سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:14  

ڪتاب ۾ ڏنل اشارن (انگن) جي سمجهاڻي

باب پهريون

(1) ڪهگل، گهاٽو گارو، ڪُتر ٿيل بُوسي ۽ ٻين شين سان مليل، جو ساريءَ سنڌ ۽ وچ ايشيا ۾ جاين لنبڻ جي ڪم آڻيندا آهن.

(2) بلڪل مصر جي خمسين جهڙا. اهي ايران، افغانستان ۽ سنڌونديءَ جي اوڀر ۽ ڏکڻ وارن ملڪن ۾ ڪڇ تائين عام لڳندا آهن. تعجب آهي ته اهي ڪڇ کان هيٺ ڪو نه لڳندا آهن.

(3) ايترو قبول ڪبو ته ڪابل واري لڙائيءَ وقت جڏهن کين سٺو موقعو هو، تڏهن اسان تي حملو ڪو نه ڪيائون. پر انهيءَ جي معنيٰ اها نه هئي ته هو ٻئي ڪنهن موقعي تي ”وبا“ (يعني انگريز) مان ملڪ کي آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪندا.

(4) چوندا آهن ته سنڌ، هند جو ڀاءُ ۽ نوح جو پٽ هو.

(5) اڪثر جاگرافي نويس، ملڪ کي ٻن ضلعن ۾ ورهائين ٿا: هڪڙو لاڙ ٻيو سرو. انهن ضلعن جون حدون حيدرآباد جي اتر ۾ هالا جي شهر وٽ ملن ٿيون.

(6) حرارت 92 ڊگرين (ف) کان ورلي مٿي هوندي آهي، سکر ۾ حرارت جو درجو 112 ڊگرين کان گهٽ نه هوندو.

(7) حيدرآباد جا پراڻا هندڪا نالا آهن. نيرون ڪوٽ ۽ سيتلپور. اها ڳالهه انهيءَ منجهيل مسئلي جو آخرين جواب آهي ڏسو باب ٻيو.

(8) جولاءِ 1839ع ۾، 1600 تازن توانن ديسي سپاهين جو هڪ ٽولو ٺٽي جي ڀرسان ٽڪرين ۾ رهايو ويو هو. نومبر ۾ ٻوڏن جي ڪري، جيڪي بخار ۽ اوٻر اٿندا آهن، تن سندن اهڙي حالت ڪئي هئي، جو منجهانئن فقط پنجاه ڄڻا نوڪري ڪرڻ جي لائق وڃي بچيا هئا.

(9) مدرسا، جن لاءِ ٺٽو اڳي مشهور هو، پورچوگيزن جي ديول، جا شهر جي اڀرندي، ڇيڙي تي هئي، ۽ شاهي قلعو جو الهندي ڇيڙي تي هوندو هو، سي هاڻي گهڻي وقت کان زمين دوز ٿي ويا آهن. شهنشاهه اورنگزيب جي هڪ نائب جي اڏايل عاليشان مسجد جا هاڻي سلامت، پر ڦٽل حالت ۾ آهي، سا اڃا شهر جي سڀ کان نمايان عمارت آهي.

(10) هن بزرگ جي احوال لاءِ ڏسو باب اٺون.

(11) شڪارپور، ملتان وانگر، خراسان جو هڪ دروازو سمجهي ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته اتان بولان جي دڙي کان سڌو قنڌار تائين رستو آهي.

(12) هن وقت درياهه متعلق جيڪي به سوال آهن، تن بنسبت وڌيڪ معلومات لاءِ پڙهندڙن کي هندستاني ٻيڙي جي ليفٽيننٽس ووڊ ۽ ڪارليس جا ليک پڙهڻ کپن، جي ڪئپٽن پوسٽن، سنڌ تي پنهنجي لکيل ڪتاب ۾ ڇپايا آهن.

(13) اڳي سنڌونديءَ کي يارهن وڏا ڇور هوندا هئا. هاڻي خشڪ موسم ۾ انهن مان ٽي ڇوڙ وهندا آهن. تخمينو ڪيو ويو آهي ته سنڌونديءَ ۾ اٽڪل نون سَون ميلن جي مفاصلي تائين جهاز راني ڪري سگهجي ٿي. حيدرآباد وٽ سنڌونديءَ جي سراسري موڪر اٽڪل منو ميل آهي، حيدرآباد کان مٿي ۽ هيٺ ان کان به زياده آهي. سير جي وهڪري جي وڌ ۾ وڌ رفتار اٽڪل ست ميل ۽ اڌ فرلانگ ڪلاڪ ۾ آهي. آبڪلاڻي ۾، پاڻي تيرهن کان سورهن فوٽن تائين چڙهندو آهي.

(14) ڍنڍ يا ”ڪولاب“ هيٺانهين زمين آهي، جتي ٻوڏ جو پاڻي گڏ ٿيندو آهي. سرديءَ جي موسم ۾ ڍنڍون يا ته بنهه سڪي وينديون آهن يا ڪي قدر، انهن مان هميشه بخار اٿندا رهندا آهن.

(15) سنڌ جي هندن ۾ هڪ ڏندڪٿا آهي ته ملتان جو بادشاهه هونيڪسيپو ديو، اهڙو ٻلوان هوندو هو، جو هن ميگهه راس کي آسمان مان گهرائي کانئس وچن ورتو هو ته هو، سنڌ جي ماٿريءَ ۾ وري ڪڏهن به ڪو نه ايندو. هن غيبي سبب کان سواءِ، برسات جي نه هئڻ جو ظاهر ظهور طبعي ڪارڻ هيءُ آهي ته ملڪ ۾ وڻڪار بلڪل ڪا نه آهي. مشرق جي لڙائين ۾ اڪثر حسد ۽ ڪيني سبب درخت  ناس ڪيا ويندا آهن.

(16) ڪئپٽن جيمس مئڪ مرڊو، جو سنڌ جي تاريخ ۾ ٻين مسئلن ۾ ماهر آهي، تنهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن بکر ۽ ٻين شهرن جي مسلمان خاندانن جا ڪتبخانا ۽ اتهاس اسان کي ڏيکاريا وڃن ته اسان جو قديم سنڌ جي معلومات ۾ چڱو اضافو ٿيندو. مان انهن خزانن هٿ ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪامياب ٿيو آهيان. مون کي جيڪي عربي تصنيفون ڏيکاريون ويون، سي جديد تاريخن جا فارسيءَ مان تازا ترجما هئا، ۽ انهن ماڻهن جي نظر ۾ اهي ڪتاب بي بها قيمت جا هئا.

(17) ”فرشتي“ جو فاضل ترجمان، جنرل برگس، جيئن لکي ٿو ته اهي ڪتاب آسانيءَ سان دستياب نٿا ٿي سگهن. مون کي شڪ آهي ته جيڪڏهن اهي ڪتاب، دستياب به ٿين، يا ٻيون اسلامي تصنيفون. اسلام جي زماني کان اڳ، جي هندستان ۽ مصر جي تعلقات بابت ملن ته پوءِ به شايد ئي ڪا روشني وجهي سگهنديون.

(18) 3 ۽ 4 نمبر ڪتابن جو ڪئپٽن پوسٽنس ترجمو ڪيو يا اختيار ڏنو هو.

(19) “Dry Leaves from young Egypt Ex-poltical” جو مصنف

(20) راجپوت راجائون.

(21) چون ٿا ته سنڌ جي پراڻي گادي الور، روهڙيءَ کان چار ميل پري آهي. ڏسو باب چوٿون.

(22) ايلفنسٽن پنهنجي ڪتاب ”هندستان جي تاريخ“ جي جلد پنجين جي باب پهرئين ۾ چوي ٿو ته ”ديبل شايد سنڌ جو هاڻوڪي بندر، ڪراچيءَ جي ويجهو ڪٿي هئو. ديبل، ٺٽي جي ڀرسان ڪو نه هو، جيئن ’فرشته‘ جو خيال آهي.“

مون باب ٻئي ۾ دليل ڏنا آهن ته ڇا جي ڪري ديول ۽ ٺٽو ساڳي جاءِ تي آهن.

(23) محمد بن قاسم جي عجيب ۽ دکدائڪ انجام جي ڪهاڻي، ايلفنسٽن ۽ پوسٽنس تفصيل سان ڏني آهي.

(24) ڏيهي تاريخون کولي لکن ٿيون ته هن قوم جي نسل جي پوري خبر نٿي پئجي سگهي. ايلفنسٽن انهن کي ”سومرا راجپوت“ ڪري سڏي ٿو ۽ پوسٽنس چوي ٿو ته هو ”عربي نسل جي هڪ قوم آهن.“  پهرين حاڪمن جا نالا هندڪا آهن ۽ پوين جا مسلمانڪا، جنهن مان ظاهر آهي ته هو پهريائين بت پرست هئا ۽ پوءِ اسلام ۾ داخل ٿيا.

(25) اها خاطري آهي ته سما، راجپوت هئا ڪڇ جا جاڙيجا اڃا تائين پنهنجو نسل راجپوتن مان ڇڪائيندا آهن.

