مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
وطن
جي آزادي ۽ پاڪستان بنائڻ ۾
سنڌ
جو ڀاڱو
(نوٽ: برصغير جي مشهور ديني ۽ سياسي ليڊر ۽ مفڪر
امام انقلاب حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي فضل
۽ ڪمال، ديني ۽ سياسي بصيرت کان پوري دنيا متعارف
آهي. هي معلومات افزا ۽ محققانه شاهڪار، حضرت
مولانا سنڌي جي تلميذ رشيد، استاد العلماءِ علامه
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي مدظله العاليٰ جن خاص
طرح سان سنڌ جي عالمن جي سياسي جدوجهد ۽ قائداعظم
جي سياسي زندگيءَ متعلق مهراڻ جي هن نمبر لاءِ
قلمبند فرمايو آهي. هي مقالعو برصغير جي سياسي
تاريخ جو اهو باب آهي، جنهن ۾ ڪن اهم مسئلن متعلق
اهڙو مواد پيش ڪيو ويوآهي، جنهن جو ملڻ مشڪل هو.
ان سلسلي ۾ فيروز خان نون، پيرزاده شريف الدين،
اشتياق حسين قريشي، (سابق وائيس چانسلر ڪراچي
يونيورسٽي) چوڌري خليق الزامان، عبدالوحيد خان،
پروفيسر شميم احمد، مسٽر اصفهاني، مسٽر جي الانا،
مرحوم حاتم اي علوي صاحب وغيره هم جا ڪتاب،
پاڪستان جي جدوجهد ۽ قائداعظم جي سنواح حيات متعلق
ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن.
ان
سلسلي ۾ مسلم ليگ مشهور ليڊر سر محمد يامين جي
تازي ڪتاب ”نامه اعمال“ (ٻن جلدن ۾) جي عجيب
انڪشاف موجود آهن، مولانا قاسمي صاحب انهن متعلق
به محققانه بحث ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي باني
قائداعظم جي سياسي جدوجهد کي برصغير جي سياسي
پسمنظر ۾، هڪ نئين زاويه سان مدلل ۽ پراثر انداز ۾
متعارف ڪرايو آهي. ممڪن آهي ته ڪي علم وارا، محترم
قاسميءَ صاحب جي ڪن دليلن ۽ نتيجن سان اختلاف
محسوس ڪن، پر هڪ محقق ۽ عالم جي ڪاوش کي ذاتي خيال
کان الڳ ٿي مطالع ڪرڻ گهرجي. غ. م. گ)
مهراڻ جي ماٿري اهو خوشنصيب خطرو آهي، جنهن جي
سپوتن، سولائيءَ سان انگريز سامراجين کي هتي پير
کوڙڻ نه ڏنا. برصغير پاڪ وهند جي سڀني ڀاڱن ۽
علائقن تي سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح ڏيساور جا گورا
حڪومت ڪري رهيا هيا. کين اها انڌ مانڌ هئي ته هي
سنڌو ماٿريءَ جو سرسبز ۽ شاداب ڀاڱو ڇو آزاد رهي؟
ان ڪري هتي جي ميرن صاحبن سان ڪيل سڀ واعدا ۽
معاهدا وساري، انسانيت جي اقتدارن کي لالچ ۽ هٻڇ
جي اوڙاهه ۾ اڇلائيندي سن 1843ع ۾ مياڻيءَ جي جنگ
کان پوءِ اسان جي هن سونهاري ۽ سهڻي ديس تي
غاصبانه قبضو ڪري ورتو. آءُ هن اپٽار ۾ وڃڻ نٿو
گهران ته انهن گورن سامراجين، سنڌي حاڪمن ۽ سنڌي
عوام سان مڪاري ۽ فريب جا کيڏ کيڏيا، ان لاءِ
تاريخ جا سوين صفحا شهادت طور موجود آهن. هتي
ڏيکارڻو اهو آهي ته وطن جي غلام ٿي وڃڻ کانپوءِ
هتي جي عالمن، اديبن ۽ بزرگ صوفين ۾ انهيءَ جو
ڪهڙو رد عمل پيدا ٿيو ۽ انهن وطن جي آزاديءَ لاءِ
ڇا قربانيون ڏنيون؟ ان تي مختصر روشني وجهڻ گهران
ٿو.
ميرن
صاحبن جي آخري دور جو وڏو عالم ۽ محدث، مٽياري شهر
جو مخدوم عبدالڪريم هو، جنهن کي سنڌي عالمن جي
اڪثريت جي استاديءَ جو شرف حاصل آهي. سنڌ ۾ سندن
تحرير کي اها اهميت هئي، جو هتي جا سڀ عالم ان کي
سند ڪري وٺندا هئا ۽ سندن شاگرديءَ جو سلسلو به
تمام وسيع هو.
مخدوم عبدالڪريم صاحب جڏهن ڏٺو ته هتي جي ميرن
صاحبن ۽ سنڌي عوام کي انگريزن هٿان شڪست آئي ۽
هاڻي سنڌ جا حاڪم انگريز هوندا ته اتي مخدوم صاحب
پنهنجي شاگردن، مريدن ۽ معتقدن کي فرمايو ته اسين
هاڻ فرنگي حاڪمن کي ڏسي نٿا سگهون، ان ڪري هاڻي
اسان جو هتي رهڻ نه ٿيندو. نيٺ پاڻ هتان هجرت ڪري
مڪه مڪرمه هليا ويا ۽ پنهنجي شاگردن ۽ معتقدن کي
انگريز حاڪمن جي خلاف ڪي هدايتون پڻ ڏنائون، جن
مخدوم صاحب جي هجرت کان پوءِ به گورن حاڪمن جي
خلاف پنهنجي تحريڪ کي جاري رکيو.
مخدوم عبدالڪريم صاحب مٽيارويءَ تي وطن جي غلاميءَ
جو اهو جان گذار اثر ٿيو ۽ سگهو ئي 1845ع ۾ مڪي
مڪرمه ۾ گذاري ويو. هتي عالمن ۾ ڌارين حاڪمن جي
خلاف جهاد جو جوش ته اڳ ئي پيدا ٿي چڪو هو، جڏهن
هڪ پاسي برصغير جي گهڻي ڀاڱي تي انگريزن جو قبضو
ٿي ويو هو ته ٻئي پاسي پنجاب تي سکن جي حڪومت هئي
۽ اتي جي مسلمانن سان ويل وهائي رهي هئي. هن سلسلي
۾ بريلي هندستان جي مشهور بزرگ ۽ مجاهد سيد احمد ۽
سندس مريد ۽ ساٿي شاهه اسماعيل سکن سان مقابلي ۽
جهاد لاءِ نڪتا هئا ته سرحد پهچي، سکن سان لڙائي
لڙن. ان لاءِ کين ٻي ڪابه واٽ نه هئي، سواءِ هن جي
ته اهي سنڌ جي رستي سرحد پهچن ۽ هتي جي حاڪمن،
عالمن ۽ پيرن صاحبن کان مدد به وٺن.
هتي
جي عالمن ۽ صوفين، هنن مجاهدن جي ڪهڙي آڌر ڀاءُ
ڪئي، ان کي سيد احمد شهيد جي ڀاڻيجي سيد حميد
الدين هن طرح بيان ڪيو آهي ته ”سنڌ ۾ ايترا درويش
۽ بزرگ ڏٺم جو ڪنهن ٻئي اسلامي ملڪ ۾ ايترا نه
هوندا. سيدن ۽ فقيرن جي مون جيتري عزت هتي ڏٺي، ان
جو ڪنهن ٻئي اسلامي حڪومت ۾ مشڪل سان مثال ملي
سگهي. هڪ سنڌي مجاهد، لشڪر لاءِ ڳئون دعوت ۾ پيش
ڪئي، جنهن کي اتي ئي سرحد تي ذبح ڪري لشڪر ۾
ورهايو ويو.“
هنن
مجاهدن جو لشڪر جڏهن ٿرپارڪر ضلعي جي سمالو ڳوٺ
کان هلي ڪارو ڳوٺ ۾ پهتو ته اتي سيد چورن شاهه
نالي هڪ وڏو بزرگ هو، جيڪو سيد احمد سان ملڻ لاءِ
آيو ۽ مجاهدن لاءِ هڪ وڏو سانهه نذر طور پيش ڪيو.
هتي جي عالمن ۽ بزرگن کي انگريزن سان ايڏي عداوت
۽ دشمني هئي جو انهن سيد صاحب ۽ ان جي ساٿين کان
به شروع ۾ حذر ٿي ڪيو ته متان اهي انگريزن جا
جاسوس نه هجن، جيڪي اسلام ۽ جهاد جي نعري سان اسان
کي خوش ڪري انگريزن کي اسان جي وطن تي حملو
ڪرائين. اهو ئي سبب آهي جو سيد صاحب سنڌ ۾ هر جڳهه
تي هتي جي عالمن ۽ پيرن فقيرن کي اها خاطري ڏيندو
رهيو ته هو جاسوس نه آهي، پر سکن سان جهاد ڪرڻ
لاءِ نڪتو آهي.
