سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1976ع

مضمون

صفحو :20

 

قاضي عبدالمجيد ”عابد“

قائداعظم ـــ هڪ عوامي رهنما

بانيءَ پاڪستان باباءِ ملت حضرت قائداعظم محمد علي جناح جي ذات گراميءَ جي باري ۾ اڪثر اهو سوال پڇيو ويندو آهي ته باوجود انهيءَ جي جو پاڻ هميشه انگريزي زبان ۾ تقرير ڪندا هئا ۽ برصغير جي عوام ۽ خاص طرح مسلمانن ۾ انهيءَ زماني ۾ انگريز دانن جو دائرو بلڪل محدود، بلڪ اٽي ۾ لوڻ مثل هو، ته پوءِ اها ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن سببان پاڻ هڪ عوامي ليڊر جي حيثيت ۾، ايڏي مقبوليت حاصل ڪري سگهيا، جو نه فقط عوام طرفان کين ”قائداعظم“ جو خطاب عطا ٿيو، بلڪه مسلمانان هند وٽ سندس مرتبو ”واحد ترجمان“ جو بنجي ويو.

سندن ڪيترن معترضن لاءِ هي هڪ معمو هو ڇا لاءِ جو سندس مقابلي ۾ نام نهاد قوم پرست مسلمان رهنمائن ۽ اردو زبان ۾ ڳالهائيندڙ ڪي اهڙا ته چوٽيءَ جا مقرر موجود هئا، جن لاءِ مسلم عوام کي پنهنجي سحر بيانيءَ سان ڀنڀلائڻ ۽ ڪانگريس جي اثر واري دائري ۾ گهلي وڃڻ ڪو ڏکيو مسئلو نه هو. هو اها زبان ڳالهائي سگهيا ٿي، جيڪا تمام عام فهم هئي، جتي قائداعظم فقط انگريزيءَ ۾ ئي پنهنجو نقطه نگاهه بيان ڪري سگهندو هو ۽ پوءِ به لکين ماڻهو سندس خطاب ٻڌڻ ۽ سندس دليلن کان بهرور ٿيڻ لاءِ گڏ ٿي ويندا هئا ۽ سندس تقرير کي خراج تحسين پيش ڪندا هئا. نه فقط اهو پر برصغير جي مسلمانن جي وڏي اڪثريت سندس پروانو بنجي سندس هر حڪم تي جان جي بازي کيڏڻ لاءِ تيار ٿي وئي.

هن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اهو واضح ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته جڏهن به ڪنهن مقصد جي سچائي مسلم هوندي آهي ته پوءِ زمان ۽ مڪان جا ٻنڌڻ خودبخود ميسارجي ويندا آهن. رسول خدا ﷺ جن جي زبان عربي هئي، مگر جيڪو پيغام مٿن خداوند ڪريم طرفان نازل ٿيو آهي، سو دنيا جي گوشي گوشي ۾ پهچائڻ ۽ مختلف زبانن ڳالهائڻ وارن کي اسلام جي دائري ۾ آڻڻ ۾ کين جيڪا ڪاميابي حاصل ٿي، ان جو ساري ڪائنات ۾ مثال ملڻ ناممڪن آهي. اهو ئي سبب هو ته آنحضرت جن دين برحق جا داعي هئا ۽ سندس قول ۽ فعل سڄوئي صداقت ۽ سچائي تي مبني هو. 

قائداعظم به رسول مقبول جن جو سچو شيدائي ۽ پيروڪار هو. هو به پنهنجي قوم جي پسماندگيءَ ۽ بگڙيل شيرازي کان متاثر ٿي، مسلمانان هند جي سياسي، سماجي ثقافتي ۽ مذهبي ورثن جي تحفظ جو بار گران پنهنجي نحيف جسم، ليڪن مضبوط ڪلهن تي کنيو ۽ پنهنجي سياسي بصيرت ۽ مضبوط دلين سان اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو، جنهن جي هڪ سچي مسلمان کان توقع رکي سگهجي ٿي.

