هندستان جي وحدت – هڪ خام خيالي آهي
قائداعظم جي هڪ ناياب تحرير
(
پاڪستان جي جدجهد واري سنگين دور ۾ آل آنڊيا مسلم
ليگ طرفان مسلمانن جي سياسي نصب العين جي تائيد ۽
وضاحت لاءِ مضمونن جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو. اڳتي
هلي اهي مضمون ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا ويا. اهم
ڳالهه اها آهي ته ان ڪتاب تي قائداعظم محمد علي
جناح کان ديباچو لکايو ويو. ان حيثيت سان
قائداعظم جي اها تحرير هڪ تاريخي حيثيت جي حامل
آهي ۽ ان سان گڏ هڪ عظيم سياستدان جي سياسي بصيرت
جو شاهڪار آهي،اهو ديباچو پيش ڪجي ٿو. –غ. م. گ)
موجوده دور جي نام نهاد جاگرافيڪل وحدت وارو
هندستاني جديد تصور، مڪمل طور تي برطانيه جو پيدا
ڪيل آهي، ۽ هو نوڪرشاهي جي نظام حڪومت جي ماتحت
کيس هڪ انتظامي وحدت بنائي ان تي قابض آهي. هن
حڪومت جي تائيد ۾ عوامي مرضيءَ واري طاقت ناهي،
بلڪ تلوار طاقت آهي. ان صورتحال مان هندو
ڪانگريس ۽ هڪ ٻي هندو جماعت هندو مهاسڀا، ٻئي
گڏجي ناجائز فائدو حاصل ڪري رهيون آهن.
هندوستان پنهنجي رقبي ۽ آباديءَ جي حيثيت سان هڪ
برصغير آهي. اها به حقيقت آهي ته هندستان نڪو هڪ
ملڪ آهي، ۽ نه ڪو هندستان جا آباد باشندا ڪا هڪ
قوم آهن. هتي جي آبادي تمام گهڻين قوميتن ۽ تمام
گهڻن نسلن تي مشتمل مجموعو آهي، جن ۾ مسلمان ۽هندو
ٻه وڏيون قومون شمار ڪيون وڃن ٿيون، ان ڪري مان
چئي چڪو آهيان ته اهڙي وسيع برصغير ۾ هڪ مرڪزي
آئيني حڪومت جي خيال کان ” هندستاني وحدت“ جو
تصور محض خام خيالي آهي.
هندستان ۾ موجوده دور جي ٻن وڏين قومن يعني هندن ۽
مسلمانن جي درميان جيڪي اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن،
اهي براعظم يورپ جي مقابلي ۾ هزار ڀيرا وڌيڪ آهن.
اصل
حقيقت ۾ هن برصغير ۾ نسلن، مذهبن، گروهن، زبانن،
تهذيبن، اخلاقي قدرن، ادبي ۽ علمي ذخيرن ۽ ثقافتن
۾ جيڪو تنوع، عدم مطابقت، اختلاف ۽ تضاد موجود
آهي، اهڙو دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ موجود ناهي، بلڪ
ان جونظير پوري دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي.
ليڪن
خوش قسمتيءَ جي سببان، مسلمانن جا وطني علائقا
برصغير جي اتر – اولهه ۽ اوڀر وارن حصن ۾ موجود
آهن، جتي سندن پختي ۽ مڪمل اڪثريت آهي ۽ سندن
آبادي تعداد جي لحاظ سان ستن ڪروڙن تي مشتمل آهي.
ان ڪري هو اهو چاهين ٿا ته سندن اڪثريت وارا
علائقا باقي هندستان کان الڳ ڪيا وڃن، ۽ انهن حصن
۾ جداگانه، آزاد ۽ خودمختيار رياستون بنايون وڃن.
