سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:9  

باب نائون

سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين قومن جو احوال، سيد ۽ ٻيا  اهل مذهب خاندان، افغان يا پٺاڻ، بلوچ، جت، ميمڻ، خواجا،  مهاڻا، ماڇي،  حبشي غلام، انهن جي ٻوليءَ جو نمونو

اصل سنڌي ۽ هندو، جي قديم زماني کان سنڌ ۾ رهندا اچن ٿا، تن جو تفصيلوار احوال ڏيڻ کان اڳ مناسب آهي انهن ٻاهرين قومن جو ذڪر ڪجي، جن ملڪ کي وسايو آهي. اهي هي آهن: 1. سيد، 2. افغان، 3. بلوچ، 4. جت، 5. ميمڻ، 6. خواجا، 7. مهاڻا، ۽ 8. حبشي غلام.

سيدن جي ابن وڏن خاندانن حَسنين ۽ حُسينين جو سنڌ ۾ ججهو تعداد آهي. حسني خاندان جا فرد ” پير“ جي خطاب سان سڏبا آهن، مثلاً پير ڀاون شاهه. حسيني خاندان وارا سيد سڏبا آهن، مثلاً سيد جيئندل شاهه. سنڌ جي رواج مطابق اهي ٻه وڏيون شاخون وري پاڙن ۾ ورهايل آهن، جي پنهنجي اصلوڪيءَ رهائش جي جڳهه پٺيان سڏبا آهن، جيئن بخاري، مٽياري، شيرازي ۽ لڪياري وغيره. انهن مان گهڻا شيعا آهن، تنهنڪري انهن کي افغانن جي حملن وقت گهڻو نقصان سهڻو پيو هو. انهن مان ڪيترا سيد عالم آهن ۽ مذهبي اختلافن هوندي به عام ماڻهو سندن گهڻي عزت ڪندا آهن. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ هنن کي وڏيون جاگيرون انعام ۾ مليون هيون. جڏهن ٽالپرن زور ورتو، تڏهن پيري مريديءَ جي سلسلي کي گهڻو نقصان پهتو، ڇاڪاڻ ته حاڪم پاڻ خود پنهنجي علمي لياقت تي فخر ڪندا هئا ۽ اعليٰ حسب نسب ]2 [ جي دعوا ڪو نه ڪندا هئا.

سنڌ ۾ ورلي ڪو سيد پنهنجي ڌيءَ ڪنهن ٻئي نسب واري مسلمان کي ڏيندو آهي. سنڌ ۾ هڪڙو ٻيو به عجيب رواج آهي، ته ماءُ يا پيءُ ٻنهي مان ڪو به سيد هوندو آهي ته هن جو اولاد به سيد ]3[ سڏبو آهي.

1. قريشي يا صديقي: هي حضرت ابوبڪر صديق رضه جي نسل مان آهن، انهن جو ڪافي تعداد آهي. هنن کي مخدوم جو خطاب مليل آهي، جيئن ته حضرت مخدوم نوح صديقي هالائي. فاروقين جو خاندان به قريشين ۾ اچي وڃي ٿو. هو پنهنجو نسل حضرت عمر رضه ڏانهن ڇڪين ٿا. هنن جو نالو گهڻو ڪري ”ميون“ جي لفظ سان شروع ٿيندو آهي، جيئن ته ميون ابراهيم فاروقي وغيره.

2. علوي: حضرت عليءَ رضه جو اولاد، ڪنهن به زوجه مان، سواءِ بيبي فاطمه جي.هي اڪثر شيعا هوندا آهن، مگر هو گهڻا نه آهن.

3. عباسي: حضرت عباس رضه جو اولاد. هي سنڌ ۾ گهڻا آهن.

ٻيا خاندان جهڙوڪ حمزوي، موسوي، رضوي جي اسلامي ملڪن ۾ عام آهن، سي يا هتي ڪو نه آهن، يا تمام قليل آهن يا مٿين ٽن طبقن ۾ اچي ٿا وڃن.

4.  افغان يا پٺاڻ: هي گهڻو ڪري حيدرآباد جي ويجهو يا سنڌ جي اتر ۾ رهن ٿا. هنن مان گهڻن کي هن ملڪ ۾ رهندي ڪيتريون ئي پيڙهيون ٿي ويون آهن. هو چڱي چوکيءَ ملڪيت وارا آهن. هنن مان ڪي نهايت قابل آهن ۽ ايترو علم اٿن جو چار پنج زبانون چڱيءَ طرح پڙهي، لکي ۽ ڳالهائي سگهندا آهن. هو قداور ۽ شڪل شبيه جا سهڻا هوندا آهن. سندن زالون شڪل شبيه ۾ مردن کان گهٽ نه هونديون آهن.

گهڻا افغان سردار، ممڪن آهي ته سنڌ ۾ مدد خان نورزئي جي مشهور حملي کان پوءِ رهجي پيا هجن. مدد خان کي 1781ع ۾ تيمور شاهه، ڪلهوڙن کي بادشاهي وٺي ڏيڻ لاءِ موڪليو هو، جو هنن کي ٽالپرن ملڪ مان هڪالي ڇڏيو هو. مدد خان، جنهن کي سنڌي ماڻهو حقارت  کان فقط ”مدد“ ڪوٺيندا آهن، تنهن ڏاڍا ظلم ڪيا. هن وڻ وڍائي ۽ شهر ڊهرائي ڇڏيا. گوني نديءَ وارو سائو ۽ سبز علائقو به هن ويران ڪري ڇڏيو هو. ان کان سواءِ، هو ڪيترا ماڻهو قيد ڪري وٺي ويو هو ۽ ڪيترن کي عذاب ڏئي، کانئن سندن خزانا هٿ ڪيا هئائين. انهن ڪارنامن ڪري کيس سنڌي ڀَٽ ۽ چارڻ بيتن ۾ پٽيندا آهن ۽ چوندا آهن ته هو سپاهي نه هو، پر ڦورو هو.

