محمد
علي ”جوهر“ لاڙڪاڻوي
قائد
اعظم ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي جدوجهد
(سرشاهنواز ڀٽي جي تاريخي تقرير)
صوبه
سنڌ جي بمبئيءَ پريزيڊنسيءَ کان علحدگيءَ جي
جدوجهد ۽ ان سلسلي ۾ موافقن ۽ مخالفن جي باهمي
ڪشمڪش، دليل ۽ دلائل ، اجلاس ۽ ڪانفرنسون، مطالبا
۽ ٺهراءُ، تقريرون ۽ تحريرون، سنڌ جي سياسي تاريخ
جي هڪ اهم مرحلي جي تاريخ تي مشتمل رڪارڊ آهي.
تاريخي خيال کان، سنڌ جي جداگانه حيثيت جو احساس
1908ع ۾ پيدا ٿيو ان سلسلي ۾ سنڌ پراونشل ڪانفرنس
سکر جي صدر سيٺ هرچند راءِ وشنداس جي خطبي ۾ سنڌ
متعلق ڪافي بحث موجود آهي.
ان
قسم جون ڪانفرنسون 1908ع کان 1920ع تائين ٿيون.
(1)-
سکر ۾ زيرصدارت سيٺ هرچندراءِ وشنداس 1908ع
(2)-
حيدرآباد ۾ زيرصدارت ديوان همت سنگهه 1909ع
(3)-
لاڙڪاڻي ۾ زير صدارت رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي
1916ع
(4)-
شڪارپور ۾ زير صدارت ديوان هيرانند کيمسنگ 1917ع
(5)-
ڪراچيءَ ۾ زير صدارت ديوان مرليڌر 1918ع
(6)-
جيڪب آباد ۾ زير صدارت مسٽر جمشيد نسر وانجي مهتا
1919ع
(7)
سکر ۾ زير صدارت سر عبدالله هارون 1920ع
ان
سلسلي ۾ سنڌ پراونشل ڪانفرنس جو اهم اجلاس
حيدرآباد ۾ 3 نومبر 1917ع ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي
بمبئيءَ کان جدائيءَ تي غور ڪيو ويو.
ان
کان پوءِ 1924ع ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ان سلسلي ۾
’الوحيد‘ ۾ مسلسل مضمون لکيو، جو ڪتابچه جي صورت ۾
49 صفحن تي مشتمل ڇاپيو ويو. ان ۾ شيخ صاحب ٻوليءَ
۽ جاگرافيءَ جي بنياد تي مدلل نموني ۾ بحث ڪيو. ان
۾ پهريون ڀيرو واضح انداز ۾ سنڌ جي جدائيءَ جو ذڪر
ڪيل آهي.
ان
مسئلي جي مخالفت، آل انڊيا پليٽفارم تان، 1924ع
واري مهاسڀا جي اجلاس ۾ اين سي، ڪليڪر جي صدارت
هيٺ شروع ٿي، ان جي رد عمل ۾ شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ، سنڌ جي جدائيءَ جي سوال کي آل انڊيا
پليٽفارم تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو.
1926ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس، مسز سروجني
نيڊو جي صدارت هيٺ ڪانپور ۾ ٿيو.
1926ع ۾ آل انڊيا خلافت جو اجلاس، مولانا
ابوالڪلام آزاد جي صدارت هيٺ ڪانپور ۾ ٿيو
1925ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس، سر عبدالرحيم
جي صدارت هيٺ علي ڳڙهه ۾ ٿيو.
ڪانگريس ۽خلافت پاران اهو اصول قبول ڪيو ويو، ۽
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ علي ڳڙهه ۾ آل انڊيا مسلم
ليگ جي اجلاس ۾ اهو ٺهراءُ آندو، جو پاس ٿيو. ان
جي قائد اعظم، مولانا محمد علي، سر علي امام ۽ سر
محمد شفيع تائيد ڪئي.
ان
سلسلي ۾ 25مارچ 1927ع تي قائد اعظم جي زيرصدارت
ميٽنگ ۾ ”سنڌ کي جدا صوبو بنايو وڃي“ جي تجويز پاس
ڪئي وئي.
1927ع ۾ سنڌ جي جدائيءَ جي حق ۾ مسٽر جمشيد
نسروانجي مهتا هڪ ڪتابچو لکي، پروفيسر ڇٻلاڻيءَ کي
رد ڪد ڏنو.
آگسٽ
1928ع ۾ سائمن ڪميشن سان تعاون ڪرڻ لاءِ هڪ صوبائي
ڪميٽي ٺاهي وئي، ان جو چيئرمين سر شاهنواز خان ڀٽو
هو.
سائمن ڪميشن اڳيان صوبائي ڪميٽيءَ جي رپورٽ ۽مرڪزي
اسميبليءَ طرفان سنڌ لاءِ مقرر ڪيل ڪميٽيءَ جي
رپورٽ جي مخالفت ڪئي وئي،جن ۾ سنڌ جي جدائيءَ لاءِ
دليل ڏنل هئا.
