سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1976ع

مضمون

صفحو :7

 

پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ کي خطاب

11 آگسٽ 1947ع، ڪراچي

(نوٽ: قائداعظم جي هيءَ پيش ڪيل تقرير نهايت اهم آهي. قائداعظم پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ کي پهرئين صدر جي حيثيت سان ڪيل هن خطاب ۾ مملڪت پاڪستان جي مقصد ۽ نصب العين، دستور ۽ آئين جي جوڙجڪ، پارليامينٽ جي ذميدارين ۽ عادلانه نظام جي نفاذ لاءِ جو ڪجهه فرمايو آهي، اهو نهايت توجهه ۽ فڪر جي قابل آهي.

ٻيو ته هن تاريخي تقرير کي افسوس اهو آهي ته سرڪاري اشاعتي ادارن، توڙي پاڪستان تي لکندڙ مصنفن ۽ محققن ايترو ته نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي جو وڏن وڏن عالمن ۽ محققن ان متعلق اها جائز شڪايت ڪئي آهي ته آخر قائداعظم جو اهو خطاب ايترو ڪم ياب بلڪه ناياب ڇو ڪيو ويو آهي؟ ۽ اها تقرير اخبارن ۽ رسالن، عالمن ۽ محققن ڇو نظرانداز ڪئي آهي؟ ان جا به ڪي سياسي اسباب آهن. اصل ۾ قائداعظم گذشته دور ۾ ڪيل سياسي جدوجهد ۽ ان جي طريقه ڪار ۽ مقصد کي پاسيرو رکي، هڪ جديد طرز جي جمهوري مملڪت بنائڻ جو خيال ظاهر ڪري بيورو ڪريسي ۽ ٿياڪروسي جي گڏيل ارادن کي پاش پاش ڪري ڇڏيو آهي. چنانچه هن ناياب ۽ نظرانداز ڪيل خطاب کي ”مهراڻ“ جي ناظرين ڪرام تائين پهچائڻ جي سعادت حاصل ڪندي، دلي خوشي محسوس ٿي ٿئي، جو هڪ قومي امانت کي اڻٽيهه سالن کانپوءِ شايع ٿيڻ جو موقعو پيدا ڪيو ويو آهي جا فقط هڪ دفعو ”ليل و نهار“ لاهور ۾ ڇاپي وئي هئي.

غ.م. گ.)

جناب صدر، خواتين و حضرات!

مون کي پنهنجي پهرين صدر جي حيثيت سان منتخب ڪري اوهان صاحبن جو اعزاز بخشيو آهي، ان سلسلي ۾ مان اوهان سڀني جو دل جي خلوص سان بيحد شڪر گذار آهيان. هي سڀ کان وڏو مرتبو آهي، جو هيءَ خودمختيار اسيمبلي پنهنجي طرف کان عطا ڪري سگهي ٿي. ليڪن انهن رهنمائن جو به ممنون ڪرم آهيان، جن منهنجي خدمتن جي باب ۾ حوصله افزائيءَ ۽ ستائش جا لفظ چيا آهن ۽ پنهنجين تقريرن ۾ پنهنجا ذاتي حوالا پيش ڪري، منهنجي پرخلوص جدوجهد جو اعتراف ڪيو اٿن. لهذا، مان اوهان سڀني مخلص ۽ مهربان دوستن ۽ سياسي رهنمائن مان هيءَ مخلصانه اُميد رکي سگهان ٿو ته اوهان جي امداد ۽ تعاون سان اسان هن آئين ساز اسيمبليءَ کي دنيا جي لاءِ عمدو مثال بنائي پيش ڪنداسون.

آئين ساز اسيمبليءَ جا مکيه فرائض فقط ٻه ٿي سگهن ٿا:

هڪ محنت طلب ۽ انتهائي محتاط فريضو، پاڪستان جي آئينده لاءِ آئين جي تشڪيل آهي. ۽ ٻيو پاڪستان جي وفاقي قانون ساز اسيمبليءَ جي حيثيت سان هڪ ڪامل ۽ جامع، آزاد ۽ خودمختار اداري جي حيثيت سان پنهنجن منصبي فرضن جي بجاآوري.

