ڏي ٿو. ٻئي طرف هي سُر محبوب جي
بي مثال حسن ۽ ناز جي نظاري جو آئينو آهي. سهڻي
محبوب جي سهڻي صورت ۽ سيرت ۽ سندس ڳُڻ ۽ ڳالهيون
ان جا خاص عنوان آهن. ٽيون ته عشق ۾ عاشق بيوس
آهي. ”هيرائي هٿ ڪِئو، هينئڙو حبيبن“ ۽ ”لڳي جو
لطيف چي، نڪو قال نه قيل“. عشق زور آور ذات آهي،
جنهن سان ڪوبه حيلو نٿو هلي. ”عشق اهڙي ذات، جو
مُنجهائي مين کي.“
ترميم: هندستاني موسيقي ۾ ”راڳ بروو“ موجود آهي.
پر سنڌ ۾ ”بروو“ شروع کان ئي سنڌي موسيقي جي هڪ
مقامي راڳ يا راڳڻي طور ڳايو ويو. ”بروو سنڌي“ ڄڻ
هندستاني موسيقي جو ”نَٽ ملهار“ آهي(20).
پهريون بيت: |
جڏهن پوي ٿي ياد، صحبت سپيرين جي،
فريادئون فرياد، ناگہ وڃن نڱئو(21). |
آخري بيت: |
جيري جاڳاڻي، شڪر گڏياسون سپيرين!
لاٿو ڪس قلوب تان، اچي ساجن سياڻي،
هينئڙي کي هاڻي، عجيبن اُجاريو(22). |
2. سر سريراڳ:
”سريراڳ“ سڄو تمثيلي سر آهي، هي جهان سمونڊر آهي،
جنهن ۾ اسان جي حياتي ٻيڙي مثال آهي، انسان وڻجارو
آهي، جنهن کي هن جهان جي سمونڊ مان، حياتي جي ٻيڙي
کي ايمان ۽ يقين سان، صدق ۽ سچائيءَ سان، ڪوشش ۽
ڪاميابي سان صحيح سلامت پار پهچائڻو آهي. هن سٽاڻي
سمونڊ ۾ الله تعاليٰ جي لطف ۽ ڪرم جي ضرورت آهي ۽
سندس مدد درڪار آهي. حياتي هڪ وڏي قيمتي وٿ آهي،
جنهن کي سنڀالڻو آهي. حياتي جي ٻيڙي کي ڏيهاڙي
مکڻو آهي، جيئن مضبوط ٿئي ۽ پوءِ ان کي همت ۽
مردانگي سان سمونڊ جي لهرن لوڏن کان بچائڻو آهي.
هن سر جي آخري داستان ۾ اهو فڪر سمايل آهي ته جيڪي
وڏا ڄاڻو ۽ وينجهار آهن سي ئي ماڻڪ موتي پرکين ٿا
۽ سي ئي تعريف جي لائق آهن.
ترميم: شاهه صاحب جي وقت ۾ هي سُر غالباً ”سري
راڳ، جي نالي سان هو. هندستاني ڪلاسيڪي موسيقي جي
هڪ روايت موجب ڇهه وڏا راڳ آهن، ڀيرو، مالڪوس،
هنڍول، سِري، ميگهه ۽ ديپڪ. يعني ته ”سِري راڳ“
انهن ڇهن وڏن راڳن مان هڪ آهي(23).
پهريون بيت: |
جيڪين منجهه جهان، سو تاريءَ تڳي تنهنجي،
لطف جي، لطيف چي، تو وٽ ڪمي ڪانَ،
عدل ڇُٽان آن نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو(24). |
آخري بيت: |
اَگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران(25). |
4. سر سامونڊي:
موضوع جي اعتبار سان ”سر سامونڊي، جا ٻه رخ آهن.
هڪ تاريخي ٻيوسماجي. تاريخي لحاظ سان هي سُر ڪنهن
سمي، سمنڊ جي ذريعي سنڌ جي واپار ۽ هتان جي پيشيور
وڻجارن ۽ ٻيڙياتن ناکئن جي سمنڊ وارن سفرن ۽ ڪشالن
جو يادگار آهي. سماجي لحاظ سان هن سُر ۾ وڻجارن جي
پرڏيهه وڃڻ سببان وڇوڙي ۾، سندن پيارن سڄڻن ۽
پيارين گهر وارين جي ڳڻتي ۽ اوسيئڙي جو ماحول
سمايل آهي(26).
”شاهه جي راڳ“ جي روايت ۾، وقت جي لحاظ سان ”سر
سامونڊي“ لاباري واري موسم جو راڳ آهي. وڌيڪ هيءُ
ڄاڻڻ ضروري آهي ته ”سر سامونڊي“ يقيني طور ”مقامي
سنڌي سُر“ آهي. ڇاڪاڻ جو هندستاني موسيقي جي روايت
۾ ”سامونڊي“ جي نالي سان ڪوبه راڳ يا ڪابه راڳڻي
موجود ناهي. شاهه صاحب جڏهن پنهنجي ڪلام کي ڳائڻ
ذريعي ٻين تائين پهچائڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن ان
لاءِ راڳ جي نئين نظام جو بنياد وڌائين ۽ ان ۾
هندستاني موسيقي جي راڳن ۽ راڳڻين سان گڏ اڌو اڌ
کن مقامي سنڌي سر ۽ الحان شامل ڪيائين. سندس وقت
تائين، عالباً سنڌ جي هيٺين لاڙ ۽ کاري واري ڀاڱي
۾ وڻجارن جي موضوع وارو ”سامونڊي ڳائڻ“ يا
”سامونڊي سُر“ هلندڙ هو، جنهن کي راڳ ۾ شامل ڪيو
ويو. سنڌ جو اهو آڳاٽو راڳ هاڻي فقط ”شاهه جي راڳ“
۾ ئي سلامت وڃي بچيو آهي. باقي ٻاهر ڪٿي به ڪونه
ٿو ڳائجي(27).
پهريون بيت: |
کوها ڪالهه کڻي، وڌئون اُتر آسري،
الله! جهُري مَ ان جي، اولي جي اَڻي،
وڻجارن وڻي، وکر وڌو ٻيڙييين(28). |
آخري بيت: |
ماءِ ولاتي موٽئا، تڙ ٿا توارين،
وايون وڻجارن جيون، جيءَ کي جيارين،
کليو کيڪارين، جن سيڻ سلامت آئيا(29). |
1992ع ۾ شايع ٿيل جلد ٻئي ۾، 4 سر، 17 داستان، 387
بيت ۽ 27 وايون شامل آهن. ڪل شعر 414 ٿين ٿا. 536
صفحن تي مشتمل هن جلد جو اختتام متن جي ”صحت نامي“
تي ٿئي ٿو.
جلد ٽيون:
”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“ (جلد ٽيون) جي
عنوان هيٺ، هيءُ جلد مهاڳ ۽ مقدمي کانسواءِ، سر
”گهاتو“، سر ”کاهوڙي“، سر”ڪاپائتي“، سر ”بلاول“،
سر ”پرڀاتي“، سر ”ڪارايل“ ۽ سر ”ڏهر“ سميت، هرهڪ
شعر جي ڀيٽ ۽ سمجهاڻي جو احاطو ڪري ٿو.
هن جلد ۾ شامل مذڪوره ستن سرن ۾ سمايل فڪر، ان جي
موسيقي، سرن جي سٽاءُ ۽ ترتيب ۽ سرن ۾ شامل مواد
جي صحت تي تفصيل سان روشني وڌل آهي. اڳين جلدن
وانگر هن جلد ۾ پڻ بيتن جي معياري متن قائم ڪرڻ
خاطر اُپاءُ ورتا ويا آهن. هيٺ هرهڪ سر تي مختصر
روشني وجهي، انهن جي بيتن جا نمونا پيش ڪجن ٿا:
1. سر گهاتو:
هيءُ گهاتو جو سر آهي، يعني انهن بي ڌڙڪ بهادرن جو
بيان، جيڪي وڏا ڄاڻ وارا آهن ۽ خوفائتي سمنڊ ۾
خطري واري ماڳن تي وڃي ٿا مڇين کي مارين. اهڙو هڪ
خوفائتو ماڳ ”ڪلاچي جو ڪُن“ آهي. جتي جيڪو گهاتو
وڃي ٿو، سو سلامت نٿو موٽي(30).
ڪَلاچيءَ ڪناءُ، موٽي ڪونه آئيو،
ڪنين رَڇ
وڃائيا، ڪنين توبہ تاءُ(31).
اِنهيءَ پس منظر ۾ (جيئن جو وڏي ڄاڻ ۽ همت وارا
گهاتو به ڪلاچي جي ڪُن ۾ قابو ٿي ويا) ٻين گهاتوئن
لاءِ نصيحت ته: ”جي سمنڊ ۾ ٿا گهڙو ۽ ڪلاچيءَ جو
رخ ٿا ڪريو ته رَڇن کي رڱ ڏيو، جيئن وڌيڪ ڪارائتا
ٿين ۽ پنهنجي پوري پڪي تياري ڪريو، جو ڪلاچيءَ جو
ڪُن اوهان تي ڪا ڪهل ڪونه ڪندو! وڏا مڇ مارڻا آهن
ته اڳتي اونهي پاڻي ۾ اوهري وڃي رَڇن وجهڻ جي مشق
ڪريو. باقي ننڍي جهول پاڻيءَ ۾ جهڳا وجهڻ مان ڪجهه
نه ورندو. وڏا مضبوط رَڇ تيار ڪريو، جو سمونڊ جا
ڍار به وڏا آهن. جتي اوهين آهيو، سي ته ننڍڙيون
نارون ۽ ڇِنل ڍورا (ڇڇ) آهن. اوهين جنهن ٿڌائي
(غفلت) سان لُڏي لُڏي پيا هلو، سا ريت گهاتوئن جي
نه آهي. اُهي جڏهن به ڪلاچيءَ تي ٿئي سنڀريا تڏهن
سُک ٿي نٿي ستا!“
سر جي آخر ۾، اڳين وڏن رَڇن وارن ڄاڻُو گهاتوئن ۽
پوئين دور جي اڻڄاڻ گهاتوئن جي ڀيٽ ڪيل آهي ته
اُهي اڳيان ڄاڻو گهاتو گذاري ويا، باقي هاڻي جيڪي
بچيا آهن سي ته مَڇن کي مارڻ جي ٽل ئي نه سکيا
آهن. ڪامياب گهاتوئن جو اهڃاڻ اهو آهي ته انهن
گهڙڻ ساڻ وڏي گهور ڪئي (مڇن کي جانچڻ، ڳولڻ ۽ جهلڻ
لاءِ وڏي هَل هلان ڪئي) ايتريقدر جو اگهور وڃي
گهوريائون. انهي ڪري قابل ٿيا ڪامياب ٿيا(32).
پهريون بيت: |
گهنگهرئا گهڻ ڄاڻ، موڙهي مت مهائيين،
وئا گڏجي وير ۾، پئا مُنہ مهراڻ،
اڳيان پويان ٽاڻ، وئا ويچارن وسري(33). |
آخري بيت: |
ڪُنڍي ڪلين وچ ۾، جڏهن هنيائون،
موت نه ماريائون، ڏور وجهي وئا ڏک جي(34). |
2. سر کاهوڙي:
هن سر ۾، اُنهن جفاڪش ۽ سخت جان ڪردارن جا اهڃاڻ
ڏنل آهن، جيڪي ڪشالا ڪري، جهنگ جبل ووڙي، وڏي همت
۽ حوصلي سان ڏٿ گڏ ڪن ٿا. اڳين وقتن ۾ جڏهن گذران
ڏکيو هو، تڏهن ويچارا غريب ۽ ڪنگال ماڻهو پنهنجي
پيٽ گذران لاءِ ڪشالا ۽ ڪشٽ ڪندا هئا. جهنگن جبلن
۾ ڦِرندا هئا ۽ ڏُٿ گڏ ڪندا هئا. گهربل اوزار ۽
سنڊ جهڙوڪ: کوٽڻ ۽ وڍڻ لاءِ کها ۽ ڪُهاڙيون، پاڻي
لاءِ پوتڙا ۽ سانداريون ساڻ کڻندا هئا(35).
هن سر ۾ حق ۽ حقيقت واري اعليٰ منزل ڏانهن وک
وڌائيندڙ ”کاهوڙين“ جا اهڃاڻ ڏنل آهن. اهڙن عالي
مرتب انسانن مان، جن حق ڏٺو ۽ حق سڃاتو، تن مان ڪن
کي شاهه صاحب پاڻ ڏٺو. ”مون سي ڏِٺا ماء! جَني ڏٺو
پرينءَ کي.“ انهن جا اهڃاڻ اهي جو هنن آرام ڦٽو
ڪيو ۽ سک ٿي ڪين سُتا. هو ايڏا عالي همت آهن جو
اُتي وڃي ٿا پهچن ”جِت نهايت ناهِ ڪا.“ سندن ڪمال
جو مثال اهو جو بي راهه ڀونءِ کي ته ڏوري ڏٺائون،
پر پاڻيءَ تي به پير پرکي وڌائون. باوجود اهڙي
معرفت ۽ عرفان جي، ظاهر ۾ ڄڻ هو ڪجهه به نه آهن.
پيرين پراڻا کيتر، مٽيءَ ۾ ڀڀوت ۽ ڀڪلئا پوڻن. پر
کين آڏو پنهنجي عمل جي پڇا جي اون آهي. جنهن لاءِ
پيا ثمر گڏ ڪن(36).
پهريون بيت: |
کاهوڙين ”خفيءَ“ کان، سوجهي لڌو سبحانُ،
عاشق اهڙين اکرين، لنگهئا لامڪانُ،
”هُو“ ۾ گڏجي ”هُو“ ٿئا، بابو سي بريانُ،
سڀوئي سبحان، آيو نظر اُن جي(37). |
آخري بيت: |
سانڀر ٻڌي بيٺ، جني ڏونگر ڏورئا،
تن کاهوڙين کہ هيٺ، وڃي پاسا کوڙيا(38). |
3. سُر ڪاپائتي:
سُٽ ڪتڻ وارين جو، آتڻ ۾ ويهي، ڪتڻ جو پورهيو ڪرڻ،
هن سر جو مکيه موضوع آهي يعني ته هن سر جو تعلق
آتڻ ۾ ڪتڻ جي پيشي ۽ پورهئي سان آهي. اهو پيشو ۽
پورهيو جيتوڻيڪ هاڻي باقي نه رهيو آهي، پر پورهئي
۽ محنت جي ضرورت ۽ اخلاقي عظمت قائم آهي. اعليٰ
فڪر جي لحاظ سان، جن جو پيشي ۽ پورهئي سان پيار
آهي، تن کي سدائين قرار آهي. پورهئي ڪندي جن جي
پنهنجي رب سان رهاڻ آهي، سي ڪنهن ٻئي جون
ڪاڻياريون ۽ محتاج ناهن. هُنن ”هٺ“ ۽ ”هئڻ“ جو وڻ
ئي وڍي ڇڏيو. سنهو ڪتيائون، ڀِڙا ڀڳائون ۽ سڦرو سٽ
ماڻڪن تي مٽيائون.
