حاتم
ـ اي ـ علوي مرحوم
قائداعظم ۽ ڪراچي
(هي
مقالو ملڪ جي مشهور سياسي ۽ سماجي ليڊر، مرحوم
حاتم ـ اي علوي صاحب همدرد فائونڊيشن جي زير
اهتمام، ڪراچيءَ ۾ پڙهيو ۽ داد حاصل ڪيو. اهو
اجلاس پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي اشتراڪ ۽
تعاون سان ٿيو. مرحوم حاتم- اي علوي، برصغير جي
مسلم سياست ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو، ۽ قائداعظم جو هڪ
اعتماد وارو ساٿي ٿي رهيو. سندس هيءَ تحرير نهايت
معلومات افزا آهي، جا مهراڻ جي ناظرين ڪرام لاءِ
پيش ڪجي ٿي. غ. م. گ)
باني
پاڪستان حضرت قائداعظم محمد علي جناح، ڪراچي،
لنڊن، بمبئي، دهلي ۽ اهڙن ٻين وڏن شهرن ۽ مرڪزن ۾
پنهنجي ڀرپور زندگيءَ جا هنگاما خيز ڏينهن گذاريا.
ليڪن مان ٻين شهرن ۽ مرڪزن جي اهميت جي قطع نظر،
فقط ڪراچيءَ سان قائداعظم جي وابستگيءَ تي روشني
وجهڻ جي ڪوشش ڪندس.
سڀ
کان اول قائداعظم جا اهي خيالات عرض ٿو ڪريان، جي
پاڻ ڪراچيءَ متعلق ظاهر ڪيا اٿن.
تقريبن 38 سال اڳ 8 ــ آڪٽوبر 1937ع تي، ڪراچي ۾
سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس جو هڪ اهم اجلاس
منعقد ٿيو. قائداعظم کي ان اجلاس جي صدارت جي دعوت
ڏني وئي هئي. قائداعظم حيدرآباد مان هڪ اسپيشل
ٽرين جي ذريعي ڪراچيءَ پهتو. ان ٽرين ۾ ان ڪانفرنس
۾ شريڪ ٿيندڙ پنج سئو مندوبين به ساڻس گڏ آيا.
ڪينٽ
اسٽيشن تي، قائداعظم جي استقبال لاءِ هڪ شاندار
گيٽ بنايو ويو هو، جنهن جو نالو هو ”باب السلام.“
قائداعظم پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ڪراچيءَ جي اهميت
تي روشني وجهندي چيو: ”هن عظيم شهر ۾ جو سنڌ جو
دارالحڪومت آهي ۽ شاندار بندرگاهه پڻ آهي، ۽ ان
سان گڏ مسلمانن جي پهرين گهر هئڻ جي حيثيت سان هڪ
مخصوص ۽ انفرادي اهميت جو حامل آهي، مون کي
انتهائي مسرت ٿي محسوس ٿئي جو مان پنهنجي نوعيت جي
پهرين ڪانفرنس جي صدارت ڪري رهيو آهيان. ان موقعي
تي جي منهنجا جذبات آهن ۽ هن شهر جي فلاح ۽ بهبود
لاءِ جيتري منهنجي دل ۾ خواهش آهي، مان انهن جو
اظهار صحيح معنيٰ ۾ ڪري نٿو سگهان. منهنجي دلي
تمنا آهي ته هن شهر جو مرتبو بلند تر رهي، ۽ هي
شهر هندستان جي مسلمانن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري.“
هر انسان جي زندگيءَ ۾ ٻه واقعا خصوصي اهميت جا
حامل رهن ٿا. هڪ ان جي پئدائش ۽ ٻي ان جي وفات جو
واقعو. مسٽر جناح جي پيدائش ۽ وفات جا ٻئي واقعا
هن شهر ۾ ٿيا. مونکي ياد ناهي ته ڪنهن دور ۾ به
ڪنهن عظيم الشان انسان کي اهڙو مرتبو حاصل ٿيو
هوندو، جو سندس جاءِ پئدائش ۽ سندس وفات جو هنڌ
ساڳيو رهيو هجي.
ڪراچيءَ جو امتياز:
شهر
ڪراچيءَ کي اهو امتياز حاصل آهي ته جنهن ٻار تي ٻه
پيارا نالا محمد ۽ علي رکيا ويا ، سو ڪراچيءَ ۾
ڄائو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.
قائداعظم جي ولادت ۽ وفات کان علاوه، قائداعظم جي
زندگيءَ ۾، ٻيا به ڪيئي اهڙا واقعات رونما ٿي چڪا
آهن، جن جو دور رس اثر قائداعظم جي زندگيءَ، توڙي
قوم جي زندگيءَ تي پيو آهي.