(26) همايون جي هيءَ ڀاڄ، مشرق جي تاريخ ۾ مشهور آهي. اڪبر انهيءَ دوران ۾ عجيب حالتن هيٺ عمرڪوٽ ۾ (جو اوڀر سنڌ جو هڪ ريگستاني قلعو آهي) ڄائو هو.

(27) هتان جو هي پهريون حاڪم آهي، جنهن عرب ۽ پورچوگيز سپاهي پنهنجي لشڪر ۾ ڀرتي ڪيا هئا. هن جي يورپي لشڪر، سندس غير حاضريءَ ۾، ٺٽي کي باهه ڏئي ڦريو هو. جاني بيگ پڻ ٻن سؤ ديسي سپاهين کي يورپي وردي پارائي هئي. تنهنڪري چئبو ته هندستان جا پهريان پهريان ”سپاهي“ اهي هئا.

(28) هو بلوچ نه هو، جيئن عام طرح چيو وڃي ٿو. اڳتي جو ڏيکاريو ويندو ته ڪلهوڙي خاندان جي دعوا هئي ته هو عربي نسل جا بلڪ رسول اڪرم ﷺ جن جي اولاد مان آهن، اها دعوا ان ڪري قبول ڪئي وئي هئي، جو انهن کي تلوار ۽ مذهب جي ٽيڪ هئي.

(29) هو سڌوزئي قبيلي جو هڪ معتبر افغان هو. هن تي نادر تمام مهربان هوندو هو ۽ کيس پنهنجي درٻار ۾ هڪ وڏو عهدو عطا ڪيو هئائين. ڪنهن وهم جي ڪري هن پنهنجي ذات ابداليءَ مان ڦيرائي دراني ڪئي هئي. انهي وقت کان وٺي هو انهيءَ نالي سان سڏبا ايندا آهن.

(30) 1758ع ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا ڪارخانا، ٺٽي ۽ شاهه بندر ۾ وڌا ويا هئا.

(31) جڏهن هو ڪڇ جي راجپوتن سان لڙائي ۾ ناڪامياب ٿيو ، تڏهن سنڌ ۾ موٽي اچي سنڌونديءَ جي اڀرندي واريءَ شاخ تي هڪ بند ٻڌرايائين، جنهن جي ڪري دشمن جو ملڪ مٺي پاڻيءَ کان محروم ٿي ويو. جا ايراضي ڪنهن وقت سرسبز ساريالو ملڪ هئي، سا هاڻي هڪ بيڪار ڪلراٺو رڻ آهي.

(32) سنڌ ۾ بلوچ پنهنجيءَ همت ۽ بهادريءَ ڪري اوج کي رسيا. ارڙهينءَ صديءَ ۾، نادر شاهه سنڌ فتح ڪئي تنهن کان ٿورو اڳ، بلوچن جي سردار، مير شهداد، پنهنجي چاچي، مير صوبدار سان اڻبڻت هئڻ ڪري ٽڪر مان لڏي اچي ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ نوڪري ڪئي ۽ سنڌ جي درٻار ۾ وڏو عهدو حاصل ڪيائين. هن 1747ع ۾ وفات ڪئي ۽ پٺيان چار پٽ ڇڏيائين. هن کان پوءِ سندس ٽيون پٽ، مير بهرام، قوم جو سردار ٿيو. هن ڪلهوڙن جي برخلاف رعيت جي بغاوت ۾ چڱو بهرو ورتو ۽ آخر ميان سرفراز جي ڪيني جو شڪار ٿيو.

(33) تيمور شاهه، عبدالنبيءَ جي مدد لاءِ ٻه فوجون مدد خان ۽ احمد خان جي هٿ هيٺ موڪليون، پر هو ناڪامياب ٿيا. تنهن کان پوءِ، هن کي ليئا جي حڪومت عطا ڪيائين. ڪلهوڙي پنهنجي پراڻيءَ عادت مطابق سڀ احسان وساري، پنهنجي جبري محسن جي خلاف بغاوت ۽ سرڪشي ڪئي. آخر تمام مقيم حالت ۽ ناتوانائي جي حالت ۾ ديري غازي خان ۾ وفات ڪيائين.

(34) وڏي زندهه ڀاءُ کي اڌ حصو وراثت ۾ مليو ۽ ٻين کي چوٿون حصو.

(35) تيرهن لک رپيا سال ۾، شاهه شجاع جڏهن وڃايل تخت هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، تڏهن ميرن سندس مدد ڪا نه ڪئي هئي ۽ تنهن کان سواءِ هن جيڪو ڏن 1805ع ۾ ميرن تي ٻڌو هو، تنهن جي بقايا به هنن ادا ڪا نه ڪئي هئي. انهن ڳالهين لاءِ شاهه شجاع 1833ع ۾ ميرن جي گوشمالي ڪئي. مير 1839ع تائين گس گساءُ ڪندا رهيا. ان وقت شاهه شجاع سموري بقايا جي عيوض ٽيويهه لک رپيا نقد وٺڻ قبول ڪيا ۽ آئيندي ڏن معاف ڪرڻ جو وعدو ڪيو.

(36) ميرپور وارو مير شير محمد، کليو کلايو ۽ بنان ڊپ جي پنهنجي مخالفت جو اظهار ڪندو رهيو. ميرن کي سندن ٻٽي پاليسي لاءِ گهڻو ڏوهه نٿو ڏيئي سگهجي. انهن مان هر هڪ، انگريز سرڪار کي خوش ڪرڻ لاءِ منتظر هو. پر هنن کي ڊپ هو ته بلوچ قومون نه بگڙي وڃن ۽ افغان قومون نه سندن خلاف ٿي پون. تنهن کان سواءِ، هو ان ڳالهه لاءِ به تيار نه هئا ته ڪو شاهه شجاع کي اهڙو زور وٺائجي جو هو اٽلو کين هيسائي سگهي.

(37) ٻين ڳالهين سان گڏ هنن تي اها به تهمت هئي ته هنن ايران جي بادشاهه سان سازش ڪئي آهي. اهڙو هڪ خط پڻ هٿ آيو هو، جنهن مان انهيءَ تهمت جي ڪجهه تصديق ٿي پئي.

(38) مير نور محمد، نصير خان ۽ مير محمد، مير صوبدار کي انهيءَ تهمت کان آجو ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هو منڍ کان وٺي انگريزن جو طرفدار ۽ حامي هو.

(39) سر اليگزئنڊر برنس، خيرپور جي ميرن سان ساڳئي قسم جو عهدنامو ڪيو هو. جيتوڻيڪ ان ۾ خراج جو شرط ڪو نه هو. ميرپور جي مير شير محمد کي به سندس حيدرآبادي ڀائرن جهڙا شرط ڏنا ويا هئا. هڪ وڌيڪ شرط هي هو ته هو پنج هزار پائونڊ سال ۾ ڏيندو.

(40) پهريون، مير رستم جو ٽيون پٽ مير علي مردان، ٻيو، مير رستم جا باقي پٽ جن کي سندس فوتي ڀاءُ مير مبارڪ جي وڏي پٽ، نصير خان جي ٽيڪ هئي، ٽيون، مير رستم جو ننڍو ڀاءُ عليمراد

(41) هنن کي شڪار گاهن جي ڪري (جي درياهه جي ٻنهي ڪنارن سان لڳو لڳ آهن) شهرن کان وڌيڪ زمين جو خيال هو.

(42) ان ۾ راڻيءَ جي 22 پيادل پلٽڻ (Her majisty’s) (22nd foot) جا ٻه سؤ ڄڻا اٺن تي، هڪ سؤ غير رسمي گهوڙيسوار (Irregular Horse) ۽ ٻه توبون هيون.

(43) هن عاليشان مقابلي، ۽ مياڻيءَ ۽ دٻي جي شاندار لڙاين بابت، ميجر آئوٽرام ۽ سر چارلس نيپئر جون سرڪاري روبڪاريون مڪمل احوال ڏين ٿيون. ڏسو ڪئپٽن پوسٽنس جي ڪتاب ” سنڌ تي ذاتي رايا“ (Personal Observations on Sind) جو ضميمو.

(44) اهي ٻه حاڪم جي انگريزن جا طرفدار هئا سي به ميرن جي خاندان جي تباهيءَ جو شڪار ٿي ويا.

 

باب ٻيون

(1) عجب جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي ماڻهن وٽ سنڌونديءَ لاءِ ڪو خاص نالو نه آهي، هو عام طرح سنڌونديءَ کي مٺو درياهه جي نالي سان سڏيندا آهن،  تنهنڪري هو جڏهن ڪنهن واهه ڏي اشارو ڪري چوندا آهن، ته اڳي درياهه هتان وهندو هو، تڏهن غلطي ڪو نه ڪندا آهن.