آتڻ ۾ هڪ جيڏيون ويهي ڪتينديون هيون ته پنهنجا ڳاچ
۽ ڳاوڻ گڏجي ڳائينديون هيون. جڏهن کان چرخا بس ٿيا
ته اُنهن سهيلين جا ڳاچ ۽ ڳاوڻ به ويا. شاهه صاحب
جي وقت ۾ اڃا آتڻ ۽ ڪتڻ جو رواج هو. جيتوڻيڪ انهن
جو اڳيون اوج ڪونه هو، ۽ ماهر ڪاتاريون باقي نه
رهيون هيون. ان وقت جي آتڻ وارين ڪاتارين جي نغمن
مان ڪو عام مقبول ۽ مٺو نغمو هو، جيڪو ڪاپائتي جي
نسبت ۽ نالي سان شاهه صاحب پنهنجي راڳ لاءِ
چونڊيو. اهو سر ”ڪاپائتي“ شاهه جي راڳ ۾ هلندو پئي
آيو، پر پوءِ ڪن ڄاڻو راڳاين فقيرن جي گذاري وڃڻ
سببان يا ڪاپائتي راڳ کي مسلسل طور نه ڳائڻ سببان،
هيءُ سُر شاهه جي راڳ، مان ختم ٿي ويو. هن وقت چار
سر يعني: گهاتو، ڪاپائتي، شينهن ڪيڏارو ۽ بسنت
شاهه جي راڳ، ۾ ڪين ٿا ڳائجن(39).
پهريون بيت: |
توڻي تون ڪاتار، جِم هيڪلي ڀيريين،
ڏٺي ڪا ڏئار، صراف تنهنجي سُٽ ۾(40). |
آخري بيت: |
”نفيءَ“ جي ”نانہ“ سان، پهي پڇيائون،
ڀِڙا جي ”ڀانئڻ“ جا، ڀيري ڀڳائون،
هو جو وڻ ”هئڻ“ جو، وڍي وڌائون،
”اَسين“ ۽ ”آءٌ“، آتن ناهي اُن جي(41). |
4. سر بلاول:
هن سر ۾ سمن جي سماج واري آڳاٽي دور ۾، پيشه ور
منگتن ۽ مڱڻهارن جو وڏيءَ ويل اَسر جو اُٿي ڪري
سردارن جي درن تي ڏان وٺڻ لاءِ سندن ساراهون ڪرڻ
وارو ماحول سمايل آهي. اعليٰ معنوي معيار جي لحاظ
سان، اهو ماحول سخا ۽ سورهيائيءَ جي ڪردارن کي
روشن ڪري ٿو.
هن سر ۾ اڳتي منگتن ۽ مڱڻهارن جي آسن اميدن سان گڏ
سخي سردارن مان بڊاماني، ڪَرن، راهو، ۽ خاص طرح
جادم جکري جي سخا جا اهڃاڻ آندل آهن. جادم جکري جي
تمثيل سان، بيتن جو معنوي رُخ حضرت ﷴ مصطفيٰ (ﷺ)
ڏانهن آهي، جيڪو جهان جي وِلهن جو وارث ٿي آيو.
جنهن ڏکيا ڏِک وهاريا ۽ آزاريا آجا ڪيا. منگتي جي
دعا ته ”اي الله! شال اُهي وڏا ۽ چڱا سربراهه
(جُنگ) جين، جن جي اَجهي هيٺ آءٌ پڻ آهيان. شال رن
واري واٽ جو تلائڙو نه سُڪي! جتان ايندا ويندا ٿا
پين. آءٌ ان جڳ پرور سخي سان ٻيا سربراهه ڪيئن
ڀيٽيان؟ هن جي سخا مينهن مثل آهي، جيڪو سڀ تي وسي
ٿو. اي سخي! تنهنجي سخا جا ڪڪر ڪيئي حاتم ڍڪي
ڇڏيا!“
”بلاول و صبوحي“ مان مراد ته هن سر کي ”بلاول“
توڙي ”صبوحي“ سڏيو ويو. ”بلاول“ نالو موسيقي جي
لحاظ سان ”راڳ“ جي نالي سان آيو. ۽ ”صبوحي“ نالو
ڳائڻ ۽ ساراهن جي سماجي رسم جي حوالي سان آيو، جو
چارڻ ۽ منگتا صبح جو سوير اُٿي سردارن جي درن تي
بيهي، سر سان ڳائي سندن ساراهه ڪندا هئا. ”سر
جکرو“ نالو به انهي ڪري پيو جو اُن ۾ سخي جکري جي
ساراهه آهي(42).
پهريون بيت: |
الله! جُنگ جين، اَجهي جَني گهاريان،
شالَ مَ سڪي ويري، جئان پهي پين،
مرڪن اَکڙين، جن ڏٺي مون ٿئي(43). |
آخري بيت: |
ننڍيان نفعو ناهه ڪو، مَ وڏي وساري،
مجوسي ماري، اڪبر ڏي اچيج تون(44). |
5. سُر پرڀاتي:
سر ”پرڀاتي“ مورثي منگتن ۽ مڱڻهارن جو، سخي سردارن
کي ڳائڻ ساراهڻ ۽ کانئن ڏان وٺڻ واري رسم ۽ روايت
جو يادگار آهي. البت هن سر جو خاص موضوع لس ٻيلي
جي والي سپڙ ڄام جي سخا آهي. ٻين سردارن سخا ڪئي
ته پنهنجي شان شوڪت وڌائڻ لاءِ ڪئي، پر سپڙ ڄام
سخا ڪئي ته پنهنجي نالي وڌائڻ ڪاڻ ڪانه ڪئي، پر
ڪيرت وارن جي قدرداني ۽ ڏکين ڏڏن جو دلجوئي لاءِ
ڪئي. هن خاص طرح محتاجن کي مانَ ڏنا ۽ ڏڏن کي ڏان
ڏنا. اعليٰ معنوي لحاظ سان، هي سر گهرندڙ ۽ ڏيندڙ
ٻنهي جي اعليٰ ڪردارن جو آئينو آهي. انساني سماج ۾
گهرندڙن ۽ ڏيندڙن جي ريت رسم آڳاٽي وقت کان وٺي
هلندي آئي آهي، پر اعليٰ ڪردار جي ساڃاءِ ۽ سڃاڻپ
انهي ۾ آهي جو گهرندڙ گهري ته ڪيئن گهري؟ ۽ ڏيندڙ
ڏئي ته ڪيئن ڏئي؟
هن سر کي ڀنڀرڪي (پرڀات) وارين ساراهن ۽ صدائن جي
سر طور ”پرڀاتي“ چيو ويو. ”پرڀاتي“ (جاجڪاڻي، وهاڳ
يا وهاڳرو) سنڌ جو آڳاٽو راڳ آهي. (پرڀاتي) جي لئي
ڪجهه قدر سنڌ جي قديم راڳ ”لوڙائو“ سان به ملي ٿي.
سر ”پرڀاتي“ شاهه صاحب جي وقت کان وٺي ”شاهه جي
راڳ“ جي سلسلي ۾ شامل ٿيو(45).
پهريون بيت: |
اِيءُ نه ڀانن ڀيرُ، جئن ڪيريءَ ٽنگيو
ڪينرو،
سونهاري صبوح سين، وجهي ويٺين ويرو،
توکي چوندو ڪيرو، ڪيرت ڌاران مڱڻو(46). |
آخري بيت: |
ٻُجهان ٻاجهه ٿي، ٻاجهاڻو ٻيلي ڌڻي،
سٻڙ سا سُئي، جا چارن چِت ۾(47). |
6. سُر ڪارايل:
هن سر م ”هنجهه“ ۽ ”ڪاري اصيل نانگ“ جي روايتي
خوبين جي تمثيل سان، اعليٰ اخلاقي معيار جا ڪي رُخ
روشن ٿيل آهن. سنڌ جي روايت موجب، هنجهه نهايت ئي
صاف ۽ سگلو پکي آهي. هن سر ۾ هنجهه جي مٿاهين شانَ
۽ معياري ڪردار جا اهڃان ڏنل آهن، ته اڏامڻ ساڻ
سندس ٻولي ”وحدهٗ“ آهي. جنهنڪري پرکا واري لڙ پاڻي
مان ٽپي پار پوي ٿو. هو (الاهي درگاهه ۾ مانائتو)
”حضوري“ هنجهه آهي. کِکي مڇي کان پري آهي ۽ موتي
ماڻڪ ئي سندس چوڻو آهي.
حقيقت جي لحاظ سان، پکي توڙي پڃرو، هنجهه توڙي سر
ساڳي ڳالهه آهي. مون جڏهن پنهنجو پاڻ ۾ پيهي
پروڙيو ته معلوم ٿيو ته جنهن جو جند جان کي خوف
آهي، سو ماري پنهنجي مَنَ ۾ ئي آهي. هي ڪارايل
هنجهن جو سُر آهي. ”شاهه جي راڳ“ وارن سُرن کي
جڏهن هندستاني موسيقي جي راڳن سان ڀيٽيو ويو ته
ائين معلوم ٿيو ته سُر ڪارايل ڄڻ هندستاني
موسيقيءَ جي راڳ ”جَلڌار ڪِدارا“ سان ملي ٿو(48).
پهريون بيت: |
”وحدهٗ“ وائي ڪري، چڙهندي چيائين،
سو لُڙ لنگهيائين، جتي پارک پکيان(49). |
آخري بيت: |
وِه هٿين، وِه پيرين، وِه جني جي وات،
ڪاڪا ڪاري ذات، مورن مٽي ڇڏي(50). |
7. سُر ڏهر:
ذاتِ الاهي جي ذڪر ۽ يادِ الاهي ۾ رتل ۽ پهتل ولين
جي ثنا واري موضوع کي، آڳاٽي وقت کان وٺي صوفين
درويشن جي سماع وارين محفلن ۾ ”سر ڏهر“ ۾ آلاپيو
ويو. هن سر جي پهرين داستان جو موضوع ئي آهي ساري
جهانَ جي خالق ۽ پالڻهار موليٰ مهربان جي صفت ۽
ساراهه، ۽ سندس ٻاجهه لاءِ دعا. انهي لحاظ سان،
انهن بيتن کي فقيرن ذڪر طور سر ڏهر ۾ آلاپيو.
داستان پهرين ۾ ساري جهان جي خالق ۽ پالڻهار هڪ
الله جي وڏائي ۽ واکاڻ، سندس ٻاجهه ۽ مهر جي طلب،
۽ سندس طرفان ڍڪ ۽ پناهه جي دعا، هن داستان جي
موضوع جا خاص ڀاڱا آهن. داستان ٻئي ۾ جسوڌڻ آگري
جي دور جو عڪس چٽيل آهي. داستان ٽئين ۾ اڳئين وقت
جي وڏي ارڏي ۽ اڻٽر سردار ”لاکي ڦُلاڻي“ جي ڳڻن
ڳالهين ۽ ڏاڍاين جا اهڃاڻ ڏنل آهن. داستان چوٿون
سنگهارن يعني مالدارن جو وڏي چاهه سان مال ڌارڻ ۽
چارڻ، پاڻ ۾ گڏ رهڻ ۽ سندن صلح سانت ۽ اطمينان
واري سماجي زندگي جو آئينو آهي. داستان پنجين ۾
ڪونجن جي اعليٰ وصفن جا اهڃاڻ ۽ ڪونجن تي ڪهل ڪرڻ
۽ کين نه مارڻ جي ترغيب ڏنل آهي. ڪونجن جي فطري
اعليٰ ڪردار جون اعليٰ وصفون اهي آهن، جو ڪونجون
قوت ۽ چوڻي خاطر پرديس ۾ اچن، پر وطن ساري وري
پوئتي ورن. هو ٻاجهاري ٻولي ڪن، وڳر ڪري هلن ۽
هڪٻئي کان جدا نه ٿين، ۽ جي ڪا منجهانئن پوئتي
رهجي وڃي، ته ان کي سنڀاري ساڻ ڪن.
سنڌي راڳ جي روايت جي اعتبار سان ”ڏهر“ جو مفهوم
هڪ خاص اهميت رکي ٿو. سڀ کان پهريان سهروردي طريقي
جي مرشد غوث بهاؤالدين زڪريا ؒ جي تلقين ۽ تبليغ
سان سنڌ ۾ هن طريقي جي ذڪر ۽ سماع جو سلسلو شروع
ٿيو. غوث صاحب جي جماعت ۾ سهروردي طريقي جو ذڪر
جيڪو هن وقت تائين هلندو آيو آهي، سو ٻه قسم آهي.
هڪ ”تحليل جو ذڪر“ ۽ ٻيو ”ڏهر جو ذڪر“ جيڪو خاص
”جماعتي ذڪر“ آهي ۽ جيڪو ”راهه جي پنڌ“ سان
(پيادل) ملتان ڏانهن ويندڙ هر جماعت وارا، مرشد جي
سڪ ۽ ساراهه وارن بيتن جي آلاپ سان ڪن. هو وڃڻ وقت
”چاڙهو“ ۽ ورڻ وقت ”لاهو“پڙهندا.
ٻي جماعت جنهن ۾ بيتن جي آلاپ سان ”ڏهر ڏيڻ“ جو
سلسلو هلندو آيو آهي، سا هالن جي مخدومن صاحبن جي
مريدن جي جماعت آهي، جنهن جو باني مباني پڻ
سهروردي طريقي جو بزرگ جناب مخدوم نوحؒ سرور هو.
شاهه عبداللطيفؒ جي وقت ۾ هلندڙ سر ڏهر جي ڪنهن
خاص لئي کي راڳ جو درجو ڏنو ويو، جيڪو شاهه جي راڳ
جو جُز بنيو. بطور راڳ جي سر ڏهر هن وقت تائين فقط
شاهه جي راڳ ۾ ڳائجي ٿو(51).
