باب ڏهون
سنڌ ۾ ٻارن جي ڄم جون رسمون، عقيقو يعني ڇوڪر جي
جهنڊ لهرائڻ، طهر، مڱڻو ۽ شاديءَ کان اڳ
جون
ٻيون رسمون، شاديءَ جا ساٺ سڳن، موت ۽
دفن ڪرڻ قبرون ۽ مقام
سنڌ ۾، جڏهن ڪو ٻار ڄمندو آهي، پوءِ اهو پٽ هجي يا
ڌيءَ ته گهر ۾، پڄنديءَ آهر، خوشي ڪئي ويندي آهي ۽
مٺائي ورهائي ويندي آهي. ويم جي ٻيءَ رات، ماءُ
جون مائٽياڻيون گڏجي کير کڻي ساڻس ملڻ وينديون
آهن. هو اهڙيءَ طرح ڇهه ڏينهن ساندهه اينديون رهنديون آهن. مهمانن جي خاطر تواضح کير، مٺائيءَ ۽
تماڪ سان ٿيندي آهي. پوءِ ڪو عالم گهرايو ويندو
آهي ۽ گهڻي ساٺ سڳن ۽ ڏکڻائن ڏيڻ بعد ٻار جو نالو
ڪنهن ديني ڪتاب مان، ۽ ڪن گهرن ۾ علم جوتش جي
اصولن مطابق، ڪڍيو ويندو آهي. جبل جا پٺتي پيل
ماڻهو ٻارن تي وڻن ۽ ميون جا نالا به رکندا آهن،
جيئن ته ڪنڊو،
ٻٻر ۽ انب وغيره مٿين طبقن جي ماڻهن جي ڄم جي
تاريخ هڪ خاص ڪتاب ۾ درج ڪئي ويندي آهي. پر اهي
يورپ وانگر، ٻارن جي سالگره ڪو نه ملهائيندا آهن.
عقيقو يا جهنڊ لهرائڻ جي رسم تڏهن ادا ڪئي ويندي
آهي، جڏهن ڇوڪر جي عمر ٽن مهينن کان هڪ سال تائين
ٿيندي آهي. ڪن هنڌن تي ماڻهو انهيءَ جشن ۾ هڪ بي عيب دنبي جي قرباني ڪندا آهن. دنبو شرعي اصولن
مطابق حلال ڪيو ويندو آهي. پوءِ گوشت مان هڏا
خبرداريءَ سان ڪڍندا آهن ته جيئن ڀڄي نه پون. گوشت
مان علمائن، عزيزن ۽ فقيرن لاءِ کاڌو تيار ڪندا
آهن. جڏهن حجام ٻار جي جهنڊ لاهيندو آهي، تڏهن اها
دنبي جي هڏن سان گڏ کل ۾ وجهي، ڪنهن مقام يا در جي
چانئٺ هيٺان پوري ڇڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن جو چوڻ
آهي ته قيامت جي ڏينهن اهي شيون گهوڙي جي صورت وٺي
اٿنديون ۽ ٻار کي پلصرات جي مٿان ٽپائي بهشت ۾
ڇڏينديون. چئن ورهين ۽ چئن مهينن جي ڄمار ۾ ڇوڪر کي
اسڪول ۾ ويهاريندا آهن. انهيءَ موقعي تي استاد کي
خرچي يا ڪا سوغات ڏيندا آهن ۽ ٻي ڪا خاص خوشي ڪا
نه ڪئي ويندي آهي.
طهر جي رسم گهڻو ڪري تڏهن ادا ڪئي ويندي آهي، جڏهن
پٽ اٺين سال ۾ پير پائيندو آهي. حال سارو مجلس
لاءِ پلاءَ، ٻوڙ ۽ ٻيا لذيذ طعام تيار ڪيا ويندا
آهن. ۽ راڳيندڙ گهرايا ويندا آهن ۽ ڪن گهراڻن ۾
آتشبازيءَ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي، ڇوڪر کي گيڙو
رتا ڪپڙا پهرائي، موڙن سان سينگاري، گهوڙي تي
چاڙهي شهر مان سرگس ڪري گهمائيندا آهن. ان سان گڏ
باجا وڄائيندا، راڳ ڳائيندا ۽ بندوقن جا ٺڪاءُ
ڪندا هلندا آهن. گهر موٽڻ تي حجام طهر ڪندو آهي.
سنڌ
۾
به طهر ساڳئي نموني ۾ ڪيو ويندو آهي، جيئن هندستان
۾ ڪندا آهن. پر هندستان جهڙا ڪاريگر هتي ڪو نه
آهن. زخم تي گيهه، موم ۽ نم جي پٽي ڪندا آهن. ڦٽ
گهڻو ڪري اَٺن- ڏهن ڏينهن ۾ ڇٽي ويندو آهي، پر بعضي بعضي اينگهه به ڪندو
آهي. طهر کان پوءِ هڪدم ڪپڙا ۽ پئسا ڇوڪر جي مٿان
گهوري، حجام ۽ لنگهن کي ڏيندا آهن. جڏهن ڇوڪر
ڇٽندو آهي. تڏهن
هن
کي ٻاهر ڪڍي پير ڌوئيندا اٿس ۽ ڪجهه خرچي ڏيندا
اٿس ۽ غريبن کي کارائيندا ۽ خيرات ڏيندا آهن. جيڪي
غريب خرچ نه ڪري سگهندا آهن، سي فقط حجام کي سنت
جا ٻه چار پئسا ڏيندا آهن. سنڌ ۾ ڇوڪرين جو طُهر
ڪونه ٿيندو آهي.
