بمبئي سرڪار جي ماهرن جو جيستائين تعلق آهي، اهي
اڳ ۾ ئي سنڌ لاءِ سرد مهريءَ کان ڪم وٺي رهيا آهن،
پر اهو خيال ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ جي مسئلن جي نوعيت
ئي الڳ آهي. انهن مسئلن کي سنڌ ۾ متعلقه کاتن جا
سربراهه چڱيءَ طرح سان ڄاڻن ٿا، انهن جي توثيق
بمبئي جا ماهر به ڪري چڪا آهن، اهي مسئلا بمبئيءَ
سان گڏ هئڻ جي حالت ۾ به موجود آهن ۽ جدائيءَ ۽
علحدگي جي حالت ۾ به موجود رهندا، جيستائين بتدريج
سڀ مسئلا وڃي پايئه تڪميل تي پهچن، جي ظاهر آهي ته
علحدگيءَ ۽ جدائي جي حالت ۾ حل ٿي سگهندا. گڏيل
حيثيت سان ته انهن جو حل ٿيڻ جو ڪو سوال ئي پيدا
نه ٿو ٿئي.
هيتري ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ، ان ٽئين مسئلي تي ڪجهه
روشني وجهنداسون، جو آهي مالي اعتراض. هڪ طرف سنڌ
جي انتظاميه جو خرچ ۽ ٻئي طرف سکر بئراج جو خرچ.
ان
سلسلي ۾ سمجهڻ گهرجي ته سکر بئراج متعلق اصل ۾
بمبئيءَ سرڪار تي ڪو به بار ڪونه آهي، ان جو خرچ
ڀارت سرڪار کان قرض طور ورتو ويو آهي، جيڪو سنڌ
مان ئي واپس ڪيو ويندو. بمبئيءَکي ته پوسٽ آفيس جو
ٿورو گهڻو خرچ ڪرڻو پوندو.
باقي
انتظاميه جي خرچ جو جيتري قدر تعلق آهي ته پوءِ ان
متعلق اول اهو ته ثابت ڪيو وڃي ته ڇا واقعي سنڌ هڪ
کٽل علائقو آهي! حقيقت ۾ سنڌ جو صوبو کٽل نه، پر
شاهوڪار ۽ پيداوار وارو سکيو ستابو صوبو آهي.
افسوس آهي جو خود بمبئي سرڪار وٽان، ڪيترين ئي
التجائن ڪرڻ جي باوجود حقيقي انگ اکر اڃا تائين
اسان کي نه ملي سگهيا آهن.
ڪائونسل جي سوال ڪرڻ تي ايوان ۾ هيٺيان انگ اکر
پيش ڪيا ويا آهن، جيڪي تازه ترين تصور ڪرڻ گهرجن.
22
ـــ 1923ع، 23 ــــ 1924ع، 24 ــــ 1925ع
آمدني 180419241954
خرچ
22145202422094
انهن
انگن اکرن ۾ هيٺيون خرچ شامل آهي.
الف:
آبپاشي ڪيپيٽل خرچ
ب:
متفرقه آبپاشي خرچ
ج:
سول تعميرات تي خرچ
هنن
مان اڌ ڪيپيٽل ڪمن تي خرچ ڪجي ٿو. لهاذا نظرثاني
خرچ ٽنهي سالن جو هن ريت آهي.
17441-17247-18044
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته رواجي اخراجات بعد سنڌ جي بجيٽ
۾ ساليانه 1345 لکن جي بچت آهي. خود بمبئي سرڪار
جي اندازي موجب انتظاميه تي وڌيل خرچ به ڏهن لکن
کان وڌيڪ نه ٿيندو، پر ان جو به ته ڪو امڪان ناهي
ته سنڌ کي به بمبئي جهڙو وڌيڪ خرچائو انتظام قبول
ڪرڻو پوندو.
ٻين
صوبن جو في ماڻهو خرچ جو تفصيل هن ريت آهي.
صوبو |
آبادي |
هلندڙ خرچ |
في ماڻهو خرچ |
آسام |
6،700000 |
28163000 |
0-0-4 روپيا |
بنگال |
46،000000 |
111079000 |
0-6-2 روپيا |
بهار ۽ اوڙيسا |
39،400000 |
607045000 |
0-8-1 روپيا |
بمبئي |
26،200000 |
160151000 |
0-3-6 روپيا |
برما |
12،500000 |
95092500 |
0-8-7 روپيا |
سي پي |
15،700000 |
58836463 |
0-0-4 روپيا |
مدراس |
44،300000 |
15166000 |
0-8-3 روپيا |
پنجاب |
25،000000 |
125214000 |
0-0-5 روپيا |
مٿين
انگن اکرن کي خيال سان ڏسڻ گهرجي، ته 33 لک عوام ۽
190 لک ساليانه، آمدني سان، سنڌ في ماڻهو تي 5
روپيا خرچ ڪري سگهي ٿي، اهو اندازو مٿي ڪيل خرچ
مقابل ٿي سگهي ٿو.
انهيءَ اقتصادي صورتحال جي موجودگيءَ ۾ بار يا
تخفيف جي ڪا به صورت پيدا ٿي نٿي سگهي.
باوجود ان جي سنڌ جي باشندن اهو قبول ڪيو آهي ته
ضرورت جي حالت ۾ هو مزيد ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ تيار
آهن .