مونکي اهو معلوم ناهي ته ڪنهن قائداعظم جو يوم
پيدائش 25 ڊسمبر مقرر ڪيو هو. ليڪن ظاهري طور تي
قائداعظم پاڻ به ان ڳالهه تي متفق ڏٺو ويو.
پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس جي موقعي تي، محترمه
فاطمه جناح مونکي چيو ته مان ميونپسل رڪارڊ جي
چڪاس ڪري، قائداعظم جي ولادت جي صحيح تاريخ متعلق
معلومات حاصل ڪريان. ان وقت مان ڪراچيءَ جو ميئر
هوس. جڏهن ته ان سلسلي ۾ رڪارڊ جي تلاش ڪرڻي هئي،
لهذا مون احڪامات جاري ڪيا ته قائداعظم ۽ محترمه
فاطمه جناح جي ولادت جي صحيح تاريخن متعلق ڇنڊڇاڻ
ڪئي وڃي. ليڪن بدقسمتيءَ سببان انهن ٻن عظيم هستين
جي پيدائش جي تاريخ متعلق ميونسپل رڪارڊ مان
معلومات ملي نه سگهي. البت ٻيا ڪي دلچسپ مسئلا
اسان جي سامهون آيا. رڪارڊ مطابق ڪراچيءَ جي
ميونسپل سيڪريٽريءَ جي پگهار فقط ويهه روپيا هئا.
جڏهن
ته مسٽر جناح، سنڌ مدرسته الاسلام ۽ چرچ مشن اسڪول
۾ تعليم حاصل ڪئي، ان ڪري مون محسوس ڪيو ته شايد
انهن ٻن تعليمي ادارن جي رڪارڊ مان مونکي قائداعظم
جي تاريخ پيدائش متعلق معلومات حاصل ٿي سگهي. لهذا
انهن ادارن سان رابطي قائم ڪرڻ سان، هيٺيون
حقيقتون ظاهر ٿيون:
(1)
تاريخ پيدائش : 20 آڪٽوبر 1875ع.
(2)
4 جولاءِ 1887ع تي پهرئين درجي ۾ داخلا ورتي ويئي،
۽ ڪجهه عرصي جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ بمبئيءَ
ڏانهن روانو ٿيو. (جي. آر نمبر 114)
(3)
انجمن اسلاميه اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 3ـ
ڊسمبر 1887ع تي بمبئي مان وري ڪراچي ۾ واپس آيو، ۽
پهرئين درجي ۾ دوباره داخلا ورتائين (جي آر نمبر
178).
(4)
طويل عرصي تائين يعني 5 جنوري 1891 تائين غيرحاضر
رهيو (اسٽينڊرڊ چوٿون).
(5)
9 فيبروري 1891ع تي اسڪول ۾ دوباره داخلا ورتائين
(اسٽينڊرڊ چوٿون، جي آر نمبر 43).
(6)
جڏهن پنجين درجي ۾ زير تعليم هو، تڏهن سندس عمر
سترنهن سال هئي.
سندس
شاديءَ جي تاريخ 30 جنوري 1892 طئي ڪئي ويئي، لهذا
قائداعظم ڪڇ ڏانهن روانو ٿيو.
تاريخن ۾ اختلاف
تاريخون هڪٻئي جي ڪجهه خلاف آهن، ليڪن مون جو ڪجهه
اسڪول رڪارڊ مان معلومات حاصل ڪئي آهي، اها پيش
ڪئي اٿم.
ليڪن
قائداعظم جي وفات کان ايڪيهه سال پوءِ، ڇا اهو
ممڪن آهي ته اسان سندس پيدائش جي تاريخ کي ٻه
مهينا پوئتي ڪري سگهون! اگر ائين ٿي سگهي ٿو ته
پوءِ سڀ کان اول اسان کي هي ڪرڻ گهرجي، ته رڪارڊ
کي صحيح بنايون ۽ ان کانپوءِ قائداعظم جي يوم
پيدائش، کي ڪرسمس جي سڳوري ڏينهن کان الڳ ڪري،
مسلم نشاه ثانيه وارو آڪٽوبر انقلاب ملهايون!
محمد
علي جناح جي پيدائش جي موقعي تي، دهليءَ ۾ ملڪ
وڪٽوريا کي ”قيصر هند“ جو خطاب ڏنو ويو. ان طرح
هندستان گويا برطانيه جي ماتحتي قبول ڪئي. ان وقت
برطانيه جي سلطنت پوري عروج تي هئي. قائداعظم گويا
راڻي وڪٽوريا جي پڙپوٽي سان هندستان جي آزاديءَ
لاءِ ڳالهيون هلايون ۽ راڻي وڪٽوريا جي پڙپوٽي جي
زماني ۾ ئي هندستان کي برطانيه کي آزادي نصيب ٿي.