مڱڻو گهڻو ڪري تڏهن ڪيو ويندو آهي، جڏهن بلوغت جون
تسليم ٿيل نشانيون ظاهر ٿينديون آهن، يعني پٽن جي
پندرهين سال ۽ ڌين جي ٻارهين سال ۾. شاهوڪارن ۽
وڏن ماڻهن ۾ ننڍي هوندي شادين ڪرائڻ جو رواج آهي.
وچولي درجي جي معزز ماڻهن کي پئسي جي تنگي، مخفي
لاڳاپن ۽ گهرو اعتراضن جي ڪري، بعضي بعضي نڪاح جي
رسم لاءِ، جا سندن دين موجب فرضي آهي، ويهن يا
ٽيهن ورهين تائين ترسڻو پوندو آهي. مگر عام رواج
آهي ته ڇوڪريءَ کي جيترو ٿي سگهي. اوترو جلد شادي
ڪرائجي. مڱڻو شاديءَ لاءِ هڪ تياري آهي. ٻنهي رسمن
جي وچ ۾ ڪجهه وقت گذرڻ ضروري آهي. شاديءَ کان اڳ
مڱڻو (هڪ رسم
]4[ آهي ۽ ان جو شرعيت سان واسطو نه آهي) هاڻي هڪ ضروري قدم ٿي
ويو آهي. جنهن کي به خرچ جي طاقت هوندي آهي، سو
مڱڻي کان نٽائڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي، پوءِ ڀل ته
مڱڻي جي خرچ ڪري ورهين جا ورهيه ترسڻو پويس،
جيستائين هو ميڙي چونڊي ڪري نڪاح جي رسم ادا ڪري.
عام خيال آهي ته شاديءَ ۾ پڄنديءَ کان گهٽ خرچ ڪرڻ
بخل ۽ گلا جي نشاني آهي. ان ڪري مذهبي ماڻهو به
ناموس جهڙيءَ چڱيءَ مراد لاءِ، قرض کڻڻ تي اعتراض
ڪين واريندا آهن. مگر اها فضول خرچي فقط پهرينءَ
شاديءَ ۾ جائز ٺهرائي ويندي آهي. ٻي شاديءَ يا بيوهه عورت سان شادي ڪرڻ ۾ ايتري ڊيگهه ڪا نه
ڪئي ويندي آهي. ڪن عالمن
]5[
انهيءَ رواج کي فضول ٺهرايو آهي. منهنجي خيال موجب
انهيءَ رواج جو پايو ارادتاً
وڌيو ويو آهي، ته جيئن ماڻهن جي دلين تي پهرين
شاديءَ جي مذهبي اهميت ويهاري وڃي ۽ شادين جي ڪثرت
۾ رڪاوٽ پوي. مڱڻي کان پوءِ سياڻا ماڻهو طرفين کي
ملڻ جو وجهه ڪو نه ڏيندا آهن، پر مرد ٻيءَ ڌر جي
مردن سان ۽ زالون زالن سان ملنديون رهنديون آهن.
مٿئين طبقن جي ماڻهن ۾ شاديءَ کان اڳ گهوٽ ڪنوار
جو ملڻ ڳالهائڻ بدناميءَ جو باعث سمجهيو ويندو
آهي. افغانستان ۽ وچ ايشيا ۾ اهو رواج آهي ته اتي
گهوٽ جي ماءُ، پنهنجي مڙس جي علم کان سواءِ، گهوٽ
۽ ڪنوار جي ملاقات تي چشم پوشي ڪندي آهي. پر
انهيءَ جي اها معنيٰ نه آهي ته ڪو هروڀرو بدناميءَ
جهڙو ڪم ٿيندو آهي. سنڌ ۾ گهٽ ذات وارا ماڻهو
سمجهندا آهن ته کين سندن مڱ سان ملڻ ۾ ڳالهائڻ جو
حق آهي.
مڱڻي جي رسم هن ريت ادا ڪئي ويندي آهي: پهريائين
ڪو نيڪ ڏينهن مقرر ڪيو ويندو آهي. سومر، اربع،
خميس يا جمع جا ڏينهن، رمضان، ربيع الآخر،
رجب ۽ شعبان جي مهينن ۾ چڱا سمجهيا ويندا آهن. هڪڙو وڪيل يا وچوارو، مرد هجي يا زال، خاص ان ڪم لاءِ ڇوڪريءَ
جي گهر موڪليو ويندو آهي. هو ملڪ جو واءُ سئاءُ
لهي هنن جي گهر ويندو ۽ پهريائين هِتان هُتان جي ڳالهه ڪري، آخر پنهنجي مطلب جي ڳالهه ساڻن چوريندو
آهي. رواج موجب نيگريءَ جا رشتيدار، پهريون دفعو
انڪار ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته هڪدم قبول ڪرڻ زيبائتو
نه لڳندو آهي. پهرينءَ ملاقات اهڙيءَ طرح اوچتو
پوري ٿيندي آهي. مهيني کن کان پوءِ وري ٻيهر ساڳيو
ماڻهو موڪليو ويندو آهي ۽ هو وري ساڳي ڪارروائي
ڪندو آهي،
هن دفعي جيڪڏهنعزيزن کي مائٽي پسند نه هوندي آهي،
ته هو صفا کليل جواب ڏيندا آهن. ٻيءَ صورت ۾ هو ڳالهه وچڙائي
جواب ڏيندا آهن. رواجي طرح هنن لفظن ۾ جواب ڏيندا
آهن:
”جيڪڏهن خدا ائين گهريو هوندو ته قسمت کان
ڪنڌ ڪڍائڻ اجايو آهي. پر، اڃان اسان کي ڇوڪريءَ اُٿارڻ جو ارادو ڪو نه آهي.“
جيڪڏهن اهڙيون رضا جون نشانيون نظر آيون ته پوءِ ڇوڪر جا
عزيز ۽ خويش ڇوڪريءَ وارن وٽ پنڌ شروع ڪندا آهن.