سائمن ڪميشن اڳيان صوبائي رپورٽ جو نوٽ جناح صاحب
۽ سر ابراهيم رحمت الله جي مشوري سان لکيو ويو هو.
1929ع ۾ 1-جنوري تي آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس ۾
هڪ ٺهراءُ ذريعي سنڌ جي جدائيءَ جي تائيد ڪئي
ويئي.
31
ڊسمبر 1928ع تي جناح صاحب جا 14 نڪتا شايع ڪيا ويا
۽ جن ۾ هڪ نڪتو سنڌ جي جدائيءَ متعلق هو.
26
مئي 1930ع تي خانهبادر کهڙي، پير علي محمد راشديءَ
جي مددسان هڪ مدلل ڪتابچو ’سفر رنگ آف سنڌ‘ نالي
ڇپايو، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جا
معقول دليل دلائل پيش ڪيا ويا.
31
مئي 1930ع تي سر شاهنواز ڀٽي مرحوم، صدر سنڌ محمدن
ايسوسيئيشن حيدرآباد ۾ زميندارن جي ڪانفرنس ۾ سنڌ
جي جدائيءَ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو، ۽ پوءِ سندس
هدايت تي ساري سنڌ ۾ اهو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو.
30
سيپٽمبر 1930ع تي محترم جي – ايم-سيد ڪراچيءَ ۾
سندس بنگلي ’لولين‘ لياري نديءَ جي ڪناري تي، جناح
صاحب کي چانهه پارٽي ڏني، جنهن ۾ علامه آءِ، آءِ –
قاضي، حاتم علوي، کهڙو ۽ ميران محمد شاهه شريڪ
ٿيا، اتي جناح صاحب کي عرض ڪيو ويو ته هُو صاحب
سنڌ جي جدائيءَ لاءِ جدوجهد جي تائيد ڪرڻ فرمائي.
1
آڪٽوبر 1930ع تي کهڙي، حاجي عبدالله هارون ۽ جي –
ايم – سيد جي مشوري تي، سر شاهنواز ڀٽي پاران جناح
صاحب کي ڪارٽن هوٽل ڪراچيءَ ۾ ڊنر ڏني وئي. ان ۾
جناح صاحب کي ”سنڌ جي جدائيءَ واري مسئلي“ جي
تائيد ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو ويو. ياد رهي ته ٻئي ڏينهن
جناح صاحب ۽ سر شاهنواز ڀٽو، لنڊن گول ميز ڪانفرنس
۾ وڃي رهيا هئا.
12-
نومبر 1930ع کان 19- جنوري 1931ع تائين لنڊن ۾ گول
ميز ڪانفرنس منعقد ٿي. ان ۾ ڪانگريس عدم تعاون
ڪندي شرڪت نه ڪئي، ان ۾ سنڌ جا ٻه نمائندا –سر
شاهنواز ڀٽو ۽ سرغلام حسين هدايت الله شريڪ ٿيا.
سر
شاهنواز ڀٽي انگلينڊ جي وزيراعظم مئڪڊونالڊ کي خط
لکي تقاضا ڪئي ته سنڌ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪئي وڃي.
سر
شاهنواز خان ڀٽي جي معقول ۽ اثرائتي تقاضا تي
برطانيه سرڪار ارل رسيل جي صدارت هيٺ ڪميٽي مقرر
ڪئي، جنهن جا مکيه ميمبر سر آغا خان، جناح صاحب،
سر شفيع، ڊاڪٽر شفاعت احمد، ڊاڪٽر مونجي، مسٽر
چنتامني، راجا نريندراناٿ، سردار پُورن سنگ، مسٽر
جيڪ وغيره هئا. ان ۾ سر شاهنواز ڀٽي مرحوم سنڌ جي
جدائيءَ متعلق نهايت مدلل تقرير ڪئي. جنهن جو
نتيجو اهو نڪتو جو ان ڪميٽيءَ سنڌ کي بمبيءَ کان
جدا ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جنهن کي گول ميز ڪانفرنس به
قبول ڪيو.
ساڳئي سال 1931ع ۾ سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين ٻي گول
ميز ڪانفرنس منعقد ٿي، ان ۾ ڪانگريس پاران مهاتما
گانڌي به شريڪ ٿيو. ان ۾ ڪنهن به فيصلي تي اتفاق
نه ٿيو ۽ مئڪڊونالڊ وزيراعظم انگلستان سنڌ جي
جدائيءَ جي اصول کي قبول ڪري پڌري پٽ اعلان ڪيو ته
سنڌ جي جدائيءَ جي حق ۾ پيش ٿيل دليل معقول آهن، ۽
مخالفن جي دليلن ۾ ڪابه پختگي ڪانه آهي، ۽ اهي
نهايت ڪمزور ۽ اجايا آهن.
