قائداعظم ـــــ هڪ وضعدار انسان جي حيثيت ۾
(شخصيت پرستيءَ جي خلاف احتجاج)
(نوٽ: قائداعظم، پنهنجي شهرت يافته ۽ مقبول عام
شخصيت هوندي به پنهنجي بود و باش،لٽي ڪپڙي، توڙي
اٿڻ ــ ويهڻ ۾ نهايت سنئون سڌو ۽ عام ماڻهن وانگر
هلندو هو. هن پنهنجي ايتري مقبوليت هوندي به پاڻ ۾
تقدس ۽ وڏائيءَ جو ڪوبه عنصر پيدا نه ڪيو. ورنه
سياسي توڙي مذهبي ليڊرن ۽ پيشوائن ۾ جيڪو تقدس
پيدا ٿئي ٿو، ان کي ڏسي عام ماڻهو انهن جا هٿ چمن
ٿا ۽ سندن احترام ۾ شرمناڪ قسم جو مبالغو ڪن ٿا،
جنهن سان انسان جي شرف ۽ انا کي سخت ايذاءُ پهچي
ٿو. قائداعظم جا همعصر سياستدان، هندو توڙي
مسلمان، گانڌي جي، جواهر لال نهرو، مولانا
ابوالڪلام آزاد، پارا ان تقدس جو شڪار رهيا. گانڌي
جي کي ته ”مهاتما“ به سڏيو ويو، بلڪه کس ”اوتار“
تصور ڪري سندس پوڄا به ڪئي وئي. ان سلسلي ۾
قائداعظم ۽ گانڌي جي، جي سيرت ۽ ڪردار جا چند مثال
پيش ڪن ٿا. غ م گ)
----------
ڇا
مون کي مهاتما گانڌي بنائڻ ٿا چاهيو؟
هي
ان دور جو واقعو آهي، جڏهن جناح صاحب، رڳو مسٽر
محمد علي جناح هو ۽ کيس قائداعظم نه سڏيو ويندو
هو. تقسيم کان اڳ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ
لاءِ توڙي گرميءَ جي موسم ۾ جناح صاحب جو اڪثر ڪري
شملي وڃڻ ٿيندو هو.
جڏهن
تحريڪ پاڪستان جي جناح صاحب واڳ سنڀالي، تڏهن
تحريڪ جي سربراهه جي حيثيت سان کيس شملي جي پرجوش
مسلمانن طرفان دعوت ڏني وئي، جا پڻ قبول ڪيائين.
شملي جي مسلمانن سندس آجيان لاءِ حد کان وڌيڪ
انتظام ڪيو. ان زماني ۾ ڪارن ۽ موٽرن جي مقابلي ۾
رڪشائن جي سواري عام جام هوندي هئي. شملي جي
مسلمانن اسٽيشن تي شاندار استقبال ڪرڻ کانپوءِ کيس
هڪ رڪشا ۾ سوار ڪيو ۽ کيس جلسي گاهه تائين پهچائڻ
لاءِ جلوس ڪڍيو سڀ کان اول جلوس مال روڊ وٽان
لنگهيو، جنهن روڊ تي فقط سرڪاري دفتر جون جڳهيون
هيون. ليڪن اڳتي هلي هڪ رستو لوئر بازار ڏانهن هيٺ
ڀرو لهي ٿو، جتي عام مسلمانن جي آبادي هئي. اتي جي
عوام ۽ تجارت پيشه ماڻهن ان هنڌ تي سندس استقبال
جو خاص انتظام ڪيو هو. جڏهن سندس جلوس ان هنڌ تي
پهتو، جتي رستوهيٺ ٿي لٿو، تڏهن ماڻهن ڏٺو ته مسٽر
جناح انگريزي لباس ۾ ملبوس هو ۽ سندس سفيد رنگ
وارو وڏو ٽوپ سندس گوڏن تي رکيل هو. هي اهو زمانو
هو، جنهن ۾ شملو، ڪانگريسي ۽ احراري، مهاسڀائي ۽
خاڪسار ليڊرن جي اچ ــ وڃ جو مرڪز بنجي چڪو هو.
