سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:15  

باب پنجون

(1) پروفيسر ايڇ ايڇ ولسن (Professor H.H.Wilson) هندن جي ناٽڪ جي سرشتي تي جو ڪتاب لکيو آهي ان ۾ هن انهن ٻنهي جي وچ ۾ تفاوت ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي.

(2) راجپوت راٺوڙن مان راڻو انهيءَ قوم مان هو ۽ سوڍن جي پاڙي جو هو، جي عمرڪوٽ ۽ ٿر جي آسپاس گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا ۽ ملڪ جا مورثي سردار آهن. ميرن جي حڪومت ۾ انهن جو چڱو مڙس، آسپاس وارن ڌنارن کان پنچري وصول ڪندو هو ۽ هن سان ڪنهن به قسم جي دست اندازي نه ڪئي ويندي هئي.

(3) هندو ڌرمي پينن کي سامي يا سوامي چوندا آهن. هنن کي خوش اخلاقيءَ کان ”بابو“ به سڏيو ويندو آهي.

(4) ڪاڪ هڪ درياهه جو نالو آهي، جو عمرڪوٽ جي ڀرسان وهندو هو، پر هاڻي ڦٽي ويو آهي. ان جي ڪناري تي هڪ پراڻي شهر ۽ مومل جي محلات يا ماڙيءَ جا نشان آهن.

(5) شاعر جو نالو.

(6) سَري يا سَڙي سونن موتين جي ڪَنڍي جا هندو بکياري پائيندا آهن. ٻيءَ مصرع ۾ اشارو آهي دوائن رستي نج سون کي وڌيڪ صفا ڪرڻ جي وڻندڙ طريقي ڏانهن، جو سون جي رنگ کي وڌيڪ تکو ڪندو آهي. ڀؤنر هڪ وڏو ڪارو مکو آهي، جنهن جو هندي شعر ۾ بار بار ذڪر ايندو آهي. هتي ڏيکاريل آهي ته جيتوڻيڪ ڀؤنر لاءِ هزار باغيچا مفت کليل آهن ته به هو هي غنچا پسند ڪري ٿو ۽ انهن لاءِ ڪا به قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن شعر ۾ شاعر جي نازڪ خيالي البت حد کان لنگهي وئي آهي.

(7) لڊاڻو، عمرڪوٽ جي ڀرسان هڪ شهر هو جو هاڻي ڦٽي ويو آهي.

(8) ڪشمير جا فقير هن ملڪ ۾ حق تي بيحيائيءَ ۽ تنگ ڪرڻ لاءِ مشهور آهن.

(9) سنڌ ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ مبالغو، بلاغت جي انتها ڪري ليکيو ويندو آهي.

سيلاني فقير جي تصوير نهايت صحيح ۽ سچي آهي. حسين ڪڃري هن کي ڦري فقير ڪري ڪڍي ٿي. بلڪ چيو وڃي ٿو ته هو لاچار ٿي پنهنجو مذهب بدلائي هندو به ٿيو هو. مگر هي هڪ استعاره يا شاعراڻي صنعت آهي. سري ۾ شڪارپور، زالن جي مڪر ۽ مردن جي لاپرواهيءَ لاءِ مشهور هئي. 1845ع ۾ مون هڪ اهڙو واقعو شڪارپور ۾ ڏٺو هو. چون ٿا ته ڪيترا  افغان ۽ ٻيا واپاري جي پنهنجي ملڪ کان گهوڙا ۽ ٻيو وکر کڻي آيا هئا، تن جي سنڌ جي دلربائن اهڙي حالت ڪئي هئي جو فقيراڻو ويس ڪري مدهوش ٿيا گهمندا ٿي وتيا.

(10) نالا مومل جي حسين سهيلين جا.

(11) سنڌ ۾ اوطاق ان جاءِ کي چوندا آهن، جتي مرد وهندا آهن. ان ۾ زالن جا ڪمرا ڪو نه هوندا آهن.

(12) مائيءَ کي ٻڌائي ٿو ته مان پاٽولي نه آهيان. مشرق ۾ پاٽولين کي اهڙيءَ بڇان سان ڏٺو ويندو آهي، جهڙو اسان وٽ درزين کي. هن گهوڙي کي اَن انهيءَ لاءِ ڏنو ته هو ڏسي ته مان ٻين همراهن کان ڪيترو وڌيڪ سياڻو آهيان.

(13) هي مصرعون اصطلاحي آهن ۽ ڏکي معنيٰ اٿن. منشي چوي ٿو ته ”ڪامَ هل“ شاعراڻي صورت آهي، ”ڪامڻ هلندڙ“  يعني پيادي هلندڙ عورت، جي واڻيون ڏوليءَ ۾ يا اٺن تي هلنديون آهن. انهن لفظن جا پٺيان اکر ڪڍيا ويا آهن.

(14) سنڌ ۾ مجلس جو صدر هڪ کٽولي تي ويهندو آهي، جنهن جي مٿان غاليچو وڇايل هوندو آهي. ان تي بعضي وهاڻا هوندا آهن بعضي نه.

(15) ڀؤنر هن جي خوشبوءِ تي مست ٿيو هو.

(16)”ست ڀتيرو“  يعني جنهن کي ست ڍنگ يا رنگ هجن. مطلب اٿس گونا گون يا خوبصورت ماڻهو.

(17) ڍاٽ، عمرڪوٽ جي ڀرسان هڪ علائقو آهي. اُتان جي ماڻهن کي ڍاٽي چوندا آهن.

(18) هن مصرع ۾ ڪواٽ يا ڪنواٽ جي معنيٰ آهي. ننڍو اٺ، ”گورو“ اُٺ  جو ٻچو ۽ ”ڇٽ“ اُٺ جو اهو ٻچو، جنهن کان کير ڌارائڻ ڇڏايو ويو هجي. ميو ۽ داڳو وڏن اٺن کي چئبو آهي. ”کيرو“ ٽن ورهين کان ننڍو هوندو آهي. ”دونڪ“ ٽن ۽ ڇهن ورهين جي وچ ۾، ڇهن ورهين کان پوءِ باقاعدي اٺ ٿيندو آهي.

(19) هت ”هل“، ”ڪرهل“، ”ترهل“ ۽ ”مومل“ جا پويان حرف صحيح شَد ڏئي ٻٽا ڪيا ويا آهن. ”ڪرهل“ پيار ڀريو تخفيف آهي ڪرهي جو،”ترهل“جي معنيٰ ”ڪولاب“ يعني هيٺانهين زمين جتي گهڻو گاهه ۽ آبادي هجي،”نانگيل“ يا ”ناگيلي“ هڪ ول آهي جا اُٺ شوق سان کائيندا آهن.

منشي چوي ٿو ته چندن ڪنهن وڻ جو نالو آهي يا صندل معنيٰ اٿس جو هڪ شاعراڻو مبالغو آهي.

(20) ذليل نيزاري جي نشاني.

(21) تنهنڪري هي قصو سهڻي ۽ ميهار جي نالي سان مشهور آهي. ميهار جو نالو گمنام آهي. ميهارن جي هت ساڳي حيثيت آهي جا اسان جي طبعي شعر ۾ ريڍارن جي هوندي آهي. هو بانسري يا نڙ وڄائڻ ۾ به ڀڙ هوندا آهن. سنڌ جي بانسري يا نڙ ٻه فوٽ ڊگهو هوندو آهي ۽ چار ٽنگ هوندا اٿس. ان مان بين جهڙو آواز نڪرندو آهي. پر ماڻهن کي نڙ جو آواز ايترو پسند آهي، جو هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٻڌندا آهن، ته به نه ٿڪبا آهن. پري کان رات جو خاموشيءَ ۾ آواز دکدائڪ لڳندو آهي ۽ هروڀرو اڻوڻندڙ نه هوندو آهي.