بهرحال هنن سڀني حقيقتن مان ظاهر آهي ته سنڌ کي
علحده ڪرڻ سان ڪا تڪليف پيدا نه ٿيندي.
(3)
سر
شاهنواز خان ڀٽي مرحوم جي اها تقرير فيصله ڪن ثابت
ٿي، گول ميز ڪانفرنس ۾ اثرائتي رهي ۽ سنڌ کي
بمبئيءَ کان نجات ۽ آزادي نصيب ٿي.
سر
شاهنواز ڀٽي مرحوم مٿئين تقرير ۾ چيو آهي ته :
”اهو
خيال به رهي ته ڪميٽيءَ جي هڪ ميمبر سيد ميان محمد
شاهه سنڌ جي آزاديءَ ۽ علحدگيءَ جي حمايت ۾ نهايت
زوردار، مدلل ۽ اثرائتي تقرير لکي آهي“
هت
مناسب سمجهندي مرحوم سيد ميران محمد شاهه جي تقرير
مان هڪ اقتباس پيش ڪجي ٿو:
”مون
کي خبر نٿي پوي ته جڏهن صوبن کي حق خود آزاديءَ جي
بنياد تي جدا صوبي بنائڻ جو اصول عام طرح سان قبول
ڪيو وڃي ٿو، ته پوءِ ڪهڙن بنيادن تي ڪن صوبن کي
وڌيڪ اختيار ۽ ڪن کي گهٽ اختيار ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي
وڃي ٿي! اها گهر رڳو سنڌ طرفان نه ڪيل آهي، پر
آسام ۽ ٻين صوبن طرفان به جدا صوبي ڪرڻ جي ٿيل
آهي. جيڪڏهن انهن کي جدا ڪيو ويندو ته پوءِ ڪهڙي
طرح سان اسان کي اهڙي حق کان محروم رکڻ جائز
ٿيندو! جدا صوبن بنائڻ لاءِ جن ايراضين طرفان گهر
ڪئي ويئي آهي. انهن مان برٽش بلوچستان ۽ اتر
اولهندي سرحدي ايراضيءَ طرفان به تقاضا ڪيل آهي.
انهن ايراضين جي رهاڪن کي ته جمهوري اسيمبلي ۾ ڪم
ڪرڻ جو تجربو به ناهي. اهو تجربو اسان بمبئي
ڪائونسل ۾ رهي پرائي ورتو آهي. پوءِ پتو نٿو پوي
ته ڪهڙي اصول جي آڌار تي، بمبئيءَ سان گڏ رهڻ جي
حالت ۾ وڌيڪ حقن ملڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ۽ جدا
رهڻ ڪري انهن جي گهٽجڻ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو!
”پر
آئون ته بمبئيءَ ۾ غلاميءَ ۾ رهڻ ڪري، وڌيڪ حق ملڻ
کان سنڌ جي جدا صوبي بنائڻ خاطر موجوده آئين تي به
راضي رهڻ لاءِ تيار آهيان. آخر غلاميءَ کان ٿوري
آزادي به بهتر آهي!“
ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
قائداعظم ـــ آزاديءَ جي جدوجهد ۽ سنڌي مسلمان
(نوٽ: برصغير جي سياسي تاريخ ۾ سنڌ کي بنيادي ۽
مرڪزي حيثيت حاصل آهي. ان جي ثبوت ۾، سنڌ جي مشهور
اهل علم ۽ فاضل شخصيت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ
جو هي تحقيقي شاهڪار پيش ڪجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جو هي
مقالو، تاريخي ترتيب، احتياط ۽ اعتدال جي سهڻي
انداز ۾ لکيو ويو آهي. ڪيترا مسئلا اگرچه نهايت
اختصار سان بيان ڪيا ويا آهن تا هم مطالع وارا ان
جي تفصيل کي چڱي طرح سان سمجهي سگهن ٿا. هن مقالي
جا ٽي حصا آهن. هڪ حصي ۾ سنڌ جي ليڊرن جي سياسي
ڪارنامن جو ذڪر موجود آهي، جي انهن بزرگن خلافت
تحريڪ، هجرت تحريڪ، ترڪ موالات تحريڪ، مسلم ليگ ۽
سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري تحريڪ ۾ سرانجام ڏنا.
ان طرح ٻئي حصي ۾ مسلم ليگ جي تاريخ، ارتقا ۽ آل
انڊيا مسلم ليگ بنجڻ تائين سندس مختلف مرحلن کي
ترتيب ۽ تاريخ وار بيان ڪيو ويو آهي؛ ٽئين حصي ۾
قائداعظم جهڙي جليل القدر سياستدان جي سياسي
جدوجهد، ان جي مختلف تاريخي مرحلن، ڪانگريس کان
ويندي مسلم ليگ تائين عملي ڪوششن، ملڪ لاءِ
مخلصانه ۽ دليرانه خدمتن، انگريزن ۽ ڪانگريس سان
اختلافي مسئلن، پنهنجي موقف جي صداقت لاءِ، سندس
دليلن ۽ نتيجن تي جامع ۽ ڪشش انگيز بحث ڪيو ويو
آهي. ان طرح انهن ٽنهي حصن کي ملائي، ٻڌايو ويو
آهي ته اهي سڀ گويا پاڪستان جي تاريخ جا مکيه
مرحلا آهن. اميد ته هي شاهڪار، سياست ۽ تاريخ سان
دلچسپي رکندڙ اهل ذوق عالمن ۽ شاگردن لاءِ معلومات
افزا ثابت ٿيندو. غ. م. گ)
تاريخ شاهد آهي ته محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ
کان پوءِ، سنڌ تي لاڳيتو مسلمانن جي حڪومت رهي.
