سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1976ع

مضمون

صفحو :21

حامد علي قريشي ـــــ ايم. اي

قائداعظم ۽ پاڪستان

اڇوت ليڊرن ڊاڪٽر امبيدڪر ۽ اي ــ ڪرپلائي جي تائيد

(نوٽ: برصغير جي تاريخ ۾ ”اڇوت“ قوم سان جيڪو ڪانگريس مهاسڀا، آريه سماج، شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪن ظلم ڪيو آهي، اهو دل کي ايذائيندڙ داستان آهي. ان تحريڪ جو مرڪز آهي ”هريجن تحريڪ“ جنهن موجب ڪانگريس پاران ڪروڙها اڇوتن کي ”هندو ۽ هريجن“ سڏي هندن جي اڪثريت کي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهو گانڌيءَ جو سياسي  عمل هو. ان جي مقابلي  ۾ ’آريه سماج‘ شڌي ۽ سنگهٽن‘ تحريڪن وري اڇوتن کي ”شڌ“ بنائي، هندوڄاتيءَ جي انداز کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي.

انهن تحريڪن جي رد ۽ مقابلي ۾ ڊاڪٽر امبيڊڪر دليلن ۽ انگن اکرن جا انبار لڳائي ڇڏيا ۽ نه صرف برهمنزم ۽ ڪانگريس، هندوسڀا، آريه سماج ۽ شڌي تحريڪن جي ترديد ڪيائين، پر ان سان گڏ قائداعظم ۽ پاڪستان جي تائيد به ڪيائين. ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ”پاڪستان جي باري ۾ چند خيالات“  (Thoughts on Pakistan) ۽ مشهور اڇوت بيريسٽر مسٽر اي ــ ڪرپلائي، مدراس، جي مضمون جا ڪجهه اقتباس پيش ڪجن ٿا، جن جو ترجمو مشهور اهل قلم ۽ تاريخي مقاله نگار مسٽر حامد علي قريشي خانائي ايم . اي ڪيو آهي. غ. م. گ)

امبيدڪر فرمائي ٿو: ”تاريخ شاهد آهي ته برصغير هند جي حقيقي اڪثريت فقط ”اڇوت“ آهن، جن کي تعليم ۽ اقتصاديات جي لحاظ سان صدين کان پسمانده رکيو ويو آهي. ويدڪ دور  (مسيح کان 1500 سئو سال) کان اڳ واري دراوڙ قوم اسان جي قوم هئي، جن کي آرين تباهه ڪري، سندس مرڪز جلائيءَ کين لڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. حالانڪه نه فقط برصغير پر پوري انساني تاريخ ۾ دراوڙ تهذيب سڀ کان قديم تهذيب آهي. ان جا مرڪز موهن جو دڙو ۽ هڙاپا اڄ تائين، قبل مسيح پنج هزارن بلڪه ان کان به مٿي جي دراوڙي تهذيب جي ساک ڀرين ٿا، ”آريه“ جي رولو ۽ غير ترقي يافته هئا، سي وچ ايشيا کان آيا ۽ اسان جي تهذيب کي تباهه ڪري، سنڌ ۽ پنجاب ماٿريءَ تي ڇانئجي ويا ۽ ان ئي دور ۾ ويدن جي رچنا ڪيائون ۽ هڪ پورو ”ويد“ دراوڙن کي ”شودر“ سڏي تيار ڪيائون. دراوڙ بلوچستان کان ويندي حيدرآباد دکن ۽ مدراس تائين پکڙجي ويا. گهٽ ۾ گهٽ ٽن هزارن سالن جي عرصي جي تاريخ اسان وٽ موجود  آهي. جنهن جي انتها اڄ تائين نه ٿي آهي. ويدن ۾ ”برهمڻ“ لفظ ايجاد ڪري دراوڙن ۽ انهن جي هندي النسل اولاد کي ملائي ”شودر“ سڏڻ لڳا، جنهن کي اڳتي هلي ”اڇوت“ سڏي اڻ آريه ۽ شودر کان به وڌيڪ ذليل لقب رکيائون. اڄ تائين ڀيل ۽ گونڊ، ڪولي ۽ ٻين گهٽ ذاتين وارا،هر حال ۾ هندو برهمنزم جي ظلم جو شڪار رهندا آيا آهن. ان هزارن سالن جي عرصي ۾، فقط هڪ هزار ۽ چار سئو سال کن مستثنيٰ ڪرڻ گهرجن‘ جنهن دور ۾ مسلمانن جي حڪمراني رهي، جن جو دين ڇوت ڇات ۽ ذات پات، رنگ ۽ نسل جي ويڇن کان پاڪ آهي، انهن جي حاڪمن توڙي عالمن ۽ صوفي بزرگن، لکها بلڪه ڪروڙها اڇوتن کي سيني سان لاتو ۽ کين انسانيت ۽ شرافت، اخوت ۽ مساوات، علم ۽ فن جي دنيا ۾ آندو. ڇا اها حقيقت ناهي ته موجوده دور ۾ مسلمانن جي آباديءَ جو 80 سيڪڙو اسان جي نسل جو آهي! اهي سڀ هندي النسل دراوڙن جو اولاد آهن، ڇو ته ڏهن ـــ ٻارهن ڪروڙن جي آباديءَ مان تمام ٿورا اصلي مسلمان، عرب، عراق ۽ ايران کان آيا، باقي سڀ صوفي بزرگن جي تبليغ سان ”اسلام“ ۾ آيا. برصغير ۾ چشتيه ۽ اسماعيليه عالمن ۽ بزرگن جي تبليغي جدوجهد سان سنڌ، ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ، دکن، بنگال، مدراس ۽ آسام تائين اڇوتن کي ”اسلام“ جي ڌاري ۾ اچڻ جو شرف حاصل ٿيو؛ باقي گنگا ۽ جمنا جي درمياني حصي ۾، برهنزم جو مرڪز هو. ان حصي ۾ ”اڇوت ۽ شودر“ ڪنهن به مراعات ۽ حق جا حقدار نه رهيا ان کان پوءِ انگريز سرڪار جي دور ۾، عيسائي مشنريز، اڇوتن کي مسيحي مذهب تي آڻڻ لاءِ تبليغ ڪئي. ان سلسلي ۾ لکها اڇوت، مسيحي ٿي ويا ۽ ڪيترائي پڙهي ڪڙهي، برهمنزم جي استبداد ۽ ظلم کان بچي ويا. ان هوندي به هندستان جي موجوده آباديءَ ۾ اڪثريت وري به اسان جي آهي، جنهن کي مهاتما گانڌيءَ جي ”هريجن تحريڪ“ ۽ شر ڌانند جي”شدي تحريڪ“ ”شڌ“ بنائي، هندن جي اڪثريت بنائڻ ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ڪري رهيا آهن. اسان جو تعداد غلط آدمشماريءَ موجب تيرنهن کان پندرهن ڪروڙن تائين مڃيو ويو آهي. هندن ۽ آرين جي ”هريجن“ ۽ ”شدي تحريڪن“ جي ردعمل ۾ اهو وقت به آيو جو مون ”اسلام“ کي قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ گانڌيءَ جي ۽ سوامي شرڌانند مون سان ملاقاتون ڪيون، پر منهنجن دليلن ۽ شرطن کي قبول نه ڪيائون.

