ان
جي جواب م سروجني نيڊو ٻڌايو ته:
”مهاتما گانڌيءَکي ان سلسلي ۾ ڪابه خبر نه ڪا چار
آهي ته اسان سندس سفر توڙي ڀنگي ڪالونيءَ ۾ رهڻ
لاءِ ڪيڏو نه پريشان ٿا ٿيون، ۽ ڪيڏي نه خبرداريءَ
۽ رازداريءَ سان ڪم ٿا ڪريون. حقيقت اها آهي ته،
اسان مهاتما گانڌيءَ لاءِ جيڪو ٿرڊ ڪلاس جو گاڏو
سفر لاءِ چونڊيندا آهيون، اهو خاص طرح سان سارو
مهاتما گانڌيءَ لاءِ رزروڊ ڪرائيندا آهيون ۽ ان
کان پوءِ ان جي چڱيءَ طرح سان صفائي ڪرائبي آهي.
ان ۾ گلن جا ڍير لڳائيندا آهيون ۽ سفيد وهاڻا
رکائيندا آهيون، ان کان پوءِ ڪانگريسي رضاڪارن مان
هڪ خاص جٿو نهايت احتياط سان چونڊيندا آهيون، جو
سندس رکوالي ۽ خدمت به ڪري ۽ ساڻس گڏ سفر ڪري. ان
راز کي لڪائڻ لاءِ، اسان انهن چونڊيل رضاڪارن کي
”اڇوتن“ وارا ڪپڙا پارائيندا آهيون. بس ان طرح
ظاهر ڪندا آهيون ته مهاتما گانديءَ ’هربجن‘ ماڻهن
سان، ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪري رهيو آهي.“ اهو ٿيو
مهاتما گانڌي جي سفر جو حال. ان طرح ڀنگي ڪالونين
۾ رهڻ جو جيڪو سوال آهي، ان متعلق رڳو ايترو ظاهر
ڪرڻ مناسب ٿي سمجهان ته دهلي، الهه آباد، لکنو،
پاٽنا، ڪراچي، ڪلڪته، مدراس وغيره جهڙن مرڪزي شهرن
۾ جيڪي ڀنگي ڪالونيون آهن، تن تي اول هريجن ڪالوني
جا نوان بورڊ هڻائبا آهن، ان کان پوءِ انهن
ڪالونين جي تمام خبرداريءَ سان صحت جي اصول پٽاندر
صفائي ڪرائبي آهي، ان ۾ خوشبودار فلٽ جا ڦوهارا
هڻائيندا آهيون. سارو گند ۽ ڪچرو ڪڍائي ڪالونين کي
آئينن وانگر جرڪائيندا آهيون. پراڻين ۽ ڀڳل سڳل
جاين يا ڀتين تي رنگين پردا هڻائبا آهن، سي به
اهڙي نموني ۾ جئن ڪو اهو سمجهي نه سگهي ته ڪو اهو
مهاتماجي جي اچڻ تي هٿ وٺي انتظام ڪيو ويو آهي. ان
کانپوءِ اڇوتن ۽ ڀنگين کي وهنجاري سهنجاري لٽو
ڪپڙو پارائي، تازي حجامت لهرائي، اڇو اجرو ڪري،
تيار ڪندا آهيون، جيترا اهي اڇوت هوندا آهن، انهن
کان ٻيڻا ته اسان جا ڪانگريسي رضا ڪار هوندا آهن،
جي به ڀگين ۽ اڇوتن جي لباس ۾ هوندا آهن. مهاتما
گانڌيءَ جي حفاظت ۽ سنڀال لاءِ ساري بستي رضاڪارن
سان ڀريل هوندي آهي ۽ اتي اهي عام جام پيا ڦرندا
آهن، پر اها خبر ڪنهن کي به پئجي نه سگهندي آهي ته
اهي ڪي ڪانگريسي رضاڪار آهن، محسوس ائين ٿيندو آهي
ته اهي سڀ جا سڀ اڇوت آهن.