مجاهدن جو اهو لشڪر جڏهن ڪارو کان هلي ميرپور پهتو
ته انهن جي هتي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي سيد چورن شاهه
سنڌي ميرپور پهچي ويو ۽ ميرپور جي حاڪم، علي مراد
خان ٽالپر کي اهو ٻڌايو ۽ يقين ڏياريو ته سيد صاحب
۽ ان جا ساٿي غازي آهن، جيڪي هندستان مان هجرت ۽
لڏپلاڻ ڪري سنڌ کي دارالاسلام يا مسلمانن جو ملڪ
ڄاڻي هتي آيا آهن، انهن کي ڪنهن به شڪ ۽ شبهي جي
نظر سان ڏسڻ مناسب نه آهي. مير صاحب کي اهڙي ڀروسي
ڏيارڻ کان پوءِ به شڪ نه ويو ڇو ته کين انگريزن
سان وڏي عداوت هئي، جن برصغير تي ناجائز قبضو ڪيو
هو ۽ سنڌ کي ڳڙڪائڻ جي پويان هئا. ان ڪري مجاهدن
جو هيءُ قافلو جڏهن ميرپور پهتو ته مير صاحب علي
مراد خان ٽالپر ملڻ لاءِ نه آيو، پر سنڌ جي روايتي
مهمانداريءَ جي اصول تي مجاهدن لاءِ ڏهه ديڳيون
شيرينيءَ جون موڪليون ۽ واٽ ڏيکارڻ لاءِ ٻه سوار
به موڪلي ڏنا.
اهي
مجاهد ميرپور ۾ ٽي ڏينهن رهي، اتان روانا ٿي
ٽنڊوالهيار پهتا. اتي سنڌ جي حاڪمن مير صاحبن وٽان
ٻه ماڻهو آيا، جن سيد صاحب کان حالتون معلوم ڪري
حيدرآباد ڏانهن اطلاع موڪليو. مير صاحبن سيد صاحب
کي چوائي موڪليو ته اوهين اسان وٽ خوشيءَ سان اچو،
هي اوهان جو گهر آهي.
سيد
صاحب ڏاڍو سرهو ٿي، ٽنڊوالهيار مان هلي، ٽنڊو ڄام
۾ هڪ منزل ڪري، اچي حيدرآباد پهتا ۽ ڦليليءَ جي
اوڀر ۾ منزل ڪيائون. مير ڪرم علي خان سنڌ جي حاڪم،
پنهنجي هڪ خاص درٻاري امير سيد صبغت الله کي سيد
صاحب جي آجيان ۽ استقبال لاءِ موڪليو. سيد صبغت
الله، اڳ ئي مڪه مڪرمه ۾ سيد احمد جو مريد ٿي چڪو
هو ۽ پوءِ هتي اچي مير ڪرم علي خان وٽ رهيو هو.
ميرن صاحبن طرفان مجاهدن جي لشڪر جي لاڳيتو مهماني
ٿيندي رهي، ان کان ٽئين ڏينهن تي جمعو هو.
حيدرآباد جي مير صاحبن، سيد صاحب کي چوائي موڪليو
ته اوهان مهرباني ڪري جمعي جي نماز هتي اسان وٽ
قلعي ۾ ادا ڪريو. سيد صاحب اٺ ماڻهو وٺي قلعي ۾
ويا، مير صاحب ساڻن ملي ڏاڍا سرها ٿيا ۽ سيد صاحب
جي هجرت ۽ جهاد واري جذبي کي ڏسي کين چيائون ته
اوهين پنهنجو اهل و عيال هت ڇڏيو ۽ پاڻ به ڪجهه
ڏينهن هتي آرام ڪريو ۽ پوءِ وڃو. سيد صاحب اهو عذر
آڏو رکيو ته جي هتي ٿو ترسان ته مٿان سيارو اچي
ويندو ۽ پوءِ برفباريءَ ڪري سرحد ۾ مشڪلاتون آڏو
اينديون. مير صاحبن ڪجهه رقم ۽ هٿيار سيد صاحب جي
آڏو نذر رکيا. سيد صاحب، حيدرآباد ۾ تيرهن ڏينهن
رهيو. ان وچ ۾ جهاد جي دعوت جو هڪ خط بهاولپور جي
حاڪم بهاول خان ڏانهن لکيو. بهاولپور جا اهي حاڪم
به اصل ۾ سنڌي هئا ۽ شڪارپور سنڌ جا رهاڪو، ذات جا
دائودپوٽا آهن، جن بهاولپور ۾ وڃي پنهنجي حڪومت
ڪئي هئي.
سيد
صاحب هتان سنڌو نديءَ ۾ ٻن ٻيڙين جي ذريعي پنهنجو
ساز و سامان موڪليو ۽ ڪن ڪمزور ماڻهن کي به ان ۾
سوار ڪرايو ۽ ٻيا مجاهد گهوڙن ۽ اٺن جي ذريعي خشڪي
رستي روانا ٿيا ۽ پير ڳوٺ جو قصد ڪيائون. رستي ۾
هرهنڌ انهن جو وڏو آڌرڀاءُ ٿيو. هنڱورجا ۾ سيد
ناصر علي شاهه ٻه ڏينهن مجاهدن جي دعوت ڪئي ۽
راڻيپور ۾ سيد صالح شاهه بغدادي جيلاني، ساري لشڪر
کي کاڌو کارايو.
پير
صبغت الله شاهه:
مجاهدن جو اهو قافلو پوءِ پير ڳوٺ پهتو. ان دور ۾
سيد صبغت الله شاهه گادي نشين هو. کيس انگريزن ۽
سکن جي حڪومت خلاف ڏاڍو جوش ۽ جذبو هو. اهو بزرگ
ڏسي رهيو هو ته هاڻي پنهنجي وطن سنڌ جو به خير
ڪونهي، ان ڪري ان پنهنجي مريدن ۽ معتقدن جي تنظيم
شروع ڪئي. پير صاحب جي ملفوظات مان معلوم ٿئي ٿو
ته جڏهن سکن جي حڪومت، سنڌ جي سرحدن ڏانهن ڦهلجڻ
لڳي ته پير صاحب جهاد جو پڪو پهه ڪيو. پاڻ جيڪو به
وعظ ڪندا هئا، ان ۾ جهاد جون ڀلايون ۽ فضيلتون آوس
بيان ڪندا هئا. لاڙ جا جيڪي مريد وعظ ۾ شريڪ ٿي نه
سگهندا هئا، انهن کي جهاد لاءِ لکيل دعوتنامو
موڪليندا هئا.
سيد
صبغت الله شاهه صاحب جن مجاهدن جي هن قافلي جي
ڏاڍي عزت ڪئي. ٽي ڏينهن ساري لشڪر کي کاڌو
کارايائون ۽ لشڪر لاءِ ٻيڙن جو انتظام ڪيائون. سيد
احمد صاحب اهل و عيال کي رهائڻ لاءِ به انهيءَ ڳوٺ
کي پسند ڪيو، ان کان پوءِ پير صاحب سان سندن خط و
ڪتابت ۽ لکپڙهه جاري رهي.
سيد
احمد صاحب جي هن داستان مان رڳو اهو ٻڌائڻ مقصد هو
ته سنڌ جي اميرن، عالمن، پيرن ۽ فقيرن ۾ انگريز
حاڪمن ۽ ڌارئي سامراج لاءِ ڪيڏو نه ڌڪار هو.
شهدادڪوٽ جو ديني درسگاهه:
مخدوم عبدالڪريم صاحب مٽياروي ڏکڻ سنڌ ۾ انگريز
حاڪمن خلاف بغاوت ۽ نفرت جو جيڪو ٻج پوکيو هو، اهو
وڌندي ويجهندي هڪ وڏو وڻ ٿي ويو. اتر سنڌ ۾ به ان
جون پاڙون پهچي ويون، ڇو ته اتر سنڌ جي شهدادپور
عرف شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ قديمي دور کان هڪ
عظيم ديني درسگاهه هو، جنهن جو باني مولانا نور
محمد صاحب هو. اهو بزرگ ميرن جي دور جو عالم هو ۽
جنهن هتي جي مختلف آماجگاهن کي پنهنجي نظر مان
ڪڍيو هو ۽ سندس دور ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو هو.
هن بزرگ عالم کي ٻه عالم پٽ هئا. 1. مولانا ميان
گل محمد 2. مولانا غلام صديق صاحب. اهي ٻئي عالم
پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ سنڌ جي رهواسين کي
پنهنجي فيض سان سيراب ڪندا رهيا ۽ ساري سنڌ ۾ سوين
سندن شاگرد پکڙجي ويا.
مولانا نور محمد صاحب شهدادڪوٽيءَ پنهنجن پٽن جي
نه رڳو علمي ۽ روحاني تربيت ڪئي، پر وطن ۽ اسلام
لاءِ قرباني ڏيڻ جو جذبو به منجهن پيدا ڪيو.
منهنجو والد بزرگوار الحاج حافظ محمود مرحوم،
مولانا صديق صاحب شهدادڪوٽيءَ جو شاگرد ۽ مريد
هو. سندسن اها خبر هئي ته مولانا غلام صديق صاحب
کي ڌارين حاڪمن سان ايڏي نفرت هئي، جو جڏهن ڪو
انگريز آفيسر شهدادڪوٽ ۾ ايندو هو ته پاڻ شهر م
ٻاهر نه نڪرندا هئا ته متان ان گوري تي نظر پئي،
جنهن اسان جي وطن تي قبضو ڪري، اسان کي غلام بنايو
آهي. جي مجبوريءَ طور ٻاهر نڪرندا هئا ته منهن تي
پردو ڪندا هئا. مولانا نور محمد صاحب جا سوين
شاگرد هئا، جن مان مولانا عبدالقادر پنهواري وارو،
مولانا عبدالرحمان سکر وارو (جنهن هزارين غير
مسلمانن کي مسلمان ڪيو) ۽ مولانا محمود صاحب امروٽ
وارو خاص طرح ذڪر جي لائق آهي.
