باب اٺون
سنڌ ۾ تصوف، صوفي شاعر، پير، تصوف جا ٻه مکيه
طريقا يعني جلالي ۽ جمالي جو بيان
سنڌ ۾ ٻه ڳالهيون سڀ کان زياده توجهه ڏيڻ لائق
آهن: پهريون ته سنڌ تمام گهڻا ”اولياءَ“ پيدا ڪيا
آهن. ٻيو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ ”تصوف“ عام پکڙيل آهي.
سر. يو. جونس.
]1[ تصوف جي متن جو اختصار نهايت
فصاحت سان ڏنو آهي. اڄڪلهه يورپ جي عالمن کي انهن
جي بزرگن جيتري ئي خبر آهي. پر ڪي ڪتاب مثلاً
]2[
ڊي.جو.ڊيءَ جو ”بخارو“ ڏيکارين ٿا ته صوفي فرقي
بابت اڃا غلط فهميون آهن.
تصوف جي ابتدا ڪٿان ٿي، تنهن بنسبت تمهيدي طور هتي
ڪجهه چوڻ ضروري آهي. انهيءَ ڳالهه جو عالمن اڃا
فيصلو نه ڪيو آهي ته تصوف ايران يا هندستان مان
شروع ٿيو. يهودي ايسيني
صوفي فرقو، جنهن پنهنجا صوفي متا زرتشي
مذهب مان ماخذ ڪيا
]3[
تن جو زمانو مقرر ڪيو ويو آهي. اهو ڏيکاري ٿو اهي
اصول وچ ايشيا ۾ تمام جهوني زماني کان رائج هئا.
هندن جا ڌرمي پستڪ ڏيکارين ٿا ته هندستان جي ماڻهن
انهن ۾ گهڻي ترقي ڪئي هئي.مذهبي خيالن جي ڪن ماڻهن
جو به خيال آهي ته تصوف هندستان مان پيدا ٿيو.
شيعي مذهب وارا ڪي ماڻهو تصوف کي عباسي گهراڻي جي
خليفن ڏانهن منسوب ڪن ٿا، جن امامن جي پارسائيءَ
شرعي اصولن جي مقابلي ۾، بُت پرست قوم جو هڪ نئون
۽ مرغوب متو پيش ڪيو هو. درحقيقت،
تصوف ۽ ويدانت
]5[
جي اصول ۾ عجيب مشاهبت آهي. مثلاً هندن کي
”جوڳ“ جي تاثير بنسبت جيڪو خيال ويٺل آهي، سو
صوفين جي ”رياضت“ جي اصول سان ٺهڪي اچي ٿو: ٻنهي
جو اهو اعتقاد آهي ته ڪنهن خاص نموني جي عمل سان
انسان ناپاڪ جسم جي بدن کان آجو ٿئي ٿو ۽ غير
معمولي طاقت حاصل ڪري ٿو، جنهن جي وسيلي هو روپ
بدلائي، مرن ۽ حيوانن کي عقل بخشي، محبت پيدا ڪري،
دشمنن کي ماري غيب جو علم ڄاڻي ٿو. روح، پريون، جن
۽ ملائڪ هوا ۾ اڏامندا ڏسي، جادوءَ کي رد ڏئي، درد
لاهي، مرن ۽ جيتن جي زهر جا زخم ڇٽائي، سون ٺاهي ،
بيمارن کي ڇٽائي، ستارن کي قبضي ۾ آڻي سگهي ٿو.
مطلب ته عبادت جي وسيلي سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهجي
ٿو. پر انساني فطرت هميشه هر هنڌ هڪجهڙي آهي.
هڪجهڙين قومن، هڪجهڙن ملڪن ۽ هڪجهڙين حالتن ۾
هڪجهڙن خيالن پيدا ٿيڻ جو
امڪان
هوندو آهي، ۽ هڪجهڙا خيال پيدا ٿيندا آهن. جهونن
اتهاسن جا عالم ته شايد ائين به چون ته تصوف ۽
ويدانت جا اصول اهڙا ته انسان جي عقل مطابق، سندس
ڀلي وارا ۽ تمنائن ۽ آوزن لاءِ مرغوب آهن، جو انهن
جي ابتدا يقيناً انسانذات جي پيدائش جي شروع ۾ ٿي
هوندي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪو نه آهي ته اهو طريقو،
جيڪو جامي، حافظ، سعدي، جلال الدين، عبدالقادر،
ابن الفارض
۽ شاهه ڀٽائيءَ جهڙن روشن دماغ ماڻهن اختيار ڪيو
هو، تنهن ۾ ضرور ڪا ذاتي خوبي هوندي. تصوف جو سڀ
کان دلفريب نڪتو آهي، خوبي ۽ حسن جو تصور، ۽
عالمگير فيض ۽ محبت، جيڪي نيڪيءَ جي سرچشمي مان
نڪرن ٿا. ايراني ماڻهو، جي تخيل ۽ تشبيه جا مالڪ آهن، تن مذهب جي نظر يعني پرستيءَ
]7[ کي مذهب جي نثر يعني وحدانيت سان
ملائڻ جو ڪٺن ڪم پاڻ تي هموار ڪيو. انهيءَ طريقي
سان هنن نه فقط پنهنجي عالم تخيل ۾ پرواز ڪرڻ جو
شوق پوري ڪرڻ جا اسباب پيدا ڪيا، پر عقل کي الهام
تي ترجيح ڏيئي، تخيل
جي پرواز کي جائز ٺهرايو. صوفين جي دعوا آهي ته
روح غير مادي آهي تنهنڪري لافاني آهي ۽ ان ڪري ان
۾ ازليت به آهي ۽ ابديت پڻ. عقل سيکاري ٿو خدا پاڪ
جي هستيءَ کان سواءِ، ٻي ڪا به شيءِ، ساڳئي وقت
خود زيسته، غير مادي ۽ زمان کان غير محدود ٿي نٿي
سگهي، تنهنڪري انسان جو روح، جو الاهي
]8[
روح جو هڪ جزو آهي، سو آدم کي اڌارو ڏنو ويو آهي.
