”جيڪڏهن اسان ڌار ٿي وياسون، ته پوءِ موجوده حالتن
کان وڌيڪ اسان جون حالتون ابتر نه ٿينديون.“
مسٽر
جناح پنهنجي تقرير ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ سنڌ جي
علحدگيءَ جو سوال به اُٿاريو، ۽ سر شاهنواز خان
ڀٽي جي گهُر جي تائيد ڪئي.
وري
ٻي گول ميز ڪانفرنس سيپٽمبر 1931ع ۾ شروع ٿي. هن ۾
به مسٽر جناح شرڪت ڪئي. 16 اپريل 1932ع تي
وزيراعظم برطانيه ’ڪميونل اوارڊ‘ جو اعلان ڪيو،
جيڪو فقط صوبائي قانون ساز مجلسن جي حد تائين
محدود هو، مسلمانن لاءِ جدا گانه چونڊ جو حق قائم
رهيو.
لارڊ
ولنگٽن جنهن زماني ۾ بمبئيءَ جو گورنر هو، انهن
ڏينهن ۾ مسٽر جناح سان سندس جهڳڙو ٿيو هو؛ جنهن ۾
کيس شڪست آئي هئي. هينئر هو هندستان جو وائسراءِ
ٿي آيو. مسٽر جناح ڏاڍو غيرتمند ماڻهو هو. ٻي گول
ميز ڪانفرنس کان پوءِ هو هندستان موٽي نه آيو، پر
هو انگلينڊ ۾ ئي رهي پيو، ۽ اتي وڪالت ڪرڻ لڳو.
هيڏانهن هندستان ۾ ڪو به داناءُ، دلير ۽ سياسي
حڪمت عمليءَ وارو ليڊر ڪو نه رهيو. انهيءَ ڪري
ننڍي کنڊ پاڪ- هند جي مسلمانن مسٽر جناح جي غير
حاضري کي سختي سان محسوس ڪيو. سال 1933ع جي آخر ۾
مسلمانن جي سرڪرده رهنمائن جي هڪ ڪانفرنس ٿي، جنهن
۾ فيصلو ڪيو ويو، ته مسلم ليگ کي مسلمانن جي سياسي
مستقبل لاءِ نئين طرح جياريو وڃي ۽ مسٽر جناح کي
ليگ جي صدارت سونپي وڃي.
مسٽر
جناح جيتوڻيڪ لنڊن ۾ رهيو، تڏهن به هو هندستان ۽
مسلمانن جي معاملن کي وساري نه سگهيو. 1934ع ۽
1935ع جي درميان هن ڪيترا ڀيرا هندستان جو سفر
ڪيو. بمبئيءَ جي مسلمانن سندس پر پٺ کيس آزاد
اميدوار جي حيثيت سان مرڪزي اسيمبلي ۾ پنهنجو
نمائندو چونڊيو. هُو 1935ع ۾ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾
شرڪت لاءِ آيو، ۽ وري موٽي ويو. آڪٽوبر تائين
انگلينڊ ۾ ئي رهيو. انهيءَ دوران انگلينڊ جي
بادشاهه ”گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ 1935ع“ لاءِ
منظوري ڏني.
1935ع جي آخر ۾ قائد اعظم هندستان آيو، ۽ کيس مسلم
ليگ جو صدر بنايو ويو. اپريل 1936ع ۾ مسلم ليگ جو
ساليانو اجلاس بمبئيءَ ۾ ٿيو. ان ۾ ”گورنمينٽ آف
انڊيا ائڪٽ 1935ع“ تي غور ڪرڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو
ويو، ته ان ۾ جيتوڻيڪ اعتراض جوڳيون ڳالهيون آهن،
تڏهن به حالتن جي تقاضا اها آهي ته ان مان فائدي
وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ان کان سواءِ اهو به فيصلو
ڪيو ويو ته مسلم ليگ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ قائم
ڪيو وڃي، جنهن جي اهتمام سان اليڪشن لڙي وڃي؛ جيڪا
1935ع واري ايڪٽ جي ماتحت ٿيڻ واري آهي. ان جو صدر
قائد اعظم کي بنايو ويو.
ان
کان اڳ ۾ مسلم ليگ عملي ۽ عوامي جماعت نه هئي.
هينئر قائد اعظم ان کي عوامي ۽ فعال جماعت بڻائڻ
لاءِ پنهنجون ڪوششون شروع ڪيون. ان سلسلي ۾ هن سڄي
ملڪ ۾ دورا ڪيا. هو سنڌ ۾ به ٻه ٽي ڀيرا آيو، ۽ هر
هنڌ سنڌ جي ماڻهن سندس دل کولي آڌر ڀاءُ ڪيو.
