سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:13  

باب تيرهون

عامل طبقو، ان جو اصل نسل، رواج، جيئن ته جڻيو پائڻ،

شادي ۽ غميءَ جون رسمون ۽ ڪريا ڪرم، هندن

جو اسلام ۾ اچڻ ۽ وري هندو ٿيڻ جو بيان

لوهاڻا عامل، سنڌ جي هندن جي هڪ مکيه ذات آهي، تنهنڪري جيڪڏهن انهيءَ ذات جي رواجن ۽ رسمن جو تفصيلوار بيان ڏبو ته ان مان چڱيءَ طرح خبر پئجي سگهندي ته هن وقت سنڌ جي صوبي ۾ هندو ڌرم جي حالت ڪهڙي آهي.

عامل طبقو، ڏيهي حاڪمن جي ضرورتن جي پيدائش آهي، جي هندن جي مدد کان سواءِ نڪي ته ڍلون وصول ڪري سگهندا هئا ۽ نڪي ملڪي ڪاروبار جي سلسلي ۾ صحيح نموني خرچ هلائي سگهندا هئا. اهڙن هندن لاءِ محبت نه هوندي به، اوائلي ميرن کي قبول ڪرڻو پيو هو ته حساب ڪتاب جي معاملي ۾ هو هوشيار آهن. انهن کان پوءِ جيڪي حاڪم آيا، تن ۾ مذهبي تعصب ڪو نه هوندو هو ۽ هو ذات پات جو گهڻو خيال ڪو نه ڪندا هئا. مون هاڻوڪي خاندان جي حاڪمن کي هڪ هندو ديوان سان، سواءِ ڪنهن مذهبي نفرت جي، اهڙيءَ طرح ڀاڪر پائي ملندو ڏٺو آهي، جيئن پنهنجي ڪنهن ڀاءُ يا عزيز سان ملجي. جڏهن هندن ڏٺو ته حاڪمن کي سندن ضرورت آهي، تڏهن هنن پنهنجي عقل ۽ شعور کان پورو پورو ڪم وٺي جلد ئي ملڪ ۾ هڪ قسم جو سياسي رتبو حاصل ڪيو. ڪارداري سرشتي جو رواج، شايد انهيءَ طرح پيو. جيتوڻيڪ سنڌ جو ڪارداري طريقو هوبهو هندستان جي طريقي جهڙو نه آهي، ته به اهو هندستان جي پٽيلن ۽ سندن ننڍڙين خودمختار رياستن سان گهڻي مشابهت رکي ٿو، ڪجهه پيرن ڄمائڻ کان پوءِ، عالمن پنهنجي اختيارين کي بيجا نموني ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ڏيهي حاڪمن وٽ عملدارن کي لغام ۾ رکڻ لاءِ ٻه اوزار هوندا هئا: موت جي سزا ۽ عذاب.  جيڪڏهن ڪو ڪامورو حد کان لنگهي ويندو هو ته امڪان هوندو هو ته هن کي ڏنڊن ۽ ٻير جي لٺين سان ماريو ويندو يا زمين ۾ ڳچي تائين پوريو ويندو هو. هلڪن ڏوهن لاءِ، منهن تي پيٺل ڳاڙهن مرچن جو توبرو چاڙهي ڇڏيندا هئا، يا ٻانهن ۾ واريءَ سان ڀريل ڪُنا ٻڌي، وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيندا هئس، يا سٿڻ ۾ ٻه ٽي ڏينڀو وجهي ڇڏيندا هئس، يا ٻليءَ سان عذاب ڏيندا هئس. ٻلي، هڪ لوهي چنبن سان اوزار هوندو هو، جنهن سان ماڻهوءَ جو ماس پٽيندا هئا. پر اهي آخري اپاءَ ورلي ڪم آندا ويندا هئا. ڏيهي حڪومتن جي رعيت گهڻو ڪري سخت کان سخت سزائن کان به ڪا نه ڊڄندي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کان گسائي وڃڻ جو هميشه چڱو خاصو امڪان هوندو آهي. سنڌ ۾ به ائين ئي هوندو هو.