ٻيءَ ڌر وارا به انهن وٽ ايندا ويندا آهن. گهوٽ
ڪنوار جي چال چلت اُٿ
ويهه ۽ تعليم جي ڏسڻ ۽ ڌرين جي دوستيءَ جي حيثيت
جاچڻ لاءِ هي چڱو موقعو سمجهيو ويندو آهي.
واسطيدار ماڻهن کي هڪٻئي سان ملڻ ڪو نه ڏنو ويندو
آهي. پر جيڪي وهندو واپرندو آهي، تنهن جي کين
سموري خبر پئي پوندي آهي. طرفين کي تفصيلوار
خبرون ٻڌايون وينديون آهن، تنهنڪري گهوٽ ڪنوار کي
ڳڻتيءَ جو سبب ڪو نه هوندو آهي. اها ڪارروائي ڪي
هفتا هلندي رهندي آهي. هڪٻئي جي وڏن کي تمام گهڻي
عزت ڏيکاري ويندي آهي. ننڍن کي ماري ڪٽي باادب ٿيڻ
سيکاريو ويندو آهي. پاڙي وارا به سڻڀي گرهه جي
آسري تي ڌرين کي پڏائي آسمان سان لائيندا آهن.
اهڙي قسم جون ٻيون به گهڻيون چالاڪيون ڪيون
وينديون آهن. آخر جيڪڏهن ڇوڪريءَ جي مائٽن کي
پنهنجي ارادي بدلائڻ جو ڪو سبب نه ملي سگهيو(هنن
کي ڦِرڻ جي اختياري هوندي آهي) ته تاريخ ڏسيندا
آهن. جيڪڏهن اڳلن اها تاريخ قبول ڪئي ته گهوٽيتا
ڪنهن مقرر وقت تي گڏجي رئو، چولو، سٿڻ ۽ ٻيا ڪپڙا
۽ ميندي، پنجين ڇهين روپئين جي مٺائي، زيور جهڙوڪ
هار، ويڙهه ۽ کيرول يعني منڊيون کڻي ڪنوار جي گهر
ويندا آهن. گهر ۾ اڳيئي تياري ٿيل هوندي آهي. مرد
جدا ويهي ڳالهيون ڪندا آهن ۽ زالون حجامڻ سان گڏجي
سوغاتون کڻي اندر صفي ۾ وينديون آهن. پوءِ ڪنوار
کي ڪپڙا ۽ زيور پارائي، هٿن کي ميندي لائي هڪڙي
ڪوٺيءَ جي وچ ۾ ويهاريندا آهن. هن جي ماءُ حجامڻ
کي کير جي دلي سان ڇوڪر جي سهري وٽ مردن ۾
موڪليندي آهي. حجامڻ کير مردن کي پياري، واڌايون
ڏيندي آهي. پوءِ هو وات مٺو ڪندا آهن ۽ باقي بچيل
مٺائي ڪنوار جي ڪمري ۾ موڪليندا آهن. مرد سڀ هٿ
کڻي فاتح پڙهندا آهن. ان کان پوءِ ڪنوار
جي
پيءُ کان شاديءَ جي تاريخ گهرندا آهن. هو
مهينو ۽ ڏينهن ٻڌائيندو آهي ۽ پوءِ سڀ اٿي ويندا
آهن. هن کان پوءِ رشتو ٽوڙڻ اڻسهائيندڙ سمجهيو ويندو آهي. مگر
اهو رواج آهي ۽ ان لاءِ ڪا مذهبي پابندي نه آهي.
ڪن حالتن ۾ گهوٽ
جو پيءُ ڦري سگهي ٿو، پر نياڻيءَ جو پيءُ
اهڙو ڪم ڪڏهن نه ڪندو، جي ڪيائين ته هر ڪو لنگهو
سندس واکاڻ هينءَ ڳائيندو ته:
”آهيراڻو عقل موراهين ويو،
مڱائي هيڪڙو، پرڻائي ٻيو.“
سنڌي هڪڙو نقل ڪندا آهن جو ڏيکاري ٿو ته انهيءَ
ڳالهه کي ڪيتري اهميت ڏني ويندي آهي. چون ٿا ته
ابڙي ذات جي هڪ مائي، پنهنجي ٻار کي کير ڌارائيندي
هيءَ لولي ڏني هئي:
”منهنجي ڌي جا ڪن لما،
تنهن کي سون وجهندا سما.“
جڏهن ٻار ساماڻو ته مائي مڙس کي چيو ڇوڪريءَ جي
هاڻي پنهنجي قوم ۾ مائٽي ڪرڻ گهرجي. مگر ابڙو پڙ
ڪڍي بيٺو. زال کي لولي ياد ڏياري، ڌيءَ ڪنهن سمي
کي ڏنائين ته متان ماءُ جو وعدو نه ڀڄي پوي.