ان طرح سان، قائداعظم جي پيدائش ۽ وفات ۽ هندستان
۾ امپيريل انڊيا جي قيام ۽ برطانيه کان آزاديءَ
ملڻ جي وقت ۾ هڪ طرح سان ڪافي يڪسانيت هئي.
ٻاراڻي اوستا
جناح سان گڏ ٻاراڻي وهيءَ ۾ ”کاري در“ جي گهٽين ۾
جو صاحب رانديون کيڏندو هو، ان جو نالو نانجي جعفر
آهي. اهو صاحب، قائداعظم جي وفات کانپوءِ به ڪيئي
سال زندهه رهيو. لهذا قائداعظم محمد علي جناح جي
ٻاروتڻ متعلق جا معلومات اسان حاصل ڪئي آهي، سا
نانجي جعفر جي ذريعي حاصل ڪئي آهي.
نانجي جعفر، قائداعظم جي ٻاراڻي وهيءَ متعلق جا
معلومات اسان کي ڏني آهي، ان مان انگريزيءَ جي هن
مقولي
Child
is Father of the man
جي صحت معلوم ٿئي ٿي.
نانجي جعفر ۽ قائداعظم، کاري در جي گهٽين ۾ گولين
سان راند ڪندا هئا. اها 1880ع ۽ 1890ع جي وچين
زماني جي ڳالهه آهي. ليڪن ان کانپوءِ ويهه سال کن
پوءِ به تقريبن هر شام تي، ڊينسوهال جي چوراهي جي
وچين حصي تي اِٽي ـ ڏڪر راند ڪئي ويندي هئي، پر اڄ
ڪلهه ان چوراهي تي ايتري ته رش ٿي رهي آهي جو ان
کي پار ڪرڻ به ڏکيو آهي.
اهو
به چيو ٿو وڃي ته جڏهن محمد علي جناح تقريبن چوڏهن
(14) سالن جو هو، تڏهن هڪ ڏينهن ان نانجي جعفر کي
ٻين ڇوڪرن سان گولين راند ڪندي ڏٺو. تڏهن ان موقعي
تي ڇوڪرن کي چيائين ته هو مٽيءَ ۾ راند نه ڪن ڇو
ته راند سان ڪپڙا ۽ هٿ خراب ٿيندا. ان نصيحت جي
اهميت تمام وڏي آهي ڇو ته ان واقعي کانپوءِ سٺ
سالن تائين قائداعظم پنهنجن هٿن کي ڪنهن به شئي
کان گندو نه ڪيو ۽ نه ڪو ڪنهن گندي ڪم کان پاڻ کي
ملوث ٿيڻ ڏنو.
سيپٽمبر 1944ع ۾، برلا هائوس ۾ ”جناح ــ گانڌي“
مذاڪرات جي پڄاڻيءَ تي فوٽوگرافرن جي سچ پچ ته فوج
آيل هئي، جا ٻنهي ليڊرن جي فوٽو ڪڍڻ لاءِ گهيرو
وجهي چڪي هئي. اهو حال ڏسي، گانڌي جي، قائداعظم
کان پڇا ڪئي ته ”ڇا اوهان فوٽو ڪڍائڻ پسند ڪريو
ٿا؟“ قائد اعظم ٺهه پهه جواب ڏيندي چيو ته ”هائو،
پر ايتريقدر نه جيترو توکي فوٽو ڪڍائڻ جو شوق
آهي!“ ان جواب مان ظاهر آهي ته هو هر طرح جي گندگي
کان پاڻ کي بچائيندو رهيو هو.
محمد
علي جناح، 7 آگسٽ 1897ع تي، وڪالت شروع ڪرڻ لاءِ
ڪراچيءَ مان بمبئي ڏانهن روانو ٿيو. ان کان پوءِ
پنجاهه سالن کانپوءِ 7 آگسٽ 1947ع تي، وائسراءِ
هند جي سلور ڊڪوٽا جهاز ۾ پاڪستان جي پهرئين گورنر
جنرل جي حيثيت سان ڪراچيءَ پهتو.
ان
موقعي تي قائداعظم سان گڏ صرف هڪ آفيسر ليفٽيننٽ
ايس . ايم احسن هو، جو ان وقت قائداعظم جو اي. ڊي.
سي هو. (ايم. احسن پوءِ مشرقي پاڪستان جو گورنر به
ٿيو).
اهو
چئي نٿو سگهجي ته 1897ع کان 1947ع جي درمياني اڌ
صديءَ ۾ ڪيترا ڀيرا قائداعظم ڪراچيءَ ۾آيو، ڪاش ان
متعلق ڪو رڪارڊ ڪٿان ملي سگهي!