ڀرچونڊي ۽ امروٽ شريف:
مولانا امروٽي صاحب، جيڪو اڳتي هلي آزادي وطن جي
ٻئي دور ۾ سنڌ جو روح روان ۽ اڳواڻ هو، برابر هڪ
سال مولانا نور محمد صاحب شهدادڪوٽيءَ کان تعليم
پرائي ۽ ان کان پوءِ مولانا نور محمد صاحب جي
شاگرد مولانا عبدالقادر پنهواري واري کان پڙهي
فارغ ٿيو. مولانا امروٽي صاحب تي هڪ پاسي ان بزرگ
عالم جي تربيت جو اثر هو، جنهن انگريزن جو سنڌ تي
پنهنجي اکين سان غاصبانه قبضو ڏٺو هو ته ٻئي طرف
روحاني طور ان جي ساري تربيت ڀرچونڊي ۾ سنڌ جي غوث
۽ جنيد حافظ محمد صديق صاحب ڀرچونڊيءَ وارن وٽ ٿي
هئي. حضرت حافظ ڀرچوندي سوئي واري بزرگن جو مريد
هو. سوئي ڀرچونڊي تعلقه اوٻاوڙي جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙو
ڳوٺڙو آهي ۽ سوئي وارو بزرگ سيد محمد حسن وري سيد
صبغت الله شاهه صاحب جي والد سيد پير نور محمد
راشد جن جو مريد هو، جهاد ۽ آزاديءَ وطن جو جذبو
کيس اتان مليل هو. ٻئي پاسي سيد احمد بريلويءَ جو
قافلو، سوئي ۾ سيد محمد حسن صاحب وٽ رهيو هو. سيد
صاحب، سوئي وارن بزرگن سان علمي رهاڻيون ڪيون.
انهن ۾ حضرت حافظ محمد صديق صاحب ڀرچونڊيءَ وارا
موجود هئا. انهن سڀني صحبتن ۽ مجلسن مولانا
امروٽيءَ کي جذبه عه جهاد لاءِ رنڱي ڇڏيو هو. ويتر
جو برصغير جي عظيم انقلابي مجاهد شيخ الهند مولانا
محمود الحسن سان سندس ملاقات ٿي ۽ مولانا شيخ
الهند، ديوبند ۾ مولانا انور شاهه کي آڏو ويهاري،
صحيح بخاريءَ جي ڪتاب ”الجهاد“ تي درس ڏنو ۽
مولانا امروٽي به اتي مهمان جي شڪل ۾ حاضر هئا،
تنهن تقرير ويتر مولانا امروٽيءَ کي اڀاري ڇڏيو.
اها تقريب سنڌ جي عظيم انقلابي مولانا عبيدالله
سنڌيءَ جي اشاري سان ٿي هئي، جنهن جو مولانا
سنڌيءَ پنهنجي ڪتابن ۾ بيان ڪيو آهي.
مولانا عبيدالله سنڌيءَ 1305هه ۾ ڀرچونڊيءَ ۾ پهچي
اسلام جو اعلان ۽ اظهار ڪيو هو ۽ حضرت حافظ صاحب
ڀرچونڊيءَ وارن جي هٿ بيعت پڻ ڪئي. حافظ صاحب حضرت
مولانا سنڌيءَ کي پنهنجو پٽيلو بنايو هو ۽ مولانا
سنڌيءَ رحه به حافظ کي پنهنجو روحاني پيءُ سڏيندو
هو. حضرت حافظ صاحب جن جي حڪم موافق مولانا
عبدالله سنڌي پڙهڻ لاءِ دارالعلوم ديوبند هيلو
1308هه ۾ علمي فراغت حاصل ڪري جڏهن ڀرچونڊيءَ ۾
پهتو ته حضرت حافظ جن ٿورا ڏينهن اڳ وفات ڪري چڪا
هئا. هن صدمي مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي ڏاڍو ڏک
پهچايو، پر حافظ صاحب جن جي خليفه مولانا تاج
محمود صاحب امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي ڏک
ڏسڻ نه ڏنو. کيس پاڻ سان ساڻ ڪري ڀرچونڊيءَ کان
امروٽ وٺي آيو ۽ مولانا سنڌي لاءِ هڪ درسگاهه قائم
ڪيو. مطالعي لاءِ وڏي لائبريري ٺاهي، جنهن ۾
هزارين ديني ڪتاب تفسير، حديث فقه وغيره ۽ تاريخي
ڪتاب گڏ ڪيا ويا، اشاعت لاءِ هڪ پريس به محمود
المطابع نالي قائم ويئي. اتي ٻيئي عظيم انقلابي
عالم، وطن عزيز مان جهالت کي هٽائڻ ۽ ان کي سامراج
جي چنبي کان ڇڏائڻ ۾ هڪ ٿي ويا.
اڳتي
هلي ستن سان کانپوءِ مولانا عبيدالله سنڌي امروٽ
کي ڇڏي ٻيهر جهنڊه ضلعي حيدرآباد ۾ پير سيد رشيد
الدين بيعت ڌڻي وٽ آيا. پير رشيد الدين صاحب جو هڪ
فرزند پير رشد الله خلافت ڌڻي وڏو عالم هو، ان
مولانا عبيدالله سنڌيءَ لاءِ هڪ وڏو علمي درسگاهه
قائم ڪيو ۽ عظيم ڪتبخانو پڻ بنايو، جنهن ۾ اهي ته
نادر ڪتاب گڏ ڪيا ويا جيڪي هوند دنيا جي ڪن وڏين
لائبريرين کان سواءِ ورلي ملي سگهن.
پير
صاحب جن کي ٺٽي مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي علمي
ڪتبخاني جا ڪتاب ملي ويا هئا ۽ مخدوم صاحب جو
ڪتبخانو دنيا ۾ وڏي شهرت جو مالڪ هو. مولانا
عبيدالله صاحب کي اتي ڏاڍو علمي سڪون مليو، پر
سندن تعليم جو سارو نظام انقلابي هو. قرآن مجيد جو
ترجمو انقلابي رنگ ۾ پڙهائيندا هئا ۽ ان سان گڏ
شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي فلسفي جو عظيم
شاهڪار حجت الله البالغه ڪتاب ۾ انقلابي پيرائيءَ
۾ پڙهڻ لڳا.
اهو
ڪتاب ڪارل مارڪس جي ڪتاب ”داس ڪئپيٽال“ کان گهڻو
اڳ جو تاليف ٿيل آهي. هن ۾ مختصر عبادت ۾ جيڪو
اقتصادي پروگرام ڏنو ويو آهي، اهو بنهه سرمايه
دارانه نظام جي خلاف آهي ۽ شاهه صاحب نهايت آرام
پرستي يا سرمائيداريءَ کي سماج لاءِ لعنت ۽ ڪفر
سڏيو آهي.
مولانا سنڌي پنهنجي پروگرام کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڪجهه
وقت لاءِ جهنڊه مان اسري ديوبند پهتا، اتي جي
اڪثريت قديم خيالن جي پابند هئي، انهن کي نون
خيالن ۽ سياسي افڪارن سان ڪا خاص دلچسپي نه هئي،
ان ڪري پنهنجي استاد شيخ الهند جي حڪم سان مولانا
سنڌي دهليءَ ۾ پهچي نظارت المعارف نالي، هڪ ادارو
قائم ڪيو، هن ۾ حڪيم اجمل خان، ڊاڪٽر مختار احمد
انصاري ۽ ٻيا آزاديءَ جا ڪوڏيا ۽ مجاهد، مولانا
سنڌيءَ سان ٻانهن ٻيلي هئا. هن درسگاهه ۾ عليڳڙهه
جا گريجوئيٽ ۽ دارالعلوم ديوبند جا فارغ شاگرد
تعليم پرائيندا هئا، ۽ مولانا سنڌيءَ کين قرآن
مجيد جي ترجمي ۽ حجته الله البالغه جي تعليم ڏيندو
هو. انگريز حاڪمن انهيءَ تعليم کي شڪ جي نگاهه سان
ڏٺو ۽ ان کي وقت جي حڪومت سان بغاوت ڄاتو. مولانا
سنڌيءَ جي پويان جاسوسن کي ڇڏيو ويو ۽ مٿن ملڪ ۾
عام بغاوت جو الزام رکيو ويو. ان ڪري مولانا
عبيدالله صاحب سنڌيءَ کي پنهنجي استاد مولانا شيخ
الهند جي حڪم سان وطن ڇڏي هجرت ڪرڻي پئي ۽ کين
مولانا امروٽيءَ جي مريدن ۽ معتقدن افغانستان
موڪلي ڏنو، جنهن جو وڌيڪ احوال سندس لکيل ذاتي
ڊائري ۽ پروفيسر ظفر حسن جي آپ بيتيءَ ۾ تفصيل سان
آيل آهي.
شيخ
عبدالرحيم حيدرآبادي:
ڏکڻ
سنڌ ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان وطن کي آزاد
ڪرائڻ واري انقلابي تحريڪ ۾ جنهن وڏو ساٿ ڏنو ۽
آخر ۾ وطن تان قربان ٿي ملڪ کان دور گذاري ويو، سو
هو شيخ عبدالرحيم حيدرآبادي. هي بزرگ حيدرآباد جي
عامل خاندان جو چشم چراغ هو. اسلام قبول ڪرڻ کان
پوءِ اسلام جي تبليغ ۾ سرگرم هوندو هو. حيدرآباد
جا اڪثر نو مسلم جيڪي عامل خاندان جا آهن، سي هن
بزرگ جي تبليغ سان مسلمان ٿيا هئا. جهڙوڪ ڪرنل نور
محمد شيخ، قنڌاري مرحوم ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب
وغيره.