هي مختصر بيان ڏيکاري ٿو ته
وچولي
درجي جي ماڻهن ۾ مڱڻو ڪيئن ٿيندو آهي. ٻيا ڪهڙا
ساٺ سڳن ۽ تماشا ٿيندا آهن، تنهن جو مدار ڌرين جي
وت تي هوندو آهي. تمام شاهوڪار ماڻهو خوب پئسو
لٽائيندا آهن. ستن کان چوڏهن ڏينهن تائين مانيون،
ناچ، گانا ۽ خيراتون هلنديون آهن. غريب ماڻهو ٿوري
مان ڪم ڪڍندا آهن. هو مٺائي جي بجاءِ کجور، سون جي
بجاءِ رپيو، ۽ ريشم جي بجاءِ سٽ ڪم آڻيندا آهن.
مڱڻي ۽ شاديءَ جي وچ ۾، گهوٽ جا ماءُ ۽ پيءُ ۽
عزيز ڪنوار ڏي روڪ خرچي ۽ مٺائي هڪ ٻن وڳن سان گڏ
موڪليندا يا کڻي ويندا
آهن.
شاديءَ جي ڏينهن کان اٽڪل مهينو اڳ، ونواهه جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. گهوٽيتا ڪنوار جي گهر مٺائي،
گيهه، سرهو تيل، ميندي ۽ منهن ڍڪڻ جو آکيو کڻي
ويندا آهن. ان وقت ڇوڪريءَ جو منهن ڪنهن به مرد
خواه زال کي ڏسڻ ڪو نه ڏيندا آهن. ڪنوار کي آکيو
پارائي، ونواهه کان شاديءَ تائين، يڪو بند ۾ ويهاريندا
آهن. اهڙيءَ طرح هن کي حياتيءَ جي عظيم واقعي يعني
نڪاح لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي. هن کي کنڊ ۽
گهوٽيتن واري گيهه جو ٺهيل چورو کارائيندا آهن.
چون ٿا ته چوري جي کائڻ ڪري چمڙيءَ ۽ چهري جي
نزاڪت وڌندي آهي. حجامڻ روز هن کي وهنجاريندي ۽
”پيٺيءَ“ سان مليندي آهي. اها پيٺي صابڻ جو ڪم
ڏيندي آهي ۽ مٺي تيل ۽ ڪڻڪ يا مانهه جي اٽي مان
ٺهيل هوندي آهي.
بدن جا وار دوائن
]9[
سان لاهيندا يا پٽيندا آهن. سينگار جا سڀ طريقا،
جهڙوڪ هٿن پيرن ۽ وارن کي ميندي، چپن کي مساڳ، ڳلن
کي اسان جي انگريزي رواج جهڙي لاک جي سرخي لائڻ ۽
اکين ۾ ڪجل
]10[
پائڻ، آزمايا ويندا آهن. وارن ۾ اڳيان سينڌ ڪڍي،
پٺيان هڪ ٻه چوٽيون ڪري تيل
]11[
سان سرهو ڪندا آهن. چوٽي اهڙيءَ طرح ڪئي ويندي
آهي، جيئن پٺيان وار سڀ هڪ جيترا ڏسڻ ۾ اچن. اڳيان
وار پيشانيءَ تي کؤنر يا پاڻيءَ
]12[ سان چنبڙائي ڇڏيندا
آهن. چهري جو نمڪ وڌائڻ لاءِ اکين جي چوڌاري ڳلن
کي ڪپهه جي پوڻيءَ سان روپن ورقن يا ابرق جو ڪُٽو
لائيندا آهن. بعضي بعضي مٿو چڱيءَ طرح ڌوئي ميٽ ۽
ليمي جي رس سان صاف ڪري، صندل ۽ گلاب، وارن ۽ بدن
کي لائيندا
آهن.
ڪنوار کي مشڪ ڪم آڻڻ جو هنر به سيکاريندا آهن. مشڪ
هڪ برٿ ڀريل ڳوٿريءَ ۾ هوندو آهي. منهن ۽ چپن تي
سرائي، سرمي يا ڪنهن رنگ ۾ ٻوڙي تر ڪڍندا آهن. سنڌ
۾ حياءَ واري زال ڪا ورلي مسي ڪم آڻيندي آهي.
هندستان ۾ مسي ڏندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ۽ انهن جي
اڇاڻ ظاهر ڪرڻ لاءِ لائيندا آهن. اهي امتحان ۽
تياريون ڪيترا ڏينهن
]13[
هلنديون آهن.
اهو
سمورو وقت برادريءَ وارا پيا ايندا ويندا آهن ۽
ڪنواريتا انهن کي ماني کارائيندا آهن.
ڪنوار جي ڀيٽ ۾، گهوٽ کي گهڻي تڪليف ڪا نه ڪرڻي
پوندي آهي. هن جي تياري لاءِ ٽي ڏينهن ڪافي سمجهيا
ويندا آهن. انهن ٽن ڏينهن ۾ کيس ”پيٺي“ سان مهٽي
اڇو اوجل ڪري، صاف ڪپڙا، هار ۽ گل پارائي. سندس
پذيرائي مولودن، ناچن، گانن ۽ دعوتن ۾(جي سندس
دوستن ۽ عزيزن کي ڏنيون وينديون آهن) ڪئي ويندي
آهي. سچ پچ ته ونواهه شاديءَ جي رسم جو هڪ حصو آهي، ڇاڪاڻ ته شاديءَ جي رسم گهوٽ
جي تياريءَ جي ٽئين ڏينهن تي شروع ٿيندي آهي.