ٺڳيءَ جو پيشو گهڻيءَ اورچائي ۽ محنت سان سکڻ کان پوءِ عامل پنهنجي پنگتي حيثيت قائم رکي بلڪ وڌائي به سگهندا هئا. هو وقت تي حاڪمن جي خدمت ڪندا هئا ۽ وقت تي کين ڌوڪو ڏيندا هئا، وقت تي خوشامد ڪندا هئن ۽ وقت تي ڦيريندا هئن. وچولي درجي جا مسلمان، جن جو مدار عاملن تي هوندو هو، تن کي هو لُٽيندا به هئا ۽ تنگ به ڪندا هئا. هو عام ماڻهن تي، جيڪي اڪثر ڪري قرضن ۽ ٻين ضرورتن جي ڪري هندو صرافن ۽ واڻين يعني شاهوڪارن جي چنبي ۾ ڦاٿل هوندا هئا، ڏنڊي سان حڪومت ڪندا هئا. عامل پنهنجي فائدي کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه نه ڏسيندا هئا ۽ انهيءَ راهه ۾ نه هنن کي ڪو قسم روڪيندو هو، نه هو ڪنهن خطري کان ڊڄندا هئا ۽ نه وري ڪو رحم ئي ڏيکاريندا هئا. هو عمل ۾ ڪانئر هوندا هئا، پر ڌيرج ۾ وڏا بهادر هئا. حاڪمن ڪيترا دفعا قبول ڪيو آهي ته جوابدار عذاب کان ٿڪجن، تنهن کان اڳ اسان عذاب ڏئي ڏئي ٿڪجي پوندا هئاسين. جنهن هٿ جي صفائيءَ سان هو ڪوڙا دستاويز، سندون ۽ مهرون ٺاهي سگهندا هئا، سا هنن گهڻيءَ محنت ۽ جفاڪشيءَ کان پوءِ حاصل ڪئي هئي. ڪي اهڙا چالاڪ هئا جو منڊيءَ واريءَ مهر جو ڇاپو، مس قلم سان نقل ڪري سگهندا هئا، ۽ پوءِ ڇاپي جي مٿان آڱوٺو گسائي ڇڏيندا هئا، جنهنڪري اها خبر نه پوندي هئي ته ڪا جعلسازي ٿيل آهي. ٻيو طريقو جو گهٽ عمل ۾ آندو ويندو هو، سو هيءُ هو ته مُهر جو ڪو پراڻو ڇاپو وٺي، مس سان تازو ڪري، ان جو آلي پني جي ٽڪر تي نقش وٺندا هئا. انهيءَ نقش کي وري مس لائي تازو ڪري، ان تان دستاويز تي مهر جي جاءِ تي ڇاپو وٺندا هئا. ڪوڙي مهر ٺاهڻ جو عام طريقو هيءُ هوندو هو ته ٿورو آلو ميٽ کڻي، مهر وانگي گول ڪري، مهر جي ڪنهن صفا ڇاپي مٿان رکندا هئا. پوءِ هڪ چاقوءَ يا جيڪڏهن وڌيڪ صفائيءَ سان ڪم کپندو هون ته هڪ خاص اوزار سان، جو انهيءَ ڪم لاءِ ٺاهيو ويندو هو، ميٽ تي جيڪي اڇا نشان ٿي پوندا هئا، سي اُڪريندا هئا. اهڙيءَ طرح هڪ مهر ٺهي پوندي هئي، جا ڏهه، ٻارهن دفعا ڪم آڻي سگهبي هئي. اسان جي سياسي عملدارن جون هندستان ۾ اعليٰ درجي جون اُڪريل پيچيدگيون مهرون اهڙيءَ ڪاميابيءَ سان نقل ڪيون وينديون هيون، جو ڪو ماهر پورگر مس چئي سگهندو هو ته هنن ۾ ڌوڪو ٿيل آهي. ڪنهن وقت ميٽ بدران ميڻ ڪم آڻيندا هئا، پر ميڻ گهڻو ڪا نه واپرائي ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته ان جي جلد خراب ٿي وڃڻ جو امڪان هوندو هو. جڏهن اهي سڀ طريقا ناڪام ٿيندا هئا. تڏهن عامل، ”وينجهڻ“  واري کي رشوت ڏئي، کانئس مدد وٺندو هو. پر اهو ڪم خطرناڪ هوندو هو، عملدار سڀني قلمڪارن کي سڃاڻيندا هئا. جيڪڏهن ڪو ڦاسي پوندو هو ته  ان کي سخت سزا ملندي هئي. عامل کي ڪوڙن دستاويزن ٺاهڻ ۾ جا مهارت هئي، سا هن جي ٻين لياقتن کان گهٽ نه هئي. رواجي طرح ته دستاويز لکي زبان سان چٽي ان کي زمين ۽ ڪنهن فراشيءَ يا غاليچي جي وچ ۾ رکي، مٿان لتاڙيندا هئا، تان جو مس جي چمڪ جهڪي ٿي ويندي هئي.