(22) ڇاڪاڻ ته جيستائين هنن جي هڪ ٻئي سان سچي محبت هئي، تيستائين هنن کي روحاني عشق جي طاقت سڀني پوشيده خطرن کان بچايو ٿي. اطالوي شاعر، هويس، لکي ٿو ته کيس جهنگ ۾ پنهنجي معشوقه جا گيت ڳائيندي ڪنهن مخفي طاقت هڪ بگهڙ جي حملي کان بچايو هو.

افسوس سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ۽ ڪيترا قصا ثابت ڪن ٿا ته اها غيبي مدد مجازي ۽ نه روحاني عاشقن کي ملندي آهي.

(23) اصل ڪتاب ۾ لکيل آهي ” تَن مَن سوهڻي“  جو مائيءَ جي نالي تن ”جڳت“ آهي. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته سهڻو سنسڪرت لفظ سوڀن يعني حسين مان نڪتل آهي ۽ ساڳي معنيٰ رکي ٿو.

(24) شرم، يعني سردارن جون زالون ۽ ٻار.

(25) انهن حالتن جو مختصر بيان ”تحفة الڪرام“ ۾ 40 صفحي تي ڏنل آهي. ڀَٽن جي اتهاسن ۾ وڌيڪ تفصيل ڏنل آهي، پر انهن ۾ تاريخي واقعا هميشه صحيح نه هوندا آهن.

(26) شيڪسپيئر جي ڊڪشنريءَ ۾ عاشقن جا نالا ”هيرو ۽ ليئنڊر“ ڏنل آهن. نالا آواز ۾ البت هڪجهڙا لڳن ٿا. پر افسانن ۾ هڪٻئي سان مشابهت ڪا به ڪا نه آهي. رانجهي کي ويڏڻ به سڏيو ويو آهي. رانجهو ۽ سندس معشوقه پاڻ کي ڪيترن نالن ۽ ذاتين سان سڏائين ٿا. ملڪ جي جدا جدا حصن ۾ ڪهاڻي مختلف نمونن ۾ ٻڌائي ويندي آهي. مون ڪهاڻي ايئن ڏني آهي، جيئن لنگهن کان ٻڌي اٿم.

(27) ڇاڪاڻ ته هن کي عشق کان سواءِ دنيا جي دُک سُک جي ڪا به خبر ڪا نه ٿي پوي.

(28) مائيءَ جي رضا جي نيشاني، ايران ۾ ڳاڙهي رنگ جي چٺي عاشق لاءِ ڪاميابيءَ جو سنيهو هوندي آهي.

(29) هير جي مڙس جو نالو.

(30) فارسيءَ ۾ گل سرشوئي ۽ سنڌيءَ ۾ ميٽ سڏبو آهي. ان ۾ تيل سرهاڻ وجهي وارن ۽ دن ڌوئڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. سعدي گلستان ۾ نهايت چيدن لفظن ۾ ميٽ جو ذڪر ڪيو آهي.

مائيءَ جو هت مطلب آهي ته جتي رانجهو وهنتو آهي اتان ميٽ کڻي مان پنهنجن مشڪين وارن کي لائينديس. اها رانجهي جي عزت افزائي آهي.

(31) ٺٽي جي ڀرسان ڊٺل قبن سان لڳ اڃا مضبوط عمارتن جا نشان آهن.

(32) اهي کوهه اڃا آهن. عام ماڻهن جو خيال آهي ته کوهه پهار ۾ ديون جي هٿان کوٽايا ويا هئا.

(33) مان ڀانيان ٿو مل محمود جي قبر، حيدرآباد جي قلعي ويجهو، شاهه مڪئي جي ٽنڊي يا ڳوٺ ۾ آهي.

 

باب ڇهون

(1) اڪثر چئن ورهين ۽ چئن مهينن جي ڄمار ۾ چوندا آهن ته انهيءَ کان اڳ حافظو پورو نه هوندو آهي.

(2) افسوس آهي ته اهڙا اسڪول ڪو نه آهن جتي کاڌي پيتي جو انتظام هجي.

(3) سواءِ جمعي ۽ ٻين ڏڻن جي.

(4) جهڙوڪ: پڳ، پهراڻ، سٿڻ، لونگي ۽ رومال سميت خلعت ۾ اهي پنج شيون هونديون هيون.

(5) آخوند کي خرچي ڏيڻ جو هي رواج تمام خراب آهي ڇاڪاڻ ته هونئن ختاب يا علم پڙهائڻ کان هميشه انڪار ڪندو آهي، جيستائين لوازمو نه ملندو اٿس، جيڪڏهن جمعي ڏينهن نذراني جا ٻه ٽي پئسا نه مليا ته ڇوڪرن جي موڪل وئي، بقر، فطر ۽ برات جي ٽن وڏين عيدن تي ڪنهن رنگين پني ٽڪر تي ٻه ٽي بيت لکي، ڇوڪرن کي ڏيندو آهي، جنهن لاءِ کيس چئن آنن کان هڪ رپيي تائين ملندو آهي. انهيءَ ڪاريگري جي ڪم کي عيدي چوندا آهن. عيديون اڪثر ڀت تي ٽنگبيون آهن، جيئن ولايت ۾ سهڻو ڀرت ڀت تي اٽڪائي ڇڏيندا آهن. ساڳئي وقت ياد رکڻ کپي ته استاد کي هڪ هڪ شاگرد کان مهيني ۾ اٺن آنن  کان وڌيڪ ڪو نه ملندو آهي. تنهنڪري هن کي نذرانن مان پورائو ڪرڻو پوندو آهي.

(6) جهڙوڪ قرآن شريف جون ننڍيون ننڍيون آيتون، جي روز نماز ۾ پڙهيون آهن. ۽ ٻيا بيت ڪن خاص مضمونن تي. انهن مان ڪي قابليت ڏيکارين ٿا. پر بيتن جو مضمون معمولي ۽ نا موافق آهي. مثلاً هڪڙي بيت ۾ هڪ چڱي ڪاني يا ڪلڪ جا پنج سين (س) ڏنل آهن: 1. سنهي هئڻ کپي. 2. سلير يعني پوري. 3. سرخ. 4. سنئين. 5. سيڪ يعني پوري پڪل.

(7) فرحي، سخت ۽ صفا ڪاٺيءَ جو سنهو تختو. ان کي ڳاڙهو، ڪارو، سائو يا زردو رنگ ڏيندا آهن. مس ۾ ڪا معدني يا ڌاتوءَ جهڙي شئي ڪا نه هوندي آهي، جنهنڪري سولائيءَ سان ميساري سگهبي آهي. تختي کي آلي مٽيءَ جي سنهي پوچي ڏيندا آهن. بعضي بعضي لوهه جا پڙڇ به ڪم آڻيندا آهن. جڏهن شاگرد کي قلم جي مشق ٿي ويندي آهي، تڏهن هو فرحي ڇڏي دفتري ڪم آڻيندو آهي. دفتري ڪاغذ جي ٺهيل هوندي آهي، جا ٽامي جي ڪس سان ڳنڍيندا آهن ۽ مٿان لوهه جي مهري سان لسو ڪندا اٿس ته جيئن ميري ٿئي ته وري ڌوپي سگهي.

(8)  انهن فضول ڳالهين لاءِ سنڌين کي ڏوهه نه ڏيڻ کپي. اهي عربن وٽان شروع ٿيون. عرب قوم کي حد کان وڌيڪ تعظيم ملي آهي، جنهنڪري ان جو دماغ ڦريل آهي.

(9) ڏسو باب ٽيون.

(10) هي ڪتاب انهن يورپي عالمن لاءِ ڪارائتو آهي جي سنڌي سکڻ گهرن ٿا. ان ۾ عربي ۽ فارسي لفظ گهڻا آهن جنهنڪري پڙهڻ ۾ سهولت ٿئي ٿي. ان جي طرز سليس، پر الفاظ ۽ غير مصنوعي آهي.