(2) اهو نالو بندر تي شايد ان ڪري پيو، جو ان ۾ هندن جو هڪ وڏو مندر هوندو هو، جو پري کان نظر ايندو هو. اسان کي پڪ آهي ته هاڻوڪو ٺٽو، ديبل جي جاءِ تي ٺهيل آهي. عرب ۽ ايراني، ٺٽي کي ديبل جي نالي سان سڏيندا هئا. اڃا تائين، ٺٽي جي ٺهيل شال، ”شال ديبلي“ جي نالي سان سڏبي آهي.

(3) ترجمو، صفحو 102، ڊاڪٽر لي بکر کي سنڌونديءَ جو ڦاٽ بگهاڙ ڪري سمجهيو آهي. ابن بطوطه ۾، فقط صورتخطيءَ جي ڀل آهي. هو بکر جي بدران ’بڪر‘ لکي ٿو، جو عربي جو لفظ آهي ۽ معنيٰ اٿس پرڀات.

هت اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته چيني ڪتاب، “ Ltinerary of Hiunan Tsang” (هيونئن سئنگ جي سفرنامي) ۾ سنڌ جو صحيح ۽ مستند احوال ڏنل آهي. مان اها ڳالهه ان ڪري ٿو دهرايان جو Bengal Artillery (بنگال جي توبخاني) جي Maj. W. Anderson (ميجر. ڊبليو. ائنڊرسن) ڊسمبر 1847ع جي Journal of the Bengal Asiatic Society بنگال ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي مخزن) ۾، “ An Attempt to Identify the Places mentioned in the Itinerary of Hiunan Tsang” هيونئن سئنگ جي سفرنامي ۾، جن شهرن جا نالا آهن، تن جي ڳولا جي عنوان سان جو لکيو آهي، تنهن ۾ هن شڪ ڏيکاريو آهي ته اهو سفرنامو جهونون ۽ ڪارائتو نه آهي؟

هيونئن سئنگ، اسان جي ستين صديءَ ۾ سفر ڪيو هو، جنهن جي اوائلي ۾ ڏيهي واقعي نگارن جي مطابق، برهمڻ چچ، راءُ سهاسي ٻئي جي مرڻ کان پوءِ تخت تي قبضو ڄمائي ويٺو. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته ”چوئو-تو-لو“ مان چينائي سياح جو مطلب آهي، راجپوتن جي چتور قوم. ”تحفة الڪرام“ جو مصنف خاص طرح لکي ٿو ته ”راڻو مهرت چتوري، پنهنجي مائٽ جي مرڻ کان پوءِ، حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ چچ سان دوبدو وڙهندي، ان جي هٿان مارجي ويو.

سنڌ جون حدون جي هيونئن سئنگ ڏنيون آهن، سي انهن حدن سان ملن ٿيون جي روايت مطابق عربن جي ڪاهه وقت هيون. مڪاني مورخن جي راءِ مطابق، راءُ گهراڻي جي حاڪمن جي ڏينهن ۾، سنڌ جي اتر ۾ قنڌار ۽ سيستان هئا، ڏکڻ ۾ سورت جو بندر، اولهه ڏانهن مڪران ۽ اوڀر ڏانهن ڪشمير. ڪشمير مان ان نالي جو هاڻوڪو صوبو نه سمجهڻ کپي.

مان چيني ٻوليءَ مان واقف نه آهيان، تنهنڪري چئي نٿو سگهان ته ”پي-ٽچيو-فو-پو-لو“ جي منجهيل لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟ راءُ گهراڻي جي حاڪمن جي گاديءَ جو هنڌ الور يا اروڙ هو.

(4) نومبر کان اپريل يا گهڻي ۾ گهڻو مئي تائين، کامڙيا سخت گرميءَ ۾ ڪم ڪو نه ٿي ڪري سگهيا.

(5) رپيي جا اٽڪل ٻارهن نمونا هئا.

(6) ”واهه“ سرڪاري کوٽايل وڏيءَ نهر کي چوندا آهن. ”ڪڙيو“ يا ”ڪسي“ ننڍي نالي آهي، جا آبادگار پاڻ کوٽائيندو آهي.

(7) ماپ لاءِ هڪ ڪاٺي ڪم آڻيندا هئا، جنهن جي ڊيگهه ڪاغذ جي وال سان مقرر ڪئي ويندي هئي.

(8) ”بيگر“ جو رواج گهڻو ڪري سري تائين محدود هو.

(9) مثلاً، اولهه کان ڏکڻ (يا سکر کان سمنڊ تائين) ۽ درياهه کان پاسيرو اندر وارن علائقن تائين.

(10) ٻن زبردست بلوچ قومن جا نالا، جن مان گهڻا سنڌ ۾ وڏا زميندار آهن. جاگيردار اڪثر بندوبست ڪري واهن يا وڏن ڦاٽن جي منهن تي زمين وٺندا هئا ۽ پڇڙيءَ واري زمين سرڪار جي بدنصيب رعيت کي پلئه پوندي هئي. اهڙيءَ طرح آبڪاڻيءَ ۾ رعيت جي پاڻيءَ جو مدار جاگيردارن جي رحم ۽ ڪرم تي هوندو هو.

(11) ڇاٻ فقط تڏهن ڏيندا آهن، جڏهن پاڻي لهڻ شروع ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته موسم جي آباديءَ جو مدار پاڻيءَ جي مُد تي هوندو آهي ۽ نه ماپ تي.

(12) هن معاملي ۾ گهڻي سون خرچ ٿيڻ جو خطرو نه آهي. اسان جو خرچ ٿيل سون قافلن رستي وري موٽي ايندو.

(13) اٽڪل هڪ سؤ پنجاهه چورس فوٽ.

(14) ربيع، بسنت جو ۽ خريف، سرءُ جو فصل آهي. هندستان وانگر ربيع سرءُ جي ٽن مهينن ۾ ماڪ ۽ ٿڌڙين راتن جي مدد سان، پوکبي آهي ۽ بهار ۾ لڻبي آهي. خريف جو وقت آرهڙ آهي. ان کي درياهه جي اٿل جو پاڻي ملندو آهي. لاب سرءُ ۾ پاڻي لهڻ کان پوءِ ٿيندو آهي.

(15) زمين جا ٽي مکيه قسم آهن. هڪڙو سيلابي، جنهن کي اٿل جو پاڻي ملندو آهي، ٻيو چرخي آهي، جنهن کي نارن تي پاڻي ڏبو آهي ۽ ٽيون باراني، جنهن ۾ برسات پوندي آهي.

(16) ان جو ماپو. سنڌ ۾ خرار ۾ سٺ ڪاسا هوندا آهن(اٽڪل ساڍا اٺ سؤ پائونڊ).

(17) هرڪارو، جو اٽليءَ جي فتوري (Fittori) وانگر پنهنجو ڀڀ ڀري مالڪ جي ٻيڙي ٻوڙيندو آهي.

(18) ڏيهي حاڪمن جي ڏينهن ۾ خانه شماري انهيءَ طريقي سان ڪئي ويندي هئي. اسان کي نئين فتح ڪيل ملڪ ۾، آباديءَ جو تخمينو ڪرڻ، خاص ڪري شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏکيو لڳندو آهي. ان لاءِ ڪيترا سبب آهن: هڪڙو ته ماڻهو پنهنجن زالن جا نالا ڏيڻ پسند نه ڪندا آهن، ٻيو عام ماڻهو سرڪار جي نيت ۾ شڪ رکندا آهن. ٽيون ماڻهن ۾ خيال ويٺل آهي ته آباديءَ جو تخمينو ڪرڻ وڏائيءَ جي سمان آهي، جا قادر کي پسند نه آهي.

(19) اهڙين حالتن ۾ تحويلدار آزاد ملڪن جي پرواهه به نه ڪندا هئا، ماڻهو وڃي پناهه وٺندا هئا.

(20) اهي ڪاردارن ۽ ٻين جي حوالي هوندا هئا. ڏيهي حڪومتن ۾ ”اجاره“ اڪثر ظلم ۽ ستم جو ذريعو آهي، ۽ ”اماني“ غبن ۽ ٺڳيءَ جو. ماپ جي وٽ، سير ۾ سڀ کان زياده شرارت ڪرڻ جي سهوليت هوندي هئي.

(21) جزيه لفظ بدلائي’پيشڪش‘ ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته پيشڪش لفظ هندن لاءِ گهٽ اعتراض جوڳو هو. خود ميرن جي اها مرضي هئي ته اسان جيڪو ڏنڊ انگريزن جي حڪومت کي ڏيون ٿا، سو خراج نه، پر ڇانوڻيءَ جو خرچ سڏجي. بلوچ قومي سردار، هندن کان پناهه ڏيڻ جي عيوض پيشڪش وٺندا هئا. انهن مان جڏهن ڪو شادي ڪندو هو، يا رنڙ  زال سان وهانوءُ ڪندو هو، ته هو سردار کي پنج سؤ رپيا ڏيندو هو. سردار جي گهر ۾ جيڪڏهن ڪو مڱڻو يا شادي يا اهڙو ٻيو موقعو  ٿيندو هو ته هندن کان ماني ۽ شادماني وغيره لاءِ ڍل وصول ڪندا هئا.