آدم اشرف المخلوقات آهي. ساڳيءَ طرح هو چون ٿا ته
انسان کي حسن ۽ خوبيءَ لاءِ جا رغبت آهي، سا ڄڻ ته
خالق جو روحاني ڪماليت لاءِ سندس دل جو خراج آهي،
تنهنڪري صوفي پاڻ کي خيال ۾ غرق ڪري ٿو ڇڏي ۽ پوءِ
اڪثر روحاني ڳالهين جي
حوض ۾ يا ته تارڪ الدينا ٿيو پوي يا جسماني حسن جي ڦندي ۾
ڦاسي ٿو پوي. مشرقي قومن کي ورلي اعتدال يا وچين
رستي لاءِ ميل هوندو آهي. هو گهڻو ڪري هر ڳالهه ۾
حد کان نڪري ويندا آهن. هنن جو نيڪي، بهادري،
محبت، عشق ۽ دوستيءَ جو تصور نهايت مٿانهون، بلڪ
غير ممڪن هوندو آهي، ۽ جنهن نموني ۾ هو پنهنجي
ذاتي مبالغي کي صحيح ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن،
تنهن تي يورپي ماڻهن کي هميشه عجب لڳندو آهي.
مٿئين بيان مان نتيجو اهو نڪتو ته تصوف حسن
جو مذهب آهي، جنهن جو هڪ مکيه متو
آهي
مجازي عشق، جو حقيقي عشق
]9[
جو نقل آهي. ان جا مقصد شاعراڻي مزاج وارا هوندا
آهن يا خود شاعر هوندا آهن. ان جا اصول مي،
موسيقي، سماع ۽ روحاني رنگ آهن، ۽ ان جا عبادتخانا
باغ، بوستان ۽ قدرتي نظارا آهن، جتي گل جي بوءِ ۽
بلبل جي صدا دل کي خوش ڪري دماغ کي طراوت ڏين
ٿيون. تصوف هڪ اهڙو مذهب آهي، جنهن جو وجود
انسانذات جي محبت ۽ نيڪيءَ تي ٻڌل آهي. عام مذهبي
اصولن ۽ تصوف جي وچ ۾ وڏا اختلاف آهن. پر تصوف جي
ڪامياب هجڻ لاءِ ڪافي سبب آهن. ان جي ڪاميابيءَ جا
مکيه ذميوار شاعر آهن، جي گهڻو ڪري سڀني طبقن جي
ماڻهن ۾ مقبول هوندا آهن. صوفي شاعر اڪثر ڪري زبان
۽ طبعي علم جو ماهر هوندو آهي. هن کي سرود جي ڏات
هوندي آهي ۽ هو بيڌڙڪ تشبيهون ڏيندو آهي، جن جي
عام فهم دانائي سڀني کي پسند هوندي آهي. هن جي شعر
جي اندروني معنيٰ، سواءِ چند عالمن جي، ٻيو ڪو
ورلي سمجهندو آهي. انهيءَ قسمن جا مشهور شاعر عربن
۾ ابن الفارض، ايران ۾ حافظ، سنڌ ۾ شاهه ڀٽائي
]10[
۽ افغانن ۾ عبدالرحمان ٿي گذريا آهن. انهن مان هر
هڪ جي قوميت قابل غور آهي. مثلاً ابن الفارض
پنهنجو ڪلام هڪڙي پختي ۽ فصيح زبان ۾ لکي ٿو، جنهن
جو اثر اک ۽ دل ٻنهي تي پوي ٿو. هن جا خيالات سندس
وطن جي ڀيانڪ ٽڪرين ۽ ريگستان جي ريتيءَ تان ورتل
آهن، تنهنڪري هن جو شعر مردانگي، جوش، ۽ بيباڪي
سان گڏ فصاحت، لاهين چاڙهين ۽ چيدن لفظن جو
استعمال ڏيکاري ٿو، جي سندس هموطنين جي گوش ۽ روح
کي ڪشش ڪرڻ لاءِ ضروري آهن. حافظ سادي زبان ڪم آڻي
ٿو، پر هن ۾ علم، مستي، تصور ۽ ارادي جي هڪ عجيب
قوت نظر اچي ٿي، جنهن جو پورو قدر ايرانين کان
سواءِ ٻيو ڪو به ڪو نه ڪري سگهندو. هن ۾ هڪ عجيب
عشق جو شوق
]11[
۽ هر جان واري خواهه
بيجان شيءَ لاءِ شفقت ۽ محبت جي بوءِ آهي، جا سندس