عامل، عام سنڌين کان ڏيل ۾ وڌيڪ سگهارا ۽ سهڻا آهن. هنن مان ڪي بدن جا نهايت مضبوط آهن، ۽ سندن روش اڪثر ڏولائتا ۽ وڻندڙ هوندا آهن. هنن مجبور ٿي مسلمانڪي پوشاڪ، جهڙوڪ سنڌي ٽوپي۽ سلوار، اختيار ڪئي هئي، ۽ ڊگهيون ڏاڙهيون ڇڏايون هئائون ۽ مٿي جي فقط ٽڪڻ ڪوڙائيندا هئا. پر هو پنهنجي رسم مطابق مڇون ڪو نه وٺرائيندا آهن. تنهن کان سواءِ هو تلڪ لڳائيندا آهن. ۽ پاڻ کي مسلمانن کان ڌار ظاهر ڪرڻ لاءِ کٻي پاسي واريءَ ڳچيءَ سان چولو پائيندا آهن. هو قيمتي ڪپڙا پسند ڪندا آهن ۽ ڏيک ويک ۽ خرچ جا ڪوڏيا آهن. هو هن معاملي ۾ هندستان جي ڪٽر هندن جي ابتڙ آهن. هنن جا ڌرمي متا انهن لوهاڻن جهڙا آهن، جي وڻج واپار ڪندا آهن ۽ کاڌو به انهن جهڙو کائيندا آهن. پر اعليٰ تعليم ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن سان گهڻيءَ ميل جول جي ڪري منجهائن ڪيترا دهريا آهن.

اسان عامل جي تعليم جو احوال هڪ باب ۾ اڳيئي لکي چڪا آهيون. نوڪريءَ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ هو دفتر ۾ وڃي رڪب يا دستور العمل مان اهڙيون ڳالهيون نقل ڪري پاڻ وٽ رکندو هو، جن جي کيس ضلعي ۾ ضرورت پوڻ جو امڪان هوندو هو.

آخري ٽيڪا

اسان جو پورهيو هاڻي پوري ٿيڻ تي آهي، تنهنڪري مناسب آهي ته هنن صفحن ۾ جيڪي رايا ظاهر ڪيا ويا آهن، تن جو اختصار ڏجي.

سنڌ، جا اسان لاءِ اڃا هڪ نئون ملڪ آهي، سا ٻن سببن ڪري اسان جي مشرقي سلطنت جو هڪ اهم جزو آهي: پهرين ته سنڌ وچ ايشيا جو تجارتي مرڪز ٿي سگهي ٿي، ٻيو ته سنڌ هندستان کي ان جي ذاتي دشمنن يعني پار وارين فسادي، جنگجو ۽ طاقتور قومن کان بچائڻ لاءِ جا حد ٺهيل آهي، تنهن جو آخري مورچو آهي.

سنڌ جو صوبو هاڻي تمام ڏتڙيل حالت ۾ آهي، ان ۾ گهڻي خرچ جي ضرورت آهي، جنهن مان اڳتي هلي اسان کي فائدو رسندو. ان کي آباد ڪرڻ لاءِ رهندڙ ماڻهن ۽ آبادگارن جي گذران لاءِ پئسي جي ضرورت آهي.

ماڻهن بنسبت مشڪلات هيءَ آهي ته ٻن مخالف قومن سان ڪيئن ورتاءُ ڪجي، جو تارازيءَ جا ٻيئي پڙ هڪ ساريڪا رهن. ڌاريءَ حڪومت ۾ مسلمان ۽ هندو هميشه هڪٻئي جي خلاف رهندا. اسان جو فائدو ان ۾ آهي ته ٻنهي ڌرين کي هڪ نظر سان ڏسون.

سنڌ جي ماڻهن جي هن وقت پڪار آهي ته ملڪ جي ڏتڙيل حالت آهي ۽ تعليم لاءِ سهولتون ڪو نه آهن. پهرين ڳالهه هڪ شڪايت آهي ۽ نه گناهه، ٻيءَ جو جلد ۾ جلد تدارڪ ڪرڻ کپي.