پهريون بيت: |
الله جئن نالوءِ، تيئن مون وڏو آسرو،
خالق! تنهنجيءَ کانڌ جو، پرو پاند نه ڪوءِ،
نالو رب سندو، رهيو اهي روح ۾(52). |
آخري بيت: |
مَ لئه ڪونجهي! ماٺ ڪر، چور مَ هنيين چاڪَ،
ڦٽيون جي فراق، سي گهر گهارينديون
ڪيترو!(53) |
1994ع ۾ شايع ٿيل
جلد ٽئين ۾ 7 سُر، 20 داستان، 391 بيت ۽ 25 وايون
شامل آهن. ڪل شعرن جو تعداد 416 ٿئي ٿو. 628 صفحن
تي آڌاريل هن جلد جي پڄاڻي مواد جي ”صحت نامي“ تي
ٿئي ٿي.
جلد چوٿون:
هيءُ جلد ”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“ (جلد
چوٿون) جي عنوان هيٺ ترتيب ڏنو ويو آهي. هيءُ واحد
جلد آهي جيڪو يڪو هڪڙيئي ”سر سسئي“ تي آڌاريل آهي.
البت سر سهڻي کي پنجن ڌار ڌار عنوانن: سر ”آبري“،
سر ”معذوري“، ”سر ديسي“، ”سر ڪوهياري“ ۽ ”سر
حسيني“ ۾ تقسيم ڪري راڳ جي صورت قائم ڪئي ويئي
آهي. جلد جو مقدمو جن موضوعن جو احاطو ڪري ٿو،
اُهي هيٺئين ريت آهن:
1.
سسئي جي تمثيل ۾ اعليٰ فهم ۽ فڪر جا اهڃاڻ
2.
سسئي جو جامع ۽ مثالي ڪردار
3.
شاهه- انسان جي نفسياتي ڪيفيتن جو شارح
4.
زندگيءَ ۾ اعليٰ مقصد ۽ ان لاءِ مسلسل جدوجهد
5.
سسئي پنهون جي ڳالهه
6.
سرن ۾ شامل ڪلام جي صحت ۽ شاهه سان اُن جي
نسبت(54).
سسئي جي سُرن ۾ سمايل مرڪزي موضوع ۾ يعني ”سسئي جو
پنهونءَ پٺيان هلڻ، ۽ پنهونءَ کي ڳولڻ“ ۾ حق ۽
حقيقت جي تلاش جو سبق سمايل آهي، جنهن کي شاهه
صاحب سسئي جي زباني هن طرح بيان ڪيو آهي:
اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي.
سسئي جي پهرين سُر جي پهرين بيت جي هيءَ پهرين سٽ،
سسئي جي پنجن ئي سُرن ۾ سمايل فڪر جي ڪُنجي آهي.
سسئي جي تمثيل سان هن هڪ سٽ جي ستن لفظن مان اعليٰ
فهم ۽ فڪر جا ڪيئي رُخ روشن ٿين ٿا، جن لاءِ
تفصيلي رخ ۽ بيان جي ضرورت آهي.
سسئي جي تمثيل ۾، تصوف ۽ طريقت جو ”طالب ۽ مطلوب“
وارو اعليٰ فهم مضمر آهي. سسئي سالڪ آهي ۽ هو
محبوب جي وصال لاءِ ”فنا“ واري منزل تي پهچي ٿي.
سلوڪ جي مفهوم ۾، سسئي کي”مرڻ کان اڳ مرڻ“ جي
ترغيب سان گڏ، شاهه صاحب سالڪ جي لوچ پوڇ ۽ ”نڪي
مرڻ نڪي جيڻ“ واري حالت کي اهميت ڏني آهي. اڃا به
ان کان وڌ شاهه صاحب ”فنا“ واري منزل تي، سالڪ جي
سجاڳي جو نُڪتو نروار ڪيو آهي. سسئي پاڻان موت کي
سڏي ٿي ته ”موت مون سين آءُ، ته پٺيءَ تو پنڌ
ڪريان.“ سلوڪ ۾ ”وصال“ جي ويجهي منزل تي، سسئي کي
پنهون کان سواءِ ٻي ڪا صورت ئي ڪانه ٿي سُجهي. تان
جو پاڻ اُن صورت ۾، ۽ صورت منجهس سمائجي وڃي ٿي.
”پنهون ٿيس پاڻهين، وئو سسئي جو شرم“، ”وهم
ورساياس، نا ته پنهون آءٌ پاڻ هئي.“ حقيقت ۾ شاهه
پاڻ سالڪ آهي، پاڻ سسئي آهي. هو ”عشق رسول“ ۾ رتل
آهي ۽ سندس پنهون ”نبي ﷺ“ آهي. جنهن توحيد جي شمع
سان جڳ جهان کي روشن ڪيو. جنهن ايمان، علم، عمل ۽
انصاف سان، انسان کي وهمن وسوسن مان آجو ڪيو. جنهن
غلامن کي آزاد ڪيو، ضعيفن کي زور آور بنايو، ظالمن
کي هيڻو ڪيو، ڏکين ڏهاڳڻين کي سهاڳڻيون ڪيو ۽ جنهن
اڻڄاڻن ۽ اٻوجهن کي هنر ۽ حڪمت وارو ڪيو.
برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اُجاريو،
لاٿو سڀ لوڪ تان، هاڙهي ڌڻيءَ هورُ،
ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پورُ،
آيو سو اَتور، جنهن ڏکيون ڏِک وهاريون(55).
باوجود ساڳئي پس منظر ۽ ساڳئي مرڪزي موضوع جي، هر
سُر جي داستانن ۾، ۽ هر داستان جي بيتن ۽ واين ۾،
شاهه صاحب پنهنجي اعليٰ شعور ۽ شاعري سان ان مرڪزي
موضوع جا نِت نوان رُخ روشن ڪيا آهن، جن ۾ اعليٰ
فهم ۽ فڪر جا ماڻ ڀريل آهن(56).
هيٺ پنجن ئي سُرن جا اختصار ۽ ٻه ٻه مثالي بيت پيش
ڪجن ٿا:
1- سُر آبري:
هن سُر جي شروع واري سٽ ۾ ئي سسئي جي پڪي پختي
ارادي جو اظهار ٿيل آهي ته ”اول آخر آهه، هلڻ
منهنجو هوت ڏي.“ هو جيئن پئي سور سختيون سهي، تيئن
ئي سنديس سڪ سَرس ٿئي. اُڃ، سُڃ ۽ رُڃ سڪ وارن
لاءِ ئي آهي. سو ”ساجن ڪارن سُڃ، مر قبولي سسئي.“
جن کي اندر ۾ عشق جي اُڃ آهي، پاڻي کي به تن لاءِ
اُڃ آهي. سسئي کي صلاح ته شروع کان ئي حجت ڇڏي،
عاجزيءَ سان پنهنجي پنهونءَ کي ڳولج، ۽ عزازيل
وارو هٺ نه ڪج. ڏونگر ڏورڻ وڏو ڏاکڙو آهي. اُتي
سِڪ واري سچي جذبي (لَئون) سان هلڻ کان سواءِ ٻيو
ڪو چارو ئي ڪونهي. پر ڀنڀور کي ڇڏ ۽ اُٿي هل. پوءِ
”ليرن جو لطيف چي، ڏونگر ڏيندءِ ڏس.“ ”سُکين ٿيءُ
مَ سنري، پَسي ڏک مَ ڏر.“ پر پيارو پرين اوڏاهين
پري به نه آهي، هت تو وٽ ئي آهي. ”هوت تنهنجي
هنجهه ۾، پُڇين ڪوهه پرياڻ“، ”وڃين ڇو وڻڪار، هِت
نه ڳولين هوت کي“، ”پنهون ڇڏيو پوءِ، جانب جبل
ڳوليين.“ تون پنهنجي پرينءَ کي، پنهنجي وجود ۾
ڳول. ”هل هنيين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار“، ”سو
تان تو هي ساڻ، جنهن لئي جفائون ڪرين.“ تنهنجو هوت
ته تو وٽ ئي آهي، پر تون پاڻ اُن جي آڏو حجاب
آهين. ”پنهنجو آهين پاڻ، آڏو عجيبن کي(57).“
پهريون بيت: |
اَول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي،
پورهيو سندو پورهيتين، والي ڪيم وڃاءِ،
سو مون ٿورو لا3، جِئن جئري ملان جت کي(58). |
آخري بيت: |
پَسو پرائن، سورن آڏي سسئي،
پرايا پنهنجن، وجهن ويچاريءَ تي(59). |
2- سُر معذور:
سسئي جو پياري پنهون پٺيان هلڻ، ڪشالا ڪرڻ ۽ سور
سختيون سهڻ، تان جو موت کي منهن ڏيڻ ۽ للڪارڻ بلڪ
شهه ڏيڻ وارا نازڪ اشارا ۽ سسئي جي پاڻهي پاڻ سان
وِرونهن واريون نازڪ نفسياتي ڪيفيتون، هن سُر ۾
سمايل فڪر جا اهم اهڃاڻ آهن. (سسئي جي پاڻهيءَ پاڻ
سان ورونهن ته ڄڻ ماڻهو کيس چون ٿا ته) ”ٻانڀڻ!
ٿيءُ ٻوٽيون، ته ڪُتا کين ئي ڪيچ جا“ سو ”وڍيو
ويٺي ڏي، ڪايا ڪيچ ڪُتن کي.“ پر چوي ٿي ته جبل
ڏونگر جا مِرون ۽ جانور ڀل مون تي ڏکا ڪن، پر هو
مون کي ويجها نه ايندا، جو کين خبر آهي ته منهنجو
سڱ پنهون جهڙي سَڌر سردار سان آهي.سسئي جي اعلان
ته ”توڙي جو آءٌ هيڻي ۽ عاجز آهيان، پر جيستائين
پنهنجو لالڻ نه لهنديس تيستائين پيئي وينديس ۽
ووڙينديس.“ سرتين کي صلاح ته ”پنهنجو پاڻ وساري،
سڀڪجهه ڇڏي هلو ته ڪنهن اعليٰ منزل تي رسو.“
سڀ ننگيون ٿي نِڪرو، پرهڻ ڇڏي پوءِ،
سا مهند مڙنئان هوءِ، ڪهي جا ”ڪين“ کڻي.
بَر ۽ بيابان وارين رُڃن ۾ سسئي جي سوز گداز وارين
رڙين ڪوڪن جو ميٺاج ائين جو، ”رُڃن ۾ رڙ ٿي، ڪَرَ
ڪوول جي ڪوڪ.“ ”رُڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر چَتونءَ جي
چانگار“. ۽ ”رُڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪُڻڪي ڪونج(60).“
پهريون بيت: |
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، کُهجن ڪي کوٽيون،
پَهڻ تني پٽ ٿيي، جي لالڻ لئي لوٺيون،
سڀي سهيليون سِڪ کي، چنجون ۽ چوٽيون،
ٻانڀڻ! ٿيءُ ٻوٽيون، ته ڪُتا کين ئي ڪيچ
جا(61). |
آخري بيت: |
رُڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر سارنگيءَ جو سازُ،
ايءُ عشق جو آواز، ماڙهو رکن منڌ تي(62). |
3- سُر ديسي:
ڏيرن ڏاگهن جو اچڻ، پنهون کي پاڻ سان نِيَڻ ۽ سسئي
جو ڏکن ڏولاوَن ۾ پوڻ، هن سُر جو مرڪزي نُڪتو آهي.
سسئي تي سرتين جو حرف ته ”جڏهن ڏاگها اڱڻ تي ڏٺا
هُيَئي ته اُنهن جا گوڏا ٻَڌين ها ۽ نيرَ وجهي
ڪُرف هڻين ها“. سسئي جو جواب ته:
ڄاڻان جي جَتن، پوءِ پٽاندر هيترو،
آءٌ ڪيئن مُلاتن، سرتيون! سور پِرائيان.
اعليٰ فڪر جي وڌيڪ نازڪ نُڪتا اِهي جو باوجود ڏکن
ڏاکڙن جي، سسئي سوليون وايون واري ٿي ته: ”جَتا!
شال جيو! جِيو ٿا جاڙُون ڪريو.“ ”ڇا جي ڏِنگا
ڏيرَ، منهنجو ڏينهن ڏِنگو مَ ٿئي“، ”توڏن جون تڙ
ڀيڙ ۾، تريون ترڪن تان مَ“، ”گُسڙ ٿئي مَ، پڻي
پوءِ مَ پرينءَ تي“ وڌ ۾ وڌ ايترو ڏوراپو ته
”پنهون پاڪ پُرس، هوت! نه ڪجن هيڏيون!“ پر سندس
پنهنجو پڪو پَهه ته ”ڇِنڻ تان نه پيو، هي سڱ نه
ڇِنڻ جهڙو(63).“
پهريون بيت: |
مُٺيس! جهل مهارَ، ڪٺيس ڪاهه مَ ڪرهو،
مون نماڻيءَ جي نِجهري، ڀيرو ڪج ڀَتار،
ساجن! تو هان ڌارَ، ڏٺم ڏينهن قيام جو(64). |
آخري بيت: |
سڄي هٿ ساٿين جي، مَ وانءُ مالاري!
ڏائي جا ڏيرن جي، منج سا ٽاري،
مانَ وِرمن وچ ۾، اولاڻي آري،
اَسونهه ويچاري، ڪنهن پر مِڙي ڪيچَ کي(65). |
4- سُر ڪوهياري:
غفلت واري ننڊ (نوم) جي سسئي تي ميار، هن سُر جو
مکيه موضوع آهي. اي سسئي! تون سڄي رات (ليل) سمهي
رهينءَ ۽ ذرو به جاڳ نه ڪيئي.
ليل نه جاڳيين لک سين، ڪُلي نوم ڪِئاءِ.
سسئي جو پڇتاءُ ته:
آلوڙو اکين، آيُم ننڊر نڀاڳ جي.
پياري پنهون پُٺيان پنڌ ڪندي سسئي جو جبل سان حال
اورڻ ۽ ڏونگر کي اُن جي ڏاڍاين تي ڏوراپو ڏيڻ تي.
ڏونگر! تون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين!
اي جبل! مون کي منهنجي پياري پرينءَ جو ڪو ڏس پتو
نه ڏئين!