(11) اهڙا قصا ساريءَ دنيا ۾ هڪجهڙا آهن، تنهنڪري پڙهندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهندا ته عاشق سڀ جواب ڏئي نه سگهيا، تنهنڪري گهات ڪيا ويا. قديم زماني کان وٺي ڏٺو ويو آهي ته ڳجهارتون بلڪل سليس ڏنيون وينديون آهن. مطلب شايد اهو آهي ته اهڙن ماڻهن جي قسمت تي رحم نه کائجي، جن وٽ عقل جو ڏيوالو آهي.

(12) خود ايران ۾ ماڻهو ”جامي“ يا ”نظامي“ جي شرح مدد کان سواءِ ورلي پڙهندا آهن. ”حافظ“ ايران جو گهريلو شاعر آهي. ماڻهو هن جا غزل ايترو ته ٻڌندا ۽ پڙهندا آهن جو هو اهي سواءِ ڪنهن ٻيءَ مدد جي سمجهي سگهندا آهن.

(13) مدرسي جو احوال جو مون هت ڏنو آهي، سو مون کي هڪ مڪاني ماڻهوءَ ڏنو هو جو جوانيءَ ۾ متعلويءَ ] مٽيارين[ ۾ پڙهيو هو. مون کي ان جي حقيقت ۾ گمان رکڻ لاءِ ڪو به سبب ڪو نه آهي. ڪئپٽن هئملٽن، جنهن 1744ع ۾ سفر ڪيو هو، سو لاڙ بنسبت لکي ٿو ته ”ٺٽي جو شهر فقه، تحقيق جي علم ۽ سياست جي تعليم لاءِ مشهور آهي ۽ اتي انهن علومن جي تدريس لاءِ چئن سون کان به زياده مدرسا آهن.“

(15) هر ڪو شاگرد تبرڪ لاءِ آخوند وٽ درس شروع ڪندو هو.

(16) مون ٻڌو آهي ته مٽياريءَ جي مدرسي ۾ ويهه هجرا هوندا هئا. جن مان هر هڪ ۾ ٽي يا چار طالب رهي سگهندا هئا. رات جو مدرسي جا دروازا بند ڪندا هئا ۽ ڪنهن به ڌارئي مرد يا عورت کي ان ۾ رهڻ جي اجازت ڪا نه هوندي هئي. وڏا طالب شهر ۾ مسجد ۾ رهندا هئا. انهيءَ ڪري گهٽ فساد ٿيڻ جو امڪان هوندو هو، ڇاڪاڻ ته هت شهرين جي وچ ۾ اسان جي يونيورسٽين کان به وڌيڪ ڪشيدگي هوندي هئي.

(17) هي دين تي ٻڌل شرعي سزا هئي، تنهنڪري ان ۾ ڪو عجب ڪو نه سمجهيو ويندو هو. ڪٽر وهابي، پنهنجي جماعت جي مردن خواهه عورتن کي روز جي نمازن تي دير سان اچڻ جهڙي معمولي سَهو لاءِ به باقاعدي تازيانا هڻندا هئا. هر هڪ ڌڪ تي تازياني هڻڻ وارو چوندو هو ”توبهه“ ۽ ملزم ”يالله“

 (18) هنن ڪتابن جي خوبين تي تنقيد ڪا نه ڪئي ويندي. مسلمانن جي مختلف قومن وٽ زبان جي مطالعي ۽ ديني علومن تي ڪتاب آهن، انهن جو جدا تفصيلوار احوال لکڻ جو مون ارادو ڪيو آهي.

(19) ان جو مخالف آهي. صرف ڪبير يعني فعل جو گردان، صورت صيفي ۽ زمان مان.

(20) ڪئپٽن لاڪيٽ جا ڇپايل ٻه ابتدائي رسالا، ڪلڪتو 1814ع.

(21) ساڳئي مصنف جو ترڪيب تي اهڙو ئي مشهور ڪتاب، ورلي پڙهيو ويندو آهي.

(22) جنهن ڏهن ورهين جي ڄمار کان اڳ صرف و نحو، ترڪيب، منطق ۽ علم موجودات تي نهايت سنجيدا ۽ صحيح پيماني تي ڪتاب لکيا هئا.

(23) هي به ابن حاجب جو آهي. هن جو فارسي شعر ۾ ترجمو آهي جو بعضي بعضي ڪم آندو ويندو آهي.

(24) اهو نالو هن ڪتاب تي انهيءَ ڪري پيو آهي، جو ان مان جيڪي حوالا ڏيندا آهن، انهن جي اڳيان قال (هن چيو) جو لفظ هوندو آهي. ۽ انهن جي شرح ”اقل“ يعني ” مان چوان ٿو“  جي لفظ سان شروع ٿيندي آهي.

(25) ”اڌ ڏينهن“ ۽ ”سڄي ڏينهن“ جو ڪم.

(26) جيئن اڳي يورپ ۾ هوندو هو.  مسلمان فقيھ، ٽن بنيادي اعتقادن جي اصول ۾ ايمان رکندا آهن:

1. قرآن يعني وحي.

2. سنت، يعني رسول ڪريم جي ثابت ٿيل قدمن تي هلڻ، جنهن تي وحي نازل ٿي آهي ۽ جو معصوم آهي.

3. اجتماع، يعني پيغمبر جن جي اصحابين جو ڪنهن راءِ تي اتفاق ڪرڻ يا فقھ جي امامن جو گڏيل فيصلو.

4. قياس آهي جو مٿين ٽن جي تابع آهي، مطلب ته الله جي ڪتاب، رسول ڪريم جي سنت يا اجتماع جي روشني ۾ ڪي مسئلا وٺي، انهن جو فيصلو ڪيو ويندو آهي، جن جو اصل مٿين ٽن اصولن ۾ موجود هوندو آهي.

(27) افغانستان، ايران ۽ عربستان، خاص ڪري ان جي جنوبي حصي ۾ حفص کان وڌيڪ ورش جو رواج آهي.

(28) حافظ جو پيشو مذهبي نقطئه نگاهه کان معتبر سمجهيو ويندو آهي ۽ ڪيترن حديثن ۾ ان جي فضيلت ڄاڻايل آهي. اهو ضروري نه آهي ته حافظ کي قرآن شريف جي لفظن جي معنيٰ به ايندي هجي.

(29) فارسي ٻوليءَ ۾ ان جو سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿيل آهي.

(30) مشرق ۾ هر ڪو معتبر ماڻهو ٿورو گهڻو حڪمت جو علم ڄاڻندو آهي. حڪمت جو پيشو محرر جي پيشي کان پوءِ ٻيو نمبر معتبر ليکيو ويندو آهي.حڪمت جو علم اهڙو ته معتبر سمجهيو ويندو آهي، جو شاهي خاندان جا ماڻهو  به شوق سان طب جا ڪتاب مطالعو ڪندا آهن.

(31) سترهن يا ارڙهن مشهور ڪتاب آهن. آءُ انهن جا نالا ڪو نه ڏيان،  جو مون اهي ڪو نه پڙهيا آهن. ۽ انهن ۾ ڇا لکيل آهي، تنهن بنسبت ڪجهه چئي ڪو نه ٿو سگهان.

(32) تنهنڪري هر دوا جو پهريون وزن، حڪيم يا ڪنهن خانگي نوڪر کي پياريندا هئا. جڏهن اهو تجربو نوڪر تي ڪيو ويندو هو، تڏهن هو هميشه حڪيم کان انعام گهرندو هو. جي انعام نه ملندو هوس ته دانهن ڪندو هو ته ”دوا مضر آهي“ يا چوندو هو ته ”بس، حڪيم مون کي زهر ڏنو آهي، مان ڪين بچندس“ تنهنڪري حڪيم خوشيءَ سان پنهنجي اجوري جو حصو اڳواٽ ڏيندو هو. جي ائين نٿي ڪيائين ته مورڳو سر ٿي ويس.