ٽالپرن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد، پهريون ڀيرو سنڌ تي
غير مسلم راڄ ڪرڻ لڳا.
انگريزن جي اچڻ کان پوءِ هن ملڪ ۾ انگريزي تعليم
جو رواج پيو. جيئن ته انگريز دغابازيءَ سان سنڌ
فتح ڪئي هئي، تنهن ڪري عالمن توڙي عوام کي انگريزن
کان نفرت هئي. انهيءَ ڪري شروع ۾ انگريزي تعليم جي
مخالفت ڪئي وئي. ان جي باوجود ڪجهه سمجهدار ماڻهن
ان طرف توجهه ڏنو، ڇاڪاڻ ته هندو انگريزي تعليم
حاصل ڪري سرڪاري عهدا هٿ ڪري رهيا هئا. سر سيد
احمد جي تحريڪ کان متاثر ٿي، حسن علي آفندي مرحوم
”نيشنل محمدن ايسوسيئيشن“ جي شاخ ڪراچيءَ ۾ قائم
ڪئي ۽ 1885ع ۾ ڪراچي ۾، مسلمانن جي تعليم لاءِ
”سنڌ مدرسته الاسلام“ جو بنياد وڌو. علي ڳڙهه
تحريڪ جي سلسلي ۾ هندوستان جي مسلمانن ۾ تعليم
وڌائڻ لاءِ ”آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس علي
ڳڙهه“ قائم ڪئي وئي“ جيڪا هندستان جي مختلف هنڌن
تي تعليمي ڪانفرنسون منعقد ڪري، مسلمانن جا تعليمي
مسئلا سلجهائي رهي هئي. انهي اداري جو ڌيان سنڌ جي
مسلمانن جي تعليم ڏانهن به ڇڪايو ويو. ان جي نتيجي
۾1907ع ۾، ڪراچيءَ ۾، مولانا حاليءَ جي صدارت ۾
ڪانفرنس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻين تجويزن سان گڏ
تعليمي فنڊ، جي تجويز به بحال ٿي، جنهن موجب حڪومت
کي درخواست ڪئي ويئي ته هو سنڌ جي مسلمان زميندارن
کان ڍل سان گڏ هڪ پيسو في روپيو تعليمي ٽيڪس وصول
ڪري، ۽ اهڙيءَ طرح جيڪو پيسو گڏ ٿئي، اهو سنڌ جي
مسلمانن جي تعليم تي خرچ ڪيو وڃي .
ان
کان پوءِ 1910ع ۾، آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل
ڪانفرنس جو اجلاس خيرپور ۾ ٿيو، جنهن جو پڻ سٺو
نتيجو نڪتو. اهڙيءَ طرح سنڌ جا سڄاڻ مسلمان تعليم
طرف توجهه ڏيڻ لڳا، ۽ سنڌي مسلمان هوريان هوريان
نئين تعليم پرائڻ لڳا.
تعليم سان گڏ سنڌي مسلمانن ۾ سياسي ۽ قومي شعور به
پيدا ٿيڻ لڳو. انگريزن جي ڪوشش سان، 1885ع ۾
ڪانگريس قائم ٿي ۽ گڏيل هندستان جي مسلمانن جي
ڪوشش سان 1906ع ۾ مسلم ليگ قائم ٿي. انهن ٻنهي
وڏين سياسي جماعتن جا جلسا، وقت بوقت سنڌ جي مرڪزي
شهر ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيندا رهيا.
آخرڪار انهن ٻنهي جماعتن جون صوبائي شاخون به سنڌ
۾ قائم ٿيون. مسلم ليگ جي شاخ، پهريون ڀيرو،
باشعور ۽ مخلص سياسي رهنما غلام محمد خان ڀرڳڙي جي
ڪوششن سان 1917ع ۾ قائم ٿي.
اهڙيءَ طرح سنڌ جي مسلمانن سياست ۾ دلچسپي وٺڻ
شروع ڪئي، ۽ حڪومت ۾ پنهنجي حصي وٺڻ لاءِ پاڻ
پتوڙڻ شروع ڪيائون.
شروع
کان سنڌ جي مسلمانن کي اسلام ۽ مسلمانن سان بيحد
محبت رهي آهي. ان زماني ۾ ترڪيءَ جو بادشاهه،
مسلمانن جو خليفو سڏيو ويندو هو. انهيءَ ڪري سنڌ
جي مسلمانن کي ترڪيءَ سان محبت هئي. هوڏانهن انهن
ڏينهن ۾ وڏي عرصي کان برطانيه ۽ عيسائي حڪومتن جون
ترڪيءَ خلاف سازشون هليون ٿي آيون. انهن جيڪي
حرڪتون ۽ سازشون ڪيون. انهن کي مختصر نموني ۾ هن
طرح بيان ڪري سگهجي ٿو:
1858ع ۾ مولڊيو ۽ ولاچيا جي عيسائي رعيت کان بغاوت
ڪرائي، اليگزينڊر ڪورا کي پنهنجيءَ حمايت ۾ انهن
رياستن جو امير مقرر ڪيو.