ڏونگر! ڏس پرينءَ جو، ڪافُ! نه ڏين ڪو!
وڇوڙي ۽ فراق ۾ سسئي جون بي حال واريون نفسياتي
ڪيفيتون ته: ”ستي پون ڇِرڪ، آيل! ٻاروچن جا“،
”ڪوڪئو پڇي ڪوهه، هَئي هَئي ڪئو هٿڙا هڻي!“ ”ڇڇر
پير ڇِنامَ، ڪنهن پر هلان ڪيچ ڏي!، ”اچي رس عليل
کي، اَجها تون آري“، ”جيهي جي تيهي، ته به ٻانهي
ٻاروچن جي(66).“
پهريون بيت: |
ليلَ نه جاڳينَ لِک سين، ڪُلي نومُ ڪئاءِ،
قُم ٿي پهچ قريب کي، اِجلس تو نه جُڳاءِ،
مُٺي! مزمانن سين، ويهي رات وِهاءِ،
جيلاه ننڊر نِئاءِ، تي روز روئين ٿي راه
۾(67). |
آخري بيت: |
منزل دور مَ مٽ، ڇڏ مَ سيرُ سِڪڻ جو،
لئون جي واٽ ۾ لٽ، لئون رِءَ حيفُ هوئڻ
کي(68). |
5- سُر حسيني:
سسئي کي صلاح ته ٻيا آسانگا پلي، لاڳاپا لاهي ساٿ
واري واٽ سان تڪڙي هلي ته جيئن پنهنجي پنهونءَ کي
وڃي پهچي. سسئي کي تاڪيد ته ساٿ کي پهچڻ لاءِ وک
وڌاءِ ۽ همت سان هل جو سج لڙي ويوآهي. متان رات جي
اونداهيءَ ۾ ساٿ واري واٽ وڃائي ويهين!
تصوف جي اعليٰ فڪر ۾، سسئي ڄڻ سالڪ آهي، جيڪا حق ۽
حقيقت جي تلاش ۾ آهي، شاهه صاحب جي کيس صلاح ته
پهريائين ٻيا سڀ لاڳاپا لاهي پوءِ پنهونءَ جي وصال
واري واٽ پڇاءِ.
سسئي ٻن باهين جي وچ ۾ آهي، هڪ ٻاهران روهه تتي
واري سخت تپش ۽ ٻي اندر ۾ سڪ ۽ فراق واري سختي.
ٻاهران ڌرتي تتل ته اندر ۾ عشق جي آڳ.
ڪين ڌر تتي ماءِ، ڪين ڄَر، سندي سڄڻين،
هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾.
شاهه صاحب جو اعليٰ فڪر ته ڪنهن اعليٰ منزل تي
پهچڻ لاءِ ضروري آهي ته انسان طلب ۽ جستجو ۾ رهي.
جي ڀانيائين ته منهنجو مطلب پورو ٿيو ته پاڻ به
پورو ٿي ويندو. کوءِ پيا اُهي سڀ مطلب ۽ مقصد جيڪي
پورا ٿي وڃن ٿا ۽ جستجو جي سلسلي ۽ زندگي جي ولولي
کي فنا ڪري ڇڏين ٿا. ”ڏيرن کان وڌيڪ سورن کي
شاباس! جو ڏير ته مون کي ڇڏي هليا ويا پر سور مون
ساڻ ئي رهيا ۽ روهن جبلن ۾ مون سان ٻانهن ٻيلي
ٿئا.“
ڏيکاريوس ڏکن، گوندر گس پرين جو،
سونها ئي سورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.
شاهه عبداللطيفؒ گهڻي ۾ گهڻو ڪلام سسئي پنهون بابت
چيو ۽ انهي جهجهي ڪلام کي پنجن جدا سُرن ۽ راڳن ۾
ڳائڻ جو بنياد رکيو. جن مان ٽي راڳ: آبري، ديسي ۽
حسيني غالباً شاهه صاحب کان اڳ ئي سسئي جي داستان
سان وابسته هئا. حضرت شاهه عبداللطيفؒ، پنهون جي
اصل وطن بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪوهستان واري نغمي
”معذور“ ۽ اُن کان به اڳتي الهندي طرف ”ڪوهيار“
يعني ”خزدار“ واري علائقي جي نغمي ”ڪوهياري“ کي
راڳن جو درجو ڏيئي، سسئي جي سُرن کي ڳائڻ لاءِ
چونڊيو. شاهه جي رسالي جو ”سر سسئي“ اڪيلو سُر
آهي، جيڪو پنجن راڳن ۾ ڳائجي ٿو، حالانڪ ٻيو هر سر
هڪ ئي راڳ ۾ ڳائجي ٿو. هن وقت ڀٽ شاهه تي، ”شاهه
جي راڳ“ جي تنظيم ۾ سسئي جا پنج سُر هن طرح ڳائجن
ٿا آڌي جو ”سر سهڻي“ جي ڳائڻ کان پوءِ فقير سسئي
جا سُر ڳائين. اُنهن مان چار سر آبري، معذور،
ديسي ۽ حسيني لازمي طور ڳائيندا. سياري جي وڏي رات
۾ انهن چئن سُرن کان پوءِ سر ڪوهياري ڪندا(69).
پهريون بيت: |
تان ڪين ڳوري! ڇُل، جان لاڙائو سج ٿئو،
هاڙهي ڌاري هُل، وڃي ڪيچين جو ٿئو(70). |
آخري بيت: |
جان جان هُئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين(71). |
1997ع ۾ شايع ٿيل جلد چوٿين ۾ 5 سر، 43 داستان،
692 بيت ۽ 65 وايون شامل آهن، ڪل شعرن جو تعداد
757 ٿئي ٿو. 804 صفحن تي آڌاريل هن جلد جي پڄاڻي
سر حسيني جي شعرن جي ڀيٽ ۽ سمجهاڻي تي ٿئي ٿي.
جلد پنجون:
”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“ (جلد پنجون) پنهنجي
دامن ۾ مهاڳ ۽ مقدمي کان سواءِ، ”سر راڻو“، ”سر
ليلان“، ”سر ڪاموڏ“ ۽ ”سر سورٺ“ جو متن، ڀيٽ ۽
سمجهاڻيون کڻي لطيفي معلومات جي پالوٽ ڪري ٿو. هن
پنجين جلد جي چئني سرن ۾ زندگي جي ٻاهرين مشاهدن
بدران، بنيادي طور تي، انسان جي اندروني جذبن ۽
احساسن جو مانڊاڻ منڊيل آهي. هيٺ مذڪوره سرن تي
ٿورڙي روشني وجهي، انهن جي بيتن جا نمونا ڏيکارجن
ٿا.
1- سُر راڻو:
سر ”راڻي“ ۾ مومل ۽ راڻي جو ور ۽ وني وارو رشتو
خاص اهميت رکي ٿو. سر ”راڻي“ توڙي ٻين سرن ۾ شاههؒ
جو مقصد بيتن ۾ ڪنهن ڳالهه کي بيان ڪرڻ ناهي. ائين
ڄاڻندي ته ڳالهه اڳ ۾ مشهور اهي ۽ اُن جي سڀني کي
خبر آهي، شاهه صاحب فقط ڳالهه جي ڪن خاص ٽاڻن جي
حوالي سان پنهنجي اعليٰ شاعري ۽ نازڪ خيالي سان
گڏوگڏ اعليٰ فهم ۽ فڪر جا نت نوان رُخ روشن ڪيا
آهن.
قصي جي عام روايتن مطابق راڻي ۽ ساٿين کي جيڪو
راهي گڏيو سو جيتوڻيڪ جوڳي يا سامي جي بيک ۾ هو،
پر حقيقت ۾ وڏي لشڪر وارو حڪمران هو. يا وڏو
مالدار سوداگر يا ڪو صوبو سردار هو. ان جي برعڪس
شاهه صاحب کيس آديسي ۽ عاشق ڪري سڏيو آهي. ”جوڳي
کي جڙاءُ، نسوروئي نينهن جو“، ۽ ”آديسي عشق جي،
لائي آيو لاڳ“. اڃا ان کان وڌيڪ شاهه صاحب ”جوڳي“
کي تصوف واري استعاره ۾ هڪجهڙائي حق وارو ”موحد
جوڳي“ ۽ ”سالڪن جو رهنما“ ڄاڻائيندي چوي ٿو ته:
”فيض فراق فقير، جوڳي جاڳائي ويو“، ۽ ”سرئو سون
سڪوت، جوڳيءَ سندي ذات کان.“ هو مومل جي عشق ۾
رَتل لانگوٽيو لال هو ۽ راڻي ۽ سندس ساٿين کي به
لئون لائي ڇڏيائين. ”جوڳي جاڳائي، ماري وڌا
مامري“، ”ڏيئي ڏيکاري، ڦَٽي دل فقير وِئو.“
اصل ۾ مومل جو راڻي لاءِ انتظار هن سر جو مکيه
موضوع آهي. ”ڏيئا تيل ڦليل جا، ٻارئم تائين ٻانگ“،
”اُڀي اُڀارئا، نکٽ سڀ نئي ويا“، ”ڪتين ڪر موڙيا،
ٽيڙو اُڀا ٽيئي“، ”ڪتيون ڪاپار آئيون، لُڌا وئا
لڙي“، ”وٽ سوريندي وَلها! وئو تيل ٻري“، ”شمع
ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون“، ”پرهه لکايا پار،
موٽ سگهو تون مينڌرا!“
سر ”راڻو“ يا ”راڳ راڻو“ سنڌ جو آڳاٽو عام مقبول
راڳ آهي. هن وقت تائين، انهيءَ ڳالهه جي موضوع
واريون ڪافيون سڄي سنڌ ۾ سر ”راڻي“ م ڳائجن ٿيون.
ٻيو ته سنڌ ۾ ڳائڻ جي عام رسم روايت مطابق ”راڻو“
آڌيءَ رات بعد ”وِهاڳ“ کان پوءِ يعني لڙي آڌي کان
پوءِ اَسر تائين ڳايو ويندو آهي(72).
پهريون بيت: |
ڪالهه گڏيو سون ڪاپڙي، بابو بيکاري،
ساميءَ سيلو سر تي، مالها موچاري،
ڏيئي ڏيکاري، ڦَٽي دل فقير وِئو(73). |
آخري بيت: |
جا ڀُون پيرين مون، سا ڀُون مٿي سڄڻين،
ڌِڱ لٽبا ڌوڙ م، اُڀي ڏٺاسون،
ڏينهن مِڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف جي(74). |
2- سُر ليلان:
شاهه صاحب هن سر ۾، وَرَ ۽ وَني واري رشتي جي پيار
۽ اعتبار واري ماحول ۾ ڪانڌ جو وڙائتو ۽ وڏي کاند
وارو هجڻ ۽ وَنيءَ جو هر حال ۾ ور جي اعتماد تي
پورو ثابت ٿيڻ واري اعليٰ فڪر جا اهڃاڻ ڏنا آهن.
تصوف جي اعليٰ فڪر جي لحاظ سان، خطاوار ليلان ۽
خطا بخشيندڙ چنيسر، يا رضا جي طالب ليلان ۽ رضا جي
مالڪ چنيسر جي تمثيل، خطاوار بندي ۽ خطا بخشيندڙ
ڌڻي تعاليٰ واري آهي. بندي توڙي سالڪ لاءِ ضروري
آهي ته اِلاهي رضا لاءِ پنهنجو عمل توڙي نيت صاف
رکي، ڇاڪاڻ جو ڌڻي تعاليٰ دليون پرکيندڙ آهي.
خطاوار بندي لاءِ ضروري آهي ته موليٰ مهربان کي
ٻاڏائي ته جيئن خطائون معاف ٿين. شاهه صاحب جي
ترغيب ته انسان ڪنهن به حالت ۾ موليٰ مهربان جي
رحم ۽ ڪرم کان نااُميد نه ٿئي ۽ ٻاڏائيندو رهي.
”ليلان! ليلائيج، اَٿئي ماڳ منٿ جو.“
ليلان چنيسر جي ڳالهه واريون ”ڳاهون“ ڪنهن آڳاٽي
وقت کان وٺي ڳايون ويون. جو اها ڳالهه صديون اڳ
مشهور ٿي ”سر ليلان“ اڳ هلندڙ هو ۽ پوءِ جڏهن
”شاهه جو راڳ“ شروع ٿيو ته اُن ۾ به اهو ”سر
ليلان“ سڏيو ويو. سنڌي موسيقي جي روايت ۾ پڻ گهڻي
وقت کان وٺي، ويندي اڄ تائين ”ليلان چنيسر“ جي
موضوع واريون ڪافيون ”سنڌي جوڳ“ واري راڳڻي ۾
ڳايون وڃن ٿيون(75).
پهريون بيت: |
داع تنهنجو دائما، ماري معذوري،
سائينءَ ڪارڻ سپرين! وجهج مَ دوري،
آءُ تون حضوري، ته مڻيون وجهان مچ ۾(76). |
آخري بيت: |
توڻي ڏي نه ڏي، توءِ منهنجو وَلهه،
آءٌ تِنہ ڀلي کي، پاڻ پرنيان ڪيترو!(77) |
3- سُر ڪاموڏ:
سر ”ڪاموڏ“ ۾ شاهه صاحب نوري ڄام تماچي جي ڳالهه
جي حوالي سان اعليٰ انساني ڪردار جا رُخ روشن ڪيا
آهن. اعليٰ انساني ڪردار جي عظمت جي لحاظ سان،
نوري ۽ ڄام تماچي جا ڪردار مثالي آهن. گيرب ۽ گاء
بدران نياز ۽ نوڙت، هٺ ۽ هلڪڙائي بدران فهم ۽
فضيلت نوريءَ جي ڪردار جا اهم اوصاف آهن. ٻئي طرف
ڄام تماچيءَ جو مڇيءَ تي گذران ڪندڙ غريبن مهاڻن
جي معاشري جو قدر ڪرڻ، سخا سان انهن کي نوازي سکيو
ڪرڻ ۽ غريب مهاڻي ڇوڪري جي فهم ۽ فضيلت واري اخلاق
کي سڃاڻڻ، بلڪ حسب نسب وارن وهمن ويچارن کي وساري،
ساڻس شادي ڪرڻ ۽ پنهنجي پَٽ راڻي بنائڻ، اعليٰ
انساني ڪردار جا اهم اوصاف آهن. شاهه صاحب اڃا به
اڳتي وک وڌائي، غريب معاشري جي نياڻي نوري جي
اعليٰ ڪردار کي وڏ گهراڻين سمين راڻين جي وڏ وڏائي
تي فوقيت ڏني.