شعر مان پيئي اڀري. هن جي شعر جو اثر اهو ٿيندو
آهي، جو تمام گنڀير ماڻهو به سندس صوفيانه خيالن
تي مست ٿي پوندا آهن ۽ دل کي تسڪين ڏيندا آهن ته
هن جي هر هڪ لفظ ۾ روحاني معنيٰ رکيل آهي. سنڌ جي
شاعر شاهه ڀٽائيءَ جي مشڪلات اها هئي ته کيس هڪ
دهقاني ٻوليءَ سان واسطو پيو هو ۽ سندس سامعين فڪر
۽ خوض وارا نه هئا. هو پنهنجي شعر جي آرايش،
تجنيس، ذومعنيٰ ۽ ترنم وارن لفظن جي وڻندڙ جهڻڪار
سان ڪري ٿو. هو پنهنجي علم جو اظهار ڪٿي ڪٿي عربي
۽ فارسي ادب جي اشارن سان ڪري ٿو ۽ ڪن هنڌن تي
انهن جي عبارتن مان حوالا ڏي ٿو. هن جو ڪلام انهن
مضمونن سان تعلق رکي ٿو، جن کان سندس هموطن ماڻهو
اڳيئي واقف آهن. پر، هن انهن کي هڪڙي عجيب اصول جي
اظهار ڪرڻ لاءِ ڪم آندو آهي. هن جي ڪلام جا ڪيترا
حصا
]12[
ڏيکارين ٿا ته هن کي مهذب گهرو زندگيءَ لاءِ قدر
آهي. شاعر طبقي جي ماڻهن کان اهڙيءَ ڳالهه جي اميد
رکڻ اڪثر مشڪل هوندي آهي، تنهنڪري اهي ماڻهو، جي
شاهه جو شعر سمجهي سگهندا آهن، سي ٻڌي مسرور ٿيندا
آهن. عالم ان جي خوبين جي ساراهه
مان ڍاپندا ئي نه آهن ۽ هو اهو هر وقت يڪتاري تي
ٻڌڻ پسند ڪندا آهن. اڻ پڙهيل ماڻهن کي به انهيءَ
جا خاص ٽڪر برزبان ياد هوندا آهن. ۽ هو انهن جي
معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. عبدالرحمان جنهن کي
عام ماڻهو رحمان بابا ڪري سڏيندا آهن، سو ان بهادر
قوم جو سچو عيوضي آهي، جنهن افغانستان جي پهاڙن جي
آزاديءَ جي حفاظت ڪئي هئي. هو پشتو زبان کي، جا
سنڌيءَ کان به وڌيڪ ديهاتي زبان آهي، پنهنجي اُداس ۽ ملول شعر لاءِ چڱيءَ طرح ڪم آڻي ٿو. هن وٽ دنيا ۽ دنيا
جي ڪوڙن،
ٺڳين ۽ ناپائدار نيڪين ۽ مستقل بدي جي لاءِ لعنت ۽
ڦٽڪار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. هن کي دنيا
لاءِ ايتري ته ڌڪار آهي، جو سندس زهد به ان کي
جهڪو نٿو ڪري سگهي. جي ڪنهن وقت هو خوش طبعيءَ
جهڙي ڳالهه به ڪري ٿو ته جلد ان لاءِ پڇتائي به
ٿو. مون اهڙو افغان ڪو نه ڏٺو آهي جو هن جو شعر
سرد آهه
ڀرڻ کان سواءِ پڙهي سگهي. ڏيهي حڪومتن ۾ تصوف به
تاريخ جي ٻين مخفي جماعتن وانگر هڪ زبردست سياسي
اوزار هو. شيخ الجبل حسن صباح جو ئي مثال ڪري وٺو.
هن ثابت ڪري ڏيکاريو هو، ته هڪ قابل پر بي اصول
ماڻهو ان کان قتل ۽ غارت جو ڪيترو خطرناڪ ڪم وٺي
سگهي ٿو. چون ٿا ته سنڌين جهڙن موم دل ماڻهن ۾ به،
اڳي زبردست پير، پنهنجن دشمنن کي پنهنجن مريدن جي
هٿان آسانيءَ سان مارائي سگهندا هئا، تنهن هوندي
به مڪاني حاڪم انهن نام نهاد صوفي فقيرن جي حمايت
۾ هئا. ڪجهه وهم ۽ وسوسي سبب ۽ ڪجهه انهيءَ ڪري
ته، هنن وٽ هر هڪ پير جي پوتي ڪڇيل هوندي هئي.
