بي
بي سي لنڊن تان نشر ٿيل انٽرويو
سابق
وائسراءِ هند لارڊ مائونٽبيٽن جو عجيب انڪشاف
(نوٽ: لارڊ مائونٽ بيٽن، برصغير پاڪ و هند جي
سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم شخصيت جو مالڪ آهي. ان جي
دور ۾ تقسيم عمل ۾ آئي. سندس اڪثر ڪري ساٿياري به
فوت ٿي چڪا آهن ۽ پاڻ اڃا زنده آهي. لارڊ موصوف
برصغير جي ورهاڱي واري دور تي هڪ ڪتاب لکڻ ۾ مشغول
آهي.
ان
سلسلي ۾ دلچسپ حقيقت اها آهي ته لارڊ مائونٽ بيٽن
کان بي بي سي لنڊن وارن برصغير جي تقسيم ۽ ان جي
طريقيڪار ۽ ليڊرن متعلق هڪ انٽرويو وٺڻ ۾ ڪاميابي
حاصل ڪئي. اهو انٽرويو ملڪ جي مشهور انگريزي اخبار
”ڊان“ ڪراچي 8 نومبر 1975ع تي ۽ ”پاڪستان ٽائمز“
لاهور، 25 ڊسمبر 1975ع تي شايع ڪيو آهي.
انٽرويو نهايت دلچسپ ۽ معلومات افزا آهي، جنهن ۾
لارڊ موصوف اهم مسئلن جي نقاب ڪشائي ڪئي آهي.
هن
انٽرويو ۾ هيٺين مسئلن تي گفتگو ٿيل آهي.
1ـــ
تقسيم جو طريقيڪار
2ـــ
ان متعلق جناح سان گفتگو
3ـــ
خاص ميٽنگ ۽ تقسيم جو اعلان
4ـــ
جناح جي شخصيت متعلق رايو
5ـــ
جناح جي قتل جي سازش
6ـــ
مون کي ڪانگريس، هندستان جو گورنر جنرل ڇو بنايو؟
7ـــ
گانڌي جي ۽ هريجن تحريڪ وغيره.
لارڊ
مائونٽبيٽن جو هي انٽرويو وڏي اهميت رکي ٿو، ڇالا
ته سندس پيش ڪيل حقيقتن جي ڪري ڪي اهڙا نوان مسئلا
اڳيان اچن ٿا، جن متعلق ڪنهن به مورخ ۽ محقق هڪ
لفظ به نه لکيو آهي. اهي حقيقتون لارڊ مائونٽ بيٽن
جي سيني ۾ هڪ راز سربسته وانگر دفن هيون، جي لارڊ
موصوف جي وفات کانپوءِ ساڻس گڏ زمين جي پيٽ ۾ دفن
ٿي وڃن ها ۽ انساني تاريخ هڪ اهم باب کان محروم
رهجي وڃي ها.
چناچه مهراڻ جي قائداعظم نمبر لاءِ انٽرويو کي پيش
ڪجي ٿو
غ. م
گ)
لارڊ
مائونٽ بيٽن، متحده هندستان جو آخري، سخت گير،
هندو نواز، ڪانگريس جو حامي، جواهر لال جو ذاتي
دوست، گانڌيءَ جو معتقد ۽ جناح جو انتهائي مخالف،
بلڪه ذاتي دشمن هو.
صاحب
مطالع ڄاڻن ٿا ته لارڊ مائونٽ بيٽن، پاڪستان جي
سخت خلاف هو، سندس ارادو هو ته هو ڪيئن به ڪري،
اقتدار جون واڳون ڪانگريسي نيتائن جي حوالي ڪري ۽
پاڪستان جي مطالبي کي ناڪام بنائي ۽ پوءِ لنڊن
روانو ٿئي. ليڪن برصغير جي تاريخ مان واضح آهي ته
لارڊ مائونٽ بيٽن جي طريق ڪار ۽ ڪانگريس پرستيءَ،
جناح جي هٿان بدترين ۽ ذليل شڪست کاڌي ۽ پاڪستان
وجود ۾ آيو.