مون کانئن ضمانت گهري ته جيڪڏهن اڇوتن کي اهي ساڳيا برهمڻ وارا حق ڏنا ويندا ته پوءِ مان اعلان ڪري، ڪروڙن اڇوتن سميت ”شڌ“ ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. پر هي اهو شرط جو بلڪل جائز ۽ معقول هو، قبول ڪرڻ لاءِ آماده نه ٿيا. مون وٽان نااميد ٿي وري به ماٺ ڪري نه ويٺا. ويتر مڇرجي پيا. قائداعظم جي معقول مطالبن کان جند ڇڏائڻ لاءِ زور شور سان ”هريجن“ ۽ ”شڌي“ تحريڪ کي هلائيندا آيا. ڪجهه ساده لوح ۽ ٻهراڙيءَ جي اڇوتن کان سواءِ ، جن جو اندازه لکن تي مشتمل مس هوندو سي ”شڌ“ بنيا، باقي ڪروڙها پنهنجي پراڻي رسم و راوج تي قائم رهيا.

”آريه سماج ۽ ڪانگريسي ”پراچين ڀارت“ جا گيت ڳائن ٿا، پر  اها دعويٰ سندن بي حيائيءَ واري آهي، ”پراچين سڀا“ ته اسان دراوڙن جي آهي، جن کي ويدڪ دور کان اڄ تائين شودر ۽ اڇوت سڏيندا آهن. اسان وٽ هندو ڌرم يا آريه مت وانگر نه بت پرستي آهي ۽ نه ڪو مذهب جو مونجهارو آهي. دنيا جي مذهبن جي تاريخ  جي عمر وڌ ۾ وڌ ڏهه هزار سال مس ٿيندي، ورنه اسان جو متو ۽ زندگيءَ جو پنگتي اصول ته اڃا به گهڻو پراڻو آهي. بهرحال، ڪانگريس، هندو مهاسڀا، آريا سماج، شڌي تحريڪ ۽ انگريز جي باهمي سازش سان اسان کي ”اڪثريت“ مان ڦيرائي اقليت ۾ آڻڻ جي ڪوشش هلي رهي آهي. اميد آهي ته اهي ايترو ڪامياب نه ٿيندا. پر جي هنن ملي ڀڳت ڪري اسان تي ان سلسلي ۾ اڃا به تشدد ۽ ظلم ڪيو ته پوءِ مان ظاهر ظهور ”اسلام“ کي قبول ڪرڻ جو اعلان ڪري، سندن سازش کي ختم ڪري ڇڏيندس.

ڊاڪٽر امبيدڪر ٻئي بحث ۾ لکي ٿو:

”ڇوته ڀارت ۾ جي ڏهه ڪروڙ مسلمان موجودآهن، تن جو اسي سيڪڙو اسان اڇوتن مان مسلمان ٿيل آهي. اهي مسلمان، ڪو سڀ عرب،عراق ۽ ايران مان ڪونه آيل هئا، انهن سان اسان جي مٽيءَ ۽ رت جو تعلق آهي. باقي هي آرين جو اولاد ”وديشي“آهي، انهن مان ڪي پرماتما  جي مک مان ته ڪي ٻانهن مان ته ڪي سٿرن مان پيدا ٿيا آهن. هندن جي غلط بيانيءَ ۽ بي حيائيءَ جي حد اها آهي، جو چون ٿا ته شودر، پرماتما جي پيرن مان پيدا ٿيل آهن! حالانڪه کين اها به خبر ناهي ته اسان وٽ پرماتما جو تصور ئي ناهي ۽ نه ڪو اسان جو ڪو دين آهي ۽ نه ڪو ڌرم. ڌرم ڪرم جا اٺسٺا ۽ عقيدا ته گهڻو پوءِ جي ڳالهه آهي!

مون کين چيو ته اوهان ڊيموڪريسي، اڪثريت ۽ اقليت، ديشي ۽ وديشيءَ جا نوان دليل ڏيڻ شروع ڪيا آهن. ان موجب جمهوريت جي تقاضا اها آهي ته اقتدار ۽ حڪم ”اڪثريت“ کي ملڻ گهرجي. ان لحاظ سان ته اسان اڇوت، برصغير جي هندن، عيسائين، پارسين، سکن ۽ مسلمانن کان به اڪثريت ۾ آهيون. ان ڪري ته جناح صاحب ”مسلم اقليت“ کان انڪار ڪري، هندن جي اقليت کي ڌڪ هڻي ”ٻن قومن“ جو نظريو پيش ڪري، ڪانگريس جو منهن بند ڪري ڇڏيو آهي.