مسلمان بلڪل علي الاعلان پنهنجي آزاديءَ جي پرزور
تقاضا ڪري رهيا آهن، ۽ ساڳئي وقت تي هندوستان جي
هندن ۽ هندو ڀارت جي آزادي به گهرن ٿا. ليڪن
افسوس هي آهي ته اسان جي معقول ۽ جائز مطالبي جي
مقابلي ۾ هندن جي غلط روش، تجويزن ۽ اسڪيمن جو
مقصد فقط هي آهي ته پوري برصغير هند جي ڏهن ڪروڙن
مسلمانن کي “ هندو راڄ“ جي غلاميءَ ۾ مبتلا ڪري
سگهن، جنهن جو صاف صاف مطلب رڳو اهو وڃي بيٺو ته
مسلمان پنهنجي گردنن مان برطانوي راڄ جو ڦندو
ڪڍي هندو راڄ جو ڦندو پنهنجن گردنن ۾ وجهن. اڄڪلهه
بلڪل ناواقفيت جي بنياد تي يا ڄاڻي ٻجهي ۽ سمجهي
سوچي، غير ملڪي راءِ عامه کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ائين
چيو ٿو وڃي ته هندستان جا مسئلا به اهڙائي آهن،
جهڙا چين ۽ سوويت روس جا، يا متحده آمريڪا جي
مسئلن جهڙا آهن، ۽ انهن کي به اهڙن تجربن جي
روشنيءَ ۾ حل ڪري ٿو سگهجي، جي تجربا انهن قومن
حاصل ڪيا آهن.
اهڙي
دليل جي معمولي جائزي وٺڻ کانپوءِ جي نتيجا ڪڍيا
ويندا، تن سان هڪ ذهين ۽ ڄاڻو ماڻهو به قائل ٿي
سگهي ٿو ته هندستان جي مسئلن جو چين، سوويت ۽
آمريڪا جي مسئلن ۽ انهن جي مقامي پيدا ڪيل حل سان
مقابلي ڪرڻ سان مڪمل طور تي مغالطي ۾ وجهڻ ۽ قوم
مسلمان کي گهمراهه ڪرڻ جي برابر ٿيندو.
موجوده ڪتابن ۾، جن متعلق مان ديباچو لکي رهيو
آهيان اهي سڀ مختلف مضمون جمع ڪيا ويا آهن، جي
مختلف اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن ۽ اهي مضمون
هندستان جي مسلمانن جي پرزور مطالبه پاڪستان تي
تمام گهڻي روشني وجهن ٿا. اهوئي ڪارڻ آهي جو مون
ان ڳالهه سان اتفاق ظاهر ڪيو ته ڀلي انهن مضمونن
کي گڏ ڪري، ٻن حصن ۾ شايع ڪيو وڃي.
جڏهن
ته انهن ڪتابن ۾ ڏاڍي احتياط ۽ خبرداريءَ سان
مبالغه آرائيءَ کان بچي ڪري، جائز ۽ مفيد حدن
اندر، انگن ۽ اکرن سان، وڻندڙ ۽ اثرائتي انداز ۾
موجوده زماني جي سياسي مسئلن تي روشني وڌي ويئي
آهي، جي ممڪن آهي ته مسلمانن کي ذهني طور پريشان
ڪري ڇڏين، ان ڪري مسٽر ايم. آر. ٽي. پاران ان امر
جي اجازت ڏني ويئي آهي، ڀلي هي ڪتاب ” هوم اسٽڊي
سرڪل“ پاران شايع ڪيا وڃن.
انهن
مضمونن ۾ جي انگ ۽ اکر بيشمار دليل ۽ دلائل ۽
اثرائتين حقيقتن کي جمع ڪيو ويو آهي، منهنجي خيال
۾ اهو سارو ذخيرو نهايت قيمتي آهي. انهن جو مصنف،
ڪتابي صورت کان اڳ ۾ انهن مضمونن کي وقت بوقت ملڪ
جي مشهور اخبارن ۾ شايع ڪرائيندو آيو آهي. بيشڪ
سندن اها خدمت هر خيال کان تعريف جي قابل آهي.