(22) ڊاڪٽر برنس ۽ ٻيا سياح، جي پهرين ميرن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيا هئا، سي هنن جي تعصب جون ڪيتريون ڳاليهون ڪن ٿا، پر هنن جي پوئين ۾ هندن جي مدد کان سواءِ پنهنجي ڪاروبار هلائڻ جي قابليت ڪا نه هئي، تنهنڪري هو تعصب ڪو نه رکندا هئا.

(23) اهو کوهن جو عام نالو آهي. کوهن جا نمونا هي آهن: پهريون نار، وڏو يا ٻٽو کوهه، ٻيو هرلو، ننڍو کوهه، ٽيون پيراڻي يا پيرن سان هلائڻ وارو کوهه.

(24) سنڌ ۾ غريب ماڻهو پاڻيءَ جي ڪيترين ٻوٽين جا ٻج، گل ۽ ٻيا حصا کائيندا هئا.

(25) گاهه ۽ ڀاڄيون جي شهرن ۾ وڪري لاءِ اينديون هيون، انهن تي ڍل ڪا نه پوندي هئي پر دروازي تي بيٺل سپاهي، دربانن لاءِ انهن مان چُنگي ڪڍندا هئا.

(26) ڪاغذ جون ڊگهيون فتيلون جي منشي روينيو جي حساب ڪتاب ۽ ٻيءَ سرڪاري لکپڙهه لاءِ ڪم آڻيندا هئا، سي جيڪڏهن وڏيون هونديون هيون ته انهن کي ”خَسرا“ ۽ جي ننڍيون هونديون هيون ته ”بنديون“ سڏبو هو.

(27) مسلمانن تي آزمائش جي رستي مقدمي هلائڻ جي منع آهي، پر تنهن هوندي به ان جو سموريءَ اسلامي دنيا ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ رواج آهي. سنڌ ۾ ان کي ”تورو“ چوندا آهن. ان جا گهڻائي قسم آهن، جن مان ڪي مکيه هت ڏجن ٿا: پهريون، ست فوٽ ڊگهي ۽ ان جي اڌ جيتري ويڪري چَري يا کڏ کوٽي ٻرندڙ ٽانڊن سان ڀري، ملزم جي پيرن کي پن ٻڌي چوندا اٿس ته ان مان آهستي آهستي لنگهي وڃي.

ٻيو، ڪوڏر يا چنجور تپائي ڳاڙهو ڪري، ملزم جي هٿن کي تازا پن ٻڌي چوندا آهن ته اهو کڻي ست قدم هلي.

ٽيون، پئسو يا ٻيو ٽامي جو سِڪو وڏي ديڳڙي ۾ وجهي، تازي ڇيڻي سان ڀري، گرم ڪندا آهن، جيستائين وڃي اهو ٽهڪي. پوءِ جوابدار ان مان هٿ وجهي سڪو ڪڍندو آهي.

چوٿون، اونهي پاڻيءَ ۾ لَڪڙو کوڙي، جوابدار ٽٻي هڻي، لَڪڙو جهلي ويهندو آهي، جيستائين هڪ سگهارو ماڻهو تير ڇوڙي ۽ وري واپس کڻي اچي.

هڪڙي مضبوط ۽ پختي ارادي جي شرارتي ماڻهوءَ لاءِ انهن مان ڪا به آزمائش ڏکي نه آهي. تعجب آهي. ته هن شعبده بازي جو رواج ساريءَ دنيا ۾ آهي. ماڻهو طبعي ڳالهين جي سلجهائڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ آسماني ۽ غيبي سبب ڳوليندا آهن.

باب ٽيون

 

(1) اها پٻ جبلن ۾ آهي. عام چوڻي آهي ته ڪو به اُٺ قبر جي ويجهو ڪو نه وڃي سگهندو آهي. مائيءَ (سسئيءَ) کان اڃان اهو ڪو نه وسريو آهي ته سندس مڙس کي اهي جانور (اُٺ) کڻي ويا هئا. چون ٿا ته انهيءَ مقدس جڳهه جي زيارت روح کي راحت بخشي ٿي. ڪيترن معتقد مؤمن لاءِ قبر مان هٿ نڪتو آهي ۽ کين کير ۽ ماني مليا آهن. انهن قصن ۾ ماڻهن جو اهڙو ته اعتقاد آهي، جو سنڌ جي تاريخي ڪتابن ۾ به انهن جو ذڪر آيل آهي. وري تعجب آهي ته حَسين عورت مردن کي، ۽ سندس جوان مڙس وري عورتن کي، نظر ايندو آهي. پر، مان سمجهان ٿو ته اها خوابن جي دنيا آهي.

(2) انهن مان ڪيترن قصن جو ايندڙ باب ۾ ترجمو يا اختصار ڏنل آهي.

(3) بلوچي زبان، نحو ۽ بناوت ۾ ايراني، ۽ نه هندستاني زبان سان مشابهت رکي ٿي.

(4)آنجهاني سر. اي. برنس. ٻوليءَ جو اڀياس ڪيو هو، پر ان تي ڪو مضمون ڪو نه لکيو هئائين. بمبئيءَ جي انجنيري کاتي جي ليفٽيننٽ. آر. ايڇ، بلوچي ٻوليءَ جو هڪ مختصر ڪتاب ڇپايو هو. پر اهو تمام ننڍو آهي ۽ منجهس گهڻي ڪارگر معلومات ڪا نه آهي.

(5) مثلاً فارسيءَ ۾ ”ماديان“ يعني گهوڙيءَ جو لفظ، جو ماده يعني ماديءَ مان نڪتل آهي، اڃا موجود آهي. پر بلوچي ٻولي ثابت ڪري ٿي ته فارسيءَ مان ”ناريان“ يعني گهوڙي جي لفظ، جو نر مان نڪتل آهي، سو گم ٿي ويو آهي.

(6) ڄاٽڪو لفظ جو مغز (تارون) مان نڪتل ’ٽ‘ ۽ سنڌي اکر ’ڄ‘ سان لکبو آهي، سو جت لفظ جي صفت آهي جو شايد پنجاب جي اصلوڪن ۽ رهاڪن جو نالو آهي. ”داستان“ جو مصنف ”جت ٻولي“ جو لفظ انهي ٻوليءَ سان لاڳو ڪري ٿو، جنهن ۾ نانڪ شاهه جو ڪلام چيل آهي.

ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي بمبئيءَ واري شاخ (Bombay Branch of the Asiatic Society) جي 1849ع جي رسالي ۾ جاٽڪي ٻوليءَ جو وياڪرڻ ڏنل آهي. وڌيڪ معلومات لاءِ پڙهندڙن کي اهو مضمون ڏسڻ کپي.

(7) ڪو به هندستاني صرف و نحو جو ڪتاب ڏسبو ته خبر پوندي ته نستعليق ۽ نسخ اکرن ۾ ڪهڙو تفاوت آهي. گرمکيءَ لاءِ ڪئري (Carey) يا ليچ (Leech)  جا وياڪرڻ ڏسڻ کپن. ليچ جي ڪتاب ۾ لاندي ٻوليءَ (Land) جا اکر به ڏنل آهن. بمبئيءَ جي لشڪر جي ڪئپٽن اسٽئڪ (Captain Stack of the Bombay Army) جي ڇپايل سنڌي گرامر ۾ اُچڪي ۽ ٻين مڪاني زبانن جي آئيويٽا ڏنل آهي.

ريورڊ ڊاڪٽر اسٽيونسن (Rev: Dr: Stvenson) جو خيال آهي ته سنڌي انگن جي نالن جي پهرين اکرن ۽ انگن جي نشانين ۾ جا مشابهت آهي، تنهن مان ائين چوڻ واجب ٿيندو ته حساب ڪتاب جو طريقو، جو هن وقت دنيا ۾  چالو آهي، سو سنڌونديءَ جي ڪناري تي واپارين جي ڪوٺين مان شروع ٿيو. پر منهنجي خيال موجب سنڌ کي اها عزت بخشڻ ڏکي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي اکر خود جديد آهن. اهو فخر فقط هندستان کي حاصل آهي، جو مشرقي قومن ۾ وڏي ۾ وڏو حسابدان آهي.

(8) هن نالي ۾ هندو خواهه مسلمان اچي وڃن ٿا. ذڪر منشين ۽ ٻين تعليم يافته ماڻهن جو ڪجي ٿو، جي فارسي علم پرائڻ يا نوڪريءَ لاءِ سکندا هئا. شاهي گهراڻي وارا ۽ درٻاري، جي گاديءَ جي شهر ۾ رهندا هئا، تن کي اها سهوليت هوندي هئي، جو هو فارسي، ايراني استادن کان سکي سگهندا هئا.

(9) عربيءَ ۾ زبر جو لفظ فقط هڪڙو ئي اچار آهي. لفظ جي پوين اکرن جو ان اُچار تي ڪو به اثر ڪو نه پوندو آهي.