1858
۾ ولاچيا ۽ مولڊيو جي ماڻهن گڏجي رومانيا ۾ بغاوت
ڪرائي. صليبين (عيسائين) ”باب عالي“ (ترڪيءَ جو
خليفو) تي زور رکي، رومانيا کي آزاد ڪرايو ۽
جرمنيءَ جي شهزادي چارلس کي ان جو فرمانروا مقرر
ڪيو.
1875ع زار روس بين الاقوامي معاهدن جي خلاف ورزي
ڪندي، ڳاڙهي سمنڊ ۾ پنهنجو بحري ٻيڙو موڪليو ۽
ترڪيءَ جي ڪن ساحلي علائقن تي قبضو ڪيو.
1876ع ۾ صليبين جي سازش تي بلقان ۾ شورش برپا ٿي ۽
وري ظاهري طرح مداخلت ڪري ”باب عالي“ کان باغين جا
مطالبا مڃرايا.
1877ع ۾ روس بلقان تي حملو ڪيو، لڙائي ڪيترن ئي
مهينن تائين هلي. آخر ترڪيءَ کي شڪست ملي ۽ روس
ايڊريالوپل فتح ڪيو. 1881ع ۾ يورپ جي صليبين جي
مداخلت تي صلح ٿيو.
1890ع ۾ فرانس تيونس تي حملو ڪري، پنهنجي هٿ ڪيو،
جيڪو ترڪيءَ جو صوبو هو. 1904ع ۾ فرانس مراقش تي
قبضو ڪيو.
ثابت
آهي ته برطانيه جو انهن سڀني سازشن ۾ هٿ هو، ان
ڪري گڏيل هندستان جي مسلمانن جو انگريزن کان نفرت
جو هڪ سبب اهو به هو ته انهيءَ ڪري هتي جا مسلمان
انگريزن کان بيحد متنفر هئا.
1910ع ۾ اٽليءَ طرابلس تي حملو ڪيو، جيڪو ترڪي جو
پرانهون علائقو هو. جڏهن سنڌ جي مسلمانن ترڪيءَ جي
مسلمانن سان اٽليءَ جي ڪيل ظلمن جا داستان ٻڌا،
تڏهن اٽليءَ کان نفرت ڪرڻ لڳا. اٽليءَ جون ٽوپيون
ساڙيون ويون ۽ ترڪي ٽوپين پائڻ جو رواج عام پيو.
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جيئن ته برطانيا جي حڪومت
ترڪيءَ جي دشمن هئي. انهيءَ ڪري سنڌ جا مسلمان
انگريزن کان وڌيڪ نفرت ڪرڻ لڳا. هنن جي پوري پوري
دلي همدردي ترڪيءَ سان هئي. ڪيترن سنڌي شاعرن شعر
جي ذريعي سنڌ جي مسلمانن جي جذبات جي ترجماني ڪئي
آهي.
يوناني جيئن ته ترڪيءَ سان وڙهي رهيا هئا، تنهن
ڪري ڳڙهي ياسين جي شاعر محمد آدم (ولادت 1863ع،
وفات 1948) کانئن نفرت جو اظهار هن طرح ڪيو:
خدايا ! ظالمن جي ڪر تباهي ڪارزاري اڄ،
صليبي سرنگون سڀئي، تنين ڪر زارخواري اڄ،
خوشي هٿ ڪانه ڪا آهي، يوناني غرق ٿيا سمنڊن،
ٻڏي ٻيڙي حڪومت جي، مٿس قادر قهاري اڄ،
خوشي خاوند يونانين تي، ڪئي ڪوڙي زهر قاتل،
ڦرن حيران سرگردان تنين سڀني خواري اڄ،
ڪئي هاتف ندا حق جي، ”حاجي“ ڪن تي پئي هاڻي،
”ڪمالن“ جي ڪمالي ٿي، تنين کي رستگاري اڄ.
ان ۾
ترڪي جي سالار اعظم، ڪمال پاشا ڏانهن اشارو آهي،
جو ان وقت فوجن جو ڪمانڊر ان چيف هو.
1918ع ۾ بلغاريا، سرويا ۽ يونان گڏجي مقدونيا ۾
بغاوت ڦهلائي. مٿئين شعر ۾ انهيءَ واقعي جو ذڪر
آهي، جڏهن يوناني ترڪن سان وڙهي رهيا هئا. انهيءَ
کان اڳ 1908ع ۾ ترڪيءَ ۾ فوجي انقلاب آيو. انور
پاشا جي قيادت ۾ فوجين هڪ تنظيم بنائي، جنهن جو
نالو ”اتحاد المسلمين“ هو. ان جو مطلب هي هو ته
جمهوري نظام قائم ڪيو وڃي ۽ خليفي جا اختيارات
محدود ڪيا وڃن. انجمن 1908ع ۾ پنهنجي اصلاحي
پروگرام جو اعلان ڪيو.
ٿورن
ڏينهن کان پوءِ ان پارٽيءَ حڪومت تي قبضو ڪيو، ۽
بادشاهه جا اختيار محدود ڪري، حڪومت جو نظام
پنهنجي هٿ ۾ کنيو. 1912ع ۾ سرويا ۽ مونتي نيگرو،
يونان ۽ بلغاريا، روس جي اشاري تي گڏجي بلقان تي
حملو ڪيو، ان ۾ هندستان جي آزاد تحريڪن ترڪيءَ کي
مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. سنڌ مدرسته الاسلام جي
بانيءَ، حسن علي آفندي به سنڌ مان چندو ڪري
موڪليو، جنهن ڪري کيس ”آفندي“ جو خطاب مليو ۽ ان
سان گڏ ترڪيءَ پاران سفارت جي سَنَد به موڪلي
ويئي.