1740ع ڌاري، جڏهن ڪلهوڙن جي صاحبي شروع ٿي، تڏهن سنڌ جا امير امراءَ، مشرق جي ٻين ملڪن وانگر، سرڪاري عهديدار هوندا هئا ۽ گهڻو ڪري سنڌي باشندا هوندا هئا. پر ان گهراڻي جي پهرئين حاڪم، ميان مير محمد کان هڪ نهايت اهم سياسي غلطي ٿي. هن پنهنجن ٻن ڪوهستاني مريدن مير علودي ۽ مسعودي ]5[ کي جاگيرن ۽ ٻين رعايتن جا وعدا ڏئي، ويران پهاڙن مان گهرائي، ترائيءَ ۾ آباد ڪيو. ڏيهي واقعي نگار انهن دهقاني ماڻهن جي اچڻ جو هن ريت بيان ڪن ٿا: ”جڏهن بلوچ خدا آباد کان پندرهن ميلن تي پهتا تڏهن ڪلهوڙن جي حاڪم، معزز مهمانن جي استقبال ۽ کين درالسلطنت ۾ وٺي اچڻ لاءِ، پنهنجا ڪيترا وزير ۽ امير، سونن سنجن وارن گهوڙن ۽ ٻين سوغاتن سان موڪليا. جڏهن سواري اڳتي وڌي ته هنن کي رستي ۾ رواجي لباس ۽ ٻروچن جو هڪ ٽولو مليو، جنهن جي پٺيان گڏهن تي، سندن زالون هيون. وزيرن، مير علوديءَ جي پڇا ڪئي. هنن جي عجب جي حد نه رهي، جڏهن خبر پين ته گودڙي پوش مسافر جنهن کي هٿ ۾ ڍيري ۽ ڪلهي تي ڪانبو ]6[ هو، سو اهو ئي شخص هو، جنهن جي استقبال لاءِ موڪليا ويا هئا! ميان صاحب جي ماڻهن پنهنجي روايت مطابق سندس باعزت سلام ڪيو ۽ کيس هڪ عاليشان گهوڙي تي چاڙهي دارالسلطنت ۾ وٺي آيا. انهيءَ کان پوءِ، بلوچن جا ڪٽڪ، پنهنجن اڳواڻن ۽ قومي سردارن جي اڳواڻيءَ هيٺ، ايندا ويا. هنن کي ڪيتريون جاگيرون مليون ۽ هو ناري نديءَ تي ملڪ جي ٻين آباد پرڳڻن ۾ شهر ٺاهي، ديرو ڄمائي ويٺا رهيا. انهن ڪوهستانين جي اچڻ کان اٽڪل پنجٽيهه ورهيه پوءِ، ڪلهوڙن جي حاڪم ميان سرفراز، ٻن ٽالپر سردارن، ميان مير بهرام ۽ هن جي پٽ صوبدار خان کي مارائي ڇڏيو. خون جو سبب هيءُ هو ته ڪلهوڙن جي حاڪم کي پنهنجن فوجي جاگيردارن جي وڌندڙ طاقت ۽ اثر جو انديشو ٿي پيو هو. پر ان ڪم کي سڀني نفرت جي نگاهه سان ٿي ڏٺو، ڇاڪاڻ ته خون کليءَ درٻار ۾ ميان صاحب جي اکين اڳيان ٿيو هو، جو فوتيءَ جو مرشد هو. مير بهرام جو پٽ، مير بجر، جڏهن حج تان موٽيو، تڏهن مڱرئي ذات جي عبدالرحيم نالي هڪ سنڌي بزرگ سان مشورو ڪيائين. هن وچن ڏنس ته جي تون ڪلهوڙن جي قوم جي جڙ بنياد اکيڙڻ جو وعدو ڏيندين، ته پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندين. ان کان پوءِ هن هڪ معمولي مقابلي ۾ فتح پاتي، پر ڪاميابيءَ جي شرط جي پوئيواري نه ڪيائين. چون ٿا ته جڏهن بزرگ عبدالرحيم سان ملڻ ويو ته هو ان وقت هڪ ٻئي فقير جي صحبت ۾ ويٺو هو. هن بزرگ هڪدم دانهن ڪري چيس:

بجر! اسان پاري، تو نه پاري،
هاڻي ويئي تنهنجي گهران سرداري
.

ٻئي فقير پڻ تائيد ڪئي:

ادا ڪــــــي، مَ چئيسين،
ايندا ڪڪاڻي، پيٽ ڦاڙي ويسين

چون ٿا ته ٿوري وقت کان پوءِ، مير بجر جو ڪاڪاڻي قوم جي ٽن ماڻهن خون ڪيو، جن کي ڪلهوڙن جي چرچ تي جوڌپور جي راجا موڪليو هو. هن جي مرڻ تي سرداري سندس ڀائٽي، مير فتح علي خان ٽالپر جي هٿ ۾ آئي.“

اهڙيءَ طرح، بلوچ سنڌ جا والي ولايت ٿيا، ۽ جيستائين اسان ملڪ ملڪ فتح ڪيو، تيستائين برسراقتدار رهيا. مڪاني واقع نگار جنهن جي تصنيف جو مٿي اختار ڏنل آهي، نهايت موزون لفظن ۾ چوي ٿو ته ”چرخ گردون جا عجيب رنگ آهن. هو بادشاهن کي فقير ۽ فقيرن کي بادشاهه بڻائي ٿو.“

هاڻوڪن سياحن، بلوچستان جي قومن جي نسل تي اهڙا ته تفصيلوار احوال ڏنا آهن، جو انهن کي هتي دهرائڻ جو ضرور نه آهي. البت هڪڙي نڪتي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ضروري آهي. پاٽنجر ۽ پوسٽنس جو قطعي فيصلو آهي ته هي ماڻهو يهودين جي نسل مان آهن. پاٽنجر انهيءَ ڳالهه کان متاثر ٿيو آهي ته هنن ٻنهي قومن جا رواج ۽ رسمون هڪ جهڙيون آهن. پر هو اها ڳالهه وساري ٿو ته خود قرآن شريف ۾ ڪيتريون ڳالهيون توريت ۽ انجيل مقدس واريون ساڳيون آهن، تنهنڪري ان دليل تي هنن ماڻهن کي يهودين ڏي ڇڪڻ منهنجي خيال ۾ صحيح نه آهي. ساڳيءَ ريت، پوسٽنس پوشاڪ جي مشابهت جي راءِ قائم ڪري ٿو، پر اها شهادت به معتبر نه آهي. خود بلوچن جي دعوا آهي ته هو عربن جي نسل مان آهن. هو خاطريءَ سان چوندا آهن ته اسان جو اصلي وطن حلب هو. ”برهان قاطع“ ۾ ڪوچ ۽ بلوچ جي معنيٰ لکيل آهي: ”جهنگلي قومون، جي مڪران جي پهاڙي حدن اندر رهن ٿيون ۽ حجاز جي عربن جو اولاد آهن“. ”تحفة الڪرام“ جو مصنف شايد سندن قوم کي خوش ڪرڻ جي ارادي سان کين محمد بن هارون سان ڳنڍي ٿو، جو امير حمزي ۽ هڪ پريءَ جي اولاد مان آهي. هڪ روايت آهي ته بلوچ جو لفظ ”بچه“ يعني پٽ ۽ ”لوچ“ مان نڪتل آهي. لوچ هڪ ٻانهيءَ جو نالو آهي، جنهن کي محمد بن هارون مان حمل ٿيو هو پر ڏسجي ٿو ته هي روايتون گهڻي ڀاڱي ڏند ڪٿائن تي مبني آهن. مڪاني شهادت بهرحال بلوچن جي عربي نسل جي فائدي ۾ ٿي نظر اچي، پر باريڪ نظر ڪبي ته ان تي هڪ وڏو اعتراض هي نظر ايندو، ته بلوچن کي پنهنجي اصلوڪي زبان جو هڪ لفظ به ياد نه آهي ۽ هو هڪ قديم ۽ شايد ايراني طرز جي زبان ڳالهائين ٿا. بهرحال، منهنجي نظر ۾ هي مسئلو اهڙو اهم نه آهي، جو ان تي وڌيڪ ويچار ڪجي.