شيخ
عبدالرحيم صاحب جو دستور هوندو هو جو روزاني هاءِ
اسڪولن جي دروازن تي وڃي بيهندو هو، جڏهن اسڪولن
کي موڪل ملندي هئي ته پنهنجي عامل فيمليءَ جي
ڇوڪرن کي پڪڙي ڪٿي وڃي ساڻن مذهبي ڳالهه ٻولهه
ڪندو هو ۽ کين اسلام جي خوبين کان واقف ڪندو هو.
ان طرح هن ڀلاري بزرگ سوين مسلمان ڪيا.
هڪ
سنڌي نوجوان انقلابي:
شيخ
عبدالرحيم صاحب کي ٻه ڀائر ٻيا به هيا، جن مان هڪ
مسٽر ڪرپالاڻي، جيڪو آل انڊيا ڪانگريس جو پريزيڊنٽ
به رهيو ۽ ٻيو ننڍو ڀاءُ هو، جو ننڍيءَ هوندوي
وهيءَ ۾ ئي مسلمان ٿيو ۽ سندس اسلامي نالو
عبدالڪريم هو.
شيخ
عبدالڪريم سورنهن سالن جونوجوان هو، جو ترڪن سان
انگريزن جي کونس شروع ٿي وئي هئي. طرابلس ۾
مسلمانن تي ڏاڍا ظلم ٿي ٿيا، اهي خبرون جڏهن
اخبارن ۾ اچڻ لڳيون ته شيخ صاحب پنهنجي ڀاءُ شيخ
عبدالرحيم کي چيو ته آئون مسلمانن تي گورن طرفان
ٿيندڙ ظلم سهي نٿو سگهان ۽ منهنجي دل گهري ٿي ته
حيدرآباد ۾ ڪنهن ڌارئي حاڪم کي ڏسان ته شوٽ ڪري
وجهان، منهنجو ايمان مون کي ويهڻ نٿو ڏئي.
شيخ
عبدالرحيم، پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي انهن خيالن کي
ڏسي، هڪدم مولانا محمد علي جوهر ۽ ٻين سان صلاح
مصلحت لاءِ دهلي هليو ويو. مولانا محمد علي کيس
صلاح ڏني ته انهيءَ نوجوانن کي ٻاهر موڪليو وڃي،
نه ته هت هو کلم نه ٻاري ڇڏي. نيٺ شيخ عبدالرحيم،
هن ننڍڙي انقلابيءَ کي افغانستان موڪلي ڏنو، پر هو
هتي به صبر نه ڪري سگهيو ۽ اتان سڌو ترڪيءَ پهتو.
فوج ۾ ملازمت اختيار ڪري، 1912ع ۾ طرابلس ۾ لڙندي
لڙندي، سترهن سالن جي عمر ۾ شهيد ٿيو. سنڌ جو اهو
پهريون انقلابي نوجوان آهي، جنهن سڀ کان اڳي اهڙي
دور ۾ جاني قرباني ڏني، جڏهن برصغير جو اڃان ڪو به
ليڊر جيل ۾ به نه پيو هو. پهرين عالمي لڙائي به سن
1914ع ۾ شروع ٿي ۽ ان جي خاتمي سان خلافت تحريڪ
وجود ۾ آئي ۽ پوءِ قربانيءَ جو عظيم دور شروع ٿيو.
بنا
کردند خوش رسمي بخون و خاڪ غلطيدن
وڏي
جنگ کانپوءِ خلافت تحريڪ شروع ٿي ۽ اها تحريڪ
برصغير ۾ ڦهلجي وئي. اتر سنڌ ۾ مولانا تاج محمود
صاحب امروٽي ۽ ان جا مريد ۽ ساٿي قربانيون ڏئي
رهيا هئا ته ڏکڻ سنڌ ۾ مولانا محمد صادق کڏهه
وارو، پير سيد رشدالله جهنڊي وارو، شيخ عبدالرحيم
حيدرآبادي ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ ٻيا ان تحريڪ جا
روح روان هئا. مولانا محمد صادق کڏهه وارو ته عين
عالمي لڙائيءَ ۾ بلوچستان اندر هڪ نئون محاذ به
کڙو ڪيو هو، جنهن جي مختصر تفصيل هيءَ آهي ته عراق
۾ ترڪي ۽ انگريزي فوجون لڙي رهيون هيون، هتان
برصغير ۾ انگريزن جي فوج، عراق ۾ ترڪن جي خلاف لڙڻ
لاءِ وڃي رهي هئي ته مولانا محمد صادق صاحب،
پنهنجي هڪ شاگرد مولوي فتح محمد مينگل کي تيار
ڪري، بروهين کي عام طرح ۽ مينگل بروهين کي خاص طرح
اڀاري بغاوت شروع ڪرائي. هن جو نتيجو اهو نڪتو جو
جيڪو فوجي دستو هتان انگريزي فوج جي امداد لاءِ
عراق وڃي رهيو هو، انهن کي هتي جي مجاهدن سان منهن
ڏيڻو پيو ۽ عراق ۾ ترڪن کي چڱي فتح نصيب ٿي.
مولانا محمد صادق کي هن جرم جي پاداش ۾ ٽن سالن
لاءِ جهليو ويو. شيخ عبدالمجيد صاحب به مولانا
محمد صادق جي وفاقت ۾ يا الڳ وطن جي آزاديءَ لاءِ
عظيم قربانيون ڏنيون ۽ سالن جا سال جيل ۾ رهيو.
ريشمي رومال:
مولانا عبيدالله سنڌي، آزادي وطن جي راهه ۾ جڏهن
ڪابل روانا ٿيڻ لڳا ته سفر خرچ لاءِ پئسن جو وڏو
مسئلو پيش ٿيو، مولانا ابوالڪلام آزاد مرحوم هن
مقصد لاءِ ڪراچيءَ جي هڪ وڏي سيٺ ۽ واپاري حاجي
عبدالله هارون سان مليو، جنهن پنج هزار روپين جي
رقم ڪڍي ڏني، جا مولانا سنڌيءَ کي خرچ لاءِ ڏني
وئي. ان دور ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون، مولانا
محمد صادق کڏهه وارن سان گڏ قومي ڪم ڪندو هو. مطلب
ته اها مالي قرباني به هن وطن جي ماڻهن ڏني. شيخ
عبدالرحيم حيدرآبادي، مولانا سنڌيءَ سان بلوچستان
جي آخري حد تائين گڏ رهيو. مولانا سنڌي ڪابل پهچي،
هڪ خط، پٽ يا ريشم جي ڪپڙن تي لکي، شيخ عبدالحق جي
هٿ، شيخ عبدالرحيم سنڌيءَ ڏانهن حيدرآباد موڪلي
ڏنو ۽ شيخ عبدالرحيم سنڌيءَ کي اهو تاڪيد ڪيو ويو
هو ته هو جلدي حجاز وڃي يا ڪنهن ڀروسي جهڙي
ماڻهوءَ جي هٿان اهو خط شيخ الهند کي پهچائي. شيخ
عبدالحق ڪن پنجابي شاگردن سان گڏ هجرت ڪري
افغانستان ويو هو ۽ چيو وڃي ٿو هو الهنواز خان جو
ملازم هو ۽ ڀروسي جهڙو ماڻهو هو، پر کيس الائي ڇا
ٿيو جو اهو ريشمي رومال وارو خط، شيخ عبدالرحيم
سنڌيءَ کي پهچائڻ بدران، ان الهنواز جي پيءُ خان
بهادر رب نواز خان کي ڏنو ۽ خان بهادر جي ذريعي
اهو خط پنجاب جي گورنر مائڪل اوڊوائر وٽ پهچي ويو.
ائين حڪومت کي شيخ الهند، مولانا عبيدالله سنڌي ۽
شيخ عبدالرحيم سنڌي ۽ ٻين ڪم ڪندڙن بابت ڪي راز
ملي ويا. شيخ عبدالرحيم حيدرآبادي جي ان وقت ئي
پڪڙ پڇاڙ شروع ٿي ويئي. شيخ الهند مڪي ۾ هو، کيس
تڪليف پهچائي وئي ۽ نيٺ مالٽا ۾ کين چار سال
نظربند رکيو ويو.
شيخ
عبدالرحيم سنڌي حيدرآباديءَ کي گهڻائي ڀيرا
انگريزن طرفان تڪليفون پهچايون ويون، پر مرحوم به
اهڙو انقلابي هو جو سولائيءَ سان حاڪمن کي هٿ نه
ايندو هو. هونءَ ته وڏي شرعي ڏاڙهي رکندو هو، پر
اهڙن موقعن تي ڏاڙهي صاف ٿي ويندي هئي ۽ پوليس جي
سامهون نڪري هليو ويندو هو. پڇاڙيءَ ۾ مرحوم ڪنهن
وڏي بغاوت جي مقدمي ۾ گهربل هو جو هتان روپوش ٿي
سرهند شريف هليو ويو ۽ اتي گمناميءَ جي عالم ۾
مزدوري ڪري پيٽ پاليندو هو ۽ اتي ئي پنهنجي رب
ڏانهن راهي ٿيو.
خلافت تحريڪ جي دور ۾ لاڙڪاڻي ۾ هڪ وڏو اجلاس ٿيو،
جنهن ۾ برصغير جا انقلابي ليڊر شريڪ ٿيا هئا.