انگريز شروع کان ئي ترڪيءَ جا دشمن هئا، انهيءَ
ڪري سنڌ جي مسلمانن کي انگريزن کان بيحد نفرت پيدا
ٿي.
حضرت
مولانا تاج محمد امروٽي فرمائي ٿو.
ڏي
ڌڻي تون فتح ڪامل، مصطفيٰ ابرار کي،
مرد
غازين کي مدد، هر جا، سندن هرڪار کي،
ويڙهه ۾ ويرين مٿان تڪڙو ڪيو ترڪن تمام،
ڌڙ
سسيون سورهيه ڪٽن، ويرين سندي ڪاپار کي،
ترُڪ
تازا ڪر توانا، آل عثمان جي سوا،
ناس
ڪر سارا نصارا، راڄ روشن زار کي
1914ع ۾ حضرت شيخ الهند، مولانا محمود الحسن
ديوبندي هندستان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ خفيه تحريڪ
هلائي، جنهن ۾ مسلمانن ۽ هندن گڏجي ڪم ڪيو. انهن
ڏينهن ۾ حضرت شيخ الهند جو شاگرد، وڏو عالم ۽
انقلابي، حضرت مولانا عبيدالله سنڌي پير جهنڊي جي
مدرسي ۾ رهندو هو، ۽ مدرسي جو مهتمم هو. آزاديءَ
جي ان تحريڪ جي سلسلي ۾ 1915ع ۾ کيس انگريزن جي
خلاف محاذ قائم ڪرڻ لاءِ ڪابل موڪليو ويو. انهيءَ
تحريڪ جي سلسلي ۾، ملڪ اندر جيڪي مرڪز قائم ڪيا
ويا هئا، تن مان ٻه سنڌ ۾ به هئا: هڪ امروٽ ضلعي
سکر ۾ هو، جنهن جو امير حضرت مولانا تاج محمد صاحب
امروٽي هو، هي مرڪز سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ هو. لس
ٻيلي ۽ قلات لاءِ ڪراچيءَ ۾ مرڪز هو، جنهن جو امير
حضرت مولانا محمد صادق صاحب کڏي وارو هو. اها
تحريڪ جيڪا ”ريشمي رومال جي تحريڪ“ جي نالي سان
مشهور آهي، 1917ع ۾ ناڪام ٿي، مولانا عبيدالله
سنڌي پنجويهه سال جلاوطن رهڻ کانپوءِ 1939ع ۾
خانبهادر الله بخش سومري شهيد جي وزارت جي زماني ۾
۽ ان جي ڪوشش سان وطن واپس آيو.
يورپ
جي ظالم ۽ استعماري طاقتن، خاص طرح سان انگريزن،
ترڪن جي خلاف جيڪي سازشون شروع ڪيون، تن جي مدنظر،
خلافت ۽ حرمين شريفين جو تحفظ ضروري هو. انهيءَ
لاءِ گڏيل هندستان جي مسلمانن، 1919ع ۾ ”آل انڊيا
خلافت ڪاميٽي“ قائم ڪئي. سنڌ جو مشهور سياسي ليڊر
رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي مرحوم، خلافت تحريڪ کي
وڏي تقويت پهچائي. اهو ئي سبب هو، جو کيس 1920ع ۾
”آل انڊيا خلافت ڪانفرنس“ جو صدر منتخب ڪيو ويو.
انهيءَ سال حيدرآباد ۾ خلافت جو پهريون اجلاس ٿيو.
ان کانپوءِ سيوهڻ ۾، ساڳئي سال جي اپريل ۾، خلافت
جو جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت مولانا عبدالڪريم درس
ڪئي. ساڳئي سال جي 6، 7 ۽ 8 جون تي وري لاڙڪاڻي ۾
آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جو جلسو ٿيو، جنهن جي
صدارت پير صاحب جهنڊي واري ڪئي. ان ڪانفرنس ۾
مولانا شوڪت علي، مولانا عبدالباري لکنوي ۽ مولانا
ابوالڪلام ”آزاد“ به شرڪت ڪئي. انهيءَ سال وري
جيڪب آباد ۾ خلافت جو جلسو، مولانا تاج محمد صاحب
امروٽيءَ جي زير صدارت ٿيو.
انهن
جلسن ۾ عالمن، انگريزن جي مسلم دشمن پاليسيءَ کي
واضح ڪندي، هندستان کي ”دارالحرب“ قرار ڏنو.
انهيءَ ڪري سيوهڻ واري خلافت جي جلسي ۾ سنڌ مان
افغانستان هجرت ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن
جيڪب آباد واري جلسي ۾ عملي صورت اختيار ڪئي. هن
سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جو نوجوان بئريسٽر، مسٽر جان محمد
جوڻيجو وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪري رهيو هو. جيڪب
آباد واري جلسي ۾ هن سخت ۽ جوشيلي تقرير ڪئي، ۽
انگريزن کان نفرت ۽ حقارت ڏيکاريندي، انگريزن
طرفان مليل سمورا خطاب واپس ڪيائين. نتيجي ۾
انگريزن کيس ڏاڍيون تڪليفون ڏنيون ۽ زمين جو پاڻي
بند ڪرائي ڇڏيو.
