سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:7  

باب ستون

سنڌ جي هن وقت جي معاشرتي حالت- شاديءَ متعلق هڪڙي ڏيهي ڪتاب مان ڪي ٽڪرا- ملاقات جو دستور- نشي جو رواج ۽ نشيدار شين جا قسم، جي استعمال ڪيا وڃن ٿا- قومي مذهب جي خصوصيت- روحاني علم- شيطاني علم، طلسم ۽ ڪيميا- هڏن جي رستي جادو ۽ قسمت جو ڪتاب- خوابن جو تعبير- هٿ ڏسڻ جو علم- سوڻ سڳڻ- ڏوهه ۽ سزائون.

ڪنهن مهذب ماڻهوءَ اڳيان فقط لفظ جي رستي، هڪ نيم سڌريل قوم جي پنگت جو صحيح نقشو پيش ڪرڻ، نهايت ڪٺن ڪم آهي. منهنجي خيال موجب سهڻو طريقو اهو ٿيندو ته ماڻهن جي چال چلت، رواجن، عادتن ۽ رسمن جو احوال ۽ عوام جي لاءِ جيڪي ڪتاب اڳ ۾ لکيا ويا آهن، تن مان حوالا ڏئي پنگت جي تصوير جو نقشو چٽجي.

جنهن تصنيف مان هيٺيان احوال ڏجن ٿا، تنهن ۾ شاديءَ متعلق مختصر هدايتون ڏنل آهن. اها تصنيف، سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي ۽ سيد حسن عليءَ جي لکيل آهي. ان ۾ ٻه باب آهن، جي سليس طرز ۾ لکيل آهن. يورپي ماڻهو ڏسندا ته ڪتاب جو مضمون مشهور انگريز تصنيف ”گل جو افسانه“ ۽ انهيءَ زماني جي ٻين تصنيفن جهڙو آهي. جڏهن مغرب جي حالت اهڙي هئي. جهڙي هاڻي مشرق جي آهي.

ڪتاب رسول ﷺ جي هن حديث سان شروع ٿئي ٿو ته ”شادي منهنجي سنت آهي، جو ان کان منهن موڙي ٿو سو منهنجو نه آهي.“ جيڪڏهن ماڻهوءَ کي شادي ڪرڻ جي طاقت آهي ته پوءِ شادي واجب آهي ۽ جي هن کي پاڻ پالڻ جي طاقت آهي ته پوءِ شادي سنت]2[ آهي. ماڻهو مجرد تڏهن رهي سگهي ٿو، جڏهن هن کي زال پالڻ جي طاقت نه هجي يا هو شادي جي مقصد طرف مائل نه هجي. جيڪڏهن ماڻهو مفلس نه آهي ۽ رغبت به اٿس، ته ان حالت ۾ شاديءَ لاءِ قرض به کڻي سگهي ٿو، جنهن جي اسلام ۾ هونئن سخت منع ٿيل آهي. نه فقط ايترو، پر کيس انهيءَ مقصد لاءِ قرض کڻڻ جي پڻ هدايت ڪيل آهي. اها اجازت انهيءَ وعدي سان ته قرض ادا ڪرڻ ۾ خدا سندس وڪيل آهي. تنهائيءَ حالت ۾ روزن رکڻ ۽ نمازن پڙهڻ جي هدايت ڪيل آهي.

انهن تمهيدي بيانن کان پوءِ، مصنف صلاح ڏئي ٿو ته اخلاقي ۽ جسماني نقطئه نگاهه کان زال جو انتخاب ڪيئن ڪرڻ گهرجي. شائق کي اهو مشورو ڏنو ويو آهي ته هو ٻن ڳالهين تي خاص ڌيان ڏئي: هڪڙو خاندان، ٻيو حسب. بيوه عورت کان پاسو ڪرڻ گهرجي. زال ۾ چار خاصيتون ضرور هئڻ کپن: پهريون ته هن جو قد مرد جي قد کان گهٽ هجي. ٻيو، هن کان ننڍيءَ عمر جي هجي. ٽيون، ملڪيت ۾ به کانئس گهٽ هجي. چوٿون، عزت ۽ شان مانُ به مڙس جيترو نه هجيس. ڪڻڪائون رنگ ۽ ڪارا وار، زياده پسند ڪيا ويندا آهن. گلابي، سفيد ۽ زرد چمڙيءَ کان پاسو ڪرڻ کپي،  جو اهي نفس پرست طبيعت ڏيکارن ٿيون. سيد چوي ٿو ته ستن قسمن جي زالن کان پرهيز ڪرڻ کپي: 1. ڪم ذات، 2. تمام حسين، 3. سروقد، 4. سنهيون عورتون، جن سان محبت ڪرڻ مشڪل آهي، 5. گهڻ ڳالهائڻيون، 6. شهوت پرست ۽ 7.اهي زالون جن سان گهوٽ جو اڳيئي ميلاپ ٿيو هجي، جيتوڻيڪ اهڙن زالن بنسبت شرعي منع ڪانه آهي.

نڪاح، بهتر آهي ته مسجد ۾ پڙهجي ۽ نه گهر ۾. شاديءَ جي ڄڃ ۾ شريڪ ٿيڻ روزي جي ثواب برابر آهي. حديث آهي ته ”نڪاح هزار ورهين جي عبادت کان بهتر آهي.“ ڄڃ جي اڳيان جيڪو طعام حاضر ڪيو وڃي ٿو. ان ۾ ملائڪ گهٽ ۾ گهٽ ته به اڍائي آنا بهشتي کاڌو ضرور ملائيندا آهن. گهوٽ جو پهريون پيار، هڪ سؤ اَسي ورهين جي عبادت[3] جي برابر آهي. ان جي ڪري ماڻهو قبر جي عذاب کان بچندو ۽ سندس قبر مٿان نُور وسندو ۽ هن جي اَسي ملائڪ خدمت ڪندا، گهوٽ کي اها پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته مٿاميڙ کان اڳ ڪنوار جا پير ڌوئي، پاڻي حجري جي چئن ئي ڪنڊن ۾ هاري. ائين ڪرڻ سان سندن نصيب کلڻ جو امڪان آهي. تنهن کان پوءِ گهوٽ، زال جي وارن جي جڳ هٿ ۾ جهلي، هي دعا گهري: ”ياالله، مون ۾ ۽ منهنجي گهرواريءَ ۾ برڪت وجهه! اسان کي رزق ڪشادو ڏي. اسان جو اولاد نيڪ، صالح، ايمان وارو ۽ بدڪارن جي صحبت کان بچيل هجي.“

تنهن کان پوءِ سيد، زالن جي مذهبي ۽ گهرو فرض تي هڪ لنبو چوڙو بحث ڪري ٿو. اهي فرض هن ريت شمار ٿيل آهن:

1- هن کي ڏينهن ۾ پنج وقت نماز پڙهڻي آهي ۽ روزا رکڻا آهن. هوءَ مڙس کي پڻ هدايت ڪندي ته پنهنجا فرض ادا ڪري. ياد رکڻ کپي ته زال کان قيامت جي ڏينهن پهريون سوال، نماز بنسبت ڪيو ويندو، ٻيو سوال اهو پڇيو ويندس، ته مڙس جا فرض پورا ڪيا اٿئي يا نه؟

2- زال جا مڙس ڏانهن جيڪي فرض آهي، تن تي هميشه ويچار ڪندي رهي ۽ سڀڪنهن ڳالهه ۾ مڙس جي فرمان ۾ رهي[4]، جيستائين هن جا حڪم الاهي احڪامن جي خلاف نه هجن.

3- شرم ۽ حياء جو قاعدو، خيال، قول يا فعل ۾ هرگز نه ٽوڙڻ گهرجي. حديث آهي ته بيحيا زال ڦڪي طعام جي آچار آهي.

4- سواءِ قوي سببن جي طلاق ڏيڻ نه گهرڻ.

5- مڙس جي اجازت کان سواءِ، گهر کان ٻاهر نه نڪرڻ، مڙس جي موڪل کان سواءِ، ماءُ- پيءُ وٽ به نه وڃڻ، پوءِ ڀل ته هو مرڻ جي ويجهو هجن. جيڪا زال مڙس جي اجازت کان سواءِ گهر کان ٻاهر وڃي ٿي، ان تي خدائي قهر نازل ٿئي ٿو ۽ هوءَ شرعيتاً سٺ دُرن جي سزاوار ٿئي ٿي. تنهن کان سواءِ هوءَ کاڌي پيتي جو حق به وڃائي ٿي.

6- گهرو ڪمن، جهڙوڪ رڌڻ پچائڻ (مڙس لاءِ ۽ نه پنهنجي لاءِ) سبڻ، پراڻن ڪپڙن کي ٽوپا ڏيڻ، ڪَتڻ، ڌوئڻ، ڍور ڏهڻ، باهه ٻارڻ ۽ ٽپڙ ٽاڙي ۽ سيڌي پاڻي جي سنڀال تي ڌيان ڏئي، مڙس کان اڳ کائڻ ۽ سادي کاڌي کائڻ کان انڪار ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته ٻيا اُچو ٿا کائن گناهه آهي. مڙس جي وارن کي ڦڻي ڏيڻ، هن جا ڪپڙا ڌوئڻ ۽ بسترو وڇائڻ مذهبي نقطئه نگاهه کان حج ۽ عمره جي برابر آهي.

7- گهر ۾ جيترو ٿي سگهي، اوترو اُچو ۽ ٻاهر سادو وڳو پهري[5]، گهر ۾ بدن صاف رکڻ لاءِ تيل سرمو ڪرڻ ۽ ميندي وغيره لائڻ، ڏندن جي صفائي جو خيال رکڻ، ساڳئي وقت هڪ شريف عورت کي پوشاڪ جي معاملي ۾ زيادتيءَ کان ڪم وٺڻ نه کپي ۽ مڙس کي ٺٽي جي پٽ- پٽيهر، ملتاني ململ، ڀرت ڀريل جُتين ۽ اهڙين ٻين قيمتي شين لاءِ تنگ ڪرڻ نه کپي.

8- جيڪڏهن عورت دنيادار هجي، ته انهيءَ ڳالهه جو ڍنڍورو نه گهمائي ته مان مڙس کي پاليان ٿي ۽ غريب هجي ته پنهنجي حال تي راضي رهي.

9- مڙس مسافريءَ تان موٽي ته ساڻس کلمک ٿي ڳالهائي.

10- مڙس سان يا مڙس جي روبرو ڏاڍيان يا شوخيءَ سان هرگز نه ڳالهائجي. لعنت ۽ ڦٽ وارا لفظ ڪم نه آڻجن. مڙس جي وِڏ ڪڏهن نه ڪڍجي ۽ ائين نه چئجيس ته تنهنجا ڏند وڏا ۽ نڪ ننڍو آهي يا تنهنجو پير وڏو ۽ پِنيون ٽٽيهر جهڙيون آهن[6]، يا خدا تنهنجو منهن ڪارو ڪيو آهي، يا تون ڪُراڙو، چَٽُ ۽ نامرد آهين، يا تون ڏند ڪڍي ڏاڍو ٺهين ٿو، يا واه! ڇا تنهنجي پڳ ۽ ڇا تنهنجي لوڏ!