قائداعظم ۽ امبيدڪر:

”قائداعظم نهايت ديانتدار آهي، ان اسان سان بلڪل صاف نموني ۾ ڳالهايو آهي. قائداعظم اهو به تسليم ڪيو آهي ته ”واقعي برصغير ۾ حقي واجبي ”اڪثريت“ اوهان اڇوتن جي آهي، ان ڪري آئون اوهان سان ايماندارنه ۽ جمهوري اصولن موجب صلح ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. اسان مسلمان ۽ اوهان اڇوت، هن وقت هڪ ئي مخالف قوت، ڪانگريس، انگريز، مهاسڀا، آريه سماج جي باهمي سازش ۽ ”رام راڄ“ کان بچاءَ ۾ وڙهي رهيا آهيون، ان ڪري عقل جي تقاضا اها آهي ته شرارت پيشه ”ٻن مخالفن“ جي مقابلي ۾ اسان ”مسلمان ۽ اڇوت“ گڏ ٿي ڪامياب ٿي سگهون ٿا“ جناح جي کليل ۽ ديانتدارانه راءِ کي ٻڌي منهنجي رت کي جهٻو آيو. مون کيس کلندي چيو ته ”تنهنجا ابا ڏاڏا به عرب ۽ عراق مان ڪونه آيا! تنهنجا ابا ڏاڏا به هتي جا آهن ۽ شايد تون به اڇوت ۽ شودر آهين! ان ڪري تنهنجي اسان سان همدردي آهي ۽ اسان وٽ تولاءِ خير خواهي آهي. اگر اوهان جا وڏا اسماعيليه تحريڪ جي تبليغ تي اسلام نه قبول ڪن ها ته پوءِ تون به اسان گڏ عذاب ۾ هجين ها!“ ان تي قائداعظم کلندي فرمايو ”ڊاڪٽر صاحب، مون وٽ اوهان جي گفتگو متعلق اعتراف آهي“

گانڌيءَ ۽ امبيدڪر:

”ان کان پوءِ هندن جي جارحانه ۽ مصنوعي اڪثريت جي دعويدارن، گانڌيءَ ۽ نهرو، لجپتراءِ ۽ شرڌا نند پارا، ڪانگريسي ۽ آريه سماجي نيتائن کي چيم ته اوهان جو ”ديشي ۽ وديشيءَ“ وارو کٽراڳ به لغو ۽ غلط آهي.

هتي جا محقق ۽ خود يورپ مڃي ٿو ته آريا مسيح کان 15 سئو سال اڳ هت آيا ۽ وچ ايشيا کان هنگري ۽ جرمنيءَ ويا ۽ اتان هڪ شاخ موٽي ايران پهتي ۽ ٻي شاخ ”سنڌ“ ۾ آئي. اسان ته اوهان جي اچڻ کان هزارين سال اڳ تائين هت هئاسين. پوءِ ديشي ڪير؟ ۽ وديشي ڪير؟

اگر هڪ هزار سال اڳ آيل ”مسلمان“ اوهان جي خيال موجب ”وديشي“ آهن، جن جو اسي سيڪڙو ته اسان مان آهي ۽ اهي نج ”ديشي“ آهن؛ ته پوءِ انهن جي مقابلي ۾، اوهان ته اڄ کان 3446 سال اڳ جا آيل آهيو ۽ ماڻهو جو اولاد نه پر ”پرماتما“ جي مک مان نڪتل آهيو! ان موجب وڏا ”وديشي ۽ اجنبي“ته اوهان آهيو. ان ڪري اسان جي تقاضا آهي ته اوهان جا وڏا جتان کان هت آيل هئا، اوهان ان طرف دوباره واپس وڃو! اوهان جو اصل ماڳ، اوهان جي چوڻ موجب، وچ ايشيا، ايران، جرمني ۽ آئرلينڊ آهي، جنهن کي اوهان فخر وچان ”آريه لينڊ“ چئو ٿا. ان حالت ۾ اوهان ته مورڳو مسلمانن جي مقابلي ۾ وڏا ۽ پڪا ”وديشي“ آهيو اوهان کي هت رهڻ ۽ اسان تي حڪومت ڪرڻ جو  آخر ڪيئن ٿو حق پهچي؟

تفصيلي بحث:

ڊاڪٽر امبيدڪر، ٻئي هنڌ ان مسئلي کي بيان ڪندي لکي ٿو:

”برصغير جي پراچين تاريخ شاهد آهي ته هندستان تي ظلم ۽ تشدد سان بادشاهي هميشه اوچي ذات جي هندن جي رهندي آئي آهي ۽ هاڻي به اهو ئي طبقو، ٻين قومن جي حقن کي غصب ڪري، حڪومت ۽ اقتدار جي نشي ۾ چور ۽ مخمور آهي. گذريل دورن ۾ پنهنجي شهنشاهت ۽ اقتدار اعليٰ کي وڌائڻ ۽ بچائڻ لاءِ انهن هند جي اصلي باشندن، گونڊ، ڀيل، ۽ ڪولي فرقن سان اهو ئي سلوڪ جائز رکيو آهي، جو آمريڪا ۾ ريڊ انڊين  Red indiansسان ۽ آمريڪا ۾ ڪاريءَ چمڙيءَ وارن سان ۽ آسٽريليا ۾ قبائلي باشندن سان روا رکيو ويو آهي.