صدين کان غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ناتوان ۽ بي سهارا مسلمان قوم پنهنجي قائد جي جدوجهد ۽ اخلاص، عمل ۽ قول جي سچائيءَ، مقصد جي پاڪائيءَ، بلند اخلاقي ۽ اصولن جي پابنديءَ کي ڏسي سندس شخصيت ڏانهن ايترو ته راغب ٿي ويئي، جو جڏهن پاڻ ”پاڪستان“ جو نعرو بلند ڪيائين تڏهن مسلمانن پنهنجي نجات انهيءَ ۾ ئي سمجهي، ۽ لکن جي تعداد ۾ پروانه پوئلڳ بنجي سندس قيادت پٺيان هليا.

مون کي سندن سنڌ ۾ ڪيل اها تقرير به ياد آهي، جيڪا پاڻ گول ميز ڪانفرنس تي وڃڻ کان اڳ ڪراچيءَ جي پراڻي عيدگاهه ميدان تي انگريزيءَ ۾ ڪڻي هئائون، جنهن ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ ان وقت جي صوبائي اسيمبلي چونڊن جي سلسلي ۾، مسلم ليگ جي اميدوارن کي چونڊن لاءِ لکها سامعين کي تلقين ڪئي هئائون.

هي 1946ع جي ڳالهه آهي. مون کي سندن ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ڪيل تقرير بي نظير به ياد آهي، جنهن ۾ دليلن جا انبار اوتي وڌا هئائون، ته پاڻ مسلمانن لاءِ پاڪستان ڇو ٿي گهرايائون. هڪ هڪ نقطو موتي پوئڻ جهڙو هو. خداوند ڪريم کين انتهائي جاذب شخصيت عطا ڪئي هئي. سندن خداداد فهم ۽ فراست جي ته ڳالهه ئي نرالي هئي. ڪانگريس طرفان گڏيل قوميت واري ٿيوري ۽ گڏيل هندستان واري منصوبن کي هن مرد مجاهد جي نقطه دانيءَ ۽ سحر طرازيءَ اهڙيءَ طرح پاش پاش ڪيو جو آخرڪار انگريز خواه ڪانگريس کي مسلمانن لاءِ هڪ جدا آزاد حڪومت جو اصول تسليم ڪرڻو پيو ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو.

هيءَ ڪوڙي گولي همسايه قوم ۽سندن ليڊرن ڪا سولائيءَ سان ڪانه ڳٿي هئي. مگر قائداعظم سندن لاءِ نه ”جاءِ رفتن نه پاءِ ماندن“ واري ڪيفيت پيدا ڪري وڌي هئي، ۽ اهو سڀ قوم جي تائيد ۽ تعاون سان ممڪن ٿي سگهيو هو، اهو سڀ قوم جي يڪجهتي ۽ ٻڌي جي ڪري حاصل ٿي سگهيو، جو مسلمان اڄ پنهنجي ڌار وطن عزيز پاڪستان ۾ عزت ۽ آسودگيءَ جي زندگي بسر ڪري رهيا آهن. قائداعظم صحيح معنيٰ ۾ هڪ عوامي رهنما هو، جو عوام جي احساسات ۽ جذبات کان پوريءَ طرح باخبر هو ۽ هو عوام جي ڏکن، سورن، گهرجن ۽ ضرورتن کان ان پر واقف هو، جهڙو هڪ ماهر حڪيم بيمار جي ڪيفيت کان واقف هجي.

سندس حڪمت عملي صاف ۽ سٿري، بااصول ۽ معياري هئي، تنهن ڪري سندس هر قول دل ۾ جاءِ پيدا ڪندو هو، ۽ عوامي ذهنن کي جنجهوڙي حق جي راءِ ڏانهن مائل ڪري سگهندو هو. سندس ڪامياب عوامي رهنما ثابت ٿيڻ ۾ سندس انهن خوبين کي وڏو ۽ ڪامياب دخل هو.

ڪن جو خيال آهي ته قائداعظم فقط شهري ۽ تعليم يافته مسلمانن جو تعاون حاصل ڪري پنهنجي عظيم مقصد تائين پهتو هو، مگر حقيقت هيءَ آهي ته اسان جي قائد ڳوٺاڻين آبادين تائين به پاڪستان جو پيغام پهچايو ۽ ان مقصد لاءِ هن سان برصغير جي نوجوان طبقه ڀرپور تعاون ڪيو. منجهس جيڪي تنظيمي قوتون موجود هيون، تن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. اهو ئي ڪارڻ هو جو برصغير جي ان وقت جي ڏهه ڪروڙ مسلم آباديءَ مان فقط چند مسلمان مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي اچڻ کان محروم رهجي ويا.