ايتري قدر جو ملاقات وقت، اگر ڪو رضاڪار اڇوت جي
لباس وارو، سندس خدمت ۾ موڪلبو آهي ته پوءِ هوبهو
اڇوتن وانگر ڳالهه ٻولهه ڪندو آهي ۽ اڇوتن جي
مشڪلاتن ۽ مسئلن متعلق گانڌي جي کي واقف ڪندو
رهندو آهي.
ان
سلسلي ۾ ڪيترن چڱن چوکن، پوڙهن ۽ ڪراڙن کي، ڪجهه
ميرا ۽ خسته حال ڪپڙا پارائي، کين گانڌيءَ جيءَ جي
خدمت ۾ پيش ڪندا آهيون، جنهن مان اسان جو مقصد اهو
هوندو آهي ته ويچارن اڇوتن جي حالت ڏاڍي خراب آهي!
ان
طرح جناب عالي! ان ”پوڙهي مهاتما“ متعلق ڪانگريس
پاران جيڪو ڊرامو ڪيو ويندو آهي، اهو اسان لاءِ
ڏاڍو پريشان ڪندڙ ۽ مهانگو ثابت ٿيندو آهي. ڏينهن
جا ڏينهن اهو ڊرامو هلندو رهندو آهي، جيستائين وڃي
گانڌي جي، منزل کڻڻ جو حڪم ڏئي.“
لارڊ
مائونٽ بيٽن ٻڌايو ته ان تي مون چيو ته اهو سڀ
ڪجهه درست، پر مون کي اها ڳالهه اڃا تائين سمجهه ۾
نه آئي آهي ته مهاتما گانڌي جهڙي عظيم دانشور ۽
سياسي رهنما، جنهن جي نگاهه ساري دنيا جي مسئلن
تائين وسيع آهي، تنهن کي اها خبر نه پئجي سگهندي
آهي ته هي سارو ڊرامو هٿرادو آهي ۽ فقط کيس خوش
ڪرڻ لاءِ رچايو وڃي ٿو! ان تي سروجني نيڊو به کلي
ڏنو ۽ مون به وڏو ٽهڪ، ڏئي گفتگو ختم ڪئي.
(25
ڊسمبر، پاڪستان ٽائمز لاهور بحواله”طلوع اسلام“
لاهور فيبروري 1976ع)
جناح
جي قتل جي سازش!
ان
کان پوءِ لارڊ مائونٽ بيٽن جي انٽرويو ۾ آيل هڪ
اهڙو واقعو اچي ٿو، جنهن جي اڄ تائين ڪنهن به خبر
ڪانه پئي.
لارڊ
مائونٽ بيٽن کان سوال ڪيو ويو ته اوهان جڏهن 14
آگسٽ 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ آيا، تڏهن آزاديءَ جي
تقريب پئي ملهائي.ان متعلق ڪو خاص واقعو ياد هجي
ته مهرباني ڪري ٻڌايو.
هائو، هڪ عجيب غريب واقعو ياد اٿم. مون کي ياد آهي
ته اتي قائداعظم کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي هئي.
ان ڏينهن منهنجو توجهه منهنجي خبردار عملي ڇڪايو
هو، ۽ مون کان تقاضا ڪئي هئي ته جناح صاحب جي جان
جوکي ۾ آهي، ان ڪري ان سازش جو جلدي پتو لڳائڻ
گهرجي. مون انهن کي فورن حڪم ڏنو ته هو خبرداريءَ
سان اهڙن سازشي ماڻهن تي نظر رکن ۽ ممڪن ٿي سگهي
ته پوءِ فورن انهن کي گرفتار ڪيو وڃي.
