سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1976ع

مضمون

صفحو :8

نظريه پاڪستان

قائد اعظم کان ــــــ قائد عوام تائين

انساني تاريخ ۽ ان جي ارتقا، باهمي جدوجهد ۽ ڪشمڪش، جنگ ۽ جدال جو هڪ اهو خونچڪان داستان آهي، جنهن ۾ هاريل خون مان هوند سمنڊ اٿلي پون!  اهي جنگيون ڏاڍي ۽ هيڻي جي وچ ۾ ٿيون آهن، اهوئي ڪارڻ آهي جو اهل فڪر ۽ باشعور ماڻهو اڃا تائين مذبذب ۽ پريشان آهن. پيغمبرن، ولين، صالحن، نيڪ ماڻهن، دانشورن ۽ صاحب فڪر ماڻهن جي منڍ کان وٺي، اها ئي تعليم رهندي آئي آهي ته انسانيت جي وسيع دائري ۾ مساوات، اخوت، صلح ۽ امن جي دور کي آڻڻ گهرجي ۽ ظلم ۽ تشدد جو زمانو ۽ اثر ختم ڪيا وڃن. فلسفي، سائنس ۽ اخلاقي اثر جي ڪري ڪيئي سڄاڳ ۽ باشعور فرد ۽ قومون پيدا ٿيا آهن، پر انهن جو تعداد ۽ اثر ايترو ته گهٽ آهي، جيئن اٽي ۾ لوڻ! اهڙين باشعور ۽ باڪمال قومن تي به اڳتي هلي، زوال جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ٿا وڃن، ۽ اهي ذلت ۽ نڪبت، غلاميءَ ۽ بيڪسيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجي ٿيون وڃن.

جمال الدين افغانيءَ کان جڏهن قومن جي زوال ۽ ڪمال متعلق پڇا ڪئي وئي، تڏهن فرمايائين:

”اسان ڪيتريون ئي اهڙيون قومون ڏٺيون آهن، جي عدم کان وجود ۾ آيون. ترقي حاصل ڪيائون، عروج جي ماڙيءَ تي ٽلندي نظر آيون. دنيا ۾ سندن اوج ۽ اقبال جو ڏونڪو وڄڻ لڳو، ماڻهن جي دلين مان سندن زوال جو خيال به محو ٿي ويو، پر وري اوچتو ئي اوچتو سندن عزت جو آفتاب غروب ٿيڻ لڳو ۽  هو ذلت جي اونداهين ۾ مبتلا ٿي ويون، ڇو ته سندن هر فرد خودغرض ٿي ويو. جن جي هٿ ۾ اقتدار هو، تن مان اها سمجهه نڪري وئي ته مملڪت جي دائري ۾ استحصال ۽ استبداد هيٺ جيڪڏهن عوام کي پيڙيو ويندو ته پوءِ ان مملڪت جا بنياد ڪمزور ٿي ويندا. اقتدار وارن اهو ڪڏهن به نه سوچيو ته هر فرد کي زندگيءَ جي ضرورت آهر خودڪفيل بنائڻو آهي  ۽ عوام جي ساٿ کي مملڪت سان وابسته رکڻو آهي. عوام جي وابستگيءَ ۾ ئي مملڪت جي استحڪام ۽ سالميت جو راز سمايل آهي. ڇالاءِ ته مملڪت جو روح آهي ئي خوشحال عوام. مملڪت هڪ لاغر جسم کان وڌيڪ ڪابه حيثيت نٿي رکي. ان طرح هلڻ سان، هڪ طرف صاحب اقتدار ذاتي ۽ شخصي استبداد ۽ عياشيءَ ۾ رهن ٿا ته ٻئي طرف مظلوم ۽ مفلوڪ الحال عوام مملڪت ۽ ان جي صاحب اقتدار طاقتن جي خلاف آزاديءَ جي جنگ ٿو جوٽي. نيٺ پنهنجي مستقبل کان نا اميد ٿيل عوام، سرڌڙ جي بازي لڳائڻ تائين پهچندي، پنهنجن بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿو ٿئي. تاج ۽ تخت کي اونڌي منهن ڪيرائي، عوامي حڪومت جو بنيادي وڌو ٿو وڃي.“

علامه جمال الدين افغاني، ان کان پوءِ عوامي انقلاب جي رد عمل ۾ صاحب اقتدار قوتن جي ڪيفيت هن ريت بيان ڪئي آهي. لکي ٿو :

”ان حقيقت سان وابسته ٻيو پهلو هي ٿو رهي جو عوام جي جدوجهد ۽ ڪوشش جي دور ۾، صاحب اقتدار قوتن تي عيش ۽ غفلت جو غلبو ٿو پيدا ٿئي ۽ مٿن ننڊ جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. منجهن ڍورن ۽ ڍڳن وانگر قناعت پيدا ٿئي ٿي ۽ هو ايندڙ انقلاب جي صور اسرافيل کان ڪنن کي بند ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي عاقبت موچاري ٿا سمجهن. پنهنجي پست ۽ ذليل طريق ڪار تي راضي ٿي ويهي ٿا رهن. اگر منجهائن ڪو سجاڳ به ٿئي ٿو ته پوءِ سندس ٻيا ساٿي، کين خيالي پلاءُ کارائي، خاموش رهڻ تي مجبور ٿا ڪن. ان افراتفريءَ جي عالم ۾، هڪ طرف سندن دشمن مٿن شب ــ خون هڻڻ ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ته ٻئي طرف عوام کين انقلاب جي آڳ ۾ سڙندي، پري کان تماشبينن وانگر گهوريندو ٿو رهي. نتيجو اهو ٿو نڪري، جو نه مملڪت ٿي رهي ۽ نه سندس عياش ۽ غافل حڪمران!“

علامه جمال الدين افغانيءَ جو مٿيون تجزيو، تاريخي ۽ عملي دنيا ۾ جا اهميت ۽ افاديت رکي ٿو، ان کان ڪوبه دانشور انڪار ڪري نه ٿو سگهي. اهي حالتون اڄ به دنيا ۾ موجود آهن. ڪيئي عياش، غافل، بي خيال ۽ بي عمل قومون بامِ عروج تان ڪري چڪيون آهن. غور سان ڏٺو ويندو ته مملڪت ۽ عوام جي باهمي رابطي جي ٽٽڻ کانپوءِ مملڪت ۽ ان جي سربراهن جي بلڪل اها حالت بنجي ٿي، جا جمال الدين افغانيءَ بيان ڪئي آهي