مسلمان اقليتي صوبن ۾ هئا يا اڪثريتري صوبن ۾، هنن پنهنجي ذاتي عاقبت کان بي نياز ٿي پاڪستان جي حق ۾ آواز بلند ڪيو، اها زبان خلق هئي. جنهن هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ خدائي آواز بنجي باطل جي قوتن تي غالب پئي. انهيءَ سموري جاڳرتا ۽ سجاڳيءَ، خبرداريءَ ۽ هوشمنديءَ لاءِ قائداعظم جي ولوله انگيز قيادت ئي مرهون احسان سمجهڻ گهرجي.

قائداعظم جي عوامي رهنمائي بابت اڃان ته گهڻو ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو. هن موضوع جي وسعت تي داستان لکجي سگهن ٿا، ليڪن في الحال آئون انهيءَ تي اڪتفا ڪندس ته خداوند ڪريم مغفرت ڪري اسان جي قائد تي، جيڪو گوناگون خوبين جو صاحب هو، ۽ جنهن جي طفيل اسين اڄ آزاد ماحول ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. دنيا جي چمن ۾ ههڙا ديد ور وڏيءَ مشڪل سان پيدا ٿيندا آهن، الله شل کين غريق رحمت ڪري. آمين.

 

”اسان جي درسگاهن جو مقصد هي هئڻ گهرجي ته زراعت، علم، حيوانات، نباتات، طب، انجنيئري، فلسفي، سائنس ۽ ٻين خصوصي مضمونن ۾ نهايت ماهر ۽ ڄاڻو ماڻهو تيار ڪيا وڃن. ان طرح زندگيءَ جي معيار کي بلند ڪرڻ ۽ عوام جي معاشي حالت کي بهتر بنائڻ اهم مسئلو آهي. ان لاءِ اهڙا شاگرد پيدا ٿين، جي علم کي حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو پورو پورو توجهه صرف ڪن“

قائداعظم محمد علي جناح

(ڪل پاڪستان اولمپڪ راندين جي موقعي تي 23 اپريل 1947ع)


 

شيخ عبدالرزاق ”راز“

قائداعظم جي سياسي بصيرت

قائداعظم جي ذات مدبرانه صلاحيتن جو مجموعو هئي، جن ٻن محاذن تي جنگ ڪئي، هن ڪانگريس جي چالبازين کي منهن ڏيئي ختم ڪري ڇڏيو ۽ انگريزن جي هندو نواز پاليسيءَ کي ملياميٽ ڪري ڇڏيو ۽ رفته رفته مسلم قوم کي هن هڪ عظيم طاقت بنائي ڇڏيو ۽ ستل قوم کي خواب غفلت مان جاڳائي کين هڪ نعرو ڏنو، جيڪو نعرو آهي ”يقين محڪم، اتحاد ۽ تنظيم“ مسلمان قوم برصغير هندوستان تي هڪ هزار سال حڪومت ڪئي، پر انگريزن جي ريشه دوانين، مسلمانن کي نستو ڪري وڌو ۽ مسلمانن پوري قوت سان مقابلو ڪيو، پر سندن نصيب ۾ ناڪامي لکيل هئي. هن بنگال جي سراج الدوله ۽ ميسور جي ٽيپو سلطان کان جان فروشيءَ جو سبق سکيو هو، پر مدمقابل جي سامهون سندن سبق وسري ويو، اها فقط مسلمانن جي عملن جي شامت هئي. سراج الدوله ۽ ٽيپو سلطان مخالف ڌر جو مردانه وار مقابلو ڪيو ۽ جنگ جوٽي، ملڪ ۽  ملت مٿان پنهنجون قيمتي حياتيون قربان ڪري ڇڏيون. مسلمان قوم هندوستان ۾ هڪ هزار سال حڪومت ڪئي هئي. سنڌ 712ع ۾ فتح ٿي هئي، جيڪا سنڌ عظيم هئي، جنهن ۾ پنجاب جو ملتان وارو علائقو شامل هو، جنهن ۾ بلوچستان جو گهڻو ڀاڱو اچي ٿي ويو، پر صدساله فرنگي حڪومت سندس جوش ۽ جذبي، ايمان ۽ اتحاد جي عناصر کي ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ مسلمان مجبور بنجي ويچارو ٿي پيو هو. 19 هين صدي ۾ ڪي مجاهد جاڳيا، جن بالاڪوٽ ۾ لڙائي ڪندي، پنهنجون جانيون ڏيئي هڪ عظيم مقصد جو بنياد رکيو. سيد احمد بريلوي ۽ شاهه اسماعيل شهيد ٿي ويا، انهن پنهنجو حق ادا ڪيو.

