سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:17  

سر رچرڊ فرانسز برٽن

جي

حياتيءَ جو مختر احوال

از

محمد حنيف صديقي

سياح، مهم جو آثار قديم جو ماهر، نثر نويس، شاعر، سپاهي، شمشيرزن، سفير، عالم، اديب ۽ جاسوس. سر رچرڊ فرانسز برٽن اعليٰ ۽ گونا گون خوبين ۽ صلاحيتن جو مالڪ هو. هر فن موليٰ، جنهن ملڪ ۾ ويندو هو ته پهچڻ شرط مڪاني زبان، علم، ادب، فن ۽ اتان جي رهاڪن جا عادات، اطوار ۽ خصوصيتون جاچڻ ۽ سکڻ شروع ڪندو هو. جنسيات جي علم ۾ خاص دلچسپي هوندي هيس. فعل ۽ ڪرتوت جيترو زياده قبيح ۽ مذموم هوندا هئا، اوترو انهن ۾ زياده دلچسپي وٺندو هو. پنهنجن ڪتابن ۾، جا بجا جنسيات تي حاشيون لکيون اٿس، جنهن ۾ پنهنجا آزمودا ۽ مشاهدا قلمبند ڪيا اٿس. ڏسجي ٿو ته سندس ذهن ۾ مڙيو ئي ڪو فتور هو، جو سندس نظر هميشه پشت ۽ ڪريل عادتن ۽ افعالن تي پوندي هئي. ڪنهن به ملڪ يا قوم جي تعريف ڪا نه ڪيائين، پوءِ اهي يهودي هجن يا مصري، شڪارپوري سيٺيون هجن يا سنڌي هٽ واڻيا. پنهنجن  خاص موضوعن جي کوجنا لاءِ هو. ڪِريل طبقي ۽ عادتن جي ماڻهن سان لهه وچڙ رکندو هو ڪسبڻين ۽ طوائفن وٽ وڃي راتيون گذاريندو هو. شهر جي ڌوتين سان رازو نياز جون ڳالهيون ڪندو هو ۽ همجنس جو طالب هو. اڄ ڪلهه جي عام سپاهين وانگر هن به فردن جا شخصي طور طريقا ۽ عادتون، سڄن فرقن ۽ قومن ڏانهن منسوب ڪيا آهن. تنهن کان سواءِ، ٻڌل ڳالهين تي به ويساهه ڪندو هو. اڪثر ڪنهن ملان يا مولويءَ کي ويهاري هن کان اوڙي پاڙي جي معلومات حاصل ڪندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هو قومن جي اخلاق ۽ ڪردار جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهيو آهي ۽ سنڌين جي باري ۾ تلخ زبانيءَ کان ڪم ورتو اٿس.

برٽن صاحب جي شوقن ۽ مشغلن جي ڪا به حد ڪا نه هئي. هو شمشير زنيءَ ۽ ٺؤشيبازيءَ جو ماهر هو. شمشير زنيءَ جا نوان وار ايجاد ڪيائين، جي فوجي اختياريءَ وارن اختيار ڪيا. جادو، ٽوڻا، تعويذ، ڪشف ڪؤنرو ڦيرائڻ، سوڻ ڪرڻ وغيره هن جي کٻي هٿ جو ڪم هو. ڪيميا جي علم جا به تجربا ڪيائين. سون جون کاڻيون ڳوليائين، باز پاليائين ۽ ڪڪڙ ويڙهائڻ به نه ڇڏيائين،  ڀنگ، آفيم، چرس استعمال ڪيائين، زبانن ۽ ٻولين تي خاص دسترس هيس، عربي ته هندستان اچڻ کان اڳ انگلنڊ ۾ ئي پڙهڻ شروع ڪئي هئائين. بمبئيءَ ۾ هندستاني ۽ گجراتي سکيو. ٽن مهينن ۾ امتحان ڏنائين ۽ پهريون نمبر آيو، تنهنڪري کيس فوجي ترجمان ڪري رکيو ويو. برٽن جي دعوا هئي ته هن زبانن سکڻ جو هڪ اهڙو طريقو ايجاد ڪيو آهي، جنهن جي وسيلي سان ڪا به زبان ٽن مهينن جي اندر ڳالهائي سگهجي ٿي. بس، پوءِ ته ويو ٻوليءَ پٺيان ٻولي سکندو. مرهٽي، سنسڪرت، سنڌي، بلوچي، فارسي، جَتڪي، ملتاني، پنجابي، لهندي، عبرياني، ترڪي ۽ شامي زبانون سکيو. مطلب ته ڪا به زبان چرندي نه ڇڏيائين، چيني زبان ته سکيو پر آفريڪا جي سواحلي ۽ ٻيون زبانون پڻ سکيائين. آخر انساني ٻولين مان ڍؤ ڪري ڪراچيءَ ۾ هڪ خانگي چڙيا گهر ٺاهي ان ۾ ڪيترا باندر ۽ ڀولا رکي انهن جي آوازن جو اڀياس ڪرڻ لڳو ۽ انهن جي ڪيترن آوازن کي نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هڪ ڀوليءَ کي ڪَن ۾ موتي پائي، پاڻ سان گڏ کاڌي جي ميز تي ويهاريندو هو.