ڪلهوڙن جي گهراڻي کان پوءِ، جڏهن ٽالپرن جو ٽيلو ٿيو، تڏهن جيئن مٿي ڏيکاريل آهي ته هنن پنهنجن هموطنين جا لشڪر گهرائي کين زمينون، جاگيرون ۽ ٻيون رعايتون ڏئي، ملڪ وسائي ويهڻ لاءِ همٿايو. هنن جي پٽي جا شرط جاگيري سرشتي جهڙا هوندا هئا. هر هڪ سردار کي لڙائيءَ وقت حاڪم سان همرڪاب رهڻو پوندو هو. ملازمن جو تعداد مقرر ٿيل ڪو نه هوندو هو، پر هر هڪ گهر جو وڏو ان ڳالهه ۾ پنهنجي عزت سمجهندو هو ته ميدان جنگ ۾ منهنجي پٺيان سڀ کان گهڻا پوئلڳ هجن. اهڙيءَ طرح ٽالپرن جي ڏينهن ۾ بلوچي سردارن هڪ فوجي حڪومت جي صورت اختيار ڪئي، جهڙيءَ طرح انگلينڊ جي فتح کان پوءِ، اتي نارمن قوم ڪئي هئي.

مشرقي ملڪن ۾ پنگت جا دؤر نهايت بي بقا هوندا آهن. سر چارلس نيپئر، ڇهن مهينن جي اندر، بلوچ قومن جو ڊؤل اهڙو ته ڦيرائي ڇڏيو، جو هنن جي حيثيت تمام ڪمزور ٿي ويئي. ان معاملي ۾ هيٺيان اپاءَ تمام ڪارگر ثابت ٿيا هئا:

پهريون، عام ماڻهن جا هٿيار کسڻ يا ماڻهن کي هٿيارن سان گهمڻ کان منع ڪرڻ. هن حڪم جا ٻه نتيجا نڪتا: هڪڙو هي ته ڏيهي ماڻهن جي دلين ۾ هڪ قسم جي حيرت پيدا ٿي، ڇاڪاڻ ته هو پيڙهين کان وٺي بندوق، ترار ۽ ڍال کان سواءِ ٻاهر ڪو نه نڪري سگهندا هئا. ٻيو وڏو فائدو هيءُ هو ته هٿياربند ماڻهن جو گهڻي تعداد ۾ گڏ ٿيڻ محال ٿي پيو.

ٻيو اپاءُ، خون، ڌاڙا، ڦريون، زالون مارڻ ۽ اهڙن ٻين ڏوهن جي ترت ٿڏي تي سزا. بلوچ کي ڪاري ڪاريءَ جي ڏوهه ۾ ڦاسي ڏيڻ، شايد انصاف جي اصولن جي مطابق نه هجي، پر ان جي مصلحت ۽ ضرورت تي ڪنهن به قسم جو اعتراض ٿي نٿو سگهي.

ٽيون اپاءُ، سردارن، جاگيردارن ۽ زميندارن جون ڪڙمين مٿان اختياريون کسي، سندن طاقت کي ڪمزور ڪري، آخر ختم ڪرڻ. رعيت کي اهو ذهن نشين ڪرايو ويو ته حڪومت جون واڳون سرڪار جي هٿ ۾ آهن. جاگيردارن کي اها خاطري ٿي ته حڪومت سندن هٿان نڪري چڪي هئي.

بلوچ، سنڌيءَ کان شڪل شباهت ۾ البت سرس آهي. هو رنگ جو وڌيڪ گورو، بدن جو سگهارو ۽ هڏ ڪاٺ جو مضبوط آهي. هن کي پنهنجي نموني جي عزت ۽ شان هوندو آهي. هو بزدليءَ کي اڳئين زماني ]9[ جي پهلوانن وانگر نفرت سان ڏسندو آهي ۽ هو ڪافي قومي فخر ۽ عزت رکندو آهي. پر هو وفادار نه آهي ۽ خونريزي ڪري ٿو. هو باز يا گهوڙي کي هيرائڻ جو ڪم، لکڻ پڙهڻ کان وڌيڪ شاندار پورهيو ڪري سمجهندو آهي. هو بغداد ۽ بخارا جي سڀني علمن تي ڪمال حاصل ڪرڻ کان، ترار جي هڪ ڌڪ سان دنبي کي ٻه اڌ ڪري وجهڻ وڌيڪ پسند ڪندو آهي. ان ڪري سنڌ ملڪ ۾ هن وقت پڙهيل بلوچ ماڻهو نه هئڻ برابر آهن. امير خود فارسيءَ جي ٿوري گهڻي علم تي ڪفايت ڪندا آهن، ۽ مغرب ]11[ کان جيڪي ڪتاب گهرائيندا آهن، تن کي هو هٿ به ڪو نه لائيندا آهن. ٽالپر خاندان جي هڪڙي سردار مون کي پراڻي زماني جي نوع ۾ چيو ته ”مان پاڻ لکي نه ڄاڻان، پر پڙهيل منشيءَ کان سواءِ ٻاهر ڪڏهن ڪو نه نڪرندو آهيان.“