سيد ويچارو زالن جا فرض ڳڻي ٻڌائي، تنهن کان پوءِ افسوس سان ظاهر ٿو ڪري ته سنڌ جون زالون پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪنديون آهن. شايد مشهور شاعر، ملٽن وانگر، هو به ليکڪ ته چڱو هو، پر گهر ۾ هلندي پڄندي پوري ساري هيس. ويچارو شايد پنهنجي آزمودي مان ٿو ڳالهائي. ماڻهن جي چال چلت ۽ رسمن سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته انهن جا رواج ۽ ريتون جاچي ڏسجن ته ڪهڙا آهن. سنڌي، رفتار جي ڍنگ ۽ مردانيءَ گفتگوءَ ۾، عربن کان گهٽ آهن. هنن جي اُٿ ويهه به هندستانين جهڙي نزاڪت ڀري ۽ پُرتڪلف نه آهي. ميرن ۽ ٻين مٿئين درجي جي ماڻهن ۾ ايراني طريقي جي نشست برخواست تي گهڻو زور ڏنو ويندو هو. مگر پرائي نقل ڪرڻ ۾ هميشه نزاڪت، لطافت ۽ شائستگي گهٽ هوندي آهي. هيٺين درجن جي ماڻهن ۾ اُٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو گهڻو سليقو ڪونه هوندو آهي. ڪو رواجي مسلمان اندر اوطاق ۾ ايندو آهي، ته اچڻ سان زمين تي ويهي مجلس ۾ شريڪ ٿيندو آهي، پهرين ميرن جي ڏينهن ۾ ”درٻار“ (جيڪڏهن ان کي انهي نالي سان سڏي سگهجي ٿو!) گستاخي پسند نه ڪندي هئي، مگر پويان مير اهو شان نه رکي سگهيا. هت عام سلاميءَ جو هڪڙو مثال ڏجي ٿو، جنهن مان مٿين ڳالهه چڱيءَ طرح روشن ٿيندي. جڏهن ڪو حاڪم رعيت کي پنهنجي زيارت جي شرف بخشڻ جو ارادو ڪندو هو. تڏهن هن لاءِ دروازي جي ڀرسان ورانڊي ۾ هڪ ڪرسي رکي ويندي هئي. ”سلاميءَ“ جي پڪار تي ماڻهو اندر ڪاهي پوندا هئا. حاڪم جي چؤطرف سندس عملي جي ماڻهن مان مضبوط ۽ قداور خادمن[7] جي هڪ ٽولي بيٺي هوندي هئي. ماڻهو انهن کي زور سان پري ڪري، اندر لنگهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. خادم به ساڳئي نموني ۾ ماڻهن جو مقابلو ڪندا هئا. جيڪڏهن ماڻهن جو ميڙ هاڪم تائين پهچي نه سگهندو هو، ته هو درخواستون ۽ عريضون هن کي اُڇلائي ڏيندا هئا. ساڳئي وقت هو ڏاڍيان زور سان دعائون گهرندا ۽ پٽيندا هئا[8]. جيڪڏهن حاڪم اها روش برداشت ڪري نه سگهندو هو، ته پوءِ هو چپ چاپ در کولي پنهنجي ڪمري ۾ کسڪي هليو ويندو هو. انهيءَ وچ ۾ ماڻهو ٿڪل خادمن کي ڌڪا ٿيلها ڏئي اندر لنگهي ايندا هئا. جڏهن پنهنجي ناڪاميابي اکين سان ڏسندا هئا، تڏهن در ڀڃڻ جي ڪوشش ڪري پاڻ کي وندرائيندا هئا. اهڙيون حالتون ننڍن ميرن جي محلن ۾ وقت بوقت پيون ٿينديون هيون. شير محمد سان به اهڙي ماجرا ٿيندي هئي؛ جيتوڻيڪ هن کان ماڻهو ڪن هڻندا هئا ۽ هن لاءِ عزت به هوندي هين. هڪڙي دفعي جڏهن ڪنهن عرضدار ڏاڍو تنگ ڪيس تڏهن پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ مصلو وڇائي نماز ۾ بيهجي ويو. مسلمانن کي نماز ۾ هيڏي هوڏي ڏسڻ جي منع آهي. تنهنڪري هن کي خيال هو ته ماڻهو نماز ۾ مون کي نه ستائيندا. پر عرضدار درخواستون هن جي سامهون جهلي بيٺا، تان جو نوڪرن ڌڪا ڏيئي، تڙي ڪڍين. رنجيت سنگهه جي درٻار جو شان ۽ فتح علي شاهه جي سلام جو دستور نرالو هوندو هو.

مٿئين طبقي جا امير، ڌارين کي بيعزتو ڪرڻ پسند ڪندا آهن، خاص ڪري جڏهن هو ڏسندا آهن ته اڳلا دل ۾ نٿا ڪن. مشرقي ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته هو جڏهن ڏسندا آهن ته اڳلا ماٺ ڪري ويهڻ وارا نه آهن ته پوءِ بدتميزيءَ ڪرڻ جي همت ڪانه ٿيندي اٿن. اهڙن ماڻهن جو سولي ۾ سولو علاج هي آهي ته ساڻن غصو ڪجي ۽ تنديءَ سان ڳالهائجي. ڪو ملڻ اچي ۽ کيس چئجي ته مالڪ گهر ۾ ڪونهي، ته اها هن جي بيعزتي ليکي ويندي آهي. جيڪڏهن مهمان جي پوري آجيان نه ٿي ته پوءِ هو وري چانئٺ اندر پير نه پائيندو آهي. ملاقات جو طريقو هن ريت هوندو آهي: پهريائين نوڪر اچي اطلاع ڏئي ويندو آهي ته مهمان اچي ٿو. جڏهن مهمان ايندو آهي. تڏهن ميزبان گهر کان ٻاهر نڪري سندس استقبال ڪندو آهي. جيترو مهمان جو زياده درجو هوندو آهي، اوترو ميزبان ٻاهر ايندو آهي. پر جي مهمان ڪو وڏو ماڻهو هوندو آهي ته هن جي اچڻ تي سڀ پنهنجن جاين تان اُٿي کڙا ٿيندا آهن. جيترو هن جو مرتبو هوندو، اوترو هو اڳتي وڌندا. خوش خيرآفيت ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ هوندي آهي. گفتگو اڪثر فارسيءَ ۾ ۽ بعضي بعضي سنڌيءَ ۾ ڪندا آهن. پوءِ ميزبان، مهمان کي وٺي وڃي سندس جاءِ تي ويهاريندو آهي. مسند هڪڙي کٽ هوندي آهي، جنهن تي ڪا رلي يا توشڪ وڇايل هوندي آهي. مسند جا هيٺيان درجا ٿيندا آهن. (1) منجي، جنهن تي بعضي ڪو وڇاڻو پيل هوندو آهي ۽ بعضي اگهاڙي هوندي آهي، (2) زمين تي ڪو غاليچو وڇايل هوندو آهي، (3) زمين تي پيل تڏو، (4) پٽُ، (5) ڪا جاءِ ڪوٺيءَ کان ٻاهر، ورانڊي ۾. ٺهي ٺڪي ويهڻ کان پوءِ شربت، ڦوٽا، پان، سوپاري ۽ حقو کڻي ايندا آهن. اڄڪلهه ڪٿي ڪٿي شراب، ڀنگ ۽ آفيم به آڇيند آهن. پر ڌاريا ماڻهو گهڻو ڪري اهڙي ڪم ڪرڻ کان ڊڄندا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪوبه شريف مشرقي پرائي گهر ۾ نشيدار شين کي ورلي هٿ لائيندو، ڇو ته ماڻهو نشي جي حالت ۾ اڪثر ڪري تهذيب جي دائري کان نڪري ويندا آهن. ايران ۾ مهمان کي باقاعدي ماني کارائي ويندي آهي، پر سنڌ ۾ وري ميوي جو رواج آهي. جهڙو ميزبان جو سماجي مرتبو هوندو آهي اوترو کيس وڌيڪ ترسائڻ لاءِ زور ڀريو ويندو آهي. جيڪڏهن ميزبان گهٽ درجي جو ماڻهو هوندو آهي، ته گهڻو وقت ترسائڻ لاءِ زور ڪين ڀريو ويندو آهي. مهمان جي واپسي به سماجي لحاظ کان شان ۽ شوڪت سان ٿيندي آهي. جيڪڏهن مهمان ڪو وڏو ماڻهو هوندو آهي ته پوءِ ميزبان هن سان گڏجي سندس گهر تائين ڇڏڻ ويندو  آهي.

پٺتي پيل ملڪن ۾، اهڙين معمولي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ تمام ضروري آهي. مشرق ۾ ٻوليءَ، رسمن ۽ رواجن جو علم تمام ضروري آهي. هندستان جي ڪيترن ڀاڱن ۾، مهذب انگريزن کي جهنگلي[9] سڏيو ويندو آهي؛ ڇاڪاڻ جو هو انهن معمولي ڳالهين کي نظرانداز ڪندا آهن، جن جي وسيلي هو ماڻهن ۾ پنهنجي لاءِ عزت پيدا ڪري سگهن. سنڌ جي هرهڪ مير کي پنهنجو پنهنجو خطاب هوندو هو. مير نصير خان کي ”سرڪار فيض آثار“ ڪري سڏيندا هئا. ڳالهائڻ ۾ هنن کي ”مير صاحب“ يا ”مير سائين[10]“ ڪري چوندا هئا. سندن زالون ”ديره ڪلان“[11] جي نالي سان سڏبيون هيون ۽ ڪي وري ”ديره خورد.“ انهن اصطلاحن جو استعمال تمام ضروري هوندو هو. انهن ڳالهين ۾ غفلت، سنئين سڌي هتڪ ڪري ليکي ويندي هئي.

سنڌ جي ڏيهي پنگت جي هاڻوڪيءَ حالت جي، هڪڙي خراب ڳالهه هيءَ آهي ته ان ۾ نشي واپرائڻ جو گهڻو رواج ٿي پيو آهي[12]. اعليٰ خواه ادنيٰ ماڻهن ۾، سواءِ پرهيزگار شخصن جي (اهڙو ڪو ورلي هوندو جنهن جي دل شراب جي گلاس تي نه هرکندي)، شراب ۾ اڪثر پاڻي ملائي پيئندا آهن. جيترو شراب، اوترو پاڻي. وڏا ماڻهو جي عادتي پياڪ هوندا آهن، سي کاڌي کان اڳ پيئڻ شروع ڪندا آهن. جڏهن ڪافي خنڪي چڙهندي اٿن، تڏهن هو ماني کائي، ان جي مٿان هاضمي لاءِ کير جو پيالو پِي ڇڏيندا آهن، جيئن اسان انگريز ڪافي پيئندا آهيون. هو هڪٻئي جي گهر يا ڌارين اڳيان پيئڻ ۾ به عار ڪونه سمجهندا آهن، جڏهن نشي ڪرڻ جو ارادو هوندو اٿن، تڏهن پهريائين ڀنگ پِي، ان جي مٿان شراب يا ڪو نشيدار عرق پيئندا آهن. چون ٿا ته اهڙيءَ طرح پيئڻ ۾ هڪ قسم جو خاص لطف ايندو آهي. فارسيءَ وارو چوي ٿو ته ”پهريائين ڀنگ پيو، پوءِ شراب. ساوڪ جي مٿان پاڻي سهڻو لڳندو آهي!“ سنڌ ۾ اهڙا گهڻائي وڏا ماڻهو آهن، جن کي ڪنهن به نشيدار شيءِ واپرائڻ تي اعتراض ڪونه هوندو آهي. غريب ماڻهو، پيچڪ يا شراب ۽ عرق يا تاڙيءَ تي گذارو ڪندا آهن. اهو سستو ۽ پيئڻ ۾ نهايت اُگرو هوندو آهي.

اڪثر ڪري ٻن قسمن جا شراب واپرايا ويندا آهن:

1. ڳڙ جو دارو، جو ڳڙ، ٻٻر جي ڇوڏن ۽ ٻين شين سان ٺهندو آهي. ان جو ذائقو تيز ۽ اُگرو هوندو آهي. انهيءَ هوندي به سنڌ جا هندو اهو شوق سان پيئندا آهن. ڪي ته ڏينهن ۾ ساري بوتل پوري ڪيو ڇڏين! شراب ننڍين وٽين ساڻ ڀري پيئندا آهن، جنهن ۾ هڪ ننڍي چمچي جيترو دارو ماپندو آهي. پاءُ پاءُ ڪلاڪ کان پوءِ، هو ٻي وٽي چاڙهيندا آهن. 2. ڪتل جو دارو، جو کارڪن جو عرق آهي ۽ اڪثر ڪري غريب ماڻهو پيئندا آهن. اهو گرم ۽ اُگرو هوندو آهي. مکيه شراب هي آهن:

(1) انگوري شراب، جو سنڌي ڊاک مان حيدرآباد، سيوهڻ ۽ شڪارپور ۾ ٺهندو آهي. اهو گهڻو ڪري ڳڙ جي عرق سان مٺو ڪيو ويندو آهي. سڪل انگور مان ٺهيل شراب کي ”ڪشمش“ چوندا آهن.