افسوس هي آهي ته خود وطن عزيز پاڪستان ۾ قائداعظم جي وفات کانپوءِ، ڪا به اهڙي عوامي قيادت پيدا نه ٿي، جا مملڪت جي خوشحاليءَ ۽ سالميت توڙي عوام جي فلاح ۽ بهبود جي سلسلي ۾ تعميري خيال کان ڪم ڪري سگهي هجي. نه فقط عوام جو استحصال ڪيو ويو، پر ان سان گڏ مملڪت جي بنياد کي به ڪمزور ڪيو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو عوام جي وابستگي ۽ دلچسپي نه رهي؛ ويتر نفرت ۽ اشتعال، انتقام ۽ حقارت جي باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن هر حال ۾ پاڪستان جي تشڪيل ۽ مقصد کي نقصان پهچايو، تان جو مشرقي پاڪستان الڳ ٿي ويو.

برصغير جي دانشورن ۽ پاڪستان جي نصب العين کان واقفڪارن عالمن ۽ سياستدانن اهو اعتراف ڪيو آهي ته قائداعظم جي وفات کانپوءِ، خواجه ناظم الدين، ملڪ غلام محمد، محمد علي بوگره، اسڪندر مرزا ۽ ايوب خان جو دور افراتفري ۽ مفاد پرستيءَ جي نذر ٿي ويو. انهن دورن ۾ معاشي بدحالي، ون يونٽ جي لعنت، لساني فسادات، عوام جو استحصال، ڪامورا شاهي ۽ بيورو ڪريسي، مذهبي رجعت پرستي، مذهبي فرقه پرستي ۽ باهمي منافرت، ڪمزور صوبن جي تباهيءَ، سرمايه دارن ۽ جاگيردارن، بليڪ مارڪيٽر، واپارين ۽ سٽيبازن جي سرپرستي، جهڙن ذليل ۽ تباه ڪن مسئلن کان سواءِ ٻيو ڪو به تعميري ڪم نظر نه ٿو اچي. يحيٰ خان جي دور ۾ اگر ڪي چڱايون شمار ڪري سگهجن ٿيون ته پوءِ اهي آهن، ون يونٽ کي ٽوڙڻ ۽ اليڪشن ڪرائڻ. ون يونٽ ٽٽڻ سان صوبن جي اڳين حيثيت بحال ٿي ۽ اليڪشن ڪرائي وئي. باوجود يڪ اقتدار پاران مداخلت ۽ ڪن سياسي پارٽين جي اشتعال انگيزيءَ جي مغربي پاڪستان ۽ پيپلزپارٽي ۽ مشرقي پاڪستان ۽ عوامي ليگ نمايان طور ڪاميابي حاصل ڪئي.

قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي، پاڪستان پيپلزپارٽي  جي انقلابي ۽ اصلاحي منشور کي پيش ڪري، عوام جي دلين کي موهي ورتو. عوام، بيورو ڪريسي ۽ استحصال ڪندڙ سرمايه دارن ۽ واپارين جي خلاف بغاوت ڪئي، نتيجو اهو نڪتو جو پاڪستان ۾ رجعت پرست قوتن کي سخت شڪست نصيب ٿي ۽ يحيٰ خان، پاڪستان جي اقتدار جون واڳون قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي، جي حوالي ڪري، وڃي گوشه نشين ٿيو. قائد اعوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي، اول صدر مملڪت جي حيثيت سان ۽ پوءِ وزيراعظم پاڪستان جي حيثيت سان، پاڪستان جي استحڪام ۽ سالميت متعلق قدر ۽ تعريف جي لائق عملي جدوجهد ڪري رهيو آهي. سچ هي آهي ته جهرندڙ ۽ ڪرندڙ پاڪستان کي ازسرنو زندگي به ملي چڪي آهي ۽ منجهائنس استحصال ۽ استبداد جي قوتن جو به ڪافي حد تائين خاتمو ٿي چڪو آهي. عوامي ۽ جمهوري نظام پاڪستان لاءِ پشت پناهه ثابت ٿيو آهي. پاڪستان بين الاقوامي طور تي، وڏي شهرت حاصل ڪئي آهي ۽ زوال جي خطرناڪ مرحلن مان گذري، تابناڪ ۽ روشن دور جو آغاز ڪيو آهي. 

 

پاڪستان جو قيام ڪيئن ٿيو؟

اها حقيقت آهي ته پاڪستان نهايت سياسي پيچيدگين ۽ اڻ ٽر مشڪلاتن واري ماحول ۾ قائم ٿيو، پاڪستان جي آزادي، تاريخ جي هڪ اهڙي دلگذار ۽ المناڪ دور مان اڀري ٿي، جنهن ۾ باهمي اختلاف ۽ نظرياتي تصادم جي باهه، ساري برصغير کي جلائي چڪي هئي. ان دور جي سياسي ۽ نظرياتي اختلافن کي جنهن مخلصانه بصيرت سان قائداعظم حل ڪيو، ان جو داد دنيا جي وڏن وڏن سياستدانن ۽ عالمن پڻ دل کولي ڏنو آهي.

موجوده دور جي بين الاقوامي شهرت يافته دانشور، قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي، پنهنجي مشهور ڪتاب ”عظيم سانحو“ ۾، قائداعظم جي جدوجهد ۽ بصيرت ۽ پاڪستان جي آزاديءَ جي راهه ۾ پيدا ٿيل مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن جو جائزو، نهايت دلنشين ۽ اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. اميد آهي ته ان ڪتاب مان پيش ڪيل هيٺيون اقتباس، ان دور جي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ وڏي مدد ڪندو. 