ان
کانپوءِ قائداعظم ۽ مسلم ليگ پاڻ ۾ لازم ۽ ملزوم
ٿي ويا. لهذا مناسب اهو ٿو سمجهڻ ۾ اچي ته مسلم
ليگ ۽ ان جي قائدين جي زندگيءَ توڙي ٻين سياسي
مسئلن ۾، ڪراچيءَ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو، ان متعلق
ڪجهه روشني وجهڻ گهرجي.
آل
انڊيا مسلم ليگ جو پهريون اجلاس ڪراچيءَ ۾ 1907ع ۾
هڪ بوري رهنما مرحوم سر آدمجي پير ڀائيءَ جي صدارت
۾ ٿيو، جڏهن ته آل انڊيا مسلم ليگ جو آخري اجلاس
به 1943ع ۾ ڪراچي ۾ ئي ٿيو، جنهن جي صدارت قائد
اعظم محمد علي جناح ڪئي هئي.
”قرارداد پاڪستان“ سڀ کان اول 1938ع ۾ ڪراچي
ڪانفرنس ۾ ئي پاس ڪيو ويو. البت ”ڪل ــ هند“ سطح
تي اهو تاريخي ٺهراءُ ڏيڍ سال کن پوءِ لاهور ۾
منظور ڪيو ويو. اصل ۾ قيام پاڪستان جي لاءِ
باقاعده منصوبه بندي به 1943ع ۾ ڪراچي ۾ ئي ڪئي
ويئي. جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ پاران 1943ع واري
اجلاس جي آخري سيشن ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن
جي ذريعي، پاڪستان مصنوبه بندي لاءِ ڪميشن جو
قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن جو هڪ ميمبر مان به
هوس.
پاڪستان
آل
انڊيا نيشنل ڪانگريس ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ
ته پاڪستان جي تجويز اقتصادي طور تي سود مند
نه ٿيندي، ممتاز ماهرن تي مشتمل هڪ ڪميشن قائم ڪئي
هئي، جئين ان جي رپورٽ جي آڌار تي پاڪستان کي
اقتصادي خيال کان ناقابل عمل قرار ڏئي سگهجي. ان
سلسلي ۾ مسلم ليگ جي پاران قائم ڪيل ڪميشن کي
ڪانگريسي ماهرن جي بدخواهي واري چال جي جواب لکڻ
جو اهم ڪم سپرد ڪيو ويو هو ۽ ان سان گڏ ان ڪيمشن
تي اهو به بار رکيو ويو هو ته هوءَ پاڪستان جي
اقتصادي بنياد متعلق پڻ تجويزون تيار ڪري. ان
مسئلي جي بيان ڪندي مان 1938ع ۾ ڪراچيءَ ۾ منعقد
سنڌ پراونشل ڪانفرنس متعلق ڪجهه عرض ڪرڻ گهران ٿو.
ان ڪانفرنس جي خصوصيت اها آهي ته ان ۾ سڀ کان
اول ”پاڪستان“ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو هو. مان
اهو ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ
مسٽر جناح حيدرآباد مان اسپيشل ٽرين جي ذريعي
ڪراچي پهتو. گارڊ آف آنر کانپوءِ کيس عظيم الشان
”باب السلام“، کان نيو ويو. ان کانپوءِ ٻن ميلن
تي مشتمل جلوس ۾ کيس شهر ڏانهن آندو ويو. مون وٽ
اڄ تائين ان جلوس لاءِ جيڪا منصوبه بندي ڪئي ويئي
هئي، ان جو خاڪو موجود آهي. قائداعظم کي خوش آمديد
۽ ڀليڪار ڪرڻ لاءِ رستي جي ٻنهين طرفن تي لکن
ماڻهن تي مشتمل هجوم هو. قائداعظم جي رفاقت ۾ موٽر
جي آسپاس، محترمه فاطمه جناح، بيگم مولانا محمد
علي جوهر، ليڊي عبدالله هارون، نوابزاده لياقت علي
خان، سر محمد جمال خان لغاري، نواب احمد يار خان،
دولتانه، نواب مريد حسين قريشي، نواب محمد
اسماعيل خان ميرٺي، راجه صاحب محمود آباد، سرغلام
حسين هدايت الله، مسٽر حسن علي عبدالرحمان، پير
علي محمد راشدي، سردار بهادر جان محمد جوڻيجو،
آنريبل ميان علي بخش، مسٽر جي ايم سيد، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، مير غلام علي ٽالپر، سر عبدالله
هارون، نواب مشتاق احمد گورماني، مولانا شوڪت علي،
سر ڪريم ڀائي ابراهيم بيرونيٽ، مير بنده علي خان
ٽالپور، مسٽر عبدالستار سيٺ، جمال ميان، مسٽر محمد
ايوب خان کهڙو، مخدوم غلام حيدرآف هالا، مولانا
غلام بيگ نيرنگ، مولانا عبدالحامد بدايوني، مير
جعفرخان جمالي ۽ مان.
