سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:6  

باب ڇهون

ڏيهي حاڪمن جي ڏينهن ۽ اسان جي حڪومت ۾

درسگاهن ۽ مڪتبن ۾ اسلامي تعليم- طب ۽ جراحت

وغيره جو اڀياس- هندن جي تعليم - ماڻهن

کي ڪهڙي تعليم ڏيڻ گهرجي-

نسخي الف - بي جي قائدي ۾

مسلمانن جي تعليم جو سرشتو هن ريت آهي: ڇوڪري ]1[ کي لکڻ پڙهڻ ]2[ سکڻ لاءِ صبح جو ڇهين بجي کان شام جو ڇهين بجي تائين، مڪتب ]3[ ۾ موڪليو ويندو آهي. آخوند هن کي پهريائين ”الحمد“ شريف جا اکر سڃاڻڻ سيکاريندو آهي. هيءَ رسم هڪ مذهبي فرض وانگر ادا ڪئي ويندي آهي، تنهن کان پوءِ شاگرد آهستي آهستي مصحف شريف جو پويون پارو پڙهندو آهي. هن کي اٽڪل ڇهه مهينا مذهبي تعليم جي انهن ابتدائي مرحلن ۾ لڳي ويندا آهن. ان وقت آخود پئسن ۽ ڪپڙن ]4[ لاءِ دستوري ]5[ طور جُماڳي طلب ڪندو آهي. تنهن کان پوءِ ڇوڪرو قرآن شريف جون ڪي خاص آيتون حفظ ]6[ ڪندو آهي ۽ ساڳي وقت لکڻ به سکڻ شروع ڪندو آهي. آخوند ٿلهيءَ ڪلڪ سان تختيءَ تي انڊا پائيندو آهي ۽ شاگرد انهن تي مشق پچائيندو آهي. ساڳي وقت هِجي (آئيويٽا) به سيکاري ويندي آهي. انهيءَ لاءِ ڇهه مهينا ڪافي سمجهيا ويندا آهن.

مڪتب ۾ پهرئين سال کان پوءِ، جڏهن ڇوڪر پاڻهي لکي پڙهي سگهندو آهي، تڏهن هن کي معنيٰ سمجهڻ کان سواءِ قرآن شريف پڙهائيندا آهن. ترقيءَ جي رفتار تمام ڍلي هوندي آهي. ڇوڪر مادري ٻوليءَ جو باقاعدي اڀياس شروع ڪري، تيستائين هو شايد نون ورهين جو ٿي ويندو آهي. مادري زبان يعني سنڌي جو نصاب هن طرح آهي:

1. ”نورنامو“: هي هڪ ننڍڙو سليس مذهبي ڪتاب آهي، جو عبدالرحمان جو لکيل آهي.

2. مخدوم هاشم ]9[ جو تفسير ۽ ٻيون ڪي تصنيفون.

3. نظم ۽ نثر ۾ ڪهاڻيون، جهڙوڪ ” سيف الملوڪ “ ”ليليٰ مجنون“ وغيره سڀ کان وڌيڪ مقبول تصنيفون هي آهن: ”حڪايت الصالحين“]10[ ، هي عبدالحڪيم نالي هڪ سنڌي ملان جو عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي. ان ۾ اوائلي اسلام جي مشهور اوليائن، مردن خواه زالن، جون حياتيون، ڪارناما ۽ ٻيون روايتون ڏنل آهن. لاڏاڻي ۾ رسول ڪريم ﷺ  جن جي وفات جو  ذڪر آهي، جو ميان عبدالله، ”تاريخ حبيب السير“ تان ورتو آهي. ”معراج نامي“ ۾ رسول ڪريم ﷺ جن جي معراج مبارڪ واري سير ۽ سفر جو ذڪر ڏنل آهي. ”سؤ مسئلا“ اسماعيل جو لکيل ننڍڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ عبدالحڪيم فقير جو قصو ڏنل آهي. ان ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪيئن هڪ فقير، روم جي سلطان جي ڌيءَ جي سؤ سوالن جا جواب ڏئي، ساڻس شادي ڪئي هئي. چون ٿا ته انهيءَ مائيءَ جا بيشمار عاشق ]11[ هوندا هئا ۽ هوءَ انهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ کانئن ڪي سوال پڇندي هئي.