پيرن کي بهرحال وڏيون سهوليتون هونديون هيون. اسان
جي حڪومت ۾ هنن کي مريدن کي ڦٽڪن هڻائڻ ۽ مارائڻ جو ڪو به حق ڪو نه آهي. اسان جي حڪومت ۾
به اڪثر پير پاڻ کي فقير سڏائيندا آهن، پر وٽن
سوين خدمتگار ۽ گهوڙا هوندا آهن. هو ڪنهن وقت
ماڻهن کي پنهنجي پوشاڪ جي هيٺان، بدن تي پيل اُٺ جي ڏاس جي صدري ڏيکاري، دنيا داريءَ کان پنهنجي لاتعلقيءَ
جو اظهار ڪندا آهن، عربستان جا وهابي جوان، انهيءَ
ڳالهه تي ٺٺولي ڪندا آهن، ته ڪو فاني انسان ڌڻيءَ
وٽ هنن جي شفاعت ڪري سگهندو يا هنن جي پاران
ڳالهائي سگهندو. پر ڏکڻ يورپ جي قومن وانگر
ڪيترائي ڪمزور دل سنڌي انهيءَ ڳالهه ۾ ويساهه ڪندا آهن ته ولين ۽ فقيرن جي دعا کين
دوزخ جي باهه
کان بچائيندي
]16[. مون ڏٺو آهي ته ايرانين جو تخيل
۽ افغانن جو بي انتها تعصب، انهن ۾ ساڳيو اثر پيدا
ڪري ٿو، جيڪو سنڌين ۾ سندن ڪمزوري پيدا ڪري ٿي.
انهيءَ ڪري، پير جي مالي حالت ريس ڪرڻ لائق هوندي
آهي. هن کي مريدن وٽان آمدني ۽ پيدائش جي اٺين حصي
کان ويندي اڌ حصي تائين نذراني طور حصو ملندو آهي.
مريدن کي اها همت نه ٿيندي آهي، جو هو ساڻس ٺڳي
ڪري سگهن
]17[. اٽلو، جيڪڏهن ڪو اوچتو وارو ملندو اٿن، ته هو کيس قيمتي
تحفا ڏئي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو سمجهندا آهن ته
اسان جي قسمت پير جي دعا سان کلي آهي. ائين چوڻ ۾
وڌاءُ نه ٿيندو ته پير جيڪڏهن عقل سان هلي ته ٽيهه
هزار رپيا سال ۾ سولائيءَ سان ڪمائي سگهي ٿو.
انهيءَ ڪري، پيرن کي اڪثر ايڏي ته وڏائي هوندي آهي
جو هو ميرن لاءِ به ڪو نه اٿي بيهندا آهن ۽ نڪي
هنن جي تعظيم ڪندا آهن. مير به ويچارا مذهب جي راهه ۾ خاڪساري ڏيکارڻ تي راضي رهندا هئا ۽ جتي زور نه هلندو
هون، اتي دل وٺڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
مٿين حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ڏسبو ته تصوف کي غلط
نموني ۾ استعمال ڪرڻ جو عام ماڻهن تي ڪهڙو اثر پوي
ٿو. پر، اسان جهڙيءَ ڌاريءَ حڪومت لاءِ، انهيءَ
سرشتي جي خلاف قدم کڻي، بند ڪرڻ محال آهي. اسان جي
طرفان ڪو به قدم اٽلو شر وڌائيندو. اسان جي حڪومت
لاءِ سڀ کان سٺي صلاح هيءَ آهي ته جيترو ٿي سگهي،
اوتري قدر غلط قسم جي پيرن جي سياسي وقعت گهٽ ڪجي
۽ علم جي رستي اهڙين بدعتن جي مخالفت ڪجي.
سنڌ ۾ تصوف جا ٻه مکيه فرقا آهن
1.
جلالي
]19[ ۽
2. جمالي. چون ٿا ته جلالي فرقيوارا، وجود
مطلق جي جلالي وصفن جو تصور ڪندا آهن. ظاهر آهي ته
هي اصول هندستان مان ورتل آهي. اها ڳالهه هندستان
جي اڄوڪن ارپنٿين جي رواج مان ثابت ٿئي ٿي، جي هر
نموني جو جرم ڪري پرميشر کي خفي ڪرڻ جي باقاعدي
ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن هو کين نيست نابود ڪري جذب
ٿيڻ جو موقعو ڏئي، جلالي مسلمان ظاهر ظهور انهيءَ
شيءِ ۾ اعتقاد نٿو رکي سگهي، پر هو انهيءَ اصول تي
اڻسڌيءَ طرح باقاعدي عمل ڪندو آهي. مثلاً، هو پاڻ
کي نشي ۾ مست ڪندو آهي، جيتوڻيڪ نشو اسلام ۾ جائز
نه آهي. جلالي فرقي جا ماڻهو مون کي سيوهڻ واري
بزرگ، شهباز قلندر جي مريدن ۾ ڪثرت سان نظر آيا.
هندستان ۾ جلالي فقيرن کي خاص محنت ۽ مطالعو ڪرڻو
پوندو آهي. مثلاً، هڪڙو فقير ٻئي کان پڇندو آهي ته
”آداب ڪچڪول ڇا آهن؟“ انهيءَ سوال جو جواب ٿيڻ
کپي ته: ”اڳيان اٿس روزي، پٺيان موت، سڄي بهشت،
کٻي دوزخ، هيٺان جانور (ڏاند) جنهن تي دنيا بيٺي
آهي، ۽ مٿان آسمان.“ اِهوئي پورو جواب آهي. جيڪڏهن
ڪو ٻيو جواب ڏيندو ته ڏنڊو ٺڪاءُ ٿي ويندس مغز ۾.