انهي
ئي سال يعني سال 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي
۽ جدا صوبو بنيو، سال جي آخر ۾ اليڪشن جون
سرگرميون تيز ٿي ويون. هي اهو وقت هو جو اڃا تائين
مسلم ليگ سنڌ ۾ زرو نه ورتو هو.
انهيءَ سال جي آخر ۾ اليڪشن جون سرگرميون شروع ٿي
ويون. اليڪشن لاءِ ٽي پارٽيون ٺهيون: سر شاهنواز
ڀُٽي ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“، سر غلام حسين ”مسلم
پوليٽيڪل پارٽي“ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ”سنڌ آزاد
پارٽي“ بنائي . 7 فيبروري 1937ع تي اليڪشن ٿي؛ ۽
يونائيٽيڊ پارٽي 23، پوليٽيڪل پارٽي 5، ۽ آزاد
پارٽيءَ 3 جايون حاصل ڪيون. يونائيٽيڊ پارٽي جو
ليڊر سر شاهنواز ڀٽو، ۽ هڪ ڊپٽي ليڊر سر عبدالله
هارون ڪامياب ٿي نه سگهيا. ان پارٽي جو ٻيو ڊپٽي
ليڊر خابهادر الله بخش سومرو ڪامياب ٿيو. جمهوري
اصولن موجب سنڌ جي گورنر کي خانبهادر الله بخش
سومرو کي وزارت ٺاهڻ لاءِ چوڻ گهربو هو، پر گورنر
جمهوري اصولن جي خلاف ورزي ڪندي سر غلام حسين کي
وزارت ٺاهڻ لاءِ چيو. گورنر جي انهيءَ قدم سنڌ جي
سياسي اختلافن جو بنياد وڌو.
الله
بخش سومرو هڪ وڏو ذهين ۽ هوشيار سياستدان ته هو،
پر سندس عوام پسند ۽ حق پسند سياسي هير ڦير سبب
آخر مارچ 1938ع ۾ سر غلام حسين جي وزارت ختم ٿي ۽
7مارچ 1938ع تي الله بخش سومرو وڏو وزير ٿيو. انهي
سال ڪشمور تڪ ۾ هڪ زميندار زين الدين خان سندراڻي
جي وفات ڪري، اسيمبليءَ جي هڪ جاءِ خالي ٿي،
انهيءَ ضمني چونڊ ۾ الله بخش سومري جي ڪوشش سان هڪ
جاگيردار کي شڪست ملي ۽ ، هاري تحريڪ سان وابسته
خان محمد امين خان کوسو مرحوم ڪامياب ٿيو.
سنڌ
جي هندن کي اڳي ئي سُجهيو ٿي ته سنڌ بمبئي کان جدا
ٿيندي، ته سنڌ جي حڪومت جي واڳ، سنڌ جي مسلمانن جي
هٿ ۾ ايندي، جي اڪثريت ۾ آهن؛ انهي ڪري هنن سنڌ جي
بمبئيءَ کان علحدگي جي زوردار مخالفت ڪئي. سندن
سازشن ۽ مخالفتن جي باوجود جڏهن سنڌ بمبئيءَ کان
جدا ٿي، تڏهن هنن سازشن ۽ حرڪتن جو وڌيڪ ڄار وڇائڻ
شروع ڪيو. ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي صوبائي
خودمختياريءَ جي ساڍن ڏهن سالن جي تاريخ باريڪ
بينيءَ سان نظر مان ڪڍي ويندي، ته معلوم ٿيندو ته
هندن، مسلمانن جي تعمير ۽ ترقي جي رستي ۾ قدم قدم
تي رڪاوٽون کڙيون ڪيون. مسلمانن جي مفاد جي حفاظت
۽ ترقي جي سلسلي ۾ اسيمبلي ۾ جيڪي به بل پيش ٿيندا
رهيا، انهن کي سازش ۽ غلط ترميمن ذريعي بي اثر
بنائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. انهيءَ سلسلي ۾ هنن
ڪن ضمير فروش سرمايه دار مسلمانن کي خريد ڪري،
پنهنجي سازشن کي ڪامياب بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن
جي سازشن ۽ حرڪتن جو نتيجو ”21 شرطن“ ۾ ڏسي سگهجي
ٿو. جيڪو ان دور جو انسانيت سوز ۽ شرمناڪ دستاويز
آهي، ۽ هندو سياستدانن جي مسلم دشمنيءَ جو چٽو
ثبوت آهي.