آخر
مون اها ڳالهه جناح صاحب سان ڪئي، جنهن نهايت
شگفتگيءَ سان مرڪندي چيو ته ”اسان جو خدا حافظ
آهي، اگر قانون اهڙن جو پتو لڳائي سگهي ته بهتر
باقي جلوس ۽ تقريب ۾ پروگرام موجب شرڪت ڪنداسون.“
ان تي مون وراڻيو. ”ڏاڍو چڱو!“ مان اوهان سان گڏجي
گورنمينٽ هائوس هلڻ لاءِ تيار آهيان ۽ ساڳيءَ
سواريءَ ۾ گڏجي ويهنداسون پوءِ جيڪو ٿيو سو تقدير
کان سمجهنداسون.“
قائداعظم چيو! ”اوهان جي جان به ويندي، اوهان پاڻ
کي ڇو ٿا مصيبت ۾ وجهو!“
مون
کيس جواب ۾ چيو ته ”منهنجو خيال آهي ته جي ماڻهو
اوهان کي قتل ڪرڻ گهرن ٿا، سي هروڀرو مون کي ڇو
قتل ڪندا؟ اسان اگر هڪ سواريءَ ۾ گڏ هونداسون ته
پوءِ اها چانس رهندي ته ممڪن آهي، ٻئي بچي وڃون يا
ڪو هڪ بخت وارو بچي سگهي.“
”جناح صاحب! مان جڏهن ڪراچيءَ پهتس، تڏهن منهنجي
سي آءِ ڊيءَ جي سربراهه مونکي ٻڌايو ته قائداعظم
کي قتل ڪرڻ جو منصوبو تيار ٿي چڪو آهي، اهو به
معلوم ٿيو آهي ته هو ٻن ـــ چئن بمن سان حملو
ڪندا، يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ بم اڇلائيندا.
آخر
مختصر تقريب پوري ٿي ۽ اسان ٻئي ڄڻا هڪ ڪار ۾ الله
کي سنڀالي ويٺياسون. هڪڙي پراڻي کليل رولز ڪار، جا
بلڪل تابوت وانگر محسوس ٿي رهي هئي، ۽ اسان کي
ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ ته اها پراڻي ڪار اسان
ٻنهي جا لاش کنيو پئي وڃي! اهو به خيال ٿيو ته اها
ئي ڪار اسان ٻنهي ڄڻن جي تابوت بڻجڻ جو شرف حاصل
ڪندي.
آخرڪار اسان جو ”شاهاڻو جلوس“ روانو ٿيو، جلوس
وارن جي تقاضا اها هئي ته ڪار آهسته آهسته هلي،
جيئن هو اسان جو تماشو ڏسي سگهن! ان ڪري اسان جي
ڪار آهسته آهسته لڏندي لمندي هلي رهي هئي. ٽن ميلن
جو سفر ٻنهي طرفن تي تماشبين ماڻهن جو هجوم، گهرن
جي درين مان ماڻهو ڪنڌ ٻاهر ڪڍي اسان کي ڏسي رهيا
هئا، هزارين ماڻهو ڇتين تي چڙهيل هئا، سڀ ڏاڍي
چاهه ۽ پاٻوهه سان قائداعظم زندهه باد حتيٰ ڪه
مائونٽ بيٽن زنده باد جا فلڪ شي گاف نعرا هڻي
رهياهئا. کين اڃا ان زخم جي خبر ئي ڪانه هئي ته
اڳتي هلي ڀارت ۾ قتل و غارت جي بازار گرم ٿيڻي
آهي، ۽ پاڪستان کي لاشن ۽ خون جي ندين سان قيمت
ادا ڪرڻي آهي، ڀارت جي سورمن ۽ سيناپتين جي اندر
جي اڃا کين معلومات ئي ڪانه ملي هئي. خير! قافلو
هلندو رهيو. ظاهر ۾ اسان سندن نعرن جو جواب رکي ۽
خشڪ کل سان ڏيندي ۽ هٿ لوڏيندا رهياسين. اسان کي
اها خبر هئي ته ان شاهاڻي جلوس کي مرحبا ڪرڻ وارن
۾ اهي ماڻهو به لڪل آهن، جن وٽ بم موجود آهن. ان
ڪري مون بار بار متلاشي ۽ حيران نگاهن سان هجوم جي
مختلف چهرن ڏانهن پئي نهاريو. پر حيرت اها آهي ته
جناح صاحب، پنهنجي وضعداريءَ ۾ ڪوبه فرق محسوس ٿيڻ
نه ڏنو. ائين بالم ٿيو ويٺو رهيو. مون کي چپن تي
کل هئي، پر ساهه مٺ ۾ هوم. ماڻهن کي اهو احساس پئي
ڏنم ته مان سندس آجيان تي خوش ٿي سندن جواب ۾ هٿ
لوڏي رهيو آهيان.