(10) تعجب آهي ته اهڙا غلط محاورا اسان جي گرامر ۾ به داخل ٿي چڪا آهن. مثال لاءِ ڏسو ڊبليو. سي . سمٿ (W. C. Smyth)  جي سڌاريل ڪتاب ”فارسي منشي“ ( Persian Moonshee) جو ٻيو ڇاپو.

(11) هي ڪتاب هندستاني فارسيءَ جو هڪ چڱو نمونو آهي. اهو هڪ هندستانيءَ جو لکيل آهي ۽ منجهنس ٽوٽڪا ڏنل آهن. شيراز ۾ جيڪر ماڻهو انهيءَ ڪتاب کي نفرت سان ڏسن، پر هت ڏاڍو پسند آهي. منهنجو هيءُ رايو فقط ڪتاب جي طرز سان تعلق رکي ٿو. ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي، تنهنڪري انگريزئي مطالعو ڪري فيصلو ڪري سگهن ٿا ته ڪتاب جي مضمون ۾ ڪو ٽپڙ آهي يا نه.

(12) ”بهار دانش“ نسبت جو ڪجهه چيو ويو آهي، سو هن مشهور ڪتاب سان به لاڳو ٿي سگهي ٿو.

(13) فارسي ڪتاب، جي سنڌ ۾ لکيا ويا آهن، تن ۾ صورتخطي جي غلطين کان سواءِ نقل جون چڪون به آهن. نتيجو اهو آهي جو تمام خبرداريءَ سان لکيل ڪتاب جي هر هڪ صفحي ۾ پڻ سراسري پنج يا ڇهه چڪون نظر اينديون. انهن مان ڪيتريون چڪون ته تمام قابل منشين جي به سمجهه ۾ نه اينديون.

(14) سنڌي ٻولي ڪم از ڪم گجراتيءَ جيتري جهوني آهي، جا اٺين صديءَ ۾ جڏهن پارسي لڏي اچي هندستان ۾ گهر ڪري ويٺا، تڏهن به ڳالهائي ويندي هئي.

(15) ٿورا ورهيه ٿيا ته مشهور مشرقي عالم، ميجر جنرل وانس ڪينيڊي (Maj. Gen. Vans Kennedy) کي چيو ويو هو ته سنڌي زبان بنسبت پنهنجو رايو ڏي. هن جواب ڏنو ته مون ته اهڙيءَ ٻوليءَ جو نالو ئي ڪو نه ٻڌو آهي.

هن وقت کان وٺي سنڌي ٻولي بنسبت عالمن ۾ ٻه رايا آهن. پهريون ۽ وڌيڪ عام رايو هيءُ آهي ته سنڌي هندستانيءَ جي اڻ لکيل ۽ بگڙيل صورت آهي. ٻيو رايو آهي ته سنڌي سنسڪرت مان نڪتل صرف ۽ نحو جي اصولن تي ٻڌل، پُر الفاظ ۽ ڪهني زبان آهي. پر ان ۾ تمام ٿورو ڪلام آهي ۽ پوري پرورش ڪا نه ٿيل اٿس.

1846ع ۾ ڇپيل گجراتي لغت جو مصنف لکي ٿو ته ڪڇ جي صوبي ۾ سواءِ گجراتيءَ جي ٻي لکيل زبان ڪا نه آهي.

(16) هيءَ ڳالهه مڪاني ماڻهن جي ڏنل خبرن تي ٻڌل آهي. مون ڍيڍ ذات جي ماڻهن جي پوٿين هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڪامياب ڪو نه ٿيس.

(17) اهي ننڍا حرف علت اهڙا تڪڙا اچاربا آهن جو اول ته اها به خبر نه پوندي آهي ته اهڙيون ڪي نشانيون آهن يا نه ۽ نه وري اهو پتو پوندو  آهي ته جدا جدا حرفن جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي. بهرحال انهن تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، نه ته زبان جو آواز ئي بدلجي ويندو ۽ حالت ۽ عدد جو تفاوت ڪو نه رهندو.

(18) انهيءَ حالت ۾ پٺيان حذف جي ضرورت ٿيندي آهي. سنڌي شعر ۽ باوزن نثر ۾، اهو ناموافق ضميمو ڪيرائي سگهيو آهي. مثلاً ”وکر (جون) ويهون“ يعني ويهين شيون، مهراڏيءَ (جو) پٽ وغيره

(19) سنڌي مضمون اڪثر نسخي اکرن ۾ لکيا ويندا آهن ۽ اڳيان عربيءَ ۾ تمهيد هوندي اٿن ۽ دين اسلام جي اصول مطابق، الله جي نالي يعني ”بسم الله“ سان شروع ٿيندا آهن. جيڪڏهن ڪو هندو  اُهي پڙهندو آهي ته هن جو زوريءَ طهر ڪرايو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين جيتوڻيڪ سڀ هندو، سنڌي ڳالهائي ڄاڻن ٿا، پر سنڌي پڙهڻ نه ايندي اٿن. مان ڀانيان ٿو ته هنن وٽ سنڌيءَ ۾ ڪو لکيل ڪتاب به ڪو نه آهي، پر واپاري ۽ دڪاندار پنهنجو ليکو چوکو ۽ هنڊيون سنڌيءَ ۾ لکندا آهن، جنهن لاءِ هو هڪ خاص آئيويٽا ڪم آڻيندا آهن.

سنڌ جي هندن جي زبان هندستان جي هندن جي زبان وانگر مسلمانن جي زبان کان ڪجهه نرالي آهي. ان ۾ سنسڪرت جي زياده آميزش هوندي آهي ۽ عربي لفظ گهٽ هوندا آهن.

(20) اهڙا گهڻائي ڪتاب آهن. ڪي ته اهڙا آهن، جن مان عربي، فارسي، سنڌي، بلوچي ۽ پشتو سکي سگهجن ٿيون: چون ٿا ته ”قاموس“ ۽” برهان قاطع“ ۽ ٻين مشهور لغتن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ٿيل آهن. مون انهن ڪتابن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون کي دستياب ڪو نه ٿي سگهيا.

(21) تعجب آهي ته انهن ڪتابن ۾ ڪوڪا پنڊت جو مشهور، يا کڻي چئجي ته بدنام، ڪتاب به آهي. مشرق جي ساهت ۾ ”هتوپديش“ کان سواءِ ٻيو  ڪو به اهڙو ڪتاب نه آهي، جنهن جو ايترين مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿيل هجي. ڪوڪاپنڊت جي ڪتاب کي فارسي، هندستاني ۽ پنجابيءَ ۾ ”لذت النساءِ“ عربيءَ ۾ ”معرفت النيڪ“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”فرحت العاشقين“ چوندا آهن. اصل ڪتاب سنسڪرت ۾ شعر ۾ لکيل آهي. هندستان جي ديسي ٻولين جهڙوڪ مرهٽي، تلنگو وغيره ۾ ان جا ڪيترا ترجما آهن.

(22) يعني بيت، جن جي خصوصيت مثالن سان ايندڙ باب ۾ ڏيکاري ويندي.

(23) هڪ نظم جو قسم آهي، جو انهن ماڻهن کي پسند هوندو آهي، جيڪي معنيٰ کان وڌيڪ سُر جو خيال ڪندا آهن. مشهور شاعر شاهه عبداللطيف جي سرن جي تجنيس اهڙي ئي سهڻي ۽ ٺاهوڪي آهي، جهڙي اسان جي پراڻن ائنگلومئڪسن شاعرن جي هوندي هئي.

(24) رزمي نظم، جو عرب جي رَجزَ وانگر لڙائي جي وقت چئبو آهي، تنهن کي سنڌيءَ ۾ ”شعر“ سڏيندا آهن. اهو لڙائيءَ ۾ حملي وقت ميراثي ڳائيندا آهن، جي سردار سان همرڪاب هوندا آهن.

(25) جيڪڏهن شعر جو عجيب بحر ۽ وزن يورپين کي سمجهه ۾ اچي ته سُر کين خراب نه لڳندو.

(26) عربيءَ ۾ بيت جي معنيٰ آهي ٻن مصرعن وارو شعر، پر سنڌيءَ ۾ ٽن مصرعن کان مٿي واري شعر کي به بيت سڏيندا آهن.

 

باب چوٿون

 

(1) ”تارڪ“، جيڪو دنيا جا وهنوار ۽ عيش عشرتون ترڪ ڪري.

(2) هي عام اعتماد آهي. چون ٿا ته شاهه ڀٽائيءَ الف بي سکڻ لڳو. جڏهن الف چئي ٻئي اکر ب تي پهتو، تڏهن اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪيائين. چوي ته ”الڪافي“ آهي، ان کان ڪجهه وڌيڪ ڄاڻڻ حماقت آهي. پر سندس ڪلام مان ظاهر آهي ته هو عربي ۽ فارسي چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو. هن تمام اونهو اڀياس ڪيو ٿو ڏسجي ۽ کيس ديني علمن ۾ ڪمال حاصل هو. ڪي سنڌي قبول ڪن ٿا ته سندن محبوب شاعر، مٽيارين جي هڪ عالم عبدالباقيءَ وٽ پڙهيو هو.