ٻارن لاءِ اهڙيون گهڻيون ئي تصنيفون آهن، جن جي مدد سان هو پنهنجي دماغ ۽ تخيل ۾ سڌارو آڻي سگهن ٿا. هو اٽڪل ٻه يا ٽي ورهيه اهڙا ڪارائتا ڪتاب پڙهندا آهن،

ٻارهن يا تيرهن ورهين جي ڄمار ۾، شاگردن کي باقاعدي فارسيءَ جي تعليم ڏني ويندي آهي. شروعات لغتن جهڙوڪ ”دو وابو“ ”ٽوايو“ ۽ ”چشم چراغ“ سان ڪئي ويندي آهي. پهرئين ڪتاب ۾ جيئن سندس نالو ڏيکاري ٿو، فارسي معنيٰ سان سنڌي لفظن جي فهرست ڏنل آهي.”ٽوايي“ ۾ عربي لفظ به ڏنل آهن. پوئين ڪتاب ۾ فارسي فعلن جا گردان ڄاڻايل آهن.

ٻيو، سليس ۽ عام فهم شعر جا ڪتاب جيئن ”ڪريما  ۽ ”ناگهان“ آهن، جي سعدي جا لکيل سمجهيا ويندا آهن. انهن ڪتابن تي اهي نالا انهن جي منڍ وارن لفظن تان پيل آهن. اهي شعر، سنڌي ساهت ۾ اها حيثيت رکن ٿا، جا انگلنڊ ۾  Deserted Village (ويران ڳوٺ) ۽ Grays Elegy (گري جي مرثين) کي حاصل آهي.

ٽيون، تاريخ انشا ۽ مشهور شاعرن جا ڪلام، جيئن ته ”گلستان“، ”بوستان“، ”حافظ“،”جامي“،”نظامي“ وغيره آهن. پويان ٽي ڪتاب شرح ۽ حاشيه ]12[ کان سواءِ پورا ڪڏهن نه سمجهيا ويندا آهن. اهي علم جا سهارا، آسانيءَ سان دستياب به ڪو نه ٿيندا آهن. سچ پچ ڏکيا ڪتاب جهڙوڪ مثنوي جلال الدين روميءَ جي، خاقاني جا قصيدا ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ڪتاب شاگردن خواهه استادن جي سمجهه کان ٻاهر هوندا آهن. فردوسيءَ جو ”شاهنامو“ ورلي پڙهيو ويندو آهي.

جيڪڏهن طالب علم کي عالم ٿيڻ جو ارادو هوندو آهي. ته پوءِ هو پندرنهن سورهن ورهين جي ڄمار ڌاري، ڪنهن مدرسي ۾ وڃي داخل ٿيندو آهي. چون ٿا ]13[ ته ٽالپرن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ اهڙا ڇهه مکيه مدرسا هوندا هئا. 1. سيوهڻ، 2. پاٽ، 3. کهڙا، 4. متعلوي يا مٽياري، 5. عمرڪوٽ جي ڀرسان مُهڙ، يا ولهار ۽ 6. ناري تي چوٽيارين ۾.