هاڻي
منهنجو حال ٻڌو: منهنجي هڪ چاچي کي بم سان ماريو
ويو هو. ٻيو چاچو به بم سان قتل ڪيو ويو هو،
منهنجي هڪ سئوٽ اسپين جي راڻي، جڏهن پنهنجي شاديءَ
لاءِ آئي هئي ۽ گهوٽ سان جلوس ۾ پئي هلي، تڏهن
سندن ڪوچوان رت ۾ وهنتل، هو، خود مان جڏهن ڪافي اڳ
پرنس آف ويلز سان گڏ هندستان ۾ آيو هوس، تڏهن مون
کي هڪ حفاظتي گاڏيءَ ۾ ويهاري غير معروف رستن تان
هلائي، ماڳ پهچايو ويو هو. ان ڪري مون کي اهو
وسوسو ويڙهي ويو ته قدرت کي ڇا به منظور هجي،
پنهنجي پڄاڻي به چاچن وانگر شايد ”بم“ سان ٿئي!
اُف! ڪيڏو نه روح فرسا حال هو منهنجو! دل جي دنيا
۾ وسوسو ۽ وهم، پر چپن تي ڦِڪي مُرڪ!
نيٺ
خدا خدا ڪري اسان اچي گورنمينٽ هائوس کي ڀيڙا
ٿياسون. منهنجي جان ۾ ڄڻ نئين حياتي آئي. مسٽر
جناح منهنجي هٿ تي هٿ هڻي چيو: ”خدا جو شڪر آهي جو
مان توکي حفاظت سان هيستائين وٺي آيو آهيان.“ اها
جناح صاحب جي وڏي زيادتي هئي، جناح صاحب وجهه وٺي
مون تي چوٽ ڪري ورتي! مون کيس ٻڌايو ته ”خدا جو
شڪر ته مون کي بجا آڻڻ گهرجي، جو مان توکي خير
سلامتيءَ سان هيستائين زنده پهچائي چڪو آهيان،
ورنه بم ته توکي لڳڻو هو ۽ مفت ۾ جان مون کي
وڃائڻي هئي!“ اهو واقعو منهنجي زندگيءَ جو هڪ
سنسني خيز واقعو هو، جو اڄ تائين ياد اٿم.
(پاڪستان ٽائيمز 25 ڊسمبر 1975ع لاهور)
لارڊ
مائونٽ بيٽن جو بيان ڪيل واقعو پورو ٿيو. پر اها
ڳجهارت، ڳجهارت ئي رهي ته قائداعظم کي پهرئين ئي
ڏينهن ڪراچيءَ ۾ قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي ڪنهن؟ ۽ ڇو
ڪئي وئي؟ اهو راز، راز ئي رهندو آيو آهي، ۽ شايد
راز ئي رهي ها. خدا ڀلو ڪري لارڊ مائونٽ بيٽن جو،
جنهن 28 سالن کانپوءِ اهو واقعو ظاهر ڪري ڇڏيو.
والله اعلم ـــ اصل حقيقت ڇا آهي؟ آيا اها هڪ
حقيقت آهي يا افسانو. قرين قياس اها ڳالهه آهي ته
پاڪستان تحريڪ جي جدوجهد هلائيندي، قائداعظم تي
ڪيئي ڀيرا اڳ به قاتلانا حملا ڪيا ويا هئا. ٻيو ته
قائداعظم جي سال کن ۾ وفات به ته هڪ معمو آهي.
سندس وفات متعلق لکيل ڪتاب به اڄڪلهه ناياب ٿي چڪا
آهن.