وهانءُ يا شادي اڪثر رات جو ڪئي ويندي آهي. گهوٽ
کي سانجهي سويرئي، مائٽ يا حجام اچي ڪنواريتن جا
موڪليل ڪپڙا پٽڪو، قميص، قمربند، شال، سٿڻ ۽ جتي
پارائيندا آهن. ساڳئي وقت، ڪنوار کي، سندس مائٽ يا
حجامڻ گهوٽيتن جا ڏنل ڪپڙا ۽ زيور
]14[ پهرائيندي آهي. سينگار کان پوءِ صدقي جي رسم، جنهن کي
”گهور“ چوندا آهن. ادا ڪندا آهن ۽ گهوٽ ڪنوار جي
مٿان پئسا گهوريا ويندا آهن. پراڻا ڪپڙا حجام ۽
حجامڻ جو حق سمجهيا ويندا آهن. ڪپڙن پارائڻ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو آهي، تنهنڪري اهو
ڪم اڌ رات کان اڳ پورو ڪو نه ٿيندو آهي. ڪن هنڌن
تي، ان وقت ڪنواريتا گهوٽيتن کي چوائي موڪليندا آهن ته ڪنوار هاڻي
تيار آهي. پوءِ گهوٽ اتي ويندو آهي، جتي جماعت،
ملا ۽ ٻيا
ماڻهو جن جي نڪاح ۾ ضرورت هوندي آهي. ويٺا هوندا آهن. ملان
گهوٽ ۽ ڪنوار، پيءُ جي وچ ۾ ويهندو آهي. پوءِ هو
شرعي شاهد چونڊي ڪنوار جي گهر موڪليندا آهن.
انهيءَ ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنوار
کي منهن تي گهونگهٽ هوندو آهي ۽ هوءَ پنهنجو شرم
حياءُ ۽ فضيلت ڏيکارڻ لاءِ، رسم موجب، چپن کي چُنو لائي ويهندي آهي. آخر، پيءُ يا ٻيو ڪو
ويجهو مائٽ موڪليو ويندو آهي ۽ شاهد موٽي اچي مجلس
کي اطلاع ڏيندا آهن ته فلاڻو وڪيل مقرر ڪيو ويو
آهي. پوءِ ملا وڪيل ڏي منهن ڪري پڇندو
اٿس”توفلاڻي، فلاڻي جي ڌيءَ، پوٽي فلاڻي جي، فلاڻي
پٽ فلاڻي، پوٽي فلاڻي جي کي ڏيڻ قبول ڪئي؟“ڪنوار
پيءُ يا وڪيل ساڳين لفظن ۾ ”هائو“ ڪندو آهي. ائين
ٽي دفعا ڪيو ويندو آهي. پوءِ ملا، گهوٽ کي چوندو
آهي ”تو فلاڻي کي، فلاڻي جي ڌيءَ، پوٽي فلاڻي جي
قبول آهي؟“ هي سوال جواب ٽي دفعا ڪيو ويندو آهي،
جنهن کان پوءِ گهوٽ شرعيت موجب ”مَهر“ جو فيصلو ڪندو آهي. رقم شاهدن جي
اڳيان مقرر ڪئي ويندي آهي. اهو فيصلو ڪيو ويندو
آهي ته جدا رهڻ يا طلاق جي حالت ۾ شاديءَ کان اڳ
جا ڏنل زيور
]16[ مڙس جي ملڪيت ٿي رهندا يا زال جي.
اهڙيون ڪيتريون ئي ٻيون سنهيون ٿلهيون ڳالهيون
هونديون آهن، جن جو فيصلو ڪرڻو پوندو آهي. ان کان
پوءِ ملا دعا گهرندو آهي ۽ سڀ حاضرين مجلس هن سان
گڏ دعا پڙهندا ويندا آهن. ان کان پوءِ، هڪ ڊگهي
مناجات پڙهي ويندي آهي ۽ گهوٽ ڪنوار جي حق ۾ دعا
گهري ويندي آهي. حضرت آدم ۽ بيبي حوا، حضرت
ابراهيم ۽ بيبي ساران ۽ ٻين پيغمبرن سڳورن جا
مبارڪ نالا ورتا ويندا آهن، جن شاديءَ جي رسم کي
شرف ڏنو هو.
خطبي
جي ٻئي حصي ۾، مومنن کي شاديءَ جي فضيلت ۽ درجن
کان واقف ڪيو ويندو آهي. پوءِ سڀ هٿ کڻي دعا
گهرندا آهن. بس شرعي رواج ايترو آهي. ان بعد ڪن
خاص لفظن ۾، ملا گهوٽ کي مبارڪ ڏيندو آهي ۽ مجلس
جا ٻيا ماڻهو به واري واري سان ائين ڪندا آهن.