مئڪڊونالڊ وزيراعظم جي ان اعلان موجب هند سرڪار
اپريل 1932ع تي آنريبل برين جي صدارت هيٺ هڪ هندن
۽ مسلمانن تي مشتمل ڪميٽي مقرر ڪئي، جنهن کي
مخالفن جي اعتراض ته ”سنڌ کوٽ وارو صوبو رهندو“ جو
جواب تيار ڪرڻو هو. ان جو مکيه ميمبر سر شاهنواز
ڀٽو هو ۽ ساڻس ٻيا هي ميمبر رکيا ويا. (2) آنريبل
ميان علي بخش (3)حاجي عبدالله هارون (4) مير بنده
علي خان (5) خانبهادر الله بخش سومرو (6) خانبهادر
کهڙو (7) قاضي عبدالرحمان (8) لالچند نولراءِ (9)
ديوان مرليڌر (10) ڇٻلاڻي (11) هوشنگ ڊنشا (12)
اي. ايل پرائس (13) پروفيسر ڀٽيجا (14) مسٽر ڊو.
6-سيپٽمبر 1932ع تي خانبهادر کهڙي هڪ پمفلٽ، فرقه
پرست هندن جي ڪتابچه ”ائنٽي سنڌ سيپريشن“ جي جواب
۾ تيار ڪيو،جنهن ۾ معقول دليلن سان سنڌ جي جدائيءَ
جي تائيد ڪئي ويئي.
ان
سلسلي ۾ سنڌ جي ليڊرن کان علاوه آل انڊيا پليٽ
فارم تان جمعيت العلماءَ هند ۽ ڪانگريس، آل انڊيا
مسلم ڪانفرنس، آل انڊيا خلافت، آل انڊيا يونيٽي
ڪانفرنس الهه آباد، سنڌ آزاد ڪانفرنس، سنڌ محمدن
ايسوسيئيشن وغيره جي اجلاسن ۾ سنڌ جي جدائيءَ جي
اصول جي تائيد ڪئي ويئي. ان جو تفصيل دلچسپيءَ کان
خالي نه آهي.
1930ع ۾ گانڌي- ارون ٺاهه کان پوءِ قوم پرست
مسلمانن سنڌ جي جدائيءَ جي گهر ڪئي.
1930ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس پاران قوم پرست مسلمانن
جي تقاضا منظور ڪئي وئي ۽ ڪانگريس پاران گويا ٻيو
ڀيرو سنڌ جي جدائيءَ جي اصول کي تسليم ڪيو ويو.
ڊسمبر 1931ع تي جمعيت العلماء هند جي ساليانه
اجلاس ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي زير صدارت سنڌ
جي جدائي جو ريزوليشن بحال ڪيو ويو.
ان
ئي سال حيدرآباد ۾ مسٽر سنتداس منگهارام جي ڪوٺايل
هندو- مسلم اتحاد ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته
هندو سنڌ جي جدائيءَ واري مسئلي جي مخالفت نه ڪن.
1931ع ۾ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس لاهور ۾ زير صدارت
علامه اقبال، سنڌ جي جدائيءَ جي تائيد ڪئي وئي.
1932ع ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس اجمير ۾ زير صدارت
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سنڌ جي جدائيءَ جي تائيد
ڪئي وئي.
لکنو
آل انڊيا يونيٽي ڪانفرنس ۽ الله آباد يونيٽي
ڪانفرنس، ان سوال جي پٺڀرائي ڪئي، پر بنگال جي
هندن جي مخالفت ڪري ڳالهيون ٽٽي پيون. ان موقعي تي
سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا اعلان ڪيو ته:
”برين ڪاميٽيءَ جي سفارشن کي جڏهن ته گول ميز
ڪانفرنس قبول ڪيو آهي ۽ برٽش گورنمنيٽ پڻ، بمبئيءَ
کان سنڌ جي آزاديءَ جي اصول کي قبول ڪيو ويو آهي.“
18-اپريل 1932ع ۾ ڪراچيءَ ۾ زير صدارت شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ، ’سنڌ آزاد ڪانفرنس‘ ۾ سنڌ جي
جدائيءَ جو ٺهراءُ متفقه طور پاس ٿيو.
آگسٽ
1932ع ۾ خانبهادر ولي محمد حسن عليءَ، سيڪريٽري
محمدن ايسوسيئيشن جي جڳهه تي ، شاهنواز ڀٽي مرحوم
جي زير صدارت ميٽنگ ۾ فيصلو ٿيو ته ساريءَ سنڌ ۾
سنڌ جي آزادي لاءِ 12 سيپٽمبر 1932ع تي ڌام ڌوم
سان ٺهراءُ پاس ڪيا وڃن، اهو ڏينهن ساري سنڌ ۾
ملهايو ويو.
15
نومبر 1932ع تي حيدرآباد ۾، سنڌ آزاد ڪانفرنس جو
هڪ عظيم الشان اجلاس ٿيو، ان ۾ سنڌ جي جدائيءَ تي
زوردار ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.
’سنڌ
آزاد ڪانفرنس‘ نالي مستقل جماعت قائم ڪري، ان جو
صدر شاهنواز ڀٽي کي چونڊيو ويو ۽ نائب صدر کهڙي کي
بنايو ويو. ان جي جواب ۾ فرقه پرست هندن 26 جنوري
1933ع تي ’سنڌ هندو ڪانفرنس‘سڏائي، سنڌ جي جدائيءَ
جي خلاف تحريڪ جو آغاز ڪيو.