قائداعظم جو چوڻ آهي ته:

”1947ع ۾ پاڪستان هڪ وڏي خونريزيءَ کان پوءِ وجود ۾ آيو. ٽيهن لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي پنهنجين جانين تان هٿ ڌوئڻو پيو ۽ ان کان وڌيڪ بيگناهه ماڻهو پنهنجي گهر ٻار کان تڙجي ويا. برصغير جي چيرڦاڙ هڪ عذاب کان گهٽ نه هئي ۽ موڪلائجي ويندڙ انگريز هر مرحلي تي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ پوءِ انتهائي بيدرديءَ ۽ بيحسيءَ سان روانو ٿي ويو. مهاجر، پنهنجن جسمن تي تقسيم جي زخمن ۽ دلين ۾ صدين جي نفرت سميت، وڏا فاصلا طئي ڪري، پنهنجي نون گهرن ڏانهن روانا ٿيا، ان ڪري هندوستان ۽ پاڪستان جا تعلقات وڌيڪ خراب ٿيا. حيدرآباد، جهوناڳڙهه ۽ ڪشمير جا جهڳڙا به هڪ ئي وقت تي شروع ٿيا، جن جي ڪري تعلقات ۾ وڌيڪ تلخي پيدا ٿي“

جناب قائدعوام، ان تجزئي کان پوءِ خاص طرح سان ڪشمير متعلق لکيو آهي ته:

”1948ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان کي ڪشمير جي معاملي تي جنگ ڪرڻي پئي. ڪشمير جي مسئلي تي اقوام متحده ۾ اعتماد ڪري، جنوري 1949ع ۾ جنگبندي قبول ڪري، هڪ فاش غلطي ڪئي وئي. ان وقت کان و‎ٺي ڪشمير جو جهڳڙو برصغير جي جسم ۾ هڪ ناسور جيان ڦهليو پئي رهيو آهي. اڄ آزاديءَ کي ويهن سالن گذرڻ کان پوءِ به ٻئي ملڪ سورن ۾ سڙي رهيا آهن“

ايتري حقيقت افروز جائزي کانپوءِ، قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي، تقسيم کان پوءِ پيدا ٿيل لساني فسادن جو ذڪر ڪندي، پاڪستان جي قديم زبانن ۽ انهن جي ادب ۽ ثقافت ۽ انهن کي گذريل آمريت ۽ افراتفري وارن دورن ۾ تباهه ڪرڻ واري غلط ڪوشش جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.

قائد عوام لکي ٿو:

”تقسيم کان پوءِ يڪدم زبان جو جهڳڙو شروع ٿيو، جنهن ملڪ جي ٽنهين حصن ۾ تلخي پيدا ڪئي. پاڪستان گهڻين زبانن وارو ملڪ آهي، جنهن ۾ ڪيترن قسمن جون شاهڪار ۽ قديم زبانون ۽ ثقافتون موجود آهن. انهن مان ڪا به ثقافت، قومي شناخت، تخليق ڪرڻ جي خلاف يا ان جي متضاد ناهي.

گذشته حڪومتن کي مشترڪ، قومي ثقافت جي ترويج لاءِ مقامي ثقافتن کي سختيءَ سان دٻائڻ ۽ ختم ڪرڻ بجاءِ انهن جي خوشگوار حوصله افزائي ڪرڻ گهربي هئي، ته جيئن مختلف ثقافتن جا نقش و نگار قومي ثقافت کي ڀرپور ۽ مايه دار بنائين ها. حالانڪ ڪيترين ٻين فيڊريشنن ۾ ڪاميابيءَ سان ائين ڪيو ويو آهي. زبان جي اختلاف، باهه جي پهرين چڻنگ دکائي ۽ ان کان پوءِ ٻيون ڪيتريون چڻنگون دکنديون رهيون“

اسان جي خيال ۾ ان کان وڌيڪ پاڪستان جي دردناڪ ۽ الم انگيز منظر ڪشي ۽ حقيقت جي ترجماني ڪنهن ٻئي نه ڪئي آهي. قائد عوام جو هي بيباڪ ۽ حقيقت پسندانه جائزو پاڪستان جي نظرياتي تاريخ ۽ پسمنظر کي سمجهڻ لاءِ مشعل راهه آهي.

ان کان پوءِ قائداعظم جي ان اڳواٽ ڪيل پيشنگوئي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مشرقي پاڪستان جي علحدگي ڏانهن اشارو آهي. جناب قائد عوام، ان سلسلي ۾ قائداعظم جي اشارن ۽ خيالن کي پيغمبرانه بصيرت سڏيو آهي.

قائدعوام جناب ذوالفقار علي ڀٽو لکي ٿو:

”پاڪستان جي بانيءَ قيام پاڪستان کان يڪدم پوءِ پنهنجي پيغمبرانه بصيرت سان ڪيترن اهڙن مسئلن جي اڳواٽ نشاندهي ڪري ڇڏي هئي، جي بعد ۾ ملڪ جي مشرقي حصي ۾ پيدا ٿيا هئا ۽ ان صورتحال ۾ جيڪي خطرا لڪل هئا، تن کان پڻ هن قوم کي سختيءَ سان آگاهه ڪري ڇڏيو هو.“ 

(عظيم سانحو، پهريون ايڊيشن آڪٽوبر 1971ع ص 3)

ان کانپوءِ قائد عوام حوالي طور قائداعظم جي ان تقرير جو اقتباس پيش ڪيو آهي، جا قائداعظم جي تقرير مارچ 1948ع تي ريڊيو پاڪستان تان نشر ڪئي ويئي هئي.

قائد عوام جي مٿئين پيش ڪيل اقتباس مان اجمالي طرح سان، پاڪستان جي قيام ۽ ان کان پوءِ پيدا ٿيل تلخ حالات، گذريل دور جي غير جمهوري نظام ۽ آمريت واري اقتدار جي سخت گير پاليسيءَ متعلق هڪ مڪمل تاثر ۽ نتيجو حاصل ڪري سگهجي ٿو، ۽ ان جي اصلاح ۽ تلافيءَ جي جدوجهد متعلق قائدعوام ۽ سندس جدوجهد جو پورو پورو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. يعرف الاشياءَ باضدادها.

قائداعظم ۽ پاڪستان:

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پاڪستان بيشڪ قائداعظم جي جدوجهد ۽ سياسي بصيرت جي پيداوار آهي. مگر افسوس هي آهي ته باني پاڪستان جي تصورات ۽ خيالات تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي ڪابه شعوري ۽ عملي ڪوشش، هن عوامي دور کان اڳ واري زماني ۾ نظر نٿي اچي. 