(2) سونفي، وڏف ۽ ڳڙ جي عرق مان ٺهندو آهي. اهو اُچن شرابن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي.

(3) مشڪي، ان کي مشڪ ۽ ٻين خوشبوءَ دار شين سان سڳنڌ وارو ڪيو ويندو آهي.

(4) ترنجي، ترنج جي کل مان ڪڍندا آهن.

(5) مصري، مصريءَ مان ٺهندو آهي ۽ معطر ٿيل هوندو آهي. اهو تمام قيمتي شراب مان هڪ آهي.

(6) گلابي، ان ۾ گلاب جي پاڻيءَ جي سرهاڻ هوندي آهي.

(7) ڪيسري، ڪيسر جو رنگ ڏنل هوندو اٿس. عام غريب مسلمان ڀنگ جا بيحد شوقين آهن. هو انهيءَ جا ايترا عادي آهن، جو گجرات جي آفيمين وانگر ان کان سواءِ حياتي وبال سمجهندا آهن. ميرن جي ڏينهن ۾ ڀنگ جو سير، هڪ آني ملندو هو. هاڻي اسان انگريزن مقاطعي جو رواج شروع ڪيو آهي ۽ ڀنگ جي قيمت پنجوڻي- ڇهوڻي ٿي ويئي آهي. سنڌ جي ماڻهن جي دماغي ۽ جسماني ايتريءَ لاءِ هن قاتل شيءِ جو واهپو گهڻي قدر جوابدار آهي. ان مان ديوانگي، سڪتو ۽ ٻيا انيڪ مرض پيدا ٿين ٿا. ڀنگ هيٺين مکيه نمونن ۾ ورتائي ويندي آهي.

1. ڀنگ، سوائي يا سُکو.  ڀنگ جي ٻوٽيءَ جا ننڍا پن، تُهه ۽ ٻج گهوٽي ان ۾ پاڻي يا کير وجهي پيئندا آهن. ڀنگ جو گيهه ٻن نمونن ۾ ٺهندو آهي. سڀ کان سٺي ترڪيب هيءَ آهي ته ڀنگ کير ۾ ٽهڪائي. ان ۾ مَلائي آٺرائي ڪڍي، ان کي ٽاڻي گيهه حاصل ڪيو ويندو آهي. رواجي طرح سير گيهه ۾ ڀنگ جو سير وجهي پتل جي ٿانوَ ۾ ڀُڃجي ان کان پوءِ، ديڳڙي کي ڍڪ ڏيئي باهه تي رکجي، جيستائين  سُڪي اڌ ٿي وڃي، تيستائين وقت بوقت گهمائبو رهجيس ته ترو نه لڳي وڃيس. جڏهن ڳاڙهو ٿي وڃي، تڏهن ديڳڙو لاهي گيهه ٽيپو ٽيپو ڪري ٿالهه ۾ وجهجي. هيءُ گيهه، جراح، نشتر هڻڻ وقت ماڻهوءَ کي بيهوش ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.

2. گائجو، هي ڀنگ جي ٻوٽيءَ جي چوٽين مان ٺهندو آهي. اهو ڇڪبو به آهي ۽ ڀنگ وانگر پيئبو به آهي. ان کي حقي ۾ پيئڻ واسطي تيار ڪرڻ جا گهٽ ۾ گهٽ ٽي طريقا آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي تمام زياده نشي ڪرڻ جو ارادو هوندو آهي، ته هو ڀنگ جي ٻوٽيءَ جي ساري چوٽيءَ پاڻيءَ ۾ وجهي، ٻِج پنن کان ڌار ڪندو آهي. پوءِ پَن ڪڍي، هٿن جي تَرين ۾ مهٽبا آهن، جيستائين سڪي ڳنڍو ٿي پون. پوءِ چلم جي ڦل جي تري ۾ وجهي، ان جي مٿان آلو تماڪ رکبو آهي، ۽ ان جي مٿان نوڙيءَ[14] جو ٻَريل ٽُڪر هوندو آهي. ان کان ٻي گهٽ نشيدار شيءِ، هن نموني ٺهندي آهي: ٻج ۽ پن گهوٽي ان جا ٽي پاڻي ڪڍبا آهن. ٽيون طريقو وري هي آهي ته ٻوٽي جي چوٽي جا پَن ڪڍي، باقي جيڪي بچندو آهي سو تَئي تي سيڪيندا آهن. جڏهن اهو گرم ۽ خسڪ ٿيندو آهي، تڏهن ان کيهٿن ۾ مهٽي، چورو ڪنداآهن. پوءِ ان ۾ پاڻي ملائي، ڳوهي موم وانگي ڪندا آهن. اهو گانجو تماڪ سان ملائيندا آهن ۽ ان جي هيٺان رکي نه ڇڪيندا آهن، جيئن پهرين ٻن نمونن ۾ ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ گانجو گهڻو ڪونه ڇڪيو ويندو آهي. سيکڙاٽن لاءِ هڪ ڦُل ڪافي هوندو آهي. عادتي ماڻهو چار- پنج ڦل ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ ڇڪيندا آهن. گانجي جو نسن تي تمام خراب اثر پوندو آهي. ان جي زور ڀڄڻ لاءِ ليمي جي رس يا انب جو آچار کائيندا آهن.

3. چرس يا ڀنگ جو کؤنر: سنڌ ۾ ڪَچو چرس نشي لاءِ يا دوا طور استعمال نه ڪندا آهن، جيئن اسان وٽ ٿيندو آهي. انهي حالت ۾ ان کي زهر سمجهيو ويندو آهي. سنڌ ۾ اهو يا تماڪ سان گڏي ڇڪيندا آهن، يا ان مان معجون ٺاهي کائيندا آهن. انهيءَ معجون جي سڀ کان سٺي جنس افغانستان[15] يا وچ ايشيا مان ايندي آهي.

سنڌ ۾ اهي آهن ڀنگ ورتائڻ جا مکيه طريقا: هرهڪ شيءِ جي جدا خاصيت هوندي آهي. چوندا آهن ته ڀنگ ڊپ ۽ خيال پيدا ڪندي آهي، ۽ ڇتي بک لائيندي آهي ۽ ان بعد بدهاضمو ڪندي آهي. گانجي سان سمجهه تيز ۽ ڳالهائڻ ۾ ماڻهو چتر ٿيندو آهي. ساڳئي وقت ماڻهو اهڙو هوشيار هوندو آهي جو ڪير به دل جو منجهه ڪونه ڪڍي سگهندو اٿس. چرس جو دماغ تي گانجي جهڙو اثر پوندو آهي.

ٻيون نشيدار شيون، جن جو عام طور سڄيءَ سنڌ ۾ کاپو آهي، سي هي آهن:

(1) معجون، يعني ڀنگ، چرس، ڌاتوري جي ٻجن ۽ کنڊ سان ٺاهيل مٺائي جهڙو نشيدار حلوو. صوبي جا وڏا ماڻهو، گهڻو ڪري معجون ٽن غرضن يعني خمار، قوت ۽ امساڪ[16] لاءِ ڪم آڻيندا آهن. پويان ٻه مقصد اهڙا ضروري سمجهيا ويندا آهن، جو انهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ نشي جي پرهيز وارن شرعي احڪامن جي به پرواهه نه ڪئي ويندي آهي.

(2) خسخس: اها گهڻو ڪري ٻين شين سان گڏ استعمال ٿيندي آهي.

(3) ٿاڌل: هڪڙي قسم جو فرحت ڏيندڙ شربت آهي، جو گرميءَ جي مند ۾ پيئبو آهي. اها ڌاڻا، وڏف، جيرو ۽ ٻيون شيون مصريءَ سان گڏ گهوٽي تيار ڪندا آهن. ٿڌاڻ لاءِ بعضي بعضي ان ۾ ٿوري ڀنگ پڻ ملائي ويندي آهي.

(4) ڪوهي يا جابلو ڀنگ: ڌاتوري جو هڪڙو قسم آهي جو ڀنگ وانگي تيار ڪري ڇڪبو يا پيئبو آهي. اهو گهڻو ڪري فقير ۽ درويش پيئندا آهن، جو چوندا آهن ته مستي پيدا ڪندو آهي. اهو سيکڙاٽن جي ڳچيءَ جي نسن کي ڏاڍو وٺندو آهي.

(5) آفيم يا امل: اڳي سنڌ ۾ گهڻو کائبو هو، جيتوڻيڪ اهو ڇڪيندا ڪونه هئا، پر هاڻي مهانگو ٿي ويو آهي، جنهنڪري ان جو رواج گهٽ ٿي ويو آهي. چون ٿا ته آفيم وٺڻ کان پوءِ ماڻهو حياتيءَ جي پرواهه نه ڪندو آهي ۽ خوف کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندو آهي. جنهنڪري سالار ۽ سپاهي پنهنجي سورهيائي ڏيکارڻ لاءِ نشو ڪري، جنگ تي تيار ٿي ويندا آهن. بلوچ انهيءَ ڳالهه لاءِ مشهور آهن. اهوئي سبب آهي جو هو لڙائيءَ ۾ همت ۽ بيباڪيءَ سان لڙندا آهن.

آفيم وٺڻ جا عام طريقا هي آهن: گولي ٺاهي کائي مٿان کنڊ يا ڪا ٻي مٺي شيءِ  چٽي ڇڏبي آهي، يا پاڻيءَ ۾ ڳاري پيئبو آهي. جيڪڏهن صفا نه هوندو آهي ته پيئڻ کان اڳ ڪپڙي ۾ ڇاڻبو آهي. بعضي ان ۾ زعفران ملائي، ٻين ڪيترن طريقن سان پيئندا آهن. پر انهن طريقن جو هن ملڪ ۾ ايترو رواج نه آهي، جيترو هندستان ۾.

سنڌ ايتري مهذب نه آهي، جو ان ۾ نشيدار شين جي پيئڻ لاءِ جدا جايون ٺهيل آهن. سڀني وڏن شهرن جي ٻاهران ڪئين دائرا[17] هوندا آهن، اهي گهڻو ڪري پوشيده باغيچن ۾ هوندا آهن، جتي ڀنگ ۽ نازبوءَ پوکيل هوندي آهي. چون ٿا ته نازبوءَ ماڻهوءَ کي کِلائيندي آهي. دائري ۾ مهمانن جي سهوليت لاءِ هڪ اوطاق يا ڪمرو پڻ هوندو آهي. شام جو پنجين يا ڇهين بجي ڀنگ جا موالي اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ ڏاڍو چهچٽو لڳندو آهي. پوءِ ته ڀنگ ڌوئڻ، نپورڻ ۽ گهوٽڻ کي لڳي ويندا آهن. انهيءَ دل پسند شوق جي انتظار ۾، منجهن هڪ نئون روح ڦوڪجي ويندو آهي. جڏهن ڀنگ تيار ٿيندي آهي، تڏهن هرڪو خاموشيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان پيئندو آهي. تنهن کان پوءِ، ڪي حقو ڇڪيندا آهن ته ڪي مٺائي يا ڀڳڙا کائيندا آهن ته ٿوري وقت کان پوءِ، منجهانئن هڪڙو اُٿي راڳ ڳائيندو آهي ته ٻيو وري هن سان سُر ملائيندو آهي. اهڙيءَ ريت ڪي چرچا ۽ مسخريون ڪري پاڻ کي ۽ پنهنجن دوستن کي وندرائيندا آهن. ڪن کي ته وري اتيئي ننڊ وٺي ويندي آهي. اهڙي محفل اٽڪل اَٺين بجي رات تائين هلندي رهندي آهي. تنهن کان پوءِ هرڪو پنهنجي گهر هليو ويندو آهي.