پاڪستان جي وجود پذير ٿيڻ کان پوءِ، اها تحريڪ
هلائي وئي ته هندستان ۽ پاڪستان جو گورنر جنرل،
لارڊ مائونٽبيٽن کي بنايو وڃي. ڪانگريس جو اهو
عقيدو هو ته ڪانگريس آزاد ڀارت جي حڪومت کي سنڀالي
نه سگهندي. ان ڪري، لارڊ مائونٽ بيٽن کي التجائون
ڪري، کيس ڀارت جون واڳون سونپيون ويون. ڪانگريس جو
اهو خيال هو ته اگر ڀارت سان گڏ پاڪستان لارڊ
مائونٽ بيٽن کي گورنر جنرل تسليم ڪندو ته پوءِ هو
پاڪستان جي نظام کي درهم برهم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا
۽ پاڪستان جا مسلمان، جي متحد ڀارت ۾ حقير اقاميت
جي حيثيت ۾ هوندا، سي هميشه لاءِ پسمانده ۽ غلام
رهجي ويندا. ان طرح ڀارت جي تقسيم عملي طرح سان
ڪاالعدم ۽ منسوخ ٿي ويندي. لارڊ مائونٽ بيٽن ۽
ڪانگريسي نيتائن جي ان باهمي سازش کي قائداعظم
بروقت سمجهي ورتو ۽ فيصلو ڪيو ته پاڪستان جو گورنر
جنرل، لارڊ مائونٽ بيٽن ٿي نه ٿو سگهي، ڇالاءِ ته
ائين ڪرڻ سان ملسمانن جي غلامي اهائي قائم رهندي ۽
انگريز ۽ ڪانگريس جي باهمي سازش سان ”پاڪستان“ کي
ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. آخرڪار لارڊ مائونٽ
بيٽن ڀارت جو گورنر جنرل ڪيو ويو، ۽ سندس ۽ پٽيل
جي سازش سان مسلمانن جو قتل عام ڪيو ويو ۽ پاڪستان
کي سندس حصي جي فوج ۽ خزاني کان محروم ڪيو ويو ۽
چيو ويو ته قائداعظم، پاڪستان کي 6 مهينا به هلائي
نه سگهندو!
ان
سلسلي ۾ قابل غور امر هي آهي ته لارڊ مائونٽ بيٽن
جو، تقسيم هند کان 28 سالن کان پوءِ پي بي سي لنڊن
تان هڪ خاص انٽرويو نشر ڪيو ويو، جو مشهور انگريزي
اخبار ”ڊان“ جي 8 نومبر 1975ع واري پرچي ۾ شايع
ٿيو. ان انٽرويو ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن، اهڙين حقيقتن
کي فاش ڪيو آهي، جي انتها درجي جي رازدارانه غلاف
۾ لڪايون ويون هيون ۽ ان سان گڏ گانڌي ۽ جناح جي
حالات ۽ ڪردار متعلق به ڪي دلچسپ حقيقتون ظاهر
ڪيون ويون.
افسوس هي آهي ته غلط پروپيگنڊا کان متاثر ٿي، ڪيئي
ڏسڻا واسڻا ۽ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو قائداعظم تي اهو
الزام مڙهي رهيا آهن ته پاڪستان جي تجويز دراصل
انگريز جي سازش هئي، ۽ قائداعظم کي انگريز پنهنجي
آله ڪار جي حيثيت سان استعمال ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل
ڪئي.
ان
غلط ۽ لغو الزام جي ترديد ۾ گهڻو ڪجهه معتبر ۽
مستند مواد شايع ٿي چڪو آهي، ليڪن ان سلسلي ۾ ٻين
داخلي ۽ خارجي دليلن کان علاوه هڪ اهڙو مستند ۽
معتبر ماخد پيدا ٿيو آهي، جنهن متعلق ڪو به
ڪانگريسي حرف گيري ڪرڻ جي جرات ڪري نه ٿو سگهي.
ڇالاءِ ته لارڊ موصوف هر حال ۾ ڪانگريس جو حامي ۽
همدرد هو ۽ تقسيم هند جي سخت خلاف هو. سندس وصيعت
۽ لکت ۾ هدايت آهي ته مرڻ کانپوءِ سندس لاش ڀارت ۾
پوريو وڃي.