5
فيبروري 1933ع تي، سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ
ڪاميٽيءَ ڪراچي ۾ وزيراعظم انگلينڊ جي سنڌ جي
جدائيءَ واري اصول قبول ڪرڻ تي خوشيءَ جو اظهار
ڪيو ۽ سندس شڪريو بجا آندو، ۽ پير سيد علي محمد
راشديءَ جي اهو ڪم حوالي ڪيو ويو ته هو’سنڌ
زميندار‘ ۽ ’ستاره سنڌ‘ اخبارن ذريعي،سنڌ جي
جدائيءَ جي تائيد ۽ قلمي جهاد ڪري، مخالفن کي جواب
ڏيندو رهي.
15نومبر 1932ع تي سنڌ آزاد ڪانفرنس حيدرآباد جي
صدارت ڪندي، سنڌ جي جدائي متعلق هڪ پرزور ۽ مفصل
خطبه صدارت پڙهيو، جنهن مخالفن جي دليلن کي ڪمزور
بنائي ڇڏيو ۽ سنڌ متعلق زوردار ٺهراءُ پاس ڪيو.
هي
آهن مختصر طور تي، سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جا
تاريخي مرحلا.
سنڌ
جي بمبئيءَ کا جدائيءَ جي سلسلي ۾، جي سياسي مرحلا
ٿي گذريا، تن جو مختصر ذڪر کان پوءِ ، واضح رهي ته
سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي تحريڪ جي سلسلي ۾
برطانيه سرڪار هڪ رسل ڪميٽي مقرر ڪئي هئي، ان جو
پهريون ۽ ٻيو اجلاس 12 نومبر 1930ع کان 1 ڊسمبر
1930ع تائين هليو.
ان
ڪميٽيءَ جو چيئرمين ’ارل رسل‘ هو ۽ ٻيا ميمبر هن
ريت هئا: هز هائنس سر آغا خان، قائد اعظم محمد علي
جناح، سر شاهنواز خان ڀٽو، سر غلام حسين هدايت
الله، سر عبدالقيوم، ڊاڪٽر شفاعت احمد، سر محمد
شفيع، سردار پورنسنگ، ڊاڪٽر مونجي، مسٽر ايم آر
جيڪار، راجا نرندرناٿ، سي، واءِ. چنتامڻي، بي، وي.
جادهو، ايڇ. بي. موري، سر هيوبرٽ ڪار ۽ مارگوئس
وغيره.
ان
ڪانفرنس ۾ سنڌ جي آزاديءَ جي دلائل تي مشتمل، سر
شاهنواز ڀٽي مرحوم جيڪا تقرير ڪئي، سا سنڌ جي
تاريخ ۾ نهايت اهم ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿي. ان جي
پرزور تائيد قائد اعظم محمد علي جناح ڪئي. اهو
خيال ۾ رکڻ گهرجي ته قائد اعظم سنڌ جي علحدگيءَ
واري مسئلي متعلق 1935ع کان وٺي ڪم ڪندو آيو آهي.
سڀ
کان اول آل انڊيا مسلم ليگ علي ڳڙهه ۾ اهو ٺهراءُ
پيش ڪيو ويو، جنهن جي تائيد قائد اعظم ڪئي.
25
مارچ 1927ع تي، قائد اعظم جي زيرصدارت سنڌ جي
علحدگيءَ متعلق ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.
آگسٽ
1928ع ۾ سائمن ڪيمشن لاءِ جناح صاحب نوٽ تيار
ڪرايو، جنهن ۾ سنڌ لاءِ دليل ڏنا ويا.
31
ڊسمبر 1928ع تي جناح صاحب جا 14 نڪتا شايع ٿيا، جن
مان هڪ سنڌ جي علحدگيءَ متعلق هو.
1-آڪٽوبر 1930ع تي جي –ايم – سيد، سرشاهنواز ڀٽي،
سرعبدالله هارون ۽ کهڙي پاران جناح صاحب سان
ملاقات ڪئي وئي، ۽ سنڌ جي علحدگيءَ جي مسئلي تي
سندس تائيد حاصل ڪئي وئي.
30-
سيپٽمبر 1930ع تي جي-ايم –سيد پاران جناح صاحب کي
چانهه پارٽي ڏني وئي ۽ کيس ان مسئلي جي تائيد لاءِ
استدعا ڪئي وئي. ان پارٽيءَ ۾ علامه آءِ- آءِ-
قاضي، حاتم علوي، کهڙو ۽ ميران محمد شاهه شامل
هئا.
ان
طرح 12-نومبر 1930ع کان شروع ٿيل گول ميز ڪانفرنس
جي ٻن اجلاسن ۾ جناح صاحب شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي
جدائيءَ جي تائيد ڪئي.
انهن
مختصر حوالن جي موجودگيءَ ۾، سرشاهنواز ڀٽي مرحوم
جي تقرير پيش ڪرڻ افاديت کان خالي ناهي. چنانچه سر
شاهنواز ڀٽي مرحوم جي تقرير پيش ڪجي ٿي.