گهوٽ جواب ڏيندو آهي ته ” خير سلامت“. ملان کي
گهوٽ- پيءَ پنهنجي خانداني حيثيت مطابق اجورو
ڏيندو آهي. وڏا ماڻهو گهوڙا، اٺ، سونن مٺين واريون
تلوارون، ۽ اهڙيون ٻيون قيمتي شيون ڏيندا آهن،
وچولي درجي وارا ڪجهه رپيا ۽ مٺ کجور يا مٺائي جي
غريب ماڻهو ٻه چار
ڏوڪڙ ڏيندا آهن. تنهن کان پوءِ گهوٽ جو
پيءُ مهمانن کي سندن مرتبي موافق مٺائي ۽
ڪپڙا ورهائي ڏيندو آهي. اٽڪل ٻين بجي رات جو گهوٽ
پنهنجن عزيزن ۽ دوستن سان سرگس
]17[ تي نڪرندو آهي. ۽ هو گهوڙي تي
سوار ٿي، ٻنهي گهرن جي مردن سان گڏ، گهٽين مان
لنگهندو آهي. ڪن شادين ۾ زالون پيٺيان راڳ
ڳائينديون اينديون ۽ اڳيان بازيگر تراريون ڪڍي
دهلن، نادن ۽ بندوقن جي ٺڪائن تي ناچ ڪندا هلندا
آهن. اهڙيءَ ريت هو ڪنوار جي گهر ڪلاڪ کن ۾ پهچي
ويندا آهن. ڪنوار جو هڪ ويجهو عزيز، گهوٽ کي هٿ
ڏئي، گهوڙي تان لاهي اندر وٺي ويندو آهي. سرگس سان
جي زالون هونديون آهن، سي به اندر وينديون آهن! پر
ڄاڃي اتي وڃي گڏ ٿيندا آهن، جتي هو اڳئين ڏينهن
شام جو ويٺل هئا. اتي ڪجهه دير ويهي، پوءِ ٽڙي
پکڙي پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويندا آهن.
ڪنواريتن ۾ گهوٽ کي زالون اندر وٺي وينديون آهن،
جتي هو ڪيترا ساٺ سڳن ڪنديون آهن. انهن ساٺن لاءِ
ڪنهن وقت شايد اشد اخلاقي ضرورت هئي، پر هاڻي بلڪل
بي معنيٰ آهن. اڪثر ڪري، هن قسم جا سڳن ساٺ ڪيا
ويندا آهن. گهوٽ کي ڪنوار اڳيان اولهه طرف ڏي منهن
ڪرائي کٽ تي ويهاريندا آهن. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ وهاڻو
رکندا آهن. پوءِ هڪ سهاڳڻ
]18[
”لانئن ڏيڻ“ جي رسم ادا ڪندي آهي. هن کان پوءِ ”ڦل چونڊڻ“ جي رسم ٿيندي
آهي. ڪا سهاڳڻ ڪنوار جي مٿان ڪپهه جا ڪيسري يا
هيڊي رنگ جا ڦل اڇلائيندي آهي. گهوٽ، ڦل چونڊي
پاسي ۾ رکندو آهي. پوءِ ڪنوار جي سڄي هٿ ۾ هڪ کارڪ
ڏئي چوندا اٿس ته قابو جهلي ويهه. گهوٽ اها کانئس
کسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مگر هن کي هڪ هٿ ڪم آڻڻو
پوندو آهي، تنهنڪري هو اڪثر ناڪام ٿيندو آهي ۽ ان
ڳالهه تي زالن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويندو آهي. جيڪڏهن
گهوٽ به کل ۾ شامل ٿيندو آهي، ته پوءِ کيس پنجين
رپئين جي مٺائي ڏيڻي پوندي آهي.
”ترمئڻ“ جو سڳن هن ريت هوندو آهي: ڪجهه اڇا سڪل
تِر ٿالهيءَ ۾ وجهي، ڪنوار اڳيان رکندا آهن. هو
انهن مان هڪ ٻڪ ڀري ڇهه ست دفعا گهوٽ جي هٿن ۾
وجهندي ويندي آهي. سهاڳڻ سُر سان چوندي آهي ته:
”جيترا تر مئيندي،
اوترا پٽ ڄڻيندي.“
هن دلچسپ رسم کان پوءِ، ”چانور مئڻ“ جو سڳڻ ٿيندو
آهي. سهاڳڻ هڪجيترا، لوڻ ڪڻا ۽ اڇا چانور ٿالهيءَ
۾ وجهي، گهوٽ اڳيان رکندي آهي. هن دفعي گهوٽ ڇهه
ست مُٺيون ڀري ڪنوار جي هٿن ۾ وجهندو آهي ۽
سهاڳڻ ڳائيندي آهي:
”لَوڻَ
سرب سلوڻَ
جو ڪجهه ونڙو ڏي،
سو سڀ وَنڙي جهلي.“
هن رسم جو مطلب شايد اهو آهي ته زال فرمانبرداريءَ
جو انگ سکي. انهن رسمن کان سواءِ ملڪ جي جدا جدا
حصن ۾ ٻيا به ڪيترا سنها ٿلها ساٺ سڳن ڪيا ويندا
آهن. ڪن شادين ۾، بعضي، ٺڪر جو هڪ ڍڪڻ زمين تي
اونڌو رکي، گهوٽ کي چوندا آهن ته ان جي مٿان لت
هڻي. جيڪڏهن هو ڍڪڻ ڀڃڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهي ته
زالون سمجهنديون آهن ته جوان بيشڪ مڙس آهي، ۽ کل
خوشيءَ ۾، هي لفظ ڳائينديون آهن:
”ڍڪڻ ڀڳو،
ٻنڊو لٿو.“
ڪن هنڌن تي وري، زمين ۾ ڪنڊي کوڙي، گهوٽ کي تلوار
يا ڪهاڙي هٿ ۾ ڏئي چوندا اٿس ته هڪ ڌڪ سان وڍي
ڏيکار.
جڏهن سڀ سڳن ساٺ پورا ٿيندا آهن، تڏهن سهاڳڻ، گهوٽ
ڪنوار کي کٽ تان اٿاري، پکي ۾ يا کُڏ تي وٺي ويندي آهي. اندر وڃڻ کان اڳ
ڪنوار جي ڀيڻ يا سؤٽ، گهوٽ کي جهلي کانئس خرچي
گهرندي آهي. ان کان پوءِ در بند ڪيو ويندو آهي.