زالن کي مڪانن ۾ اندر اچڻ بنهه ڪونه ڏيندا آهن؛ تنهنڪري هتان جا اوتارا مغربي هندستان جي انهن مخرب اخلاق اوتارن کان وڌيڪ شائسته هوندا آهن، جن کي آکاڙا سڏبو آهي. معزز ماڻهو انهن ۾ عام طور ڪونه ويندا آهن. بعضي بعضي سيد ۽ منشي به انهن ۾ ويندا نظر ايندا آهن. انهن مجلسن ۾ جلالي فقير هميشه حاضر هوندا آهن.

ٻي ڳالهه، جنهن جو سنڌ جي سماج تي تمام گَهرو اثر آهي، سا آهي ماڻهن جو قومي ۽ مذهبي رجحان.

ڪيترن مهذب خواه پٺتي پيل ملڪن ۾، سياحن توڙي قومن جي علم جي ماهرن، ڏٺو هوندو ته جڏهن ڪو نئون مذهب ڪنهن پراڻي ڌرم کي ڊاهي، ان جي بنياد تي کڙو ٿيندو آهي، تڏهن انهيءَ جي نئين مذهب کي اڳلي ڌرم مان ڪيترين ڳالهين وٺڻ جي ضرورت پوندي آهي. آزمودو ڏيکاري ٿو ته هرهنڌ اڳئين ڌرم جو روح مشڪل سان صفا ناس ٿي ويندو آهي. عيسائيت جو ئي مثال کڻي وٺو. پراٽيسٽنٽ فرقي جي مذهب ۾ انگريزن ۽ ٻين اُترينءَ سرحد وارين قومن جي پراڻن ڌرمن ۾ دراوڙي ڌرم جا ڪيترا اصول سمايل آهن. وري ڀونوچ سمنڊ وارا ملڪ ڏسو. اتي عيسائيت ۾ اڃا انهيءَ پراڻي صوفيانه مذهب جا ڪافي آثار آهن، جنهن جي نظريي مطابق زمين، هوا ۽ سمنڊ سندر ۽ خيالي تصويرن سان ڀريا پيا آهن ۽ جنهن مان اهي علم ۽ هنر پيدا ٿيا، جن انهيءَ ملڪ جي ماڻهن کي تهذيب ڏني. اسلام جي معاملي ۾ به، ڪن ملڪن ۾، ساڳيو اصول عمل ۾ نظر اچي ٿو. چنانچه سنڌ ۾، ولين جي مقبرن تي ڪڃرين جا ناچ، ۽ مسلمانن جو هندن جي ڪن پوتر آستانن تي وڃڻ ۽ سندن ساڌن ۽ سنتن کي مڃڻ، اهي ڳالهيون سچن مسلمانن جي نظر ۾ بدعتون آهن. اسلامي معاشري ۾ قديم بت پرستي ڪيئن جهاتيون پائي رهي آهي، تنهن جو هڪ مشهور مثال هٿ ڏجي ٿو:

ڪراچيءَ جي اُتر طرف وارين ٽڪرين ۾، هڪڙي مشهور حاجيءَ[18] لاءِ چون ٿا ته کيس هڪ چشمي مان، هڪڙي واڳونءَ جو ٻچو هٿ آيو. ان واڳونءَ جو اولاد اڃان پاڻيءَ دٻي جي ڪاريءَ گپ ۾ ليٿڙيون پائيندو رهي ٿو. انهن واڳن ۾ جيڪو وڏي ۾ وڏو آهي، سو انهن جو پڳدار ڪري ليکيو وڃي ٿو. انهيءَ هولناڪ بلا کي ڏيهي ماڻهو عزت وچان سڏين ”مور صاحب“[19]. جڏهن ڪنهن شخص کي ڪا باس باسڻي هوندي آهي، تڏهن هو چشمي تي وڃي، هڪڙو ٻڪرو ڪُهي، ان جو هڪ حصو انهيءَ واڳونءَ کي کارائيندو آهي. جيڪڏهن هن اهو گوشت کائڻ شروع ڪيو ته اهو شخص سمجهندو ته سندس عرض اَگهامندو، پر جي نه، ته پوءِ اميد جو پورو ٿيڻ ناممڪن آهي.

هن جاءِ تي، رمضان جي مهيني ۾، هڪ وڏو ميلو لڳندو آهي. ان ميلي ۾ آسپاس جون طوائفون به گهڻي تعداد ۾ اچي گڏ ٿينديون آهن. منهنجي هڪري عرب دوست، اهو نظارو ڏسي چيو ته ”هي سڀ شيطان جو ڪم آهي. سنڌ ملڪ کي انهن بدعتن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ئي طريقو آهي، اهو آهي ماڻهن ۾ صحيح شعور پيدا ڪرڻ. تحقيق اهي بدعتون اسلام جي جسم ۾ هڪ ناسور مثل آهن.“ اسلام ۾ ساهواري شيءِ جي شڪل اُڪيرڻ جي به منع آهي، ته متان سادا ۽ اٻوجهه ماڻهو ان جو حد کان زياده احترام ڪن[20].

سنڌ ۾ وهم وسوسا گهڻا آهن، پر دهريت ٿوري آهي. پڙهيلن ۾ بعضي بعضي ڪو دهريو پڻ نظر ايندو آهي. ساڳئي وقت، ڪن صوفي طريقي جي ماڻهن ”همه اوست“ جا اصول، اهڙي نموني ڪري ڇڏيا آهن، جو يورپي ماڻهن جي سمجهه ۾ ئي نٿا اچن. پر اهڙا مثال ٿورا آهن ۽ انهن تائين محدود آهن، جن حد کان زياده منطق جو اڀياس ڪيو آهي يا حڪمت يعني فلسفي سکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

منهنجو ارادو نه آهي ته سنڌ ۾ جنات، غيبات ۽ جادو جي علم ۽ عمل جو گهڻو احوال ڏيئي، پڙهندڙن کي تڪليف ڏيان. پر انهن جو مختصر بيان دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو.

سنڌ ۾، روحن، جنن ۽ ڀوتن جي هڪ وڏي فهرست آهي. سنڌ جا ماڻهو رجال الغيب ]22[ جنن، ڀوتن، غول بيابانن، پرين ]23[، ديون، راڪاسن، ڏائڻين روحن ۾ اعتبار ڪندا آهن. روحن ۾ ڪي خير وارا آهن ۽ ڪي شر وارا خير وارن، خواجه خضر ]24[ ته ڪافي مشهور آهي. چون ٿا ته اهو ڀليل مسافرن کي طرح طرح جي روين ۾، مگر اڪثر ڪري هڪ ٻڍي ماڻهوءَ جي ويس ۾ گڏبو آهي ۽ رستو ڏسيندو آهي. ڀپ عربستان جي مروئن جهڙا خوفناڪ جن آهن. ڏاڪڻ يا ڏائڻ يورپ جي ڏائڻ وانگر هڪ ڪُراڙي، ضعيف، غريب، ڪمذات ۽ بدمزاج عورت هوندي آهي. اها ماڻهن کي جانور جي صورت ۾ آڻي، چوپائي مال کي ماري منڊ پڙهي، وڻ يا چراخ تي سوار ٿي، وڏا مفاصلا طي ڪندي آهي. پر هوءَ عربن جي ڏائڻ وانگر ٻهاريءَ تي چڙهي ڪو نه گهمندي آهي. انهيءَ ڪري عام ماڻهو ٻڍين ۽ بدصورت عورتن کان ڊڄندا آهن انهن کي حقارت سان ڏسندا آهن. هو به انهيءَ شهرت جو فائدو وٺي، ڌوتيون بنجي، ماڻهن جا ناجائز رشتا ٺاهينديون ۽ بگاڙينديون وتنديون آهن. جيڪڏهن بعضي حد کان ٻاهر نڪري وينديون آهن، ته موچڙا پڻ کائينديون آهن. پر انهيءَ سزا کي ڏيهي حڪومت يا مذهب جي قاعدي جي ٽيڪ نه آهي. اسان جي ملڪ جي رواج جي خلاف، سنڌ ۾ ڏائڻ ٿيڻ قانوني طور سزا جوڳو ڏوهه نه آهي. ڪن جاهلن وهم پرستن جو چوڻ آهي ته ڏاڪڻ هڪ قسم جي ڏائڻ آهي، جا ڪيترن قسمن جا روپ اختيار ڪندي آهي، مگر جي اگهاڙو ٿي بيهبو آهي ته هوءَ ڀڄي ويندي آهي. ٻانڀ ۽ مَمَ خوفناڪ بشر آهن، اڌ عورت ۽ اڌ رڇ اڪثر ڪري اُهي ٽڪرن ۽ جهنگلن ۾ رهنديون آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن مسافرن کي نظر اينديون آهن. انهن کي رڇ جهڙا وار ۽ ڊگها چپ هوندا آهن ۽ هو ميون ۽ جهنگلي ٻوٽين تي گذران ڪنديون آهن.

شِر هڪ شيطاني هستي آهي. هو گهڻو ڪري ڪمذات ماڻهوءَ جي روپ ۾ نظر ايندو آهي ۽ ڪارو ڊگهو ۽ خوفناڪ هوندو آهي. بعضي بعضي ته، هو سِر کان سواءِ ڌڙ وانگر ڏيکاربو آهي. هو مقامن ۾ رهندو آهي، جتي باهيون ٻاري، ٻرندڙ بُنڊيون اڇلائيندو آهي، هو ماڻهن جا نالا  زور سان وٺي، انهن کي ڊيڄاريندو آهي يا ڪنهن مرونءَ جي شڪل ۾ انهن جي پٺيان ڪاهي پوندو آهي ۽ اهڙن ٻين نمونن ۾ پاڻ کي مشغول رکندو آهي. انهيءَ ڪري عام ماڻهو رات جو قبرستان جي ويجهو وڃڻ کان خوف ڪندا آهن.

عجب جي ڳالهه هيءَ آهي ته شيطان کي گهڻو ڪري پڙهيل لکيل ماڻهو ئي ڏسندا آهن. هن جي شڪل جوان آدميءَ جهڙي چئي وڃي ٿي، ۽ رنگ ڳورو هوندو اٿس ۽ شڪل جو موچارو هوندو آهي. مگر هو پنهنجي صورت ڪنهن به وقت بدلائي سگهندو آهي.

ڪوهستان جي ماڻهن ۽ سنڌ جي خانه بدوش قومن کي غيبات جي علم ۽ ان متعلق عجيب غريب قصن ۾ نهايت دلچسپي هوندي آهي. مثلاً، ايران وانگر هت به رڇ سمجهه وارو جانور ڪري ليکبو آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه جو سبب اسان جي سمجهه ۾ ڪو نه ٿو اچي. ڪيترا ماڻهو ان کي جهنگلي گڏهه تي چڙهي گهمندي ڏسڻ جا واقعا بيان ڪندا آهن، ۽ چوندا آهن ته مٿي تي گاهه جي موڙهي جي پڳ ويڙهيل هوندي اٿس ته جيئن راهه ويندڙ سمجهن ته ڪو ماڻهو آهي، اهڙيءَ طرح هن کي شڪار ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي.

دنيا جي ٻين ملڪن وانگر جاهل ماڻهو سنڌ ۾ به ”ماڻهون - مڇيءَ“ جي روپ کي مڃين ٿا ۽ انهيءَ لاءِ شايد ٻه سبب ٿي سگهن ٿا: هڪڙو ته ڪنهن مڇيءَ کي ڀُل مان ماڻهو ڪري سمجهيو اٿن. ٻيو هو چون ٿا ته دنيا ماڻهوءَ لاءِ خلقي ويئي هئي، سو جهڙيءَ طرح لکين روحاني ۽ آسماني مخلوق هوا ۾ رهي ٿي، تهڙيءَ طرح پاڻيءَ ۾ به ڪا خلقت ضرور رهندي هوندي. ٻُلهِڻ جي ته ڳالهه جدا آهي، پر سنڌ جي ماڻهن کي اهو ويساهه آهي ته ”جل ماين“ کي آليءَ چمڙيءَ هيٺان حرارت واري دل هوندي آهي. هو تڏهن ته چون ٿا ته اهي پنهنجي عاشقن کي پاڻ سان گڏ رهائينديون آهن ۽ هنن جي ڏاڍي خاطري ڪنديون آهن. تعجب آهي ته جاهلن جي خيالن ۾ جاندار شيون به انساني فطرت جي صحبت ۾ سرفراز ٿي پون ٿيون!