”ٻڌ ڌرم“ جو خاتمو:

برهمڻن هندستان جي سڀ کان وڏي عوامي ۽ اصلاحي تحريڪ ”ٻڌمت“ جو اهڙي سازش مان خاتمو آندو آهي جو هندستان، جو ٻڌ ڌرم جو مرڪز ۽ سرچشمو هو، اڄ اتي ”ٻڌن“ جا صرف ٻه ــ چار ”آثار قديمه“ رهجي ويا آهن. شنڪر آچاريه جي برهنزم جي ظالمانه تبليغ سان،هندستان ۾ لکها نه پر ڪروڙها ٻڌ ڀکشو، جي امن پسند هئا، قتل ڪيا ويا، اڄ هندستان ۾ ٻڌ تمدن، معاشرت، رسومات، اصول، روايت، تعليم ۽ تبليغ جو مڪمل خاتمو ٿي چڪو آهي، اهو برهمڻ طبقو، ”اوچي ذات ۽ ديشي“ سڏائي اسان کان علاوه ”مسلمانن“ سان به اهو ئي ڪرڻ گهري ٿو، جو هن کان اڳ ”ٻڌسٽ“ ماڻهن سان ڪري چڪو آهي، ۽ ”مغربي جمهوريت“ جو نالو وٺي، هڪ ڊڪٽيٽر حڪومت جو خواب ڏسي رهيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”رام راڄ! اسان ته سندن نظرن ۾ انسان ئي ناهيون! اسان جو ته ذڪر ئي نظرانداز ڪرڻ گهرجي پر اهو ياد رهي ته هتي جا ڪروڙها اڇوت، سندن سامراجي ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا هن وقت تي، يا ايندڙ زماني ۾ ”اڇوتستان“ جو بڻجڻ يقيني امر آهي.

ڊاڪٽر امبيدڪر جو علمي ۽ تاريخي بحث:

ڊاڪٽر امبيدڪر جهڙي محقق سياستدان قائداعظم جي دعويٰ ۽ پاڪستان جي وجود اچڻ جي سڀني جزئياتي مسئلن جو غور سان تجزيو ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب ڏاڍي تيز نگاهه سان هند جي تقسيم جي مسئلي تي سوچ ۽ ويچار ڪيو آهي.

ان متعلق ڊاڪٽر امبيدڪر نهايت محققانه ۽ دقيق بحث ڪندي لکي ٿو:

چيڪوسلوويڪا جو مثال:

اگر هندستان کي تقسيم ڪيو ويو ته پوءِ واقعي اوچي ذات وارن هندن کي ڪافي ڌڪ لڳندو. ان متعلق هڪ مثال ٿو پيش ڪريان. جڏهن ميونچ جو معاهدو عمل ۾ آيو ۽ چيڪو سلوويڪا جو هڪ حصو علحدو ڪيو ويو، تڏهن چيڪ قوم جي اقتدار وارن جا جيڪي احساسات ۽ جذبات هئا، اهي غور ڪرڻ جي لائق آهن.

ان قسم جي جذبات ۽ احساسات جونهايت واضح طور تي اظهار چيڪو سلوويڪا جي وزيراعظم جي ان اعلان ۾ موجود آهي، جو هن عوام لاءِ پيش ڪيو.

چيائين: ” شهريو ۽ سپاهيو! مان زندگيءَ جي نهايت تلخ ترين لمحي ۾ قدم رکي رهيو آهيان. مان هڪ اهڙو دردناڪ ڪم انجام ڏيئي رهيو آهيان، جنهن جي مقابلي ۾ ”موت“ زياده آسان آهي. جڏهن ته مون جنگ ڪئي آهي ۽ اهو به مان ئي ڄاڻان ٿو ته مون ڪهڙين حالتن ۾ جنگ ڪئي آهي ۽ مان اهو به ڄاڻان ٿو ته فتح ڪيئن ڪبي آهي. ان ڪري اڄ مان اوهان کي صاف صاف ٻڌائڻ ٿو گهران ته جي فوجون اسان جي سامهون بيٺيون آهن، اهي اسان کي مجبور ڪري رهيون آهن ته اسان سندن قوت ۽ اقتدار جي برتريءَ کي تسليم ڪيون ۽ ان مطابق عمل ڪرڻ لاءِ آماده ٿيون.

ان کان پوءِ ميونچ ۾ چئن وڏين ٽوپين جي گڏيل فيصلن تي تنقيد ڪندي، چيڪ وزيراعظم انهن کي ’سخت گير شرط‘ قرار ڏيندي، چيو ته ”جنهن دٻاءُ سان اسان کي مجبور ڪري نهايت سخت شرط مڃايا وڃن ٿا، انهن جو ڪو به نظير دنيا جي تاريخ ۾ نٿو ملي سگهي. اسان دنيا جي امن ۾ پنهنجو حصو ادا ڪرڻ گهرون ٿا ۽ اسان بلڪل خوشيءَ سان ان فرض کي ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ليڪن ائين نه جيئن اسان کي مجبور ڪري مڃايو وڃي ٿو. ليڪن اڄ اسان بي يارومددگار ۽ اڪيلا آهيون، اوهان جي سڀني ليڊرن، فوج ۽ جمهوريه جي صدر پاڻ ۾ ملي فيصلو ڪيو آهي ته اسان تي بلڪل غلط انداز ۾ ”تنگ تر سرحد ۽ قوم جو موت“ مسلط ڪيو پيو وڃي. ان ڪري انهن ٻنهي عذابن مان ڪنهن هڪ کي قبول ڪرڻ وقت اهو اسان جو مقدس فرض آهي ته اسان پنهنجي عزت ۽ جان کي بچائڻ لاءِ ڪا تدبير سوچي سگهون، جيئن اسان کي يقين ٿي سگهي ته اسان جي قوم اڳتي هلي ٻيهر زنده ٿي سگهي ٿي. جيئن ماضي جا تجربا شاهد آهن، ان موجب اسان کي گهرجي ته پنهنجي مملڪت کي ان تنگ تر سرحد ۾ مستحڪم طرح سان قائم ڪري سگهون، جيئن اتي جي باشندن کي امن ۽ خوشحاليءَ جي تازي حياتي ملي سگهي. اميد ته اوهان جي مدد سان ۽ اعتماد سان اسان نيٺ ٻيهر ڪامياب ٿينداسون“

واضح رهي ته چيڪ قوم تاريخي جذبي جي قوت جي پويان هلڻ کان انڪار ڪيو، پر ان جي مقابلي ۾ پنهنجي مملڪت جي سرحدن کي گهٽائڻ قبول ڪيو.