قائداعظم جي سياسي تصورات کي اگر غور سان مطالعو ڪيو وڃي ها ته پوءِ پاڪستان جي اها ڪيفيت نه رهي ها، جا موجوده عوامي دور کان اڳ موجود هئي.

قائداعظم پاڪستان کي ڪهڙن اصولن، انقلابي نظرين، اخلاقي آدرشن ۽ اصلاحي نصب العين جي ماتحت تشڪيل ڏيڻ گهري ٿي، اهو سڀ ڪجهه سندس تقريرن ۽ تحريرن مان واضح آهي.

قائداعظم جي ارشادات کي غور سان پڙهڻ کان پوءِ هر دانشمند ماڻهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته قائداعظم برصغير جي تقسيم فقط ان ڪري قبول ڪئي، جيئن پاڪستان ۾ هڪ اهڙو نظام حڪومت رائج ڪري سگهجي، جنهن جو بنياد جديد انقلابي تصورات ۽ اخلاقي توڙي اصلاحي نصب العين تي قائم هجي. جنهن ۾ اهڙو اقتصادي نظام پيدا ڪيو وڃي، جو انسان کي بنيادي ۽ سماجي ضرورتن ۽ گهرجن جي دائري ۾ خودڪفيل بنائي سگهي. سچ پچ ته قائداعظم جي جدوجهد ۽ سياسي نصب العين جو بنيادي مقصد اهو هو ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙو معاشرو پيدا ڪيو وڃي، جو حق ۽ انصاف، مساوات ۽ برادريءَ، راءِ جي آزاديءَ ۽ امن پسندانه ماحول ۾ جمهوري طرز تي ترقي ڪري سگهي، ۽ جنهن جو هر فرد امن ۽ خوشحاليءَ جي ماحول ۾ پنهنجين صلاحيتن جي نشو و نما حاصل ڪري سگهي.

ان سلسلي ۾ ”پاڪستان“ متعلق قائداعظم جي خيالات کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ، سندس ئي تصورات کي مطالع ڪرڻ مفيد ثابت ٿيندو.

قائداعظم پاڪستان جي ضرورت ۽ اهميت متعلق فرمايو آهي:

”اسان پاڪستان جو مطالبو، محض زمين جي هڪ ٽڪر کي حاصل ڪرڻ لاءِ نه ڪيو هو. بلڪه اسان هڪ اهڙو تجربيگاهه حاصل ڪرڻ گهرون ٿا، جتي اسان اهڙي اخلاقي نظامِ حيات تي هلي سگهون، جنهن جي اصولن جي روشنيءَ ۾ هڪ مثالي مملڪت بنجي سگهي.“

(اسلامي ڪاليج پشاور 13 جنوري ـ 1948ع)

قائد اعظم، جمهوري نظام متعلق فرمايو آهي:

”اسان جي مخصوص نظريات جي عالي نظريءَ ۾ ”جمهوريت“ جي تعليم موجود آهي. اسان کي مساوات ۽ برادريءَ، اخوت ۽ محبت جو سبق سيکاريو ويو آهي. اسان کي هر شخص سان حق ۽ انصاف ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي. ڪنهن شخص وٽ ان جو جو ڪهڙو جواز آهي ته هو عوام لاءِ حق ۽ انصاف، رواداريءَ ۽ ديانتداريءَ واري اعليٰ معيار تي مبني ”جمهوريت،“ ’مساوات‘ ۽ راءِ جي آزاديءَ واري حق کان بيپرواهي ڪري؟“

(ڪراچي بار ائسوسيئيشن 25ــ جنوري 1948ع)

دستور متعلق قائداعظم جو چوڻ آهي:

”پاڪستان جو جيڪو دستور تشڪيل هيٺ آهي، ان لاءِ مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته اهو جمهوري نوعيت وارو هوندو.“

(آمريڪي نامه نگار کي انٽرويو 5ـ فيبروري 1948ع)

قائداعظم، پاڪستان جي اقتصادي نظام ۽ معيشي اصلاح لاءِ پڻ واضح طور تي روشني وڌي آهي. ان سلسلي ۾ دهليءَ ۾ مسلم ليگ جي اجلاس 24 مارچ 1943ع کي خطاب ڪندي فرمايائون؛

”مان تمام ضروري ٿو سمجهان ته زميندارن ۽ سرمايه دارن کي هت تنبيهه ڪريان. اصل ۾ انهن جي خوشحاليءَ جا اسباب ۽ ذريعا سڀ عوام پاران پيش ڪيل آهن پر ان جو سهرو جنهن نظام جي مٿي تي ٻڌو ويو آهي، اهو نهايت ظالمانه ۽ شرانگيز آهي. ايتريقدر جو ان ظالمانه نظام، پنهنجن پاليل عنصرن کي ان حد تائين خودغرض بنائي ڇڏيو آهي، جو هاڻ هو ڪنهن به دليل سان قائل ئي ٿي نٿا سگهن. پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي قوتن ۽ محنتن جي استحصال ڪرڻ واري بدڪرداري ۽ بدخوئي، سندس رت ۾ رچي وئي آهي. اهي سرمايه دار حقيقي ۽ انصاف پسند تعليم کي ئي وساري ويٺا آهن. حرص ۽ هوس سرمايه دارن کي ايترو ته انڌو بنائي ڇڏيو آهي، جو دولت ۽ نفعي کي حاصل ڪرڻ لاءِ دشمنن جا آله ڪار بنجن ٿا ۽ ائين ڪندي ڪو شرم ۽ حيا محسوس ئي نٿا ڪن.“

(اجلاس مسلم ليگ دهلي 24ــ مارچ 1943ع)

قائداعظم قومي ملڪيت ۽ صنعت کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ متعلق فرمايو آهي:

 ”منهنجو اهو ايمان آهي ته پاڪستان جي بنجڻ تي، موجوده دور ۾ ضروري ۽ بنيادي نوعيت جي صنعتن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻو پوندو ۽ اهو عمل عوام جي ضرورتن هيٺ ڪن ٻين اهم شعبن ۾ پڻ ڪرڻو پوندو“

(وليڪا ٽيڪسٽائيل ملز جو افتتاح 26 ــ سيپٽمبر 1947ع)