هندن
جون حرڪتون ڏسي، سنڌ جي مسلمانن محسوس ڪيو ته هندو
سندن ڪڏهن به خير خواه ٿي نه سگهندا. انهي ڪري
مسلمانن جي هڪ مضبوط جماعت ۽ قيادت جي سخت ضرورت
محسوس ڪئي وئي. انهي نقطه نگاهه کان هنن پنهنجي
ڀلائي ۽ بهتري مسلم ليگ سان وابسته سمجهي. اهو ئي
سبب آهي جو سنڌ جي مسلمان ليڊرن جي ڪوشش سان اپريل
يا مئي 1938ع ۾ سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ جو قيام
عمل ۾ آيو. هن شاخ جو محرڪ محترم شيخ عبدالمجيد
سنڌي هو. جيڪو بمبئي وڃي، قائد اعظم سان ملي،
اجازت وٺي آيو هو. شاخ قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي
مختلف شهرن ۾ مسلم ليگ جا جلسا ٿيڻ لڳا. 10، 11 ۽
12 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ پاران ڪراچي ۾
هڪ وڏي ڪانفرنس سڏائي ويئي، جنهن جي صدارت قائدم
اعظم مرحوم ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ گڏيل هندستان جي
سمورن مسلم ليڊرن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي پوءِ
”ڪراچي ڪانفرنس“ سڏيو ويو. هن ڪانفرنس جي موقعي تي
ڪراچي ۾ قائد اعظم جو عظيم الشان جلوس ڪڍيو ويو.
ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو،
جنهن ۾ واضح طور مطالبو ڪيو ويو ته جن صوبن ۾
مسلمانن جي اڪثريت آهي، اتي مسلمانن جي حڪومت
بنائي وڃي، ته جئين ٻئي قومون جدا جدا آزاد
حڪومتون قائم ڪري سگهن. هيءُ ٺهراءُ لاهور واري
ٺهراءُ کان ڏيڍ سال اڳ پاس ٿيو ۽ وڌيڪ واضح هو. ان
ڪانفرنس ۾ قائد اعظم مرحوم تقرير ۾ چيو:
”مون
کي يقين آهي ته سنڌ جو صوبو، هندستان جي مسلمانن
لاءِ هڪ نمونو ٿيندو؛ ڇاڪاڻ جو هتي جي مسلمانن وڏي
بيداري جو ثبوت ڏنو آهي. سنڌ کي جدا صوبي بنائڻ
لاءِ مسلم ليگ جيڪي ڪوششون ورتيون، انهن کان اوهان
باخبر آهيو. جيڪڏهن اوهان پنهنجا اختيارات استعمال
ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو، ته اوهان جي صوبي جي مسلم
ليگ کي حڪومت جي واڳن سنڀالڻ کان ڪا به طاقت روڪي
نه ٿي سگهي. 1935ع جي ايڪٽ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون
اعتراض جوڳيون آهن، ان هوندي به سنڌ جي ماڻهن، خاص
طور سان مسلمانن جي اقتصادي، اخلاقي، تعليمي ۽
سياسي سجاڳيءَ جي لحاظ کان ان مان فائدي حاصل ڪرڻ
لاءِ ان کي استعمال ڪرڻ ضروري آهي.“
سنڌ
جي مسلمانن سندس هدايت تي عمل ڪيو، ۽ سنڌ ۾ مسلم
ليگ کي زور وٺائي نه فقط سنڌ ۾ مسلم ليگ جي حڪومت
قائم ڪئي وئي، بلڪه پوري برصغير ۾ سڀ کان پهرئين
سنڌ صوبائي اسيمبليءَ کان پاڪستان جو ٺهراءُ پاس
ڪري ڏيکاريو ويو.
انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان پهريائين 27 نومبر 1938ع
تي سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جو باقاعده انتخاب
ٿيو، ۽ سر حاجي عبدالله هارون پريزيڊنٽ بنيو. ان
کان پوءِ سنڌ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا اختلاف وڌندا
ويا، هندن جي تعصب جي نتيجي ۾،هندو-مسلم فساد ٿيڻ
لڳا. 1939ع ۾ سڀ کان وڏو واقعو ٿيو، جيڪو سکر جي
مسجد منزل گاهه جي سلسلي ۾ هو. مسجد منزل گاهه جي
آزادي جو معاملو سنڌ جي مسلمانن ۽ حڪومت جي وچ ۾
هو، پر هندن خواه مخواه ٽنگ اڙائي، مسجد منزل گاهه
کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نتيجي ۾ سنڌ جي تاريخ رت
سان رنڱجي ويئي.