سرشاهنواز ڀٽي مرحوم جي تقرير:
سنڌ
اهڙي محل وقوع ۽ بيهڪ وارو علائقو آهي، جنهن جو
بمبئيءَ سان الحاق محض انتظامي حيثيت سان ڪيل آهي،
۽ ان لاءِ اڳ ۾ ڪنهن به سوچ ويچار ۽ غور ۽ فڪر کان
ڪم نه وتل آهي، ۽ نه ڪو ڪنهن خاص پاليسيءَ متعلق
سنڌ کي بمبئي سان سلهاڙيو ويو آهي ٻيو ته جغرافيه
طور، توڙي تاريخي لحاظ سان توڙي ٻوليءَ ۽ ادب،
معاشرت ۽ ثقافت جي لحاظ سان ڪو سنڌ جو بمبئيءَ سان
تعلق آهي، بلڪه هر خيال کان سنڌ، بمبئي کان بلڪل
مختلف آهي.
برٽش
راڄ تائين به مختلف تاريخي دورن ۾ به سنڌ علحده
انتظامي علائقو رهيو آهي. خود برطانيه جي قبضي
کانپوءِ سنڌ ڳچ عرصي تائين گورنر جي ڪنٽرول ۾ رهي
آهي، ليڪن سرچارلس نيپئر (گورنر) ۽ ميمبر سر
آئوٽرام درميان وڏي مخاصمت ۽ پارٽيبازيءَ سببان
حڪام ۽ شهرين جي وچ ۾ بي اعتمادي، پريشاني، نفرت ۽
رقابت جو پيدا ٿيڻ لازمي هو. نتيجو اهو نڪتو جو
سارو نظام درهم برهم ٿي، اختلافن جي نذر ٿي ويو،
ورنه اڄ سوڌو سنڌ علحده صوبو رهيو آهي. انهن
اختلافن ۽ بداعتمادين واري دور ۾، نيٺ گورنريءَ کي
ختم ڪري عارضي طور تي براءِ نام سنڌ کي بمبئي سان
لاڳو ڪيو ويو. ان هوندي به صوبي سنڌ کي بلڪل الڳ
ٿلڳ هڪ”انتظامي يونٽ“ طور، ڪمشنر جي ڪنٽرول هيٺ
ڏنو ويو. اهو ئي طريقو اڄ تائين سنڌ ۾ رائج آهي.
جغرافيه طور تي پڻ سنڌ، بمبئي پريزيڊينسيءَ کان
غير برطانوي ڀارتي پٽي جي ذريعي علحده آهي. ان طرح
بمبئيءَ جو خطو، سنڌ کان هڪ هزار ميل دور به آهي ۽
طبعي لحاظ کان ته بلڪل مختلف آهي.
ان
طرح سنڌ جي زراعت جو طريقو به بمبئيءَ جي زراعت
واري نظام کان بلڪل مختلف آهي، نتيجي طور ڍل جي
بستگيءَ جو نظام ۽ انگ اکر به بلڪل مختلف ٿين ٿا.
سنڌ
جي زبان، ثقافت، تهذيب، تمدن، تاريخ، رسم و رواج
به بلڪل مختلف آهن، جي بمبئيءَ سان ڪو به بنيادي
رشتو ۽ واسطو نه ٿا رکن. اهي سڀ حقيقتون اهڙيون
آهن، جي سنڌ جي باشندن جي لاءِ تڪليف ۽ پريشانيءَ
جو سبب بنجن ٿيون.
هڪ
طرف هيڊڪوارٽر بمبئي ايترو ڏور آهي، جو اتي جي
نڪتل حڪمن ۽ احڪامن جو سنڌ ۾ پهچڻ ۽ انهن کي نافذ
ڪرڻ ۽ واسطيدار ڌرين تائين انهن جي رسائي ۾ ڪافي
ديرمدار ٿئي ٿي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته مسئلن جو
جلدي اڪلاءُ ٿي نه ٿو سگهي ۽ نه ڪو اهم فيصلن جو
فيصلو بروقت ڪري سگهجي ٿو.
ان
طرح ڪمشنر جي حيثيت ڪا ذمه دارانه ۽ ديانتدارنه
ڪانه آهي، بلڪه منصفانه به ناهي، ڪمشنر پاڻ کي
بااختيار بلڪه خودمختيار بادشاهه سمجهي ٿو، ان ڪري
ان سان ڪنهن به معقول ذريعن سان نه ڪو ملاقات ڪري
سگهجي ٿي ۽ نه ڪو عزت ڀرئي انداز ۾ ان سان ملي
انصاف ۽ حق حاصل ڪري سگهجي ٿو.
بمبئي پريزيڊنسيءَ جي رهاڪن ۽ ميمبرن جي نسلي
حيثيت به جدا آهي ته انهن جي زبان به الڳ آهي ۽
اڪثريت ۾ به آهن، ان ڪري لازمي طور تي بمبئي
اسيمبلي ۾ سنڌي ميمبر پاڻ کي ڌاريو ۽ اڌورو، اجنبي
۽ اڪيلو محسوس ڪن ٿا. افهام ۽ تفهيم جي آسان ذريعن
جي نه هجڻ جي ڪري پريزيڊينٽيءَ جي ميمبرن طرفان
به کين گهٽ حمايت حاصل ٿئي ٿي.