ترڪي ــــ مرد بيمار:

1953ع ۾ ترڪيءَ لاءِ جيڪو لفظ استعمال ڪيو ويو، اهو هو ”مرد بيمار!“ اهو لفظ سڀ کان اول زار نڪولاس سينٽ پيٽرس بزرگ ۾، برطانوي سفير سان ڳالهائيندي استعمال ڪيو هو. چيو هئائين ته ”اسان جي ساٿين ۾ هڪ ساٿي ڏاڍو بيمار آهي، ممڪن آهي ته اهو اسان جي هٿن ۾ ئي مري وڃي! ان ڏينهن کان وٺي سڀني ملڪن ترڪيءَ کي ”يورپ جو مرد بيمار“ سڏڻ شروع ڪيو. ليڪن اهو ”مرد بيمار“ ترڪي صلحنامه تي دستخط ڪرڻ وقت، آخري هچڪين جي حالت ۾ به بستري تان اٿي کڙيو ٿيو! سندس جسم جو فاسد مادو ختم ٿي ويو. ترڪيءَ کان ڪي علائقا علحده ڪيا ويا. مگر هو هاڻي ”مرد بيمار“ نه رهيو. ڇا ترڪيءَ جي ان حيثيت متعلق منهنجو زاويه نگاهه درست ناهي؟ مان ان متعلق مشهور مورخ ۽ محقق ٽوئن بي جي راءِ پيش ڪيان ٿو.

ٽوئن بي جي راءِ:

 پروفيسر ٽوئن بي فرمائي ٿو ”زار، ترڪيءَ کي ”مرد بيمار“ سان تشبيهه ڏني هئي، پر افسوس جو زار نڪولاس، ان تشبيهه کي پاڻ ئي سمجهي نه سگهيو. هن مرض جي علامت تي صحيح نموني ۾ غور نه ڪيو ۽ پنهنجي زياده جذباتي تشخيص ۾ پاڻ ئي گمراهه ٿي ويو. اگر ڪو فطرت جو عالم، نانگ کي پنهنجي کل بدلائيندي، سخت پريشانيءَ ۽ عذاب جي عالم ۾ ڏسندو ته پوءِ يقينن چوندو ته نانگ بچي نه سگهندو! اهو به صحيح آهي، بيشڪ چيتو پنهنجا داغ ۽ پٽا ۽ حبشي پنهنجي ڪاراڻ کي کل جي بدلائڻ سان به بدلائي نه ٿا سگهن، ليڪن اسان جي معلمِ فطرت، اگر پنهنجي مطالع کي ڪجهه وسيع ڪيو وهجي ها ته پوءِ کيس معلوم ٿي وڃي ها ته هڪ نانگ کان ٻئي صورتون پيدا ٿي سگهن ٿيون، هو مري به سگهي ٿو ۽ بچي به سگهي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نانگ جڏهن کل بدلائيندو آهي تڏهن کيس ڏاڍو ايذاءُ ۽ عذاب ملندو آهي ۽ عارضي طور تي هو بيهوش به ٿي ويندو آهي.ان حالت ۾ هو دشمن جي رحم ڪرم تي بيهوش ٿيو پيو هوندو آهي. پر جي هو ان حالت ۾ سرڻن ۽ ڪانون کان بچي وڃي ته سندس قلب ماهيت سان کيس ٻيو جنم ملي وڃي، تڏهن نه صرف سندس صحت کيس واپس ملي ويندي آهي، بلڪه هو نئين حياتي حاصل ڪري، نوجوان بنجي ويندو آهي.

اهوئي ترڪي جو اهو تجربو آهي، جو حال ۾ گذري چڪو آهي. ان ڪري ترڪيءَ کي ”مرد بيمار“ چوڻ بدران اگر نانگ وانگر کل کي بدلائڻ سان تشبيهه ڏني وڃي ها ته اها زياده مناسب هئي“    (مطالع تاريخ از: ٽوئن بي)

ٽوئن بي جو اهو چوڻ ڪيڏو نه درست آهي. ترڪيءَ پنهنجي ڪافي حصي تان هٿ کنيو ۽ نانگ وانگر کل بدلائڻ واري عذاب کان به گذري ويو. اڄ يقينن ترڪي هڪ هم آهنگ ۽ مستحڪم، آزاد ۽ خوشحال مملڪت جي حيثيت سان نه مرد بيمار آهي ۽ نه قريب الموت! ۽ نه ڪو منجهس اندورني انتشار جو ڪو خطرو موجود آهي. نئين ڀارت جو به اهو حال ٿيڻ گهرجي.

پاڪستان:

ڊاڪٽر امبيدڪر ايتري علمي گفتگو کان پوءِ پاڪستان متعلق هن طرح لکيو آهي ”سمجهڻ کپي ته ”پاڪستان“ هندوستان جي جسم تي هڪ غير طبعي زائد چيز آهي، اگر ٻنهي کي هڪ رسي ۾ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته پوءِ هندوستان، ايشيا جو ”مرد بيمار“ بنجي ويندو. پاڪستان ۽ هندوستان کي اگر ملائڻ تي اصرار ۽ تڪرار، ضد ۽ اختلاف قائم رکيو ويندو ته پوءِ اهو گويا ” ٻن مختلف جنسن جي غير فطري وحدت“ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويندي. ڪانگريسي نيتائن جي دماغ ۾ اها ڳالهه اڃا نه ٿي ويهي، جي چئي رهيا آهن ته ”پاڪستان“ جي وجود ۾ اچڻ سان هڪ غلط چيز وابسته آهي ۽ اها آهي، هندوستان جا ٽڪر ٽڪر ٿيڻ، پر کين اهو سمجهڻ گهرجي ته ائين ڪرڻ سان وڏي ۾ وڏو فائدو جيڪو پيدا ٿيندو، سو اهو آهي ته ائين ڪرڻ سان ئي ٻنهي ۾ هم آهنگي پيدا ٿي ويندي. اگر هند کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو ته پوءِ هر ڪو حصو زياده تعمير پسند ثابت ٿيندو، ڇو ته هر ڪنهن حصي وٽ، هڪ علحده ثقافتي اتحاد ۽ مذهبي هم آهنگي موجود رهندي. منهنجو هي خيال ”هند“ جي خير خواهي جو خيال آهي ۽ ڪانگريس جي هندو جارحانه اڪثريت جي ضد جي اصلاح لاءِ آهي.