سنڌ جي ماڻهن جو وڻن ۾ به ويساهه آهي. اڄ ڪلهه، سنڌ ۾ سؤ کان زياده وڏا وڻ آهن، جي مشهور ولي سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي نالي پٺيان سڏجن ٿا. هر ڪنهن وڻ ۾ هڪ بيرق لڪڙي تي چڙهيل نظر ايندي، جا ڪنهن مرادوند، مصيبت يا بيماري جي وقت ۾ باسي هوندي. انهن وڻن تي ماڻهو مٺايون ورهائيندا آهن ۽ جانورن کي به انهن وڻن جي ميوي ۽ پنن کي ڇهڻ نه ڏيندا آهن. عربستان ]24[ ، هندستان ۽ ايران وانگر هتي به وڻن ۽ ٻوٽن ۾ ڪپڙي جون اڳڙيون ۽ ليڙون ٻڌندا ۽ ٽنگيندا آهن ۽ انهيءَ رسم لاءِ ڪيترائي سبب ڏنا ويا آهن. ڪن وڻن کي اهڙي نموني ڪنهن وليءَ جي يادگيريءَ ۾ سينگاريو ويندو آهي، جنهن ان جي هيٺان منزل ڪئي هوندي. مان ڀانيان ٿو ته وڌيڪ معقول سبب هي آهي ته ماڻهو سمجهندا آهن ته جي بيماري جي حالت ۾ انهيءَ ڀلاري وڻ ۾ اڳڙي ٽنگبي ته ماڻهوءَ جي تڪليف لهي وڃي وڻ کي وٺندي!

مشرق جي ٻين ملڪن وانگر سنڌ ۾ به جادو عمل ]25[ ۾ آڻيندا آهن ۽ اڪثر هيٺين ڳالهين لاءِ تعويذ ڌاڳا ۽ ساٺ سڳڻ ڪيا ويندا آهن: محبت ۽ نفرت پيدا ڪرڻ، دشمنن کي دفع ڪرڻ، دنيا ۾ ترقي ڪرڻ، ڳجهين مصيبتن جهڙوڪ بدنظر يا دشمن جي حسد کان بچڻ، دک دور ڪرڻ، بيماري، ٻار نه ٿيڻ يا ڪيرائڻ، دل جا مطلب حاصل ڪرڻ ۽ چور جهلڻ. تعويذن يا طلسمن ]26[ جو ڪم مُلن ۽ عاملن لاءِ هڪ پيدائش جو ڌنڌو آهي. تعويذ گهڻو ڪري گڏيل هندستاني، پنجابي ۽ سنڌي زبانن ۾ لکيا ويندا آهن. عاملن جي تعويذن ۾ بعضي هندو ديوتائن جا نالا پڻ نظر ايندا آهن، جنهن مان ماڻهن جي هندڪي ذهنيت ]27[  ظاهر ٿئي ٿي. سنڌ ۾ به ٻين ملڪن وانگر مسلمان جادوءَ ۽ روحاني طاقت ۾ فرق ڪندا آهن. روحاني طاقت لاءِ عبادت ڪندا، چِلا ڪڍندا ۽ ملائڪن کي سڏ ڪندا ۽ اسماءِ حسنه ياد ڪندا ۽ اسم اعظم پڙهندا آهن.جادو حرام سمجهيو ويندو آهي ۽ اهو شيطاني ۽ غليظ نموني ]28[ جو هوندو آهي،خاص ڪري جڏهن ان سان گڏ ڪا پيئڻ جي شيءِ به استعمال ڪئي ويندي آهي. ڪن تعويذن جا مختصر مثال هت ڏجن ٿا:

جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي عورت جي دل ۾ پنهنجيءَ محبت پيدا ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي، تڏهن هو مهيني جي ستين تاريخ، ست وڏا لونگ کڻي، انهن تي ست دفعا هي منتر پڙهندو آهي:

”لونگا لونگ صلاحي، لونگاڻا ٻَڌي رهي نه ڪا ئي جس ڪون لونگ پڙهي ڏيوان هاٿ،

اوه ڪِرندي،پوندي، اَوندي ميري ساٿ.“

اهو ماڻهو ڪنهن اٽڪل سان عورت کي اهي ”پڙهيل“ لونگ کارائيندو آهي، پوءِ چون ٿا ته ڪم ٺهي ويندو آهي. عشق جي راهه ۾ لوڻ کان به ڪم ورتو ويندو آهي. عاشق ماهه پهرين آچر ڏينهن، لوڻ جي مُٺ ڀري، ان تي ست دفعا هيٺيان جملا پڙهندو آهي:

”لوڻ تو، لوڻارو تو، ستين سمندرين پار تو،

لوڻ مير کا تو، فلاڻي پير چمندي آءٌ تون.“

پوءِ پڙهندڙ، اهو لوڻ پاڻيءَ ۾ ملائي، پي ويندو آهي ڀائيندو آهي ته انهيءَ جو نتيجو اهو نڪرندو جو ٻي ڌر مٿس اڪن ڇڪن ٿي پوندي!

جيڪڏهن عورت انهن طريقن سان هٿ نه ايندي آهي، ته پوءِ عاشق وڌيڪ سخت قدم کڻندو آهي. اهڙو هڪ مثال هت ڏجي ٿو، جنهن مان ثابت ٿيندو ته ڪي عاشق اڪثر ڪري، عشق جي انڌ ۾، اخلاق جي دائري کان نڪري ويندا آهن. انهيءَ جادوءَ کي چوندا آهن ”اڳٺ ڇنڻ“. اهو ڪم هيئن ٿيندو آهي: پهريائين ڪَچي سٽ جي ستن يا نون ڌاڳن تي، جيڪي هڪ ڪنواريءَ ڇوڪري جي هٿ جا وٽيل هوندا آهن، تن تي منتر پڙهبو آهي. ان بعد ڌاڳن کي ويڙهي انهن کي ست ڳنڍيون ڏيندا آهن. پوءِ انهيءَ عورت کي چتاءُ ڪندا آهن ته هاڻي تيار ٿجانءِ، اچئي ٿو اسان جو ٻاڻ، جيڪڏهن مائي اڃان به پنهنجي هٺ کان هيٺ نه لٿي، ته پوءِ هڪڙي ڳنڍ کوليندا ته مائي جو اڳٺ پاڻهي ڇڄي پوندو. اها ڪارروائي تيستائين، چالو رکي ويندي آهي، جيستائين هوءَ آڻ مڃي. ڪتاب، جنهن ۾ اهو نسخو لکيل آهي سو خاطري سان چوي ٿو ته مائيءَ جي پيش پوڻ ۾ گهڻي دير ڪا نه لڳندي!

پڙهيل پاڻيءَ ۽ محبت جي تعويذن ڪم آڻڻ جو رواج، سنڌ جي مسلمانن شايد هندن کان ورتو آهي، ڇو ته اهو رواج هندن ۾ گهڻي وقت کان هلندو ٿو اچي. هو ان کي ”واشيڪرڻ“ سڏيندا آهن. انهيءَ عمل ۾ سڀني ڌرين جو فائدو هوندو آهي. جادوگر پنهنجو هنر ڏيکاريندو ته هن کي چار پئسا ملندا. هوڏانهن وري زالن کي به جيڪڏهن ڪو شخص يار سان گڏ ڏسي وٺندو ته بهانو ملندن، مڙس به خوش ته منهنجي زال هونءَ ته پاڪدامن آهي، پر غيب جي زور اڳيان ڇا ٿي ڪري سگهي! جادوءَ ۾ گهڻن ماڻهن جو ويساهه هوندو آهي. ايتري قدر جو ڪا به زال ڪنهن مرد کي پنهنجي وارن جي چڳ ڪا نه ڏيندي آهي ته متان هو کيس پنهنجي وس ۾ نه آڻي، مگر اهو ڪم شانائتو نه آهي. ماڻهو شايد حق تي چوندا آهن ته انهيءَ هنر جا عامل ڪنهن نه ڪنهن حادثي ۾ مرندا آهن.

دشمن کي مات ڪرڻ جا گهڻيئي  ۽ قسمين قسمين طريقا آهن. اهي روم جي ماڻهن جي منترن جهڙا آهن، جي انهن ۾ اڃا تائين پشت بپشت هلندا اچن ٿا. هڪڙو عام طريقو هيءُ آهي ته دشمن جو مٽيءَ  جو پتلو ٺاهي، ان کي گيڙو ڪپڙا پهرائيندا آهن پوءِ هڪ سئيءَ تي منتر پڙهي، ان جي سنڌن ۾ ٽنبيندا آهن. ان بعد مٿانئس ڪفن وجهندا آهن، ۽ کٽولو تيا ڪري،مٿس منتر پڙهندا آهن. آخر ۾، دشمن بيمار ٿي مري ويندو آهي. انهيءَ ڪارروائيءَ جي تاثير ۾ سنڌ جي ماڻهن جو ايترو ته ويساهه آهي، جو ڪاميابي اڪثر يقيناً ٿيندي هوندي آهي!

چوري لهڻ ۽ چورن پڪڙڻ لاءِ جي منتر آهن، سي نهايت عجيب ۽ ڏکيا آهن. مصر ۾ رواج آهي ته معصوم ٻار جي هٿ تي مس لائي، ان ۾ شڪليون ڏسندا آهن. اها رسم سنڌ ۾ به آهي، جيتوڻيڪ هوبهو ائين نه آهي. ”ويڃائڻ وارو“ ڪنهن صغير ٻار جي آڱوٺي جي ننهن تي ڪا ڪاري شئي مکيندو آهي، يا هن کي چوندو آهي ته هڪڙي صفا پتل جي برتن جي تري ۾ نهار، جتي هڪ ڪارو داغ چٽيل هوندو آهي. انهيءَ وچ ۾ فالگر ٽي دفعا هزيت پڙهندو آهي، جنهن کان پوءِ حاضرات شروع ٿيندي آهي. ڇوڪر، مس ۾ پهريائين ڏسندو آهي ته هڪڙو ڀنگي اچي ٻهاري پائي ٿو. تنهن کان پوءِ، فراش اچي شاميانا کوڙنيدا آهن. انهن جي ڪڍ خدمتگارن جا ٽولا غاليچا وڇائي، جنن جي بادشاهه لاءِ تخت ٺاهيندا آهن. ايتري ۾ بادشاهه به پنهنجي عملي سميت وڏي شان شوڪت ۽ دٻدٻي سان اچي حاضر ٿيندو آهي. ان جي اڳيان ڀاڳيو فريادي ٿي اچي بيهندو آهي، ۽ بادشاهه چوبدار کي موڪليندو آهي ته وڃي چور کي جهلي اچ. چور کي حضور ۾ گهلي ايندا آهن ۽ اچي سونٽن سان وٺندا اٿس، تان جو هلي اها جاءِ ڏيکاريندو آهي، جتي مال پوريل هوندو آهي. پوءِ چور کي رخصت ڏني ويندي آهي. حاضرات پوري ٿيڻ کان پوءِ، ڇوڪرو ملزم جا پار پتا ڏيندو آهي ۽ ٻڌائيندو آهي ته ملڪيت ڪٿي پوريل آهي.