بلوچ بيڪار سپاهي نه آهي. هن کي ننڍي هوندي کان وٺي هٿيارن ڪم آڻڻ ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ جي سکيا ملندي آهي. هو دلير ۽ سگهارو آهي، پر شمشير زنيءَ ۾ چالاڪ نه آهي. هو ترار هڻڻ جو هنر ڄاڻي، پر ڍال سان وار چڱيءَ طرح ٽاري سگهندو آهي. هو شمشير زنيءَ ۾ ٻين قومن کان پٺتي آهي، پر هن جي خوبي، اها آهي جو هو عربن وانگر زور وارو ڌڪ هڻي سگهندو آهي ۽ پنهنجي ڳري ۽ ڀروسي جهڙي جوهردار ترار ]12[ سان گهڻو هاڃو ڪري سگهندو آهي. ڏيهي حاڪمن وٽ لشڪر جي هٿياربند سپاهين کي، غير مسلح سپاهين کان وڌيڪ عزت ملندي هئي، هو ويڙهه ۾ هيٺيان هٿيار ڪم آڻيندا هئا: جامڪيدار بندوق، ڊگهين ديسي پر مضبوط نيزن سان، پستول ( ورلي)، تلوارون، بڙڇيون، ڀالا، خنجر ۽ عجيب شڪل جون سڌيون تلوارون، جن کي ڪٽاري چوندا آهن. ڪمان ورلي ڪم ايندي هئي. ان ڪري منهنجي راءِ آهي ته بلوچن جي بازن ۾ اها قوت نه آهي، جنهن انگلينڊ جي سئڪس قوم جي هٿ ۾ ڪمان کي هڪ جبرو هٿيار ثابت ڪيو هو، ۽ افغانن ]13[ وٽ اڃا ڪارائتو هٿيار آهي. يورپ جي پهلوانن واري زماني ۾ جا ڳري زرهه بچاءَ لاءِ پائيندا هئا، تنهن جي خبر بلوچي سردارن کي ڪا نه آهي. هو کليل منهن، ڳچي، ٻانهن ۽ سٿرن سان وڙهندا آهن. مٿي جي حفاظت ڪنگور سان ڪندا آهن، جو ريشمي استر سان لوهه جو ٽوپ هوندو آهي. ان جي مٿان ريشمي پڳ ٻڌي ڇڏيندا آهن. پڳ جي مٿان بعضي بعضي ٽوڙهو يا رڪ جي ڇلن جي ڄاري ٻڌندا آهن. بدن تي سٿرن تائين سوڙهي زره هوندي اٿن. سڀ کان عمديون زرهون خراسان ۽ ايران کان اينديون آهن. اهي چاندي يا رڪ جي ڄاريءَ جون ٺهيل هونديون آهن. بعضي انهن تي سونو پاڻي يا رنگ چڙهيل هوندو آهي، ۽ پيون جرڪنديون آهن. ڪي امير زرهه جي هيٺان يا ان جي بدران ريشمي ڪوٽ ڍڪيندا آهن. جو ولائتي ڪپڙي جو ٺهيل هوندو آهي ۽ گهڻا مضبوط سبيل تهه هوندا اٿس. ان جي پائڻ سان تلوار جو ڌڪ اثر نه ڪندو آهي پر اهو ڳرو ۽ اهنجو هوندو آهي. هٿن جي بچاءَ لاءِ دستانا هوندا اٿن، جي زرهه وانگر رڪ جي ڄاريءَ جا ٺهيل هوندا آهن. هيءَ هڪ تمام ضروري شيءِ هوندي آهي  ڇاڪاڻ ته تلوار جو مٺيو آڱرين جي حفاظت نه ڪري سگهندو آهي. ڍالون هر هڪ جي مرضيءَ مطابق مختلف مقدار ۽ شڪل جون هونديون آهن. اهي گهڻو ڪري چمڙي يا گينڊي جي کل مان ٺهيل هونديون هيون.

ٻين ڏيهي حاڪمن وانگر سنڌ جي ميرن کي باقاعدي لشڪر ڪو نه هوندو هو ۽ نه وري هنن جي سپاهين کي باقاعدي تربيت ملندي هئي. هنن کي تازو يورپي طريقي جي ڪجهه سکيا ڏني ويئي هئي. بلوچ خاص ڪري مري ۽ اتر جون ٻيون ويڙهو قومون، سپاهين جي پلٽڻ وانگر باتربيت حملي ڪرڻ جي بدران نشي ۾ مست ٿي، ڌوڪي، دشمن جي مٿان وڃي ڪڙڪڻ پسند ڪنديون هيون. اهو هڪ ڪارگر طريقو آهي، جو عربستان ۽ افغانستان ۾ ثابت ٿي چڪو آهي، پر اهو فقط تڏهن ڪامياب ٿي سگهي ٿو، جڏهن حملي ڪندڙ وڏي تعداد ۾ هجن.

ڏيهي حڪومت جي سپاهه جي پگهارن بنسبت جدا جدا رايا آهن: هڪ پيادي کي گهٽ ۾ گهٽ ساڍا ٽي رپيا مهيني ۾ ملندا هئا. ڪن گهوڙيسوارن کي رپيو روز جو ملندو هو. سردارن ۽ عملدارن کي سندن عهدي مطابق مقرر اجورو ملندو هو. ان کان سواءِ هو دشمن جي ملڪ ۾ ڦرمار جدا ڪندا هئا ۽ پنهنجي ملڪ جي لوازمن ڏيڻ کان نٽائيندا هئا. فوجي زيادتين جي حد ڪا نه هوندي هئي. بدانتظاميءَ جي ڪري فوج جي جدا جدا طبقن ۾ هڪ ٻئي لاءِ عزت ڪا نه هوندي هئي. پر ائين به نه آهي ته هنن ۾ ڪا محبت يا اخلاص جي ڪمي  هئي.

ڏيهي حڪومت ۾ زنا ۽ حرامڪاري ورلي ٿيندي هئي. بيٺل ۽ پڙهيل ماڻهن ۾ زالن جي سَتَر لاءِ سخت اپاءَ ورتا ويندا هئا ۽ ترار جو ڊپ گهٽ ذات وارين زالن کي هميشه سنئين رستي تي هلائيندو هو. جڏهن اسان ملڪ فتح ڪيو ۽ مڙسن کي قانون شڪنيءَ کان منع ڪئي، تڏهن سنڌي چوڻيءَ موجب ” زالن سمجهيو ته هاڻي ترار اسان جي اڳٺ کان جدا ٿي ويئي آهي“نتيجو اهو نڪتو، جو هنن هر نموني جي بدڪاري ڪرڻ شروع ڪري ڏني. مگر ٿوري وقت کان پوءِ قدرتاً انهن کي اها بد راهه ڇڏڻي پيئي. بنگت درجي بدرجي وري پنهنجي اصلوڪي صورت اختيار ڪئي، ۽ ڇريءَ ۽ تلوار جي جڳهه ڪلف ۽ ڪڙن ورتي.