1857ع واري آزادي جي جنگ کانپوءِ هندوستان تي انگريزن جو مڪمل قبضو ٿي ويو هو ۽ هنن مسلمانن کي باغي ٺهرائي، مورد الزام بڻايو، انگريزن برصغير جي هندو قوم کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. هندن ملڪ جي تجارت تي قبضو ڪيو ۽ تعليمي ميدان ۾ هندن جي همت افزائي ڪئي ويئي. مسلمانن ملائيت جي اثر هيٺ تعليم ڏانهن ڪا توجهه ڪانه ڪئي ۽ انگريزن جي سرد مهريءَ سندن عضوا ڪمزور ۽ نڪما ڪري ڇڏيا، تعليمي ادارا هندن جو ورثو بنجي ويا ۽ هندو تعليم جي زيور سان آراسته ٿيندا رهيا، تنهن ڪري سرڪاري ملازمت ۾ هندو اڳرا ٿي ويا. هندو انگريزن جا قابل اعتماد ملازم ۽ گماشتا بڻجي پيا. جيڪو مسلمان ڪجهه وقت اڳي حڪمران هو، سو ناپاڪ ۽ مليڇ بڻجي پيو. مسلمانن جي حالت انگريزن جي نظر ۾ مشڪوڪ هئي، تنهن ڪري هندو زندگيءَ جي هر شعبي تي ڇانئجي ويا، پوءِ کڻي سياسي ميدان هجي يا ثقافتي، سماجي هجي يا اخلاقي، هندو هر ميدان جو شهسوار هو. سيد احمد خان هڪ وڏي قوت بڻجي انگريزن جي سامهون آيو. هن مسلمانن جو مسئلو انگريزن جي آڏو پيش ڪيو ۽ مسلمانن جي اصلاح لاءِ پنهنجي جان جي بازي لڳائي مسلمانن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. برطانوي حڪومت جي ظلم ۽ تشدد مسلمانن کي پينو فقير جو درجو ڏنو، ان وقت سر سيد منجهن بيداريءَ جي جهلڪ پيدا ڪئي ۽ رفته رفته مسلمانن کي پڻ اميد جو ڪرڻو نظر آيو، جيڪو اڳتي وڌي هڪ نظريي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪستان لاءِ راهه هموار ڪئي ويئي. مسلمانن ۾ بيداري جي جذبي جي تحريڪ قائداعظم کي جنم ڏنو، جنهن مسلمانن کي پنهنجو وطن وٺي ڏنو ۽ 1947ع ۾ هڪ جدا مملڪت وجود ۾ آئي.