سنڌ جي رهاڪن جي اها دعويٰ هوندي آهي ته هي منتر شيطاني نه آهي. چلي ۽ رياضت جي رستي جنن ۽ روحن کي وس آڻي سگهبو آهي، پر اهڙي تڪليف ٿورن ماڻهن کان پڄندي آهي، جنهنڪري اهو علم ڪن خاص خاندانن تائين محدود هوندو آهي. مون پاڻ اهڙي ڪارروائي ٿيندي ڪا نه ڏٺي آهي، پر مون کي خاطري آهي ته انهيءَ معاملي ۾ مون کي خابرن ڌوڪو نه ڏنو آهي. انهيءَ رواج جا اهڃاڻ اڃا ايران جي ڏکڻ ۽ ٻين مشرقي ملڪن ۾ آهن. ان رسم جي شروعات شايد هندستان کان ٿي، جو يورپ ۽ ايشيا جي وهمن ۽ وسوسن جي ٽن حصن جو زهريلو سرچشمو آهي. اهي وهم مصر ۽ مغرب ڏي به اتان ويل ٿا نظر اچن. منهنجي انهيءَ انومان جي ثابتي هيءَ آهي ته اهو رواج سنڌ جي هندن خواه مسلمانن ٻنهي ۾ عام آهي.

چور پڪڙڻ جي ڪن طريقن ۾ چالاڪيءَ جو حساب رکيل هوندو آهي. مثلاً، بعضي بعضي ڪو ملان يا فقير يا ڀوپو گهرائي، ان کان اٽي جو هڪ چاڻو پڙهائيندا آهن. پوءِ گهر جا سڀ ڀاتي گڏ ڪري، اٽي جو ذرو ذرو هڪ هڪ کي ڏيندا آهن ۽ انهن کي چوندا آهن ته جيڪو چور هوندو، سو اٽو ڳهي نه سگهندو ۽ جي اٽو ڳهي به ويو ته هو گهڻو ڪري مري ويندو. اڪثر ائين ٿيندو آهي ته چور جي خيال جو اثر سندس نڙيءَ جي رڳن تي پوندو آهي ۽ ”چغلخور گره“ هن کي ظاهر ڪري وجهندو آهي. هندستان ۾ انهيءَ ڪم لاءِ چانور استعمال ڪندا آهن. چانور چٻاڙي آلاڻ مان صحيح ڪندا آهن ته چور ڪير آهي.

ڪي ڦيڻا ٽوڻا ته ظاهر ظهور ڌوڪي وارا هوندا آهن. تعجب آهي ته انساني فطرت ڪيئن پاڻ کي ٺڳائڻ قبول ڪري ٿي؟  هڪڙي خالي تسري هن طرح جاسوس جو ڪم ڏيندي آهي، ٿالهيءَ جي تري ۾ ڪو نقش يا شڪل ڪڍي، ان جي مٿان هزار دفعا هزيمت پڙهندا آهن. تنهن کان پوءِ هڪڙو ماڻهو غسل ڪري، پاڪ ڪپڙا پائي، ٿالهيءَ کي سوگهو جهلي بيهندو آهي. اشاري ملڻ تي ٿالهي انهيءَ ڏس ۾ هلڻ شروع ڪندي آهي،جتي چوريءَ جو مال لڪايل هوندو آهي. چون ٿا ته تسريءَ ۾ اهڙي طاقت هوندي آهي، جو ان کي جيڪڏهن ٻه ٽي ماڻهو گڏجي جهلي بيهن ته اهي به گهلجي ويندا، تعجب آهي ته اها ساڳي تسري هٿن مان ڪڍو ته پٽ تي پٿر وانگر پئي هوندي.

انهيءَ قسم جون ٻيون به ڪيتريون اٽڪلون آهن. مگر اهي خانگي طرح گهرن ۾ عمل ۾ آنديون وينديون آهن. پر عدالت ۾ ڪو نه قبول ڪيون وينديون آهن. اڪثر ماڻهن کي انهن ٽوڻن ڦيڻن ۾ ٿورو گهڻو ويساهه هوندو ڏسجي ٿو.

سنڌين جو ڪيميا ۾ به ويساهه آهي. جنهن نموني ۾ سنڌي ڪيميا جي علم ۾ دلچسپي وٺندا آهن، سو سنڌي سماج جي رواجن ۽ رسمن تي چڱيءَ طرح روشني وجهي ٿو. جڏهن عربن ۾ اڃا حڪمت ۽ وگيان جي شروعات هئي، تڏهن ئي ڪيميا ”اجل العلوم طيبھ“  جو درجو حاصل ڪيو هو. عرب، ڪيميا جو علم هندن کان سکيا، جي قديم زماني کان ڌاتن بدلائڻ جو علم ”رسائن“ جي نالي سان ڄاڻندا هئا. ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته هندن ”رسائن“ جو خيال طبعي دنيا جي ٽن طبقن ۾ جيڪي تبديليون ٿين ٿيون، انهن تان ورتو هو. هنن ڏٺو ته زمين ۾ ٻج پوکڻ سان وڻ پيدا ٿئي ٿو، پر جڏهن ٻج کي ڪو پکي چڳي ٿو ته ٻج جا ساڳيا جزا زنده گوشت ۽ خون ٿيو پون. انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو هو ته ست ڌاتو هڪ ئي جوهر مان نڪتل آهن، پر هو اتفاق سان مختلف ٿيا آهن. هو سڀ اونچي درجي کي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ]30[  ۽ ترقيءَ جي مختلف درجن ۾ آهن. انهيءَ جو حاصل ڪلام سولو، پر غلط هو. اهو هيءُ ته حڪمت جي رستي سادن ڌاتن کي بدلائي، قيمتي بنائي سگهجي ٿو.

عرب اهي سمورا عجيب علم وڏي شوق سان سکندا آهن، جن ۾ حڪمت ۽ عجيب غريب ڳالهين جو ميلاپ هوندو آهي. ڪيميا جي علم لاءِ به هنن گهڻو ذوق ڏيکاريو هو. هو ڪيميا کي ٻن حصن ۾ ورهائيندا هئا: هڪڙو علم، ٻيو عمل، گهڻيءَ مدت کان پوءِ، ڪيميا جو اڀياس آخر هڪ دقيق علم ٿي پيو. ڪيتريون ئي آئيوٽيائون ۽ مخفي نشانيون ٺاهيون ويون ۽ سوين ڪتاب عالمانه ۽ ذو معنيٰ طرزن ۾ لکيا ويا، جن جي هڪ هڪ نسخي سمجهڻ لاءِ ورهين جو علم کپي. اڄوڪن عالمن انهيءَ علم کي گهڻو سلجهايو آهي. هن وقت سنڌ ۾ اهڙو ماڻهو ڪو نه رهيو آهي، جو ڪيميا جي ڪنهن جهوني ڪتاب جون ڏهه سِٽون به پڙهي سگهي. هاڻي هو فقط زباني هدايتن تي عمل ڪندا آهن ۽ فارسي نسخن کي غلط نموني ۾ استعمال ڪندا آهن. بازاري ڪيمياگر اڪثر ٺڳ هوندا آهن، جن جي چوڌاري ڀورڙا ماڻهو پيا ڦرندا آهن. هو به انهن جي چڱيءَ طرح کل لاهيندا آهن. اهڙو هڪڙو عجيب واقعو منهنجي ڌيان تي آيو هو. هڪڙي شاهوڪار واڻئي ڪيترائي ورهيه پئسا خرچ ڪري، ڪيميا سکڻ ۾ وڃايا هئا. آخر کيس هڪڙو ساڌو گڏيو، جنهن رمز سان ظاهر ڪيو ته مون کي سون ٺاهڻ جو علم آهي. ]31[، واڻيو به اچي چوکنڀو ڦاٿو، سو ٺڳ جي خوب خوشامد ڪيائين ۽ ججهو ناڻو ۽ آئيندي لاءِ وعدا ڏنائينس. آخر منٿن ۽ ايلازن بعد ڪيمياگر چيس ته فلاڻي شهر مان فلاڻي دڪان تان هڪڙي قسم جو ٻورو وٺي اچ، جو سون ٺاهڻ لاءِ بلڪل ضروري آهي. واڻيو اهو ٻورو وڃي وٺي آيو. هو ڏاڍو خوش ٿيو. ساڌوءَ چالاڪيءَ سان ان مان پنج تولا سون جا ٺاهي ڏيکاريس. انهيءَ ڳالهه جو انجام ڪهڙو نڪتو، سا ڳالهه سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي. ستت ئي اهو ٺڳ واڻئي وٽان هزارين رپيا کسڪائي رفو چڪر ٿي ويو. واڻيو انهيءَ قيمت جي عيوض اهو سبق سکيو، ته ٺڳ هڪڙي سوني مهر، روات سان گهي، ٻورو ڪري، مٽيءَ سان ملائي هئي. سياڻن جي چوڻي آهي ته ”لالچ عقلمند کي انڌو ڪري ڇڏيندي آهي.“ انهيءَ چوڻيءَ اڪثر ڪري پنهنجو پاڻ سچو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.

ڪيميا جو ڳولهائو، پنهنجي ڪارروائي هن نموني شروع ڪندو آهي: هو پهريائين پڇا ڳاڇا ڪري هڪ استاد هٿ ڪندو آهي، جو اڪثر ڪو درويش هوندو آهي. هن جو مذهب ڀل ته ڪهڙو به هجي، انهيءَ لاءِ ٻه سبب آهن: هڪڙو ته درويش سنسار، ۽ ان جي اسباب کي حقارت جي نگاهه سان ڏسندا آهن، تنهنڪري هنن کي غيب جي علم ملڻ جو وڌيڪ امڪان هوندو آهي. ٻيو ته هو شايد دنيوي ڳالهين جي پرواهه انهيءَ ڪري نه ڪندا آهن، جو سندن دلين ۾ اهي راز سمايل هوندا آهن. غريب درويشن کي به، آزمائش جي خرچ مان ٻن چئن رپين ڪمائڻ جو وجهه ملندو آهي. ساڳئي وقت هو طالب جي دل ۾ اهو اثر ويهاريندا آهن، ته جيتوڻيڪ اسان کي ڪنهن جي به گهر سوني ڪرڻ جي طاقت آهي، پر تنهن هوندي به اسان غربت ۾ رهڻ پسند ڪيون ٿا، تنهنڪري اسان کي ٽامي جي پنجن تولن خريد ڪرڻ جي به طاقت نه آهي. طالب پنهنجو سمورو وقت استاد جي صحبت ۾ گذاريندوآهي ۽ هن جي ڏاڍي خدمت ۽ خوشامد  ڪندو آهي ۽ هن جي زبان مان جيڪي لفظ نڪرندا آهن، سي هڪ هڪ موتيءَ برابر ڪري سمجهندو آهي. ساڳئي وقت پراڻا ڪتاب ۽ چوپڙيون ڳوليون وينديون آهن ۽ انهن مان ضروري حوالا محنت ڪري نقل ڪيا ويندا آهن. جيڪڏهن استاد کي خاصو اجورو ملندو آهي، ته هو پهريائين شاگرد کي قسمين قسمين ڌاتن جا ڪشتا مارڻ ]32[، سيکاريندو آهي، جو ڪيميا جي چوٽيءَ تي پهچڻ جو اهو ئي پهريون ڏاڪو آهي، اتي هن جي تعليم پوري ٿيندي آهي. جيڪڏهن طالب دنيا دار ۽ بيوقوف هوندو آهي ته استاد پيو ڏهندو اٿس، جيستائين وڃي ڪا مت اچيس. پوءِ، جيڪڏهن پاڻ به افلاطون هوندو آهي، ته ڪنهن وقت خود وڃي ڏيڍ ٺڳ جي نائب جي عهدي کي رسندو. هن ملڪ ۾ ڪيميا کان پوءِ سِڪا ٺاهڻ جو ڪم به ٿيندو آهي. نيم سڌريل ۽ ٿوري آدمشماريءَ وارن ملڪن ۾، جعلسازي ۽ سڪا ٺاهڻ اهڙا سنگين ڏوهه نه شمار ڪيا ويندا آهن جهڙا وڌيڪ سڌريل ملڪن ۾. اهڙن ملڪن جا ماڻهو اها ڳالهه ٻڌي تعجب کائيندا آهن ته ٻين هنڌن اهڙن خسيس ڏوهن جي سزا موت آهي. اسان جي حڪومت ۾ ڏيهي ماڻهن لاءِ ڪمپنيءَ جي رپئي جو نقل ڪرڻ ناممڪن آهي، تنهنڪري هو ٿلهن موٽن ۽ بيڊولن ڏيهي سڪن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مگر ڏيهي سڪا هاڻي رواج مان نڪرندا ٿا وڃن. مون کي انهن اوزارن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو، جنهن سان هو سڪا ٺاهيندا آهن. پر آءٌ انهيءَ ڳالهه ۾ ناڪامياب ٿيس، البت ڪيميا ٺاهڻ جا ڪيترا تجربا ڏٺم. انهيءَ ۾ ذور به شڪ نه آهي ته سڪي ٺاهڻ جا اوزار، ماڻهن وٽ آهن ۽ کين انهن جي استعمال ڪرڻ جو هنر به آهي.