بلوچن جون زالون ڪي ورلي ايتريون تعليم يافته هونديون آهن، جو مختصر فارسيءَ ۽ سنڌيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه پڙهي سگهن. ڪي ٿوريون لکي ڄاڻن. هو پنهنجو وقت گهڻو ڪري ڌاڳن وٽڻ، ڪپڙن ٺاهڻ ۽ پائڻ ۽ اهڙين ٻين مشغولين ۾ صرف ڪنديون آهن. سنڌي ۽ هندو عورتن جي مقابلي ۾ هو هر ڳالهه ۾ وڌيڪ جرات ڏيکارينديون آهن. مٿئين طبقي جون زالون باوقار ۽ بااخلاق هونديون آهن. هندستان جي هلڪيءَ طبيعت وارين چلولين عورتن  جي مقابلي ۾، هو گنڀير نظر اينديون آهن. هنن کي نڪي ته زهر ڏيڻ جي خبر آهي، ۽ نه وري خودڪشي ڪنديون آهن. گهڻيون بيوهه زالون وري شادي ڪرڻ کان انڪار ڪنديون آهن. مون ٻڌو هو ته هڪڙي ماڻهوءَ پنهنجيءَ ڀيڻ کي چيو هو ته هو ٻيو نڪاح ڪري يا هميشه لاءِ گهر  ۾ روزي ]15[  ۾ رهي. چون ٿا ته هن تنها رهڻ پسند ڪيو. ڪي زالون جن کي زاهد ٿيڻ جي تمنا هوندي آهي، سي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪنديون آهن ۽ تنهائيءَ جي حياتي اختيار ڪنديون آهن. پر اهڙا مثال ٿورا آهن. بلوچي زالن کي پنهنجن ٻارن لاءِ محبت هوندي آهي ۽ هو پنهنجن مذهبي فرضن تي پورو پورو ڌيان ڏينديون آهن. حج جون مشڪلاتون ۽ خطرا هنن کي مڪي  شريف وڃڻ کان ڪو نه روڪيندا آهن.

ٻروچن ۾ اهو برو رواج آهي ته سربتن يا غير شادي شده عورتن مان جي ڇوڪريون]16[ پيدا ٿينديون اٿن، تن کي آفيم ڏئي يا ٻي طرح، ]17[ ماريندا آهن. ناجائز حمل جي حالت ۾، هو ٻارن ڪيرائڻ جون دوائون به استعمال ڪندا آهن، پر انهن جي ڪاميابيءَ جي خاطري ڪا نه هوندي اٿن، پر اهي رواج رڳو ڪن وڏن ماڻهن ۾ آهن، جي پنهنجن حاڪمن جي پيروي ڪندا آهن ۽ ناجائز ٻارن جي حياتي وٺڻ ۾ پنهنجي وڏائي سمجهندا آهن، توڙي جو هنن کي خبر هوندي آهي ته مذهبي نقطئه نگاهه کان اهو ڪبيرو گناهه آهي. اسان جي حڪومت ۾ ڇوڪرين جي هتيا گهٽ ٿي آهي، پر بلڪل بند اڃا ڪنهن به صورت ۾ ڪا نه ٿي آهي. بلوچن کي ڌيئرن لاءِ ورلي اها محبت هوندي آهي، جا کين پٽن لاءِ هوندي آهي. اڪثر مشرقي ملڪن ۾ ڇوڪريون بوجهه سمجهيون وينديون آهن ۽ ملڪ ۾ امن امان نه هئڻ سبب انهن جي حياتي سچ پچ جوکائتي آهي. ڀانئجي ٿو ته فطري پيار ۽ اولاد جي محبت جو به جدا جدا هنڌن تي جدا جدا تصور آهي. ملبار جي نائر قوم ]18[ جا ماڻهو يورپ جي عالمن جي پدري ۽ مادري محبت جو هڪ عجيب خيال ۽ اصطلاح ڪري سمجهندا آهن، ڇاڪاڻ ته هنن کي ننڍي هوندي کان وٺي اهو سبق ڏنو ويندو آهي، ته چاچو پيءُ کان وڌيڪ ويجهو عزيز آهي، جنهنڪري هو ڀائٽين کي پٽن کان وڌيڪ پيار ڪندا آهن!

بلوچن کي لڙائيءَ ۽ شڪار لاءِ بي انتها محبت هوندي آهي، جنهنڪري هو گهوڙن، اٺن ۽ بازن جو وڏو قدر ڪندا آهن. عربستان وانگر هت به گهوڙيون گهوڙن کان وڌيڪ پسند ڪيون وينديون آهن. غريبن ۾ ته گهوڙي هڪ گهر جو ڀاتي ڪري ليکي ويندي آهي،  گهڻا ماڻهو پاڻ وقت تي ماني نه کائيندا آهن، پر پنهنجي پياري وهٽ کي بک نه ڏيندا. ڳيهرائي سيدن ۽ کوسن، قرمطين، مرين ۽ نظاماڻين ]19[  جون گهوڙيون بهترين نسل جون سمجهيون وينديون آهن. هڪ چڱيءَ گهوڙيءَ جي قيمت ڪوهستان ۾ اڳي اٽڪل 400 رپيا هندي هئي. هاڻي ان رقم جو اڌ يا چوٿين پتي مس ٿيندي. چاليهن ڏينهن کان پوءِ گهوڙيءَ جو ڦر ماءُ کان ڇڏائي ان کي اُٺ، ٻڪري يا ڳئونءَ جو کير پياريندا آهن. اُٺ جو کير زياده مفيد سمجهيو ويندو آهي، جو چون ٿا ته اهو پنڌ وڌائيندو آهي. مينهن جي کير کان پاسو ڪندا آهن، جو چون ٿا ته ان جي ڪري گهوڙو پاڻي ڏسي ويهي رهندو آهي. پهرئين سال ۾ ئي گهوڙي جي سکيا شروع ڪئي ويندي آهي. ڇهن مهينن ۾ گهوڙو پنڌ ڪرڻ، قدم قدم هلڻ، ڀڄڻ ۽ دڙڪي سکي ويندو آهي. بلوچن کي گهوڙن سيکارڻ جو شوق آهي، هو انهن کي هڪدم ڦرڻ، بيهڻ، ڇال مارڻ زمين تي ڪِري پوڻ ۽ مشرقي نموني جي ٻين ڪرتبن جي مشق  ڪرائيندا آهن. گهوڙن کي دوائون ورلي ڏنيون وينديون آهن.گهوڙن ۽ بازن لاءِ”فرسي نامي“ ۽ ”باز نامي“]30[  ۾ جي نسخا لکيل آهن، تن موجب دوائون ڪو نه ڏيندا آهن. مگر انهن کي اهي ستيون ڦڪيون ڏنيون وينديون آهن، جي آزمودي ۾ ڪارائتيون ثابت ٿيون آهن ۽ جن جو رواج آهي. خانه بدوش ماڻهوءَ جي سفر جو مدار اڪثر گهوڙي جي رفتار ۽ تربيت تي هوندو آهي، تنهنڪري ان کي سفر لاءِ محنت ۽ خبرداريءَ سان تيار ڪيو ويندو آهي. سفر کان ڪيترا ڏينهن اڳ ان کي ان دنبي جي اوٻاريل منڍي ۽ ٻيو گوشت ۽ گيهه کارايو ويندو آهي. پاڻي ۽ ڪَچو گوشت تمام ٿورو ڏيندا اٿن. انهن کي ورزش ڊگهي ڪرائيندا آهن، جيتوڻيڪ اها سخت نه هوندي آهي. پگهر جلدي جلدي ڏياريندا اٿن، پر گهڻو نه. گهوڙن جي تربيت جو هيءُ طريقو نهايت ڪارگر هوندو آهي. ان سان گهوڙي جي صحت ۽ دم ٻيئي سڌرندا آهن.