اڇوت:

ان سلسلي ۾ اسان اڇوتن کي به فائدو پهچندو، ڇو ته جيڪي اڇوت پاڪستان ۾ رهندا، سي ڄڻ ته پنهنجن مٽن مائٽن، عزيزن ۽ ڀائرن ۾ رهجي ويندا. ”مسلمان“ سڀ کان زياده فراخ دل، انسانيت پسند ۽ انسان نواز آهي، ان ڪري اڇوتن کي جيڪي حق ملي سگهندا، اوترا حق کين نه ڀارت ۾ ملي سگهندا، ۽ نه ئي يورپ ۾ ۽ آفريڪا ۽ آسٽريليا ۾، جتي مذهب، رنگ، اڇي ۽ ڪاري چمڙيءَ جا جڳهڙا موجود آهن.

ڪانگريس جا دليل:

منهنجي خيال ۾ ڪانگريس وارن جا دليل اهڙا آهن، جهڙا اهي بدن جي ”روح“ کان محروم هجن. انهن اڃا تائين برصغير جي سياسي حل کي ايترو نه سمجهيو آهي، جيترو قائداعظم محمد علي جناح سمجهيو آهي. اسان کي ان مان ٻيو فائدو اهو به ٿيندو ته خوشحال پاڪستان جي اڇوتن جي خوشحاليءَ جو اثر، لازمي طرح سان باقي بچيل هندوستان تي پوندو. انهن جي ليڊرن ۽ اقتدار وارن جي ذهني استبداد ۾ ڪجهه نه ڪجهه اعتدال ايندو. يقين آهي ته اڳتي هلي، پاڪستان جي موجودگيءَ ۾ ڀارت جو برهمڻ، اسان اڇوتن کي ڪجهه وڌيڪ رعايتن ۽ حقن ڏيڻ لاءِ تيار ٿئي، ۽ اسان جي مطالبي ”اڇوتستان“ کي قبول ڪري وجهي. اهو اگرچه منهنجو قياس آهي، ڇالاءِ ته برهمنزم، اهڙي قسم جي دل ۽ دماغ کان محروم آهي، جا اسان جي جائز ”اڇوتستان“ کي سمجهي سگهي جو ذهن ”پاڪستان“ کي سمجهي نٿو سگهي اهو اڇوتستان جي رسومات ۽ بي ڌرم ڪرم معاشري کي ڪيئن سمجهي سگهندو؟ پر زماني جو انتظار ڪرڻ گهرجي. ان طرح برهنزم اهو به محسوس ڪري رهي آهي ته ”پاڪستان“ کي تسليم ڪرڻ سان ”اڇوتستان“ لاءِ دروازو کلي پوندو، جنهن کي هندو برهمنزم ڪڏهن به ختم ڪري نه ٿي سگهي. بهرحال اسان لاءِ هر خيال سان ”پاڪستان“ مفيد ۽ معاون ثابت ٿيندو“

ڊاڪٽر امبيدڪر جا خلافت جي ناڪامي لاءِ رايا:

ڊاڪٽر امبيدڪر، گانڌي جي قيادت ۽ حڪمت عمليءَ، تي جناح صاحب جي سياسي بصيرت کي ترجيح ڏيندي، ڪيئي تاريخي واقعا بيان ڪري، پنهنجن اڇوتن کي به تنبيهه ڪئي اٿس، ۽ ان سان گڏ هندوستان جي ٻين اقليتن، سکن، پارسين ۽ عيسائين کي به خبردار ڪيو اٿس. ان سلسلي ۾ اهو به ٻڌايو اٿائين ته ”مبادا منهنجي لاءِ ائين چيو وڃي ٿو ته مان هڪ اڇوت ليڊر جي حيثيت سان، رقابت جي جذبي ڪري، ڪانگريس ۽ مهاتما گانڌيءَ جي مخالفت ڪري رهيو آهيان، ان ڪري پنهنجي راءِ کان اڳ، ڪانگريس ۽ خلافت جي وڏي ليڊر ۽ هندوستان جي عظيم محب وطن سياستدان جي راءِ کي پيش ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان“

مولانا محمد علي جوهر جو احتجاج:

مولانا ”جوهر“ پشاور ۾ 25 ـــ ڊسمبر 1927ع تي هڪ عظيم اجتماع کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته مهاتما گانڌيءَ مسلمانن سان ڇا ڇا ڪيو آهي. مولانا محمد علي ”جوهر“ چيو:

”ڪانگريس کي انڊين نيشنل ڪانگريس اصل ۾ اسان مسلمانن بنايو آهي، ان کان اڳ ڪانگريس عافيت پسندن جي رڳي تقرير گاهه هئي، مگر جڏهن مان ۽ منهنجو ڀاءُ شوڪت علي، ڪانگريس ۾ داخل ٿياسون، تڏهن ان ۾ انقلابي روح پيدا ٿيو، چنانچه ڪلڪته ڪانگريس ۾ لالا لجپتراءِ جي مخالفت هوندي ”ترڪ موالات“ کي ڪانگريس قبول ڪيو، بلڪه ان کي علامت ۽ شعار طور قبول ڪيائين“

ٻيو ته اها حقيقت اسان کي هميشه فخر سان ياد رهندي ته سڀ کان اتم هندو رهنما مهاتما گانڌي به هميشه خلافت جي سرمايه تي دورو ڪندو هو. اسان جي قيد ٿيڻ واري زماني ۾ به مهاتما جي، سياسي دورن جو خرچ خلافت کان وٺندو رهيو، حتيٰ ڪه ڪانگريس فنڊ لاءِ هڪ ڪروڙ جي رقم گڏ ڪرڻ لاءِ جيڪو ملڪ گير دورو ڪيائين، ان جا مصارف به مجلس خلافت ادا ڪيا، جنهن مان ثابت آهي ته ڪانگريس جي روح روان تحريڪ خلافت ۽ مجلس خلافت هئي“