مونکي ڪانگريس هندستان جو گورنر جنرل ڇو بڻايو؟
تقسيم جي اعلان کانپوءِ پاڪستان جو گورنر جنرل
قائداعظم ٿيو، پر هندستان ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن کي
ڪانگريس پاران منٿون ڪري مڃائي، گورنر جنرل بنايو
ويو. آخر ان ۾ ڪهڙو راز سمايل آهي. ان راز تان به
لارڊ مائونٽ بيٽن پردو هٽايو آهي، چوي ٿو:
”جڏهن مان مملڪت جو اقتدار هندستان ۽ پاڪستان کي
منتقل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس ۽ بائونڊري ڪميشن به
پنهنجو فيصلو ظاهر ڪري، پاڪستان کي ڪافي نقصان
رسايو، تڏهن مان سعيو ڪري دهليءَ کان ٻاهر هليو
ويس. مان ان وقت تائين اگرچه هندستان جو آئيني
گورنر جنرل هوس، پر اصل منصب ته ڪانگريس کي ملي
چڪو هو، جن پنهنجو انتظام پاڻ سنڀالي، اهو سڀڪجهه
ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن متعلق ماڻهن کي خدشا ۽ خطرا
هئا. ان طرح منهنجي ٻاهر نڪري وڃڻ جو اهو به مقصد
هو ته مون ملڪ جي ماڻهن تي اهو واضح ڪرڻ ٿي گهريو
ته هاڻي اوهان جي ملڪ جو انتظام خود اوهان جي
نمائندن جي هٿ ۾ آهي ۽ انگريز وڃي چڪو ۽ مان رڳو
دستخط ڪرڻ واري مشين وانگر رهجي ويو آهيان.
مون
کي ٻاهر وئي اڃا ٻه ـ ٽي ڏينهن مس گذريا ته مون کي
مسٽر وي پي مينن جو ٽيليفون پهتو. مسٽر مينن
منهنجو پراڻو دوست ۽ هندستاني اسٽاف ۾ منهنجو
بهترين رفيق هو. تنهن چيو ته ”مصيبتن ۽ عذابن جو
هڪ هجوم دهليءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ دارالحڪومت
دهلي خطري ۾ گهيريل آهي. اوهان فورن دهليءَ ڏانهن
واپس اچو“ مون کيس جواب ۾ چيو ته ”منهنجي واپسيءَ
جو حڪم ڪنهن صادر ڪيو آهي؟“ مينن جواب ۾ چيو ته
”وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم جو گڏيل عرض آهي“ مون
اهو ٻڌي چيو ته ”مان واپس نه ٿو اچڻ چاهيان.“ ان
تي مينن چيو: ”ڇو؟ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟“ مون کيس ٻڌايو
ته مان ڄاڻي واڻي دهليءَ مان نڪري هت پهتو آهيان،
جيئن دنيا تي ظاهر ڪري سگهان ته هاڻي ملڪ تي ملڪي
باشندن جي حڪومت آهي“ مينن جي اصرار تي مون کيس
صاف صاف ٻڌايو ته ”مان هروڀرو ماڻهن جي گردن
دٻائڻ لاءِ دهليءَ اچڻ نٿو چاهيان، مان اگر دهليءَ
ايندس ته به پوءِ ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ اچي
سگهندس.“
مينن
چيو ته ”اگر اوهان جو اهو ارادو آهي ته پوءِ واپس
اچڻ جي زحمت گوارا ڪرڻ جو اسان تي احساس نه ڪريو
ته بهتر، ڇو ته اگر اوهان چوويهن ڪلاڪن جي اندر
دهليءَ ۾ واپس نه پهتا ته پوءِ نه هوندي دهلي ۽ نه
ڪو هوندو ڪو نظام! هي سارو ٺاٺ ختم ٿي ويندو. اسان
هندستان کي وڃائي ويهنداسون.“
آخرڪار لاچار مون کي هائوڪار ڪرڻي پئي. مون مينن
کي چيو ته ”مينن تون وڏو بدمعاش آهين، توکي مون کي
واپس ڪرڻ جا عجيب ڍنگ ۽ مڪر اچن ٿا. چڱو مان اچي
رهيو آهيان.“
چنانچه مان فورن دهليءَ پهتس. سڌو گورنمينٽ هائوس
۾ لٿس. اتي وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم منهنجي
انتظار ۾ بي جان بت بنيا ويٺا هئا. انهن مون کي
ٻڌايو ته ”معاملا ڏاڍا سنگين ۽ نازڪ ٿي چڪا آهن.