شاهه صاحب جي تصوف واري پاڪيزه فڪر ۾، ڄام تماچي
جو ذات توڙي صفت ۾ اعليٰ معيار، تمثيل طور، الله
تعاليٰ جي ذات ۽ صفات واري احديت جي پرتوي جي
يادگيري ڏياريندڙ آهي.
نه ڪِنہ ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام وِياءُ،
ننڍي وڏي گندري، سڀن آه سياءُ،
”لم يلد ولم يولد“ ايءَ نجابت نياءُ،
ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو.
سنڌ ۾ ڪافين ڳائڻ جي عام روايت ۾، جيڪا هن پوئين
ويجهي دور تائين هلندي آئي آهي، نوري ۽ ڄام تماچي
جي ڳالهه جي پس منظر واريون ڪافيون ”سنڌي سر
ڪارايل“ ۾ ڳايون ويون ۽ ڳائجن ٿيون. البت سنڌ اندر
”جماعتي راڳ“ (پير صاحب پاڳاري جي درگاهه جي
جماعتي راڳ) ۾ اهي ڪافيون جنهن سر ۾ ڳائجن ٿيون،
ان کي ”سر گندري“ چيو وڃي ٿو، جيڪو ڄڻ ”سر ڪلياڻ“
سان ملندڙ جلندڙ آهي(78).
پهريون بيت: |
تون سمو، آءٌ گندري، مون ۾ عيب اَپار،
پسي ليءَ لغار، متان مانڳر مٽيين(79). |
آخري بيت: |
منهن ملاحن جي، آيو ڄام ڄُلي،
ماڳين پييون مسندون، جهڳين پاس جُهلي،
عطر عنبير جي، اچي ڇولَ ڇُلي،
ڪينجهر سڀ ڪُلي، اُني کي انعام ٿئو(80). |
4- سور سورٺ:
سر ”سورٺ“ ۾ ”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جي ڳالهه“ جو پس
منظر سمايل آهي، شاهه صاحب راءِ ڏياچ جي مثالي
ڪردار کي، سندس سخاوت، راڳ جي ڄاڻ ۽ قدر قيمت ۽
الله تعاليٰ جي نالي ۾ ڪيل سر وڍڻ واري سوال جي
قبوليت جي حوالي سان سر بلند مڃيو آهي. ٻئي طرف
مڱڻي ٻيجل جي ڪردار کي، ساز ۽ وڄت ۾ سندس مهارت ۽
الله جي نالي ۾ سر گهُرڻ واري صدا جي حوالي سان
واکاڻيو آهي. ڪوڙين ثنا ڪندڙ سوالي آيا، پر سڀني
ٻاهران بيهي ٻاڏايو. هن مانائتي مڱڻي تي ئي اهو
احسان ٿيو، جو هو مٿي محل ۾ آيو.
آءُ مٿاهون مڱڻا! چڙهي در دُئار،
توکي گهوٽ گهرائيو، خلوت لاءِ کنگهار،
”السلام عَلَيڪَ اَيُهَا النبي“ اي کلي ڪيائين
کينڪارَ،
سُئو ۾ سنسار، ته ملڪ ڏنائين مڱڻي.
اي مڱڻا! تون ڀلي آئين! تو جيڪا ڳاهه ڏني، سا مون
سمجهي، تند جي وڄت ۾ تو جيڪي چيو سو قبول پيو. اي
جاجِڪ! سر وٺ ۽ سرهو ٿي. ”وڍ سر، ٿيءُ سرهو، مَ
ڪين ڳاءِ مَ گهاءِ!“ ۽ پوءِ تند جي جهانءِ، ٻيجل
جو ڪات ۽ راجا جو ڪنڌ ٽريئي ملي هڪ ٿي ويا. ”ٽيئي
پرچيا پاڻ ۾، تند ڪٽارو، ڪنڌ.“ تڏهن گرنار
(جهوناڳڙهه) جو گل ڇڻي پيو ۽ روڄ راڙو پئجي ويو.
”ناريون ناڏ ڪرين، ته راجا رات رَمَ گيو.“
سنڌ ۾ هيءُ قصو، جنهن سور ۾ ڳايو ويو، اُن کي ”سُر
سورٺ“ سڏيو ويو، هن قصي جي حوالي سان چيل ڪافيون،
هن وقت تائين، سر ”سورٺ“ يعني ”سورٺ راڳڻي“ ۾
ڳايون وڃن ٿيون(81).
پهريون بيت: |
آءُ مٿاهون مڱڻا! چڙهي در دُئار،
توکي گهوٽ گهرائيو، خلوت لاءِ کنگهار،
”السلام عَلَيڪَ اَيُهَا النبي“ اي کلي
ڪيائين کينڪارَ،
سُئو ۾ سنسار، ته ملڪ ڏنائين مڱڻي(82). |
آخري بيت: |
ڪَني ڪَني ماڙهوئين، پيئي ڪَلَ ڪائي،
رسئا جي رمز کي، تن پارسي پائي،
”اَلانسَانُ سِري وَ اَنا سِرُهُ“ وَرَ تي
ايءَ وائي،
راجا، راڳائي، هر دوئي هيڪُ ٿئا(83). |
1977ع ۾ شايع ٿيل جلد پنجين ۾ 4 سُر، 22 داستان،
327 بيت، 21:7 وايون شامل آهن. ڪل شعر 348 ٿين ٿا.
412 صفحن تي مشتمل هن جلد جي پڄاڻي سُر سورٺ جي
شعرن جي ڀيٽ ۾ سمجهاڻي تي ٿئي ٿي.
جلد ڇهون:
رسالي جي مستند ۽ معياري متن جي هن ڇهين جلد ”شاهه
جو رسالو- شاهه جو ڪلام“ ۾ چار سُر شامل آهن.
”رپ“، ”پورب“، ”رامڪلي“ ۽ ”آسا“. رسالي جي سُرن جي
معياري ترتيب ڪهڙن اصولن تي قائم ڪجي؟ تنهن تي اڳ
۾ روشني وڌي ويئي آهي. انهن اصولن مطابق سرن جي
ترتيب اهڙي هجي، جو رسالي جي پڙهندڙ کي، شاهه جي
فڪر ۽ ان فڪر جي ارتقا جو سلسلو چٽائي ۽ سولائي
سان سمجهه ۾ اچي، ٻيو ته موضوع ۽ مقصد جي لحاظ سان
سُرن ۾ معنوي ربط قائم رهي. ٽيون ته ”شاهه جي راڳ“
جي ان رسم روايت کي پڻ مدنظر رکجي، جنهن موجب
وچئين دور جي ”راڳنامن رسالن“ ۾ سر ترتيب وار ڪري
رکيل آهن. هن جلد ۾ شامل چئني سرن تي مختصر روشني
۽ انهن جا مثالي ٻه ٻه بيت ڏيکارجن ٿا.
1- سُر رپ:
”رپ“ جي معنيٰ آهي- سخت، ڳرو، زوراور، يا سخت ۾
سخت زمين. هي سُر به معنوي لحاظ سان ڳرو، زورائتو
۽ سخت زمين وارو آهي. ڇاڪاڻ جو هن ۾ گوندر ۽ غم،
سور ۽ درد جو سمان سٽيل آهي. گوندر کي هٿ پير (جسم
يا مادي صورت) ناهي. اُن جي ڪا شڪل صورت ڪانهي.
درد ۽ فراق اندر واري حالت ۽ ڪيفيت آهي. جيڪا
پياري پرينءَ جي وڇوڙي ۽ فراق ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽
جنهن ۾ سُور سَلا ٻڌي اُڀرن ٿا ۽ وڌي وڻ ٿين ٿا.
”وڻ جئن وِره وڌن، شاخون ڪئو سرير ۾“. اندر ۾ محبت
جو مچ ٿو ٻري، جيڪو اُجهامي ئي ڪونه ٿو. ”جهوري
جهڄڻ جهانءِ، ماٺ نه اچي مون هنيين“. درد ۽ فراق ۾
”نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکيين“. پرين کان پري
هنيون پيو ڳري، ايئن جئن کوهيءَ جا نار واريءَ
گاڏوئان پيا وهن.
رپ سر يا رپ راڳ کي ”رپ“ جي نالي سان ڇو سڏيو
ويو، ان بابت ڪا معلومات موجود نه آهي. جڏهن ”شاهه
جي راڳ“ تي تحقيق ڪئي ويئي، تڏهن معلوم ٿيو ته ”رپ
راڳ“ ڄڻ ”ڪلياڻ“ سان لاڳو آهي(84).
پهريون بيت: |
گوندر ڪئو غرق، ماءُ! منهنجو جِندڙو،
ڏکوين مَرڪُ، مٿي سڳر پنڌڙا(85). |
آخري بيت: |
ڍولُ مَ کڻي ٻانهڙي، پِرهه مَ کڻي پاندُ،
آءٌ پنهنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪي رانئيان(86). |
2- سُر پورب:
هي سُر سلوڪ جو آهي، يعني سالڪن ۽ سندن منزل مقصود
تي پهچڻ واري پنڌ جو سُر آهي. سالڪن کي اڳين موحد
هندو فقيرن جي تمثيل سان پوربي، ڪاپڙي، سامي،
سنياسي، جوڳي ۽ آديسي وغيره جي نالن سان ياد ڪيو
ويو آهي. جن جي منزل مقصود ”ناٿ“ آهي. جنهن کي ملڻ
لاءِ هو پورب پورين (وڃن) ٿا يا ”ناني“ ۽ هنگلاج
آهي، جتي پهچڻ لاءِ پنڌ ڪن ٿا. تمثيل ۾، پورب ڄڻ
آخري منزل ۽ دارالبقا آهي، جنهن ۾ اَبدي زندگي
ماڻڻ لاءِ سالڪ فقير هن جهان مان ڪشالا ڪري راهي
ٿين ٿا.
”شاهه جي راڳ“ جي روايت ۾ ”پورب“ هڪ خاص راڳ آهي،
جنهن ۾ سُر پورب ڳايو ويو. هندستاني راڳڻي ”پوروي“
الڳ آهي ۽ اُن جي ڳائڻ جو وقت ٽپهري آهي. ”شاهه جي
راڳ“ ۾ سُر ”پورب“ وهاڻيءَ راڳ ڳائبو هو(87).
پهريون بيت: |
پورب مارياس، ڪنہ در ڏيان دانهڙي،
متيون ڏيندي لوڪ کي، چري پاڻ ٿياس،
جَني نه جيهياس، مان لئه لڳو تن سين(88). |
آخري بيت: |
وِلهون ويلا، واءَ، جوڳين جهلئا جانَ ۾،
اَجهوري الله، ڪونهي ڪاپڙين جو(89). |
3- سُر رامڪلي:
سر ”رامڪلي“ به سر ”پورب“ وانگر سلوڪ جو سُر آهي.
يعني سالڪن ۽ سندن منزل مقصود تي پهچڻ واري پنڌ جو
سُر آهي. سر ”رامڪلي“ ۾ به سالڪن کي اڳين موحد
هندو فقيرن جي تمثيل سان جوڳي، سنياسي، سامي،
آديسي، ڪاپڙي جي نالن سان ياد ڪيو ويو آهي. معنوي
لحاظ سان سر ”رامڪلي“ وڌيڪ وسيع معنيٰ وارو سُر
آهي جو اُن ۾ سچن فقيرن جا وڌيڪ اهڃاڻ ڏنل آهن. سر
رامڪلي ۾ جوڳين، پوربين، سامين، سنياسين، آديسين،
ڪاپڙين، بابُن يا ويراڳين جا نالا جدا جدا فرقن جي
فردن طور آندل ناهن، پر اهي سڀ سالڪن فقيرن جا
متبادل نالا آهن.
”شاهه جي راڳ“ ۾ ”سر رامڪلي“ وهاڻيءَ رات ڳائجي
ٿو، جڏهن سُرن جو تجزيو ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته
سر ”رامڪلي“ ۾ سر ”هندستاني رامڪلي، پاڻ ۾ لڳن ٿا
۽ پڻ ”هندستاني ديسڪار“ سان ملندڙ آهن(90).
پهريون بيت: |
جوڳيئڙا جهانَ ۾، نوري ۽ ناري،
ٻَري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي اُن ري(91). |
آخري بيت: |
هي جي هُئا هِت، ته مٿن هوند حق ٿئو،
مڙهيئون مورت مِت، مان وسرئون ڪين لهان(92). |
4- سُر آسا:
سر ”آسا“ هڪ وڏو معنوي سُر آهي، جنهن ۾ مجاز ۽
حقيقت بابت ڳوڙها معنوي اشارا ڪم آندل آهن. هن سر
۾ ڪنهن روايتي پس منظر ۽ ماحول بدران، تصوف جي
رازن رمزن وارو فڪر سمايل آهي. جنهن ۾ صوفيانه فڪر
جي اُلٽن اشارن ۽ سالڪن جي سلوڪ وارين منزلن ۽
مرتبن جا اهڃاڻ ڏنل آهن. تصوف ۾ ”حقيقت“ ذات الاهي
آهي ۽ ”مجاز“ اُن جو جملي ظهور آهي. مجازي عشق مان
مراد آهي. ظاهري صورت سان عشق ۽ محبت. هن سُر ۾
اُن عشق ۽ محبت جا اهڃاڻ سمايل آهن.
”آسا راڳڻي“ سنڌ ۾ ڪنهن آڳاٽي وقت کان هلندڙ آهي ۽
اُن ۾ عوامي قصا ڳايا ويا. ”شاهه جي راڳ، ۾، راڳ
توڙي موضوع جي لحاظ سان سُر ”آسا“ جيئن ڳائجي ٿو
ته اهو هندستاني راڳ جي ”شُد آسا“ معلوم ٿئي
ٿو(93).
پهريون بيت: |
لُڇان ٿي لاحدَ ۾، هادي لهان نه حَد،
سپيريان جي سونهن جو، نڪو قد نه مَد،
هت سِڪ بي عدد، هُت پرين پرواهه ناهه
ڪا(94). |
آخري بيت: |
کَمُ کَمندن کٽيو، هارايو هوڙ هن،
چَکيو نه چوندن، هو جو ساءُ صبر جو(95). |
1995ع ۾ شايع ٿيل جلد ڇهين ۾ 4 سُر، 19 داستان،
483 بيت ۽ 26 وايون شامل آهن، اهڙي طرح ٽوٽل شعرن
جو تعداد 509 بيهي ٿو. 652 صفحن تي آڌاريل هن جلد
جو اختتام سُر آسا جي تفصيلي ڀيٽ ۽ سمجهاڻي تي ٿئي
ٿو.