مولانا محمد علي، شوڪت علي، مولانا ابوالڪلام
آزاد، مهاتما گانڌي ۽ ٻيا ان اجلاس ۾ مولانا رشد
الله صاحب جهنڊه وارن وڏو عالمانه ۽ مجاهدانه
صدارتي خطبو پڙهيو هو. مولانا امروٽي ۽ پير تراب
علي شاهه به ان اجلاس ۾ شامل هئا. ٻيو اجلاس سکر ۾
ٿيو هو ۽ ٽيون اجلاس جيڪب آباد ۾ ٿيو. هجرت جو
سوال به هتي سنڌ ۾ پاس ٿيو هو. مولانا امروٽيءَ جا
هڪ پاسي ديني عالم رفيق هئا ته ٻئي پاسي انهن
انگريزيدانن کي به پاڻ سان ملايو هو. ديني عالمن ۾
مولانا محمد هاشم رڪن وارو، مولانا عبدالڪريم
چشتي، مولانا دين محمد وفائي مرحوم هئا ۽
انگريزيدانن مان رئيس جان محمد جوڻيجو بيريسٽر،
مرحوم غلام محمد وڪيل نانا خاندان جو باني ۽
نوجوان انقلابي محمد امين خان کوسو هئا.
رئيس
جان محمد خان جوڻيجو بار ـــ ايٽ لا نه رڳو
لاڙڪاڻي ضلعي جو فخر هو، پر ساري وطن جو هيرو عظيم
۽ مجاهد هو. پنهنجي سموري جائيداد ۽ وطن کي خيرباد
چئي افغانستان هجرت ڪري ويو ۽ سندس وفات اجمير ۾
ٿي جو حڪومت افغانستان طرفان ڪنهن سفارتي سلسلي ۾
آيو هو. مشهور ائين آهي ته کين حڪومت برطانيه
طرفان زهر ڏياريو ويو هو.
مرحوم غلام محمد وڪيل حضرت امروٽي جو قانوني مشير
هوندو هو. لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هو. ڪنهن به مجاهد
يا ورڪر تي ڪو مقدمو ٿيندو هو ته ان کي مرحوم غلام
محمد منهن ڏيندو هو ۽ اهو سڀڪجهه پنهنجي هڙان ڪندو
هو. سنڌ جي نانا فيمليءَ جو عظيم هيرو هو. خداپاڪ
جي مٿس رحمت هجي. خان محمد امين کوسو جو وفات ڪري
چڪو آهي ۽ سندس سر تي وطن جي آزاديءَ جي راهه ۾
ڪهاڙين جا گهاءَ پڇاڙيءَ تائين سندس عظيم قرباني
جي خبر ڏئي رهيا هئا. مولانا محمد هاشم، مولانا
چشتي، مولانا غلام فريد سپريو، مولوي عبدالڪريم
ڪکيل بٺيءَ وارو ۽ ٻين عالمن گهڻائي سال جيلن ۾
گهاريا. اڳتي هلي گورن حاڪمن جو زور به ٽٽي پيو،
ٿوري زماني کان پوءِ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس تحريڪن
زور ورتو. مجاهد عالمن جو قافلو به پنهنجون مٿيون
قربانيون ڏيندو آيو، جنهن جو اهو نتيجو نڪتو جو
انگريزن ملڪ کي آزاد ڪيو.
پاڪستان جي تحريڪ ۽ ان جو باني:
اها
ته هئي وطن جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ سنڌ جي مختصر
ڪهاڻي. اڳتي هلي جڏهن ننڍي کنڊ جي آزاديءَ واري سج
جا ڪرڻا اکين آڏو چمڪڻ لڳا ته ڪن مسلمان ليڊرن کي
ڌارئي سامراج سان گڏ هتي جي هندو اڪثريت کان اهو
اچي ڊپ پيدا ٿيو ته ڪڏهن ائين نه ٿئي جو هڪ بلا
کان ڇٽي ٻي سودخور طاقت جي ٻوهي ۾ نه اچي وڃون.
اهو ڊپ بيجا نه هو، ڇو ته مسلمانن جي ڀيٽ ۾ هندو
تعداد توڙي ڪاروبار، دولت ۽ تعليم ۾ گهڻو اڳتي
هئا.. مهاتما گانڌيءَ جا اجهاڳ قرباني ۽ تربيت جي
بدولت انهن ۾ نهايت اعليٰ سوچ ۽ ويچار وارا سياسي
ليڊر پيدا ٿي چڪا هئا، جيڪي هڪ هزار سالن جي
غلاميءَ کان پوءِ ننڍي کنڊ ۾ جمهوريت جي زور تي
حڪومت ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيا هئا. ٻئي پاسي مسلمانن
جا قرباني ۽ آزاديءَ جا ڪوڏيا سچا ليڊر وطن کي
آزاد ڪرائڻ واري مهم ۾ ايترو اڳتي وڌي چڪا هئا جو
انهن جي آڏو ٻيا سڀ اندروني مسئلا ثانوي حيثيت کي
پهچي چڪا هئا. هن گروهه جو عظيم اڳواڻ دنيا جو
مڃيل زعيم ۽ مدبر مولانا ابوالڪلام صاحب آزاد هو
جو انڊين نيشنل ڪانگريس جو ڪئين ڀيرا صدر ٿي رهيو
۽ وطن جي آزاد ٿيڻ مهل پڻ هو. صدر ان سان گڏ جميعت
العلماءِ هند جا اڳواڻ حضرت مولانا حسين احمد صاحب
مدني مرحوم، مفتي ڪفايت الله صاحب رحه ۽ ٻيا پڻ
مولانا آزاد جا همخيال هئا ته اڳ ۾ وطن کي آزاد
ڪرائجي ۽ ٻيا باهمي مسئلا پوءِ هلي پاڻ ۾ نبيريا
ويندا. تحقيق اهي برزگ پنهنجي قربانين ۽ مسلمانن
جي بلند همتيءَ تي ايڏو اعتماد هو، جو اهي ٻي ڪنهن
طاقت کان نه ٿي ڊنا. اهو دور مسلمانن لاءِ ڏاڍو
ڏکيو نظر اچي رهيو هو، جو هڪ پاسي انگريزن جا لقب
يافته ۽ پرورده سرمايه دار مسلمان ليڊر هئا ته ٻئي
پاسي قلندرن جو ٽولو هو، جو عوام کي رڳو ڌارئي
سامراج کان آزاد ڪرائڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو هو.
هن
بحراني ڪيفيت ۾ وري به هيءُ اسان جو خطو سنڌ ڪم
آيو، جو هتي جي خاڪ پاڪ جي پيدائش جناب محمد علي
جناح ميدان ۾ آيو. هن صاحب جي سنڌ ۾ پيدائش ٿي،
ابتدائي تعليم به سنڌ مدرسته الاسلام ۾ پرايائين،
سندس ٻولي به سنڌي خوجڪي هئي ۽ خوجا سنڌي 6-7 سئو
سالن کان سنڌ جا رهاڪو هئا، جن جي رهنما سيد صدر
الدين سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي، سندس قريبي امام سر سيد
آغا خان پڻ سنڌي هئا.
عام
طرح جذبات کان ڪم وٺي، پاڪستان جي تحريڪ سر سيد
احمد يا ان کان به اڳ ٻڌائي ويندي آهي. هوڏانهن سر
سيد پنهنجي وقت ۾ هندوستان ۾ جمهوري چونڊن ذريعي
هندو گهڻائي جي اقتدار ۾ اچڻ واري خطري جو علاج
اهو سوچيو هو ته هتي ننڍي کنڊ ۾ جمهوريت نه هجي ۽
نه ڪي جمهوري چونڊون ٿين، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾
نمائنده قانون ساز ادارا ٺهي سگهن. هندستان ۾
سدائين انگريز حاڪم رهن، مسلمان انهن جو ساٿ ڏين ۽
انهن جا مستقل حليف بڻيل رهن. سر سيد ۽ ان جا جاءِ
نشين انگريز سرڪار جي انهيءَ وفاداري واري
پاليسيءَ تي هلي رهيا هئا.
ٻئي
پاسي مرحوم جناح صاحب شروع کان ئي جڏهن ان سن
1905ع ۾ سياسي زندگي اختيار ڪئي ۽ ڪانگريس ۾ شامل
ٿيو ته ان هندوستان جي ان جمهوري آئيني عمل کي آڏو
رکيو ۽ سالن جا سال هڪ ممتاز ليڊر رهيو. 1937ع
وارين چونڊن ۾ جڏهن ڪانگريس ڇهن صوبن ۾ پنهنجون
وزارتون قائم ڪيون، تڏهن قائداعظم لکنو جي اجلاس ۾
مسلمانن کي به هن جمهوري عمل جي واٽ ڏيکاري، کين
ان تي هلڻ جي دعوت ڏني ۽ ان طرح پاڪستان جي تحريڪ
جو بنياد پيو.
ياد
رهي ته سنڌ جي جدائي کان پوءِ جڏهن پهريون ڀيرو
1936ع ۾ هتي صوبائي چونڊون ٿيون ته برصغير مان
پهريون ليڊر شيخ عبدالمجيد صاحب سنڌي هو، جنهن
پنهنجي مينيفسٽو ۾ جناح صاحب جو نالو ورتو ۽ سنڌين
سان ان جي هڪ ليڊر جي حيثيت ۾ تعارف ڪرايو. ان کان
اڳ ننڍي کنڊ جي سرڪاري لقب يافته مسلمان ليڊرن جو
هڪ وڏو گروهه جناح صاحب جي قيادت ۽ ان جي سياسي
نظرين ۽ خيالن جي سخت خلاف هو، جن کان مايوس ٿي
قائداعظم سياست کان پاسيرو ٿي وڃي يورپ ۾ سڪونت
اختيار ڪئي هئي.