(33) هو نسخو اڪثر پاڻ پڇندو هو. پساريءَ کي ڏيندو پئسو ته وٺندو رپيو.

(34) ايران جون زالون چونديون آهن ته ويم جا جيڪي مرض آهن، تن لاءِ هڪ جن جوابدار آهي. ان جو نالو شايد ”ال“ آهي.

(35) مثلاً نادر شاهه جي وفات جي تاريخ ”نادر دزدڪ رفت“ مان ڪڍندا آهن. آءُ جيڪو ”نادر اعظم“ لکان، پر هڪ مشهور مصنف هن کي ايراني ڌاڙيل ڪري سڏيو آهي تاريخ ڪڍڻ وارو، نادر شاهه تي ڪيڏو نه نامهربان آهي!

فارسيءَ جي طالب علمن کي ياد رکڻ کپي ته ابجد جي تاريخ ۾، خصوصاً جي اها شعر ۾ هوندي آهي، ته بي معنيٰ اصطلاح ڪو نه ڪم آڻيندا آهن، جونس جي گرامر ۾، جي ٻه مصرعون ڏنل آهن، سي ابجد جا خاص سٺا مثال نه آهن.

(36) قرآن شريف حفظ ڪيو ويندو آهي. اهڙو ماڻهو جنهن کي سڄو قرآن شريف ياد هجي، ان کي حافظ ڪوٺيندا آهن.

(37) جنمپتري ۽ ٽپڻي تيار ڪرڻ جي ارادي سان. جنمپتري هر هڪ هندو ٻار لاءِ ضروري آهي. هن جي عمر جو حساب ڪتاب ان ۾ لکيل هوندو آهي ۽ هو هميشه ان جي صلاح تي هلندو آهي. ان جي قيمت اٺن کان ويهن رپين تائين هوندي آهي. جنمپتري ڪاغذ جي ڊگهيءَ پٽيءَ جا پٽين تي صفا ٿلهن ديوناگري اکرن ۾ لکيل هوندي آهي ۽ ان تي ستارن جو جوڙ ۽ صورت، گرهڻ ۽ اهڙين ٻين اهم واقعن جون شڪليون نڪتل هونديون آهن. ماڻهوءَ جي عمر، عادتون، ميل ۽ مزاج سڀ ان ۾ ڄاڻايل هوندا آهن. مطلب ته هن جي ڄمار ۾ ڪو اهڙو واقعو ڪو نه ٿيندو، جو جنمپتري ۾ (واقعي کان پوءِ) نه لڀندو.

ٽپڻو به جنمپتريءَ وانگر ٺهيل هوندو آهي. اهو مسلمانن جي ”تقويم“ وانگر هڪ قسم جي جنتري آهي. ان ۾ يوگ جو مدو، نکشتر، تٿ، وار ۽ علم هيئت مطابق وقت ڏنل هوندا آهن. اهو ڀڳتي وغيره ۾ ڪم ايندو آهي.

(38) ڏکيا حساب ڪو نه ايندا اٿن.  هو فقط جمع (جوڙ)، کوڙا يا ضرب جا اصول چڱيءَ طرح ڄاڻندا آهن. هو چوويهن کي چوويهن سان ضرب  ڪري سگهندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح ٻين علمن جي ڪسر پوري ڪندا آهن.

(39) ساڳئي وقت ايترو چوڻ واجب آهي ته سنڌ جا هندو ٻولين سکڻ ۾ ڀڙ آهن. حسابن ۽ٺڳيءَ کان پوءِ هو زبانن جي علم ۾ ماهر آهن.

(40)سنڌي مسلمانن جي برعڪس،هندستان جا مسلمان اهڙا احتياط وارا نه آهن، جهڙا اسان جي نون صوبن جا مسلمان آهن. مون هن صوبي ۾ جيڪڏهن ڪو غير تعصبي ماڻهو ڏٺو ته معلوم ٿيو ته هو ڪنهن ڌارئين ملڪ جو هو، جو هتي روزگار جي ارادي سان آيو هو.

(41) جيڪڏهن اسان کي مشرق ۾ پنهنجي نيڪنامي قائم ڪرڻي آهي ته اسان کي پورچوگيزن وانگر نامعقول غلطيون نه ڪرڻ کپن. ايران ۾ روسين شروع کان وٺي، تعصبي ڪاروايون  ڪري، عوام جو اعتبار وڃائي، کين پنهنجي خلاف ڪري ڇڏيو آهي. چون ٿا ته هنن هاڻي پنهنجو طريقئه عمل ڦيرايو آهي ۽ سندن نمائندي امام حسن رضه ۽ امام حسين رضه جي شهادت جي يادگيريءَ ۾ تهران ۾ هڪ تعزيه خانه ٺهرايو آهي. تنهن هوندي به ماڻهن جي دلين ۾ جو هڪ دفعو شڪ جاڳيو آهي، تنهنڪري هو پنهنجو رويو ڪنهن به صورت ۾ ڪو نه ٿا ڦيرائين. اسان کي ايراني ماڻهو ڪو نه سڃاڻن، پر هنن اسان جي تعريف ٻڌي آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته عام ماڻهو اسان جو خيرمقدم ڪندا.

(42) هن دعوا جي دليل ۾ ڪا به ثابتي ڪا نه پيش ڪئي ويئي آهي.

(43) ليفٽيننٽ ليچ (Leech) پنهنجي پنجابي گرامر جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته اها آئيويٽا پنجاب ۾ ليکي، چوکي ۽ حساب ڪتاب لاءِ ڪم ايندي آهي.

(44) مخفي ڳالهين لاءِ جيئن اسان وٽ ڳجها اکر هوندا آهن، تيئن هندستان جي ماڻهن جو خيال آهي ته هر هڪ زبان لاءِ مختلف ”قلم“ ضروري آهن. هو ان ڳالهه تي تعجب کائيندا آهن ته يورپ ۾ ڪيترين زبانن لاءِ هڪ ئي قلم ڪم ايندو آهي.

(45) فقط پهرين حرف علت جو اُچار ٿيندو آهي.

(46) يعني ڇهه خاص سنڌي ۽ چوڏهن عربي ۽ فارسي اکر. شايد ائين چيو وڃي ته پوين ٻن زبانن جا لفظ گجراتيءَ ۽ ٻين هندستاني قلمن ۾ نقطن کان سواءِ ڪم ايندا آهن، تنهنڪري انهن کي اعرابن ڏيڻ جي ضرورت ڪا نه آهي. اها ڳالهه برابر آهي، پر جتي هندستاني ٻولين ۾ هڪ ڌاريو لفظ آهي، ته اتي سنڌيءَ ۾ درجن آهن.

(47) جڏهن مرهٽن کي گهڻي سرڪاري ڪاروبار ڪرڻ جي ضرورت پئي، تڏهن ”موري“ نالي هڪ نئون ”خطه روان“ ايجاد ڪيائون. سڌين کي هڪ بدران ٻه خط سيکارڻ ڪٺن ڪم آهي.

(48) جا عام طرح، پر غلطيءَ سان سنڌي سڏبي آهي. اهڙ ي ڪا به الف بي نه آهي، جا خاص سنڌي هجي ۽ ساريءَ سنڌ ۾ ڪم ايندي هجي.

(49) ڪيترن حروف صحيح خواهه علت ۾ ڦيرڦار ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته اهڙا نشان ڪو نه آهن جي صحيح ۽ غير صحيح تلفظ جو تفاوت ڏيکارين.

(50) نسخ خط لاءِ ماڻهن کي عزت هن ڪري آهي، جو اهو اسلام جي سرچشمي يعني مڪي مان شروع ٿيو آهي. مثلاً، شهرن کان پري جهنگ ۾ رهندڙ افغان به نسخي اکرن کي جهڪي سلام ڪري دعا گهرندا، بلڪ پرستش ڪندا آهن.