علاوه ازين سنڌ جا مسئلا، مطالبا ۽ حق، بمبئيءَ جي
مسئلن کان ايترو ته مختلف آهن، جو انهن کي
پريزيڊنٽيءَ جو سامهون آڻڻ به ڏاڍو مشڪل مرحلو
آهي. ان سلسلي ۾ بمبئي ۾ ڪنهن به وزير يا ميمبر يا
پارٽي کان ڪنهن به قسم جي جائز ۽ حق پسندانه حمايت
به حاصل ڪري نه ٿي سگهجي.
نتيجو اهو ٿو نڪري جو ٻنهي حيثيتن ۾ بمبئيءَ حڪومت
لاءِ چونڊيل سنڌي نمائندن کي ۽ ان سان گڏ سنڌ کي
نظرانداز ڪيو ٿو وڃي.
ان
طرح پريزيڊينسيءَ جا چونڊيل غير سنڌي نمائندا، سنڌ
جي مسئلن، مطالبن ۽ مشڪلاتن ۽ دقتن کي سمجهي ئي نه
ٿا سگهن ۽ نه ڪو انهن کي سمجهائڻ جو ڪو به ٻيو
معقول طريقو آهي. ان ڪري صاف طور چئي سگهجي ٿو ته
اهي نمائندا سنڌ جي مسئلن کي سمجهي سگهن، اهڙي
توقع رکڻ بلڪل فضول آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهي
غير سنڌي نمائندا سَوَ مان ”ٻڙي“ جي برابر به
دلچسپي وٺي نه ٿا سگهن ۽ گهڻو ڪري سنڌ جي مشڪلاتن
۽ مسئلن کي نه سمجهي سگهڻ جي حالت ۾، سنڌ جي سڀني
ترقياتي اسڪيمن جي اکيون ٻوٽي مخالفت ڪن ٿا. ان
صورتحال ۾ حڪومت پاران سنڌ کي بلڪل نظرانداز ڪيو
وڃي ٿو.
اهو
ئي سبب آهي جو اهي غير سنڌي اڪثريت وارا ميمبر،
سنڌ جي ڍلن جي انتظام کي نه سمجهي سگهڻ جي حالت ۾
نهايت غير همدردانه ۽ غير ذمه دارانه روش اختيار
ڪن ٿا. ان ئي طريقي ڪار سان ۽ اهڙي ئي ماحول ۾
تعليمي نظام، رستن جي تعمير، مواصلات جي ذريعن ۽
اسپتالن جي خيال سان، سنڌ جي قومي زندگي بلڪل
نظرانداز ڪئي وڃي ٿي. ان ڪري سنڌ ۾ ڄڻ سڃ لڳي پئي
آهي.
مزيد
هي ته بمبئيءَ جي معرفت، انڊيا سرڪار ڏانهن جي سنڌ
جون ترقياتي منصوبه بنديون موڪليون وڃن ٿيون، انهن
جي زوردار تائيد نه ڪرڻ ڪري، انهن ۾ گهٽ اثر رهي
ٿو، بمقابلا سڌي طريقي سان درخواستن موڪلڻ جي.
سنڌ
اهي سمورا سور ڏاڍي خاموشيءَ ۽ صبر سان، ورهين جا
ورهيه سهندي آئي آهي. هاڻي وڌيڪ برداشت ڪرڻ جي
ڪابه گنجائش باقي نه رهي آهي.
آخر
۾ گهڻي سوچ ۽ ويچار، غور ۽ فڪر، باهمي تبادله
خيالات ۽ واسطيدارن جي باهمي مشورن ۽ پڙهيلن جي ڳڻ
ڳوت ۽ ماهرن جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ واضح ٿيو ته سنڌ
جي ترقي صرف ”علحدگي“ ۾ ٿي سگهي ٿي.
هي
معاملو پهريائين 1913ع ۾ سرڳواسي آنريبل هرچند
راءَ ڪراچي ۾ ڪانگريس جي استقباليه خطبي ۾ پيش ڪيو
هو. ان کانپوءِ وقت به وقت سنڌ صوبائي ڪانفرنسن جي
طرفان ان کي مدلل ۽ معقول نموني ۾ پيش ڪيو ويو. ۽
هڪ جهڙن صوبائي بنيادن تي، صوبي جي قيام جو ٺهراءُ
1927ع ۾ بحال ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته ابتدا
سنڌ کي علحده ۽ آزاد صوبي بنائڻ سان ڪئي وڃي.
ان
سلسلي ۾ آل سنڌ مسلم ليگ به سنڌ جي علحدگيءَ لاءِ
زبردست حمايت ڪئي.
دهلي
جي مسلم ليگ ڪانفرنس جي تجويزن ۾ ”سنڌ“ جي آزادي
هڪ اهم اسم هو. ان طرح آل پارٽيز ڪانفرنس جي
ٺهرائن ۾ به سنڌ جي علحدگيءَ جي مسئلي متعلق
زبردست نموني ۾ مطالبو ڪيو ويو.