جلد ستون:
”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“ (جلد ستون) جي
عنوان سان هي جلد ٽن سرن سُر ”مارئي“، سر ”سهڻي“ ۽
سر ”سارنگ“ جو احاطو ڪري ٿو. اهڙي طرح بحث هيٺ آيل
ستن جلدن ۾، شاهه جي پنهنجي حقيقي، اصلي ۽ مستند
ڪلام جو، سڄو سربستو صحيح رسالو 29 سرن ۾ مڪمل ٿئي
ٿو. جنهن کي وري ايندڙ جلد نمبر 9/8 (گڏيل) ۾ يڪي
سر ترتيب ڏيئي، ”مڪمل رسالي“ جي صورت ۾ رکيو
ويندو. هي جلد نمبر ستون، مهاڳ، مقدمي، ڀيٽ ۽
سمجهاڻين سميت تحقيقي مواد سان مالامال ۽ شاهڪار
جلد آهي. هيٺ ٽنهي سرن بابت مختصر ڄاڻ ۽ انهن سُرن
جا ٻه ٻه پهريان ۽ آخري بيت ڏيکارجن ٿا.
1- سُر مارئي:
سر ”مارئي“ جو پس منظر ”عمر مارئي“ جو قصو آهي.
جيڪو وطن جي حب ۽ محبت جو داستان آهي. مارئي جو
ڪردار انهي حب ۽ پيار جو علمبردار آهي. مارئي جي
وطن لاءِ سڪ ۽ اُتان ڪنهن اوٺي ۽ قاصد جو اچڻ ۽
خير جي خبر آڻڻ هن سر جو مرڪزي موضوع آهي. ”اوٺي!
ڳوٺي آڻيين، هُتي جو هِت هير.“
هن جلد ۾ شامل پهريان ٻه سُر جيتوڻيڪ ظاهري معنيٰ
۾ ”عمر ۽ مارئي“ ۽ ”سهڻي ۽ ميهار“ جي روايتي
ڳالهين سان تعلق رکن ٿا، مگر اعليٰ عرفان جي آئيني
۾ اُهي تخليق ڪائنات جي حقيقت جا مظهر آهن. جنهن
مطابق هر شيءِ پنهنجي اصليت ڏي موٽڻ واري آهي ۽
خلقيل روح پڻ پنهنجي خالق ڏانهن موٽڻ لاءِ مشتاق
آهن. انهي ازلي حقيقت مطابق مارئي پنهنجي اصلي وطن
ٿر ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي ۽ سهڻي درياء جي هن پار واري
رسمي زندگي بدران، هن پار جي دائمي بقا ۽ خوشيءَ
واري زندگي لاءِ، دنيا جو دهشت وارو درياء تري ٿي.
تصوف جي اعليٰ عرفاني فڪر ۾، سالڪ لاءِ فنا ۽ وصال
واريون اِهي آخري منزلون آهن.
”ماروئي راڳ“ شاهه صاحب کان گهڻو اڳ سنڌ ۾ هلندڙ
هو. هن پوئين ويجهي دور تائين ”ماروئي راڳڻي“ ۾
ڪافيون ڳائبيون هيون ۽ اها لئي ”ڀيروي“ سان ملندڙ
هئي. پر شاهه جي راڳ ۾ جيئن سر مارئي ڳائجي ٿو
اُهو ڀيروي ناهي، محسوس ائين ٿئي ٿو ته ”راڳ
مارئي“ ڄڻ هندستاني راڳ ”مانڍ“ سان ملندڙ آهي(96).
پهريون بيت: |
اَول نامُ الله، جو مڙنئون مٿاهون،
ڪئن ڪري قبوليان، عمر کي آئون،
رازق رضائون، مون مٿي تي مڃيون(97). |
آخري بيت: |
وَرئو ورق وصال جو، موڪل جُڙي مون،
”لَحماً طرياً و تَستَخَرِ جُون حِليَةِ
تَلِبسُونَها“تن ۾”تون هين تون“،
مَن منجهارا مون، آهي مارو ڄام ملير جو(98). |
2-سُر سهڻي:
سر ”سهڻي“ جو پس منظر ”سهڻي ۽ ميهار“ وارو داستان
آهي، جنهن ۾ مجازي محبت جا سڀ آثار نمايان آهن.
باوجود ان جي، محبت واري هي مام، مجازي عشق کان
اُلٽي آهي. هت سهڻي پاڻ عاشق آهي، ۽ جيتوڻيڪ ظاهر
۾ هڪ ميهار سندس محبوب آهي، پر سهڻي جي نينهن جو
ناتو ئي نرالو آهي. هي داستان انوکي عشق ۽ نرالي
نينهن جو داستان آهي. هت ”نينهن تِک نرالي“ آهي.
سهڻي ساهڙ ۾ ڪا صورت ڏٺي، جنهن جي ديدار لئي پئي
درياء تري ۽ حال کان بيحال ٿي. حقيقت ۾ هڪ اُن
صورت اِلاهي جي گهوري هئي، جيڪا ساهڙ ۾ ڏٺي
هئائين.
جيڪين ڏٺو مان، سو جي ڏٺو جيڏيين،
گهر وَرَن ئي سان، هوند گهڻن گهوري ڇڏيا.
شاهه جي اعليٰ عرفان ۾، سالڪ سهڻي جو عشق ”احديت“
واري مقام تي هو. ڪن سالڪن جي طريقي ۾ هن تلميح ۾
سمايل معنيٰ کي ”حقيقت محمدي“ سان به تعبير ڪري
سگهجي ٿو.
شاهه جي راڳ بابت ڪيل تحقيق مان ائين معلوم ٿئي ٿو
ته هندستاني راڳ ”تِلڪ ڪامود“ شاهه جي راڳ سهڻي
سان وڌيڪ مشابهه آهي. سنڌ ۾ ”سهڻي راڳڻي“ جنهن ۾
ڪافيون ڳايون وڃن ٿيون، سا ”ڀيروي“ ۽ ”جهنگلي“ سان
ملندڙ آهي(99).
پهريون بيت: |
وَه تِک، واهُڙ تِک، نيہ تِک نرالي،
جن کي عشق عميق جو، سي خُلت خيالي،
واريين سي والي! هينئڙو جني هٿ ڪِئو(100). |
آخري بيت: |
جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين،
تِهان پري سڄن، واڌايون وصال جيون(101) |
3- سُر سارنگ:
سر ”سارنگ“ ۾ سانوڻ جي مندائتي مينهن جو مانڊاڻ
منڊيل آهي. مينهن جي پالوٽ سان اُڃايلن جي اُڃ لهي
ٿي، مال سکيو ٿئي ٿو ۽ سانگي سُرها ٿين ٿا. پرديس
ويل پورهيت وطن ورن ٿا ۽ وڇڙيلن جا ميلا ٿين ٿا.
مينهن اِلاهي رحمت آهي ۽ ان حوالي سان هن سُر ۾
سنڌ جي سُڪار ۽ سڄي جهانَ جي سک ۽ آبادي لاءِ دعا
گهريل آهي. ان مرڪزي موضوع سان گڏ سارنگ جي رنگن
سُرنگن، اُتران اُٿندڙ ڪڪرن جي ڪوٽن ڪنگرن، ۽
کنوڻين وڄڙي جي کيلن وارو ماحول ۽ مانڊاڻ ۽ سانوڻ
جي فضا ۾ سوڀياوان سانگياڻين جي حُسن ۽ جمال جا
اهڃاڻ شاهه صاحب جي شاعرانه اعجاز جا نهايت ئي من
موهيندڙ مثال آهن.
سنڌ جو ”سارنگ راڳ“ گهڻو آڳاٽو آهي. اصلي رسم
روايت موجب، ”سنڌي سارنگ“ سانوڻ جي مينهن جو راڳ
آهي. تحقيق مان ائين معلوم ٿيو ته ڄڻ هندوستاني
راڳ ”ميگهه“ ۾ ”ڌيوت“ جو سر لڳايل آهي. شاهه جي
”راڳ سارنگ“ ۽ ”بُندرا بني سارنگ“ جي ڀيٽ ڪندي اهو
فرق نظر اچي ٿو ته ”بُندرا بني سارنگ“ ۾ ٻئي نکاد
(ڪومل ۽ تيور“ لڳن ٿا پر شاهه جي ”راڳ سارنگ“ ۾ هڪ
نکاد لڳي ٿو(102).
پهريون بيت: |
لڳہ پس لطيف چئي، آگم ڪئا الله،
پلر جي پالوٽ سين، پٽن جهلئا پاه،
واحد وڏائي ڪئا، مٿي گسن گاه،
سانگين وريا ساه، اُٺن آب آ گوندرو(103). |
آخري بيت: |
سائين! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين(104). |
1998ع ۾ شايع ٿيل جلد ستين ۾ 3 سر، 27 داستان، 524
بيت ۽ 31 وايون شامل آهن. ڪل شعرن جو تعداد 555
ٿئي ٿو. 708 صفحن تي آڌاريل هن جلد جي پڄاڻي مواد
جي ”صحت نامي“ تي ٿئي ٿي.
جلد 9/8 (گڏيل):
جلد نمبر 9/8 (گڏيل) شاهه عبداللطيف جي پنهنجي
اصلي ۽ نج ڪلام تي مشتمل، سڄو، سربستو ۽ صحيح
رسالو آهي. ”شاهه جو رسالو“ جي عنوان سان، هن جلد
کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب زندگي جي 32 سالن جي تحقيق،
پنجاهن قلمي ۽ 16 ڇاپي نسخن جي مطالعي ۽ ڀيٽ سان
مرتب ڪري، صحيح صورت ۾ آڻي بيهاريو آهي.
هن جلد ۾ شامل ڪلام بابت ڪوبه اختلاف ناهي. هن ۾
ٻئي ڪنهن به شاعر، سالڪ يا سگهڙ جو ڪلام گڏيل نه
آهي. شاهه جي هن اصلي نِج ۽ حقيقي ڪلام کي، علمي
تحقيق ۽ تنقيد جي معيارن تي پرکي ”شاهه جي رسالي“
۾ شامل ٻئي ڪلام کان جدا ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر بلوچ
صاحب پاڻ هن جلد جي مهاڳ ۾ لکن ٿا ته: ”شاهه جي
حياتي ۾ توڙي پوءِ جڏهن کان فقيرن رسالا لکيا،
تڏهن کان وٺي شاهه جو پنهنجو ڪلام، توڙي ڪِن ٻين
سالڪن ۽ شاعرن جو ڪلام گڏي لکيائون. اهوئي سبب آهي
جو سڀني قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾، جيڪي اسان تائين
پهتا آهن، شاهه صاحب جي پنهنجن بيتن ۽ واين سان گڏ
ٻين عارفن، سالڪن ۽ سگهڙن جو ڪلام پڻ شامل آهي.
شاهه جي رسالي جي جامع ۽ مستند متن تيار ڪرڻ واري
رٿا هيٺ، اهو ضروري سمجهيو ويو ته شاهه جي رسالن ۾
شامل شاهه جي پنهنجي اصلي ڪلام ۽ ٻئي ڪلام کي صحيح
طور سمجهجي ۽ ٻنهي کي جُدا ڪجي. ان مقصد خاطر
گذريل 32سالن (1999ع-1966ع) تائين مطالعي ۽ تحقيق
جو سلسلو جاري رهيو. جنهن ۾ نه صرف سڀ ڇاپي رسالا
هٿ ڪيا ويا، پر قلمي رسالن کي به سنڌ توڙي سنڌ کان
ٻاهر جي ڪتب خانن مان ڳولي هٿ ڪرڻ لاءِ وڏا ڪشالا
ڪيا ويا. بالآخر پنجاهن قلمي ۽ 16 ڇاپي رسالن کي
سامهون رکي، انهن ۾ شامل جملي ڪلام کي صحيح صورت ۾
قلمبند ڪري ڀيٽيو ويو ۽ تحقيق ۽ تنقيد جي اعليٰ
معيارن جي پرک سان، شاهه جي پنهنجي اصلي ۽ نِج
ڪلام کي رسالي جي ٻئي ڪلام کان جدا ڪيو ويو.
موجوده تحقيقي رٿا هيٺ، شروع کان وٺي اهو اصول
سامهون رکيو ويو ته شاهه جي پنهنجي اصلي ڪلام سان
ٻيو ڪلام، جيڪو شاهه جي وقت کان وٺي رسالن ۾ شامل
ٿيو آهي، سو به سنڌي ٻولي، شعر ۽ ادب جو انتهائي
قيمتي سرمايو آهي. اُن کان ڪڍي ڇڏڻو نه آهي. پر
وڏي احتياط سان، صحيح صورت ۾ شايع ڪرڻو آهي. انهي
ڪري موجوده رٿا هيٺ ”شاهه جي رسالي“ ۾ شامل، ”شاهه
جي پنهنجي اصلي ڪلام“ توڙي ٻئي ”رسالي جي ڪلام“ کي
پوري تحقيق سان صحيح صورت ۾ شايع ڪيو ويو
آهي(105).“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جا سهيڙي، ترتيب ڏنل
ڏهه ئي جلد ان سلسلي جي ڪڙي آهن. مجوزه جلد نمبر
9/8 (گڏيل) شاهه جي پنهنجي اصلي ۽ نِج ڪلام تي
مشتمل آهي. جنهن ۾ 29 سُر، 159 داستان، 3112 بيت،
۽ 208 وايون شامل آهن. اهڙي طرح هن جلد 9/8 (گڏيل)
۾ شاهه صاحب جي ڪل ڪلام جو تعداد 3320 ٿئي ٿو.