بلوچن ۾ به، ٻين پٺتي پيل ڪوهستاني قومن وانگر، جي جاگيرداريءَ جي ماحول ۾ پليون آهن، فرقيوارانه جذبو گهڻو آهي. ٽالپرن کان سواءِ ٻيو ڪو به خاندان ڌاريءَ قوم جي هڪ لائق ڇوڪر کي ٻانهن ڏيڻ کان انڪار ڪونه ڪندو پر اها ڳالهه پسند ڪو به ڪو نه ڪندو. راڄ جا سڀ ماڻهو سردار کي هر سال سرشماري ڏيندا آهن. ان کان سواءِ جيڪڏهن خاندان ۾ ڪو ڄم، شادي يا موت ٿيندو هو ته هو پاهت به ڏيندا  اٿس.

جت ]21[، جن کي جٿ، ڄٿ يا ڄٽ به ڪري لکندا آهن، سي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ حڪومت ڪندڙ طبقي جا ماڻهو هوندا هئا. شايد اهو ئي سبب آهي جو ”تحفة الڪرام“ جو مصنف انهن کي بلوچن جو هم نسل ڪري لکي ٿو. مگر بلوچ انهيءَ ڳالهه کان بلڪل انڪاري آهن خود جتن جو چوڻ آهي ته هو رسول جي اصحاب عقيل جو اولاد آهن. پر هو جيڪا جتڪي ٻولي ڳالهائيندا آهن، سا ڏيکاري ٿي ته هو پنجاب ]22[ ۽ اڀي، جهنگ سيال، ملتان يا ڪن ٻين ضلعن مان آيا هوندا، جن جي آباديءَ جو دارو مدار پنجن ندين تي آهي. هو لڙاين يا ڏڪر جي ڪري پنهنجي ملڪ مان لڏي ڏکڻ طرف سبيءَ ۽ ان جي آسپاس وارن پهاڙن ۾ اچي ويٺا هئا. سمجهيو وڃي ٿو ته هو سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي صاحبيءَ کان  ٿورو اڳ آيا هئا. هنن جلد ئي پنهنجي مردانگيءَ ۽ قوت جي ڪري نالو ڪڍيو. افسوس آهي ته هن وقت، انهن ۾ ڪو به نمايان گڻ نه رهيو آهي. هنن جي جاگيردارن، زميندارن ۽ سردارن جي اولاد مان هاڻي اهڙو ڪو نه رهيو آهي، جنهن کي دولت يا عهدو هجي. هنن جون مکيه وسنديون ڪڪرالي، جاتي، چانڊيه، ماڃر، ڦلجي ۽ جوهي ۾ آهن. هن وقت، هو گهڻو ڪري پوکي راهي ڪندا آهن ۽ اُٺ پاليندا آهن. هو هڪ بي ضرر قوم نظر ٿا اچن. سندن گهڻيون ئي ذاتيون آهن. جن مان مکيه هي آهن! ٻٻر، ڀٽي، جسڪاڻي، جويا، ڪلرا، مگسي، ميرجت، پرهياڙ، سنجراڻي، سيال ۽ سولنگي.

ميمڻ فقط شايد عربي لفظ ”مومن“  جي بگڙيل صورت آهي. ڀانئجي ٿو ته اهو نالو هنن ماڻهن تي تڏهن پيو، جڏهن هو هندن مان مسلمان ٿيا. سنڌ ۾ گهڻائي ميمڻ رهن ٿا. خاص ڪري حيدرآباد،  سيوهڻ ۽ ڪراچيءَ جي طرف. هنن جو اصلي وطن شايد ڪڇ آهي، جو هو انهن مان گهڻا اڃا اتي رهن ٿا. اسان جي صوبي  يعني سنڌ ۾ هو آبادي ڪندا ۽ اُٺ پاليندا آهن. هو ٻين سنڌين جهڙي پوشاڪ پهريندا آهن، پر هو اڪثر مٿو ڪوڙائيندا آهن، خاص ڪري ٻڍاپي ۾، ۽ پڳ ٻڌندا آهن، پر بعضي هو سنڌي ٽوپي به پائيندا آهن. هنن گهڻا عالم پيدا ڪيا آهن ۽ مذهبي علمن جي ملڪ ]25[ ۾ چڱي اشاعت ڪئي اٿن. ميمڻن ۾ بيوه ۽ ڌيءَ کي شرعي حصو ملندو آهي. ميمڻ هڪ معزز قوم آهي، البت طمع جي ڪري بدنام آهي.

خواجه ]26[، جنهن کي سنڌ ۾ عام طرح خواجو يا کوجو چوندا آهن، سا اصل ۾ هڪ ننڍي ٻاهرين قوم آهي. هو گهڻو ڪري ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا، جتي هنن جا اٽڪل ٽي سؤ گهر ٿيندا. هنن جي پنهنجي چوڻ موجب هو ايران ]27[ کان آيل آهن. هو شايد ايران مان ان وقت نڪتا هئا، جڏهن هلاڪو خان اسماعيلين سان سختيون ڪيون هيون. سنڌ ۽ ڪڇ ۾ جيڪي هندو اڳتي هلي پير صدر الدين جي تبليغ هيٺ مسلمان ٿيا، تن کي به خواجه ڪوٺيندا آهن. هو اڃان به اسماعيلي فرقي جا آهن. هو جماعتخاني ۾ عبادت ڪندا آهن، جو خاص ان ڪم لاءِ هوندو آهي. هن وقت، ورلي سنڌي خواجه گهڻي علم وارا آهن. انهيءَ معاملي ۾ هو پنهنجن هندستاني ۽ مسقط جي ڀائرن کان پٺتي پيل آهن. اسان جي صوبي سنڌ ۾ هنن ايتري ترقي ڪئي آهي جو پنهنجي لاءِ ڪي اکر ايجاد ڪيا اٿئون.