برصغير جي سياسي تاريخ کان واقف هر علم وارو بخوبي
ڄاڻي ٿو ته جناح صاحب جي مطالبي کي رد ڪرڻ لاءِ ۽
ڪانگريس کي اقتدار سونپڻ لاءِ، برطانيه پاران ڪيئي
ڪوششون ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ لارڊ پيٿڪ لارينس ۽
ان جي شرڪاءَ جو وفد، ڪرپس جو اچڻ، سائمن ڪميشن،
لارڊ ويول جي شمله ڪانفرنس، اهي معرڪ آرا واقعا
آهن، جن کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي.
ان
سلسلي ۾ آخري ڪڙي، لارڊ مائونٽ بيٽن آهي، جو ملڪه
وڪٽوريه جو پوٽو هو، جنهن کي آخري وائسراءِ طور
موڪليو ويو ۽ جنهن 1 جنوري 1947ع تي اچي اقتدار جي
واڳ سنڀالي.
لارڊ
مائونٽ بيٽن، بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي جو ڪجهه
ظاهر ڪيو آهي اهو هن ريت آهي.
سوال: ڇا اوهان جي وقت ۾ هندستان کي متحده رکڻ جو
ڪو امڪان هو؟
جواب: مان هندستان ڏانهن آيو ئي ان مقصد سان هئس
ته ڪنهن به طريقي سان ڀارت کي متحده رکي سگهجي ۽
”پاڪستان“ جي سوال مان جند ڇڏائجي. اسان صديءَ کان
پوءِ هن ملڪ کي ڇڏي رهيا هئاسون، ۽ اسان جا تعلقات
گانڌي ۽ نهرو سان خوشگوار پيدا ٿي چڪا هئا ۽ گذريل
دور جون تلخيون وساري چڪا هئاسون. اسان جو اهو پڪو
ارادو هو ته اسان متحده ڀارت جون واڳون ڪانگريس جي
حوالي ڪري، پنهنجي مقصد کي تڪميل تي پهچايون. اگر
ائين ٿي سگهي ها ته پوءِ اهو ظاهر آهي ته اهو اسان
جي جدوجهد جي تاريخ جو عظيم ڪارنامو ليکجڻ ۾ اچي
ها. ڀارت جو تقسيم ٿيڻ هونءَ به الم انگيز حادثو
هو، جنهن کي گانڌي ”گئوماتا“ جو ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ
ظاهر ڪري چڪو هو. ان ڪري مون انتها درجي جي ڪوشش
ڪئي، ته ڪيئن به ڪري جناح کي شڪست ڏجي ۽ ڪانگريس
جي ”جئي“ ٿئي.
ليڪن
ان راهه ۾ هڪ اهڙو شخص حائل هو، جو پهاڙ وانگر
رڪاوٽ پيدا ڪيو بيٺو هو ۽ اهو هو مسٽر محمد علي
جناح صدر مسلم ليگ. جو شروع کان ئي پنهنجن سنگين ۽
معقول دليلن سان بار بار ڪانگريس جي نيتائن ۽ خود
گانڌيءَ کي جهڪائي چڪو هو ۽ سندس زبان تي هر وقت
”نه نه“ هئي. جناح صاحب جي هر دليل ۽ مطالبي کي رد
ڪرڻ لاءِ مون حد کان وڌيڪ ڪوشش ڪئي، پر منهنجي هر
ڪوشش ناڪام رهي. آخرڪار مون کي به جناح اڳيان
جهڪڻو پيو.
ان
کان پوءِ ڇا ڇا ڪيو ويو، اهو نهايت دلچسپ ۽ غير
معمولي واقعو آهي.
خاص
دعوت
2
جون 1947ع تي صبح جو مون سڀني ليڊرن کي دعوت ڏئي
پاڻ وٽ گهرايو. مختصر تمهيد کان پوءِ مون تقسيم
هند متعلق سڀني ليڊرن کي تفصيل سان آگاهه ڪيو. ان
متعلق مون اهو ظاهر ڪيو ته مان کائن فورن جواب وٺڻ
نٿو گهران. تاهم اڌ رات تائين مون کي جواب ضرور
ملڻ گهرجي.