شاهه جي پنهنجي حقيقي، اصلي ۽ نِج ڪلام تي مشتمل
هن جلد ۽ سرن جي ترتيب ۽ وچور هن ريت آهي:
سُر نمبر |
سُر جو نالو |
ٽوٽل
داستان |
ٽوٽل
بيت |
ٽوٽل
وايون |
ڪل شعر |
1.
|
سُر ڪلياڻ |
5 |
147 |
6 |
153 |
2.
|
سُر يمن |
6 |
161 |
7 |
168 |
3.
|
سُر کنڀات |
5 |
96 |
8 |
104 |
4.
|
سُر بروو |
4 |
79 |
6 |
85 |
5.
|
سُر سريراڳ |
4 |
84 |
7 |
91 |
6.
|
سُر سامونڊي |
4 |
128 |
6 |
134 |
7.
|
سُر گهاتو |
2 |
25 |
2 |
27 |
8.
|
سُر کاهوڙي |
3 |
59 |
4 |
63 |
9.
|
سُر ڪاپائتي |
2 |
41 |
2 |
43 |
10.
|
سُر بلاوَل |
3 |
55 |
4 |
59 |
11.
|
سُر پرڀاتي |
2 |
46 |
4 |
50 |
12.
|
سُر ڪارايل |
3 |
56 |
5 |
61 |
13.
|
سُر ڏهر |
5 |
109 |
4 |
113 |
14.
|
سُر آبري |
11 |
170 |
20 |
190 |
15.
|
سُر معذور |
7 |
115 |
9 |
124 |
16.
|
سُر ديسي |
7 |
118 |
10 |
128 |
17.
|
سُر ڪوهياري |
6 |
76 |
9 |
85 |
18.
|
سُر حسيني |
12 |
213 |
17 |
230 |
19.
|
سُر راڻو |
10 |
157 |
10 |
167 |
20. |
سُر ليلان |
4 |
64 |
4 |
68 |
21.
|
سُر ڪاموڏ |
4 |
53 |
3 |
56 |
22. |
سُر سورٺ |
4 |
53 |
4 |
57 |
23. |
سُر رپ |
3 |
88 |
3 |
91 |
24. |
سُر پورب |
2 |
34 |
5 |
39 |
25.
|
سُر رامڪلي |
7 |
199 |
9 |
208 |
26. |
سُر آسا |
7 |
162 |
9 |
171 |
27. |
سُر مارئي |
11 |
241 |
13 |
254 |
28. |
سُر سهڻي |
12 |
208 |
14 |
222 |
29. |
سُر سارنگ |
4 |
75 |
4 |
79 |
جوڙ |
29 سُر |
159 |
3112 |
208 |
3320 (106). |
اهڙي طرح شاهه جي رسالي سان منسوب، مشهور 36 سرن
مان جيڪي سر يا داستان هن جلد ۾ شامل ناهن ڪيا
ويا. انهن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) ڪيڏارو، (2) ڌناسري، (3) شينهن ڪيڏارو، (4)
هير، (5) بيراڳ هندي، (6) ڍول ماروئي ۽ (7) بسنت.
انهن کان علاوه ٽيهه اکري سسئي، ٽيهه اکري رامڪلي،
ٽيهه ڏينهن رامڪلي، داستان فارسي، مت، بروو سنڌي
ڇوٽڪو ۽ تمر فقير جو ڪلام به شاهه جي اصلي، حقيقي
۽ نِج رسالي کان ٻاهر جو ڪلام سمجهي، انهن کي ٻئي
جلد ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
۽ اهڙي طرح دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعر حضرت سيد شاهه
عبداللطيف ڀٽائي قدس سره () جو ڪلام، انسانيت جي
دلين ۾ ”همہ اوست“ يا ”وحدت الوجود“ جي فڪر جو
سمونڊ اوتي، خشڪ دلين کي سيراب ڪري ٿو وڃي.
سو ساهڙُ، سو سهڻي، سائِر پڻ سوئي،
آهي نِجوئي، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي(107).
1999ع ۾ شايع ٿيل جلد 9/8 ۾، 29 سر، 159 داستان،
3112 بيت ۽ 208 وايون شامل آهن. ڪل شعرن جو تعداد
3320 آهي. 564 صفحن تي آڌاريل هن جلد جي پُڄاڻي،
سر ”سارنگ“ جي متن ۽ معنيٰ تي ٿئي ٿي.
جلد ڏهون:
جلد ڏهين کي ”شاهه جو رسالو- رسالي جو ڪلام“ جي
عنوان سان ترتيب ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ ”سر ڪلياڻ“
کان وٺي سر ”بسنت“ تائين، اهو سمورو ڪلام موجود
آهي، جنهن کي شاهه جو پنهنجو اصلي ڪلام نٿو سمجهيو
وڃي. شاهه جي مختلف قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۽ موجود
مشهور 36 سرن مان، 7 سُر مڪمل جدا ڪري، هن جلد ۾
رکيا ويا آهن. جهڙوڪ: 1. سُر ڪيڏارو، 2. سُر
ڌناسري، 3. سُر شينهن ڪيڏارو، 4. سُر مانجهه/هير،
5. سُر بيراڳ هندي، 6. سُر ڍول ماروئي ۽ 7. سُر
بسنت. انهن کان علاوه
ٽيهه
اکري سسئي،
ٽيهه
اکري رامڪلي،
ٽيهه
ڏينهن رامڪلي، داستان فارسي، مت جا بيت، بروو سنڌي
ڇوٽڪو ۽ تمر فقير جو ڪلام، جيڪو شاهه جي رسالن ۾
شامل ٿي ويو، سو پڻ جدا ڪري هن جلد ۾ شامل ڪيو ويو
آهي. هتي انهن شاعرن جا نالا پيش ڪجن ٿا، جن جو
ڪلام پڻ شاهه جي مختلف رسالن ۾ شامل ٿيو، پر پوءِ
عالمانه تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ کان پوءِ، انهن کي پرکي،
پروڙي جدا ڪيو ويو. (1) احسان، (2) احمد، (3)
اسحاق آهنگر، (4) اشرف، (5) ايوب، (6) بلال، (7)
بِلند، (8) تلسي، (9) تماچي، (10) تمر، (11)
جَبير، (12) جوڻيجو، (13) حاجي محمد سمو، (14)
حافظ پنيو، (15) حبيب، (16) حڪيم، (17) خاڪو، (18)
خواجه محمد زمان لُنواري وارو، (19) دادو، (20)
ڏتو، (21) راضي شاهه، (22) راوَل، (23) رنگريز،
(24) روحل، (25) زبير، (26) سائينداد، (27)
سليمان، (28) سمن، (29) سيد عبداللطيف قادري، (30)
شاهه حبيب، (31) شاهه حسين، (32) شاهه عنات، (33)
شاهه ڪريم، (34) شاهه لطف الله قادري، (35) صادق،
(36) صمد، (37) شرفا، (38) صالح، (39) طالب، (40)
طيب، (41) عبدالله، (42) عزيز، (43) عطا، (44)
عمر، (45) عيسو، (46) ڦُل ڪوراڙ، (47) قاسم، (48)
قاضي قادن، (49) قطب، (50) قيصر، (51) ڪالُو، (52)
ڪاهُو، (53) ڪبير، (54) کٽي، (55) گرهوڙي صاحب،
(56) گُلو، (57) لاکو، (58) محمود، (59) لطف الله،
(60) لکمير، (61) لوريڙ، (62) مائي گنگا وساڻ،
(63) محمود، (64) مخدوم نوحؒ، (65) ميمڻ، (66)
ميون، (67) نانڪ، (68) نورنگ، (69) وڏل شاهه ۽
(70) هِلال وغيره(108).
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب هن جلد جي مقدمي ۾
لکي ٿو ته: تحقيق ۽ تنقيد جي اعليٰ معيارن جي پرک
سان، وڏي سوچ ويچار بعد ”شاهه جي ڪلام“ ۽ ”رسالي
جي ڪلام“ کي جدا ڪيو ويو آهي. انهن معيارن مطابق
جيئن ”شاهه جو ڪلام“ صاف، صحيح، نِج ۽ اصلي متن
سان جلد نمبر 9/8 ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي، تيئن هن
جلد (ڏهين) ۾ پڻ ”رسالي جي ڪلام“ کي صحيح صورت ۾
رکيو ويو آهي.
موجوده ڄاڻ ۽ مسلسل تحقيق مطابق، شاهه جي رسالي جي
جامع مستند متن جون، اهي ٻه جدا پر مڪمل ۽ صاف
صحيح صورتون آهن. يعني ”شاهه جو ڪلام“ ۽ ”رسالي جو
ڪلام“ جيڪڏهن آئينده ڪي ٻيا وڌيڪ معتبر قلمي رسالا
دستياب ٿيا ته انهن جي روشني ۾ انهن ٻنهي صورتن کي
اڃا به وڌيڪ پرکي ضروري ترميم ڪئي ويندي. پر
جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ پنهنجي ذوق ۽ ذهن مطابق ”رسالي
جو ڪلام“ ۾ شامل ڪنهن سر، داستان، بيت يا وائي کي
”شاهه جو ڪلام“ ڪري سمجهي يا ”شاهه جو ڪلام“ ۾
شامل ڪنهن سر، داستان، بيت يا وائي ”رسالي جو
ڪلام“ ڪري سمجهي ته هو اختيار وارو اهي(109).
هيءُ ”رسالي جو ڪلام“ وڏي محنت سان ڀيٽيو ۽ ترتيب
ڏنو ويو آهي. متن ۾ رکيل هر بيت ۽ وائي بابت،
پويان پرکا واري وضاحت ڪئي ويئي اهي ته اهو بيت
(يا وائي) ڪنهن جو آهي؟ ۽ ”شاهه جي ڪلام“ جي معيار
مطابق آهي يا نه آهي؟ هن ”رسالي جي ڪلام“ مان فقط
هڪ بيت جي معياري پرک هتي پيش ڪجي ٿي: سر رامڪلي،
داستان 4، بيت نمبر8.
پڇن پرڏيهين جو، آسڻ وٽ آهين،
لگن جي لاهين، ته هُني تان حق لهي(110).“
هي بيت جدا جدا رسالن ۾ هيٺين پڙهڻين سان آندل
آهي، جيڪو غور طلب آهي:
مد= |
پڇڻ پرڏيهين جو، آسن وٽ آهين،
لنگهن جي لاهين ته هن تان حق لهي. |
مص= |
پڇن پرڏيهين، آسڻ وٽ آهين،
لکن جي لاهين ته هن تان حق لهي وڃي. |
نص هه پ ح ع د س ق ٿ= |
پڇن پرڏيهين جو آسن وٽ آهي،
لکن جي لاهي ته هُني تان حق لهي. |
ظ ٽ خ فق ڀل ج ک ت-2 و ر= |
پڇڻ پرڏيهين جو آسن وٽ آهي،
لنگڻ جي لاهي ته هن کان حق لهي. |
نپ لد ڪ= |
پڇڻ پرڏيهين جو آسڻ تي آهي،
لنگهڻ جي لاهي ته هن تان هُند حق لهي. |
ب= |
پڇڻ پرڏيهين جو آسڻ وٽ آهي،
لڳن جي لاهي ته هُني تان حق لهي. |
ي= |
پڇن پرڏيهين جو آسڻ وٽ آهي،
لکن جي لاهي ته هُني تان حق لهي. |
حس= |
پڇن پرڏيهن جو آسڻ وٽ آهي،
لنکڻ جي لاهي ته هن تان هُند حق لهي. |
غ= |
پڇڻ پرڏيهن جو آسڻ وٽ آهي،
لنگهڻ جي لاهي ته هن تان هوند لک ٿئي. |
ط= |
پڇڻ پرڏيهين جو آسڻ تي آهي،
لڳن جي لاهي ته هن تان هوند حق لهي. |
ط (ٻي پڙهڻي)
= |
پسڻ پرڏيهين جو آسڻ جو آهي،
لکن جي لاهي تهن کي هُند حق ٿيي. |
ظف= |
پڇڻ پرڏيهين جو آسڻ تي آهي،
لکن جو لاهي ته هند مٿائين حق لهي. |
ص ل= |
پڇڻ پرڏيهين جو آسڻ تي آهي،
لکن جو لاهي ته هن تان هند حق لهي. |
ٺ-1 ٺ-2 ٺٽ= |
پڇڻ پرڏيهين جو آسڻ تي آهي،
لکن جي لاهي ته هُن تان حق لهي. |
سٽ= |
پڇڻ پرڏيهين جو آسڻ تي آهي،
لکن جي لاهي ته هوند مٿان حق لهي. |
هي بيت اوائلي توڙي وچولي دور جي گهڻن سڀني رسالن
۾ موجود آهي. جنهن مان ظاهر آهي ته آڳاٽو چيو ويو.
ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن شاهه صاحب جي آڏو پڙهيو هجي.
جيئن ڪاتبن هي بيت جدا جدا پڙهڻين سان لکيو آهي،
تيئن معنيٰ ۾ مبهم آهي. جيستائين لفظن کي سمجهڻ جو
تعلق آهي ته امڪاني پڙهڻي اهائي ٿي سگهي ٿي، جيڪا
رکي ويئي آهي، ان جا لفظ صاف آهن، پر ڪهڙي معنيٰ؟
ڪهڙو مقصد؟ ڪير پڇن؟ پرڏيهي ڪهڙا؟ ڪهڙو لگن لاهين؟
ڪنهن تان حق لهي؟ ۽ ڪهڙو حق لهي؟ هي بيت ڪنهن ڏاهي
چيو، تنهن معنيٰ ۽ مقصد کان بي خبر ٿي چيو(111).