(51) سنڌيءَ سان واسطو رکندڙ زبان. ان جي الف بي گهٽ ڏکي آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ پنج خاص سنڌي اکر ڪو نه آهن. چون ٿا ته هندستاني ٻوليءَ جو پنجابيءَ وانگر لکڻ جو هاڻوڪو رواج ويهه ٽيهه ورهيه اڳ شروع ٿيو هو. ان کان اڳ فقط پڙهيل ۽ علم وارا ماڻهو اهي اکر ڪم آڻيندا هئا. عام ماڻهو مغز مان نڪتل اکرن کي نشان ڪو نه ڏيندا هئا ۽ هاڻي جيڪي سڌارا ڪيا ويا آهن، تن جي خبر ڪا نه هوندي هئن.

 

 

باب ستون

(1)  ٻيئي لذت النساءِ جي خلاف.

(2) مسلمانن کي ترغيب ڏني ويندي آهي ته هو هر اهم ڳالهه ۾، رسول ڪريم جي پيروي ڪن. جيتوڻيڪ سنت جي پيروي ڪرڻ ناممڪن نه آهي، تنهن هوندي به جاهل ماڻهن طرفان عام پيروي ڪئي ويندي آهي.

(3) يورپي پڙهندڙن کي ائين نه سمجهڻ گهرجي ته ڪو سيد کي گستاخي يا مذهب جي توهين ڪرڻ جو ارادو هو.

(4) ڪتاب جو لکندڙ چوي ٿو ته مڙس زال کي جيڪو حڪم ڪري ان جي هن کي پوريءَ طرح فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي.

(5) مهذب يورپ لاءِ ڪهڙي نه موزون نصيحت آهي.

(6) ڪنهن جي وڏ ڪڍڻ، عيب سمجهيو ويندو آهي.

(7) حاجب، فراش يا جلاد.

(8) سنڌ ۾ هر طبقي جا ماڻهو ميرن کان وٺي رعيت تائين، پنهنجي جذبات جو اظهار وڏي آواز سان ڪندا هئا. جڏهن مير ڪا مخفي مجلس ڪندا هئا ۽ جاءِ جو دروازو بند ڪرائي، پنهنجن خانگي نوڪرن کي ڪڍي ڇڏيندا هئا، ته انهن جي بحث مباحثي جو آواز ويهن گزن جي مفاصلي تي ٻڌڻ ۾ ايندو هو.

(9) جهنگ جا ماڻهو يا وحشي.

 (10) يعني حاڪم.

(11) ”وڏو محل“، برعڪس ”ديرهء خورد“ جي.

(12) هو هن معاملي ۾ افغان، ايراني ۽ وچ ايشا جي ٻين قومن سان مشابهت رکن ٿا، جن جي ملڪ  ۾ انگور جام ٿئي ٿو ۽ آبهوا ٿڌي آهي. هو ننڍي هوندي کان پيئڻ جا عادي ڪو نه هوندا آهن، تنهنڪري هو پنهنجي ملڪ ۾ شراب جو گهڻو انداز پي سگهندا آهن. هو هندستان ۾ يورپي لوڪن وانگر گهڻو پيئندا آهن ته ان جو خراب اثر ٿيندو اٿن.

اهڙا ڪي ٿورا افغان هوندا جي بيماريءَ يا زخم جي حالت ۾ ستيءَ يا دوا طور شراب پيئڻ تي اعتراض ڪندا. هو هندستانين ۽ سنڌين جي برعڪس، شراب کان برانڊي زياده پسند ڪندا آهن.

(13) فارسي لفظ ”سبزه“  کي ٻه معنائون آهن، هڪڙي ساوڪ، ٻي ڀنگ.

(14) مڃ جي ويڙهي، يا سر جا پن. چون ٿا ته انهن وکرن جي استعمال سان نشو زياده ٿيندو آهي.

(15) ايراني چرس جا عادي آهن. افغان انهن کان به گوءِ کڻي ويا آهن. قنڌار جي شهر جي ٻاهران ڪي جايون آهن. جتي چرس پيئڻ وارا اچي گڏ ٿيندا آهن، هڪڙو چڱو مڙس انهن جي ڪارروائيءَ جي نگراني ڪندو آهي. عياشين جي بچاءَ لاءِ پهرو هوندو آهي. ملن انهيءَ عادت جي پاڙ پٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر هو ڪامياب ڪو نه ٿيا آهن. ڪيترا ڀيرا خونريزي ۽ رتوڇاڻ ٿي آهي. اهڙن موقعن تي هميشه تلوار کان ڪم ورتو ويندو آهي. چرس پيئڻ وارن جو تماشو به کل جهڙو هوندو آهي. چرسي هڪ ٻئي کي پٺي ڏئي ڊگهي قطار ڪري ويهندا آهن. گلي جي نسن جي ڇڪجڻ ڪري جيڪڏهن ڪو کنگهندو يا کلندو آهي، ته ساري مجلس کل ۾ ويڙهجي ويندي آهي. پر اها خبر ڪا نه پوندي اٿن ته کل جو سبب ڪهڙو آهي.

(16) مشرقي غلام پوئين لفظ جي معنيٰ سمجهي سگهندا. لفظ ترجمو ڪرڻ جهڙو نه آهي.

(17) هر هڪ وڏي شهر جي ڀرسان پنجاهه سٺ اهڙيون جايون هونديون آهن. اهي گهڻو ڪري سندن مالڪن جي نالي پٺيان سڏبيون آهن، جيئن ته نانگي شاهه جو دائرو. مالڪن کي گرهاڪ پئسا، ڪپڙا وغيره نذراني طور ڏيندا آهن. چون ٿا ته هو ٻارن کي هيرڻ لاءِ مفت ڀنگ پيئاريندا آهن. هڪ دفعي عادت پوندي اٿن ته پوءِ پئسن کان سواءِ اچڻ ڪو نه ڏيندا  اٿن. پوءِ هو لاچار وڃي مائٽن يا دوستن جي چوري ڪندا آهن.

(18) اصل اتي پير منگهو رهندو هو. راويت آهي ته هڪ لڱا هن وٽ چار فقير ملاقات لاءِ آيا ۽ هن انهن لاءِ جبل جي هيٺان پاڻي ڪڍي وهايو، ٻئي فقير وري گرم پاڻيءَ جو چشمو پيدا ڪيو. شيخ فريد پاڻيءَ ۾ گل اڇليو، جو هڪ خوفناڪ واڳون ٿي پيو. ٽئين پنهنجو ڏندڻ زمين ۾ کوڙيو، ته هڪ ڊگهو کجيءَ جو وڻ پيدا ٿي پيو. چوٿين جي برڪت سان وڻ مان ماکي ۽ مکڻ چڪڻ لڳا.

پير منگهو وفات ڪري ويو ته مٿين چئن يارن اتي کڻي پوريس. هن جي قبر تي اڃا ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن.

(19) اهڙيءَ طرح ڪردستان جا يزيدي يا شيطان پرست شيطان کي ملڪ طائوس (مورن جو بادشاهه) ڪري ڪوٺيندا آهن.

 (20) هن وقت، سنڌي گهڻو ڪري حنفي مذهب جا آهن. ڪي ٿورا شيعي مذهب جا آهن، پر اهي ائين آهن جيئن اٽي ۾ لوڻ. انهن جي وچ ۾ گهڻو مذهبي اختلاف ڪو نه آهي. شيعن ۾ تقيه يعني پنهنجي اصولن کي مخفي رکڻ جو عام رواج آهي. جيئن ڪنهن شيعي کي مجال نه آهي جو مڪي يا بخارا ۾ حضرت عمر ۽ حضرت عثمان جي خلاف ڳالهائي، تيئن سنڌ ۾ به هنن کي اهڙي همت ڪا نه ٿيندي آهي. گهڻا ٽالپر شيعا هئا، تنهن ڪر ي هنن جا پوئلڳ به سندن خيالن جي پيروي ڪندا هئا. پر سندن اصول هڪ وڌيڪ جبري مذهب جي مقابلي ۾ دستور  موافق پٺتي پئجي ويا.