جلالي فقير جي تعليم ڊگهي هوندي آهي،۽ ان ۾
ڪيتريون رسمون ادا ڪرڻيون پونديون آهن. شروعات غسل
۽ نماز سان ٿيندي آهي. پوءِ هن کي ٽوپي، خرقو ۽
فرقي جا ٻيا ٽپڙ پهرائيندا آهن. هر هڪ شيءِ خاص
معنيٰ رکندي آهي. فرقي ڀائيءَ جي دل تي سندس اهم
فرائضن جي ذهن نشين ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي
آهي. سڀني رسمن ادا ڪرڻ کان پوءِ نوَل فقير، دنيا ۾ ٻاهر نڪرندو آهي.
هو اڪثر هڪ ڏنڊو، مسٽنڊو، نٺر ۽ پينو فقير هوندو
آهي.
هن کان دنيا ۾ ڪو به ڪارائتو ڪم نه پڄندو آهي، مگر
هن کي آخرت ۾ سٺي اجر ملڻ جي پڪ هوندي آهي. هن کي
اها اختياري هوندي آهي ته ڀنگ پيئي، ۽ دنيا ۾ مزا
ماڻي، پاڻ کي خوش رکي. جلالي ۽ ٻين فقيرن جي پوشاڪ
هيٺينءَ طرح هوندي آهي:
1. تاج: نمدي جي ٽوپي، جيڪا اسان جي ملڪ جي مسخرن جهڙي هوندي
آهي.(جمالي فرقيوارا اڇي سوٽي ڪپڙي جي ٽوپي پائڻ
پسند ڪندا آهن.)
2. ڪفني يا الفي: ڪاريءَ اُن جو ٺهيل جامو، اڇن ڌاڳن سان ۽ شڪل ۾ ڪجهه ڪفن جهڙو. ٻانهن
کان سواءِ پنيءَ جي اڌ تائين ڊگهو هوندو آهي.
3. گودڙي: ساڳئي ڪپڙي جو ڪمبل جو ٿڌ ۾ سمهڻ وقت پائبو آهي.
ڪي جلالي فقير پاڻ وٽ انهن ٽن ڪپڙن کان سواءِ ٻيو
ڪجهه ڪو نه رکندا آهن. ٻيا وري لُنڊي سٿڻ پهريندا آهن يا گوڏ ٻڌندا آهن.
انهن فقيرن جا ٻيا ٽپڙ هيءُ هوندا آهن:
1. تسبيح: عقيق يا ڪنهن ٻئي ڳاڙهي پٿر جي مالها وڏن داڻن سان.
2. عصا يا لٺ: اڪثر شيشم يا ڪاري ڪاٺ جي، نوڪ ۽ عاج جي مُٺ سان. جلالي گهڻو ڪري ٿلها زبردست ڏنڊا
کڻندا آهن.
3. بيراڳڻ: ڪاري ڪاٺيءَ جي لٺ. اٽڪل ڏيڍ فٽ ڊگهي، ٻن مُنهن سان. جنهن تي فقير مراقبي يا ننڊ وقت
مٿو رکندا آهن، جو ليٽي پوڻ اصول جي خلاف سمجهيو
ويندو آهي.
4. ڌاڳا: ڪاريءَ ڏاس جا وٽيل سڳا، چيچ جهڙا ٿلها، اهي چيلهه کي پٽي وانگر ٻڌندا آهن.
5. ڳانو: ڪاريءَ اُنَ جا ڌاڳا، ڳاڙهي پَٽ سان مليل، جي هار ڪري پائيندا آهن.
6. گَبري:
ڳاڙهي ڪپڙي جي ڳوٿري، جنهن ۾ کاڌو ۽ ٻيون ضروري
شيون وجهندا آهن.
7. طنبي: ڪدوءَ جو پيالو، جو پاڻي پيئڻ يا اَن، پئسن ۽ ٻئي قسم جي خيرات وٺڻ لاءِ ڪم
ايندو آهي.
8. سڱ: جهنگلي ٻڪر جو سڱ، جنهن مان هڪ ساز ٺاهيندا آهن، جو
صبح سانجهيءَ ماڻهن جي درن تي خيرات لاءِ وڄائيندا
آهن.
سنڌ ۾ جلالي فقير اڪثر غريب هوندا آهن ۽ گذران
ڏکيو ٿيندو اٿن. سنڌ ۾ سندن مشهور پير، قلندر
شهباز ٿي گذريو آهي
]22[.