ان واقعي کانپوءِ ڊاڪٽر امبيدڪر، ان واقعي جي تصديق ڪندي، پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان جي باري ۾ چند خيالات“ ۾ لکي ٿو:

”9 جون 1920ع تي خلافت ڪانفرنس الله آباد ۾ منعقد ٿي ۽ ان ۾ متفقه طور تي ”ترڪ موالات“ جي اصول ۽ پروگرام کي واضح طرح سان مرتب ڪيو ويو ۽ ان لاءِ هڪ خاص ڪميٽي ٺاهي ويئي، 24 جون 1920ع تي مسلمانن وائسراءِ هند کي هڪ پيغام موڪليو ته اگر 1 آگسٽ 1920ع کان اڳ ترڪن جون شڪايتون ختم نه ڪيون ويون ته پوءِ اسان ”عدم تعاون“ جي تحريڪ شروع ڪنداسون. آخر ڪار 30 جون 1920ع تي خلافت ڪميٽي جو هڪ اجلاس الله آباد ۾ شروع ٿيو. ان ۾ هڪ ٺهراءُ ذريعي ظاهر ڪيو ويو ته وائسراءِ هند کي هڪ مهيني جي نوٽيس ڏيڻ کان پوءِ ترڪ موالات ۽ قطع تعلقات جي پروگرام کي ۽ 31 آگسٽ 1920 ع تي تحريڪ ترڪ تعاون، خلافت پاران شروع ڪئي ويئي.

ڪانگريس جي اسپيشل اجلاس ڪلڪته، زير صدارت لالا لجپتراءِ، اگر ڪجهه ڪيو ته فقط اهو ڪيو ته صرف خلافت جي پروگرام کي قبول ڪيو ويو.

ان ئي دور ۾ محمد علي جناح، گانڌيءَ متعلق عدم اعتماد جو اظهار ڪري، ظاهر ڪيو ته گانڌيءَ جي تخريب پسندي، آزادي وطن جي جدوجهد کي سخت نقصان پهچائيندي. اها تحريڪ نهايت غلط قيادت ۾ شروع ڪئي ويئي آهي. گانڌي جي، آخري تائين هن تحريڪ جو ساٿ ڏئي نه سگهندو ۽ مسلمانن کي جاني توڙي مالي سخت نقصان پهچندو.

(آزادي هند ــ مولانا آزاد ــ مترجم آر . اي جعفري)

مولانا آزاد جي تصديق:

ان سلسلي ۾ مولانا آزاد پڻ تصديق ڪري، گانڌي جي تي سخت ڇوهه ڇنڊيا آهن. مولانا آزاد ”آزاديءَ هند“ ۾ لکي ٿو:

”چوري چورا جي حادثي ڪري گنڌي جي، ”تحريڪ ترڪ موالات“  کي ترڪ ڪري ڇڏيو. سندس اهو فيصلو سياسي حلقن ۾ سنگين ترين رد عمل ۽ ملڪ ۾ بي حوصلگيءَ جو سبب بنيو. حڪومت ان حالت ۾ پورو پورو فائدو ورتو. گانڌي جيءَ کي گرفتار ڪي ويو ۽ کيس 6 سال سزا ڏني وئي ۽ تحريڪ عدم تعلقات ۽ ترڪ موالات آهسته آهسته ختم ٿي ويئي“ (ص17،16،18)

مولانا فقط ايترو ئي لکيو آهي، ورنه هزارها مسلمان جيلن ۾ وڌا ويا، لکن جون جائدادون تباهه ڪيون ويون، هزارها مسلمانن جي ملازمت ختم ڪئي وئي، تعليم جي سلسلي ۾ مسلمان ڪاليج بلڪ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ کي بند رکيو ويو، پر ان جي مقابلي ۾ بنارس جي هندو يونيورسٽي بند نه ڪئي وئي. آخرڪار تحريڪ جي ناڪامي کانپوءِ ڪيترن هندو قيدين جي ترغيب تي مسلمانن به معافي وٺي، آزادي حاصل ڪئي. ”خلافت“ جو روح ختم ٿي ويو. پر ان سان گڏ گانڌيءَ جيءَ تان مسلمانن جو اعتماد ختم ٿي ويو ۽ اهو ئي ٿيو، جنهن جي پيشنگوئي، قائداعظم محمد علي جناح ڪري چڪو هو، ان جو حرف حرف درست ثابت ٿيو.

اڇوت ليڊر بئريسٽر اي ــ ڪرپلائي پاران قائداعظم جي تائيد:

اي ــ ڪرپلائي جي حق گوئي: ڊاڪٽر امبيدڪر وانگر، مسٽر اي ڪرپلائي، مدراس جي بئريسٽر ۽ اڇوت ليڊر حق گوئيءَ جي فرض ادائي ڪندي، جناح صاحب ۽ پاڪستان جي تائيد ڪئي آهي.

مسٽر اي ــــ ڪرپلائي، انهن اڇوت ليڊرن مان هو، جي ڏکڻ هندوستان کي هندن جي اعلانات جي شهنشاهت کان بچائڻ لاءِ سخت جدوجهد شروع ڪري چڪاهئا، ۽ ڊاڪٽر امبيڊڪر جي تائيد ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون هيون، سندس چوڻ ته اسان ڪڏهن به هميشه لاءِ، اعليٰ ذات وارن هندن جي ’اڪثريت‘ واري دعويٰ اڳيان نه جهڪنداسون ۽ نه ڪو هندوستان کي ۽ ڪروڙها اڇوتن ۽ مسلمانن وغيره کي هندن جي جارحانه ذهنيت جو غلام ٿيڻ ڏينداسون.

ان سلسلي ۾ سندس هڪ مفصل مضمون جا چند اقتباس پيش ڪجن ٿا:

        (1) ”قائد اعظم هندوستان جي سڀني گروهن لاءِ  آزادي چاهي ٿو؛ هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جڏهن به آزادي ملي، تڏهن ڪو به فرد،ڪنهن جو غلام نه هئڻ گهرجي، بلڪ هت اهڙي جمهوري حڪومت جو راڄ اچڻ گهرجي، جنهن ۾ هر قوم کي آزاديءَ جي طريقن تي هلڻ جو اختيار مليل هجي.  