مسجد
منزل گاهه کي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلمانن سول نافرماني
شروع ڪئي، هزارن جي تعداد ۾ مسلمان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ
کان سکر پهتا، ۽ مسجد منزل گاهه تي زوريءَ قبضو
ڪيائون. حڪومت انهن کي زبردستي کڻي شهر کان ٻاهر
ڪيترا ميل پري ڦٽو ڪرڻ شروع ڪيو، پر مسلمان ايترا
ته ججها پهچي رهيا هئا، جو حڪومت جي ڪابه تدبير
هلي نه سگهي. لٺبازي ٿي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس ڪم
آندي ويئي، جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا.
تحريڪ جي ليڊرن ۽ هزارين مسلمانن کي جيل موڪليو
ويو، پر ايترا ماڻهو ته جيل ۾ وڃڻ لاءِ تيار هئا،
جو جيل به پورا پئجي نه سگهيا. آخر جيل جا دروازا
کولي ڇڏيائون، پر مسلمانن جيل مان ڀڄڻ جي نه ڪئي،
آخر ڪار مسجد منزل گاهه مسلمانن کي ملي وئي، پر
انهي وچ ۾ الله بخش وزارت مستعفي ٿي چڪي هئي.
آزادي جي تحريڪ جي سلسلي ۾ ”حر تحريڪ“ جي جدوجهد
کي وسارڻ تاريخ سان وڏي بي انصافي ٿيندي. انگريز
فيل مست جي مقابلي ۾ سنڌ جي مجاهدن حرن جي انقلابي
تحريڪ جو آغاز 1929ع ۾ ٿيو، جنهن جي اڳواڻي حرن جو
روحاني رهنما، مرد مجاهد پير صاحب پاڳارو حضرت
صبغت الله شاهه ثاني ڪري رهيو هو.
تحريڪ جو عروج 1941ع کان 1947ع تائين رهيو. سنڌ جي
هنن ٿورڙن مجاهدن انگريزن جي هيڏي وڏي طاقت کي
جيڪي ٽوٽا چٻايا، اهي دنيا جي تاريخ ۾ اهم مقام
والارين ٿا. هن هلچل هيڏي ساري منظم حڪومت کي ايڏو
ته پريشان ڪيو، جو انگريز حڪمرانن جون وايون بتال
ڪري ڇڏيون. حرن جي هلچل جي زور ۽ اثر جو اندازو ان
مان لڳائي سگهجي ٿو، جو 1942ع کان 1944ع تائين
مسلسل ارڙهن مهينا حر ايراضين سان ”مارشل لا“ لاڳو
رهيو.
تاريخ جي ورق گردانيءَ مان معلوم ٿيندو ته
هندستان جي تاريخ ۾ ايتري وڏي عرصي لاءِ ڪڏهن به
مارشل لا لاڳو نه رهيو.
حر
تحريڪ کي چيٿاڙڻ ۽ چيڀاٽڻ لاءِ انگريزن جيڪي ڪيس
ڪلور ڪيا، انهن جو دنيا جي تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل
آهي. هزارين جانيون قربان ٿيون؛ سوين ڳوٺ ساڙيا
ويا، ڪروڙن جون ملڪيتون تباهه ڪيون ويون ۽ ضبط
ڪيون ويون. ڦاسي گهاٽن کي ناڪافي سمجهي مجاهدن کي
مائرن ۽ زالن جي روبرو قطارن ۾ بيهاري گولي جو
نشانو بڻايو ويو، نوجوانن سان گڏ عورتن، ٻارڙن ۽
پوڙهن کي به قيد ڪيو ويو. اهڙي طرح سنڌ جي جوانن
سنڌ کي رت سان ريج ڏنو، جنهن سان اڳتي هلي سنڌ جي
آزاديءَ انگور ڪڍيا، ۽ مسلمانن جي جدا مملڪت جو
قيام عمل ۾ آيو.