آخر
اڌ رات ٿي. سڀ کان اول سکن جي نمائندي، بلديو
سنگهه وٽان هائوڪار ۾ جواب پهتو. ڪانگريس جي
نمائندي، ڪرپالاڻي (صدر آل انڊيا ڪانگريس) به
قبوليت جو اظهار ڪيو ۽ ڪجهه شرط ظاهر ڪيا، اهي شرط
ڪي خاص نه هئا. ليڪن جناح صاحب وٽان ڪو به جواب نه
پهتو. ان تي مان سخت پريشان ٿيس. آخرڪار گهڻي سوچ
ويچار کان پوءِ جناح صاحب سان ملاقات جو موقعو
پيدا ڪيم. اڌ رات کان به ڪافي دير سان ملاقات ٿي،
ليڪن سندس مزاج ڪجهه عجيب نموني جو هو. مون جناح
صاحب کي ٻڌايو ته اوهان ڄاڻو ٿا ته مون اهو پلان
ٺاهيو آهي، جنهن کي اوهان پاڪستان لاءِ چاهيو ٿا.
جناح: هائو مون کي معلوم آهي.
مان:
ته ڇا اهو اوهان کي منظور آهي؟
جناح: مون کي سردست اهڙو ڪو به اختيار مليل ناهي.
دستور موجب مان صرف مسلم ليگ ورڪنگ ڪائونسل جو صدر
آهيان. مون کي ان لاءِ مسلم ليگ ڪائونسل جو اجلاس
گهرائڻو پوندو. ان جي پاران ٿيل فيصلو ئي اوهان جي
سوال جو جواب ٿي سگهي ٿو ۽ ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ
هفتو لڳي ويندو.
مان:
(مون ڪجهه تلخيءَ ۽ سختيءَ سان چيو) جناب اوهان
اگر هڪ هفتي جي تاخير ڪئي ته پوءِ مان ڪانگريس جي
رنجش کي برداشت نه ڪري سگهندس ۽ فيصلو ان جي حق ۾
ڏئي ڇڏيندس. ڇو ته هو منهنجي پلان کي رد ڪري
ڇڏيندا ۽ چڱيءَ طرح ٻڌي ڇڏيو ته ان کان پوءِ اوهان
کي پاڪستان وري ڪڏهن به ملي نه سگهندو! ۽ نه ڪو
مون تي ڪا ميار رهندي.
جناح: مان ان سلسلي ۾ ڪجهه به چئي نٿو سگهان.
فيصلو مسلم ليگ جي آئين جي مطابق ڪيو ويندو. مان
پنهنجي طرفان اوهان کي ڪوبه جواب ڏئي نٿو سگهان.
مان:
جناح صاحب جو اهو رکو جواب ٻڌي مان حيران رهجي
ويس. مون کيس ورجائي چيو ته جناح صاحب! مان اوهان
کي بڪل واضح ۽ بي تڪلف انداز ۾ ٻڌائڻ ٿو گهران ۽
ان ۾ رنج نه ٿيندا. مان چاهيان ٿو ته منهنجي هٿان
ڪو اهڙو سخت ڪم ۽ قدم نه ٿئي، جو مان اوهان جي
پاڪستان جي منصوبي کي تباهه ڪري ڇڏيان. اسان کي
فيصلي جي اهميت جو لحاظ رکي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي.
مان سڀاڻي سڀني ليڊرن جي هڪ اهم ميٽنگ سڏائي رهيو
آهيان. مان ان ميٽنگ ۾ سڀ کان اول ظاهر ڪندس ته
مون کي سکن جي طرفان هائوڪار ۾ جواب ملي چڪو آهي.