خدا جي واسطي بابا! هن ملڪ جون واڳون تون سنڀال،
اسان کان قصو زور ٿي چڪو آهي.“
مون
کين ٻڌايو ته ”ذرا کلئي نموني ۾ ڳالهه ڪريو ته آخر
اوهان جو خيال ڇا آهي؟، اوهان گهرو ڇا ٿا؟“ هنن
جواب ڏنو ته ”اسان گهرون ٿا ته اوهان ملڪ جو
اقتدار سنڀاليو.“
مون
کين چيو ته ”اهو آخر ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ اوهان
اسان کان آزادي حاصل ڪري چڪا آهيو، ان ڪري ملڪ جو
اقتدار به اوهان کي ئي سنڀالڻو آهي.“
ان
جو جواب ڏنائون، ”اوهان جو چوڻ بلڪل درست آهي، پر
اسان کي ته رڳو انتشار پيدا ڪرڻ جو هنر اچي ٿو،
انتظام مان اسان ڇا ڄاڻون؟ جڏهن اسان جيلن ۾
هئاسون، تڏهن به اوهان ئي سپريم ڪمانڊ جي سربراهه
جي حيثيت سان نظام هلائي چڪا آهيو، ۽ هر طرف کان
اوهان جي تعريف ٿي رهي هئي. باقي اسان ملڪ جو نظام
نٿا هلائي سگهون“
مون
محسوس ڪيو ته ان قسم جون ڳالهيون، هو نهايت
سنجيدگيءَ سان ڪري رهيا هئا. لاچار ٿي مون کين
ٻڌايو: ” ڏاڍو چڱو، مان هن معاملي ۾ اوهان جي مدد
ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ليڪن هڪ شرط سان اهو شرط هي
آهي ته ڪو اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي، جيئن اهو
معاملو راز ۾ رهي، ڪنهن بني بشر کي خبر نه پوي،
بلڪه دنيا کي اهو معلوم ٿئي ته حڪومت جو نظام اصل
۾ اوهان ئي سنڀالي رهيا آهيو. منهنجو معاملو ائين
پوشيده ئي رهڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ اوهان جي زندگيءَ
تائين. مان جو ڪجهه چئي رهيو آهيان، ان مان منهنجو
مقصد اهو آهي ته جيئن اوهان جي شهرت برقرار رهي
سگهي.“
انهن
خوش ٿي چيو ته ”ڏاڍو چڱو، ڀلا هاڻي ڪهڙو پروگرام
ٺاهڻو پوندو!“
مون
کين سمجهايو ته اول هڪ هنگامي ڪميٽيءَ کي تشڪيل
ڏينداسون. ان ڪميٽيءَ جي ميمبرن جو انتخاب مان ئي
ٿو ڪريان. ان ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس اڄ 5 بجي
ڪنداسون. ان اجلاس لاءِ مان هڪ سيڪريٽري رکندس، جو
برطانوي طرز تي اجلاس جي ڪارگذاري قلمبند ڪندو
رهندو. ان ميٽنگ ۾، وزيراعظم منهنجي ساڄي پاسي کان
۽ نائب وزيراعظم کاٻي پاسي کان ويهندا. ان کان
پوءِ مان هڪ تجويز پيش ڪندس ۽ اوهان کان صلاح
وٺندس ته ”اوهان جو ڇا خيال آهي؟ هيئن هيئن نه ڪرڻ
گهرجي! ڇا هينئن ڪرڻ مناسب ٿيندو؟“ اوهان سڀ
هاڻڪار ڪجو. ان کان پوءِ مان چوندس: ”منهنجي خيال
۾ هيئن ڪرڻ گهرجي!“ اوهان سڀ چئجو ته ”بلڪل درست
آهي“
جڏهن
ايستائين معاملو طئي ٿي چڪو، تڏهن سردار ولڀ ڀائي
پٽيل وچ ۾ چيو ته ”فرض ڪريو ته اوهان جي تجويز مون
کي پسند نه اچي ۽ مان چوان ته ”مون کي منظور
ناهي!، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“ مون چيو ته ”پوءِ
اوهان سڀ وڃي جهنم ۾ پئو ـــــ مان ڪجهه به ڪرڻ
لاءِ تيار ناهيان!“
پٽيل
چيو ته ائين ڇو؟
مون
کيس سخت لفظن ۾ تنبيهه ڪندي چيو ته ان لاءِ ته مون
وٽ ضايع ڪرڻ لاءِ ايترو وقت آهي ئي ڪين. اوهان کي
اگر منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه آئي آهي ۽ اگر وچ
۾ ”نه نه“ ڪري ويهو ته پوءِ مان ان صورت ۾ اڳ ۾
سوچيل ۽ ٺاهيل تماشو ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهيان.