جيڪب
آباد واري جلسي کان پوءِ ”هجرت تحريڪ“ وڏي زور شور
سان شروع ٿي، جنهن جو ليڊر جان محمد جوڻيجو مرحوم
ٿيو. ان جي سرڪردگيءَ ۾ سنڌ جا هزارين مسلمان
پنهنجو مال متاع وڪڻي، افغانستان روانا ٿيا.
جولاءِ 1920ع ۾ لاڙڪاڻي مان، مهاجرن جي پهرين
اسپيشل ٽرين رواني ٿي، پر انگريزن جي اشاري تي ڪيل
افغان حڪومت جي عدم تعاون سببان سنڌ جا مهاجر
مسلمان، وڏو جاني ۽ مالي نقصان سهي، وطن واپس آيا.
لاڙڪاڻي جو هڪ شاعر شير محمد ”شيرل“ به مهاجرن جي
قافلي ۾ شامل هو. هن بيتن ۾ هجرت جو سفرمانو لکيو
آهي. امير ڪاروان جان محمد جوڻيجي ۽ سنڌي مهاجرن
جي جذبات ۽ تاثرات کي هن طرح منظم ڪيو اٿس.
امير
صاحب عزت ڏني، مولوي عبدالله گهرائي،
دعوت
کاڌائون دل سان، راتيون رهائي،
سنڌين چيو سڪ مان: آيا آهيون سرڙا لهرائي،
توڻي
وجهن ڪهائي، جان محمد چيو جوش مان.
هجرت
تحريڪ افغانستان ۽ انگريزن جي باهمي سازش سان ته
ختم ٿي ويئي، پر پوءِ به سنڌ ۾ ”خلافت تحريڪ“ پوري
زور شور سان جاري رهي. تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ
1920ع ۾ حاجي سر عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد
سنڌي جي ڪوششن سان روزانه ”الوحيد“ ڪراچيءَ مان
جاري ٿي، جنهن کي خلافت تحريڪ جو ترجمان بنايو
ويو. تحريڪ کي روڪڻ لاءِ ”امن سڀا“ قائم ڪري،
تحريڪ خلافت توڙي قومي رجحانن خلاف ڪن زميندارن،
پيرن ۽ جاگيردارن جي ذريعي محاذ آرائي شروع ڪرائي،
پر عوام تي ان جو ڪو به اثر نه پيو. نتيجو اهو
نڪتو جو عوام نه فقط انگريزن کان نفرت ڪندو رهيو،
پر انهن پيرن ۽ زميندارن کي به حقارت جي نظر سان
ڏسڻ لڳو، جيڪي ”امن سڀائي“ ٿي، انگريزن جي طرفداري
ڪري رهيا هئا. امن سڀائون هر تعلقي ۾ قائم ڪيون
ويون، ۽ ”سچائي“ نالي اخبار به ڪڍي ويئي، پر اهي
سڀ ڪوششون بي سود ثابت ٿيون. ان کان سواءِ سنڌ جي
ڪمشنر پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنر خانبهادر نبي بخش محمد
حسين جي مدد سان هڪ نام نهاد مولوي فيض الڪريم کان
هڪ فتويٰ لکارائي، جنهن ۾ ترڪيءَ جي خلافت کي
ناجائز ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي. ان کان
پوءِ سرڪاري حڪم ٿيو ته ان تي سڀ عالم ۽ پير
صحيحون ڪن. سنڌ جي 16 عالمن ۽ پيرن مجبور ٿي
صحيحون ڪيون، پر هو سموريون سختيون سهندي، حق تي
قائم رهيا. رئيس جان محمد جوڻيجو مرحوم انهن ڏينهن
۾ گذاري ويو هو، جڏهن مهاجر اڃا موٽي نه آيا هئا.
رئيس مرحوم، مهاجرن کي مالي مدد پهچائڻ لاءِ
هندستان مان چندي گڏڪرڻ جي ارادي سان، هندستان جو
دورو ڪري رهيو هو ته اجمير شريف ۾ انگريزن جي زهر
ڏيارڻ سان وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفن ٿيو. رئيس
مرحوم کان سواءِ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي مرحوم،
حاجي عبدالله هارون، مولانا محمد صديق کڏي وارو،
مولانا تاج محمود صاحب امروٽي، پير تراب علي شاهه،
پير صاحب جهنڊي واري، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حڪيم
فتح محمد سيوهاڻي، علامه اسدالله شاهه ”فدا“
ٽکڙائي، پير غلام مجدد سرهندي (مٽيارويءَ)، قاضي
خدابخش ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن هن تحريڪ ۾ حصو
ورتو.
ڳڙهي
ياسين جي مشهور عالم ۽ فقيه مولانا حافظ محمد
ابراهيم صاحب، مولوي فيض الڪريم جي خلاف ڪفر ۽
گمراهيءَ جي فتويٰ ڏني.
هن
تحريڪ جي زماني ۾ مٽياريءَ ۾ پوليس فائرنگ ڪئي،
جنهن ۾ هڪ نوجوان شهيد ٿي ويو. رئيس غلام محمد خان
ڀرڳڙي مرحوم کي ايترو ته تنگ ڪيو ويو، جو مجبور
ٿي، هو ڪجهه عرصو انگلينڊ هليو ويو.