خواجو سنڌي ٽوپي يا پٽڪو پائيندو آهي. هو اڪثر مٿو ڪوڙائيندو آهي ۽ لوندڙين مٿان زلف ڇڏيل هوندا اٿس. زالون ۽ مڙس ڳاڙها يا اڇا ڪپڙا پائيندا آهن. هو ڪاري رنگ کان پاسو ڪندا آهن. عام ماڻهن کي نيرو رنگ پسند هوندو آهي. ٻي پوشاڪ عام سنڌين جهڙي هوندي اٿن. سڀ ڊگهي ڏاڙهي ڇڏيندا آهن. جوان ماڻهو مڇن جي سنت ڪو نه وٺائين.

مهاڻا يا ماڇي ذات وارا هندن مان مسلمان ٿيل ٿا ڏسجن. هي ماڻهو وصفن ۾ سنڌين جهڙا اصل ڪو نه لڳندا آهن. هنن جا مهانڊا هڪڙي عجيب قسم جا هوندا آهن ۽ رنگ تمام سياهه هوندو اٿن. هنن جون زالون جوانيءَ ۾ اڪثر حسين هونديون آهن، پر گهڻي ڪم ۽ رولڙي ۽ ٻين سببن ڪري جلد ئي انهن جو حسن مارجي ويندو آهي. مهاڻا گهڻو ڪري منڇر، ماڃر ۽ ڪينجهر ڍنڍن جي آسپاس رهندا آهن. ڪينجهر ڍنڍ تي سنڌ جي اڳوڻي حاڪم، ڄام تماچيءَ جي محل جا نشان آهن، جنهن هڪڙي مهاڻي جي حسين ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. انهيءَ واقعي جو بيان مڪاني روايتن ۾ ڏنل آهي، ۽ سنڌ جي شاعر،شاهه ڀٽائيءَ ان کي پنهنجي سنڌي صوفيانه ڪلام ۾ هڪ قسم جي حيات جاودان  بخشي آهي. مهاڻن جي زبان تمام ڪِريل آهي. مرد سگهارا ۽ محنتي آهن، پر کين ڀنگ، آفيم ۽ هر قسم جي نشي جو مرض آهي. هنن جو گذران تنگ ]32[ ۽ حياتي جوکي واري هوندي آهي. سندن اڌ وقت پاڻيءَ ۾ يا پاڻيءَ تي گذرندو آهي. شايد انهن سببن ڪري سندن اخلاق تي برو اثر پيو آهي. هو سٺا تارو آهن، ۽ ٿيڻ به کپين. هنن جا ٻار جيئن هلڻ سکندا آهن، تيئن ترڻ به شروع ڪندا آهن. هو بي دين ڪو نه آهن. هنن وٽ باقاعدي مسجدون ۽ عبادتخانا آهن، ۽ پيرن، ٻين سڀني مذهبي ماڻهن کي مان ڏيندا آهن. خواجه خضر جي نالي ۾ سنڌونديءَ جي پوڄا ڪندا آهن. هنن جي هڪ رسم آهي ته وقت بوقت خواجه کي ٺڪر جي چاڏيءَ ۾ چانور وجهي، ڳاڙهي ڪپڙي ۾ ويڙهي، نذر يا ڀيٽا ڏيندا آهن. مهاڻن جي قبيلي جا گهڻائي پاڙا آهن. انهن جا راڄوڻا فيصلا چڱا مڙس ڪندا آهن، جن کي عدالت ڪرڻ جي اڪلي اختياري هوندي آهي.

سنڌ ۾ ٻن قسمن جا شيدي غلام آهن: هڪڙا گهر ڄاوا ۽ ٻيا اهي جيڪي مسقط ۽ عربستان ]33[ جي اڀارئين ڪناري وارن بندرن مان آڻيندا آهن. گهر جا ڄاوا ڪٽنب جي ڀاتين وانگر هلايا ويندا هئا. سنڌ ۾ هندستان وانگر زمينداري غلامي جو رواج ڪو نه هوندو هو. هندستان ۾ ڪيترا ڪڙمي زمينن تي ويٺا هوندا هئا ۽ ان سان گڏ وڪامندا يا ورثي ۾ ملندا هئا. انهيءَ کي زمينداري غلامي سرشتو سڏيندا هئا. سو اتي جڏهن غلامن کي قانوني رهائي ملي، تڏهن آزاديءَ جي نعمت هنن لاءِ سچ پچ وبال ]34[ ٿي پئي. ميرن جي ڏينهن ۾ اٽڪل ڇهه ست سؤ زنجباري، بمباسي، حبشي ۽ ٻيا ڪاريءَ چمڙيءَ وارا غلام سال ۾ واپاري آڻيندا هئا. هاڻي انسانن جو اهو واپار ذري گٽ بند ٿي ويو آهي. غلامن جي قيمت چاليهن کان هڪ سؤ پنجاهه رپين تائين هوندي هئي. ڇوڪرين جي قيمت ڇوڪرن کان زيادهه هوندي هئي ۽ اهي گهرائيندا به گهڻي تعداد ۾ هئا. حبشي، خاص ڪري عورتون، بعضي بعضي 40 يا 50 پائونڊن ۾ وڪامنديون هيون. هنن جو پنهنجو چوڻ آهي ته کين ننڍي هوندي ان، ڪپڙي ۽ ٻين ضروري شين تي واپارين کي وڪڻندا هئا. ٻارن کي زوريءَ به کڻندا هئا. ڪيترن کي ڦاسائي سامونڊي واپارين کي وڪڻندا هئا، جي واپار لاءِ سندن ملڪ جي ڪناري تي ايندا هئا. گهڻي ۾ گهڻا غلام ڪٽومنڊو علائقي مان ايندا هئا جو سواحلي ملڪ جي لڳ آهي. هو لامي، باراماجي ۽ ڪينڪوئر شهرن جا نالا وٺندا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته انهيءَ ملڪ ۾ مسلمان ]36[ ۽ ڪي بت پرست ماڻهو رهندا آهن. هو انهن جي قلعن، سردارن، ۽ فوج جون گهڻيون ڳالهيون ڪندا آهن. سنڌ ۾ شيدين جون مکيه ذاتيون هي آهن:

ڊينگريڪو

مريما

ڊونڊيري

مريما ڦاڻي

گنڊو

تو وئر

ڪمٽگ

مياس

مڪونڊي

مياسينڊا

مڪوئا

مزگرا

متونبي

نزيز ميزا

مڪامي

نپامئيزي

مساگر

تيمالوئي

مندوئي

ظالما

مڪوڊونگو

زنزيگري

شيدن کي گهڻو ڪري گهوڙن جي سنڀال، يا گاهه ڪرڻ يا مزوريءَ لاءِ واڍن، لوهارن ۽ ٻين ڪاسبين وٽ ڪمي ڪري رکندا آهن. هنن کي کاڌو ڪپڙو ملندو هو، پر مالڪ کين ورلي پاڻ سان گڏ کارائيندا هئا.