چنانچه پاڪستان جي وفاقي قانون ساز اسيمبليءَ لاءِ هڪ عبوري آئين کي منظور ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسان پنهنجون بهترين ڪوششون صرف ڪنداسون.

اوهان کي ڄاڻ آهي ته هن بيمثال انقلاب، جنهن جي بدولت هن برصغير ۾ ٻن آزاد ۽ خودمختيار رياستن جي تخليق ۽ قيام وارو نصب العين وجود پذير ٿيو آهي، سو ڪيئن ٿيو؟

نه فقط اسان پاڻ حيران آهيون، بلڪه منهنجي خيال ۾ پوري دنيا محو حيرت آهي!

حقيقت اها آهي ته اهڙي بلند نصب العين ۽ ان جي ڪاميابيءَ لاءِ جدوجهد جو ڪو نظير ملي نٿو سگهي. سڄيءَ دنيا جي تاريخ ۾ ان جهڙو مثال موجود ناهي.

هن برصغير ۾، جتي هر طرح جا باشندا آباد آهن، اهڙي نصب العين تي عمل ڪرڻ لاءِ منصوبو ۽ نظام نافذ ڪيو ويو آهي، جو تاريخ ۾ بي مثال ۽ بي نظير آهي.

ان باري ۾ سڀ کان اهم ترين حقيقت هيءَ آهي ته اسان هيءَ ڪاميابي نهايت پرامن نموني ۾، هڪ ارتقائي عمل جي ذريعي، جو اعليَ قدرن تي مشتمل هو، حاصل ڪئي آهي.

هن اسيمبليءَ ۾، پنهنجي پهرين تقرير جي موقعي تي مان في الحال ڪا اهڙي ڳالهه نٿو ڪري سگهان، جا ڪامل غور ۽ فڪر جو نتيجو هجي، ليڪن چند حقيقتون جي اڪثر ڪري ذهن ۾ پيدا ٿي رهيون آهن، اهي هن موقعي تي ضرور پيش ڪندس.

پهرين ۽ سڀ کان زياده اهم حقيقت جنهن تي مان زور ڏيڻ چاهيان ٿو، سا هيءَ آهي: اوهان سڀني کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته اوهان هڪ خودمختار قانون ساز اسيمبليءَ جا ارڪان آهيو، ۽ اوهان کي سڀ اختيارات حاصل آهن.  لهذا اوهان تي انتهائي اهم ۽ نازڪ ذمه داري عائد ٿي ٿئي ته اوهان پنهنجا فيصلا ڪيئن ٿا ڪريو؟

پهريون تجربو، جنهن جو ذڪر ڪرڻ مان هت نهايت مناسب ٿو سمجهان ۽ جنهن متعلق اُميد آهي ته اوهان بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي مون سان اتفاق ظاهر ڪندا ته هر حڪومت جو پهريون فريضو اهو آهي ته هوءَ قانون ۽ نظم و ضبط جي عملداري قائم رکي سگهي، تان ته ان جي شهرين جي جان، مال ۽ مذهبي عقيدن جي پوري پوري حفاظت ٿي سگهي.

ٻي حقيقت جا مان محسوس ڪري رهيو آهيان، اها هيءَ آهي ته سڀ کان وڏي لعنت جنهن ۾ سارو هندستان مبتلا آهي، اها آهي رشوت ۽ ان سان گڏ بدديانتي. مان ائين چئي نٿو سگهان ته ٻيا ملڪ ان لعنت کان پاڪ ۽ صاف آهن، ليڪن منهنجو خيال آهي ته اسان جو حال نهايت برو آهي.

رشوت ۽ بدديانتي واقعي زهر آهن، جنهن کي پوريءَ سختيءَ سان ختم ڪرڻ هڪ لازمي امر آهي. مون کي اُميد آهي ته هيءَ اسيمبلي سڀني ممڪن ۽ جائز طريقن سان هن لعنت جي خلاف عملي ڪارروائي ڪندي.