پتيل
چيو: ”لارڊ! مان اوهان جي هر ڳالهه تي هائوڪار
ڪندو ايندس. اوهان رنج نه ٿيو.“ ان کانپوءِ مون
اجلاس جي ڪارگذاري شروع ڪرائي. ڪميٽيءَ جا ميمبر،
جوهر لال ۽ پٽيل هر وقت ڪنڌ ڌوڻيندا رهيا، بس، ان
طرح سان هندستان جي انتظام جي گاڏيءَ کي ڌڪا ڌوما
ڏيئي پٽڙيءَ تي چاڙهيوسون!
(’
ڊان‘ 8 نومبر 1975ع)
هي
آهي اهو راز، جنهن ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن جي گورنر
جنرل بڻجڻ جي حڪايت موجود آهي، اها حقيقت آهي ته
نه فقط ڪانگريسي نيتائون واقعي مملڪت جي نظام
سنڀالڻ لاءِ اهل ۽ لائق ڪين ها. ان جو ثبوت
ڪانگريس جي ان دور ۾ موجود آهي، جڏهن کين صوبائي
حڪومتون مليون هيون ۽ انهن لکن مسلمانن کي مارايو
هو، ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙايا هئا، اهي سارا انگ اکر
مڪمل ”پيرپور“ رپورٽ ۾ موجود آهن. جا ڪانگريس ۽
مسلم ليگ جي نمائنده ليڊرن تي مشتمل ڪميٽيءَ پاران
شايع ڪئي وئي آهي.
ان
کانپوءِلارڊ مائونٽ بيٽن ۽ پٽيل جي نوڪ جهوڪ جو
نتيجو ڇا نڪتو؟ اجلاس ۾ پٽيل، ڊرامائي انداز ۾
لارڊ مائونٽ بيٽن کي چيو ته ”اگر مان اوهان جي
ڳالهه نه مڃان ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“ جنهن جو جواب
لارڊ پاران ڊرامائي انداز ۾ ڏنو ويو ته ”اوهان سڀ
وڃي جهنم ۾ پئو“ جنهن تي پٽيل معذرت ڪئي ۽ سندس
حڪم جي فرمانبرداريءَ جو اقرار ڪيو.
برصغير جي تاريخ شاهد آهي ـــ پٽيل جي اشاري تي
لکها مسلمان قتل ڪرايا ويا. مسلمانن جا گهر جلايا
ويا، جنهن جي رد عمل ۾ گانڌي جي احتجاج ڪندي، ”مرن
ورت“ رکيو ۽ گوڊسي هٿان جان ڏنائين. ان متعلق به
پٽيل کي ئي جوابدار قرار ڏنو ويو. مولانا آزاد چيو
آهي. پٽيل کان جڏهن ڪانگريس پاران باز پرس ڪئي
وئي، تڏهن چيائين ته ”گانڌيءَ جو ”مرن ورت“ اسان
جي طئي ٿيل پروگرام لاءِ رڪاوٽ هو، بلڪه مون کي
بدنام ڪرڻ لاءِ ئي هو!“ ان مان ظاهر آهي ته لارڊ ۽
پٽيل جي مشترڪه ڊرامي جو عنوان ڇا هو ۽ ڪردار ڪهڙا
هئا.
***
اوهان کي اهو به سوچڻ گهرجي ته اوهان مان هر شخص،
خواهه ڪهڙي به فرقي جو هجي، ماضيءَ ۾ ٻئي فرقي
واري شخص جي پاران پيدا ڪيل تلخيءَ کي اگر فراموش
ڪري نه ٿو سگهي ته پوءِ لازمي طرح سان هت باهمي
تعلقات ڪشيده رهندا. ان مسئلي جي نوعيت ڪجهه به
هجي، ٻئي فرقي جي ماڻهوءَ جو رنگ، نسل، خاندان،
ذات ۽ مذهب ڪهڙو به هجي، پاڪستان ۾ رهڻ جي ڪري،
اهو شخص هن رياست جو معزز شهري تصور ڪيو ويندو. ان
جا حق ۽ رعايتون اهي ئي آهن، جي اوهان مسلمانن کي
مليل آهن.