گهوٽ ڪنوار واري ڪمري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سڀ کان سٺو
وقت اڌ رات کان وٺي پرهه
ڦٽي تائين ليکيو ويندو آهي. ٻنهي گهرن جون
زالون سڄي رات ڳائڻ، چرچا گهٻا ڪرڻ ۽ کائڻ ۾
گذارينديون آهن. سج اُڀريي وقت ڪنوار جي ماءُ اچي ستلن کي
يادگيري ڏياريندي آهي ته وهنجڻ ۽ ڪپڙن بدلائڻ جو
وقت ٿي ويو آهي.
سنڌين ۾ رواج آهي ته گهوٽ ساهراڻي گهر ۾ ست ڏينهن
۽ ست راتيون گذاريندو آهي، ان کان پوءِ زال مڙس
پنهنجي گهر ويندا آهن. ننڍا وڏا ٻار پرڻبا آهن ته
به انهن کي گڏ سمهاريندا ۽ هڪ گهر ۾ رهائيندا آهن.
پهرين
ٻار
ڄمڻ تائين ڪنوار کي هفتي ۾ هڪ دفعو گهڻو ڪري جمع
ڏينهن، پيڪي وڃڻ جي اجازت هوندي آهي. پهرئين ٻار
ڄمڻ کان پوءِ هن کي عيد براد تي ڇڏيندا آهن. ڪنوار
کي اڪثر ڪري اٿڻ ويهڻ جي آزادي هوندي آهي. زالن جي
دل تي اهو اثر ضرور ويهاريو ويندو آهي ته مڙس جي
موڪل کان سواءِ ٻاهر نڪرڻ وڏو گناهه جو ڪم آهي.
سنڌين جون ٻيون مکيه رسمون مرڻي سان تعلق رکن
ٿيون. سنڌي، فطري خوف جي ڪري، يا وري پنهنجي مذهب
۾، موت بابت وحشتناڪ ڳالهين ٻڌڻ ڪري، هن دنيا کي
ڇڏڻ کان ڏاڍو ڪن هڻندا آهن. موت جي ڳالهه ڪبي اٿن
ته هنن جي دل ۾ هِراس
۽ نفرت پيدا ٿيندي آهي. مون ڏٺو آهي ته چڱا ڀلا
ماڻهو به جڏهن مرڻي جي رسمن جو ذڪر ڪندا آهن، يا
نالو وٺندا آهن، تڏهن ڏڪڻي وٺي ويندي اٿن ۽ منهن
جو پنو لهي ويندو اٿن. عام سنڌي ماڻهو ان ڳالهه ۾
اعتقاد رکندا آهن ته انسان کي موت جي خبر اڳواٽ
پوندي آهي ۽ ان ڳالهه جي تائيد ۾ هو ڪيترا مثال
ثابتيءَ طور ٻڌائيندا آهن. ممڪن آهي ته سنڌ ۾ جي
قصا ٻڌبا آهن، ته فلاڻي خواب ڏٺو ۽ فلاڻي کي خبر
هئي ته مان مرندس، تن جو ڪارڻ اها بزدلي هجي.
مثلاً، جيڪڏهن ڪو ماڻهو خواب ۾ اُٺ
]20[ ڏسي ٿو ۽ کيس اها خبر آهي ته اُٺ
موت جي نشاني آهي، ته کيس قدرتاً
هڪدم ڳڻتي وٺي ويندي. هاڻي، ٿورن ڏينهن ۾ هن جي ڪن
چالاڪ دوستن کي سندس فڪر جي سبب جي خبر پوي ٿي، ۽
هو کين ٻڌائي ٿو ته منهنجي زبان ۾ موت جو ذائقو
آهي. ان کان پوءِ، هو دنيا جون لذتون ترڪ ڪري،
پنهنجا روزانه شغل ڇڏي، نمازن، روزن ۽ ٻين طريقن
سان توبهه تائب ٿي پاڻ کي ٻيءَ دنيا لاءِ تيار ڪري
ٿو. ساڳئي وقت هو دنيا جو ڪاروبار به صفا وساري ڪو
نه ڇڏيندو آهي. هن جي گهر جي ڀاتين کي خواب جي
سچائيءَ ۾ ذري جو به شڪ ڪو نه هوندو آهي. تنهنڪري
هو به انهيءَ دکدائڪ واقعي کان سندس خيال بدلائڻ
جي ڪوشش ڪو نه ڪندا آهن. بلڪ هو ڳوڙها ڳاڙي ۽ غم
جو اظهار ڪري هن جي وهم کي پڪو ڪندا آهن. پوءِ
جيڪڏهن اهو ماڻهو اتفاق سان نه مرندو آهي ته چوندا
آهن ته مڙيئي خير ٿي ويو، ۽ سڄي ڳالهه جلد وسري
ويندي اٿن. پر جي اتفاق سان هو مري پوندو آهي ته
ڄڻ هڪڙي قسم جي ثابتي ملندي اٿن. جاهل ماڻهو، جن
جي دل ۾ خوفائتين ۽ عجيب ڳالهين لاءِ ڪشش هوندي
آهي، سي اهڙين ڳالهين ۾ اعتبار ڪندا آهن ۽ مطلبي
ماڻهو وجهه وٺي انهن جي مشهوري ڪندا آهن.