ان طرح ظاهر ڪندس ته ڪانگريس وارن به قبول ڪيو
آهي. ان کان پوءِ چوندس ته مون مسٽر جناح سان به
گفتگو ڪئي آهي، ان به راضپو ظاهر ڪيو آهي. ان کان
پوءِ منهنجا آخري لفظ هوندا ”هاڻي اسان کي محسوس
ڪرڻ گهرجي ته سڀني کي منهنجي تجويز منظور آهي.“
ائين چوڻ کانپوءِ مان اوهان ڏانهن نهاريندس، اوهان
بيشڪ زبان سان ڪجهه نه چئجو، صرف خدا جي واسطي
هائوڪار جي انداز ۾ اشارو ڪجو. اگر اوهان اهڙي
نازڪ وقت تي هائوڪار متعلق ڪو به اشارو نه ڪيو ته
پوءِ جناب عالي، اوهان چڱيءَ طرح سان سمجهي ڇڏيو
ته پاڪستان اوهان جي هٿن مان ويو! جنهن مقصد لاءِ
اوهان نهايت تيز ۽ سخت جدوجهد ڪئي آهي، ۽ سالن کان
مسلسل جنگ ڪئي آهي، ان کي اوهان هميشه جي لاءِ
ضايع ڪري ڇڏيندا. مهربان جناب! مان جو ڪجهه به چئي
رهيو آهيان، ان کي ڌمڪي نه تصور ڪجو، بلڪه اها هڪ
پيشنگوئي آهي.!
ميٽنگ:
آخرڪار ٻئي ڏينهن تي صبح جو ميٽنگ ٿي، ان ۾ اهو سڀ
ڪجهه ٿيو، جو مون اڳ ۾ ئي سڀني سياسي ليڊرن کي
سمجهائي ڇڏيو هو. آخر اهو نازڪ ۽ اهم لمحو آيو.
منهنجو ساهه مٺ ۾ اچي چڪو هو، ۽ نراڙ تان پگهر وهي
رهيو هو. اهو گويا منهنجي ساريءَ عمر ۾ پهريون
سنگين ۽ نازڪ مسئلو ٿي چڪو هو. مان ساري عمر
ايتريقدر مضطرب ۽ پريشان ڪڏهن به نه ٿيو هوس. مون
کي نراسائي ويڙهي چڪي هئي، ساري هال ۾ سناٽو
ڇانئجي چڪو هو، سڀني ليڊرن تي حيراني ۽ سراسيمگيءَ
جي ڪيفيت طاري هئي، پروگرام ۾ خوف انگيز ڍرائي
محسوس ٿي رهي هئي. نااميديءَ ۽ آس جي ڪشمڪش جو حال
موجود هو. مون کي يقين نه پئي آيو ته جناح صاحب،
ٻين ليڊرن وانگر هائوڪار ۾ اشارو ڪندو. مون
بيقراريءَ جي عالم ۾ ٿڌي پاڻي جو گلاس پي مسٽر
جناح ڏانهن نگاهه ڪئي. اول ته سندس مزاج جي ڪيفيت
بدليل ڏسي، نراس ٿي ويس؛ پر ڏٺم ته بلڪل خفگيءَ جي
انداز سان، جناح صاحب هائوڪار جو اشارو ڪيو. مان
بلڪل وارفته ۽ حيران رهجي ويس. منهنجي زبان مان
اوچتو لفظ نڪري ويا ”شڪريو، مسٽر جناح! مون کي
انتهائي خوشي پهتي آهي. او خدا! مون کي اوهان جي
رضامندي به ملي وئي!“
اجهو
ان طرح پاڪستان جو مسئلو حل ٿيو. جناح جي ادنيٰ
اشاري سان فقط
(ڊان 8 نومبر 1975ع ڪراچي)
جناح لاءِ راءِ :
لارڊ
مائونٽ بيٽن کان ان انٽرويو ۾ برصغير جي ممتاز