قائداعظم، پاڪستان جي معاشي نظام متعلق جي واضح ڳالهيون ڪيون آهن، انهن ۾ پاڪستان جي روشن مستقبل  متعلق گويا پيشنگوئي موجود آهي، وڏي ڳالهه ته ”اسلامي سوشلزم“ جا لفظ به زوردار انداز ۾ چيا اٿس، جي قائدعوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي، وزيراعظم پاڪستان ۽ چيئرمين پپيلزپارٽي زنده ڪري، پنهنجي جدوجهد جي مقصدن ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن، چناچه پيپلزپارٽيءَ پاڪستان، پاران هن قسم جا آئيني لفظ، سرمايه دارانه نظام خلاف گويا اعلان جنگ بنجي چڪا آهن. ”اسلام اسان جو دين، جمهوريت اسان جو نظام حڪمراني، اسلامي سوشلزم اسان جو نظام اقتصاديات“

حيرت اها آهي ته، رجعت پرست حلقن طرفان هميشه اسلامي ”سوشلزم“ متعلق ڪفر جون فتوائون شايع ٿينديون رهيون. حالانڪه اهي لفظ خود قائداعظم به استعمال ڪيا آهن.

قائداعظم فرمايوآهي:

”جڏهن هي چيو وڃي ٿو ته پاڪستان کي معاشي ۽ معيشي، اقتصادي ۽ سماجي، حق ۽ انصاف، عدل ۽ ”اسلامي سوشلزم“ تي قائم ڪيو ويندو، تڏهن نه صرف منهنجي، پر ان سان گڏ ڪروڙ ها پاڪستاني باشندن جي جذبات جي ترجماني ڪئي ٿي وڃي“ (26 مارچ ـ 1947ع)

هي آهي پاڪستان متعلق قائداعظم جو واضح تصور. خدا جو شڪر آهي جو موجوده دور ۾ پاڪستان جي خوشحاليءَ ۽ سالميت، عوام جي فلاح، بهبود ۽ عوام جي حقن جي تحفظ جي سلسلي ۾ قائدعوام جناب ذوالفقار علي ڀٽو، اخلاص ۽ صداقت سان جا جدوجهد ڪري رهيو آهي، ان کان يقينن قائداعظم جي روح کي تسڪين پهتي آهي. قائداعظم جي احسان جو حق ادا ڪيو ويو آهي. ورنه تقريبن اڻٽيهن سالن کان قائداعظم جي تعليم ۽ نظريات متعلق ڪو به عملي ڪم نه ڪيو ويو آهي.

قائداعظم جي دور جي نشات ثانيه:

پاڪستان جي تاريخ ۾، قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي، وزيراعظم پاڪستان ۽ چيئرمين پيپلزپارٽي پاڪستان جي برسر اقتدار اچڻ (20ــ ڊسمبر 1971) سان هڪ نئين ۽ ترقي يافته دور جو آغاز ٿيو آهي، جنهن کي قائداعظم جي دور جي نشات ثانيه چئي سگهجي ٿو. قائداعظم جي وفات کانپوءِ، خواجه ناظم الدين ۽ ملڪ غلام حيدر جي گورنر جنرل هجڻ واري دور کان وٺي، صدر سڪندرمرزا تائين هڪ افراتفري، انتشار، پريشاني، تذبذب ۽ بي سڪوني جو دور هو ۽ ان کان پوءِ قريبي دور جي ٻن فوجي سربراهن ۽ آمرن جي تيرهن سالن (1958 ــ 1971ع) واي مطلق العنان ۽ غير جمهوري ڊڪٽيٽرشپ کان پوءِ پهريون ڀيرو عوامي ۽ جمهوري طريقي جو احترام ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ عوام جي مطالبن ۽ امنگن جي پذيرائي ڪئي وئي. عوام کي استحصال ۽ استبداد جي جانڊهه کان بچايو ويو. جناب ذوالفقار علي ڀٽي جنهن مشڪل ۽ پيچيده حالتن ۾ ملڪ جون واڳون سنڀاليون، ان جو پورو پورو جائزو ، قائدعوام جي ان پهرئين تقرير ۾ موجود آهي، جا پاڻ صدر مملڪت جي حيثيت سان ڪيائين. ان پهرين خطاب، قوم ۾ هڪ نئون جوش ۽ ولولو، روح ۽ عظم پيدا ڪيو. اڄ پوري قوم کي يقين حاصل ٿي چڪو آهي ته پاڪستان جا ڏکيا ۽ ڏولائي، انتشار ۽ زوال جا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن ۽ روشن مستقبل جو سج اڀري چڪو آهي. اڄ هر ڪنهن جي زبان تي آهي ته اميد آهي ته قائد عوام جي انقلابي ۽ مقبول عام شخصيت جي ولوله انگيز قيادت ۾ پاڪستان گذريل دورن جي پيدا ٿيل مشڪلاتن  ۽ مسئلن مان ڪاميابيءَ سان نجات حاصل ڪندو.

قائد عوام پنهنجي پهرين تقرير ۾ پاڪستان جي جديد تعمير جي سلسلي ۾ صاف صاف ٻڌايو آهي ته اسان اهو پاڪستان تشڪيل ڏينداسون، جو قائداعظم جي خيال ۽ نظر ۾ هو.

قائد عوام فرمايو ته:

”اسان هڪ نئون پاڪستان، ترقي پذير پاڪستان ۽ خوشحال پاڪستان تشڪيل ڏئي رهيا آهيون، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو استحصال نه هوندو ۽ جو قائداعظم جي نظر ۾ هو. اهو منهنجو يقين آهي ته اهو پاڪستان ضرور قائم ٿيندو. شرط هي آهي ته ملڪ جا ماڻهو مون سان ساٿ ڏين ۽ دلي تعاون ڪن ۽ ان سان گڏ صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺن.“ 

حالات جي مطالع مان اهو صاف نظر اچي رهيوآهي ته قائدعوام جي بصيرت ۽ ولوله انگيز قيادت سان نه فقط عوام پاران تعاون ڪيو ويو آهي، پر ان سان گڏ عوام نهايت ڀرپور اعتماد جو مظاهرو ڪيو آهي. جنهن مان ثابت آهي ته قائد عوام ئي آهي جو قائداعظم جي خيال واري پاڪستان کي تعمير ڪري رهيو آهي.