چور بازاري ڪندڙن کي اڪثر موقعن تي پڪڙيو وڃي ٿو ۽ کين سزا به ڏني وڃي ٿي. ڪن حالتن ۾ عدالت کان انهن کي قيد جي سزا ملي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مٿن فقط جرمانو وڌو وڃي ٿو. اسان کي سوچڻ گهرجي ته اڄ اسان نهايت بدترين حالتن سان منهن مقابل ٿي چڪا آهيون. اسان غذائي جنسن جي قلت ۽ زندگيءَ جي ضروري شين جي ڪاميابيءَ سان مستقل طرح سان دوچار ٿي چڪا آهيون. اڄوڪي حالتن ۾ چور بازاري، سماج جي خلاف انتهائي سنگين جرم آهي، ان ڪري اوهان تي پهريون فرض اهو آيل آهي ته ان ڀيانڪ جرم جون پاڙون پٽي ڇڏيو.

منهنجي خيال موجب معاشري ۾ سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان سنگين جرم اگر ڪو آهي ته پوءِ ان کان به وڏي جرم جو مرتڪب اهو شخص ٿئي ٿو، جو چور بازاري ڪري ٿو. چور بازاري ڪندڙن کي اوهان باخبر سمجهو، اهي سڀ ڪجهه ڄاڻن ٿا، ۽ عام حالتن ۾ ذمه دار قسم جا ماڻهو ئي چور بازاري ڪن ٿا ۽ ٻين کي ستائين ٿا. منهنجو خيال آهي ته اهڙن مجرمن کي انتهائي سخت سزا ڏيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته غذائي جنسن ۽ ضروري شين واري ڪنٽرول ۽ ضابطي جو سارو انتظام اهڙن مجرمن جي هٿان تهه و بالا ۽ برباد ٿي وڃي ٿو ۽ اهي مجرمانه ذهنيت وارا وسيع پيماني تي فاقه ڪشي، احتياج، حتيٰ ڪ موت جو سبب بنجي وڃن ٿا.

ٻي ڳالهه جا مون کي بار بار خيال ۾ اچي رهي آهي، سا آهي اقرباپروري. هيءَ به هڪ لعنت آهي، جا اسان کي ڄڻ ته ورثي ۾ ملي آهي. تمام گهڻين چڱين ۽ بڇڙين چيزن سان گڏ، هيءَ لعنت به اسان جي حصي ۾ آئي آهي. ان لعنت کي به پوريءَ سختي سان ڪچلڻو پوندو.

مان هن موقعي تي صاف صاف ظاهر ڪرڻ ٿو چاهيان، ته مان ڪنهن به قسم جي اقربانوازي، جانبداري، خيوش پروري يا پنهنجي ذات جي نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ براه راست، يا واسطي سان اثرانداز ٿيندڙ ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪندس.

جڏهن به مون کي معلوم ٿيو ته اها روش اختيار ڪئي ويئي آهي يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي اثر ۽ دخل سان ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌ موجود ٿي چڪي آهي، ته پوءِ ياد رکڻ گهرجي ته يقينن اهڙي ذليل حرڪت مان ڪڏهن به برداشت ڪري نه سگهندس ۽ ان لاءِ سخت قانوني ڪارروائيءَ جو حڪم ڏيندس.

مون کي اهو به معلوم آهي ته ڪجهه ماڻهو هندستان جي تقسيم سان متفق ناهن ۽ پنجاب ۽ بنگال جي ورهاڱي سان به اتفاق نٿا رکن. ان جي خلاف گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي. ليڪن هن وقت جڏهن ته ورهاڱي کي منظور ڪيو ويو آهي، تڏهن اسان سڀني جو فرض آهي ته وفاداريءَ سان ان فيصلي تي قائم رهون ۽ جو معاهدو يقيني ۽ اصولي طرح سان ڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي تسليم ڪرڻ لاءِ اسان سڀ ٻڌل آهيون، ان جو دل سان احترام ڪريون ۽ ان جي مطابق عمل ڪريون.

اوهان بزرگن کي ياد رکڻ گهرجي ته جو انقلاب اسان ۽ اوهان جي هوندي رونما ٿيو آهي، ان جو تاريخ ۾ ڪو به مثال نٿو ملي، جيئن مون هن کان اڳ به ظاهر ڪيو آهي.