سنڌ ۾ ڪيمياگر جو پهريون ڪم هوندو آهي بوتو ٺاهڻ: بوتي لاءِ ڪٽيل مٽيءَ ۾ سڻي ۽ مُڃَ  جي واڻ جو ڪَٽو ملائي، پاڻيءَ ۾ ڳوهي، ساري رات هوا ۾ رکي ڇڏبو آهي. صبح جو ان مان هٿن سان هڪ ڪوٺاري ٺاهي، اس ۾ سڪائي، ان کي باهه ۾ پچائي ڳاڙهو ڪندا آهن. انهيءَ جو ڍَڪ ٽامي جو هوندو آهي. بوتي کي بٺيءَ ۾ رکڻ کان پوءِ آلي ڪپڙي ۾ ويڙهي، بهه ۽ مٽيءَ سان سبندا آهن.

هڪڙو چانديءَ ٺاهڻ جو نسخو هت ڏجي ٿو، جنهن مان خبر پوندي ته سنڌ ۾ ڪيميا جي علم جي حالت ڇا آهي. اڍائي تولا پيلي سنکئي جا ۽ ٻاويهه ٿوهر جون سايون آليون ڪاٺيون، جن مان هڪ هڪ ڪاٺي اٽڪل ٽي فوٽ ڊگهي هئڻ کپي. اهي وٺي، هڪڙيءَ ڪاٺيءَ جي وچ ۾ ڇيد ڪري، ان ۾ سنکيو وجهي، سوراخ کي ڪپهه ۽ آلي مٽي ڳوهي ان سان بند ڪبو آهي. پوءِ ڪاٺيءَ کي هلڪيءَ باهه تي اهڙيءَ طرح پچايو، جو ان جون پڇڙيون سڙي رک ٿي وڃن، ليڪن وچ ڪچو هجيس. ٻاويهه ڀيرا ائين ڪبو، جيستائين سنکئي جو رنگ تکو ڳاڙهو ٿي وڃي. هاڻي چاندي ٺاهڻ لاءِ مسالو تيار آهي. پوءِ اڍائي  تولا ٽامي جا ڪوٺاريءَ ۾ پگهاري ان ۾ پيلي سنکئي جو ٻارهون حصو وجهو، ان مان هلڪي، ڦڪي بانس واري چاندي ٺهندي. مگر اها سڪن ٺاهڻ جي ڪم اچي، تنهن کان اڳ ان کي رجائڻو يا صفا ڪرڻو پوندو آهي. ڦٽڪي، ڪنگڻ کار، نوشادر ۽ اڇو لوڻ، هر هڪ پئسو تور وٺي. پاڻيءَ ۾ ملايو، جيستائين لئيءَ وانگر ٿي پون. اها لئي چانديءَ تي ٿڦي ان کي ٽي دفعا هلڪيءَ باهه تي گرم ڪبو. ان ڪري چانديءَ جو رنگ ٿورا ڏينهن اڇو ميراڻ جهڙو رهندو ۽ ٽامي جي بانس به گهٽبي.

پڙهندڙ سمجهي سگهندا ته ڪيميا جهڙو دلچسپ ڌنڌو خطري کان خالي نه هوندو. عجيب ۽ هيبتناڪ ڳالهين جو پاڻ ۾ هميشه لاڳاپو هوندو آهي. ائين پيو معلوم ٿئي ته ڄڻ عجائبات مان هيبت ضرور پيدا ٿيندي آهي.

سنڌ ۾، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي چئبو ته علم جي ترقيءَ لاءِ اسپتال ۾، ڪنهن انسان جي لاشي جي وڍ ڪٽ ڪر، ته هن کي ڏڪڻي وٺي ويندي پر جيڪڏهن هن کي خاطري هوندي ته ماڻهوءَ جي کوپريءَ ۾ ٽامو ۽ پارو مڄالي سان ملائي ان کي ڇيڻي جي باهه ڏيڻ سان سون ٺهي پوندو ته پوءِ هو قبرن مان مردن کي کوٽي ڪڍڻ کان به ڪين ٽرندو. جيڪڏهن کوپري سچ پچ سوني ٿي پئي ته پوءِ ته فوتيءَ جا وارث به شايد راضي ٿي پوندا. پر جي هو ڏسندا ته ٺلهن اڱرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪو نه آهي، ته پوءِ هو به سخت قدمن کڻڻ کان ڪين گسندا.

هڏن جي علم کي عرب ڪفر جي زماني ۾ ”علم الاڪتاف“ چوندا هئا. اهو اڄ به ڪن بدوي قومن ۾ ساڳئي نالي سان سڏبو آهي. ايراني ۽ افغان ان کي چون”علم الشانه.“ سنڌين ۽ بلوچن جي رڍن چارڻ وارين قومن ۾ اهو سڏجي”ڦڻيءَ جو فن“]34[.

فال گوئيءَ جو اوزار رڍ جو ڦڻيءَ وارو هڪ هڏو هوندو آهي. ان تان گوشت ۽ کل لٿل هوندا آهن. هڏي جي پٺيءَ تي ڇهه گهر يا خانا نمبر وار ڳچيءَ کان تري تائين ٺاهيندا آهن. (انسان جي پڃري ۾ ڪرنگهي جو مکيه پٺو ڦڻيءَ واري هڏي جي انهيءَ ڪنڊ سان اچي ملندو آهي). ٻيا ڇهه خانا هڏي جي ڪنڊي جي ٻئي پاسي پهرين ڇهن خانن جي سامهون رکندا آهن، تنهنڪري گهرن جو ڪل تعداد ٻارهن هوندو آهي. انهن مان هر هڪ جو تعلق هڪ هڪ برج سان هوندو آهي، جو هن طرح هوندو آهي:

گهر

برجن جون نشانيون

1

حمل

2

ثور

3

جوزا

4

سرطان

5

اسد

6

سنبله

7

ميزان

8

عقرب

9

قوس

10

جدي

11

دلو

12

حوت

هڏي جي رنگ، ليڪن ۽ جوهر تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي. جڏهن فال وجهڻي هوندي آهي، تڏهن هڪ بي عيب گهيٽو يا ٻڪر ڳولهي هٿ ڪندا آهن. پوءِ ٻڪر کي حلال ڪيو ويندو آهي ۽ ان جو گوشت خيرات ڪندا آهن ۽ سڄي ڦڻي مهيني جي اونداهين راتين ۾ ڪم آڻيندا ۽ کٻي باقي ٻين راتين تي. تنهن کان پوءِ گهر يا خانا جاچي ڏسندا آهن. نيڪ يا بد فال معلوم ڪرڻ جا اصول هن ريت آهن: سوالن جا جواب پهرئين خاني مان ملندا آهن. جيڪڏهن هڏو لسو، صفا ۽ سوراخن کان خالي هوندو آهي ته پوءِ فال پڇندڙ چڱو ماڻهو آهي ۽ فال نيڪ آهي. پر جيڪڏهن هڏو صاف نه آهي ته خرابي، مرض ۽ موت جو امڪان آهي.

ٻيو خانو، مال بنسبت آهي. جيڪڏهن هڏو صاف ۽ چلڪڻي رنگ وارو آهي ته مال خوش رهندو ۽ گاهه ڄام ٿيندو. جيڪڏهن هڏي ۾ اڇيون ۽ ڳاڙهيون ليڪون آهن ته چوريءَ ٿيڻ جو امڪان آهي.

ٽيون خانو به، مال جي ڌڻن سان تعلق رکي ٿو ۽ هوبهو ٻئي خاني جهڙو آهي. جيڪڏهن  هڏو لسو نه آهي يا ان جو پاسو کهرو ۽ ڀڳل آهي ته پوءِ ڌنار جي مال ۾ ”تڪڻ“ جي مرض پوڻ جو امڪان آهي.

چوٿون خانو، ٽڪرن ۽ جبلن جو آهي. جيڪڏهن ان جو رنگ ڳاڙهو ڪارو آهي ته اها ججهي گيهه جي نشاني آهي جيڪڏهن اهو اڇو ۽ صاف آهي ته مال ۾ ڏڪر پوندو.

پنجون خانو، جيڪڏهن اڇو ۽ صاف آهي ته برسات پوندي، بلڪ پاري ۽ ڳڙي پوڻ جو امڪان آهي.

ڇهون خانو، بيماري يا شڪايت جي حالت ۾ ڏسندا آهن. جيڪڏهن ان جو مٿاڇرو صاف اڇي رنگ جو آهي ته فڪر نه آهي، پر جيڪڏهن اهو ميري ۽ لڙاٽيل رنگ جو آهي ته ٽي مهينا طبيعت ناساز هوندي. پر جي جوهر نظر آيو ته سوڻ تمام خراب آهي.

ستون خانو، شادين بنسبت جواب ڏيندو آهي. جيڪڏهن خاني جي حدن اندر ڪارا داغ آهن ته نصيب سٺو آهي، جيڪڏهن رنگ صفا اڇو آهي ته خطرو آهي. جيڪڏهن ڳاڙهاڻ نظر اچي ته ڪنوار ڏکي يا بيمار رهندي ۽ هن جي مرڻ جو امڪان آهي.

اَٺون خانو، چورن جو چتاءُ ڏئي ٿو. جيڪڏهن ان جو رنگ صاف ۽ اڇو آهي ته ڪوبه خوف ڪو نه آهي. ڪارا نشان جهڳڙي جي نشاني آهن، جنهن  مان فائدو ٿيندو. سوراخ خطرو ڏيارين ٿا. لهرين جهڙيون ليڪون مڪڙن جي پيشنگوئي آهي.

نائين گهر ۾، ننگرن ۽ شهرن جا فيصلا ٿيندا آهن. سفيد رنگ چڱي نشاني آهي. لهريون سڪر ۽ ججهو وڻج ڏيکارين ٿيون. ڪارو داغ بيماريءَ جي نشاني آهي ۽ سوراخ وچڙندڙ بيمارين جي. جيڪڏهن ڳاڙهو رنگ زيادهه آهي ته شاديون گهڻيون ٿينديون.

ڏهون گهر، لشڪر ۽ سپاهه سان واسطو رکي ٿو.دستور موافق صاف اڇو رنگ سڀاڳو آهي، ڪارو خونريزيءَ ۽ رتوڇاڻ جي نشاني ۽ ڳاڙهو لڙائي ۽ ڦرمار ڏيکاري ٿو. لهريون هار جي پيشنگوئي ڪن ٿيون ۽ سوراخ ڏک ۽ سختيون ڏيکارين ٿا.

يارهون خانو، ٻنيءَ ٻاري سان واسطو رکي ٿو. ڪارو رنگ سڪر جي نشاني آهي، ۽ سفيد رنگ ڏڪر جي.

ٻارهون خانو،  قافلن جي اچڻ جي سڌ ڪري ٿو. ميراڻ جهڙو اڇو رنگ چڱائيءَ ۽ سلامتيءَ جي نشاني آهي. ڪارو رنگ ٻڌائي ٿو ته گهڻن قافلن جي اچڻ جي اميد آهي. صفا اڇو رنگ ڏڪر جو ڏس ڏَئي ٿو ۽ ڳاڙهو، مسافرن لاءِ منحوس آهي.