قائد عوام جي هڪ اهم تقرير:

ان سلسلي ۾ قائدعوام، وقت به وقت نهايت جرات ۽ وضاحت سان پنهنجي عزم کي پئي دهرايو آهي. قائد عوام جي تقريرن ۽ بيانن کي پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هو واقعي هڪ نئين پاڪستان، بلڪ قائداعظم واري پاڪستان جو معمار اول آهي.

قائدعوام هڪ تقرير ۾ فرمايو آهي:

”اسان پنهنجي معيشت جي نظام کي بدلائينداسون، اسان تاريڪيءَ ۽ محروميءَ کي تازگيءَ ۽ روشنيءَ ۾ بدلائينداسون. اها لاف زني ناهي، پر حقيقت آهي. اهڙا ٻيا ڪيئي ملڪ موجود آهن؛ جن ۾ اهڙيون تبديليون اچي چڪيون آهن. انشاءَ الله پاڪستان ۾ به اهڙيون تبديليون اينديون. مونکي ان متعلق ڪامل يقين حاصل آهي ته دور رس ۽ انقلابي تبديليون اينديون. مون کي هي به يقين آهي ته موجوده اقتصادي ۽ معاشرتي قالب جي هوندي، ڪنهن به تبديليءَ جو امڪان ناهي.“

ان کان پوءِ اسلامي سوشلزم ۽ قائداعظم جي خيالات متعلق قائد عوام چيو آهي:

”هن موجوده سرمايه دارانه نظام کي رد ڪري ان جي جاءِ تي، ”اسلامي سوشلزم“ کي نافذ ڪنداسون. صرف ان نظام سان ئي، جو خالصتن اسان جو پنهنجو ۽ ديسي نظام آهي. افلاس جو خاتمو ڪري سگهنداسون.“

ان سلسلي ۾ قائد عوام ظاهر ڪيو آهي ته ”اسلامي سوشلزم“ جو تخيل قائداعظم جو پيش ڪيل آهي، جو پاڪستان ۾ عملي حيثيت سان نافذ ڪيو ويندو.

قائد عوام جا لفظ آهن:

”اسلامي سوشلزم“ جو تخيل منهنجي جدت جي پيداوار ناهي، مان پنهنجي پوري طاقت ۽ همت جي مطابق، ”اسلامي سوشلزم“ جي تبليغ ڪري، صرف قائداعظم ۽ پنهنجي ضمير جي آواز تي عمل ڪري رهيو آهيان.“

ان کان پوءِ قائداعظم جي ”اسلامي سوشلزم“ متعلق حوالو پيش ڪندي، قائد عوام چيو : 

”26 ــ مارچ 1948ع تي قائداعظم فرمايو هو ته، اوهان جا هي لفظ منهنجي ۽ ڪروڙن مسلمانن جي جذبات جي ترجماني ڪري رهيا آهن ته پاڪستان جو بنياد، معاشرتي عدل ۽ ”اسلامي سوشلزم“ تي قائم رکڻ گهرجي، جنهن جو سارو زور انساني مساوات ۽ اخوت تي آهي. ان طرح اوهان سڀني لاءِ هڪجهڙين سهولتن فراهم ڪرڻ واري نظام جي تقاضا ڪري، منهنجي خيالات جي ترجماني ڪري رهيا آهيو“ 

قائد عوام، قائد اعظم جي اسلامي سوشلزم متعلق حوالي ڏيڻ کان پوءِ، لياقت علي خان ۽ حسين شهيد سهرورديءَ جي حوالن کي پيش ڪندي چيو آهي:

”قائداعظم جي دست راست ۽ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم مسٽر لياقت علي خان 25 ــ آگسٽ 1949ع تي چيو هو ته، اگرچه اڄ ڪلهه بيشمار ازمن، جو چرچو ٿي رهيو آهي، ليڪن اسان کي يقين آهي ته اسان لاءِ صرف هڪ ئي ازم قابل قبول آهي، جا آهي ”اسلامي سوشلزم“ جنهن جو چند لفظن ۾ مطلب هي آهي ته هن سرزمين جي هرباشندي کي خوراڪ، مڪان، ڪپـڙي لٽي، تعليم ۽ طبي سهولت جي فراهمي جي سلسلي ۾ هڪ جهڙا حق حاصل هئڻ گهرجن. جو ملڪ پنهنجن باشندن کي اهي چيزون ۽ حق ڏئي نٿو سگهي، اهو ڪڏهن به خوشحال رهي نه ٿو سگهي.“

تقريبن 1350 سال اڳ جو اقتصادي پرروگرام ٺاهيو ويو هو، اهو اسان جي لاءِ اڄ به سڀ کان زياده بهتر، ارفع ۽ اعليٰ اقتصادي نظام آهي. اصل ۾ ماڻهو ڪهڙي به نظام کي آزمائي ڏسن، انهن کي آخرڪار ”اسلامي سوشلزم“ جي طرف ئي واپس اچڻو پوندو. خواه ماڻهو ان کي ڪهڙي به نالي سان سڏين.“

ان کان پوءِ سهرورديءَ متعلق قائد عوام جو چوڻ آهي:

”ان باري ۾ اسان جي ٻن عظيم رهنمائن ئي جا اهي ٻه قول ناهن، پر وقت جي گهٽتائيءَ جي ڪري، ان موضوع تي ٻنهين قائدن جي تقريرن مان وڌيڪ حوالا پيش ڪري نه ٿو سگهان. ۽ نه ڪو ايترو وقت آهي جو عوام جي تائيد سان چونڊيل وزيراعظم مسٽر حسين شهيد سهرورديءَ جي انهن تقريرن مان حوالا پيش ڪيا وڃن، جن ۾ ”اسلامي سوشلزم“ جي حمايت ڪيل آهي.“

سوشلزم ــ قائد عوام جي زباني

قائد عوام، پنهنجي تقرير ۾ قائد اعظم ۽ لياقت علي خان ۽ سهرورديءَ جي تائيدي حوالن ڏيڻ کان پوءِ، ”اسلامي سوشلزم“ جي تشريح ۽ اصولي تعريف پيش ڪندي جي دليل دلائل ڏنا آهن، اهي نهايت دلنشين ۽ سائنسي انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن.