(3) هو اڃا به ائين ئي آهن. شاهه ڀٽائيءَ جا فقير ڪارا يا نيرا پٽڪا ٻڌندا آهن ۽ طنبورو کڻي وليءَ (شاهه) جو ڪلام چوندا وتندا آهن. فقيرياڻيون ڏاڙهونءَ جي ڇوڏيءَ ۾ رڱيل رئو ۽ چولو پائينديون آهن.

(4) ڀٽ، مٽيارن جي ڀرسان هڪ جاءِ آهي. انهيءَ لفظ جي معنيٰ آهي دڙو. چون ٿا ته شاهه پنهنجن فقيرن ۽ مريدن کي حڪم ڪيو هو ته هت مٽي جو ايڏو دڙو ٺاهيو، جنهن تي هڪ ڳوٺ، خانقاه ۽ قبو اڏائي سگهجي. ان ڪري کيس عام طرح شاهه ڀٽائي چوندا آهن.

(5) مشهور آهي ته اها دولت ايمانداريءَ سان ڪا نه هٿ ڪئي وئي هئي. جڏهن عبدالنبي ڪلهوڙي جي زال يعني مائي ڄاما کي حيدرآباد ۾ گهيرو ڪيو ويو، تڏهن هن پنهنجو سمورو خزانو ڀٽ تي فقيرن وٽ امانت طور موڪليو. تنهن کان پوءِ جلد ئي ڪلهوڙن جي گهراڻي جو خاتمو ٿيو ۽ چون ٿا ته خزانو فقيرن کي ڦٻي ويو.

(6) ”شاهه“، سنڌ ۾ سيدن جو خطاب آهي. ستين باب ۾ هن مشهور ڪتاب جو ڪجهه احوال ڏنو ويندو.

(7) هتي کؤنڀڙيءَ وارو سڏيو ويو آهي. کؤنڀڙي، ميرپورخاص جي ڀرسان هڪ شهر آهي. هي ماڻهو لغاري بلوچ هو، جنهن کي مير محمد ٽالپر غريب حالت مان چاڙهي سردار ڪيو هو. هي اهو ساڳيو ماڻهو آهي جو مياڻيءَ جي لڙائيءَ کان ٿورا ڏينهن اڳ، پنهنجا ماڻهو وٺي، نصير خان جي دربار ۾ ويو هو، جتي سڀ مير گڏ ٿيا هئا. هڪ هٿ ۾ ترار، دستار ۽ مرداڻو وڳو ۽ ٻئي هٿ ۾ پڙو ۽ چولي، کڻي مير کي چيائين ته انهن ٻن مان جيڪو وڻئي سو پسند ڪر ۽ پوءِ اهو رستو اختيار ڪر. اهڙيءَ طرح بدبخت نصير خان کي لاچار سرچارلس نيپئر تي مياڻيءَ ۾ حملو ڪرڻو پيو. لڙائي ۾ جڏهن سردار ڏٺو ته هاڻي اسان جي هار ٿي ٿئي، تڏهن مير کي چيائين ته اجازت هجي ته چونڊ گهوڙيسوار وٺي وڃي انگريزن جي پٺيان ڪڙڪو ڪريان. نصير خان صحيح ڪري ويو ته هن جي من ۾ ڇا ٿو وهي. سو اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. تنهن کان پوءِ هو کليو کلايو ميدان ڇڏي ڀڄي ويو ۽ تيستائين ساهه نه پٽيائين، جيستائين ڳوٺ نه پهتو. هن جا هموطني اڃا تائين کيس لونبڙي يا کوٻلي سڏيندا آهن ۽ سندس نالو انهن ”سهڻن القابن“ کان سواءِ ورلي ورتو ويندو آهي.

(8) هي سراسر بهتان آهي. اهو واقعو هڪ اتفاقي گولو ڪرڻ جي ڪري ٿيو هو.

(9) مشرقي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا ته ”گانڊو“ لفظ ۾ ڪيڏي حقارت ڀريل آهي! مون کي انهيءَ ڪري مجال نه آهي ته مان ان جو صحيح ترجمو ڪيان، تنهنڪري مان ان کي بدمعاش جي معنيٰ ڏيان ٿو.

(10) شيخ بهاؤالدين زڪريا، وڏي پايي جو سهروردي صوفي هو. هو قريش خاندان مان هو. هن جو خاندان مڪي کان لڏي خوارزم ۽ اتان ملتان آيو هو. هو 578 هجري (1182ع) ۾ ڄائو هو ۽ 17 صفر 666هجري (1267) ۾ وفات ڪيائين. هو نهايت پرهيزگار ۽ متقي هو. هن جي مطالعي، سفر، حج، معجزن، صفتن ۽ صالح اولاد جو ڊگهو قصو آهي. جنهن جي هت اپٽار ڪرڻ جو ضرور نه آهي. اهو ”فرشتي“ جي تاريخ جي ٻئي جلد ۾ تفصيل سان ڏنل آهي.

(11) شايد ڪو ائين چوي ته هي وليءَ کي راضي ڪرڻ جو عجيب طريقو آهي. پر ماڻهن جو اعتماد آهي ته ولين جي قبرن کي وڏي طاقت آهي. ملتان جو سفر انهن ڏينهن ۾ اهڙو ڊگهو ۽ اڙانگو هوندو هو. جو مريدن کي به گهڻو ڏوهه نٿو ڏئي سگهجي.

يورپي ماڻهن کي شايد اها ڳالهه عجيب نظر اچي، پر اها حقيقت آهي ته اهڙا ٻيا مثال به آهن. ملتان جي ماڻهن مشهور مرشد، شمس تبريز، ۽ ان کان به وڌيڪ مشهور ”حافظ“  کي پنهنجي شهر ۾ پورڻ لاءِ ماريو هو. جيڪو ماڻهو بيوقوفيءَ کان ڪو معجزو  ڏيکاريندو آهي يا پرهيزگاريءَ جون نشانيون ظاهر ڪندو آهي ته افغان هزارا، کيس ماري پنهنجي ملڪ ۾ پوريندا آهن.

(12) جاهل صوفي سمجهندا آهن ته ڪنهن اولياءِ جي گوشت يا رت چکڻ ڪري هو خود ڪرامت جا صاحب ٿيندا.

(13) ساموئي لفظ ”سمن جي ڳوٺ“ مان نڪتل آهي، جو ٺٽي جي ڀرسان ڪينجهر ڍنڍ تي هڪ ڦٽل شهر آهي. ان کي عام طرح ”ساموئي (يا سمن) جو دڙو يا پڊ“ چوندا آهن.

ماموئيءَ جي معنيٰ آهي ”آدمخور“ يا ”راز فاش ڪندڙ“ ”هفت تن“ ۾ ستن ڌڙن ڏي اشارو آهي.

(14) تماچي، سمن جي خاندان جو ٽيون حاڪم هو. سمن جي قوم سنڌ تي ٻن صدين کان وڌيڪ راڄ ڪيو. تماچيءَ کي عيال سميت مغلن قيد ڪري دهليءَ ۾ رکيو هو.

(15) دهليءَ ۾ به هوبهو اهڙي ڏند ڪٿا مشهور آهي. چون ٿا ته پرٿوي راج، نانگ جي مٿي مان لوهه جو ڪِلو ڪڍيو ته پنهنجو تخت وڃايائين. سنڌ ۾ ڪن مسلمانن، سنسڪرت ڪتابن جي فارسي ترجمن مان هندن جي ڏندڪٿائن، مذهبن ۽ علومن جو اڀياس ڪيو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو مٿيون ٻه ڏندڪٿائون هڪٻئي سان مشابهت رکن ٿيون.

(16) ڪجهه سال ٿيا ته بمبئيءَ جي فوج جي ڪئپٽن ڊيل هوسٽ (Captain Del Hoste of the Bombay Army) بمبئيءَ جي جاگرافيڪل سوسائٽيءَ جي ڪارروائيTransactions of the Bombay Geographic Society انهن مان هڪڙو بيت نهايت اڻ صحيح صورت ۾ ڇپايو هو. مون هي بيت 1844ع ۾ ٻڌا هئا. مان سمجهان ٿو ته اها ڳالهه ممڪن آهي ته سنڌ جي فتح کان پوءِ ايترو جلد ڪي به سٺا ٺهيل بيت، اهڙيءَ طرح عام ماڻهن ۾ پکڙجي ۽ مقبول ٿي سگهن ٿا.

(17) اصل بيت هڪڙي عجيب دهقاني غير مهذب زبان ۾ لکيل آهن، تنهنڪري انهن جي لفظي ترجمي ڏيڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪئي ويندي. بيت انهيءَ صورت ۾ ڏنل آهن، جنهن جي صورت ۾ اهي عام ماڻهو پڙهندا آهن. پر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن مان ڪيترا بگڙيل آهن.

(18) مشرقي ڏندڪٿائن جي شائقن لاءِ اروڙ جي ٻنڌ جو سمورو قصو، ليفٽيننٽ پوسٽنس (Postons) جي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جي ترجمي ۾ ڏنل آهي.