ان
ڪانفرنس ۾ پنج مکيه ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. انهن مان
آخري ٺهراءُ کي مان ”قرارداد پاڪستان“ چوندس.
ليڪن اخبارن کي قرارداد پنجون ” فرقه وارانه
تصفيه“ جي نالي سان ڏنو ويو. قرارداد کي ڏسڻ سان
پتو لڳي ٿو ته هي قرارداد 23 مارچ 1940ع تي لاهور
۾ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو هو، ان کان ڪجهه مختلف نه
هو.
ان
ٺهراءَ جا چند اقتباس هت پيش ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان.
”
اڪثريت واري فرقي جي فرقه وارانه ذهنيت ۽ مسلم
دشمن پاليسيءَ جي سبب متحده هندوستان ۽ محتده
هندستاني قوم جو خواب شرمنده تعبير نه ٿي سگهندو.
ان جو ٻيو سبب اهو آهي ته برصغير جي ٻن قومن جا
مذهب، زبان، رسم الخط، ثقافت، سماجي قانون ۽نظريه
حيات هڪٻئي کان بلڪل مختلف آهن.
” هي
ڪانفرنس برصغير جي امن ۽ هندن ۽ مسلمانن جي
اقتصادي، سماجي فلاح ۽ بهبود، سياسي حق خود
اختياري جي استعمال لاءِ اهو ضروري سمجهندي، آل
انديا مسلم ليگ کي سفارش ٿي ڪري ته هندستان جي
لاءِ مناسب دستور جي مسئلي جو دوباره جائزو
ورتو وڃي، ۽ دستور جي اهڙي اسڪيم پيش ڪئي وڃي،
جنهن جي ماتحت برصغير جي مسلمانن کي پوري پوري
آزادي ملي سگهي.“
هيءُ ٺهراءُ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پيش ڪيو هو ۽
ان جي تائيد نواب مشتاق احمد گورماني ڪئي ۽ سر
حاجي عبدالله هارون، سيد عبدالرئوف شاهه ائڊووڪيٽ
ايم.ايل .اي سي پي ۽ مون ڪئي هئي.
پاڪستان:
1937ع ۽ 1947ع جي درمياني ڏهن سالن جي صوبائي
خود مختياريءَ جي زماني ۾ مسلم اڪثريت جي صوبن ۾
مسلم ليگ ڪٿي گهٽ وقت لاءِ ته ڪٿي زياده وقت جي
لاءِ حڪومتون بنايون هيون، ليڪن قرارداد پاڪستان
کي پاس ڪرڻ جو سهرو به سنڌ جي مجلس قانون ساز جي
سر تي ٻڌو ويو 3 مارچ 1943ع تي سنڌ قانون ساز
اسيمبليءَ جي ڪراچي واري اجلاس ۾ مسٽر جي ايم سيد
هيٺيون ٺهراءُ پيش ڪيو:
”
هيءُ اجلاس حڪومت کي سفارش ٿو ڪري ته عزت ماب
وائسسراءِ جي واسطي سان هز مئجسٽيءَ جي حڪومت کي
هيءُ پيغام پهچائي ته صوبي جي مسلمانن جي خواهش
آهي ته هندوستان جي مسلمانن جو مذهب، فلسفه حيات،
سماجي رواج ۽ رسمون، ادب، ثقافت ۽ اقتصادي نظام
هندن کان بلڪل مختلف آهن. لهذا ملسمان هڪ الڳ قوم
آهي ۽ انهن جو پنهنجو آزاد ۽ قومي مزاج آهي. ان
طرح برصغير جا ڪي اهڙا حصا ۽ علائقا آهن، جن ۾
مسلمان اڪثريت ۾ آهن.
”
لهذا سنڌ جا مسلمان، پرزور نموني ۾ هن حقيقت جو
اعلان ٿا ڪن ته هو ڪنهن به اهڙي دستور کي قبول نه
ڪندا، جنهن جي ماتحت مرڪزي حڪومت ۾ ٻي قوم يعني
هندن جو غلبو هجي.
”
مسلمانن کي آزاديءَ سان پنهنجن اصولن جي مطابق ڪم
ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن جي الڳ ۽ آزاد قوم
واري حيثيت کي تسليم ڪيو وڃي.