محترم بزرگو: جنهن به هنڌ تي هڪ فرقي جا ماڻهو اڪثريت ۾ هجن ۽ ٻئي فرقي وارا اقليت ۾ هجن، ته ان صورتحال ۾ انهن ٻنهي فرقن جي وچ ۾ جنهن طرز ۽ انداز جا احساسات پيدا ٿي سگهن ٿا، انهن کي چڱيءَ طرح سان سمجهي سگهجي ٿو. ليڪن سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جو ڪجهه به ٿي چڪو آهي، ڇا ان جي برعڪس ٿيڻ ممڪن يا قابل عمل هو به يا نه؟ ورهاڱو ته هر حال ۾ ٿيڻو هو.

هندستان ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن ۾ آباديءَ جا ڪيئي اهڙا حصا موجود آهن، جي ان سان متفق نه ٿيندا ۽ ان کي پسند به نه ڪندا هوندا.

مان ان نتيجي تي پهتو آهيان، ته ان مسئلي جو ڪو ٻيو ڪو به معقول ۽ مفيد حل هوئي ڪو نه. مون کي يقين آهي ته مستقبل جي تاريخ مان ئي اڳتي هلي هن مسئلي جي تائيد ۽ توثيق پيدا ٿي ويندي.

وڌيڪ هيءَ ته وقت گذرڻ سان گڏ خود اسان جي تجربن مان اها حقيقت ثابت ٿي ويندي ته هندستان جي آئيني مسئلي جو واحد حل اهو ئي هو جو عمل ۾ اچي چڪو. متحده هندستان جو ڪو به تصور قابل عمل ثابت نه ٿئي ها. مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ان جو نتيجو اسان لاءِ خوفناڪ تباهيءَ جي صورت ۾ نڪري نروار ٿئي ها!

اهو به ممڪن آهي ته ورهاڱي وارو نظريو واقعي درست ثابت ٿئي، پر اهو به امڪان آهي ته اهو نظريو واقعي درست نه هجي- پر مان ته ائين ئي چوندس ته ان جي حقيقت ايندڙ زماني ۾ ظاهر ٿيندي ته اهو نظريو غلط هو يا درست هو.

بهرحال هيءَ ڳالهه ناممڪن هئي ته ان تقسيم جي دوران هڪ يا ٻي رياست جي اندر اقليتن جي معاملي کي نظرانداز ڪيو وڃي ها. اهو هڪ ناگزير سوال هو، جنهن جو هاڻي ڪو به حل ناهي. سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ اسان ڇا ڪريون؟

پاڪستان جي عظيم رياست کي اگر اسان آسودو، خوشحال ۽ دولتمند بنائڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي عوام جي اصلاح ۽ فلاح ڏانهن پورو پورو توجهه ڏيڻو پوندو ۽ ان مان به عام ماڻهن، خاص طرح سان نادار، مفلس، بيروزگار، بيمار ۽ مقروض آباديءَ جي فلاح جو ڪم سڀ کان مقدم رهندو.

اگر اوهان ماضيءَ جي دور جي تلخين کي فراموش ڪري، ان دور جي ناخوشگوارين کي دفن ڪندا ۽ باهمي تعاون ۽ محبت سان ڪم جي شروعات ڪندا ته پوءِ اوهان جي ڪاميابي يقيني آهي. اگر اوهان ماضيءَ جي روش کي بدلائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پاڻ ۾ ميل- ميلاپ واري جذبي سان تعميري ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو ته پوءِ ان جا مفيد ۽ مثبت نتيجا نڪري سگهن ٿا.

اوهان کي اهو به سوچڻ گهرجي ته اوهان مان هر شخص، خواه اهو ڪهڙي به فرقي جو هجي، ماضيءَ ۾ ٻئي فرقي واري شخص جي پاران پيدا ڪيل تلخيءَ کي اگر فراموش ڪري نه ٿو سگهي ته پوءِ لازمي طرح سان هت باهمي تعلقات ڪشيده ئي رهندا.