سر
محمد يامين ميرٺي جيڪو مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن ۽
ليڊر رهيو، ان پنهنجي ڪتاب ”نامه اعمال“ ۾ جو ٻن
جلدن ۾ تازو ڇپيو آهي اهو انڪشاف ڪيو آهي ته 1927ع
وارو سال وڏي جوش ۽ معرڪي وارو سال هو. ليگ ٻن
ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي، هڪ جناح ليگ ۽ ٻي شفيع ليگ
هئي. مسٽر جناح ليگ کان اهو مڃائڻ ٿي گهريو ته
گڏيل چونڊون منظور ڪرايون وڃن ۽ ميان سر محمد شفيع
گڏيل چونڊن کي مسلمانن لاءِ زهر قاتل سمجهندو هو.
سر يامين، سر شفيع ۽ سندس ساٿين جي واکاڻ ۾ لکي
ٿو: ”سر محمد شفيع دينوي آزمودو رکندو هو ۽ ان سان
گڏ اهي ماڻهو هئا جيڪي اليڪشن جي جهڳڙن کان واقف
هئا ۽ ووٽن جي اهميت کي سجمهندا هئا ۽ مسٽر جناح
جي ساٿين ۾ سڀ اليڪشن کان ناواقف ماڻهو هئا، ٻيا
اهي هئا جيڪڏهن انگريزن کان نفرت ڪندا هئا ۽ انهن
کي ڪنهن به طرح ملڪ کان ٻاهر ڪڍڻ ٿي گهريو. اهي
هندن جي غلاميءَ کي انگريزن جي غلاميءَ تي ترجيح
ڏيندا هئا.“
شفيع
ليگ جو اجلاس 1927ع ۾ لاهور ۾ ٿيو. ان بابت سر
يامين لکي ٿو ته ”لاهور ۾ نواب ذوالفقار علي جي
بنگلي زرفشان ۾ رهيس، اتي علامه محمد اقبال به
روزانه ايندو هو، اهو به (قائداعظم جي خلاف) شفيع
ليگ جو وڏو سرگرم ميمبر هو. ان اجلاس ۾ جدا چونڊن
تي ٺهراءُ پاس ٿيو،“
ان
زماني ۾ ننڍي کنڊ کي وڌيڪ دستوري سڌارن ڏيڻ جي
سفارش پيش ڪرڻ لاءِ سائمن ڪميشن مقرر ڪئي ويئي،
جنهن جا سمورا ميمبر انگريز هئا، ڪانگريس وانگر
جناح ليگ ۽ ٻين قوم پرست مسلمانن به ان جو بائيڪاٽ
ڪيو، پر شفيع ليگ، سر محمد اقبال ۽ ٻين لقب يافته
سرن ۽ خانبهادرن ان سان تعاون ڪيو.
هن
پوئين گروهه اڳتي هلي نهرو رپورٽ جي مخالفت ڪئي،
انهن سان مولانا محمد علي مرحوم ۽ ٻيا خلافتي به
ملي ويا ۽ انهن گڏجي سر آغا خان مرحوم کي دعوت ڏئي
1928ع ۾ آل پارٽيز مسلم ڪانفرنس گهرائي. هن پوئين
گروهه جون اهي سڀ ڪوششون مرحوم جناح کي الڳ رکڻ
لاءِ هيون ته جيئن مسلمانن جي اڳواڻ هجڻ جي حيثيت
کيس ملي نه سگهي. 30 ڊسمبر 1928ع تي رات جو سر آغا
خان دهلي پهتو. ميان محمد شفيع جو انگلينڊ کان
واپس آيو هو اهو به اسٽيشن تي موجود هو. سر
ابراهيم رحمت الله ۽ ٻيا وزير ۽ سڀ ڪنوينر موجود
هئا. ٻي طرف جناح صاحب مرحوم تار ڪئي ته هو نه پاڻ
اچي سگهندو ۽ نه وري ڪو پنهنجو نمائندو موڪليندو.
اها
حقيقت آهي ته قائداعظم انهن سرڪار پرستن کان گهڻي
نفرت ڪندو هو، ۽ گهڻو وقت انهن کان الڳ رهيو.
سر
يامين خان لکي ٿو ته ”20 مارچ 1928ع ۾ هڪ اسڪيم
بنائي ويئي جو هندن کي خوش ڪرڻ لاءِ هئي، ان کي ڪن
مسلم ليگي ميمبرن بنايو هو. هن اسڪيم جي مکيه
ڳالهه اها هئي ته:
”هندستان ۾ جدا چونڊن بدران گڏيل چونڊ ڪئي وڃي ۽
هر صوبي ۾ آباديءَ جي خيال کان مسلمانن ۽ غير
مسلمانن جون سيٽون مقرر ڪيون وڃن. سنڌ صوبي کي
بمبئي کان الڳ ڪيو وڃي ۽ صوبه سرحد ۾ به اسيمبلي
ٺهي. هن اسڪيم جي حق ۾ مسٽر جناح به هو ۽ مولانا
محمد علي ۽ ان جا هم خيال به هئا. ٻئي پاسي سر
شفيع، سر محمد اقبال ۽ ٻيا ڪيترا سر ۽ خانبهادر
ها. سر يامين به پوئين گروهه جو ساٿي هو.
مرحوم جناح صاحب ۽ سندس مسلم ليگ سائمن ڪميشن جي
بائيڪاٽ ۾ سڀني سرڪار پرست مسلمانن جي کليل مخالفت
ڪئي. ڊسمبر 1928ع ۾ نهرو رپورٽ جي آخري مسوده تي
غور ڪرڻ لاءِ ڪلڪتي ۾ جو سڀني پارٽين جو گڏيل
ڪنوينشن ٿيو ان ۾ به هو شريڪ ٿيو ۽ ان جي آڏو
پنهنجا چوڏهن نڪتا پيش ڪيا، جن کي رد ڪيو ويو. ان
ڪري پاڻ مايوس ٿي ڪلڪتي ۾ مسلم ليگ جي اجلاس کي
ملتوي ڪري بمبئي هليو ويو.
قائداعظم هڪ پاسي سرڪار پرست مسلمان جماعتن جي، جي
حضوري پاليسيءَ کان بيزار هو، ته ٻئي پاسي ڪانگريس
پاران مسلمانن سان ڪنهن به مفاهمت نه ڪرڻ واري
پاليسي کان ناراض هو، ان ڪري انهيءَ دور ۾ سياست
کان دل شڪستو ٿي پيو هو. پوءِ جلد لنڊن روانو ٿي
ويو ۽ اتي ئي سڪونيت اختيار ڪئي.
قائداعظم کي ٻيهر ننڍي کنڊ ۾ اچي مسلمانن جي قيادت
سنڀالڻ لاءِ ڪنهن چيو، هن باري ۾ جيترا وات
اوتريون ڳالهيون آهن. نواب سر يامين واضح طور لکي
ٿو ته ”مسٽر جناح همسٽيڊ ۾ هڪ نهايت عمدي بنگلي ۾
رهندو هو. اهو هڪ وڏي دڙي تي جدا ٺهيل هو. ان جو
وڏو حاطو هو ۽ باغ به خوبصورت هو. مون جناح صاحب
کي چيو ته اوهان مسلم ليگ کي وري هٿ ۾ وٺو. اسان
هن سال اهو پاس ڪيو آهي ته اوهين ٻيهر مستقل طور
صدر جو عهدو سنڀاليو.
قائداعظم 1934ع جي شروع ۾ لنڊن کان واپس آيو ۽
بمبئيءَ مان مرڪزي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو.
مسلم ليگ جي نئين ڪائونسل کين صدر چونڊيو. هاڻي
صوبن ۾ به چونڊون ٿيڻيون هيون. جناح صاحب اهو ٿي
گهريو ته مسلمان اميدوار مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊ
لڙن يو پي ۾ هڪ يونٽي بورڊ بنايو ويو، جنهن ۾ نواب
اسماعيل خان ۽ چوڌري خليق الزمان به شامل هئا.
انهن ٻن جي شرڪت ڪري نواب يامين خان بگڙي ويو.
نواب لياقت علي خان، جنهن کي قائداعظم جو سڄو هٿ
سڏيو وڃي ٿو، اهو پڻ 1936ع ۾ قائداعظم کان ناراض
ٿي ويو. قائداعظم کيس پارليامينٽري بورڊ ۾ ميمبر
ڪري رکيو هو، پر لياقت علي خان ان کان استعيفا ڏئي
ويو ۽ هڪ بيان ڪڍي ان ۾ فرمائڻ لڳو.
”مسٽر جناح پارليامينٽري بورڊ ۾ رڳو هڪ خيال جي
ماڻهن کي ڀريو آهي، جن جو قوم ۾ ڪوبه وقار نه آهي
۽ انهن ماڻهن کي نطرانداز ڪيو اٿس، جيڪي مسلمانن
جا اصل ليڊر آهن ۽ چونڊ ۾ اليڪشن جي ذريعي آيا
آهن، سر يامين لکي ٿو ته ان کان پوءِ لياقت علي
خان ايگريڪلچرلسٽ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بيٺو ۽
وڏيءَ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو.
يو
پي جي هن ايگريڪلچرسٽ پارٽيءَ جو ليڊر نواب ڇتاري
هو. پنجاب ۾ ان طرح جي پارٽيءَ جو نالو يونينسيٽ
پارٽي هو. سر فضل حسين، جو ان جو ليڊر هو، ان وقت
جيئرو هو.