هن بزرگ جو اصل نالو عثمان مروندي هو. هو صرف و
نحو جو وڏو ماهر، زباندان، ۽ قابل سيار هو. هن
673
هجري
1274عيسويءَ
۾ سيوهڻ جي شهر ۾ وفات ڪئي. قلندر هو، تنهنڪري
شاديءَ جي خلاف هوندو هو. هن ڪو به اولاد ڪو نه
ڇڏيو. هاڻي هن جا خليفا ۽ مجاور، مريد آهن. سندس
مقبري جو تمام گهڻو ادب ڪيو ويندو آهي. مون ٻڌو
آهي ته قلندر جي مريد ٿيڻ لاءِ هڪ عجيب رسم ادا
ڪئي ويندي آهي. پهريائين مريد جا سڀ وار ڀرن تائين
ڪوڙيندا آهن. پوءِ مجاور هن جي ڪُلهي تي هڪ ڳاڙهي تتل لوهه جي مهر سان ڏنڀ ڏيندا آهن ۽ سندس ڪپڙا
لاهي، بدن تي ڳائي ڇيڻي جي رک ملنيدا اٿس. تنهن
کان پوءِ هو پنهجي زندگي شروع ڪندو آهي. بعضي بعضي
معزز ماڻهو سُکا
ڏيڻ يا ڪنهن مراد حاصل ڪرڻ جي ارادي سان اچي مريد
ٿيندا آهن، ۽ ٿورو وقت فقير ٿي رهندا آهن. هن
مقبري تي هميشه سوالين جا لشڪر هوندا آهن. شاهوڪار
ماڻهو مٿس پَڙَ چاڙهيندا آهن. نذراني جو ڪجهه حصو خليفو کڻندو آهي، ڪجهه
مجاورن کي ملندو آهي.
دنيا جي ٻين مشرقي ملڪن وانگر سنڌ ۾ به جمالي
صوفي، زماني جي خيال کان، پنهنجن جلالي ڀائرن کان
وڌيڪ آبرودار ليکيا ويندا آهن. جلالي فقير کليو
کلايو شرعي احڪامن جي انحرافي ڪندا آهن، پر جمالي
فقير شرعيت جي حڪمن جو
ادب ڪندا آهن. روزن نمازن کان سواءِ، جمالي صوفين
کي هيٺين ڳالهين جي هدايت پڻ ڪيل آهي: دائمي عبادت
ڪفارو ۽ ڪناره ڪشي، خاموشي، تاريڪ ۽ اونداهين جاين
۾ مراقبو، کاڌي، ننڊ ۽ نفساني عيشن کان پرهيز،
مرشد جي محبت ۽ اطلاعات، خوديءَ ۽ دنيوي لاڳاپن جو
ترڪ، ۽ جمالي فرقي جي ٻين قاعدن ۽ اصولن جي سخت
پابندي. دنيادار ۽ معزز ماڻهن کي اختياري آهي ته
هو پنهنجي بدلي ٻئي کان ڪفارو ڪرائين يا ان جي
عيوض پئسا ڀرين، پر پنهنجيءَ جماعتي برادريءَ ۾
کين مٿيون درجو فقط سخت پورهيي ۽ رياضت سان ملي
سگهندو آهي.
سنڌ ۾ جمالي صوفين جون چار مکيه شاخون هي آهن:
1. قادري،
2. نقشبندي،
3. سهروردي ۽
4.
چشتي.
چشتي فرقيوارا پنهنجي طريقي جي بانيءَ، خواجه معين
الدين چشتي اجميريءَ جي نقش قدم تي هلندا آهن، جو
سيجستان ۾ پيدا ٿيو هو، خراسان ۾ تعليم ورتي
هئائين ۽
6 رجب
633
هجري مطابق
1235عيسويءَ
۾ اجمير ۾ وفات ڪئي هئائين ۽ اتيئي دفن ڪيو ويو.
چشتي لفظ، چشت مان نڪتل آهي، جو خراسان ۾ هڪ ڳوٺ
آهي. ٻين ٽن طريقن وانگر چشتين جو سلسلو
]24[ به پيغمبرِ اسلام، حضرت مُحمّد
ﷺ کان شروع ٿئي ٿو. هنن جون رسمون ڪيترين ڳالهين ۾ ترڪيءَ جي
مولوين جي رسمن سان ملي اچن ٿيون، پر اهي ڪافرن کي
پنهنجون مجلسون ڏسڻ ڪو نه ڏيندا آهن. هن فرقي ۾
راڳ سرود هڪ مذهبي شغل سمجهيو ويندو آهي.
نقشبندي طريقي جي اصولن جي سڀ ڪنهن کي خبر آهي،
تنهنڪري انهن جي هتي اپٽار ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.
مگر سنڌ ۾ انهن جيڪي نوان رواج اختيار ڪيا آهن، تن
جو ڪجهه بيان هت ڏجي ٿو. جيڪڏهن ڪو طالب بيٺل
ماڻهو يا پڙهيل هوندو آهي ته پير صاحب پهريائين
دعا گهري پاڻ کي تيار ڪري، ڪعبي ڏي مُنهن
ڪري هڪ صاف مصلي
]25[
تي ويهندو آهي. تنهن کان پوءِ هو طالب کي ساڳئي
غاليچي تي ”دوزانو“ ويهاري، کانئس تصور شيخ يعني
اکيون بند ڪرائي، پنهنجي صورت جو تصور ڪرائيندو
آهي. اٽڪل پنجن منٽن کان پوءِ پير هٿ کڻي فاتحه پڙهندو ۽ مريد هن جي پٺيان ساڳيا لفظ چوندو
ويندو آهي. آخر پير مريد جي ڇاتيءَ تي هٿ رکي،
ڪجهه پڙهي،
]26[ هن جي دل جي طرف شوڪاريندو آهي. مريد ان وقت مرشد جي شفقت
جو تصور ڪندو آهي. اهڙي ريت داخلا جي رسم ٿيندي
آهي.