(21)  هرڪلاٽس (Herklots)، قانون اسلام، باب ستاويهون.

(22) هر ڪلاٽس، باب پنجٽيهون.

 (23) مون ڪو نه ٻڌو آهي ته پنجابي کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ پريءَ جو مرد ”پرو“ ٿيندو آهي. عربيءَ ۾ پريءَ کي جنيه چوندا آهن جو ”جن“ جو مونث آهي يعني باهه مان پيدا ٿيل. پري لفظ اصل ايراني نظر اچي ٿو. ڏاڍو دلچسپ ٿيندو، جيڪڏهن ڪو ويهي اها کوجنا ڪري ته ايران جي آتشت پرستن جون حسين البيليون عورتون ڪيئن آهستي آهستي بدلجي، شمالي يورپ جون ڪاريون ڪوجهيون ڄامڙيون ٿي پيون.

(24) ”الف ليليٰ“ جو ترجمو ڪندڙ مسٽرلين (Mr. Lene) به هن رواج جو ذڪر ڪري ٿو، پر هو ان لاءِ ڪو سبب ڪو نه ٿو ڏئي

(25) جيڪي ڪتاب خاص طرح پڙهيا ويندا آهن، سي هي آهن: ”فال نامه“،” طالع نامه“،” نادر القوائد“،”مائة لفوائد“ ۽ ”حصن الحصين“.

(26) اڳي انگلنڊ ۾ ڪو جادو يا منتر ڪاغذن تي لکي، ڳچيءَ ۾ پائيندا هئا. انهن کي ڪئريڪٽر (Character) چوندا هئا.

(27) ايران ۾ اهڙا گهڻائي منتر آهن جي بگڙيل هندي يا سنسڪرت ۾ لکيل آهن. اهي منتر، ماڻهو عام پڙهندا آهن، پر پڙهڻ وارا انهن جو هڪ لفظ به سمجهي نه سگهندا آهن.

(28) ڏسو هرڪلاٽس، باب ٽيهون.

اهي رواج جن ڏانهن هو اشارو ڪري ٿو، سي ساري مشرق ۾ آهن. جيتوڻيڪ يورپي لوڪن کي انهن جي خبر به نه آهي. ايران ۾ ڪو به ماڻهو پنهنجي ساهري گهر ۾ شربت نه پيئندو آهي، جيستائين اهو سندس سهرو اڳ ۾ نه پيئندو آهي. پر اهڙي قسم جا جادو ورلي ڪيا ويندا آهن. البت زالون ۽ مرد محبت لاءِ هڪٻئي تي جادو ڪندا هوندا.

(29) چوري ٿيل ٽپڙن هٿ ڪرڻ واري جادوءَ کي سنڌي ۾ ”وڃائڻو“ يا ”ڳهڻو“ چوندا آهن.

(30) گويا ”سڌاري“ جي اصول جي پيشقدمي آهي. عربن جي خيال موجب سون، زيبق يعني پاري ۽ ڪبريت يعني گندرف جو مرڪب آهي، جو زمين جي بخارن ۽ گرمي ۾ پچي تيار ٿئي ٿو.

 (31) چين کان وٺي الجزائر تائين سڀني ڏيهي رياستن ۾ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو بنسبت شڪ هوندو آهي ته هن کي ڪيميا جو راز آهي، ته پوءِ اهو ڦاٿو. هن کان راز هٿ ڪرڻ لاءِ کيس هر نموني ۾ آزاريو ويندو آهي ۽ عذاب ڏنا ويندا آهن جيئن يورپ ۾ يهودين کي جادوگري جي تهمت رکي، عدالت مقدس ۾ آزاريو ويندو هو.

(32) ڪُشتو سڏبو آهي.ڪشتا تمام مقوي سمجهيا ويندا آهن

(33) سڻي.

(34) اسڪاٽلنڊ جا ڪوهستاني ان کي ”شانه پڙهڻ“ چوندا هئا. ڊريٽن (Drayton) شاعر به پنهنجي هڪ نظم ۾ انهيءَ رواج ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ڪئنڊن(Canedon) لکي ٿو ته اهڙي قسم جا ڀرم آئرلنڊ ۾ به آهن.

(35) اهو علم فقط پڙهيل نجومين ڦهلايو آهي. نجومي اڪثر دهقاني ماڻهو هوندا آهن، ۽ اهڙو تخيل جو پرواز هنن جي طاقت کان ٻاهر هوندو آهي. مسلمان نجومي ”علم الاڪتاف“ (ڪلهن جون ڦڻيون) ۾ گهڻو اعتبار ڪو نه ڪندا آهن. هنن جي خيال ۾ اهو جاهليت جي زماني جو هڪ علم آهي، جو هاڻي متروڪ ٿي ويو آهي، تنهن هوندي به اهڙا ڪي ٿورا ماڻهو آهن جن کي ان جي سچائيءَ ۾ شڪ هوندو.

(36) هي ننڍڙو ڪتاب، جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي، تنهن کي بمبئي ۾ ڇپجڻ جو فخر حاصل آهي. ڪيترن انگريزيدانن کي هاڻي خبر پئي آهي ته نيپولين بوناپارٽ انهيءَ ڪتاب کي هڪ بيش بها خزانو ڪري سمجهندو هو.

(37) مشرقي عالمن لاءِ هن عجيب پيشي جو علم ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته فارسي ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ ڏانهن گهڻا ئي اشارا آهن.  مير فتح عليءَ جي ڏينهن ۾ هڪڙي چرچائي شاعر کي نظر انداز ڪيو ويو هو. شاعر، مير جي اجازت سان هڪ قصيدو پڙهيو. ان جي هڪ مصرع هن طرح هئي:

”جيڪو تنهنجي صورت خواب ۾ ڏسي ٿو،

سو سون ۽ چانديءَ جي ڍڳن تي ليٽي ٿو.“

مير اشارو سمجهي ويو، پوءِ ڏيک اهڙو ڏنائين ته ڄڻ خبر ڪا نه پئي اٿس،سو شاعر کي چڱو انعام ڏيئي روانو ڪيائين، وغيره.

(38)  ”سوڻ“، شايد قديم فارسي لفظ، سگن(سنڌي سڳڻ) جي بگڙيل صورت آهي.

(39) چون ٿا ته ڏيات ٻن هزارن روپين جيتري هوندي هئي.

(40) افسوس آهي ته ساڳي وقت عام به آهي. ڪي ٿورا سنڌي هوندا جي ايمانداريءَ يا گناهه جي خيال کان چوري نه ڪندا. ساڳئي وقت چور جو لفظ هنن جي نظر ۾ نهايت برو هوندو آهي. پر غير مهذب قومن ۾ ائين نه هوندو آهي. ڪيترا قومي سردار، چوريون ڪرائيندا هئا ۽ چورن سان حصو ڳنڍيندا هئا. ڪيترا پنهنجي انهيءَ عادت تي فخر ڪندا هئا. هو سمجهندا هئا ته ڏيهي حڪومت جا ساڻن دست اندازي نٿي ڪري، تنهنڪري هو قاعدن قانونن جي پابنديءَ کان مٿي آهن. ڦورو سردارن کي مير پگهارون ڏيندا هئا، پر ان هوندي به هو مسافرن کان ڀُنگ وٺندا هئا، ۽ وقتي ڦريندا به هئن. برپَٽن جا ماڻهو ٺل ٺاهيندا هئا، جنهن ۾ ويهن کان پنجاهه تائين ماڻهو ويهي سگهندا هئا، يا هو ڪنهن ميدان ۾ ڪُنگرن ۽ مورچن سان مٽيءَ جا ڪوٽ ٺاهيندا هئا، جتي حملي وقت پنهنجو مال حفاظت لاءِ بيهاريندا هئا، ڪشمور جي طرف اتر اولهه جي سرحد تي ڪيترا منڊا ٽنڊا ڪڙمي نظر ايندا. اسان سنڌ فتح ڪئي، تنهن کان اڳ جابلو ڦورو انهيءَ ايراضي ۾ گهڻا حملا ڪندا هئا.