ليڊرن متعلق به سندس تاثرات حاصل ڪيا ويا، جي
نهايت دلچسپ آهن. هت سندس جناح صاحب متعلق پڇيل
سوالن جو جواب پيش ڪجي ٿو:
سوال: سائين برصغير جي مشهور سياستدان ۽ پاڪستان
جي بانيءَ محمد علي جناح کي اوهان ڪيئن محسوس ڪيو؟
لارڊ
جو جواب: برصغير جي مڙني سياستدانن ۾، جناح جي
شخصيت نهايت نمايان ۽ ممتاز هئي. ٿورن لفظن ۾ چئجي
ته پهاڙ وانگر پنهنجي مقام ۽ موقف، راءِ ۽ فيصلي
تي محڪم ۽ سخت، ۽ ان سان گڏ انتها درجي جو ٿڌي دل
۽ دماغ وارو، سنجيدو ۽ دانشور انسان اهو ممڪن ئي
نه هو ته ڪو ماڻهو سندس سيني جي عميق گهراين ۾
جهاتي پائي سگهي. جناح صاحب نهايت ذهين ۽ تيز فهم
هو. جناح، هميشه منهنجن دليلن کي نهايت آسانيءَ
سان، پر ٿورو مرڪندي ٻڌندو هو ۽ فورن سمجهي ويندو
هو. ان جي مقابلي ۾، ٻين گهڻن ليڊرن سان مون کي
ڪلاڪن جا ڪلاڪ مغز ماري ڪرڻي پوندي هئي. مان محسوس
ڪندو هوس ته جناح صاحب منهنجي دليلن کان ڪافي
متاثر ٿيو آهي. ليڪن حقيقت اها هوندي هئي، جو جناح
منهنجي ۽ پنهنجي وچ ۾ دليلن ۽ معقول اسبابن جي هڪ
ديوار کڙي ڪري ڇڏيندو هو. مون اهو به محسوس ڪيو ته
جناح صاحب هميشه منهنجي ۽ پنهنجي وچ ۾ ڄڻ پڙدو
لڙڪائي ڇڏيو آهي هو منهنجن دليلن کي نظرانداز ڪري،
پاسيرو رکي ڇڏيندوهو. مان پنهنجي سوال جي دل گهرئي
جواب لاءِ سندس دماغ ۾ ڪجهه تحرڪ پيدا ڪرڻ لاءِ
هميشه ناڪام رهيس. مان کيس سندس موقف ۽ مقام تان
ڪڏهن به چوري نه سگهيس.
(پاڪستان ٽائيمز لاهور 25 ڊسمبر 1975ع)
مهاتما گانڌيءَ لاءِ راءِ:
لارڊ
مائونٽ بيٽن کان، برصغير جي اُتم سياسي ليڊر
مهاتما گانڌيءَ متعلق به سوال پڇيو ويو. لارڊ
مائونٽ بيٽن، گانڌيءَ سان متعلق به ڪافي گفتگو
ڪئي. ان سلسلي ۾ فقط هڪ سوال جو جواب پيش ڪجي ٿو:
سوال: سائين:ــ هن دور جي عظيم مهارشي ۽ سياسي
رهنما مهاتما گانڌي جنهن جي عظيم شخصيت، روحانيت ۽
سياست جو عجيب سنگم چئي وڃي ٿي، ان متعلق اوهان جو
ڪهڙو رايو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪو اهڙو واقعو ٻڌايو،
جو اوهان کي دلچسپ لڳو هجي ۽ اسان ۽ ٻڌندڙن لاءِ
به دلچسپ ٿي سگهي.
لارڊ
جو جواب: مهاتما گانڌي بيشڪ هڪ عظيم انسان ۽
سياستدان هو. ان متعلق فقط هڪ دلچسپ واقعو پيش
ڪريان ٿو.