ڦڻيءَ جي گُڏ (جتي انسان جي حالت ۾ ٻانهن جي ڏوري وارو هڏو اچي ملندو آهي) جيڪڏهن اڇي ۽ صاف آهي ته اها ڳالهه ڏيکاري ٿي ته سوالي نيڪبخت ۽ صالح شخص آهي. مسلمانن ۾ انهن ماڻهن جي نهايت عزت ڪئي ويندي آهي، جي فرضي احڪامن کان وڌيڪ عبادت ڪندا آهن، تنهنڪري اهو ضروري آهي ته فال وارو اعتبار جهڙو ماڻهو هجي.

فال جو طريقو جنهن جو بيان مون هتي ڏنو آهي، سو منهنجي خيال ۾ فالن جي هڪڙي مشهور ڪتاب ” ڪشف الرموز“ نالي ڪتاب تان ورتل آهي.

سنڌين وٽ ٻيو به هڪڙو سستو ۽ اثرائتو فال وجهڻ جو طريقو هوندو آهي، اهو آهي پُکا وجهڻ، يورپ ۾ به اهڙا فضول رواج آهن ]35[، مثلاً ”نيپولين تقدير جو ڪتاب“ مشهور آهي. چون ٿا ته اهو علم اصل هندن وٽان شروع ٿيو هو. هندن کي وري اهو چئن راڪاسن کان مليو هو، جي لنڪا ۾ رامچندر سان مليا هئا.

اها فال قرعھ يا هڪ ڊگهي ڍاري رستي وڌي ويندي آهي، جنهن جي پاسن تي ابجد جا پهريان چار اکر اُڪريل هوندا آهن. فال وارو دعا گهري دل ۾ يقين رکي، ڍاري کي هٿ جي تريءَ ۾ ڦيرائي ۽ ٽي دفعا اڇلائيندو آهي، پوءِ اکر ۾ جواب ڏسندو آهي.

خوابن جي تعبير جو سنڌ ۾ گهڻو رواج  ڪو نه آهي. انهيءَ علم تي سنڌيءَ ۾ فقط هڪڙو مختصر ڪتاب آهي، جو فارسي مان، محمد مقيم نالي هڪ شخص جو ترجمو ٿيل آهي. انهيءَ جا قاعدا ابن سيرين جي مشهور ڪتاب تان ورتل نظر ٿا اچن.

ڪوهستاني ماڻهو ۽ سنڌ جون ٻيون پوئتي پيل قومون هڪ عجيب نموني ڌاڳي کي ڳنڍيون ٻڌي، فال وجهنديون آهن. ڌاڳي جا ست هڪجيڏا ٽڪر وٺي، آڱوٺي کي ويڙهي هڪٻئي  سان ٻڌندا آهن، پوءِ ڌاڳو کوليندا آهن. ان تي جيڪي ڳنڍيون نظر اينديون آهن، تنهن مان مستقبل جي خبر پوندي آهي. وڏا فال وجهندڙ انهيءَ علم تي عمل ڪو نه ڪندا آهن، مگر علم بلڪل منظم ۽ باترتيب آهي ۽ ان جو بيان ڪيترن ڏکين رسالن ۾ پڻ ڏنل آهي.

علم ڪف (هٿ شناسي)، هندن خواهه مسلمانن ۾ عام آهي مگر سنڌ کان زيادهه ان جو رواج ڪڇ ۾ آهي. هٿ جي علم جا اصول ايشيا ۽ يورپ ۾ هڪجهڙا آهن. انهيءَ علم تي يورپ ۾ جيڪي مشهور ڪتاب آهن، تن مان ظاهر آهي ته اهو علم اصل مشرق جي پيدائش آهي.

سوڻن جو علم ]37[، جنهن ۾ پکين جي اُڏامن ۽ جانورن جي اچ وڃ وغيره مان فال وجهندا آهن. سو هندستان جي ٺڳن جي پيشي سان مشابهت رکي ٿو. غيب جي علم ۾ بلوچ ماهر سمجهيا ويندا آهن. سنڌ ۾ انهيءَ علم تي هڪ مختصر ڪتاب آهي جنهن کي ”سڳڻ نامون“ چوندا آهن.

قومن جي سڀاءُ جي خبر عام ڏوهن گناهن ۽ انهن جي سزائن مان چڱيءَ طرح پئجي سگهي ٿي. انهيءَ پريکيا سان ڏسجي ٿو ته سنڌي ويَل ماڻهو نه آهن. هو ڪنهن به صورت ۾ هچارا نه آهن، تنهنڪري هنن وٽ ڳريون سزائون به ڪو نه آهن. خوني کي ننڍا خواهه وڏا ننديندا آهن. ”قاتل“ لفظ نفرت طور ڪم ايندو آهي. خون جون ٻه سزائون هونديون هيون: موت جي سزا ڪن حالتن ۾ شرعي طور ڏني ويندي هئي. اهڙي سزا هن نموني ۾ عمل ۾ آندي ويندي هئي: قاضيءَ جا ڪوٽوال، خونيءَ جون ٻانهون ٻڌي، کيس فوتيءَ جي عزيزن جي حوالي ڪندا هئا، جي ڇريءَ سان هن جو گلو ڪپيندا هئا يا ترار سان سر ڌار ڪري ڇڏيندا هئا. جيڪڏهن خون بندوق، لٺين، پٿرن، زهر يا کوهه ۾ اڇلائڻ يا ڪن ٻين طريقن سان ٿيندو هو ته فوتيءَ جي عزيزن کي هڪ رقم ڏياري ويندي هئي. جنهن کي ”ديت“]38[ ، چوندا هئا. سنڌ ۾ هندستان وارو بدلي جو رواج تمام گهٽ هوندو هو ۽ هاڻي ته بلڪل ڪو نه آهي. انهيءَ رواج موجب خوني، هڪڙي عيوضيءَ کي پئسا ڏيندو هو ۽ عيوضي ڏوهه پاڻ تي کڻندو هو ۽ ان جي سزا ڀوڳيندو هو. خودڪشيءَ کي مسلمان حقارت جي نظر سان ڏسندا آهن. هندو جوڻين ۾ اعتبار ڪندا آهن، تنهنڪري هو، خودڪشيءَ کي ڪن حالتن ۾ جائز ڪري سمجهندا هئا ۽ ڪن حالتن ۾ نه. سنڌ ۾ خودڪشيءَ واري ماڻهوءَ کي غسل ۽ ڪفن نه ڏيندا آهن، جنهن حالت ۾ لاش ملندو، انهيءَ حالت ۾ ۽ جتي ايندو اٿن اتي پوري ڇڏيندا آهن. عضوي وڍڻ يا ڪنهن کي جڏي ڪرڻ جي سزا به هوندي هئي، جا اسلامي حڪم موجب ڏوهيءَ کي ملندي هئي. اها سزا شدت سان عمل ۾ آندي ويندي هئي. جيڪڏهن جهيڙي ۾ ڪو پاڙيسريءَ جي اک ڪڍندو هو ته قاضي حڪم ڏيندو هو ته ڏوهيءَ جي آتشي شيشي سان اک ڪڍي وڃي. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن جو ڏند ڀڄي پوندو هو ته لوهر، هڪ وڏي جمبوري کڻي، ڏوهي جو ساڳيو ڏند ڪڍي وٺندو هو. جهڙو زخم ۽ ڦٽ هوندو هو، اهڙيءَ ئي ان جي سزا هوندي هئي.

چورين کي ماڻهو حقارت سان ڏسندا هئا ]39[ مگر تنهن هوندي به عام ڏوهه چوريءَ جو هوندو هو خسيس چوريون به ٿينديون هيون ۽ وڏا ڌاڙا به لڳندا هئا. سزائون به گهڻيون ۽ قسمين قسمين هونديون هيون. عضوي ڪپڻ جي شرعي سزا ورلي ڏني ويندي هئي. ننڍن ڏوهن جي حالت ۾ چوريءَ جي سزا جيل، ڏنڊ يا بک ڏيندا هئا. گهٽ ذات وارن ماڻهن کي، ڏاڙهيون، مٿا ۽ ڀرون ڪوڙائي منهن ڪارو ڪري گڏهه تي چاڙهي، بي آبرو ڪندا هئا. بعضي چور کي ڳچيءَ ۾ پادرن جي ڪَنڍي وجهي، شهر ۾ پنائيندا هئا.  جي اڃا به ڏوهيءَ کي وڌيڪ ذليل ڪرڻ جو ارادو هوندو هون، ته وٽن ٻين نمونن جون سزائون هونديون هيون، جيئن يونان جي گادي، اٿينس ۾، زنا لاءِ چمٽن سان سزا ڏيندا هئا. سنڌ جي ميرن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ چورن کي چبوتڙي يا ڪوٽوال جي دفتر ۾ رکندا هئا. قيدخاني ۾ نير، هٿوڙيون، ڪاٺ جا گهُٽڪا ۽ ٻيا اوزار هميشه موجود هوندا هئا. نامي گرامي چورن کي خاص ڪوٽن يا چوڪيدارن جي گهرن ۾ نظرداريءَ هيٺ رکندا هئا.

ڏيهي حاڪمن جي صاحبيءَ ۾ وڏن شهرن ۾ عدالتي معاملا ڪوٽوال ۽ ڳوٺن ۾ صوبي جو ڪاردار ڪندو هو. جتي شرعي فيصلو ٿيڻو هوندو هو، اتي فتوا قاضي ڏيندو هو. قاضيءَ جي فيصلي تي  ٻيا قاضي اپيل ٻڌندا هئا. وڏن ميرن کي پنهنجي حد اندر حياتيءَ ۽ موت جون اختياريون هونديون هيون. بلوچ سردارن ۽ پيرن کي اهڙو حق ڪو نه هوندو هو، پر تنهن هوندي به هو اهڙيون اختياريون هلائيندا هئا. هندن کي اجازت هوندي هئي ته هو پنهنجا خانگي معاملا پئنچائت يا پنهنجي نيات جي سڀا ۾ فيصلا ڪرائين. پر خون جي حالت ۾ اهڙي اختياري ڪوٽوال کي هوندي هئي.

جعلسازي، ڪوڙا سڪا ۽ مهرون ٺاهڻ سياسي ڏوهه ڪري لکيا ويندا هئا. انهن جي سزا ڏنڊ، جيل يا ڦٽڪا هوندي هئي. ڪوڙي قسم کڻڻ جو رواج سڀني طبقن ۾ عام هوندو هو ۽ اڃا به آهي. قرآن شريف کڻڻ، آخري ڳالهه سمجهي ويندي هئي، چوندا هئا ته خدا پاڻهي ڪوڙي کي جزا ڏيندو. انهيءَ هوندي به ڪيترا ماڻهو سولائيءَ سان قسم کڻندا ۽ ڀڃندا هئا. سنڌي هندو پنهنجي هندستاني ڀائن وانگر قسم کي ٿڃ ڪري سمجهندا آهن. هن ملڪ جو آزمودو ڏيکاري ٿو ته جيڪڏهن، ڏيهي ماڻهو ڪا ڳالهه ڪري ته ان ۾ شڪ ڪرڻ کپي، جي ان تي زور ڏئي ته پوءِ ان تي اعتبار نه ڪجي، پر جي قسم کڻي ته پوءِ پڪ ڄاڻجي ته ڪو وڏو ڪوڙ ڳالهايو اٿس. ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ گوٿناٿي ڪرڻ هلڪا ڏوهه سمجهيا ويندا آهن. جتي سچ لاءِ عزت نه آهي، اتي اوَس  ائين ٿيندو، پر سڀ آڱريون هڪجهڙيون نه آهن، ڪڏهن ڪڏهن ڏيهي ماڻهن ۾ ڪي سچا ماڻهو به ملي ويندا آهن. 40.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org