” ۽
اگر هندوستان جي مسلمانن کي مرڪزي حڪومت جي
ماتحت محڪوم رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ ملڪ ۾
خانه جنگي ٿيندي ۽ ان جا نهايت ناخوشگوار اثر ۽
نتيجا نڪرندا.“
ان
ٺهراءُ کي پيش ڪندي، محترم جي ايم سيد نهايت
ولوله انگيز تقرير ڪئي، ليڪن مان هت ان تقرير مان
ڪجهه اقتباس پيش ڪرڻ کان گريز ڪندس. البت هڪ ڳالهه
واضح ڪرڻ نهايت ضروري ٿو سمجهان، جا اها آهي ته
ان ٺهراءُ کي قائداعظم جي تائيد حاصل هئي ۽ اهو
ٺهراءُ ڪراچي ۾ پاس ڪيو ويو هو. ان طرح قائداعظم
کي ڪراچي سان جيڪا والهانه عقيدت هئي، ان جو هڪ
مزيد ثبوت اهو ٺهراءُ به آهي، جو مٿي پيش ڪيوويو
آهي.
رڪارڊ ناياب آهي:
مان
هن کان اڳ اهو ظاهر ڪري چڪو آهيان ته 1897 کان
1947ع جي درمياني اڌ صدي جي دوران ۾ قائداعظم
ڪراچي ۾ ڪيترا ڀيرا آيو، ان متعلق اسان وٽ
بدقسمتيءَ سان ڪو رڪارڊ موجود ناهي. ايترو آهي ته
ان عرصي ۾ قائداعظم ٻه چار ڀيرا آيو، ان متعلق
مان ڪجهه عرض ڪندس. ياد رهي ته اهو اُهو زمانو هو،
جڏهن هندوستان جي مرڪزي قانون ساز اسيمبلي ۾
قائداعظم ڏاڍي مقبوليت حاصل ڪري چڪو هو.
سنڌ
جي بمبئيءَکان علحدگي:
اهو
به هر علم واري کي معلوم آهي ته سنڌ کي بمبئيءَ پر
يزيڊنسيءَ کان الڳ ڪرائڻ ۽ هڪ آزاد ۽ خودمختيار
صوبي ۾ تبديل ڪرائڻ جي تحريڪ به سنڌ ۾ شروع ٿي ۽
ان جو مرڪزي دفتر به ڪراچي ۾ ئي قائم ڪيو ويو هو.
ٻيو ته اگر آزاديءَ کان ٻارهن سال اڳ تائين سنڌ جو
وجود هڪ آزاد ۽ خودمختيار صوبي جي حيثيت سان نه
هجي ها ته پوءِ هرڪو سمجهي سگهي ٿو ته پاڪستان جي
مطالبي جو ڪهڙو حال ٿئي ها!
هڪ
حيثيت سان اها اسان جي خوشقسمتي آهي ته لنڊن ۾
ٿيندڙ گول ميز ڪانفرنس ۾ مسلماناِن هند جي لاءِ
الڳ مملڪت جي سوال کي جوائنٽ پارليماني ڪميشن جي
رڪن، سرونسٽن چرچل جي طرف کان بار بار پيش ڪرڻ کان
علاوه ٻئي ڪنهن به ان ڏانهن توجهه نه ڏنو هو. ڇا
لاءِ ته اگر ان وقت تي اهو سوال کنيو وڃي ها ته
پوءِ لازمي طرح سان مسلمانن جي ڪمزور سياسي حالت
جي نسبت سان سنڌ به الڳ صوبو نه بنجي سگهي ها.
لهذا اهي ماڻهو ان حقيقت سان اختلاف رکن ٿا ته ڪو
پاڪستان جي قيام ۾ غيبي امداد ملي آهي، سي هن
ڳالهه سان ته ضرور اتفاق ڪندا ته تاريخ پنهنجي
پاڻ کي دهرائي ٿي ۽ فرعون جي گهر ۾ موسيٰ پيدا
ٿيندو رهندو آهي.
مسٽر
جناح گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هڪ نمائندي
جي حيثيت سان جڏهن ڪراچي مان بحري جهاز ذريعي
لنڊن روانو ٿيو، تڏهن مسٽر جي ايم سيد پنهنجي
رهائشگاهه ” لولين“ ۾ هڪ ضيافت جو انتظام ڪيو،
جنهن جو مقصد هو مسٽر جناح کي ان ڳالهه لاءِ تيار
ڪرڻ ته هو سنڌ کي آزاد صوبي بنائڻ جي سلسلي ۾
خصوصي طرح سان وڪالت جا فرائض بجا آڻي.
ان
رات، اڌ رات تائين سنڌ کي الڳ صوبي بنائڻ جي سلسلي
۾ قائداعظم ، مسٽر جي ايم سيد، علام آءِ آءِ قاضي،
مرحوم ميران محمد شاهه، مسٽر ايم اي کهڙي، مسٽر
علي محمد راشدي ۽ منهنجي درميان ڳالهه ٻولهه ٿيندي
رهي. اها ملاقات ڪراچيءَ جي زندگيءَ ۽ تاريخ ۾
خصوصي اهميت رکي ٿي.