مهاتما گانڌي، ڪانگريس ۾ هندن جي اڪثريت قائم ڪرڻ
لاءِ ڪيترن سياسي ۽ تهذيبي مسئلن کي نظرانداز ڪري،
اهو فيصلو ڪيو ته هو ڪيئن به ڪري ٽيهه ڪروڙ اڇوتن
کي هندن جي ڌرم ۾ آڻي ۽ آدمشماريءَ ۾ کين ”هندو“
لکائڻ ۾ ڪامياب ٿئي. ظاهر آهي ته حقي واجبي
هندستان ۾ ڀاري اڪثريت ته اڇوتن جي هئي، جن جو
اندازو 25 کان 30 ڪروڙن تائين ٻڌايو ٿي ويو. ان
سان گڏ انهن کي اڇوت، جاهل، اڻ پڙهيل، بي دين ۽ بي
مذهب، نيچ، مليڇ به سڏيو ٿي ويو، ڇالاءِ ته هندو
جي ڇوت ڇات جي ڪري ۽ ذاتين جي ورن فلاسافيءَ جي
ڪري ”شودر“ سڏي، سندس سماجي حيثيت کي ايترو ته
ڪيرايو ويو هو، جو سندن ٻارن کي هندن جي اسڪولن ۾
پڙهڻ جي اجازت ئي نه هئي. انهن کي هٿ لڳائڻ يا
انهن جو ڪنهن برهمڻ کي هٿ لڳائڻ مهاپاپ هو. نتيجو
اهو نڪتو جو اڇوت، شهري حقن، بازارن ۾ خريد و
فروخت ڪرڻ، واپار ۽ تجارت ڪرڻ، هنر ۽ صنعت، تعليم
۽ اوچي تربيت کان محروم رهجي ويا. انهن جي اڪثريت
هميشه شهرن کان ٻاهر ڏاڍي تڪليف واري ماحول ۾
گذاريندي هئي، باقي ته ڪروڙن جي تعداد ۾ ڀارت جي
پهاڙي علائقن ۽ غير آباد بيابانن ۾ پٿر جي دور
واري زندگي گذاريندا هئا. کين زراعت جي به اجازت
نه هئي، ان ڪري هو جهنگلن ۾ پيدا ٿيندڙ ميون ۽ ڦلن
تي ۽ ان سان گڏ جانورن جي شڪار تي گذر ڪندا هئا.
اهو
اسان جي راڄ جو احسان آهي، جو اسان جي مسيحي
مشنريز جي تبليغ سان لکها اڇوت، مسيحي ٿي چڪا آهن.
اڄ اهي ڊاڪٽر، استاد، انجنيئر ۽ مال ملڪيت وارا
آهن. پوري ملڪ ۾ لکن جي تعداد ۾ سندن لاءِ جداگانا
اسڪولن جو ڄار وڇايل آهي. ان هوندي به اڃا تائين
ڪروڙها اڇوت اهڙا آهن، جن تائين موجوده دور جي
روشنيءَ جو ڪو به ڪرڻو پهتو ناهي ۽ انهن جو ڪو به
مذهب ناهي ۽ نه ڪو وٽن ڪو سماجي نظام آهي.
انهن
اڇوتن کي پنهنجن سياسي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ مهاتما
گانڌي، پاڻ کي اڇوتن جي نمائندي ۽ همدرد بنائڻ
لاءِ ڌوتي ٻڌي، اڌ اگهاڙپ اختيار ڪئي، مٿو اگهاڙو
ڪيو ۽ پيرن ۾ سادو چمپل پائڻ شروع ڪيو.
جڏهن
ته هندو ڌرم ۽ برهمنزم ڪي تبليغي مذهب ڪين آهن، جن
۾ ڪو ٻئي مذهب وارو ماڻهو داخل ٿي سگهي، ان ڪري
گانڌيءَ لاءِ اها مشڪلات پيدا ٿي ته هندو ۽ برهمڻ
ته اڇوتن کي نه هندن جي ڌرم ۾ اچڻ ڏيندا ۽ نه ساڻن
وهنوار ۽ ڀائيچاري مان هلندا، ڇو ته برهمڻ جي
نگاهه ۾ برهمڻ، پرماتما جي مُک مان، کتري بازن
مان، ويش سٿرن مان ۽ اڇوت يا شودر پيرن مان پيدا
ٿيل آهن ۽ اهي ائين ئي رهڻا آهن. ڪوبه کتري يا ويش
ڪيڏو به ڌرم ڪرم وارو عالم ۽ فاضل هجي، پر هو
پنهنجو ”ورن“ بدلائي برهمڻ ٿي نٿو سگهي، ان صورت
۾ ”شودر“ ڇا به بنجي وڃي، اهو برهمڻ ته پري رهيو،
ويش ۽ کتري جي درجي تي به اچي نٿو سگهي.