برٽن جو ادبي شاهڪار، لاشڪ دنيا جي ضخيم ترين ڪتاب الف ليليٰ (عربيءَ) جو انگريزي ترجمو آهي. جنهن ۾ هن عربي زبان جو مخصوص مزاج قائم رکڻ لاءِ، پهريون دفعو عربي طرز جي انگريزي لکي.

برٽن پنهنجي حياتيءَ ۾ چاليهن کان به مٿڀرو ڪتاب ڇپايا، جن ۾ يارهن سنسڪرت ۽ ٻين زبانن جا ترجما آهن. ٻاويهن، ٽيويهن ڪتابن جا مسودا ڇڏيائين، جي هن جي مرڻ کان پوءِ ڇپايا ويا آهن. انهن کان سواءِ هن جا بيشمار مضمون وقت جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. خود برٽن جي باري ۾ بيشمار ڪتاب لکيا ويا آهن، جن جو پورو هڪ ڪتبخانو آهي.

برٽن 19 مارچ 1821ع تي هرفرڊشائر (انگلنڊ) ۾ پيدا ٿيو.  هن جو پيءُ موقوف ٿيل فوجي آفيسر هو. تعليم انگلنڊ ۽ فرانس ۾ حاصل ڪيائين. هڪ ڀاءٌ ۽ ڀيڻ به هيس. ٻارن تي پيءُ ماءُ جي نظر خيرڪا هوندي هئي، جنهنڪري هو آزاد گهمندا، ڦرندا ۽ مستيون ڪندا وتندا هئا. برٽن ڪجهه وقت آڪسفورڊ ۾ به پڙهيو هو، جتان کيس نيڪالي ڏئي ڪڍيو ويو هو.

برٽن جي حياتيءَ ۾ ڪيتريون ئي زالون آيون ويون. رستي ويندي اک لڙائي ڇڏيندو هو. پر هن جي شاديءَ جو قصو هڪ عجيب افسانو آهي. هڪڙي ڏينهن 1851ع ۾ بولان (فرانس) جي شهر  ۾ پسار ڪندي، ٻن حسين دوشيزائن تي نظر پيس. هو انهن ڏينهن ۾ نظر جي ٽڪ ٻڌڻ (Hypnotism) جي مشق ڪندو هو. سو، هڪڙيءَ ڇوڪري تي نظر اڇلايائين ته هن ڇرڪ ڀري ڀيڻ کي چيو ”منهنجي شادي انهيءَ ماڻهو سان ٿيندي“ هي يار به راز ڀانپي ويو. ڀت تي چاڪ سان لکيائين”مان تو کي چاهيان ٿو.“  وري ٻئي ڏينهن مليا. برٽن ڀت تي لکيو ”ڳالهائڻ جي اجازت آهي؟“مائيءَ جواب لکيو ته ”امڙ ڪاوڙبي.“ بس، پوءِ ته آئسابيلا  کي اچي آنڌ مانڌ ورتو. روز شاديءَ جا خواب پئي ڏٺائين ۽ ڊائريون پئي لکيائين.  والدين گهڻو ئي سمجهايس. پر مُڙي ڇو ٿي: انهيءَ وچ ۾، برٽن نالي هڪ جپسي عورت هٿ ڏسي چيس ته ”تنهنجي شادي منهنجي نالي واري هڪ شخص سان ٿيندي ۽ اها پيشنگوئي کيس لکت ۾ ڏنائين. (ياد رهي ته برٽن پهريون عالم هو، جنهن اهو رايو ڏنو هو ته يورپ جي جپسي قوم جا ماڻهو اصل سنڌ جا جت يا رت آهن). آخر هنن جي شادي ڏهن ورهين کان پوءِ 1861ع ۾ ٿي.