17
جولاءِ 1928ع ۾ سنڌ جي هندوـــ مسلم اتحاد ڪانفرنس
۾ متفقطه طور جي صلح جا شرط رکيا ويا، تن مان هڪ
شرط ۾ سنڌ جي علحيدگيءَ تي زوردار نموني ۾ اعتماد
ظاهر ڪيو ويو.
ان
طرح دهليءَ ۾ 1928ع واري ڪانفرنس ۾ پڻ سنڌ جي
علحدگي جي گهر ڪئي ويئي اهو بلڪل اعتماد ۽ يقين
سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي جدائي جو مسلو هاڻي
ابتدائي مرحلن مان نڪري، اعليٰ سطح تي پهچي چڪو
آهي. تازو سنڌ محمدن ايسوسيئيشن پڻ سنڌ جي جدائيءَ
لاءِ زوردار مطالبو ڪيو آهي، ۽ اسٽيٽيوٽي ڪميشن به
پنهنجي پاران تحقيقات شروع ڪري ڏني آهي.
اسان
هن مسئلي جي اوائلي حيثيت ۽ تڪميلي صورت تي ڪافي
غور ڪري چڪا آهيون. هر لحاظ سان هن مسئلي جي نوعيت
تي تدبر ڪري چڪا آهيون. اسان ان نتيجي تي پهتا
آهيون ته سنڌ جي علحدگيءَ نه فقط سنڌ لاءِ، پر
سڀني لاءِ نفعه بخش ثابت ٿيندي، مسلمانن سان گڏ
هندن کي به امن ۽ آرام، سلامتي ۽ سهنج سان گذارڻ
جو موقعو ملي سگهندو.
بمبئي حڪومت اوائل ۾ علحدگيءَ جو فيصلو ڏنو هو، جو
اڻ ڄاڻائي جي ڪري پيدا ٿيو هو، هاڻي ته خود بمبئي
حڪومت به تائيد ڪئي آهي، ۽ سنڌ صوبائي ڪميٽيءَ جي
تقاضائن ۽ دليلن کي تسليم ڪيو آهي.
اهو
به خيال ۾ رهي ته ڪميٽيءَ جي هڪ ميمبر سيد ميران
محمد شاهه، سنڌ جي آزاديءَ ۽ علحدگيءَ جي حمايت ۾
نهايت زوردار، مدلل ۽ اثرائي تقرير لکي آهي (ڏسو
هن مضمون جو 3 حصو) اسان جي انهن سڀني خدمتن ۽
جدوجهد جي تائيد خود ڀارت جي مرڪزي ڪميٽيءَ به ڪئي
آهي ته ڀلي سنڌ کي علحده صوبائي آزادي ڏني وڃي.
ان
طرح اسٽيٽيوٽي ڪميشن به جاچ جوچ ڪري، انگ ـــ اکر
جاچي، حالات کان واقفيت پيدا ڪري، آخرڪار سنڌ جي
علحدگيءَ واري اصول کي تسليم ڪيو آهي ۽ ان کي
وزندار بنائڻ لاءِ اها به تجويز ڏني آهي ته مسئلو
حدن کي متعين ڪندڙ ڪميٽيءَ جي حوالي ڪري حدون قائم
ڪرائڻ گهرجن.
ان
سلسلي ۾ ڀارت سرڪار ڪميشن جي رپورٽ تي نظرثاني
ڪندي لکيو آهي ته:
”جڏهن ته سنڌ ۾ علحدگيءَ جو مطالبو زور وٺي ويو
آهي، پر جيئن ته اڃا تائين ڪو آخري فيصلو نه ٿي
سگهيو آهي، تنهن ڪري جلد تحقيقات ڪري فيصلو ڏيڻ
گهرجي“
ان
کان اڳ بمبئي حڪومت پاران چيو ويو آهي ته اهو
مسئلو هاڻي حدود ڪميشن جي فورن حوالي ڪيو وڃي.
انهن
سڀني پيش ڪيل حقيقتن جي مطالعي کان پوءِ واضح ٿئي
ٿو ته هن وقت برسر اقتدار طبقو سنڌ جي آزاديءَ جي
اصولن کي قبول ڪري چڪو آهي.
ان
سلسلي ۾ مخالفن طرفان جو ڪجهه به چيو ويو آهي، ان
جي غائرنگاهه سان مطالع کان پوءِ واضح ٿئي ٿو ته
ان سلسلي ۾ ٽي مشڪلاتون ٿي سگهن ٿيون. هڪ انتظامي،
ٻي مالي ۽ ٽئين هندو فرقه وارانه. هنن مان ٽين
رڪاوٽ کي فورن حل ڪرڻ گهرجي.
هندن
کي ان غلط فهميءَ ۾ مبتلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي
ته سنڌ جي آزاديءَ کان پوءِ، صوبو مسلمانن جي
اڪثريت وارو بنجي ويندو. ليڪن ان سلسلي ۾ هيءَ
حقيقت واضح هئڻ گهرجي ته سنڌ جي علحدگيءَ جو مسئلو
مسلمانن جي حيثيت سان گهٽ، پر ”سنڌي“ حيثيت سان
وڌيڪ ترجيح جي قابل آهي.