دهليءَ کي ويجهي هئڻ ڪري، جي به ليڊر دهليءَ ۾
ايندا هئا سي گهڻو ڪري شملي ڏانهن به ڀيرو ڪندا
هئا. انهن ۾ مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، لالا
لجپتراءِ، موتي لال نهرو، ڀائي پرمانند، مولانا
آزاد، مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، علامه مشرقي ۽ عطاءُ الله شاهه
بخاري جهڙن ليڊرن کي شملي جا ماڻهو، نهايت سادي ۽
کڌر جي پوشاڪ ۾ بار بار ڏسي چڪا هئا، ظاهر آهي ته
شملي جي ماڻهن وٽ پاڪستان جي بانيءَ ۽ ڏهن ڪروڙن
مسلمانن جي ليڊر جو تصور به قريب قريب، ذڪر ٿيل
ليڊرن وانگر هو. هنن ائين پئي سمجهيو ته کيس کڌر
جو ڪوٽ، کڌر جي پتلون ۽ کڌر جو چوغو هوندو ۽
مولوين جي وضع قطع ۾ هوندو ۽ لازمي طور تي کيس
کاڌيءَ جي ٽوپي هوندي يا پٽڪو هوندو ۽ ڪوٽ جي
هيٺان کاڌيءَ جي صدري هوندي. ڇو ته ان دور ۾ ليڊر
قسم جي ماڻهن جي اهائي دستوري پوشاڪ ۽ وضح قطح
هوندي هئي.
ان
طرح انگريزن سان دشمني جي ڪري، مغربي وضح جي ڪوٽ،
پتلون کان ماڻهن ۾ سخت نفرت هوندي هئي، بلڪه ”ٽوپ“
کان ته سخت متنفر هوندا هئا، ”ٽوپ“ کي انگريز جي
علامت سمجهندا هئا. عام ماڻهو ان قسم جي وضع قطع
واري ماڻهوءَ کي انگريز پرست ۽ وطن دشمن قرار
ڏيندا هئا. انگريزن جي ”ٽوپ“ جي بدران سڀ ليڊر
”گانڌي ڪيپ“ ۽ ”جواهر ڪٽ صدري“ سي به کاڌيءَ جا
پهريندا هئا. اهو گويا ”ليڊر“ جو خاص لباس هوندو
هو.
اهو
حال ڏسي رضاڪارن جا ته ٺپ ئي ٺري ويا! انهن کي
خيال آيو ته لوئر بازار جا پرجوش مسلمان ته اهو
تصور رکندا هوندا ته اسان جو قومي رهنما اسلامي
لباس پهريل هوندو، کڌر جي ٽوپي، ڪوٽ، پتلون ۽ وڏي
چوغي ۾ هوندو اگر ائين نه ته شيروانيءَ ۽ سلوار ۽
قميص ضرور پهريل هوندو، سي به کڌر جا! اگر مٿي تي
کاڌيءَ جي ٽوپي يا کاڌيءَ جو پٽڪو نه هوندس ته
پوءِ ان جي بدران اسلامي لباس جي مکيه نشاني ”ترڪي
ٽوپي“ ضرور پهريل هونديس!
ويچارن رضاڪارن اهو سوچي، پاڻ ۾ مشورو ڪيو ته اگر
جناح صاحب کي استقبال ڪندڙ مسلمانن هن مغربي لباس
۾ ڏٺو ته پوءِ ان جو ڏاڍو خراب ردعمل پيدا ٿيندو.
هونءَ به مسلم ليگ مخالفن پاران ڪافي پروپيئگنڊا
ٿي چڪي هئي ته مسلم ليگ وارا انگريز پرست آهن. هت
جڏهن پنهنجن اکين سان مسلم ليگ ۽ ڏهن ڪروڙن
مسلمانن جو ليڊر هن حال ۾ ڏسندا، تڏهن کين دلي
صدمو پهچندو، ۽ ممڪن آهي ته ٻين سياسي تحريڪن جي
پروپيئگنڊا تي ويساهه ڪري ويهن ۽ مسلم ليگ مان
بيزار ٿي هٿ ڪڍي وڃن ۽ پاڪستان متعلق به ڪنهن غلط
فهميءَ ۾ مبتلا ٿي وڃن. ليڪن مشڪلات هيءَ هئي ته
ان حالت ۾ ويچارا رضاڪار ڪري ڇا ٿي سگهيا! جلوس
هلي رهيو هو، جناح صاحب رڪشا ۾ سوار هو ۽ اڇو ٽوپ
سندس گوڏن تي رکيل هو!