قائداعظم منڍ ۾ ڪانگريس جو هڪ پرجوش رڪن هو، جنهن هندو مسلم مفاهمت جو نعرو هنيو. جنهن کي عام طرح هندو مسلم اتحاد جو سفير سمجهيو ويندو هو، پر اڳتي هلي قائداعظم مسلمانن جي حالت جو تجزيو ڪيو ۽ ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ جي چالبازي جو تجزيو ڪيو، جنهن مان هن اندازو لڳايو ته ڪانگريس مسلمانن کي هندوستان ۾ ڪڏهن به برداشت نه ڪندي. هن هندو جذبات، هندو ذهنيت ۽ هندو روش جو چڱي طرح مطالعو ڪيو ۽ سمجهيو ته هندو مسلم اتحاد پاڻيءَ جي ڦوٽي کان زياده حقيقت نٿو رکي. هزار ورهين تائين مسلمان حڪمرانن هندن کي هر طرح جي آزادي ڏني هئي، کين مذهبي، ثقافتي ۽ معاشرتي آزادي ملي هئي، پر هينئر مسلمانن جي ٻانگ ڏيڻ تي فساد ٿيندو رهيو. حڪومت انگريز جي هئي، پر حڪم هندو جو هوندو هو. قائداعظم 1935ع ۾ مسلم ليگ جي قيادت سنڀالي ۽ للڪاري چيو ڪانگريس ۽ انگريز کان سواءِ هندوستان ۾ ٽين طاقت به موجود آهي، جا ”مسلمان“ آهي، تنهن ڪري هندستان جي فيصلي ۾ مسلمانن جو به حصو رهندو. ڪانگريس دعويٰ ڪئي هئي ته هندوستان ۾ انگريزي حڪومت اندر فقط ٻه طاقتون آهن. ڪانگريس هندوستان جي هندن ۽ مسلمانن جي نمائنده جماعت سمجهي ويندي هئي. قائداعظم جي مسلسل مخلصانه ڪوششن ۽ جدوجهد جو اهو نتيجو نڪتو ته فرنگي حڪومت مسلمانن جي جماعت کي تسليم ڪيو ۽ مسلمانن يعني مسلم ليگ کي به آزادي جي ڳالهين ۾ شريڪ ڪيو. 1938ع تائين مسلمانن جي ذهن تي هندن جو مڪمل قبضو هو. ان وقت مسلمانن ۾ قومي شعور جو فقدان هو. هو هندو جي اتحاد سان آزاديءَ جو متمني هو. هن ۾ اڃا تائين اها سمجهه ڪانه هئي ته آزاديءَ کانپوءِ سندس ڪهڙو حال ٿيندو ۽ کيس آزاد هندوستان سان ڪيترو فائدو ٿيندو ۽ هندوستان ۾ سندس ڪيترو حصو هوندو. هو اقتدار ۾ شريڪ به ٿيندو يا هندو تسلط جو غلام رهندو. ان وقت مسلمانن جي حالت ناگفته به هئي ۽ هندو پنهنجي طاقت جي نشي ۾ سرشار هو، ڇاڪاڻ جو سموري هندستان جو واحد نمائندو هو. ان وقت ڪي مجاهد جاڳيا، جن نعرو هنيو ته اسلام سدائين آزاد رهيو آهي ۽ آزاد رهندو. ان وقت قائداعظم محمد علي جناح سندن سربراهه هو ۽ سندن جان، عزت ۽ مال جي تحفظ جو ضامن هو. ڪانگريس تي مايوسي ڇانئجي ويئي. جنهن قائداعظم کي چئلينج ڪيو، پر قائداعظم پنهنجي مستقل ارادي سان اٽل رهيو. سندس نعرو هو ته مسلمان هڪ الڳ قوم آهي، سندس مذهب، تهذيب ۽ ثقافت الڳ آهن، تنهن ڪري مسلمانن کي آزاديءَ کانپوءِ هڪ الڳ علائقو گهرجي، جتي سندس مذهب ۽ ثقافت محفوظ رهي سگهن. اها للڪار ڏهه ڪروڙ مسلمانن لاءِ ”ٻانگ درا“ بڻجي پيئي، جنهن لاءِ پاڪستان جو وجود تسليم ڪيو ويو ۽ لاهور ۾ 1940ع ۾ پاڪستان ريزوليشن پاس ڪيو ويو ۽ هر ڪنهن مسلمان جي زبان تي ”ليکي رهين گي پاکستان“ جو نعرو بلند ٿيو. ڪيترائي طوفان آيا، تند ۽ تيز هوا لڳي، پر قائداعظم انتهائي خوداعتمادي سان مسلمانن کي اڳتي وڌائيندو رهيو. قائداعظم جي عظيم شخصيت کي ڪو به خريد ڪري نه سگهيو. قومون هميشه ايمان جي قوتن سان زنده رهي سگهنديون آهن، مرده قوم ۾ روح ڦوڪڻ، صور اسرافيل کان گهٽ ڪونه هو. مسلمانن ۾ هڪ نئون ولولو ۽ جذبو پيدا ڪيو هو. ڪانگريس وطنيت جي بت جو سر آلاپيو هو، جنهن بت جو ڪنهن وقت مسلمان به پرستار هو ”هندي هين هم وطن هين“ ڳائيندو رهندو هو، پر قائداعظم سندس صحيح رهنمائي ڪئي، سندس ذهني وطنيت جو بت ڀڄي پاش پاش ٿي ويو. اسلام ڪڏهن به ڪنهن وطن جو قائل نه رهيو آهي، سموري دنيا سندس وطن آهي. قائداعظم جو آواز سڄي برصغير ۾ پکڙجي ويو ۽ عوام پنهنجي قائد سان انتهائي عقيدت جو مظاهرو ڪيو. مسلمانن ڪانگريس کان آزادي حاصل ڪئي هئي ۽ مسلمانن ”پاڪستان يا موت“ واري نعري جي تشهير ڪئي. مسلمانن جي منزل جي راهه هموار ٿي ويئي هئي. قائداعظم پنهنجي ولوله خيز قيادت سان مسلمانن کي اڳتي وڌايو. مسلمانن ۾ ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جهڙا اصول قائم ٿي ويا، مسلمانن ۾ وحدت فڪر پيدا ٿي ۽ قائداعظم ڏيکاريو ته هڪ ننڍي قوم متحد ۽ منظم ٿي، پنهنجا اصول مڃائڻ جي قابل ٿي ويندي آهي. اهو مسلمانن جو حوصلو هو، جن پاڻ ۾ تنظيم پيدا ڪئي. اهو مسلمانن جي يڪجهتيءَ جو جذبو هو، جنهن منجهن اتحاد آندو ۽ آخر قائداعظم جي وڏي شخصيت مسلمانن کي سرخرو ڪيو.