 

باب اٺون

(1) پر هي مشهور زباندان ”الست بربڪم“ جو ترجمو ڪري ٿو ته ” ڇا، تون رب سان نه آهين؟“ يعني تو هن سان پڪو عهد نه ڪيو آهي؟ ليڊن (Leyden) حق تي چيو هو ته مان مشرقي علم ۾ سر وليم جونس کان سؤ قدم اڳتي وڌي ويندس.

(2) ڇويهين باب ۾ طريقي جي تاديب ۽ مذهبي مشق جو منجهيل بيان ڏنل آهي.

(3) يهودي، بابل مان بند خلاص ڪري موٽيا، تنهن کان اڳ هنن جي تاريخ ۾ علم روح يا روحانيت ۽ تصوف جو ذڪر ڪو نه هو.

(4) هي مضمون مشهور بزرگ، پير علي گوهر جي مريد، نالي محمود، ويٺل ڪڙيي شهر جي، لکيل عملي تصوف جي ڪتاب تان ورتل آهي. مون انهيءَ ڪتاب مان گهڻو ڪجهه هن باب ۾ ڏنو آهي.

(5)  ڇا، ائين ممڪن نه آهي ته روح ۽ مادي بنسبت جيڪي مشرقي خيال آهن، تن جو يونان ۽ روم ۾ مخفي پنٿن جي رستي ڦهلاءُ ٿيو هو. ٻيءَ صورت ۾ اطالوي شاعر، ورجل، کي انهن ڳالهين جي ڪيئن خبر پيئي، جو هن پنهنجي شعر ۾ انهن جو ذڪر ڪيو.

(6) يورپ وارن جي اڪثر شڪايت هوندي آهي ته فارسي شعر ۾ وڌاءُ گهڻو آهي ۽ خيالن ۾ ترتيب ڪا نه آهي. مگر هنن کي خيال ڪرڻ کپي ته يورپ ۽ ايشيا جي ماڻهن جي قوت تخيل تشبيھ جي وچ ۾ وڏو فرق آهي. اڪثر اعتراض انهيءَ ڪري ورتو ويندو آهي، جو شاعر جي خيالن جو پورو علم نه هوندو آهي، مثلاً ڪارلائل (Carlyle) پنهنجي ڪتاب ”عربي شعر جا مثال“ ( Specimen of Arabci Poetry) جي صفحي چوڏهين تي ڪفر جي زماني جي عربن جي هڪ رسم، حافظ ڏانهن منسوب ڪري ٿو.

(7) تنهنڪري وحدانيت جا شاعر وقت بوقت پنٿڪي شاعرن جا خيال ڪم آڻيندا آهن. اسان جي شاعرن ۾ اسپينسر (Spencer) کان وٺي ورڊ سورٿ (Word sworth) تائين، افلاطون جا خيال نظر ڪين ٿا اچن؟

(8) انسان جي ناسن ۾ حياتيءَ جو دم ڦوڪيو ويو هو. يهودي، عرب، يوناني، رومي ان کي ”روح“  چون ٿا. هر حال ۾، خيال لفظن تائين محدود آهن. لفظ خيالن کي ظاهر ڪن ٿا، ايتريقدر جو زبان جي تاريخ، انسانذات جي خيالات، راين ۽ اعتقادن جي تاريخ آهي.

(9) تصوف جي قدامت جي ثابتي هر پراڻي ۽ مهذب قوم جي اتهاسن مان ملي ٿي، صوفين کي گبر ”وثره درون“(روشن دل وغيره) هندو گنيشور يا ”آتما گياني“ وغيره‘ سڏيندا هئا. يونانين ۾ هو افلاطوني ٿيا ۽ اڃا سڏبا اچن ٿا. البت انهن جا نالا ۽ اصول، هر هڪ زماني مطابق بدلبا آيا آهن.

تصوف ”ترقي“ جي خيال جي مشرقي صورت آهي ۽ ان کي برقرار رکي ٿو. هي متو، مشرقين شايد سقراط ۽ افلاطون کان، جي سندن دلپسند فيلسوف آهن، ورتو.

 (10) سيد عبداللطيف، ڏسو باب چوٿون.

(11) اهو ئي سبب آهي جو حافظ شايد ٽامس اڪئناس Thomas Aquinas  کان به وڌيڪ ماڻهن کي مجذوب بڻايو آهي.

(12) مثلاً، ڏسو سُر مارئي.

(13) سواءِ ننڍن ولين جي، جي به سؤ کان وڌيڪ آهن.

(14) ڪي پير اهڙا جاهل، جو شهود جي بدران مشهود لکندا آهن.

(15) افغانستان بلڪ ساريءَ وچ ايشيا ۾، هيءُ قصو مشهور آهي ته هڪڙو مريد لاف هڻندو هو ته منهنجو مرشد رسول ڪريم وانگر روز رات جو بهشت ۾ ويندو آهي. ماڻهن ان ڳالهه تي اعتبار ڪو نه ڪيو، تنهنڪري مريد انهن منڪرن جي اڳيان مرشد کي عرض ڪيو ته ان ڳالهه جي تصديق ڪر. پير انڪار ڪيو، پر پوءِ هن کي مار ڏئي قبول ڪرايائين چئو ته اها سچي ڳالهه آهي.

(16) انهيءَ ڪري هندو بعضي بعضي مسلمانن جا مريد ٿيندا آهن. پر هو پنهنجن وڏن جو ڌرم صفا ڪو نه ڇڏيندا آهن. هو پنهنجن ڌرم ڀاين وانگر خيال ڪندا آهن ته ٿورين ڳالهين کان گهڻين ڳالهين ۾ ايمان رکڻ ۾ وڌيڪ سلامتي آهي. سنڌ ۾ هو مرشد وٽ اڪثر ڪري رات جو ويندا آهن. افغانستان ۾ هو اڌ مسلمان آهن، تنهنڪري هو اتي ظاهر ظهور پيرن فقيرن وٽ ويندا آهن. اتي برهمڻ به ڪو نه هوندا اٿن، جو ڌارين ماڻهن کي ڏن ڏيڻ جهڙي بري ڪم کان کين منع ڪن.

(17) هي ڳالهه اطالوي نقطئه نگاهه جي خلاف آهي، جيئن انهن جا پهاڪا ڏيکارين ٿا.

(18) ولي، رسول کان گهٽ درجو رکي ٿو، تنهنڪري هو ائين ٿو ڳالهائي ڄڻ ته الاهي محبت سان ڀرپور آهي، مگر رسول جي اعليٰ قابليت ڏيکاري  ٿي ته انسان ڪهڙي مرتبي تي پهچي سگهي ٿو.

(19) اهو ضروري نه آهي ته جلالي مسلمان هجي. جي هو غير مسلم هوندو آهي ته چوند آهن ته يوم الميثاق تي هن وعدي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو يا پوءِ خالق ۾ ايمان آڻڻ جو عهد ٽوڙيو هئائين.

(20) قلندر صوفي آهي، جنهن کي مرشد ڪو نه آهي، پنهنجي نجات پاڻ پنهنجي سر حاصل ڪئي اٿس. پڪا صوفي قلندرن جي طريقي کي ننديندا آهن، پر اهو قبول ڪندا آهن ته  ان طريقي ڪيترا  مشهور ولي پيدا ڪيا آهن.