هندن
طرفان مخالفت:
سنڌ
کي الڳ صوبي بنائڻ جي نظريي جي هندن طرفان سخت
مخالفت ڪئي وئي. هندن پاران ان سلسلي ۾ ڪيئي دليل
پيش ڪيا ويا، جن مان هڪ دليل اهو هو ته صوبه سنڌ
مالياتي نگاهه سان الڳ صوبي جي حيثيت ۾ برقرار رهي
نه ٿو سگهي. هندن پنهنجي ان دليل کي زور وٺائڻ
لاءِ اقتصادي ماهرن جي هڪ ڪميٽي ٺاهي، ان ڪميٽي
جي هڪ ماهر ميمبر پروفيسر ڇٻلاڻيءَ اها دعويٰ ڪئي
ته جڏهن ته سکر بئراج جو قرض اڃا سنڌ تي بيٺو آهي،
تنهنڪري الڳ ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ ترڻ جي بجاءِ عربي
سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندي.
چانچه هندن جي ان معاشيات جي ماهر جيڪا دعويٰ ڪئي،
ان کي هندو پريس نهايت نمايان انداز ۾ شايع ڪندي
رهي، ان پروفيسر ڇٻلاڻي اها به دعويٰ ڪئي ته
مسلمانن کي اگر ٻه ۽ ٻه جمع ڪرڻ لاءِ چيو ويندو ته
پوءِ مسلمانن پاران ان جو نتيجو ٻڌايو ويندو پنج
يا ٽي!
سرشاهنواز ڀٽو مرحوم
گول
ميز ڪانرنس ۾ سنڌ جو واحد نمائندو، سر شاهنواز خان
ڀٽو هو. اسان کي سرشاهنواز ڀٽي مرحوم تي پورو پورو
اعتماد هو، ليڪن اسان جي خواهش هئي ته مسٽر جناح
جي حمايت به اسان کي حاصل ٿي سگهي ته بهتر.
ان
سلسلي ۾ مسٽر جناح اسان کي مشورو ڏنو ته سنڌ جي
بمبئيءَکان علحدگيءَ متعلق ڪيل مطالبي جي حمايت ۾
هڪ اهڙي ياد داشت تيار ڪئي وڃي، جنهن ۾ انگن اکرن،
دليلن ۽ شاهدين سان اها ڳالهه ثابت ڪئي وڃي ته سنڌ
کي اگر بمبئي پريزيڊ نسي کان الڳ ڪيو ويندو ته
پوءِ اهو صوبو مالياتي نگاهه سان هروڀرو ڏيوالي ۾
نه وڃي سگهندو، جيئن مخالفن طرفان اجائي غوغا
آرائي ڪئي پئي وڃي.
ان
چئلينج جي مقابلي ڪرڻ لاءِ مون هڪ علحده سنڌ جي
بجيٽ جو خاڪو تيار ڪيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته شروع
کان ئي سنڌ پيرن تي بيهي سگهڻ وارو مالدار علائقو
آهي. اڳتي هلي اها ڳالهه نيٺ سچي ثابت ٿي.
منهنجي عزيز دوست آنجهاني مونيٽيسن پي. ويب، جو
سنڌ جي ممتاز انگريزي اخبار روزانه ”ڊيلي گزيٽ“ جو
مالڪ هو، ان تعارف سان ان بجيٽ جي خاڪي کي ’ڊيلي
گزيٽ‘ ۾ نهايت نمايان نموني ۾ شايع ڪيو ويو. اسان
ان اخبارن جون ڪاپيون گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ
سڀني ميمبرن کي پهچايون.
ان
سلسلي ۾ هڪ ٻيو واقعو اهو آهي، جڏهن مسٽر ايم. اي.
کهڙي، 1- آڪٽوبر 1931ع تي مسٽر جناح جي اعزاز ۾
ڪارلٽن هوٽل ۾ هڪ ضيافت جو انتظام ڪيو. ان موقعي
تي سرشاهنواز ڀٽو به لنڊن ڏانهن روانو ٿي رهيو هو.
اها
ڳالهه دلچسپيءَ کان خالي نه رهندي ته سرشاهنواز
ڀٽي کي الوداع ڪرڻ لاءِ سوين ماڻهو گڏ ٿي چڪا هئا
۽ ان جي مقابلي ۾ مسٽر جناح کي الوداع ڪرڻ لاءِ
اسان ٻه- چار ماڻهو مس هئاسون، مرحوم سرحاجي
عبدالله هارون، مسٽر جي. ايم سيد، مسٽر ايم اي.
کهڙو، پير علي محمد راشدي ۽ مان.
مسلم
ليگ جي ٻن گروپن ۾ ٺاهه
منهنجي نظر ۾ مسٽر جناح جي ڪراچيءَ ۾ اچڻ جو اهو
واقعو وڏي اهميت ٿو رکي، جنهن ۾ مسلم ليگ جي ٻن
گروپن ۾ ٺاهه ڪرايو ويو.