(19)  اهڙيون اڳڪٿيون حافظي سبب، اسباب ۽ ڀيٽ جو يا عالمن جي اصطلاح ۾ قياس ۽  تقابل جو نتيجو آهن.

(20) درهم سنڌ ۾ هڪ تمام خسيس رقم کي چئبو آهي، ان جي قيمت اٽڪل چار آنا آهي.

(21) پنجابيءَ ۾ اها ئي هڪ پيشنگوئي آهي ته اها گهڻو ڪري هندو چوندا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته اها گرن جي لکيل آهي.

”ســتانــوي ســت ڇــڏئي، اٺــانـوي هـٽ تــاڙ،

نوانوي نر جاڳسي، پورو سؤ جئه جئڪار.“

هتي هندن جي سنبت ڏانهن اشارو آهي. سنبت 1897ع برابر آهي. 1841ع جي، جڏهن ميرن جو زور گهٽجڻ لڳو. ٻئي سال انهن جون مصيبتون شروع ٿيون. 1843ع ۾ هنن هار کاڌي ۽ پنهنجي بادشاهي وڃائي. 1900 سنبت مطابق 1844ع ۾ سر چارلس نيپئر اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ هن کان پوءِ بندوق جو ٺڪاءُ وري ڪونه ٻڌڻ ۾ ايندو.

(22) مطلب ته انهن ساڳيو ئي ڪم ڪيو جو برنيٽ چوي ٿو ته لليبر ليرو ڪيو هو.

(23) پيشنگوئي هئي ته ڀرتپور، سواءِ واگهوءَ يا سيسر جي ڪوئي به وٺي نه سگهندو. ڪنڀير مير جي معنيٰ آهي واگهن جو سردار. ڪنڀير مير مشابهت رکي ٿو ڪمبر ميئر سان. انهيءَ مشابهت جي ڪري قلعي وارن جي دل هارجي ويئي ۽ شڪست کاڌائون.

(24) منهنجو ننڍڙو نسخو اٽڪل ٽيهن صفحن جو آهي ۽ سهڻيءَ سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي مردود فارسيءَ ۾، لکيل آهي. جتي ڪي مشڪل اچار، بحر يا اصطلاح آهن، اتي رومن اکرن ۾ ترجمي سان بيت ڏنل آهن. مون انگريزيءَ ۾ لفظي ترجمي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن مان ڪي بيت مشهور سگهڙن، جهڙوڪ مير بهار ۽ ٻين جي ڪلام مان ڏنل آهن.

(25) ڀنڀور جو ڦٽل شهر، لاڙ ۾، وٽيجيءَ کان گهاري ويندڙ رستي ان جي سڄي پاسي وارياسي پٽ ۾ هڪ ٽڪريءَ تي آهي. چون ٿا ته شهر اصل سخت پٽ تي ٺهيل هو ۽ حاڪمن جي ڪڌن ڪرتوتن ڪري، خدائي قهر نازل ٿيس ۽ هڪ رات ۾ چٽ ٿي ويو. کنڊر ڏيکارين ٿا ته ڪنهن وقت اهو شهر آسودو ۽ وسندڙ هوندو. هاڻي به برسات کان پوءِ ماڻهو سِڪا، زيور ۽ ڌاتوءَ جي برتنن جا ڀڳل ٽڪر لڀندا آهن.

(26) يعني ”پنهنجو گهر“

(27) سرهاڻ يا عطر جا قسم.

(28) هي ڳنڍيل ضمير جو قسم آهي، جو هتي ڀڳل صورت ۾ ڪم آندل آهي، انهيءَ جي ڪري معنيٰ وڌيڪ زوردار ٿيندي آهي.

(29) ٻاٻيهي جو تفسير آهي. اهڙيءَ طرح پنهون کي پيار مان پنهل چوندا آهن.

(30) هندن کي انهيءَ پکيءَ جو آواز اهڙو مٺو لڳندو آهي، جهڙو ايرانين ۽ يوروپي لوڪن کي بلبل يا هزار دستان جو. مون کي ان جو آواز تيز يا مايوس ڪندڙ لڳندو آهي. پر شايد مان اهڙي وقت ۽ محبت ۾ ڪو نه ٻڌو آهي، جو خاص طرح يادگيري ڏيارائي. پنڊت ان جو آواز ٻڌي گد گد ٿيندا آهن ۽ گيتا جا ڀڄن ۽ شلوڪ ڳائيندا آهن.

(31) هي ڏسڻ سان عاشق ٿيڻ جو نه، پر پرپٺ نالو ٻڌي عاشق ٿيڻ جو مثال آهي. مشرقي انهيءَ نموني ۾ عاشق ٿيڻ جو خاص ذڪر ڪندا آهن. عرب چوندا آهن:

”والاذن قبل العين تعشق“

”اک کان اڳ ڪن عاشق ٿيندا آهن“ ايراني وري اڪثر هن بيت جو حوالو ڏيندا آهن:

”عشق فقط اک ۾ پيدا نه ٿيندو آهي، پر اڪثر ڪنهن مان به پيدا ٿيندو آهي.“

مشرق ۾ ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ قصا ٻڌبا آهن، جن ۾ مثال ڏنل آهن ته ماڻهو معشوق جو نالو ٻڌندي ئي عاشق ٿي پيا هئا. روز مرهه جي زندگيءَ ۾ به بعضي بعضي اهڙا واقعا نظر ايندا آهن، انهيءَ کان سواءِ اهو به ياد رکڻ کپي ته هنن بيتن کي روحاني يا اندروني معنيٰ به آهي. انهن کي نه فقط لفظي معنيٰ آهي، پر تمثيلي معنيٰ به اٿن. هڪ سنڌيءَ جي نظر ۾ پنهون مان مطلب آهي ابدي شعلو، جيڪو انسان جي سيني ۾ آهي ۽ جو ڪنهن خاص اثر هيٺ ڀڙڪي اٿي ٿو ۽ جيستائين اصلي نُور جي سرچشمي ۾ ملي جذب نٿو ٿي وڃي، تيستائين تڙپندو رهي ٿو. اهڙيءَ طرح بلوچ هڪ زائر آهي، جو دنيا ۽ ان جا ڌنڌا، خوشي ۽ غم ڇڏي ابد ڏانهن هلي ٿو. قديم يوناني ساهت جي پاٺڪن کي حڪمتدان ديوي، بوئيٿيس جي تقرير ياد ايندي، جنهن ۾ آرفيس ۽ بوريدائيس جي ڪهاڻيءَ مان اهڙي قسم جي اخلاقي نصيحت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

(32) معنيٰ اٿس دوستاڻي صحبت ۽ سنگت جو مزو، دوستاڻي مجلس ۾ راڳ جهڙو به هجي ضروري آهي.

(33) اشارو آهي سوڻ يا سڳن ڏي ۽ جنهن جي معنيٰ آهي پکين ۽ جانورن جي وضع، آواز، اڏامڻ ۽ ٻين ڳالهين مان پيشنگوئي ڪرڻ.

(34)  اهو رواج انهن سڀني ملڪن ۾ اڃا آهي، پر نيپلس ۽ جنوبي يورپ کان ڪنهن به صورت ۾ وڌيڪ عام نه آهي.

(35) ”اکين سان“ - ايراني چون ”بچشم“  يعني تنهنجو حڪم اکين تي آهي. اک انسان جو سڀ کان زياده نازڪ عضوو آهي.

پڙهندڙن کي ائين نه سمجهڻ کپي ته شاعر شعر جي قانونن جي خلاف ڪافي ۽ موزون سببن کان سواءِ معجزو يا ڪرامت ڏيکاري آهي. اهو واقعو سڄڻ جي ڦلهڙائيءَ جي مقابلي ۾ سسئي جو ست ڏيکارڻ ۽ ڌڻيءَ جي درگاهه ۾، جو دعا جو اثر ٿئي ٿو، سو ثابت ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو آهي.

(36) ڀنڀور جي ماڻهن تي پنهنجي دولت ۽ اثر جو رعب ويهارڻ لاءِ.

(37) مطلب اٿس ته تون ڪهڙو پکي آهين، يعني ڪو وڏو ڌاڙيل آهين يا معمولي چور؟ وڏيءَ مائيءَ ڏٺو ته پنهون بلوچ هو، تنهنڪري هن سان انهيءَ نموني ۾ ڳالهايائين پئي.

(38) مشهور آهي ته هن ملڪ ۾ انهيءَ طبقي جا مرد، رهزن آهن ۽ زالون چالاڪ.

(39) لفظي معنيٰ اٿس ”پنهنجي کڏ ۾“ آڏاڻو. جنهن کي فارسيءَ ۾ پاچاه چوندا آهن،  تنهن جي معنيٰ آهي کڏ جنهن ۾ ڪوري پير رکي، ڪپڙو اڻندو آهي.

ٻيو بيت سخت توهين جوڳو آهي، ان ۾ هڪ معتبر عورت تي الزام رکيو ويو آهي ته هوءَ ٿري يعني ٿر جي خسيس ماڻهوءَ سان لڳل آهي، جا نهايت گهٽ ذات سمجهي ويندي آهي.