1842ع ۾، برٽن جي بمبئيءَ  واري ڏيهي پيادل فوج لاءِ 501 پائونڊ رشوت ڏئي اسسٽنٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي (Bombay Native Infantry)  ۾ نوڪريءَ جو انتظام ڪيو ويو. ان وقت افغانستان ۾ سخت لڙائي هلي رهي هئي ۽ ڪمپنيءَ کي نون رنگروٽن جي ضرورت هئي. پر جيستائين هو بمبئيءَ پهچي ئي پهچي، تيستائين جنگ پوري ٿي وئي. برٽن اچڻ سان مختلف زبانن ۽ مشرقي مذهبن جي تحصيل شروع ڪري ڏني.

انهيءَ وچ ۾ سر چارلس نيپئر(17 فيبروري 1743ع) سنڌ فتح ڪري ڇڏي هئي. سن 1844ع جي شروعات ۾ 18 رجمينٽ کي، جنهن ۾ برٽن ڪئپٽن هو، ڪراچيءَ موڪليو ويو، جهاز تي انجنيري کاتي جي ڪئپٽن والٽر اسڪاٽ سان واقفيت ٿيس، جنهن کي سنڌ ۾ سر چارلس نيپئر سنڌ جي زمينن ۽ واهن جي پيدائش لاءِ بمبئيءَ مان گهرايو هو. عادت مطابق همراهه کي ڪراچي ڀانءِ نه پئي. ڪراچيءَ مان 18 رجمينٽ کي ڦيرائي گهاري بندر ۾ رکيو ويو.  آخر، هو سنڌ سروي جي ڪم ۾، ڪئپٽن اسڪاٽ جو نائب مقرر ڪيو ويو ۽ ٿوري ئي وقت  ۾ پيمائش جو ڪم شروع ڪيو ويو. گوني ۽ ٻين واهن جون پيمائشون شروع  ڪيائين ۽ بازن پالڻ ۽ بازن سان شڪار ڪرڻ جو شوق به ڪندو رهيو.

 ڪراچيءَ ۾ برٽن صاحب سنڌ جي رهواسين جو گهَرو مطالع شروع ڪيو، مگر انسانذات جي عظمت ۽ شرافت بدران هو پنهنجي فطرت مطابق هنن جي وِڏُن ۽ اوڻاين جي تلاش  ڪندو رهيو. سيڌي جا ٽي دڪان ڪڍيائين، جتي ويهي گراهڪن، خاص ڪري عورتن کان پنهنجي ڪم جي معلومات حاصل ڪندو   ويندو هو. معلوم ٿيس ته ڪراچيءَ ۾ ست ڌوتيون آهن. جن مان ٽي هندو ۽ چار مسلمان آهن. ستت هنن جي ڪاروباري طريقي کان پڻ پاڻ کي واقف ڪيائين.

انگريز فوجين ۾ همجنس سان تعلقات جي علت شايد رومين جي زماني کان ڦهليل آهي. انهن ڏينهن ۾ پنج هزار انگريز فوجي ڪراچيءَ جي بارڪن ۾ رهندا هئا، جن ۾ مرض وڌندو ويو ۽ خطرناڪ صورت اختيار ڪيائين. ستت نيپيئر  تائين رپورٽ پهتي. هن برٽن کي ان بيماريءَ جي اصل سبب ۽ مرڪز جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. برٽن، نيپيئر جي چوڻ تي هڪ رپورٽ تيار ڪئي. رپورٽ ته نه هئي پر آگ جو شعلو هو، بمبئيءَ ۾ ممڻ مچي ويو! مشڪلات سان برٽن جي نوڪري بچي. (اها رپورٽ برادرم علي محمد راشديءَ ۽ ٻين صاحبن جي تلاش جي باوجود اڃا دستياب نه ٿي سگهي آهي.)