سنڌ جي ڪن مشهور صوفين ۽ پيرن، فقيرن جو احوال
”تحفة الطاهرين“ نالي هڪ فارسي ڪتاب ۾ ڏنل آهي.
ان مان ڪجهه اقتباس پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هت پيش ڪجن ٿا:
1. سيد محمد حسين: هن کي عام طرح ” شاهه مراد“ سڏيندا آهن. ان
بزرگ لاءِ مشهور آهي ته سندس دعا سان عرضدار ماڻهو
پنهنجي مراد حاصل ڪري سگهندو آهي. هي ولي اصل شيخ
عيسيٰ ”لنگوٽئيءَ
]27[“
جو شاگرد هو، جو هڪ تمام متقي شخص ٿي گذريو آهي.
شيخ عيسيٰ لنگوٽو ٻڌندو هو، جنهنڪري مٿس اهو نالو
پيو هو. چون ٿا ته شاهه مراد ڄائو ته سندس اکيون
کلن ئي ڪو نه! جيستائين شيخ آيو ۽ اچي چيائينس ته
”قسمت ۾ لکيل آهي ته مان ٻار جو مرشد به ٿيندس ۽
مريد به!“ هن شخص پنج سؤ عابد پيدا ڪيا ۽ سندس
طالبن جو تعداد ته هزارن ۾ هو. سنڌ جا ماڻهو شاهه
مراد جي هڪ چوڻي اڃا محبت سان ياد ڪندا آهن ته ”
هڪ مئل دل کي ابدي جان بخشڻ، هزار مُردن کي جيارڻ کان بهتر آهي.“
2. سيد علي شيرازي: هو ننڍيءَ عمر ۾ ئي مديني شريف زيارت تي
ويو هو. هن جا گهڻائي ڪرامتن جهڙا ڪم مشهور آهن،
جن مان ڪي تمام عجيب غريب آهن. پر سيد صاحب، جهڙو
هو پرهيزگار، تهڙو ئي هو سخت دل. چون ٿا ته هڪ
ڏينهن هن وٽ هڪ پيرسن زال مڙس آيا، جن جي گڏيل عمر
ٻه سؤ ڏهه ورهيه هئي ۽ عرض ڪيائون ته اسان کي
اولاد جي نعمت کپي. ڪجهه ويچار بعد هنن کي ٽن
ڇوڪرن جو وعدو مليو. ٽن سالن ۾ کين ٽي ٻار ڄاوا،
پر جڏهن سيد صاحب چوائي موڪلين ته ”انهن مان هڪ
ٻار منهنجو مريد ٿئي ته بي شڪر والدين انڪار ڪيو.“
انهيءَ نامهربانيءَ تان بزرگ کي مٺيان لڳي، سو هن
هڪدم دعا گهري ته اولاد جي نعمت کانئن واپس ورتي
وڃي. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو ڇوڪرن جي پيٽ ۾
انهيءَ ساڳي رات اوچتو اچي سخت سور پيو ۽ هو مري
ويا.
هن بزرگ
]28[ جو ٻيو هي قصو پڻ بيان ڪندا آهن
ته هن جو هڪڙو نوڪر ڪيمياگر ۽ ساحر هوندو هو. جڏهن
هن ڏٺو ته سندس مالڪ جو وقت نهايت ڪفايت شعاريءَ
سان ٿو گذري، تڏهن هن کي سون ٺاهڻ جو طريقو
سيکاريائين. پر هو متقي شخص، ان کان پوءِ به ساڳئي
نموني ۾ قناعت سان رهڻ لڳو. تڏهن نوڪر ڪاوڙجي پيس.
ان تي سيد صاحب هن کي شهر جي سڀ کان رذيل ويڙهي ڏي
موڪليو ته وڃي ڏسي اچ. اتي ڇا ڏسي ته سون ۽ جواهرن
جا ڍير لڳا پيا آهن. بزرگ انهيءَ موقعي جو فائدو
وٺي، سندس ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاري ته سياڻا ۽
پرهيزگار ماڻهو سون رپي کي اهڙين جاين جي ئي لائق
سمجهندا آهن.
3. قاضي مير سيد شڪر الله: تمام متقي ۽ پرهيزگار شخص هو. هو
ساڳئي وقت قاضي به هو. هن جي همت ۽ انصاف جو هڪ
قصو سنڌ ۾ اڃا ياد ڪندا آهن. چون ٿا ته هڪ غريب
ماڻهوءَ، جو ملڪ جي واليءَ، شاهه حسن ارغون کي پئسا لهڻندو هو، مٿس دعويٰ ڪئي. قاضيءَ کيس
گهرائي مدعيءَ سان گڏ مدعا
عليه کي به پنهنجي اڳيان بيهاريو ته ڀل هو هڪ
ادنيٰ مسلمان وانگر پنهنجو عذر پيش ڪري. مقدمي جو
فيصلو واليءَ جي برخلاف ٿيو. تنهن کان پوءِ قاضيءَ
اٿي شاهه جو دربار جي رواج مطابق سلام ڪيو ۽ هن کي
انصاف جي گديءَ تي ويهاري کانئس پنهنجي بي ادبيءَ
جي معافي گهري. حاڪم جبي مان تلوار ڪڍي قاضيءَ کي
ڏيکاري چيو ته جيڪڏهن تون انصاف نه ڪرين ها ته هن
هٿيار سان تو کي رياءَ جي سزا ڏئي، گهاٽ رسايان
ها. قاضيءَ ڇا ڪيو جو انصاف جي گديءَ هيٺان پنهنجي
ترار ڪڍي، واليءَ کي چيائين ته جيڪڏهن تون شرعي
احڪامن جي ڪا انحرافي ڪرين ها ته تو کي به هن سان
ٽڪرا ٽڪرا ڪيان ها. انهيءَ دلچسپ پر خطرناڪ واقعي
بعد، واليءَ وڏي آواز چيو ته ” خوش قسمت آهي اها
رعيت جنهن کي ههڙو قاضي عدالت لاءِ آهي“ ۽ پوءِ
قاضي کي پنهنجي حڪومت ۾ جيڪي سڀ کان اعليٰ مرتبا،
هئا سي عطا ڪيائين.