ڪيترا شيدي غلام وڏن عهدن کي وڃي رسيا. هو ميرن جا ڀروسي جوڳا ملازم هوندا هئا، ۽ ان حيثيت ۾ آقائن وٽ سٺي هلندي پڄندي هوندي هين. شيدي هوش محمد، مير شير محمد جو خاص خذمتگار، انهيءَ قسم جي طبقي مان هو. هڪڙو مشهور تاريخ نويس ته هن کي مارشل هاش سان ڳنڍي ٿو، پر مون کي ان باري ۾ ڪا ثابتي ڪا نه ملي آهي. شيدي گهڻو ڪري پنهنجي قوم جي زالن سان شادي ڪندا هئا. وڏن گهرن ۾ هنن کي ٻين ملڪن جي ٻانهين سان لاڳاپو رکڻ ڪو نه ڏيندا هئا. غلامن جا ٻار به غلام هوندا هئا. هنن کي آزادي ورلي ملندي آهي. گهڻا سنڌي مسلمان، شيدياڻين سان شادي ڪندا هئا. ڏيهي ماڻهو هنن جو اولاد پسند ڪندا آهن، پر  يورپي ماڻهن جي نظر ۾ خاص خوبي ڪا نه آهي. سنڌي شيديءَ جي اولاد کي گڊو ۽ ٻيءَ پيڙهيءَ ۾ قنبراڻي چوندا آهن.

سنڌ ۾ شيدي نهايت جاهل ۽ اڻپڙهيل آهن. هو هڪ ئي وقت کلمک ۽ تندمزاج، خوش خلق ۽ جوشيلا هوندا آهن، سنڌي چوندا آهن ته هو اٺ جهڙو وير رکندا آهن ۽ بعضي بعضي اهڙا ته بدمزاج ٿيندا آهن جو شديد سزائن کان سواءِ نه سڌرندا آهن. هو اهڙا ويڙهو آهن، جو ميرن جي ڏينهن ۾ اهڙو ڪو جمعو ورلي گذرندو هو، جنهن تي هو پاڻ ۾ تلوارن سان نه اٽڪندا هئا. هو بهادر پر بيرحم ۽ فريبي پر ساڳئي وقت محبتي ۽ وفادار هوندا آهن، ۽ جي خوش خلق هوندا آهن ته چڱا لڳندا آهن.

وچ ايشيا ۾ هو گهرن ۾ ڪم ڪندا آهن ۽ ماڻهو هنن جي عادتن کان چڱيءَ طرح واقف آهن. اتي به چون ٿا ته انهن جا ساڳيائي افعال  هوندا آهن. هو نهايت عيش پرست آهن: کائڻ، پيئڻ، ڳائڻ ۽ نچڻ جا ڏاڍا شوقين هوندا آهن. هنن ۾ راڳ ۽ ناچ ساڳئي وقت ٿيندو آهي. مرد ۽ زالون گڏ يا هڪ ٻئي جي سامهون بيهاريندا آهن: ناچ پهريائين بي مزي هوندو آهي. زالون فقط اڳتي ۽ پوئتي ٿينديون ۽ بعضي بعضي ڦيريون پائينديون آهن. مرد هنن کي حسرت جي نگاهه سان ڏسندا آهن. جڏهن مردن جو وارو ايندو آهي، تڏهن هو ٺينگ ٽپا ۽ مروٽا سروٽا ڏئي، مجلس کي وندرائيندا آهن. نقارن جي شوخ آواز ، راڳ ۽ زالن جي تيز چيخن ]36[ تي، ٻانهان، جي اڳيئي نشي ۾ مست هوندا آهن، سي بعضي هوش کان نڪري ويندا آهن. مون ڪيترن موقعن تي ڏٺو آهي ته هو ايتريءَ دير تائين ۽ ايتري جوش سان نَچندا آهن جو بيهوش ٿي ڪري پوندا آهن ۽ ماڻهو ٽنگا ٽولي ڪري کڻي ويندا اٿن. ڪراچيءَ جي ڀرسان، منگر پير جي مشهور درگاهه تي، هو باقاعدي ترتيب سان ناچ ڪندا آهن. ناچ گدامڙيءَ جي وڻ هيٺان ٿيندو آهي. شيدياڻين جي حسن بنست جيترو ٿورو چئجي اوترو چڱو. منجهن هزارن ۾ ڪو هڪڙو موچارو منهن نظر ايندو.

سنڌ ۾ گهڻن شيدين کي پنهنجي زبان ڪا نه ايندي آهي. جي هن ملڪ ۾ ڄاوا نپنا آهن، تن کي ڪي ٿورا لفظ ايندا آهن، جي هنن پيءُ ماءُ کان ٻڌا هئا. جيڪي پنهنجي ملڪ کان ننڍي هوندي آيا هئا، تن کي به مادري زبان وسارڻ لاءِ ڪافي وقت مليو آهي. تنهن کان سواءِ، هنن جون زبانون ورلي لکيل ]37[ هونديون آهن، تنهنڪري هنن جي ڪا مقرر زبان ڪا نه آهي. هو اڪثر هڪ ٻئي سان پنهنجيءَ ٻولي ۾ ڳالهائي سگهندا آهن، جا سنڌين جي سمجهه کان ٻاهر هوندي آهي. عام شين لاءِ هو پنهنجا لفظ ڪتب آڻيندا آهن ۽ جي اهي وسري ]38[ ويندا اٿن ته انهن جي جاءِ تي سنڌي لفظ استعمال ڪندا آهن. هنن جي ٻوليءَ جا ڪي لفظ سنڌي ماڻهو ٻڌي ٻڌي، سکي ويا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org