ان مسئلي جي نوعيت ڪجهه به هجي، ٻئي فرقي جي ماڻهوءَ جو رنگ، نسل، خاندان، ذات ۽ مذهب ڪهڙو به هجي، پاڪستان ۾ رهڻ ڪري اهو شخص هن رياست جو معزز شهري ئي تصور ڪيو ويندو. ان لاءِ رياست وٽ حق، مراعات ۽ فرض به اهي ئي آهن، جي اوهان مسلمانن جا آهن. اگر اوهان ان صورت ۾ هڪ ٻئي سان باهمي تعلق ۽ تعاون کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو ته پوءِ ياد رکو ته اوهان جي ترقيءَ جي ڪا به حد ۽ انتها ناهي.

دوستو ۽ بزرگو! مان پنهنجي ڳالهه ان کان وڌيڪ شد ۽ مد سان چئي نه ٿو سگهان، جا عرض ڪري چڪو آهيان. تمام ضروري آهي ته اسان جذبئه اخلاص سان پنهنجو ڪم شروع ڪريون.

ياد رکڻ گهرجي ته وقت جي گذرندي اڪثريت وارا فرقا توڙي اقليت وارا فرقا، هندو فرقا توڙي مسلمان فرقا، سڀ باهمي رشتي ۾ پوئجي ويندا ۽ رياست جا هڪ جهڙا شهري شمار ڪيا ويندا.

رنگ، نسل، ذات، پات، ڇوت ڇات، زبان خاندان جا سارا ويڇا ۽ امتياز ختم ٿي ويندا. ڇا لاءِ ته جيستائين مسلمانن جو تعلق آهي، انهن ۾ به ڪيئي گروهه آهن، پٺاڻ، پنجابي شيعه ۽ سني وغيره.

ان طرح هندن ۾ برهمڻ، کتري، ويش ۽ شودر- ان کان علاوه بنگالي ۽ مدراسي وغيره اختلاف موجود آهن.

اصل ۾ اوهان اگر مون کان سوال ڪيو ته پوءِ مان ته اهو ئي چوندس ته هندستان جي آزاديءَ جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اها ئي فرقه بندي هئي. اگر اهي فرق ۽ امتياز نه هجن ها ته پوءِ اسان ماڻهو اڄ کان گهڻو اڳ آزاد ٿي وڃون ها.

ڪا به طاقت ڪنهن قوم کي، سا به پنجاهه ڪروڙن باشندن واري متحد قوم کي غلام بنائي نه ٿي سگهي. ڪو به فرد اوهان کي فتح ڪري نه ٿي سگهيو، بشرطيڪه تفرقي واري گندي ۽ ذليل صورت نه هجي ها.

لهذا ان تجربي مان اسان کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. آءٌ هت ظاهر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته اوهان اڄ آزاد آهيو. اوهان پنهنجن مندرن ۾ وڃي سگهو ٿا. اوهان کي پوري آزادي حاصل آهي .اوهان مسجدن ۾ وڃي سگهو ٿا، ڪير به اوهان کي روڪي نه سگهندو. پاڪستان جي رياست ۾ جي به اوهان جون عبادتگاهون آهن، اوهان انهن ۾ آزاديءَ سان وڃي سگهو ٿا.

اوهان جو ڪو به مذهب، ذات يا مسلڪ ۽ مشرب ٿي سگهي ٿو، پر رياست جي امور سان ان جو ڪو به تعلق ناهي.

اوهان کي چڱيءَ طرح سان معلوم آهي ۽ تاريخ مان ظاهر آهي ته ڪجهه عرصو اڳ برطانيه ۾ به هندستان جي موجوده حالتن کان وڌيڪ بدتر حال هو.

رومن ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽ فرقن جي باهمي ڪشمڪش، قتل ۽ خونريزيءَ جو طوفان کڙو ڪري ڇڏيو هو. ٻئي فرقا هڪٻئي کي عذاب ۾ مبتلا ڪري چڪا هئا. اڄڪلهه به دنيا ۾ ڪي اهڙيون رياستون موجود آهن، جن ۾ ڪنهن فرقي جي خلاف امتياز جي روش قائم ڪئي وئي آهي، ۽ ان خلاف پابندي به لڳائي وئي آهي،

خدا جو شڪر آهي جو اسان پنهنجو آغاز اهڙي دور ۾ نه ڪيو آهي. اسان پنهنجي ابتدا اهڙي دور کان ڪئي آهي، جڏهن ٻن فرقن جي وچ ۾ ڪنهن به تخصيص ۽ امتياز کي جائز نه رکيو ويو آهي. هڪ ذات يا هڪ عقيدي ۽ ٻي ذات ۽ ٻئي عقيدي جي ماڻهن ۾ ڪا به تفريق جائز نه رکي وئي آهي.