ان
ملاقات جي دوران، جناح صاحب قانون ساز اسيمبليءَ ۾
مسلم ليگ جي ٻن گروپن جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف ۽
تنازع کي ڪمال صفائيءَ سان طئه ڪرايو. ان موقعي
تي هڪ وزار تي گروپ جي قيادت سر غلام حسين هدايت
الله ڪري رهيو هو ۽ ٻئي پاسي سنڌ پراونشل مسلم ليگ
جي گروپ جي قيادت مسٽر جي. ايم. سيد ڪري رهيو هو.
اهو واقعو 1944ع جو آهي. ان موقعي تي ٻنهين گروپن
۾ سخت ڪشمڪش پيدا ٿي چڪي هئي. هر گروپ، ٻئي گروپ
تي ڪيترائي سنگين الزام هڻي رهيو هو. ان وقت
قائداعظم جي صحت به ڪا اهڙي چڱي نه هئي، پر ان
هوندي به قائداعظم سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ جي
هر رڪن سان جدا جدا ملاقات ڪئي ۽ هر رڪن کي ايتري
وقت تائين ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وئي، جيستائين هو
دل کولي ڳالهائي سگهيو ٿي. قائداعظم سڀني مسئلن کي
چڱي طرح سان سمجهڻ کانپوءِ اطمينان جو اظهار ڪيو.
ان اهم ڪم جي طئي ڪرڻ لاءِ قائداعظم پورن ٽن ڏينهن
تائين سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون.
هر ميمبر خوش هو ته ان پنهجي مخالف جي خلاف دل
کولي دليل ڏنا آهن. ان کاپوءِ سڀني کي فيصلي جو
انتظار هو.
ٽئين
ڏينهن قائداعظم انهن سڀني ميمبرن کي ڊرائنگ روم ۾
سڏايو ۽ چيو ته اگر کين اڃا به ڪجهه وڌيڪ چوڻو هجي
ته پوءِ ان صورت ۾ هن اجلاس کي بر خواست ڪري سگهجي
ٿو، جيئن سڀاڻي سڀ ميمبر فردن فردن دوباره مون سان
ملاقات ڪري سگهن. سڀني ميمبرن قائداعظم پاران
ايتري وقت ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو. ان تي قائداعظم
فرمايو ته ” هاڻي منهنجي فيصلي ٻڌڻ لاءِ سڀ تيار
ٿيو ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ وعدو ڪريو.“ سڀني
ميمبرن بلند آواز سان وراڻيو ته اسان اوهان جي
فيصلي سان ٻڌل رهنداسون. قائداعظم ان تي ڪاغذ ۽
قلم گهرايو ۽ هڪ معاهدي تي سڀني کان دستخط ورتا،
جنهن ۾ لکيل هو ته سڀئي قائداعظم جي فيصلي تي عمل
ڪندا.
ان
کانپوءِ اسان جو قائداعظم اصل ڪم ۾ مشغول رهيو.
سندس سامهون پاڻي جو هڪ گلاس هو، جنهن جي تر ۾
ڪجهه ذرڙا پئي نظر آيا، اهو ڏيکاري چيائين ته
”اختلاف جي حيثيت اجهو اها آهي.“ ان کانپوءِ صلح
صفائي ڪرائي، سڀني کي کير کنڊ ڪري واپس ڪيائين.
بهر حال، قائداعظم سان ڪراچيءَ جون ڪئي سياسي ۽
سماجي روايتون وابسته آهن، جن مان تمام ٿوريون
بيان ڪيون ويون آهن، باقي ڪنهن ٻئي موقعي تي پيش
ڪنداسون.
(روزانه جنگ ڪراچي – قائداعظم نمبر 26 ڊسمبر 1969)
**
هي
واضح ڪرڻ گهران ٿو ته پاڪستان ڪڏهن به ان ڳالهه تي
راضي نه رهندو، ته ٻئي حڪومتون هڪ مشترڪ مرڪز جي
ماتحت آئيني طور تي هڪ ٿي وڃن.
پاڪستان قائم ٿي چڪو آهي ۽ اهو قائم رهندو. ليڪن
اسان هندوستان سان ٻن آزاد مملڪتن وانگر هڪجهڙائي
۽ خودمختيار حڪومتن وانگر هميشه امن، صلح، ڀائپي
۽ مفاهمت ۾ رهڻ لاءِ تيار آهيون، بلڪل ان وانگر
جيئن اسان ڪنهن ٻي غير قوم سان دوستيءَ جو معاهدو
ڪري ٿا سگهون.
قائداعظم – رائٽر جي نامه نگار ڊنڪن هو پر سان هڪ
ملاقات 23- آڪٽوبر 1947ع |