پاڪستان جو خيال ڪيئن آيو؟:
سر
يامين خان پنهنجي ڪتاب ”نامه اعمال“ جي صفحي 725
تي لکي ٿو ته پهرين مارچ 1939ع ۾ ڊاڪٽر سر ضياءَ
الدين، مسٽر جناح، سر ظفرالله، سيد محمد حسين
بيريسٽر الهه آباد ۽ مون کي لنچ تي گهرايو. طعام
کائيندي سيد محمد حسين زوردار لفظن ۾ چوڻ لڳو ته
چوڌري رحمت علي جي اسڪيم آهي ته پنجاب، ڪشمير،
صوبي سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائي باقي هندستان
کان الڳ ڪيو وڃي. ان مان پاڪستان هن طرح ٺهي ٿو
”پ“ مان پنجاب الخ.
سر
ظفرالله ان جي مخالفت ڪندو رهيو ته اها اسڪيم عمل
جي قابل نه آهي. مسٽر جناح ٻنهين جون تقريرون غور
سان ٻڌندو رهيو، پوءِ مون کي چوڻ لڳو ته ”ڇو نه
اسان ان کي وٺون ۽ ان سان مسلم ليگ جي ڪريڊ کي
بنايون. اڃا تائين اسان کي ڪو پڇي نه ٿو جيڪڏهن
اسان اها اسڪيم کڻنداسين ته ان سان ڪانگريس به
مسلمانن سان ڳالهين ۽ صلح لاءِ تيار ٿي ويندي“
سر
يامين لکي ٿو ته مون جناح صاحب کي چيو ته ”اولهه
وارن علائقن لاءِ اوهين اهو چئي رهيا آهيو، پر
اوڀر وارن علائقن جو ڇا ٿيندو؟“ مسٽر جناح ٿورو
غور ڪندي چوڻ لڳو ته ”اسان ٻنهي طرفن جي علائقن کي
الڳ ڪرڻ جو سوال اٿارينداسون“ کاڌي جي ميز تي ان
طرح ڳالهه ٻولهه هلندي رهي“
اڳتي
هلي مارچ 1939 ۾ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تي بحث
ڪندي، مسٽر جناح هڪ پاسي ڪانگريس کان بيزاريءَ جو
اعلان ڪيو ته ٻئي پاسي حڪومت جي به مخالفت ڪئي.
جناح صاحب پنهنجي ان تقرير ۾ مسلمانن سان انهن
زيادتين جي اپٽار ڪئي، جيڪي ملڪ جي اندر يا ملڪ
کان ٻاهر فلسطين ۾ ڪيون ٿي ويون ۽ گورن حاڪمن کي
اهو صاف چئي ڏنو ته اسان اوهان جا ڇو غلام رهون،
جو جيڪي اوهين چئو سو اسين ڪريون. اسان اوهان جي
ڪا به مدد نه ڪنداسون. اوهان پنهنجي واٽ وٺو. ان
سان گڏ ڪانگريسي بئنچن ڏانهن به اشارو ڪندي تقرير
ڪئي ته ”ڪانگريسي نه رڳو اسان جا مخالف آهن، پر
اسان سان دشمنيءَ جو برتاءُ ٿا ڪن، ان ڪري انهن
سان اسان جو اتحاد مشڪل آهي، اهي چوندا ته اسان جو
انگ تمام وڏو آهي، آئون چوان ٿو ته اوهين تعداد ۾
وڌيڪ آهيو، ڀل وڌيڪ هجو، اوهين وڌيڪ ترقي يافته
آهيو! ڀلي وڌيڪ ترقي يافته هجو. اوهان جي مالي
حالت بهتر آهي. اوهين سمجهو ٿا ته ووٽن سان فيصلو
ٿيندو،پر مان چوان ٿو ته اوهان الڳ الڳ يا حڪومت
سان ملي به مسلمانن جي روح کي ختم ڪري نه سگهندو!“
قائداعظم پنهنجي هن تقرير ۾ مسلمانن جي ڪلچر،
تهذيب ۽ تمدن جو به ذڪر ڪيو ۽ علحيده رهڻ جو به
اعلان ڪري ويو. سر ظفرالله هن تقرير کان خوش نه
هو. اهڙيءَ طرح القاب يافته مسلمان ميمبر به خوش
نه هئا، پر ان وقت مرحوم جناح صاحب، سياست ۾ انهن
کي پوئتي ڇڏيو هو. هاڻي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي
متحد رکڻ لاءِ انگريزن کان سواءِ هندن جي سياسي
غلبي جو خوف ڏيارڻ به ملي ويو ۽ عوام پاڪستان جي
نالي تي متحد ٿيڻ لڳا. ڪيترا اهڙا قوم پرور ليڊر،
جن انگريز سامراج سان لڙائي لڙي هئي، اهي هاڻي
انگريزن کان سرد ٿي هندن جي مخالفت لاءِ ڪمر همت
ٻڌي بيٺا. مولانا شوڪت علي جي پينشن ضبط ٿيل هئي،
اها سر يامين جي سفارش سان کيس واپس ملي. سر يامين
لکي ٿو ته ”مون مسٽر ميڪسبرل هوم ميمبر وٽ وڃي
مولانا شوڪت علي جي سفارش ڪئي ته هي اڳ ضرور باغي
هو، ان ڪري ان جي پينشن ضبط ڪئي وئي هئي، پر هاڻي
ڪانگريس جي روش ڪري ان جون اکيون کليون آهن، ان
ڪري هن وقت اهو مناسب آهي ته گورنمينٽ ان سان چڱو
سلوڪ ڪري ته هو گورنمينٽ جي پاران ڪانگريس سان
وڙهندو. سر يامين لکي ٿو ته ”مون مولانا شوڪت علي
کي خبر ڪئي، جنهن تي ان چيو ته ادا، جيڪڏهن اوهان
ائين ڪرايو ته اوهان کي دعائون ڪندس“
سر
يامين، مولانا شوڪت عليءَ جي ضبط ٿيل پينشن کي
بحال ڪرائڻ کانپوءِ مولانا ظفر علي خان جو وظيفو،
جو کيس حيدرآباد دکن جي نظام کان ملندو هو ۽ 1916ع
کان بند هو، اهو به جاري ڪرايو. هن بابت نواب صاحب
لکي ٿو ته ”مولانا ظفر علي خان مون کي چيو ته
اوهان مولانا شوڪت علي جي پينشن جاري ڪرائي آهي.
مون کي نظام کان جيڪو وظيفو ملندو هو، جيڪڏهن اهو
جاري ڪرائي ڏيو ته وڏي مهرباني ٿيندي. مولانا ظفر
علي فرمايو ته مون نواب ڇتاري، سر سڪندر، فضل الحق
۽ ٻين پاران ڪوشش ڪرائي پر ڪاميابيءَ نه ٿي. نواب
يامين پوليٽيڪل سيڪريٽريءَ کي چئي اهو وظيفو به
جاري ڪرايو ۽ مولانا ظفر علي خان جي ان سان ملاقات
ڪرائي وئي.
3
ـــ سيپٽمبر 1939ع تي انگريزن جرمني جي خلاف جنگ
جو اعلان ڪيو. ڊسمبر 1939ع ۾ ڪانگريسي وزارتن
استعيفائون ڏنيون. جناح صاحب جي هدايت تي مسلم ليگ
ڇوٽڪاري جو ڏينهن ملهايو. 11 مارچ 1940ع تي سر
يامين، بانيءَ پاڪستان جي غير موجودگي ۾ مسلم ليگ
پارٽيءَ طرفان تقرير ڪندي مسلمانن جي الڳ وجود تي
زور ڏنو ۽ ان سان حڪومت پاران جرمنيءَ جي خلاف جنگ
واري اعلان جي حمايت ڪئي ۽ اهو واضح ڪيو ته
هندستان هڪ ملڪ ۽ هڪ قوم نه آهي.
مسلم
ليگ جو لاهور وارو ٺهراءُ:
23
مارچ 1940 تي مسلم ليگ جو اجلاس لاهور ۾ ٿيو. اتي
پاڪستان لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ۽ (مسلمانن لاءِ)
هڪ جدا ملڪ پاڪستان جي باقاعدي گهر ڪئي ويئي. ڄاڻو
حلقن جو چوڻ آهي ته ان ۾ به سنڌ جي نمائندن جو وڏو
هٿ هو. اهو ٺهراءُ شيخ عبدالمجيد صاحب سنڌي جي
دماغ ۽ محترم پير علي محمد راشديءَ جي قلم جو
اعجاز هو، جنهن کي عام اجلاس ۾ مولوي فضل الحق جي
هٿان پيش ڪرايو ويو ته جيئن هڪ وڏي صوبي جي
نمائندي طرفان اهو ٺهراءُ پيش ٿئي. نواب سر يامين
هن اجلاس ۾ شريڪ هو. اهو لکي ٿو ته ان جي تائيد
چوڌري خليق الزمان کان هن ڪري ڪرائي ويئي جو هو اڳ
يو پيءَ ۾ پڪو ڪانگريسي هو، ان ڪري کيس پختو بنايو
ويو. نواب يامين وڌيڪ لکي ٿو ته نواب لياقت علي
خان مسلم ليگ جو سيڪريٽري آهي، ان جو اڳ مسٽر جناح
(قائداعظم) سان اختلاف هو. 1937ع ۾ مسلم ليگ
پارليامينٽري بورڊ تان استعيفيٰ ڏني هئائين. اهو
احتجاج ڪندي ته قائداعظم سازشي گروهه جي ور چڙهي
ويو آهي، پر هاڻي هو واقف ٿي ويو آهي“
لاهور جي هن واضح ٺهراءَ کان پوءِ هندن ۽ مسلمانن
۾ اختلاف انتها کي پهچندو ويو. ٻئي پاسي انگريز
فيل مست، هٽلر جي حملن کان نستو ۽ نٻل ٿي چڪو هو.