ڪن
رضاڪارن صلاح ڪئي ته جناح صاحب کي عرض ڪجي ته ٻيو
نه گهٽ ۾ گهٽ ان انگريزي ٽوپ کي گوڏن تان لاهي،
هيٺ لڪائي رکجي، جيئن ماڻهن جي سنئين سنڌي نظر ان
انگريزي علامت تي پئجي نه سگهي، ۽ جلوس تڪڙو تڪڙو
نڪري وڃي.
ان
تجويز تي اتفاق ڪيو ويو ۽ شملي جي هڪ مکيه ليگي
ليڊر کي تيار ڪيو ويو. جناح صاحب سان سندس واقفيت
اڳ ئي هئي. جناح صاحب سندس پرجوش ۽ مخلصانه خدمتن
کان ڏاڍو متاثر هوندو هو.
اهو
ليگي ليڊر ”اسلام زنده باد ۽ نعره تڪبير، الله
اڪبر، پاڪستان زنده باد ۽ جناح زنده باد“ جي فلڪ
شگاف نعرن هلندي، وجهه وٺي، جناح صاحب جي رڪشا جي
بلڪل ڀرسان اچي بيٺو. جناح صاحب سان سلام نياز
ڪري، سندس ڪن جي ويجهو ٿي، شملي جي مسلمانن جي
پرجوش خدمتن جي ذڪر سان گڏ لباس وارو مسئلو به پيش
ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
جناح
صاحب جو ردعمل:
جناح
صاحب ان شملي جي ليڊر جي سرگوشيءَ کي ٻڌي، کلي ڏنو
۽ جواب ۾ چيائين: ”اوهان منهنجا دوست ۽ احباب ڇا
مون کي ”مهاتما گانڌي“ بنائڻ ٿا گهرو! اهو بلڪل
ممڪن هو ته مان هن ”ٽوپ“ کي اوهان جي چوڻ تي هيٺ
به رکي ٿو سگهان، ليڪن هاڻي ائين ڪرڻ، منافقت
ٿيندي، اها منافقانه روش منهنجي ضمير جي بلڪل خلاف
آهي. اجائي پذيرائي ۽ تقدس مابي سان آخر فائدو
ڪهڙو؟ اصل حقيقت ته انسان جو عمل ۽ ڪردار آهي،
لباس ته جسم تائين محدود آهي. انسان جي دل ۾ خلوص
۽ ديانتداري هئڻ گهرجي. دل ۾ انسان جي خدمت جو
جذبو هجي. باقي ترڪي ٽوپي ۽ هيٽ سان يا هن موجوده
ڪوٽ پتلون سان ڪهڙو فرق پيدا ٿئي. آخر اڄڪلهه ترڪي
۽ مصر ۾ به هي لباس عام آهي ته پوءِ ڇا ان لباس جي
ڪري، هنن جي دل مان ايمان ۽ خلوص، حب الوطني ۽
خدمت جا جذبا ختم ٿي ويا ڇا؟
اوهان مون کان مهرباني ڪري اهڙي منافقت جي اميد نه
رکو.
ائين
چئي مورڳو ”ٽوپ“ کي گوڏن تان کڻي، مٿي تي رکيائين
۽ چيائين هلو هلو!“
جلوس
پرجوش انداز ۾ هلندو رهيو. فلڪ شگاف نعرا جاري
رهيا، جناح صاحب، اجلاس ۾ ولوله انگيز تقرير ڪئي،
ظاهر ۽ باطن جي يڪسانيت، پاڻ شملي جي ماڻهن کي
وڌيڪ متاثر ڪيو. اهو هو جناح صاحب جي ڪردار جو هڪ
پهلو!