شاهه جي مستند، صحيح، نِج ۽ اصلي 29 سرن کان علاوه
باقي جدا ڪيل سُرن ۽ داستانن مان فقط هڪ هڪ شعر
هتي مطالعي خاطر پيش ڪجي ٿو:
1- سر ڪيڏارو: |
ڏٺو محرم ماه، سو نڪو شهزادن ٿئو،
ڄاڻي هيڪ الله، پاڻ وڻنديون جو ڪري(112). |
2- سر ڌناسري |
تون پيرن جو پاتشاه، تون پيرن جو ڀرم،
الله لڳ احسان سين، ڪين نهارج نرم…(113). |
3- سر شينهن ڪيڏارو: |
مٿي جنہ مدار، کاند تنہ جو تڪيو،
پاڻ اونچو، عادت نيچي، ايءُ سينهان
پروار…(114). |
4- سر هير: |
رانجهن والا زهر پيالا، ڳجهڙي آيم ڀاڄي،
ماء پيو ڪنون چوري پيتم، ڪيتم روح
راضي…(115). |
5- سر بيراڳ: |
پک نهين، پاور نهين، پهچ نهين، پي دور،
اُڏر نه سڪان سکيان، مران سور بسور(116). |
6- سر ڍول ماروئي: |
اُٿر واء کوندي، پهلي موسم ميہ،
ٻالاپڻ رونيہ، والا جم وساريين(117). |
7- سُر بسنت: |
آئي رت بسنت ڪي، کڙئا کٽڻهار،
اُٿي ڳوري ويس ڪر، آئي بسنت بهار(118). |
8-
ٽيهه
اکري سسئي: |
الف اکر هيڪڙو، سسئي ڪئو صحي،
هلي هوت پنوه
ڏي، ڪانن منجهه ڪهي…(119). |
9-
ٽيهه
اکري رامڪلي: |
الف اکرُ من ۾، ڪئو ڪاپڙين،
سي حرف ڌاران هيڪڙي، ٻئو ڪين ٻُجهن…(120). |
10- ٽيهه ڏينهن رامڪلي: |
ڪيم ڪاپڙين جي، پهري ڏينہ پرور،
سگها ساعت نه هيڪڙي، چارئي پهر چور…(121). |
11- داستان فارسي: |
تو خداوند يميني، تو خداوند يساري،
تو خداوند زميني، تو خداوند سمائي…(122). |
12- مَتَ جا بيت: |
واکاڻيون واحد رب عظيم،
ڪر ٻانها! کي حمد حڪيم…(123). |
13- بروو سنڌي ڇوٽڪو: |
اَڪ آمو نه ٿئي، توري ڦُٽي ڪري ڦر،
ڪلر منجهان ئي ڪين ٿئي، توڙي جال پيارينس
جَر…(124). |
14- تمر فقير جو ڪلام: |
پريندهين پنڌ ٿي، جتن ڪارڻ جوءِ،
واڪا ڪئو وڻن ۾، ريهون ڪئو روءِ…(125). |
شاهه جا رسالا 18 سُرن (126) کان وٺي 24- 25- 26-
27- 28- 29- 30- 31- 32- 33- 34- 35- 36- 40- 41،
بلڪه 42 سرن تائين به لکيا ويا(127). ميين محمد ۽
ميين حسين واري دستخط نسخي ۾ 36 سُرن کان علاوه 37
سُر بره“ 38 ”سر گجري“ 39 ”سر سُڀراج“ 40 ”سر
ڪانرو“ 41 ”سر گنوري“ به شامل ڪيا ويا، بلڪ هڪ
نسخي ۾ ميين حسين، جنهن کي راڳ ۾ مهارت حاصل هئي،
تنهن اڳين رسالن جي برعڪس، ڇٽيهن سرن مان وڌائي 42
(ٻائيتاليهه) سر به ڪيا ۽ پڻ انهن هيٺ نئون مواد
داخل ڪيو(128).
ان ڪري محققن ضروري ڄاتو ته ”شاهه جي ڪلام“ جي
نالي ۾ ڌاريي ڪلام جي سيلاب کي روڪڻ لاءِ ضروري
اپاءَ ورتا وڃن. ان ڪوشش جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ قلمي توڙي ڇاپي نسخن کي ڀيٽي 32 سالن جي
جدوجهد ۽ تحقيق جي آڌار تي سڄو، سربستو، صحيح،
اصلي ۽ نِج ”شاهه جو رسالو“ مرتب ڪيو ۽ باقي ڪلام
کي ڏاڍي احتياط سان الڳ ڪري، هن ذڪر هيٺ آيل جلد
نمبر 10هين ۾ شايع ڪرايو.
جلد ڏهين جو آخري وڏو حصو رسالي جي ڪلام، جي
معياري پرک ۽ سمجهاڻي تي محيط آهي. جنهن کي پڙهي
پڙهندڙ ازخود فيصلو ڪري سگهن ٿا ته ڪهڙو ڪلام
واقعي ئي شاهه جو آهي يا ڪهڙو ڪلام واقعي ئي شاهه
جو ڪونهي. شاهه جي پنهنجي حقيقي، اصلي ۽ نِج ڪلام
بابت فيصلو ٿي وڃڻ باوجود (ڏهن تحقيقي جلدن جي
موجودگي ۾ به) لطيف جي چاهيندڙن، سگهڙن ۽ فقيرن جي
چاهه ۽ دستگيريءَ جو سلسلو جاري آهي. نتيجو ايندڙ
شاهه جي رسالن کي ڏسي، ٿڌي ساهه کڻڻ کان سواءِ ٻيو
ڪجهه به ڪونهي.
1996ع ۾ شايع ٿيل جلد ڏهين ۾ 7 مڪمل ۽ 29 اڌورا سر
شامل آهن. جن ۾ ڪل شعرن جو تعداد 2638 بيهي ٿو.
960 صفحن تي آڌاريل هن جلد جي پڄاڻي ”سر بسنت“ جي
معياري پرک ۽ سمجهاڻي تي ٿئي ٿي.
اهڙي طرح سنڌ جي مثالي عالم، لوڪ ادب جي پارکو،
عظيم تاريخدان ۽ لطيف شناس، ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ (مرحوم) ”شاهه جو رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت“
واري منصوبي هيٺ، سمورا دستياب قلمي توڙي ڇاپي
نسخا ڀيٽي، مذڪوره ڏهه جلد لکي، انهن کي شايع
ڪرايو، جيڪي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي فڪري ۽ عالمانه
تحقيق جا عظيم شاهڪار آهن.
حوالا
(1)
پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين، انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيانا (جلد پهريون) ڇپائيندڙ: سنڌي لينگئيج
اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون سال 2009ع، ص
473
(2)
استاد لغاري، سه ماهي مهراڻ (مقالو): ”شاهه جي
رسالي جي مختصر تاريخ“ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو نمبر 1-2/2011ع، ص 106
(3)
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان: ”شاهه جو رسالو- شاهه جو
ڪلام“ (جلد پهريون) ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف
ثقافتي مرڪز ڪاميٽي ڀٽ شاهه (ڇاپو پهريون)، سال
1989ع، عنوان جي فهرست ”ز“
(4)
استاد لغاري ”شاهه دا رسالا“ ڇپائيندڙ: مهراڻ
اڪيڊمي (ڇاپو پهريون)، سال 2010ع، مقدمو، ص 7
(5)
ڏسو حوالو3، مقدمو، ص 196
(6)
ڏسو حوالو 3، متن، ص 47
(7)
ايضاً، متن، ص 63
(8)
ايضاً، متن، ص 215
(9)
ايضاً، متن، ص 63
(10)
ايضاً، متن، ص 79
(11)
ايضاً، متن ص 157
(12)
ايضاً، مقدمو، ص 157
(13)
ايضاً، متن، ص 15
(14)
ايضاً، ڀيٽ ۽ سمجهاڻي، ص 206
(15)
ايضاً، ضميمو، ص 603
(16)
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”شاهه جو رسالو- شاهه جو
ڪلام“ (جلد ٻيو) ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف ڀٽ ساهه
ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه حيدرآباد سنڌ، (ڇاپو پهريون)،
سال 1992ع
(17)
ڏسو حوالو 16، مقدمو، ص 2
(18)
ايضاً، متن، ص 37
(19)
ايضاً، مقدمو، ص 59
(20)
ايضاً، مقدمو، ص 11
(21)
ايضاً، متن، ص 60
(22)
ايضاً، متن، ص 80
(23)
ايضاً، مقدمو، ص 19
(24)
ايضاً، متن، ص 81
(25)
ايضاً، متن، ص 105
(26)
ايضاً، مقدمو، ص 26
(27)
ايضاً، مقدمو، ص 29
(28)
ايضاً، متن، ص 107
(29)
ايضاً، متن، ص 133
(30)
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”شاهه جو رسالو- شاهه جو
ڪلام“ (جلد ٽيون) ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه/حيدرآباد، (ڇاپو پهريون)
سال 1994ع، مقدمو، ص 6
(31)
ڏسو حوالو 30، مقدمو، ص 13
(32)
ايضاً، مقدمو، ص 7
(33)
ايضاً، متن، ص 65
(34)
ايضاً، متن، ص 70
(35)
ايضاً، مقدمو، ص 15
(36)
ايضاً، مقدمو، ص 16
(37)
ايضاً، متن، ص 71
(38)
ايضاً، متن، ص 84
(39)
ايضاً، مقدمو، ص 23
(40)
ايضاً، متن، ص 86
(41)
ايضاً، متن، ص 95
(42)
ايضاً، مقدمو، ص 28
(43)
ايضاً، متن، ص 96
(44)
ايضاً، متن، ص 111
(45)
ايضاً، مقدمو، ص 35
(46)
ايضاً، متن، ص 113
(47)
ايضاً، متن، ص 124
(48)
ايضاً، مقدمو، ص 43
(49)
ايضاً، متن، ص 125
(50)
ايضاً، متن، ص 138
(51)
ايضاً، مقدمو، ص 51
(52)
ايضاً، متن، ص 140
(53)
ايضاً، متن، ص 163
(54)
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”شاهه جو رسالو- شاهه جو
ڪلام“ (جلد چوٿون) ڇپائيندڙ:
علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد
سنڌ،
)ڇاپو
پهريون(
سال 1997ع فهرست ۾
(55)
ڏسو حوالو 54، متن، ص 180
(56)
ايضاً، مقدمو، ص 4
(57)
ايضاً، مقدمو، ص 4
(58)
ايضاً، متن، ص 53
(59)
ايضاً، متن، ص 95
(60)
ايضاً، مقدمو، ص 8
(61)
ايضاً، متن، ص 97
(62)
ايضاً، متن، ص 121
(63)
ايضاً، مقدمو، ص 11
(64)
ايضاً، متن، ص 123
(65)
ايضاً، متن، ص 152
(66)
ايضاً، مقدمو، ص 15
(67)
ايضاً، متن، ص 154
(68)
ايضاً، متن، ص 172
(69)
ايضاً، مقدمو، ص 16
(70)
ايضاً، متن، ص 174
(71)
ايضاً، متن، ص 219
(72)
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان-
”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“ (جلد پنجون)
ڇپائيندڙ: علامه قاضي رسالو-
تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد سنڌ،
)ڇاپو
پهريون(
سال 1997ع، مقدمو، ص 6
(73)
ڏسو حوالو 72، متن، ص 47
(74)
ايضاً، متن، ص 81
(75)
ايضاً، مقدمو، ص 20
(76)
ايضاً، متن، ص 83
(77)
ايضاً، متن، ص 95
(78)
ايضاً، مقدمو، ص 29
(79)
ايضاً، متن، ص 97
(80)
ايضاً، متن، ص 108
(81)
ايضاً، مقدمو، ص 36
(82)
ايضاً، متن، ص 109
(83)
ايضاً، متن، ص 121
(84)
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان-
”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“ (جلد ڇهون)
ڇپائيندڙ: علامه قاضي رسالو- تحقيقي رٿا ۽ اشاعت
حيدرآباد سنڌ،
)ڇاپو
پهريون(
سال 1995ع، مقدمو، ص 2
(85)
ڏسو حوالو 84، متن، ص 3
(86)
ايضاً، متن، ص 19
(87)
ايضاً، مقدمو، ص 7
(88)
ايضاً، متن، ص 20
(89)
ايضاً، متن، ص 28
(90)
ايضاً، مقدمو، ص 12
(91)
ايضاً، متن، ص 29
(92)
ايضاً، متن، ص 72
(93)
ايضاً، مقدمو، ص 44
(94)
ايضاً، متن، ص 73
(95)
ايضاً، متن، ص 105
(96)
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان-
”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام) (جلد ستون)
ڇپائيندڙ: علامه قاضي- رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت
حيدرآباد سنڌ،
)ڇاپو
پهريون(
سال 1998ع، مقدمو، ص 18
(97)
ڏسو حوالو 96، متن، ص 3
(98)
ايضاً، متن، ص 58
(99)
ايضاً، مقدمو، ص 26
(100)
ايضاً، متن، ص 60
(101)
ايضاً، متن، ص 108
(102)
ايضاً، مقدمو، ص 42
(103)
ايضاً، متن، ص 110
(104)
ايضاً، متن، ص 126
(105)
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان-
”شاهه جو رسالو“ (جلد 9/8) ڇپائيندڙ: علامه قاضي
رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد سنڌ،
)ڇاپو
پهريون(
سال 1999ع، مهاڳ، ص 1
(106)
ڏسو حوالو 4 ”سُرن جو وچور“.
(107)
ڏسو حوالو نمبر 105، ص 535
(108)
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان-
”شاهه جو رسالو- رسالي جو ڪلام“ (جلد ڏهون)
ڇپائيندڙ: علامه قاضي رسالو-
تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد سنڌ،
)ڇاپو
پهريون(
سال 1996ع، مقدمو، ص 53
(109)
ڏسو حوالو نمبر 108، مقدمو، ص 72
(110)
ايضاً، متن، ص 133
(111)
ايضاً، پرک ۽ سمجهاڻي، ص 650
(112)
ايضاً، متن، ص 188
(113)
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان (نگران) ”شاهه جو رسالو“
(بمبئي ڇاپي 1867ع واري نسخي جو عڪس) ڇپائيندڙ:
اوقاف کاتو حڪومت سنڌ ۽ علامه قاضي رسالو تحقيقي
رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد سنڌ، پهريون عڪسي ڇاپو، سال
1995ع، متن، ص 458
(114)
ڏسو حوالو 108، متن، ص 208
(115)
ايضاً، متن، ص 211
(116)
ايضاً، متن، ص 217
(117)
ايضاً، متن، ص 233
(118)
ايضاً، متن، ص 235
(119)
استاد لغاري-
”شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو“ لکجڻ جو سال
1432هه/2011ع، متن، ص 247
(120)
ايضاً، متن، ص 331
(121)
ايضاً، متن، ص 339
(122)
ايضاً، متن، ص 487
(123)
ڏسو حوالو نمبر 108، متن، ص 38 (الف)
(124)
آخوند عبدالحميد-
”شاهه جو رسالو“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ وارو نسخو،
ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز
ڪميٽي حيدرآباد، سنڌ،
)ڇاپو
ٻيون(
(عڪس)، سال 1985ع، متن، ص 497
(125)
ڏسو حوالو 108، متن، ص 100
(126)
ڏسو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي وارو نسخو.
(127)
ڏسو حوالو 2، ص 89
(128)
ڏسو حوالو 3، ص 130
استاد لغاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ اياز علي
لغاري اولڊ ڪيمپس حيدرآباد
(10-11-2008ع) |