(40) پڙهندڙن کي مسلمانن جي سماج جا رواج ۽ رسمون خيال ۾ رکڻ کپن. اسان کي جيڪڏهن اها خبر پوي ته عاشق کي ٻه زالون اڳيئي گهر ۾ آهن ۽ ٽين تلاش ۾ نڪتو آهي ته عشق جو اتيئي خاتمو ٿي ٿو وڃي، تنهنڪري هتي مڙس کي سندس رنگين مزاجيءَ لاءِ عتاب ڪو نه ڏنو ويو آهي. پر اهڙا واقعا سنڌ ۾ عام ٿيندا آهن ۽ جيئن اڳي چيو ويو آهي ته انهن سڀني ڳالهين ۾ اندروني معنيٰ رکيل آهي.

(41) ڳاڙهي رنگ جو پاڻي، جنهن سان هندو وڏن ڏينهن تي خوشي ملهائيندا آهن. هتي ڏک جي نشاني آهي.

(42) نئڄي اها شئي آهي، جنهن کي اطالوي ٻوليءَ ۾ فيومارا (Fiumara) چوندا آهن. مطلب اٿس پهاڙ مان نڪرندڙ نهر، جا اڪثر سڪل هوندي آهي، پر ٻن ٽن ڪلاڪن جي برسات کان پوءِ خوفناڪ رفتار سان وهندي آهي. ايرين (Arrian) پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته سڪندر (اعظم) جي لشڪر کي ڪنهن نئڄي جي ويجهو ڇانوڻي هڻي ويهڻ جي ڪري سخت نقصان پهتو هو.

(43) ڪوراڙ ۽ لوهر بلائن جا مشهور قسم آهن.

(44) هن بيت جو صحيح ترجمو ڪرڻ ڏکيو آهي. لفظن جي ظرافت ۽ مضمون جي بلند خيالي شاهه جي رسالي جهڙي آهي.

(45) لوڙهه، هڪڙي قسم جي قبر آهي. مَنهه چئبو آهي. ڪنهن جاءِ کي ، جتان ويهي ملڪ جو نظارو ڏسجي.

(46) مسلمانن جو ايمان آهي ته جيڪي پرهيزگار  مرن ٿا، تن جون قبرون ڪشاديون ۽ روشنيءَ واريون هونديون آهن. هو فقط ننڊ ۾ هوندا آهن ۽ هنن جا لاش گنگهارن جي لاش وانگر نڪي مئل هوندا آهن، ۽ نه خراب ٿي ويندا آهن.

(47) هي قصو ڊگهو آهي، تنهنڪري ان جو اختيار ڏنو ويندو. هي افسانو سنڌ جي سڀني افسانن کان وڌيڪ مرغوب آهي. مارئيءَ جي واتان، جي جذبات ۽ ڪلما نڪرن ٿا، سي نازڪ خيالي ۽ رقت آميزيءَ ۾ بني ڪلب جي ميمونھ (معلويه جي بدوي زال، يزيد جي ماءُ) جي پرلطف امنگن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهن.

سانگي، هڪ سنڌي قوم آهي جا عمرڪوٽ جي ويجهو رهي ٿي، مارئيءَ جي معنيٰ آهي، مارو قوم جي ڇوڪري، مارو هڪ خانه بدوش قوم آهي جا ملير ۽ ٿر جي آسپاس رهي ٿي.

(48) ٿر جي ماڻهن ۾ رواج هوندو آهي ته هو ڇٽيءَ رات جوتشي گهرائي، ٻار تي نالو رکندا آهن.

(49) هي سٽون ظرافت ۽ دلسوزيءَ کان خالي نه آهن. انهن ۾ هڪ دو- دستي سنڌي ريڍار ۽ سندس شغلن جو مارئيءَ جي نفاست سان مقابلو ڪيو ويو آهي. انهن ۾ پڻ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي صحيح تصوير ڏني ويئي آهي. ڳوٺن ۾ جتي وڃبو اتي ڏسبو ته ماڻهو ٿلهو سٽ وٽيندا آهن. جن مان ڪوري سادا کٿا ۽ اهڙيون ٻيون شيون ٺاهيندا آهن. هت شعر ۾ ريڍار جي ٻانهن ۾ اُن جي ويڙهي آهي ۽ هٿ ۾ ڌاڳي ٽڪر اٿس، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ننڍو پٿر يا ڀتر ٻڌل آهي، ان لاءِ ته ڌاڳي کي ڦيرائڻ ۽ وٽ ڏيڻ ۾ سهوليت ٿئي.

(50) دودو، سومرن جي قوم جو حاڪم هو. هو سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجي شجاعت سخاوت کان مشهور آهي.

(51) هي هڪ اصطلاح آهي، ان جي لفظي معنيٰ نه ڪڍڻ کپي.

(52) نَڪن ۾ سهڻو نَڪ، جيئن ڍنڍ جي جهنگلي گلن ۾ ڪنول جو گل سهڻو ٿيندو آهي.

(53) موچارو ملير، عمرڪوٽ جي ڀرسان هڪ علائقو آهي، جو سنڌي شعر ۾ انهيءَ ويران ملڪ جو بهشت سمجهيو ويندو آهي.

(54) ڪنگو هڪ قسم جو ڳاڙهو رنگ آهي، جو زالون گهڻو ڪم آڻينديون آهن. اهو هڪ ننڍي سهڻيءَ دٻليءَ ۾ رکيو ويندو آهي. شاعر چوي ٿو ته نينگر رنڱ کان به وڌيڪ روشنائيءَ واري آهي.

(55) لفظي معنيٰ اٿس ”ماءُ“. ڌيءَ کي پيار مان ’ماءُ‘ چئبو آهي، اهو محاورو اسان ماڻهن کي اهڙو خوشگوار نٿو لڳي.

(56) پوشاڪ جي ڪري.

(57) مائي هٻڪي پٺتي هٽي ٿي، ۽ پاڻ کي هڪ غير مرد جي پليت چنبي کان بچائي ٿي ۽ اهڙيءَ طرح هوءَ پنهنجي حياءَ شرم ۽ شرافت جو اظهار ڪري ٿي. همير لفظ شايد امير جي بگڙيل صورت آهي ۽ سنڌي شعر ۾ هميشه سومرن جي گهراڻي جي حاڪمن جي باري ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. گهوٽيتي جي معنيٰ هي ڄاڃياڻي گهوٽ. جي اهو لفظ هتي پيار مان ڪم آندل آهي، پوئينءَ مصرع جو مطلب آهي ته عمر کي جڏهن مارئيءَ پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو تڏهن هو اهڙو خوش ٿيو جو پاڻي هاري. قرب جي ڪري، مارئيءَ جي خوشيءَ لاءِ ڌڻي کان دعا گهريائين. اها تمثيلي معنيٰ آهي، وچ ايشيا ۾ دستور آهي ته جڏهن ڪو به ماڻهو، خاص ڪري عورت يا ٻار،  ٻئي کي پاڻي ڏيندو آهي، تڏهن پيئڻ وارو هن کي دعا ڪندو آهي.

(58)  اهي پير ٿر ۾ پنهورن جي علائقي ۾ پوريل آهن. اتان جا مال وارا انهن کان دعا گهرندا آهن.

(59) اهي بيت سنڌي شعر جي تجنيس ۽ قافيي جو هڪ نمونو آهن. پهرين ۽ ٻيءَ مصرع جي ”ٻار“ سان ملن ٿا.

(60) مجاور اهو آهي جو ڪنهن مقبري درگاهه يا وليءَ جي آستاني جي خدمت ۽ سنڀال ڪري.

(61) سنڌ ۾ خراب چال جون عورتون فقيرن سان آزاديءَ سان ڳالهائينديون آهن. هو فقيرن کي ائين ڪري ڏسنديون آهن، جيئن اڳئين زماني ۾ يورپ جون زالون پادرين کي ڏسنديون هيون. مارئي ڪڏ ڪري سهيلين کي چوي ٿي ته اچو ته اسان به فقيرن جي صحبت ۾ هلي دعا وٺون. هنن کي خاطري ڏيارڻ لاءِ ته فقير سندس عاشق نه آهي، کيس ڀاءُ سڏي ٿي. افسوس آهي ته ”يار کي منهن تي ادا سڏڻ“ جو بڇڙو رواج، سنڌ ۾ به آهي.

(62) ”نواري“ لفظ جو هتي ” آزاد“ ترجمو ڪيو ويو آهي. ان جو مطلب عربي لفظ ”مجرد“  جهڙو آهي ۽ ٻه معنائون اٿس: هڪڙو بي لغام ڇڙواڳ، ٻيو دنيا جي ڏيک ويک ۽ اجاين ڳالهين کان پري.

(63) هي عشق جو جذبو يورپي ماڻهن کي شايد ڏکيو لڳي، پر مشرق ۾ اهو انساني فطرت جي خلاف ڪو نه سمجهيو ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org