(2) ”قائد اعظم ايسوسئيٽيڊ پريس آف آمريڪا کي بيان ڏيندي، بلڪل ترقي پسندانه ۽ روشن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن کائنس پڇا ڪئي ويئي ته ”پاڪستان ڪيئن بنايو ويندو؟“ تڏهن جناح صاحب پوري اطمينان ۽ ديانتداري سان جواب ڏنو ته ”ان جو فيصلو ايندڙ حالات، بين الاقوامي حالات، ۽ قومي حالات، ۽ ان سان گڏ ٻين سڀني اهڙن فرقن جي مشوري جي روشنيءَ ۾ ٿي سگهي ٿو، جي پاڪستان ۾ آباد ٿيندا.“ اهڙو جواب صرف اهڙو شخص ئي ڏئي سگهي ٿو، جو حق پسند، انصاف پسند ۽ جمهوريت پسند ٿي سگهي ٿو. ليڪن هڪ ڊڪٽيٽر جي خيال ۽ جذبات وارو ماڻهو، فورن ”بلوپرنٽ“ ( تجويز جو ڪاخو) پيش ڪري ڇڏي ٿو. جيئن جواهر لال ”اکنڊ ڀارت“ جي متعلق  بنا سوچڻ ۽ ويچار ڪرڻ جي،سڀني حالتن کي نظر انداز ڪري، جذباتي انداز ۾ پنهنجو ”بلو پرنٽ“ شايع ڪري ڇڏيو.

(3) پاڪستاني تخيل: لکي ٿو: ”اها حقيقت آهي ته پاڪستاني تخيل صوبائي آزادي 1935ع جي ايڪٽ کان تمام گهڻو ترقي پسند آهي. اها پيشڪش، سائمن ڪميشن ۽ نهرو رپورٽ کان گهڻو وڌيڪ پرامن هندوستان جي هڪ پيشڪش آهي.

(4) ”منهنجي مخلصانه راءِ آهي ته قائد اعظم جي پاڪستان سان ئي هندوستان جي پيچيدي مسئلي کي حل ڪري سگهجي ٿو؛ ان سان ئي امن امان قائم رهي سگهندو. اهو ملڪ بچي ويندو، جو دشمنيءَ ۽ فساد  ۾ گهيرجي چڪو آهي.

(5) پاڪستان جو اهو منصفانه تخيل، جو قائد اعظم پيش ڪيو آهي، غور ڪرڻ کان پوءِ ان کان ڪوبه غفل وارو انڪار ڪري نه ٿو سگهي. ان ۾ رهڻ کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. جڏهن پاڪستان ۾ ترقي پسندانه جمهوريت قائم ٿيندي، تڏهن ان ئي طرز تي هندوستان جي ٻين صوبن ۾ ان ئي قسم جون جمهوري حڪومتون قائم ٿي سگهنديون.

(6) پاڪستان کي تسليم ڪرڻ زياده معقول آهي، پر ان جي مقابلي ۾، غير ضروري ۽ غيرتاريخي  ”رام راڄ“ ۽ ”اکنڊ ڀارت“ کي قبول ڪرڻ ۾ ڪهڙي عقلمندي آهي؟

(7) جي اڄ ”اکنڊ ڀارت“ جا نعرا هڻي رهيا آهن، اهي قائداعظم جي مقابلي ۾ ڄامڙا، پست قدم ۽ پست عقل آهن؛ اهي اڃا ٻاراڻي وهيءَ ۾ آهن، ۽ اڃا بالغ نه ٿيا آهن. اگر هو پختا سياستدان هجن ها ته اهڙا بي معنيٰ ۽ غير مفيد نعرا نه هڻن ها، جن سان هندوستان جي سڀني قومن جي آزاديءَ جي حق کي غصب ڪري، رڳو ڪانگريس جي هندوانه ذهنيت وارن تنگ نظر، متعصب ۽بي شعور ماڻهن جي هٿن ۾ اقتدار سونپڻ جو رنگ ۽ ڍنگ موجود آهي.

(8) ڪانگريس ۽ ”رام راڄ“ ۽ اکنڊ ڀارت جا نعرا هڻڻ وارا پست قد ماڻهو اهو به سمجهي نه ٿا سگهن، ته حقيقي اتحاد،عام آزادي ۽ مساوات فقط دلي ميلاپ سان حاصل ٿيندا آهن، اهڙن ماڻهن جي هنگامي ۽ وقتي جماعت بنديءَ سان آخر ميلاپ جي اميد رکڻ، جنهن جو فرد فرد جدا جدا نظرئي ۽ ڪردار سان وابسته آهي، خام خيالي ناهي ته آخر ڇا آهي؟ اهو مصنوعي اتحاد، منتشر ۽ رنجيده دلين کي ڪٿي ٿو ملائي سگهي.

مان قائد اعظم جي پاڪستان جي دل سان تائيد ٿو ڪريان، ڇالاءِ ته پاڪستان اسان اڇوتن جي تحفظ ۽ دفاع، ترقيءَ ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ نه رڳو فقط سازگار ماحول پيدا ڪندو،پر ان سان گڏ هندوستان به مجبور ٿيندو ۽ اسان جي حقن جي اڳيان سر جهڪائيندو.“

( ”قائد اعظم اور ان کان عهد“ ص 364-366 آر– اي. جعفري. ۽ 100-101 کان 103 امبيدڪر، بحواله ڪتاب مذڪور،)

هي آهن قائد اعظم ۽ تحريڪ پاڪستان ، توڙي گانڌي جي ۽ ڪانگريس متعلق ٻن مشهور اڇوت ليڊرن جا خيالات، جن جو غور ۽ سنجيدگيءَ سان مطالع ڪرڻ گهڻين پوشيده حقيقتن جي نقاب ڪشائي ڪري ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com