سڄي
هندستان جي صوبن کان اڳ، پهريون ڀيرو سنڌ جي
صوبائي اسيمبليءَ، 1943ع ۾ پاڪستان جي قائم ڪرڻ جو
ٺهراءُ پاس ڪيو، هي ٺهراءُ متحرم جي – ايم – سيد
پيش ڪيو هو، ٻئي ڪنهن به صوبي جي اسيمبليءَ اهڙو
ٺهراءُ نه اڳ پاس ڪيو هو، ۽ نه پوءِ ڪا اسيمبلي
پاس ڪري سگهي. نه فقط ايترو، پر پاڪستان قائم ٿيڻ
کان اڳ، ڪو به صوبو مسلم ليگ جي وزارت ٺاهي نه
سگهيو. آزادي کان اڳ سنڌ ۾ مسلم ليگ جي حڪومت پنجن
سالن کان هلندي ٿي آئي، ان مان سنڌ جي مسلمانن جي
مسلم ليگ سان وابستگي ۽ مسلمانن جي الڳ وطن جي
قيام لاءِ ورتل ڪوششن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
نتيجي ۾ 1946ع جي آخر ۾ ملڪ ۾ صوبائي اسيمبلين جي
چونڊن جو پروگرام تيار ٿيو. مسلم ليگ کي ڪامياب
بنائڻ لاءِ قائد اعظم ملڪ جو دورو ڪيو، ان سلسلي ۾
هو سنڌ ۾ به آيو. 28- آگسٽ تي ڪراچي ۾ اخبارن کي
بيان ڏيندي چيائين :
”مان
هر مسلمان جو ، جيڪو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو آهي، خير
مقدم ڪريان ٿو ۽ ان کي اپيل ڪريان ٿو ته هو هن
نازڪ وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏئي، مسلم ليگ جي سيني ۾
نه ڪنهن سان بغض آهي نه ساڙ آهي ۽ نه ڪاوڙ ئي آهي.
آئنده چونڊن ۾ اسان جا مطالبا آهن ”پاڪستان ۽ مسلم
ليگ جي نمائندگي جو ثبوت“ سنڌ جي مسلمانن اها
ڳالهه به ثابت ڪري ڏيکاري.
9
ڊسمبر 1946 تي ملڪ ۾ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون
ڪرايون ويون، ان لاءِ ته جيئن معلوم ڪيو وڃي ته
مسلم ليگ هندستان جي مسلمانن جي واحد جماعت آهي يا
ڪانگريس جو به مسلمانن ۾ اثر آهي. انهن چونڊن ۾
مسلم ليگ کي ڪاميابي حاصل ٿي، پر وڏي ڪاميابي ان
کي سنڌ ۾ ئي حاصل ٿي. سنڌ ۾ مسلم ليگ 99 سيڪڙو
جايون حاصل ڪيون. مسلم ليگ فقط هڪ جاءِ ٺل ضلعي
جيڪب آباد واري هارائي، پر اهو به آزاد ميمبر هو،
جيڪو اليڪشن کٽڻ کان پوءِ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو.
اهڙِي طرح سنڌ جي مسلمانن پاڪستان جي قيام ۽ قائد
اعظم جي ساٿ ڏيڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو آزادي
جي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهي. قيام
پاڪستان کان پوءِ سنڌ جي مسلمانن پنهنجو مرڪزي ۽
مکيه شهر ”ڪراچي“ پاڪستان حڪومت جي حوالي ڪري ،
پاڪستان جي قيام کان پوءِ ان جي استحڪام لاءِ تمام
وڏي قرباني ڏني.
ماخذات
(1)”حالات قائد اعظم محمد علي جناح“، خالد اختر
افغاني، علميه بوڪ ڊيپو بمبئي، 1947ع
(2)
”پاڪستان نا گزيز تها“، سيد حسن رياض، ڪراچي
يونيورسٽي، 1967ع
(3)
”ياد ِ جانان“، مولانا دين محمد وفائي مرحوم.
(4)
”ڪلام شيرل“، شير محمد شيرل.
(5)
”تذڪره شعراءَ سکر“،ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي
ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج سکر، سال 1965ع
(6)
”مهراڻ تي مجلس“، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبي
سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج سکر، 1967ع.
(7)
روزانه ”الوحيد“ جو ”سنڌ آزاد نمبر“ 1936ع.
(8)
سه ماهي الرحيم سوانح نمبر: مرتب مولانا غلام
مصطفيٰ قاسمي.
(9)
سه ماهي مهراڻ سوانح نمبر: مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، 1957ع.
(10)
الرحيم جا مختلف پرچا.
(11)
ماهنامه نئين زندگي جا مختلف پرچا.
(12)
سر شاهنواز خان ڀٽي جي تقرير، شايع ڪيل سنڌ
يونيورسٽي.
(13)
History of the freedom movement, Karachi,
1957-63(8 Vols)
(14)
Muslim league: yesterday and today, Lahore 1948.
Rajput, A.B.
(15)
Speeches by Quaid-e-Azam Muhammad Ali Jinnah,
Governer Gneral of Pakistan, Karachi.
(16)
The transfer of power in India: Menon. V. P,
Culcutta 1957.
(17)
Pakistan movements-historic documents, Compiled
and edited by: G. Allana, Karachi, second
edition 1968. |