(21) ”خوفناڪ“ ڇاڪاڻ ته ڇهن ميلن جي مفاصلي تي ٻڌڻ ۾ آيو آهي.

(22) هن کي ”شهباز“ انڪري چوندا آهن، جو هڪ روايت آهي ته سندس دوست، شيخ صدر کي ڪافرن جادوگر سمجهي، قيد ڪيو هو ۽ هن باز جو روپ اختيار ڪري، کيس بند مان ڇڏايو هو.

(23) پهريون ۽ ٻيو سنڌ ۾، ٽيون ۽ چوٿون هندستان ۾ عام آهن.  انهن جي احوال لاءِ ڏسو ”فرشته“ جلد ٻيو، صفحو 711، 786 بمبئيءَ وارو ڇاپو.

ڊي . اوهسن (De Ohsson)  چشتي طريقي جي ڳالهه ئي ڪو نه ٿو ڪري. ٻين ٽن جو ذڪر ان ڪري ڪو نه ٿو ڪري، جو انهن جو احوال ٻين گهڻن مصنفن ڏنو آهي.

(24) يا ”ڪرسي نامه“ يعني رسول جي وارثن جي فهرست، ان جي مقابلي ۾ شجرو يا نسب نامو آهي، جنهن ۾ آل اولاد جا نالا ڏنل هوندا آهن.

(25) نماز جو غاليچو.

(26)  مان ڀانيان ٿو ته لفظ هي آهن. ”.“

(27) پير مٿي ڪري، کڙيون هيٺان ڏئي، ٻانهون گوڏن تي رکي، جهڪي ويهندا آهن ڪنهن وقت مٿان چادر وجهي ڇڏيندا آهن. صوفي، مراقبي جو اهو نمونو زياده پسند ڪندا آهن.

(28) هي لفظ ڏاڍيان پڙهبا آهن ۽ دل ۾ ويچار ڪبو آهي. قادري طريقي وارا ذڪر ڪندا آهن. هو سمجهندا آهن ته ڏاڍيان ذڪر ڪرڻ ۾ وڌيڪ ثواب آهي.

(29) ان کي ”حبس النفس“  چوندا آهن. ان جو رواج هندستان ۽ ايران مان شروع ٿيو هو. هندو ۽ گير نڪ جي چوٽيءَ ۾ نظر اٽڪائي، ڀرون جي وچان مٿي ڏسڻ جي مشق پچائيندا آهن. پر مون ڪڏهن ڪو نه ٻڌو آهي ته ڪو صوفي به ائين ڪندا آهن.

(30) کٻيءَ ببيءَ کان اٽڪل ٻه آڱريون هيٺ.

(31) گيرن جي ”هفت پايه“ اصول جهڙو خيال آهي. ان  جو ٻج شايد هندن جي ”دسدوار“ رسم مان پيدا ٿيو آهي.

(32) مريد شاگرد آهي، ۽ استاد مرشد، پير يا شيخ. صوفين کي عام طرح ” سالڪ“ چوندا آهن جو هو بهشت يا نجات جي رستي تي مسافر آهن.

(33) ڪي هر هڪ وظيفي جي پٺيان هي لفظ پڙهندا آهن. ”الاهي انت مقصودي و رزق مطلوبي.“

(34) ڪيترا دفعا ورد پڙهجي، تنهن جو فيصلو مرشد ڪندو آهي. البت مرشد کي ايترو عقل هوندو آهي ته هو ذڪر ۾ ايترا ڀيرا مقرر ڪندو آهي، جيترا شاگرد جي طاقت ادا ڪري سگهي.

(25) هرڪلاٽس (Herklots) (صفحو 6-297) ۽ مسز مير حسن علي (جلد ٻيو صفحو 248). انهن جي وچ ۾ پورو تفاوت ڪو نه ٿا ڏيکارين.

(36) برعڪس نقشبندين جي ”وحدت الشهود“ ۾ اعتبار ڪندا آهن ۽ خالق ۽ مخلوق کي سڃاڻڻ کان انهن جو فرق ظاهر ڪري ڏيکارڻ، وڌيڪ اهم سمجهندا آهن.

(37) خليفا ٻن قسمن جا آهن:

پهريون جَدي، يعني مورثي يا ڪو عزيز.

ٻيو خلفائي، جو پير پاڻ چونڊي يا پسند ڪري.

(38) فيروز صوفي پنهنجي ڪتاب ۾ صوفين جي درجي يا مرتبي جي فهرست هن طرح ڏي ٿو:

1. مقلد يا طالب، يعني شاگرد.

2. ڪامل، يعني استاد،

3. مڪمل،وڌيڪ ڪامل،جنهن گهڻن استادن کي پڙهايو هجي

4. اڪمل، سڀ کان زياده مڪمل. تنهن کان سواءِ 356 اولياءِ دين آهن جي گهڻو ڪري صوفي آهن، جيئن ته : 300 ابدال، جن جو درجو ولين ۾ گهٽ ۾ گهٽ آهي.

40     ابدال               جدا جدا مرتبي وارا

  5     اوتاد               

 3      قطب الاوتاد                هنن مان پوين جو درجو

1     قطب الاقطاب                سڀ کان اعليٰ آهن

(39) يعني فعل نفي وارا، جن جا فعل پنهنجي وس ۾ نه آهن.

(40) جي مرشد وفات ڪري وڃي ته ڪيترا طريقا مريد کي ٻيو مرشد وٺڻ ڏيندا آهن، جيئن رسالت ۾ وراثت ٿيندي آهي.

(41) خاص ڪري جذب جي اثر هيٺ، حواسن جو تيز ٿيڻ.

(42) فارسي ڪتاب، جو محمد اعظم بن شيخ محمد، 1194هه مطابق 1780ع ۾، تصنيف ڪيو هو. اهو سنڌ جي بيشمار پيرن تي جي ڪتاب آهن، تن مان هڪ مکيه آهي.

(43) مڪئه علي يعني مڪي جهڙي پاڪ يا مقدس جاءِ. شيخ حماد جي چوڻ تي ڄام تماچي انهن ٽڪرين تي هڪ مسجد ٺهرائي ۽ حڪم ڪيائين ته ميت آئنده پير پٺي بدران اتي مسجد جي آسپاس پوريا وڃن.

(44) سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ لنگوٽي جي معنيٰ آهي، چوتو. قلندر ۽ جلالي فقير تمام مختر پوشاڪ پهريندا آهن.

(45) هن شخص جي مختصر احوال لاءِ ڏسو باب ٽيون.

(46) خاص مهربانيءَ جي نشاني. شايد ٻنهي بزرگن وضو ساريو هو، تنهنڪري ٻليءَ جو ڍونڍ انهن کي مڪروه لڳو هوندو.

(47) هڪڙي راويت آهي ته ”ڪو به سيد ڪارو، ڪاڻو، ڪانئر، ڪنجوس ۽ ٻُچي  نه هوندو.“ وغيره.

(48) ڪي مشهور تذڪره نويس، هيءُ قصو، شيخ حسن صفائي، نالي هڪ ٻئي بزرگ لاءِ لکن ٿا.

(49) انگريزيءَ ۾ ٿيندو مسٽر مٺو، مسٽر رتو.

(50) آئرلنڊ ۾ هڪ هوبهو اهڙي ڏندڪٿا آهي.

(51) حُسن ۽ حسين: اهي نظارا گهڻو ڪري جسماني نه هوندا آهن، پر ساڳي وقت صفا روحاني به نه هوندا آهن. انهن کي نيم جسماني چئي سگهجي ٿو. فقط ڪن ڀلارين هستين کي جسماني منظر نظر ايندا آهن. تاريخ ۽ اتهاس نويسن کي ڪٿي ٿي اهڙي شفقت نصيب ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org