اسان پنهنجن معاملن جو آغاز ان بنيادي اصول سان ڪري رهيا آهيون ته اسان سڀ هڪ رياست جا شهري آهيون، ۽ هڪٻئي سان برابري ۽ برادري رکندڙ شهري آهيون.

برطانيه جي باشندن کي وقت گذرڻ کانپوءِ نيٺ حالات جي حقيقتن جو مقابلو ڪرڻو پيو ۽ ان سلسلي ۾ برطانيه پاران جي ذمه داريون ماڻهن تي عائد ڪيون ويون، ماڻهو انهن کي پوري ڪرڻ لاءِ دل و جان سان ڪوشش ڪرڻ لڳا. چنانچه يڪي بعد ديگري، ماڻهو پنهنجن ذمه دارين کي پورو ڪندا آيا.

اڄ اوهان بجا طور تي چئي سگهو ٿا ته رومن ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽ، پنهنجو ڌار ڌار ڪو وجود نه ٿا رکن. حقيقت اها آهي ته هر شخص برطانيه جو شهري آهي، هڪ ٻئي سان برابري رکندڙ شهري آهي، ۽ ان طرح سڀ افراد گڏجي هڪ قوم جا رڪن بنجي چڪا آهن.

منهنجو خيال آهي ته ان حقيقت کي مثال طور پيش نظر رکڻ ضروري آهي. اوهان پاڻ ڏسندا ته ڪجهه عرصي کان پوءِ هت هندو، هندو نه رهندا ۽ مسلمان، مسلمان نه رهندا. مان هيءَ ڳالهه مذهبي معنيٰ ۾ نه ڪري رهيو آهيان، ان ڪري ڪا به غلط فهمي پيدا ٿيڻ نه گهرجي. ڇا لاءِ ته اها حقيقت هر فرد لاءِ ذاتي عقيدي جي حيثيت رکي ٿي، پر مان اها ڳالهه رياست جي شهري ۽ باشندي هئڻ جي بنياد تي سياسي معنيٰ ۾ ڪري رهيو آهيان.

حضرات! مان اوهان جو وڌيڪ قيمتي وقت وٺڻ نٿو گهران ۽ ان اعزاز جو وري به شڪريو ٿو ادا ڪريان، جو اوهان مون کي تفويض ڪيو آهي.

مان هميشه انصاف ۽ ديانت وارن اصولن مان رهنمائي حاصل ڪندو رهندس ۽ سياسي اصطلاح ۾ اهي اصول تعصب ۽ بدخواهي، ٻين لفظن ۾ جانبداري ۽ اقربا نوازيءَ کان پاڪ هوندا ۽ يقينن اوهان جي امداد ۽ تعاون سان مون کي اميد آهي ته پاڪستان دنيا جي عظيم ترين ملڪن مان هڪ مثالي ۽ منفرد ملڪ بنجي ويندو. شڪريه.

(مرڪزي آئين ساز اسيمبلي- ڪراچي، 11 آگسٽ 1947ع)

 

 

***

آءٌ هت ظاهر ڪرڻ مناسب ٿو سجهان ته اوهان اڄ آزاد آهيو. اوهان پنهنجن مندرن ۾ وڃي سگهو ٿا. اوهان کي پوري آزادي حاصل آهي. اوهان مسجدن ۾ وڃي سگهو ٿا، ڪير به اوهان کي روڪي نه سگهندو. پاڪستان جي رياست ۾ جي به اوهان جون عبادتگاهون آهن، اوهان انهن ۾ آزاديءَ سان وڃي سگهو ٿا. اوهان جو ڪو به مذهب، ذات يا مسلڪ ۽ مشرب ٿي سگهي ٿو، پر رياست جي امور سان ان جو ڪو به تعلق ناهي.

(مرڪزي آئين ساز اسيمبلي- ڪراچي، 11 آگسٽ 1947)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com