مشرق ۾، جيڪڏهن ڪا ڳالهه مغز ۾ چڱيءَ طرح ويهارڻي
هوندي آهي، ته ان جو تفصيلوار نقطي بنقطي بيان
ڏيڻو پوندو آهي. ”ڪنزالعبرت“نالي هڪ ڪتاب عربي
زبان مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي، جنهن جو سنڌ جا
ماڻهو تمام گهڻو مطالعو ڪندا آهن. ان ۾ قبر جي
عذابن جو بيان هن ريت ڏنل آهي: ميت جي مٿان دستوري
دعا گهري، جڏهن ماتمي هليا ويندا آهن، تڏهن ڀورين
اکين ۽ ڪارن چهرن وارا ملائڪ، اچي سوال]21[
ڪندا آهن. جيڪڏهن فوتي ڪافر يا منافق هوندو آهي ته
هن وٽ نوانوي نانگن جي قطار ايندي آهي، جن جي چڪن
۽ ڏنگن ۾ اهڙو زهر هوندو آهي، جو ان جو سور قيامت
تائين هلندو آهي. تنهن کان پوءِ هن کي دوزخ جو
اوڙاهه ڏيکاريندا آهن، جتي کيس رهايو ويندو. هن لاءِ قبر جي پاسي
۾ هڪ سوراخ ٿي پوندو آهي، جو دوزخ سان ڳنڍيل هوندو
آهي. ان کان پوءِ، ٻيو عذاب جيڪو آهي، تنهن کي
فارسيءَ ۾ ”فشارقبر“ يا قبر جو ڀڪوڙجڻ چوندا آهن.
ماڻهوءَ جي ٻنهي پاسين زمين وري ايندي آهي، تان جو
پاسريون هڪٻئي سان اچي ملنديون اٿس. پر جيئن ته
اهو عذاب ڪافي نه آهي، تنهنڪري نانگ، وڇون ۽ ٻيا
جيت پڻ قبر ۾ اچي داخل ٿيندا آهن. آخر روح جسم مان
ڪڍي ”سجّين
]62[“
۾ اڇلايو ويندو آهي، جا مردودن لاءِ هڪ خاص عذاب
واري جڳهه آهي.
اهي خوف انهن ماڻهن جي عين عقل مطابق آهن. جن لاءِ
رٿيا ويا هئا. انهن ماڻهن کي اهڙين ڳالهين ۾
اعتبار ڪرڻ جي لاءِ رغبت هوندي آهي ۽ هو اڪثر
اڻڏٺل ڳالهين تي هڪدم اعتبار ڪندا آهن. ان کان
سواءِ، هنن کي عجيب غريب ڳالهين جو پڻ شوق هوندو
آهي. جيڪڏهن سنڌين جي ڪنهن مجلس ۾ اهڙي ڪنهن عجيب
واقعي جو ذڪر ڪبو ته هڪدم روڄ راڙو پئجي ويندو.
ملان انهيءَ ڳالهه جو پورو فائدو وٺندا آهن. سنڌ
جا ماڻهو ملن جي طبقي کي عزت ۽ پئسو ڏيندا آهن،
ڇاڪاڻ ته هو کين اهڙن ڀوائتن عذابن کان ڇوٽڪارو
ڏيارڻ جي دعوا ڪندا آهن. پر ترڪ ۽ ايراني ماڻهو
اهڙين ڳالهين کي شڪي نظر سان ڏسندا آهن. چون ٿا ته
شيراز ۾ هڪڙي ماڻهوءَ ڪنهن مردي جي وات ۾ اٽو
وجهي، هن کي پوري پنهنجن دوستن کي ثابت ڪري
ڏيکاريو ته اهو منڪر ۽ نڪير سان سوال جواب ڪري نه
سگهندو. ٿورن ڏينهن بعد قبر کوٽي ويئي ۽ ڏٺو ويو
ته هن جو وات برابر اٽي سان پورو پيو هو. ملن
انهيءَ اعتراض جي رد
]23[ ۾ دليل ڏنو ته آواز هروڀرو نڙيءَ ۽ وات مان ڪو نه نڪرندو
آهي. پر سنڌ ۾ ايران جيتري به آزاد خيالي ڪانه
آهي
سنڌ ۾ ماڻهو ڊپ کان تازي قبر ڪڏهن به نه کوٽيندا
آهن، تنهنڪري اهڙيءَ آزمائش ٿيڻ جو ڪو به امڪان ئي
ڪو نه آهي. ڏٺو ويو آهي ته جڏهن ڪو مذهبي خيال
ماڻهن ۾ پکڙجي ويندو آهي، تڏهن ان جي سچائيءَ جي
ثابتيءَ ۾ گهڻيئي مثال ۽ واقعا به پيدا ٿيندا آهن.
دين اسلام ۾ اهڙين بيهودين ڳالهين لاءِ درحقيقت
گنجائش ڪا نه آهي. پر مسلمانن جي تاريخ بهرحال
اهڙن بي بنياد واقعن ۽ مثالن کان وانجي ڪا نه آهي،
جن ۾ ماڻهن اتفاق سان يا ڄاڻي واڻي منڪر ۽ نڪير
سان پنهنجي ملاقات بيان ڪئي آهي. ساڳيءَ ريت
ڪيترائي دفعا ڪن ڀڳتن به هندن جي ٽمورتي ڏٺي آهي.
مجوسين کي زردست نظر آيو آهي ۽ يورپي عيسائين ۾ ته
پوڄاري اهڙا ولي ڏسندا آهن، جي شايد تصويرن کان
سواءِ هن دنيا ۾ ڪڏهن به ڪنهن به هنڌ تي وجود ۾ ڪو
نه آيا هئا. |