برٽن هاڻي پاڻ کي مرزا عبدالله ابوشائري سڏائڻ لڳو. ايراني ۽ عربي ويس اوڍي روز رات جو مرزا محمد حسين شيرازي نالي هڪڙي دوست سان گڏ شهر جون گهٽيون گهمندو هو.

نومبر 1845ع ۾ اسڪاٽ صاحب سان گڏجي سنڌ جي سروي جو دؤرو ڪيائين. ڪجهه وقت هو نيپيئر جو ترجمان به ٿي رهيو.

1846ع ۾ برٽن تي وبا جو حملو ٿيو ۽ هو ٻه سال موڪل وٺي هندستان جي پهاڙي علاقن ۾ وڃي رهيو.

برٽن سنڌ تي چار ڪتاب لکيا: (1) سنڌ، يا ڏکويل ماٿري 1851ع، (2) سنڌ ۽ سنڌوماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون 1851ع، (3) سنڌو ماٿريءَ ۾ شڪري بازي 1852ع، (4) ٻيو دفعو سنڌ 1877ع.

برٽن هنن ڪتابن ۾ سنڌين جي باري ۾ شگفته ڪلاميءَ کان ڪم ڪو نه ورتو آهي. ان لاءِ مٿي سبب ڏنا ويا آهن. مگر ڪتاب لاجواب آهن، معلومات جي کاڻ سمجهو. ڪيتريون حقيقتون جي هو قلمبند نه ڪري ها، ته اڄ يادگيريءَ جي صفحي تان ميسارجي وڃن ها.

برٽن جي ڪهاڻي اتي پوري ڪا نه ٿي ٿئي.

1853ع ۾ برٽن مڪي ۽ مديني شريف جو سير ڪيو، جنهن لاءِ هن کي سخت تياري ڪرڻي پئي ۽ ڪشٽ ڪشالا ڪاٽڻا پيس. سالن جا سال تياري ڪيائين. عالمن کان به وڌيڪ اسلام جو علم هوس ۽ عربن کان وڌيڪ فصاحت سان عربي زبان ڳالهائي سگهندو هو. مسلمان ته نه هو پر اسلام لاءِ عزت هيس.

ٻئي سال هو صوماليه جي گادي هزار جي مهم تي روانو ٿي ويو. اها مهم به هن ڪاميابيءَ سان طئي ڪئي.

1857ع ۾ هو مسٽر اسپيڪ سان گڏ نيل نديءَ جو سرچشمو ٽينگنئيڪا ڍنڍ ڳولهي لهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.  اهڙيءَ ريت، ٻيون به ڪيتريون ئي خطرناڪ مسافريون ڪيائين. ڪجهه وقت، شام ۽ ٻين ملڪن ۾ انگريزن جو سفير ٿي رهيو.

آخر 20 آڪٽوبر 1890ع تي، هن بي آرام شخص، ٽريسٽ ۾، هن دنيا کي الوداع چئي. سندس وصيت موجب هن کي تنبوءَ جي شڪل وانگر سنگ مرمر جي مقبري ۾ مارٽليڪ، سري (انگلنڊ) جي هڪ گمنام قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

برٽن جي مرڻ کان پوءِ سندس گهر واريءَ آئسابيلا سترهن ڏينهن پاڻ کي فوتي جي ڪمري ۾ بند ڪري مڙس جا اڪثر ڪاغذ ۽ نوٽ ساڙي دنيا کي عظيم نقصان پهچايو، جنهن جي تلافي ڪنهن به صورت ۾ نٿي ٿي سگهي. ممڪن آهي ته ان سڙي ويل مواد ۾ سنڌ تي به ڪافي معلومات هجي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org