(مرڪزي آئين ساز اسيمبلي ڪراچي؛ 11 آگسٽ 1947ع)
پروفيسر محمد سرور
قائداعظم جي ڪاميابيءَ جا اسباب
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ملفوظات جي روشنيءَ ۾
(نوٽ: امام الانقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، هڪ
انقلابي مفڪر جي حيثيت سان بين الاقوامي شهرت جو
مالڪ آهي. سندن خيالات ۽ سياسي تصورات متعلق سندس
شاگرد پروفيسر محمد سرور جا ڪتاب ڪافي مقبوليت
حاصل ڪري چڪا آهن. ان سلسلي ۾ ”افادات و ملفوظات
مولانا سنڌي“ جي نالي سان پروفيسر سرور جو هڪ تازو
ڪتاب ڇپيو آهي، ان ۾ برصغير جي سياسي ماحول متعلق
به ڪافي مواد موجود آهي، جنهن ۾ ڪانگريس، مسلم
ليگ، گانڌي جي ۽ جناح صاحب، پٽيل، جواهر لال متعلق
به بحث آيل آهي. مولانا سنڌي جهڙي عظيم ۽ انقلابي
مفڪر جي منفرد راءِ اهڙي آهي، جنهن تي علم وارن کي
سوچڻ گهرجي. چنانچه مولانا سنڌيءَ جي فڪر انگيز
خيالات مان استفادي ڪرڻ لاءِ چند اقتباس پيش ڪجن
ٿا.
غ م
گ)
-----
ڪانگريس گانڌيزم آهي:
پروفيسر سرور لکي ٿو ته، مولانا سنڌيءَ کي جمعيت
العلماءِ هند جي دورخي پاليسي سان سخت اختلاف هو،
جي جمعيت العلماءِ سان به گڏ هئا ۽ ڪانگريس سان به
گڏ هئا. ان طرح مولانا سنڌي گانڌي جي جي غلطين،
توڙي اوتار بنجڻ تي به سخت ناراض هو. گانڌي جِي جي
ان طريقي کي مولانا سنڌي هاڃيڪار ڪوٺيو آهي.
سرور لکي ٿو ته:
”مولانا سنڌيءَ جو چوڻ هو ته اوهان عالم سنئون سڌو
ڪانگريس ۾ وڃو، جمعيت العلماءَ جي وجود سان
ڪانگريس جو پڇ بڻجڻ ڇڏي ڏيو ۽ پورا ڪانگريسي بنجي
وڃو ته ائين ڪرڻ سان جيڪي گانڌي جي سياسي غلطيون
ٿو ڪري، اوهان ٻين هم خيال ماڻهن سان گڏجي، ان
لاءِ رڪاوٽ پيدا ڪري سگهندا.
مولانا سنڌيءَ کي گانڌي جي تي سڀ کان وڏو اعتراض
اهو هو ته ان ڪانگريس ۾ اوتار ۽ فوق الڪل، صاحب
اختيار جي حيثيت سان فائدو وٺي، ڪانگريس کي هڪ
مذهبي رنگ ڏئي ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو جو گانڌيءَ جي
مذهبي عقيدن ۽ خيالن، رسمن ۽ رواجن ۽ ڪانگريس جي
اجلاس جي موقعن تي، جي هو مذهبي رسمون سرانجام
ڏيندا هئا، انهن کي ڪانگريس جو حصو تصور ڪيو ويو.
بلڪه
انهن ٻنهين متعلق مسٽر ڪرپالاڻيءَ، جو اڳتي هلي آل
انڊيا ڪانگريس جو صدر به بنيو، چيو آهي ته:
”ڪانگريس گانڌيزم آهي، جو ان کي تسليم نٿو ڪري، ان
لاءِ ڪانگريس ۾ ڪابه جاءِ ناهي.“ (ص 115) |