قسطنطنيه جي مشهور فاتح، محمد (ٻئي) ۽ معمار جو
قصو ڪنهن نه ٻڌو آهي. اهڙو واقعو هر انهيءَ ملڪ ۾
ٿي سگهي ٿو، جتي قانون ۽ مذهب آهي. ساڳئي وقت اهو
به چوڻ ضروري آهي، ته اهڙا واقعا تاريخي حقيقت ان
ڪري رکن ٿا، جو اهي عام نه هوندا آهن.
4. ميان ملوڪ شاهه: چون ٿا ته هي درويش اهڙو ته پرهيزگار،
متقي ۽ زاهد هو، جو پنهنجي ڊگهيءَ ڄمار ۾ پاڻيءَ
کان سواءِ ڪنهن شيءَکي هٿ نه لاتائين ۽ فقط ڇاونجاهه
سير اٽي جا کپايائين. هن کي نار جي رينگٽ مان ڏاڍي
راحت ايندي هئي، ۽ هو گاهه بيگاهه نار جو آواز ٻڌي، پنهنجي دل بهلائيندو هو. هڪ دفعي هو ٺٽي
جي ويجهو هڪ باغ ۾ وڻ هيٺيان ويٺو هو. رات ٿي ته
مالهي نار مان ڏاند ڇوڙي هليو ويو، پر نار پوءِ به
ڦرندو رهيو ۽ جڏهن مالهي صبوح جو موٽي آيو ته
ڏٺائين ته سارو باغ پاڻيءَ سان ڀرجي ويو آهي. هن
جو شڪ اجنبيءَ ۾ پيو، تنهنڪري هن کي اتان ڌڪي ٻاهر
ڪڍيائين. ڇا ڏسي ته نه فقط وڻ پر باغ جو سارو ٽڪر
جتي عابد ويٺو هو، سندس ڪڍ پيو ڦري. ويچاري
مالهيءَ پنهنجي ڀل محسوس ڪري، نار جي شوقين درويش
جي پيرن تي ڪِري وعدو ڪيو ته مان وري تنهنجي خوشيءَ جي
آڏو نه ايندس.
هي بزرگ ڏاڍو ڏاهو هوندو هو. هڪ لڱا ڏٺائين ته هڪ
هندو مٿي تي لسيءَ جي ماٽي کنيو ٿو وڃي. هڪدم
دانهن ڪري هن کي چيائين ته ”ماٽي زمين تي اڇلاءِ،
ڪافر!“ هن سندس چيو ڪيو ۽ پوءِ ڏسي ته ڀڳل چاڏيءَ
۾ هڪ ڪنو ٿيل زهريلو نانگ پيو آهي! لاشڪ، هندو اتي
جو اتي مسلمان ٿيو هوندو.
پٺتي پيل قومون هن قسم جي ڳالهين جي صداقت جي
ثابتيءَ جي تلاش بنهه ڪو نه ڪنديون آهن، تنهنڪري
اڪثر سچ جي ٿورڙي بنياد تي وڏو ڪوڙ جو ڪوٽ ٺهي
پوندو آهي. جن ماڻهن اهڙين قومن ۾ رهي ڏٺو آهي، تن
کي خبر آهي ته ڪهڙي آسانيءَ سان عقل جي خلاف اجاين
۽ سراسر احمقانه ڳالهين تي اعتبار ڪيو ويندو آهي.
ڪوڙين ڳالهين کان اڪثر اهي ماڻهو ڪم وٺندا آهن جي
انهن کي دل سان ٺاهي، اورچائي سان ڦهلائيندا آهن.
جن کي حقيقت معلوم هوندي آهي، سي يا ته دانائي کان
ڪم وٺي خاموش رهندا آهن، يا حريف هوندا آهن ۽ ائين
ڏيکاريندا آهن ته ڄڻ خود پاڻ کي ويساهه
اٿن، يا ضعيف طبع هوندا آهن جو مخالفت ڪري، پنهنجي
عزت وڃائڻ ۽ ڪوڙن ۾ شمار ٿيڻ پسند ڪو نه ڪندا آهن.
اهڙي ريت هڪ ٻن پيڙهين کان معجزو ڪنهن فارسي ڪتاب
۾ درج ٿيندو آهي ۽ ڪنهن ڏندڪٿا
يا روايت جي صورت
۾ ظاهر ٿيندو آهي. |