جناح صاحب مختلف جغرافيائي علائقن جي ماڻهن جي رهنمائي ڪئي. اهي جنگجو ۽ سخت مزاج ماڻهو هئا، جيڪي ڪنهن جي اطاعت قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، جن جا تهذيبي آثار مختلف هئا، جن جي رهڻي ڪرڻي عجيب و غريب هئي ۽ انگريزن جي حڪمت عملي ڪري اهي جدا جدا قبيلن ۾ ورهايل هئا، جن ۾ ڪڏهن به اتفاق ۽ اتحاد قائم ٿي نه سگهيو، جن مختلف ثقافتن جو نعرو هنيو هو، پر انهن سڀني گڏجي هڪ ملت جي صورت ۾ ”پاڪستان ياموت“ جو نعرو هنو، انهن کي هڪ جاءِ تي ڪٺو ڪرڻ، قائداعظم جي بصيرت هئي، جنهن کين ياد ڏياريو هو ته ”اوهان مسلمان آيو، اوهان جو خدا به هڪ، رسول به هڪ ۽ قرآن به هڪ“ ملت جي هڪ مشترڪه نعري مسلمانن ۾ يڪجهتي ۽ اتحاد پيدا ڪيو هو. برصغير جا سڀ مسلمان الله اڪبر جو نعرو هڻي هڪ ٿي ويا ۽ جنهن مسلمانن کي واحد ملت بڻائي ڇڏيو.

 

***

”مهنجو خيال آهي ته ان حقيقت کي مثال طور پيش نظر رکڻ ضروري آهي ته پاڪستان جا سڀ فرد، پنهنجي پنهنجي مذهب لاءِ آزاد آهن. اوهان پاڻ اڳتي هلي ڏسندا ته ڪجهه عرصي کانپوءِ هت هندو، هندو نه رهندا ۽ مسلمان، مسلمان نه رهندا، پاڻ ۾ ملي کير کنڊ ٿي ويندا. مان هيءَ ڳالهه مذهبي معنيٰ ۾ نه ڪري رهيو آهيان، ان ڪري ڪا به غلط فهمي پيدا ٿيڻ نه گهرجي، ڇالاءِ ته اها حقيقت هر فرد لاءِ ذاتي عقيدي جي حقيقت رکي ٿي، پر مان اها ڳالهه رياست جي شهري ۽ باشندي هئڻ جي بنياد تي سياسي معنيٰ ۾ ڪري رهيو آهيان“

قائداعظم محمد علي جناح

(مرڪزي آئين ساز اسيمبلي ڪراچي: 11 آگسٽ 1947ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com