قائد عوام، ”اسلامي سوشلزم“ متعلق چيو آهي:

”اسلامي سوشلزم“، اسلام لاءِ اجنبي نظام ناهي، ۽ نه ڪو اسان جي عقيدن جي خلاف آهي. جڏهن اهو حال آهي ته پوءِ مان اهو سمجهي نٿو سگهان ته اگر برطانوي پارليماني نظام اسلام جي منافي ناهي ته پوءِ مساوات ۽ اخوت جا اهي قدر جي اسلام پاران ساري دنيا کي ڏنا ويا آهن، سي ”اسلام“ جي منافي ڪئين ٿا ٿي سگهن؟.

اسلامي سوشلزم جو مطلب آهي ته اسان هڪ اهڙي سوشلسٽ معيشت قائم ڪيون، جا اسان جي حالتن جي موافق هجي، جا اسان جي پنهنجيءَ روايت تي قائم هجي، ۽ جا اسان جي قدرن ۽ نظريه حيات سان هم آهنگ هوندي. ان قسم جو نظام ئي اصل ۾ سڀني لاءِ هڪجهڙيون سهولتون پيدا ڪري سگهندو ۽ اهڙو ئي نظام عوام کي استحصال کان بچائي سگهندو.

پاڪستان جهڙي گهٽ ترقي يافته ملڪ جي لاءِ، جو خارجي ۽ داخلي طور تي استحصال ۾ ڦاٿل آهي، ـــ سوشلزم هڪ خاص معنيٰ ٿي رکي. ”سوشلزم“ جون پاڙون، زندگيءَ جي اخلاقي تصورات ۾ مضبوط آهن. اسان ايمانداريءَ سان چئون ٿا ته معاشري جي متعلق اسلام جي اعليٰ ۽ بلند نظريات کي هڪ سوشلسٽ نظام ئي رائج ڪري، انسان جي هٿان انسانن جي استحصال کي ختم ڪري سگهي ٿو. ان طرح ئي انسان، مقصد جي تڪميل حاصل ڪري سگهي ٿو. اسلام ذات پات جو قائل ناهي. پر سرمايه دارانه معاشرو هڪ طبقاتي قالب رکي ٿو، جو ان اخوت ۽ مساوات جو منافي آهي، جنهن کي اسلام پاران مسلمانن تي فرض ڪيو ويو آهي.

جڏهن اسان پنهنجي اقتصادي نظام کي ”اسلامي سوشلزم“ ٿا چئون، تڏهن اسان ڪا به غلطي نه ٿا ڪريون يا حقيقت کان تجاوز نه ٿا ڪريون ۽ نه ڪو اسلام جي اخلاقي روايتن جي خلاف ورزي ٿا ڪريون. اسان جا مخالف ۽ اسلام جا خود ساخته ٺيڪيدار، اسان جي پيش ڪيل خيالات کي سوشلزم سڏي، مذمت ته ڪن ٿا، پر پنهنجي منشورن ۾ اهائي اسان واري زبان به استعمال ڪن ٿا ۽ الفاظ به ساڳيا ئي استعمال ڪن ٿا. جنهن مان ظاهر آهي ته هو عوام کي فريب ڏيڻ گهرن ٿا. انهن ماڻهن کي پنهنجي تضاد بيانيءَ، بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.“

صنعتن ۽ بئنڪن کي قومي ملڪيت قرار ڏيڻ

 صنعتن ۽ بينڪن ۽ مِلُن کي قومي ملڪيت بنائڻ متعلق قائداعظم به پنهنجين تقريرن ۾ بار بار چيو آهي:

”منهنجو ايمان آهي ته پاڪستان بنجڻ کان پوءِ، موجوده دور ۾ ضروري ۽ بنيادي نوعيت جي صنعتن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويندو ۽ اهو ئي عمل، عوامي ضرورتن جي تحت ڪن ٻين شعبن ۾ به ڪرڻو پوندو.“

(ايسوسي ايٽيڊ پريس آف آمريڪا کي انٽرويو 8 نومبر1945ع)

قائد عوام، به صاف صاف لفظن ۾ واضح ڪيو آهي ته سرمايه دارن جي مخالفت جو مکيه سبب اهو به آهي ته اسان صنعتن کي قومي ملڪيت بنائينداسون.

قائد عوام جا لفظ هي آهن:

”وڏن سرمايه دارن ۽ سندن حاشيه برادرن جي بدحواسيءَ جو اصلي سبب فقط اهو آهي ته صنعتن، ڪارخانن، ملن ۽ بئنڪن جي قومي ملڪيت بنجڻ جو امڪان آهي، اگرچه في الحال اسان رڳو وڏين صنعتن ۽ ٻين تعلق رکندڙ صنعتن کي قومي ملڪيت بڻائڻ جو ارادو رکون ٿا، پر انهن صنعتن کي هٿ نه لائينداسين، جي مقابلتن عمدگيءَ سان ڪم ڪري رهيون آهن. تاهم اسان جو بنيادي نظريو اهو آهي ته پيداواري ذريعن جي ذاتي ملڪيت هجڻ سان ئي، مزورن ۽ عوام جو استحصال ٿئي ٿو. ان ڪري مخصوص مفادن سان وابسته ماڻهن ئي اسان جي خلاف سازش ڪئي آهي. ليڪن اسان کي يقين آهي ته اسان عوام جي تعاون سان ان قسم جي سازش کي پاش پاش ڪري ڇڏينداسون.“

حضرت عمر جو مثال:

 اسلام جي اقتصادي نظام ۽ اسلامي سوشلزم متعلق قائداعظم جي تقريرن ۾ به ڪيئي ان قسم جا حوالا موجود آهن، جن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت ابوبڪر صديق، حضرت عمر فاروق، حضرت علي مرتضيٰ وغيره صحابه ڪرامه جي ڪردار کي پيش ڪيو ويو آهي. قائد عوام پنهنجي مٿينءَ تقرير ۾ هڪ هنڌ تي حضرت عمر فاروق جو هن طرح مثال ڏنو آهي. قائد عوام چوي ٿو:

”پاڪستان جي مستقبل متعلق اڄڪلهه جي نوجوانن جو اعتماد جيئن پوءِ تيئن گهٽجي رهيو آهي پر ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان جو خواب، ان جي عوام جي بدحاليءَ جي ڪري ختم ٿيڻ لاءِ ناهي. ان خواب جي تڪميل هڪ عظيم ۽ نئين معاشري جي صورت ۾ ٿيڻي هئي، جنهن ۾ هر فرد خوشحال رهي سگهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اوهان سڀني جي خوشحاليءَ لاءِ، ان ناقابل برداشت صورتحال کي ختم ڪرڻو پوندو. اوهان سڀ موجوده دور ۾ شديد ترين غير انساني استحصال جو شڪار آهيو ان ڪري اوهان کي غربت ۽ افلاس کان نجات ڏيارڻي آهي.