شخصيت پرستيءَ تي تنبيهه:
ان
سلسلي جو هڪ ٻيو واقعو هن ريت آهي:
24
ڊسمبر 1945ع تي، اي وارڊ ڊسٽرڪٽ مسلم ليگ بمبئيءَ
جا چند پرجوش رڪن، قائداعظم وٽ آيا ۽ کيس هڪ جلسي
۾ شرڪت جي دعوت ڏنائون. انهن مان هڪ پرجوش نوجوان،
جذبات ۽ عقيدت کان مجبور ٿي، والهانه انداز ۾
قائداعظم سان هٿ ملائيندي، سندس هٿ کي چمي ڏئي
ورتي. نوجوان جي اها حرڪت ڏسي، قائداعظم جو منهن
ڪاوڙ کان لال ٿي ويو. ۽ غصه آميز لهجي ۾ سڀني کي
مخاطب ٿيندي فرمايائين :” اوهان کي گهرجي ته اوهان
مونکي هڪ عام انسان وانگر انسان ئي تصور ڪيو. مون
سان تقدس ۽ عقيدتمدانه جذبات سان نه ملو، مونکي هڪ
معمولي انسان وانگر اسلام عليڪم ڪري هٿ ملايو، مون
کي پير يا مرشد، يا ڪو مافوق البشر انسان ۽ اوتار
نه سمجهو، مان عام ماڻهن وانگر انسان ئي آهيان ۽
اهو ئي منهنجو وڏو اعزاز آهي. ان طرح عام ماڻهو
جذبات ۽ عقيدت کان مغلوب ٿي، هٿ چمن ٿا، يا ڪنهن
جي اڳيان سر جهڪائن ٿا، يا ڪنهن کي پيرين پون ٿا،
اهي سڀ غلط ڳالهيون آهن، ائين ڪرڻ سان هڪ ته
ماڻهوءَ ۾ احساس ڪمتريءَ جو رنگ پيدا ٿئي ٿو، ٻئي
طرف حقن جو مبالغه آميز احترام ڪيو ٿو وڃي، ان ۾
تڪبر ۽ بزرگيءَ جو خيال پيدا ٿئي ٿو، مذهبي توڙي
نفسياتي خيال سان ائين ڪرڻ گويا انسان جي شرف ۽
انا جي تذليل ڪئي وڃي ٿي. هٿ چمڻ، پيرين پوڻ ۽ سر
جهڪائڻ شخصيت پرستيءَ جي اها بري عادت آهي، جنهن
کي اسلام ناپسند ٿو ڪري. ۽ شخصيت پرستي، انسان جي
عظمت ۽ فرد جي ”انا“ لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿئي ٿي.
افسوس جو اوهان جهڙا پڙهيل ڪڙهيل نوجوان به پنهنجي
جذبات تي قبضو رکي نٿا سگهو، ته پوءِ انهن اڻ
پڙهلين جو ڪهڙو ڏوهه آهي، جي پيرن ۽ سيدن، فقيرن ۽
بزرگن توڙي سردارن ۽ وڏن ماڻهن کي پيرين به پون ٿا
۽ سندن هٿ به چمن ٿا.
”اوهان ياد رکو ته اهو عمل حد کان وڌيڪ نقصانڪار
آهي، ۽ اسلام ان کي ناروا ۽ ناجائز قرار ڏنو آهي،
اوهان مسلمانن جو اولاد آهيو، اوهان بت پرستن جو
الاد ته ناهيو، جو عام انسانن کي عظيم انسان ۽
اوتار تصور ٿا ڪريو. اوهان منهنجو هي پيغام
نوجوانن ۽ عوام تائين پهچائيندا، جيئن ڪو ٻيو اهڙي
حرڪت نه ڪري. ورنه مان اوهان پارن جذباتي نوجوانن
سان ملاقات ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندس.“
(روزانه انقلاب بمبئيءَ 5 ڊسمبر 1845ع)
اهو
آهي قائداعظم جي بلند ڪردار جو هڪ عجيب منظر! ورنه
اڄڪلهه جا وڏا ماڻهو ته ان عمل کي بلڪل پسند ڪري
رهيا آهن، خدانخواسته اگر ڪنهن هٿ نه چميا يا
پيرين نه پيو ته پوءِ سيد، پير، فقير ۽ سردار
پاران فتويٰ صادر ٿيندي ته فلاڻو ڏاڍو متڪبر ۽
مغرور آهي، کيس اسان جهڙن سان ملڻ جا آداب به
معلوم ناهن!