پنهنجي وسيع رياستن کي سنڀالي نٿي سگهيو. کيس
لاچار ٿي هتان نڪرڻو هو. هتي جي عوام ڪنهن به طرح
ٻاهرين سامراج جي غلاميءَ لاءِ تيار نه هو، ان ڪري
وطن جي آزادي ۽ پاڪستان بڻجڻ لاءِ حالتون ويون
سازگار ٿينديون. هن کان پوءِ ستت 1941 ۾ 24 مئي تي
سنڌ ۾ جناب مخدوم مريد حسين صاحب ملتانيءَ جي
صدارت هيٺ سلطان ڪوٽ ۾ هڪ ڪانفرنس سڏائي ويئي، ان
ڪانفرنس کي سنڌ ۾ پاڪستان لاءِ وڏو چاهه پيدا ٿيو،
ڇو ته مخدوم صاحب مريد حسين مرحوم، غوث ملتانيءَ
جي گاديءَ جو سجاده نشين هو ۽ هتي سنڌ ۾ ان درگاهه
جا هزارين پانڌيئڙا ۽ مريد موجود آهن. ٻئي پاسي
سائين غلام مرتضيٰ شاهه به بمبئي ۾ باني پاڪستان
سان ملي آيو هو ۽ کائنس متاثر ٿي سنڌ ۾ زبردست
هلچل شروع ڪري ڏني. شيخ عبدالمجيد صاحب سنڌي جهڙو
اعليٰ مدبر به هن تحريڪ ۾ پيش پيش هو. مرحوم
عبدالله هارون جو خلوص ۽ خزانو ٻيئي هن سلسلي ۾ ڪم
ڏيئي رهيا هئا. ان طرح اهو قافلو وڌنڌو رهيو. سڀ
کان وڌيڪ هي ته سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان لاءِ
ٺهراءَ پاس ڪرايو ويو ۽ اها جرئت ٻئي ڪنهن به صوبي
نه ڪئي، ڇو ته سرحد ۾ ڪانگريس وزارت هئي، پنجاب ۾
يونيسنٽ پارٽيءَ جو راڄ هو، جنهن ۾ هندو ۽ سک به
گڏيل هئا. سنڌ اسيمبليءَ جي هن ٺهراءَ سرڪاري حلقن
۾ وڏو اثر پيدا ڪيو ۽ انگريز حڪومت کي پڻ پاڪستان
لاءِ سوچڻو پيو. هن کان پوءِ وطن آزاد ٿيندي ۽
پاڪستان ٺهندي جيڪي حالتون آڏو آيون يا مختلف
پارٽين جي نمائندن سان ان وقت جي وائسراءِ ڳالهيون
ٻولهيون ڪيون، سي سڀ عيان آهن، انهن تي ڪجهه لکڻ
عبث آهي. پر هڪ ڳالهه جيڪا پاڪستان جي بانيءَ جي
ڪردار تي روشني وجهي ٿي، ان جو آخر ۾ بيان ڪرڻ
نهايت ضروري آهي:
ايس
ـــ ايم شرما سن 1917ع کان قائداعظم وٽ ان جي پهچ
هئي. ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ هو ڪراچي سنڌ جي ”ڊيلي
گزٽ“ اخبار جو ايڊيٽر هو. ڪراچيءَ جي هندو ـــ
مسلم فسادن وقت هو هندستان هليو ويو هو. فسادن ۾
جناح صاحب ان جي ٻارن ٻچن جي حفاظت جو انتظام ڪيو
هو. هندستان وڃي شرما هڪ ڪتاب لکيو
“Peeps
Into Pakistan”
هن
ڪتاب ۾ هو هڪ واقعو بيان ڪري ٿو:
”3ــ
جون سن 1947ع کان پوءِ جو واقعو آهي ته هڪ ڏينهن
ڪراچيءَ ۾ يوسف هارون مونکي فون ڪيو ۽ چيو ته
قائداعظم ٿورائتو ٿيندو، جيڪڏهن تون ان ڪانفرنس ۾
پاڻ موجود هجين، جنهن کي هو ڪراچي اچڻ کان اڳ
دهليءَ ۾ ڪري رهيو آهي هو گهري ٿو ته اڌ ڪلاڪ پريس
ڪانفرنس کان اڳ تون ساڻس ملاقات ڪر“
شرما
لکي ٿو ته مان اڌ ڪلاڪ اڳ 80 اورنگزيب تي ساڻس
مليس. پاڻ تمام چڱي نموني آڏو آيو ۽ هٿ ملائڻ
کانپوءِ چوڻ لڳو ته ”تون ڪراچيءَ ۾ رهه! اتي هندن
۽ مسلمانن جي وچ م چڱن لاڳاپن پيدا ڪرڻ ۾ تون
منهنجي مدد ڪر“ ڪجهه ٻين ڳالهين ڪرڻ کانپوءِ اصل
مسئلي تي آيو، جنهن تي مون کي ان اعتماد ۾ وٺڻ ٿي
گهريو. چوڻ لڳو: ”هاڻي جڏهن ته مون پاڪستان وٺي
ڇڏيو آهي، هاڻي مون کي هندن جي خلاف ڪوبه غصو نه
رهيو آهي. هاڻي آئون ٻيهر اڳ وانگر هندن ۽ مسمانن
جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ واري سفير وارو تاريخي ڪرار ادا
ڪندس“
”ٻڌ!
منهنجا پيارا!“ذرا بلند آواز سان ڳالهائڻ لڳو:
”آئون پاڻ کي پاڪستان ۾ هندو ٿورائي جو
Protector General
(جنرل محافظ) بنائي رهيو آهيان. مان هن ڪم ۾
تنهنجي مدد ڪندس. تون انڪار نه ڪجان“
پاڪستان جي باني ڪراچي پهچي 11 آگسٽ 1947ع تي
پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪئي هئي، اها
شرما جي مٿئين تحرير جي پوري تائيد ڪري ٿي. هن
تقرير ۾ ان فرمايو :”هڪ ڏينهن ايندو جڏهن مسلمان،
مسلمان نه رهندو ۽ هندو، هندو نه رهندو. مذهبي
خيال کان نه ـ ڇو ته مذهب ته هڪ انفرادي ۽ ذاتي
مسئلو آهي، پر سياسي خيال کان اهي سڀ پاڪستاني
آهن“
ٺيڪ
هن مدبر ان تقرير ۾ اهڙن مدبرانه، اعليٰ ۽ بلند
سياسي افڪار ۽ جذبن جو اظهار ڪيو هو، پر پاڪستان
جي افسرشاهي سندس هن تقرير کي تقريبن سنسر ڪري
ڇڏيو ۽پاڪستان ۾ اڃا تائين مشهور نه ٿي سگهي،
ايستائين جو قائداعظم جي ڇپيل تقريرن مان به ان کي
ڪڍيو ويو. ڏٺو وڃي ٿو ته اقليت سان بي انصافي واري
رويي کي هاڻي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ختم ڪري
رهيو آهي. ان طرح پاڪستان جي بانيءَ جي اصلي
خواهشن کي هو پورو ڪري رهيو آهي.
خدا
جو شڪر آهي، جو اسين اڄ هڪ آزاد قوم آهيون ۽ آزاد
قوم جي حيثيت سان زندگي گذاري رهيا آهيون، پر
افسوس جو اڃا تائين اقتصادي ۽ سماجي آزادي اسان کي
نصيب نه ٿي آهي، جنهن لاءِ اسان جو ٻڍڙو استاد ۽
مجاهد مولانا عبيدالله سنڌي، اقتصادي مساوات ۽
اسلامي مساوات جو نعرو هڻندو رهيو. پاڻ به ساري
عمر حضرت ابوذر غفاري رضي الله تعاليٰ عنه جي
پيرويءَ ۾ سادگيءَ جي زندگي گذاري، سرمايه داريءَ
جي سِرَ تي ”فڪ ڪل نظام“ جو نعرو لڳائيندو رهيو.
اڄ اهو ڪم قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي هٿ ۾
کنيو آهي. اميد آهي ته ان طرح سان سماج سک جو ساهه
پٽيندو ۽ آزاديءَ جي اصلي نعمت کان عوام بهره ور
ٿيندو.
***
”قاعداعظم، هڪ عظيم سياستدان جي حيثيت سان، نه فقط
برصغير هند و پاڪ ۾ بي مثال رهيو، پر ان سان گڏ
بين الاقوامي شهرت جي حيثيت سان پڻ بي نظير هو.
مون
باغ ۽ قلم سان پاڪستان جي تحريڪ لاءِ مسلسل جدوجهد
۽ جهاد ڪندي، قائداعظم جي شخصيت کي ويجهي ۾ ويجهو
ڏٺو آهي. سندس قوت فيصله تيز هئي. فورن ڪهڙي به
پيچيده مسئلي جي تهه تائين پهچڻ سندس لاءِ آسان
هو. پاڪستان جي جدوجهد کي ڪاميابيءَ جي حد تائين
پهچائڻ، سندس سياسي بصيرت ۽ تدبر، انتظامي صلاحيت
۽ تيز فهميءَ جي مرهون منت آهي.“
پير
علي محمد راشدي
(”جنگ“ ڪراچي ـــ ”مشرق و مغرب“ 1968ع)[1]
ماخذ:
(1): منهنجي علمي ڊائري(2): نامعه اعمال: سر
محمد يامين (3): تحريڪ پاڪستان ڪا ايڪ باب ۽
ٻيا.
|