انهن
خدشن ۽ خطرن جي غلط پروپيگنڊا کي سمجهڻ کان پوءِ،
سڀ کان اول سرڳواسي آنربل هرچندراءِ انهيءَ سنڌ جي
علحدگيءَ جي حق به جانب هجڻ بابت، هندن طرفان
زوردار حمايت ڪئي هئي ۽ مسٽر منٽنگ، لارڊ
چيلمسفورڊ پاران حمايت ڪئي هئي. ان طرح خود آل
انديا مهاسڀا، جنهن جي اجلاس ۾ اول اول سنڌ جي
علحدگيءَ جي خلاف اشتعال انگيز تقريرون ڪري غلط
فهمي پيدا ڪئي وئي هئي ۽ ان جي خلاف سخت ۽ منافرت
آميز ٺهراءَ به پاس ڪيو هو. آل انڊيا مهاسڀا جي
مشهور ليڊر پنڊت مدن موهن مالويه جي طرفان پيش ڪيل
ٺهراءُ ۾ سنڌ جي علحدگي جي تقاضا ڪئي وئي.
اهو
ئي ڪارڻ آهي جو سازگار ماحول ۾ 17 جولاءِ 1928ع تي
هندو ـــ مسلم معاهدو ٿيو هو.
هي
چند مثال آهن، جن مان سنڌ جي علحدگيءَ جي مطالبي
جي حقيقت ۽ حيثيت معلوم ٿي سگهي ٿي، جيڪي هندن جي
جذبات جي بهتر عڪاسي ڪن ٿا. ان حمايت ڪرڻ وارا
ڪارڻ ۽ اسباب هو چڱي طرح سان سمجهي سگهن ٿا.
اهو
ياد رهي ته هندن جي توقعات کي تمام گهڻي هٿي
ملندي، خاص طرح سان سڀ کان پهرين اثر جيڪو ٿيندو،
ان موجب سنڌ جي هندن جي اقتدار کي تمام گهڻي تقويت
ملي ويندي. بهرحال انتظامي توڙي مالياتي خيال کان،
ڪي اعتراض درست آهن ۽ وڌيڪ سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ
جهڙا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي وڌيڪ صحيح ۽ حقيقي مڃيا
وڃن ٿا. پر ڇاڪان ته اعوام ۽ غير سرڪاري حلقن کي
انهن جي ثابت ڪرڻ لاءِ ٺوس ثبوت اڃا نه ملي سگهيا
آهن، ان ڪري وقت کان اڳ ڪيل اعتراض بلڪل بي بنياد
سمجهڻ گهرجي.
باوجود ان جي، اڃا به جيڪڏهن انهن اعتراضن تي
دوباره غور ڪيو ويندو ته ان حالت ۾ به اهي اعتراض
بلڪل غلط، بي بنياد ۽ غير حقيقي ثابت ٿيندا.
انتظامي تڪليفن کي هيٺين لفظن ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو:
سنڌ
جي آباديءَ ۽ رقبو ايترا ناهن، جو علحده صوبو
بنائي سگهجي.
اتي
گورنر ۽ ڪم از ڪم ٽن وزيرن جيترو به ڪم ناهي.
سنڌ
جي علحده صوبي کي، بمبئي جي ماهرن کان صلاحون نه
ملي سگهنديون ۽ نه ڪي انهن جي تجويزن کي حاصل ڪرڻ
لاءِ سنڌ وٽ ڪي اهڙا معقول ذريعا موجود ٿي سگهندا.
جيتري قدر آباديءَ ۽ رقبي جو سوال آهي، ان متعلق
ڄاڻڻ گهرجي ته هيٺيان انگ اکر غور سان جاچڻ گهرجن،
جن مان واضح ٿيندو ته اهي انگ اکر سنڌ جي آباديءَ
کي ڀارت جي انهن رياستن جي آباديءَ ۽ رقبي جو
تناسب ڏيکاريندا، جن کي اڳ ئي علحده صوبائي حيثيت
حاصل ٿي چڪي آهي.
صوبو |
آبادي |
علائقو |
اجمير |
429000 |
2711 |
آسام |
9700000 |
53015 |
سرحد |
2500000 |
13418 |
سنڌ |
3370000 |
47000 |
هي
خيال ته علحده حڪومت هئڻ جي ڪري، ڪو گهڻو ڪم نه
رهندو، جنهن لاءِ هڪ گورنر ۽ ٽي وزير سيڙائي
ڇڏجن، جيڪڏهن هروڀرو ان فيصلي تي ڳنڍ ٻڌجي ته پوءِ
ٽي نه فقط ٻه وزير ئي رکجن.
توقع
آهي ته باقاعده ڪم شروع ٿيندو، ۽ عوام جي ضرورتن
کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون، ۽ سنڌ جي
ترقيءَ ڏانهن ذمه دارانه حيثيت سان توجهه صرف ڪيو
ويندو ته پوءِ پاڻ هي ڪم وڌندو ۽ مناسب انداز ۾
وزيرن ۾ اضافو ڪيو ويندو. |