مصنف
پنهنجو پهريون ڪتاب، جنهن جو عنوان آهي ” پاڪستان
اور مسلم انڊيا“ نهايت غير جانبدارنه انداز ۾، ۽
ديانتدارنه طريقي سان تيار ڪيو آهي. ان سلسلي جو
افادي ۽ توجهه جي لائق پهلو اهو آهي ته ان ۾ اهڙن
سببن ۽ڪارڻن جي اپٽار ڪئي وئي آهي، جن مان صاف
ظاهر ٿئي ٿو ته هندستان جي آئيني مسئلي جو حل اهو
آهي ته آل انڊيا مسلم ليگ وارو لاهور جو ٺهراءَ،
جو مارچ 1940ع ۾ پاس ڪيو ويو هو ۽ ان مسئلي کي حل
ڪرڻ لاءِ هندستان جي تقسيم ڪئي وڃي.
ٻئي
ڪتاب جو نالو “ نيشلزم ان ڪنفليڪٽ ان انڊيا“ آهي،
ان ۾ به ان ساڳئي مصنف جون تحريرون جمع ڪيو ويون
آهن. ان علمي ۽ تحقيقي ڪاوش مان واضح ٿئي ٿو ته
هندستان هڪ قومي مملڪت ناهي ۽ ٻيو ته هندستان ڪو
هڪ ملڪ ناهي. هن برصغير ۾ ڪيئي قومون آباد آهن،
جن مان مسلمان ۽ هندو قومون مشهور آهن، جن جي
ثقافت، تهذيب، زبان، ادب، آرٽ، فنون لطيفه، تعمير
سازي، بود وباش، لباس ۽ پوشاڪ، رهڻ ۽ گذر اوقات،
سماجي ۽ اخلاقي ضابطن رسمن ۽ رواجن، تاريخ ۽
روايتن، ذوق ۽ خواهشن، زندگي ۽ ان متعلق نظريه ۾
بنيادي طور تي تمام گهڻا فرق موجود آهن ۽ ڪيترن
اعتبارن ۽ توجيهات سان اهي سڀ اصول ۽ قدر، هندن جا
مسلمانن کان ۽ مسلمانن جا هندن کان بلڪل مخالف بلڪ
متضاد آهن.
اصل
۾ جن خيالن جو اظهار ٻنهي ڪتابن ۾ ڪيو ويو آهي،
اهي خيالات مصنف جا آهن. مسلم ليگ جا سرڪاري
خيالات يا منهنجا ذاتي خيالات ناهن.
مون
هي ديباچو ان ڪري لکيو آهي، جيئن انهن ٻنهي ڪتابن
کي پڙهڻ لاءِ قارئين ڪرام کي سفارش ڪري سگهان ته
جي هندستان جي متعلق آئيني مسئلي کي سمجهڻ ۽ ان جي
حل پيدا ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي رکن ٿا، سي وقت سيڙائي
نهايت سنجيدگيءَ سان هي ڪتاب ضرور مطالع ڪن.
مون
کي پورو پورو ڀروسو آهي ته جو شخص به ذاتي ۽
گروهي جذبات کان بي نياز ٿي، هي ڪتاب نهايت غور ۽
فڪر سان پڙهندو ته پوءِ اميد آهي ته ڪتابن ۾ پيش
ڪيل حقائق، انگن، اکرن، تاريخي ۽ سياسي، لساني،
فني، سماجي، ۽ اقتصادي، تهذيبي ۽ تمدني دليلن کان
ضرور متاثر ٿيندو، ۽ سندس ضمير ۽ ذهن، دماغ ۽ دل،
منطق ۽ قوت فيصله اهوئي فيصلو ڪري سگهندا ته
هندستان جي تقسيم، ٻنهين وڏين قومن، هندن ۽
مسلمانن لاءِ نهايت مفيد آهن. ( سنڌيڪار: غ. م.
گ.)
ايم.
اي. جناح 24 ڊسمبر 1942ع
نمبر
10 – اورنگزيب روڊ، نئي دهلي
بحواله قائداعظم نمبر، 1968ع، روزانه جنگ ڪراچي. |