برصغير پاڪ و هند ۾ آزاديءَ جي جيڪا به تحريڪ شروع
ٿي، ان ۾ سنڌ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌ ۾ وڌ حصو
ورتو، توڙي جو اها سياسي رنگ ۾ هئي يا مذهبي رنگ
۾. خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، توڙي ترڪيءَ جي خلاف
مغربي سامراج جي سمورين ريشه دوانين جي ڏينهن ۾
سنڌ کي انهن تحريڪن جي مرڪزي حيثيت حاصل رهي. آل
انڊيا خلافت ڪاميٽي ۽ ڪانگريس جي مشترڪه اجلاس ۾
برطانيه جي خلاف ”ترڪ موالات“ جي تحريڪ منظور ٿي
هئي، سا دراصل جان محمد جوڻيجي مرحوم جي تحريڪ
هئي، ۽ مولانا تاج محمود صاحب امروٽيءَ پيش ڪئي
هئي. هجرت تحريڪ ۾ سنڌ جي مسلمانن جيڪو حصو ورتو،
۽ قربانيون پيش ڪيون، تن جو نظير هن برصغير جي
آزاديءَ جي تحريڪ واري تاريخ پيش ڪرڻ کان قاصر
آهي.
1924ع ۾ محمد هاشم ”مخلص“ ميرپورخاص مان هفتيوار
اخبار ”مسلمان“ جاري ڪئي، جنهن ۾ ترڪيءَ جي حق ۾،
۽ انگريزن جي خلاف زور شور سان لکڻ لڳو. مخلص
مرحوم جي قلم ۾ وڏو زور ۽ اثر هو، هن نظم ۽ نثر جي
ذريعي باهه ٻاري ڇڏي. برطانوي سامراج جي خلاف کلم
کلا نفرت جو اظهار ڪندو رهندو هو، ۽ هميشه اسلام ۽
مسلمانن جي مدح سرائي ڪندو رهندو هو. سندس تحريرن
۾ طنز ۽ مزاح جو رنگ بيحد متاثر ڪندڙ هو. مخلص
مرحوم خلافت تحريڪ کي وڏي تقويت پهچائي، ان ڪري
مرحوم کي وڏيون تڪليفون پهتيون، پر غربت ۽
تنگدستيءَ جي باوجود هو سموريون تڪليفون برداشت
ڪندو رهيو.
انهن
ڏينهن ۾ هندو ــــ مسلم ڇڪتاڻ به پيدا ٿي پيئي،
ڇاڪاڻ جو هندن سنڌ ۾ به ”شُڌي“ ۽ ”سنگهٽن“ تحريڪون
شروع ڪري ڏنيون هيون، سڀ کان پهريائين سال 1922ع ۾
ملتان ۾، محرم جي موقعي تي فساد ٿيو. ان کان پوءِ
مختلف هنڌن تي فساد ٿيا. اهي ڳالهيون سنڌ جي
مسلمانن جي قوت برداشت کان ٻاهر هيون، انهيءَ ڪري
سنڌ جي مسلمانن جي دلين ۾ هندن جي خلاف نفرت جي
باهه ڀڙڪي اٿي. هندن اسلام ۽ مسلمانن جي مذهبي
رهنمائن خلاف دل آزاريندڙ ڪتاب لکڻ شروع ڪيا. اهڙا
ڪتاب سنڌي زبان ۾ به شايع ٿيڻ شروع ٿيا. نتيجو اهو
نڪتو، جو جهڙيءَ طرح لاهور ۾ علم الدين، راجپال
آريه کي قتل ڪيو، اهڙيءَ طرح ڪراچيءَ ۾ عبدالقيوم،
هاءِ ڪورٽ ۾، ججن جي سامهون نٿورام آريه کي ڇرو
هنيو، ڇاڪاڻ جو ان مسلمانن خلاف دل آزاريندڙ ڪتاب
شايع ڪيو هو.
ان
زماني ۾ ”الوحيد“ مسلمانن جي حق ۾ زور شور سان
لکيو. ان کان سواءِ مخلص مرحوم به هندن جي حرڪتن
تي دل کولي لکيو. ٻئي وڏي صحافي نور محمد نظاماڻي
به، آريه سماجي اخبارن خلاف جهاد ڪندي، قلم کان
تلوار جو ڪم ورتو. نظاماڻي مرحوم کي به مخلص
مرحوم وانگر نظم خواه نثر تي هڪ جهڙي قدرت حاصل
هئي. هن مختلف وقتن تي ”نور اسلام“ ”مرغ فلڪ“ ۽ ”
طيرن ابابيل“ نالي هفتيوار اخبارون ڪڍيون. ان دور
جي هندو اخبارن ”هندو“ ”سنسار سماچار“، ”هندو
گزيٽ“ ”سنڌي“ ۽ ”ڀارت“ وغيره مسلمانن جي خلاف خوب
لکيو.
ان
زماني ۾ سنڌ جدا صوبو نه هو، انگريزن سنڌ جي فتح
کان ٿورو ئي پوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري،
سنڌ کي بمبئي علائقي سان ملائي ڇڏيو هو. اهو ئي
سبب آهي، جو سنڌ جي مسلمانن 1908ع کان سنڌ کي جدا
صوبي بنائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي هئي، شروع ۾ هندن به
مسلمانن جو ساٿ ڏنو، پر پوءِ هندن مخالفت ڪئي؛
ڇاڪاڻ جو کين اهو اچي ساڙ ٿيو، ته اقتدار مسلمانن
جي هٿ ۾ اچي ويندو. ان جي باوجود سنڌ جا مسلمان
سنڌ جي علحدگيءَ لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا. سنڌ جي
مسلمانن جي انهيءَ تحريڪ ئي پاڪستان جي تحريڪ لاءِ
راهه هموار ڪئي.