”اسلامي تاريخ ۾ هڪ وقت اهڙو به هو، جو حضرت فاروق اعظم اعلان ڪيو هو ته اگر فرات جي درياءَ جي ڪناري تي ڪو ڪتو به بک مري ويو ته پوءِ ان حالت ۾ خليفته المسلمين، الله تعاليٰ وٽ جوابدار رهندو، پر هت اڄڪلهه سڀ کان وڏي اسلامي رياست ۾ هزارين مرد ۽ عورتون بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن. اسان جا ٻار گهٽين ۾ سمهي رات گذاري رهيا آهن. اسان جو محنت ڪش طبقو خوفزده زندگي گذاري رهيو آهي. انهن ۾ تبديلي جو آڻڻ ضروري آهي. پاڪستان مان غربت کي نابود ڪرڻ گهرجي، اهو اسان ۽ عوام جو پهريون فرض آهي.“

نصرت لاهور ــ نمبر 112ــ 22 ــ 28 نومبر 1970، ص 11 ــ 15 ريڊيو ۽ ٽي وي تان چيئرمين ڀٽي جي نشر ٿيل تقرير)

آخر ۾ اهو عرض آهي ته اگر غور سان ڏٺو وڃي ته قائداعظم جي ڪردار ۽ طريق ڪار سان اگر پاڪستان جي ڪنهن سربراهه جي هم آهنگي نطر اچي ٿي ته پوءِ بجز وزيراعظم پاڪستان قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي کان سواءِ ٻيو ڪو به ٿي نٿو سگهي.

عوامي حڪومت، پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ پاڪستان جي نظم و نسق، معاشي حالت خارجه پاليسي، بين الاقوامي تعلقات، مزورن، پيشه ور هنرمندن، هارين، سفيد پوش ملازمن ۽ عوام جي اصلاح ۽ فلاح لاءِ جو ڪم ڪيو آهي، ان جو ڪو به مثال گذريل دور ۾ ملي نٿو سگهي.

ان سلسلي ۾ زرعي اصلاحات، تعليمي اصلاحات، مزدورن ۽ هارين لاءِ اصلاحات، مذهبي اصلاحات، ملازمت پيشه ماڻهن لاءِ اصلاحات، اجرت ۽ مزدوري ۾ اضافي، صحافين، اديبن، عالمن، دانشورن ۽ مستحق خدمتگذارن جي معاشي امداد، اجرت بورڊ، پگهارن ۾ اضافي، صنعتن کي قومي تحويل ۾ آڻڻ، آمد رفت جي وسائل ۽ ذرائع ۾ اصلاحات، بئنڪن جي اصلاح ۽ انهن کي قومي ملڪيت جي دائري ۾ آڻڻ، طبي امداد لاءِ اسپتالن جي تعمير، پاڪستان ڀر ۾ رستن جي تعمير، اسڪولن ۽ ڪاليج کي قومي تحويل ۾ وٺڻ، بالغن جي تعليم جو وسيع انتظام، علم ۽ ادب، شاعري ۽ ثقافت جي فروغ ۽ اشاعت لاءِ اردو، سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پشتو زبانن ۾ وڏي پيماني تي علمي ادارن جي تشڪيل، زمينداري جي انتظام جي اصلاح، جاگيرداري نظام کي ختم ڪرڻ، سرداري ۽ قبائلي نظام کي ختم ڪرڻ، عورتن کي منصبي حقن سان نوازڻ، فني ۽ ٽيڪنيڪل ادارن جو قيام، شاگردن لاءِ مفت تعليم جو نظام، ميٽرڪ تائين خرچ ۽ فين جو منسوخ ڪرڻ، هوشيار شاگردن جي لاءِ اسڪالرشپ جي امداد، يورپ ۾ وڃي فني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مفت نظام، ملڪ جي غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ جو نظام، پراڻي آبپاشي نظام جي اصلاح، زمين جي آباديءَ لاءِ جديد مشنري جي فراهمي، مختلف فصلن جي پيداوار ۾ اضافي آڻڻ لاءِ هارين ۽ زميندارن جي فني تربيت لاءِ ادارن جو قيام، لساني مسئلن کي حل ڪرڻ، غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ واهن ۽ نهرن جي کوٽائي، مزدورن کي رٽائرڊ ڪرڻ کان پوءِ اضافن ۽ پينشن جو انتظام، مزدورن، هارين ۽ هنرمندن جي حقن جو تحفظ، مزدورن جي ڪارخانن ۾ حصيداري، بونس، تفريحي الائونس ۽ وظيفن ۽ امدادن جي بحالي، مذهبي منافرت ۽ اختلافن کي ختم ڪرڻ، اقليتن جي حقن جو تحفظ، جرگه سسٽم کي ختم ڪرڻ، ڪامورن جي بالادستيءَ کي ختم ڪرڻ، عوام جي حوصلي کي بلند ڪرڻ.

بهرحال، انهن سڀني اصلاحي ڪمن کي اڳيان رکي، ائين چوڻ ۾ اسان حق بجانب آهيون ته پاڪستان جو باني اگر قائداعظم آهي ته پوءِ پاڪستان جو معمار قائد عوام آهي. قائد عوام ئي آهي، جو قائد اعظم جي پاڪستان کي عملي طرح سان تعميري مرحلن مان گذاريندي، اوج ۽ ڪمال تي پهچائي سگهي ٿو.      غ ــ م ــ گ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com