انهن
مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ، مهاتما گانڌيءَ هڪ حل
پيدا ڪيو ۽ هڪ ”هريجن تحريڪ“ هلايائين. اڇوتن کي
”هريجن“ جو لقب ڏنائين ۽ کين هندن جي چئن ورنن کان
علحيده ڪري نالو رکيائين پر ماتما جو اولاد ۽
هريءَ جي جنتا! ان کان پوءِ اخبار ڪڍيائين ان جو
نالو رکيائين ”هريجن“، ان طرح اڇوتن ۽ گهٽ ذات
وارن جي محلن جو نالو رکيائين ”هريجن ڪالوني.“
سندس
اهو ڪم ڪافي حد تائين ڪامياب رهيو. پر ٻئي طرف
جناح صاحب پاران جوگيندرناٿ منڊل کي مرڪزي عارضي
حڪومت ۾ وزارت ڏياري، گانڌيءَ ۽ ڪانگريس کي سخت
پريشان ڪيو. ڇو ته هندو، ڪنهن به اڇوت کي وزير
بنائڻ لاءِ تيار ئي نه هئا. ايتري قدر جو پاڪستان
جي پهرين پارليامينٽ جي ڪارگذاري هلائڻ لاءِ، محمد
علي جناح، پارليامينٽ جو عارضي صدر به جوگيندر ناٿ
منڊل کي چونڊرايو، جو اڇوت هو. (ڀارت ۾ تازو
جگجيون رام کي وزير ڪيو هو، جو هاڻي لاٿو ويو آهي:
مترجم)
ان
سلسلي ۾ مهاتما گانڌيءَ ٻيو اهم ڪم ڪيو جو ٿرڊ
ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ جو اختيار ڪيائين ۽ ڪٿي به ويندو
هو ته هميشه ”ڀنگي ڪالوني“ ۾ رهندو هو، جنهن کي
”هريجن ڪالوني“، سڏيو ويندو هو ۽ جتي اڇوتن کان
سواءِ ٻيو ڪوبه هندو نه رهندو هو. ڪانگريس طرفان،
مهاتما گانڌيءَ جي ان ڪردار کي، انسان دوستي سڏي،
وسيع پيماني تي پرچار ڪيو ويو. نتيجو ته اهو ئي
نڪتو جو تقسيم کان پوءِ ”اڇوت“ اتي جو اتي آهن ۽
مهاتما گانڌيءَ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ نه رهي هريجن
اخبار، نه رهي هريجن ڪالوني ۽ نه رهي هريجن تحريڪ!
عيسائي مشنريز زور شور سان ڪم ڪري رهيا آهن.
سروجني نيڊو سان ملاقات:
ان
سلسلي ۾ هڪ عجيب واقعو ٻيو به آهي. مون هڪ ڀيري
برصغير جي مشهور ليڊر بلبل هند سروجني نيڊو سان
مذاق ڪئي. (ياد رهي ته نيڊو ڪانگريس جي چوٽيءَ جي
ليڊرن ۽ دنيا جي مشهور انگريزيءَ ۾ شاعري ڪندڙن ۾
”بلبل هند“ جي لقب سان مشهور آهي ۽ هڪ صوبي جي
گورنر به رهي چڪي آهي)
مون
سروجني نيڊو کان پڇيو:
”مان
اهو راز اڄ تائين نه سمجهي سگهيو آهيان ته اوهان
جهڙا پڙهيل ڪڙهيل ۽ سمجهه وارا ماڻهو، مهاتما
گانڌيءَ جهڙي عظيم ليڊر کي ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ ۽
ڀنگي ڪالوني ۾ رهڻ جي اجازت ڇو ڏئي چڪا آهيو؟
اوهان جي ڌرم موجب، ڀنگين جي بستيءَ ۾ اڇوتن سان
گڏ رهڻ جي ڪٿي اجازت ڏنل آهي يا نه؟ ٻيو ته
گانڌيءَ جهڙي قيمتي سرمايه لاءِ ايترا خطرا ۽ خدشا
ڇو برداشت ڪيا اٿو!“ |