اسان فقط هڪ عملدار وسيلي اهو ڪم ڪري سگهون ٿا، جو ڏيهي حاڪم ٻارهن ماڻهن جي مدد سان ڪندا هئا. ان ڪري ماڻهن جي هڪ وڏي جماعت بيروزگار ٿي پئي آهي، ان ڪري ناراضپو پيدا ٿئي ٿو. وڏن جاگيردارن ۽ زميندارن جي شڪايت آهي ته هنن کي اسان وٽان نڪي پگهار ٿي ملي نڪي لوازمو. هنن جي اهڙي سقيم حالت ٿي وئي آهي جو کين آباديءَ لاءِ مزورن رکڻ جي طاقت به نه آهي، ۽ هنن جا ننڍا ڀائر ۽ ٻار، جن جو گذران اڳي تلوار يا قلم جي زور تي هوندو هو، سي هاڻي هنن لاءِ وبال جو باعث ٿي پيا آهن. وچولي درجي وارا رئن ٿا ته هنن کي نوڪري ڪا نه ٿي ملي، ۽ جي ڪو روزگار لڳين به ٿو ته ان جو اجورو نالي ماتر ٿو ملين. واپاري چون ٿا ته گهٽ واهپي جي ڪري هنر تباهه ٿي ويا آهن ۽ ٻَڌو واپار گهٽجي ريزڪي ٿي پيو آهي. رعيت جي دانهن آهي ته کين پئسي جي تنگي آهي ۽ صرافن ۽ واڻين وٽان قرض ڪو نه ٿو ملين.

پر اهي انتظامي تبديليءَ جا لازمي اهنج آهن. اسان جو رايو انهيءَ جي پختي اصول تي ٻڌل آهي ته هڪ اهڙي ملڪ لاءِ، جي ميڪسيڪو ۽ ڏکڻ هندستان وانگر شيون يا دولت جا اسباب خودبخود نٿا پيدا ڪن، زراعت ۽ تجارت ئي دولت جا ذريعا ٿي سگهن ٿا.

تعليم جي باري ۾ اسان هن وقت تائين ڍلا رهيا آهيون. اسان ڏيهي مدرسن ۽ مڪتبن کي تباهه ٿيڻ نه ڏنو آهي ۽ انهن جي جاءِ تي ٻيو ڪو بندوبست ڪو نه ڪيو اٿئون. سنڌين کي پنهنجي زبان ۾ وياڪرڻ، لغتن ۽ اسان جي درسي ڪتابن جي ترجمن جي ضرورت آهي. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته اها ڪمي آخر پوري ڪئي ويندي، پر اخلاقي سڌاري ۾ جيترو جلد سهائتا جو هٿ ڊگهيرجي اوترو چڱو.

اها ٻولي جنهن کي عام طرح  ’سنڌي‘ چيو وڃي ٿو، سا هڪ جهوني، پُر الفاظ، باترتيب ۽ مهذب زبان آهي. جيئن ته اها زبان سنڌ ۾ هرڪو ڄاڻي، تنهنڪري اها فارسيءَ کان (جا هن وقت رائج آهي)، سرڪاري لکپڙهه ۽ وهنوار لاءِ وڌيڪ موزون سمجهڻ کپي. ٻن ٻولين استعمال مان (جن مان هڪ فقط پڙهيل طبقي جا ماڻهو پڙهي سگهن ٿا) ٺڳي ۽ بي انصافي ٿيڻ جو امڪان آهي.

سنڌ جي ٻوليءَ بنسبت هڪ ٻي ڳالهه جا ڌيان ۾ رکڻ کپي، سا هيءَ آهي ته ان ۾ ڪجهه پراڻو ۽ عام فهم ڪلام آهي جو ٻوليءَ جي وزن قائم ڪرڻ ۽ مغربي عالمن جي رهنمائيءَ لاءِ گڏ ڪري محفوظ رکڻ کپي. هڪ پوئتي پيل قوم جي فڪر جي پيدائش مان، اسان کي شايد رس نه اچي ۽ نڪي ڪو ٻيو فائدو پهچي، پر اها اسان جي هٿ ۾ هڪ طاقت جو ذريعو ۽ قيمتي هٿيار ٿيندي، روسي مشرقي سياستدانن ۾ سڀني کان سياڻا، جيتوڻيڪ گهٽ ڪامياب آهن، تن ڪيترو اڳ افغانن جا قومي ڪتاب ڇپايا ۽ ترجمو ڪيا آهن. ٻئي طرف اسان ان ٻوليءَ جي بناوت جي سمجهڻ جي ڪا به تڪليف ڪا نه ورتي آهي، جا ان ساري ملڪ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جنهن سان گڏيل ويهه ورهيه اسان جا گهرا تعلقات رهيا آهن، جنهن ۾ اسان پنج سال مالڪ ٿي رهيا آهيون ۽ حڪومت ڪئي اٿئون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org