مهاتما گانڌيءَ جو واقعو: ان سلسلي ۾ مهاتما
گانڌيءَ متعلق ڪيئي واقعات موجود آهن، جن ۾ چيو
ويو آهي ته ڪيئي ڪانگريسي توڙي عام هندو، سندس بت
ٺاهي ان جي پوڄا ڪندا هئا، بلڪه اڄ تائين کيس
”اوتار“ ڪري پوڄيو وڃي ٿو. اگر ڪنهن معتقد وٽ
گانڌي جي جو بت ناهي ته پوءِ سندس تصوير جي
باقائده پوڄا ڪئي وڃي ٿي.
ان
متعلق هڪ واقعو گانڌي جي، جي مدراس ۾ قيام واري
دور جو بيان ڪيو ويو آهي، ۽ اهو سڀني انگريزي،
گجراتي، مرهٽي ۽ اردو اخبارن ۾ 29 جنوري 1946ع ۾
شايع ٿيل آهي.
مدارس جي ڪانگريس اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جيئن پنهنجن
معتقدن سان گانڌي جي، هڪ عام رستي تان گذري رهيو
هو، تيئن ڏٺائين ته هڪ هندو، سندس تصوير تي گلن جا
هار چاڙهي، باقاعده پوڄا ڪري رهيو هو. گانڌي جي،
اهو نظارو ڏسي پڇا ڪئي ته ”هي ڇاهي؟“ کيس پنهنجي
عقيدتمندن ڏاڍي ادب ۽ احترام وچان ٻڌايو ته ”هي
شخص اوهان سان والهانه عقيدت ٿو رکي، کيس اوهان جو
درشن آسانيءَ سان نصيب نٿو ٿئي ۽ سندس عقيدو آهي
ته اوهان ”هند جا اوتار“ آهيو، ۽ اوهان جي حيثيت
رام، ڪرشن ۽ مهاتما ٻڌ واري آهي. ان ڪري هن شخص
اوهان جي تصوير جي پوڄا ڪرڻ کي روزمره جي ”عبادت“
ڪري تسليم ڪيو آهي“
اهو
جواب ٻڌي گانڌي جي،مرڪي ڏنو ۽ خاموشيءَ سان اڳتي
وڌيو.
اخبارن جي تبصره نگارن ان مسئلي تي سخت حرف گيري
ڪئي، ۽ لکيو ته ”گانڌي جي، پنهنجي اهڙي مبالغه
آميز ۽ غلط عقيدتمندانه عمل کي پسند ڪري ٿو، ورنه
سندس لاءِ واجب هو ته هو ان مسئلي متعلق ماڻهن کي
سمجهائي ها، ۽ ڪم از ڪم ان پوڄاريءَ کي تنبيهه ڪري
ها ته مان به اوهان جهڙو ”انسان“ آهيان، مون لاءِ
”اوتار“ جو عقيدو رکڻ غلط آهي، ”انسان“ ڪڏهن به
پاڻ جهڙي انسان جي پوڄا ڪري نٿو سگهي.“
گانڌي جي، جي ان قسم جي واقعن کي ڏسي ٻڌي، خود
مولانا آزاد ۽ مولانا عبيدالله سنڌي به سخت نقطه
چيني ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته ”گانڌي جي، جي ان
تقدس مابيءَ جي ڪري، ڪانگريسي ليڊر توڙي عوام مس
هر فيصلي تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ۽ سندس سياسي
غلطين تي به خاموش رهندا هئا، بقول مولانا آزاد:
”گانڌي جي جي ”پيچيده شخصيت“ ”مذهب ۽ سياست“ کي
گڏي وڏو نقصان ڪيو آهي.“
هي
آهي جناح ۽ گانڌيءَ جو فرق. ٻئي انسان آهن، جناح
جو مطالبو آهي ته مونکي ”معمولي انسان“ تصور ڪيو ۽
گانڌيءَ جي، رام، ڪرشن ۽ ٻڌ جي زمري ۾ پاڻ کي شمار
ڪرائي، پنهنجي پوڄا تي خوش ٿئي ٿو!
(روزانه انقلاب بمبئي 29 جنوري 1946ع) |