مارچ
1928ع ۾ پهرين آل پارٽيز ڪانفرنس دهليءَ ۾ منعقد
ٿي. ان ۾ هندن، مسلمانن ۽ ٻين هندستاني قومن جي
انجمنن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ٻن مهينن ۾ آل پارٽيز
ڪانفرنس جا 25 اجلاس ٿيا، پر ڪجهه به طئي نه ٿيو.
آخر دهليءَ جو ملتوي ٿيل اجلاس بمبئي ۾ 19 مئي تي
منعقد ٿيو. ان ۾ هڪ ڪاميٽي بنائي ويئي ته اها
هندستان جو دستور مرتب ڪري، ۽ اهو دستور آل پارٽيز
ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو وڃي. ڪاميٽيءَ جو صدر پنڊت موتي
لال نهرو کي ڪيو ويو.
نهرو
ڪميٽيءَ رپورٽ مرتب ڪئي، جيڪا فتني ۽ فساد جي جڙ
ثابت ٿي. ان ۾ ڪامل آزادي جي بدران ”ڊومينين
اسٽيٽس“ جو خاڪو پيش ڪيو ويو. مسلمانن جا سمورا
مطالبا رد ڪيا ويا؛ صوبن کان هر قسم جا اختيار کسي
مرڪز کي ڏنا ويا، صوبه سرحد ۽ بلوچستان کي ٻين
صوبن جهڙو حق ڏيڻ گوارا نه ڪيو ويو، ۽ سنڌ کي
بمبئي کان الڳ صوبي بنائڻ جي سخت مخالفت ڪئي وئي.
مسلمانن ان جي مخالفت ڪئي.
انهن
ڏينهن ۾ مسٽر جناح مسلم ليگ جو صدر هو، ۽ انگلينڊ
ويل هو. هن انگلينڊ کان موٽي اچي مسلم ليگ جي
ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو. مسلم ليگ ”نهرو رپورٽ“
۾ ترميم لاءِ ڪجهه تجويزون ڏنيون، جيڪي ڪانگريس
قبول نه ڪيون، ان ڪري هندن ۽ مسلمانن جا ويڇا اڃا
به وڌيا.
مئي
1929ع ۾ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جي اليڪشن
ٿي، جنهن ۾ ڪنزرويٽو پارٽيءَ کي شڪست آئي، ۽ ليبر
پارٽيءَ کٽيو. ليبر پارٽي ڪانگريس جي طرفدار هئي،
انهيءَ ڪري مسلمانن کي حڪومت ۾ ڪوبه اعتماد نه
رهيو. 29 جون تي مسٽر جناح وزيراعظم ميڪڊونالڊ کي
خط لکيو، جنهن ۾ ”سائمن ڪميشن“ کي ننديو، ۽ اها
ڳالهه کولي لکي، ته هندستان جي مسلمانن کي برطانيه
جي قول تي ڪوبه اعتماد نه رهيو آهي.
آخرڪار سائمن ڪميشن جون سفارشون مئي 1930ع ۾ شايع
ٿيون. ان ۾11-سيپٽمبر 1930 ع تي لنڊن جي گول ميز
ڪانفرنس ۾ نمائندن جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيندڙن جا نالا
ظاهر ڪيا ويا.ان ۾ مولانا محمد علي جوهر، مسٽر
جناح، سنڌ مان سر شاهنواز خان ڀٽي ۽ ٻين هندن ۽
مسلمانن جي نمائندن کي مدعو ڪيو ويو. گول ميز
ڪانفرنس جو باضابطه اجلاس 17-نومبر 1930ع کان شروع
ٿيو. ان ۾ مولانا محمد علي ’جوهر‘ اهڙي زوردار
تقرير ڪئي، جو اها تقرير اڄ به دنيا جي شاهڪار
تقريرن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. اسان جي سنڌ جي نمائندي
سر شاهنواز خان ڀٽي به زبردست تقرير ڪئي، جنهن ۾
هن سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي جي گهر ڪئي. هن
پنهنجو موقف نهايت زوردار نموني پيش ڪيو، ۽ سنڌ جي
تاريخ، جاگرافيائي ۽ اقتصادي حالتن تي بحث ڪري
ثابت ڪيو ته سنڌ هر لحاظ کان الڳ صوبي ٿيڻ جو حق
رکي ٿي. هن پنهنجي تقرير ۾ چيو:
”اها
تاريخي ڳالهه آهي ته جڏهن کان سنڌ وجود ۾ آئي آهي،
تڏهن کان برطانيوي راڄ تائين هن پنهنجي انفراديت
قائم رکي آهي.
”توهان چيو آهي ته جيڪڏهن فوري طور تي اسان کي ڌار
ڪيو ويو، ته ترقيءَ ۾ رخنو پوندو. اچو ته ڪجهه
گهڙيءَ لاءِ انهيءَ نڪتي تي به غور ڪريون. اٽڪل هڪ
صديءَ تائين اسان بمبئيءَ سرڪار جي زير انتظام
رهيا آهيون. پر اسان ڪهڙي ترقي ڪئي؟ اسان جو
آبپاشي نظام تمام پراڻو نظام آهي، ۽ آبيانو 13،12
يا 14سيڪڙو بمبئي سرڪار ڏانهن وڃي ٿو. |