مدرسن جو دارومدار وقف تي هوندو آهي. دنيادار ۽ ديندار ماڻهو مدرسي جي فائدي ۾ بخشش يا وصيت ڪندا آهن. اسلام ۾، هيءُ هڪ نهايت ڪارآمد ۽ تعريف جوڳو رواج آهي ته ان جا مڃيندڙ مقبرن ۽ خانقاهن جي بدران مدرسن ۽ درسگاهن جي مدد ڪندا آهن. خالص اسلامي ملڪن ۾، (جهڙوڪ افغانستان) ڪيترا ماڻهو پنهنجي ساري زندگي طالب ٿي ڪنهن مدرسي يا مسجد ۾(جنهن کي ڪنهن وقف مان امداد ملندي آهي) بسر ڪندا آهن. ان مان غريب طالبن کي وڏيون سهولتون ملنديون آهن. اتي هنن کي هميشه ڪو نه ڪو اهڙو قابل عالم ملي ويندو آهي، جنهن پنهنجي سڄي حياتي ڪنهن خاص علم جهڙوڪ منطق، فسلفي يا صرف و نحو جي تحصيل ۾ صرف ڪئي هوندي آهي. وقف اهڙن طالب علمن ]14[ جي پرورش لاءِ هڪ ڪارائتو ۽ ڪفايتي طريقو آهي، جي زندگيءَ ۾ طبيعتاً ڪنهن عملي ڪم ڪرڻ جي لائق نه هوندا آهن. اهو هنن جي ڪاهليءَ کي. چڱي ڪم ۾ رڌل رکندو آهي. ٽالپر هر هڪ مدرسي کي ان جي ضرورت مطابق ماهيانو وظيفو ڏيندا هئا. هڪ هڪ مدرسي ۾ هڪ يا ٻه مخدوم هوندا هئا، جي مٿين درجن جي طالبن ]15[ کي درس ڏيندا هئا، انهن کي چڱيون پگهارون ملنديون هيون ۽ سندن نهايت تعظيم ڪئي ويندي هئي. انهيءَ عهدي لاءِ گهڻا ماڻهو خواهان هوندا هئا. ملڪ جو وڏي ۾ وڏو سيد به انهي عهدي لاءِ درخواست ڪرڻ کان عار ڪين ڪندو هو. ٻيا استاد، ٽي چار يا پنج مولوي هوندا هئا، جن کي ٽيهن کان سٺ رپين تائين وظيفو ۽ بعضي ڪي انعام پڻ ملندا هئا. خطابين جو تعداد مقرر ڪو نه هوندو هو. ان جي مدار مدرسي جي جڳهه ]16[ جي وسعت تي هوندو هو. شاگردن کي روزاني خوراڪ ۽ ڪن حالتن ۾ روڪ خرچي به ملندي هئي. کين ڪپڙو لٽو به سرڪاري خرچ تي ملندو هو. هو سڄو ڏينهن پڙهندا هئا، سواءِ اڱاري ۽ جمعي جي ڏينهن جي. ٻن عيدن ۽ محرم ۾ عاشورن جي موقعي تي کين موڪلون ملنديون هيون. جيڪڏهن ڪو طالب پاڻ کي لائق ثابت ڪندو هو ته کيس ٻئي ٻئي سال گهر وڃڻ جي لاءِ ٻه ٽي هفتا موڪل ملندي هئي. بنان موڪل غير حاضريءَ ۽ نافرمانبرداريءَ جي سزا مدرسي مان نيڪالي هوندي هئي. بدڪاريءَ لاءِ خاص ڪري، جنس نازڪ سان دڙا]17[ هنيا ويندا هئا. شاگردن کي تلوارن ڪٽارين کڻڻ جي اجازت هوندي هئي، بلڪ هو اهو پنهنجو حق سمجهندا هئا. پر هو انهن جو بيجا استعمال ڪين ڪندا هئا، جيئن افغان طالب العلم ڪندا آهن.

تعليم جو عام نصاب هن ريت آهي: جيڪڏهن سنڌي زبان جي اسان جي مادري زبان سان، فارسيءَ جي لاطينيءَ سان ۽ عربيءَ جي يوناني زبان سان ڀيٽ ڪبي ته ڏسڻ ۾ ايندو ته عيسائي يونيورسٽين ۽ اسلامي مدرسن ۾، جوان طالب علمن کي هڪجهڙي دماغي غذا ملي ٿي: 1. صرف و نحو، 2. منطق، 3. فقه، 4. تفسير، 5. حديث ۽ آخر ۾ علم معاني، بيان ۽ بديع ، جو ورلي پڙهيو ويندو آهي.

درسي ڪتابن جو مختصر احوال دلچسپيءَ  کان خالي نه رهندو. طالب علم صرف جا بنيادي اصول يا عربي فعلن جا گردان، شايد مڪتب مان اڳيئي سکي ايندو آهي. پهريون ڪتاب ]18[ جو هن پڙهيو سو اهي ميزان صرف نالي، فعلن جي مضمون تي مشهور ولي ۽ عالم، لال شهباز جو لکيل مختصر رسالو. اهو گهڻو ڪري اجناس يا منشعب وانگر حفظ ڪيو ويندو آهي. اجناس ۾ اشتقاق ٺاهڻ جا سليس قاعدا آهن. ”قسم دويم“ ۾ بيقاعدي فعلن جو ذڪر ۽ صرف صغير ]19[ ٺاهڻ جو طريقو ڏنل آهي. اهي ٻيئي ڪتاب، فارسيءَ ۾ لال شهباز جي روحاني قلم جا لکيل آهن. ٽيون ڪتاب جو اڪثر پڙهيو ويندو آهي، تنهن جو نالو آهي ”عقد“، اهو به ساڳئي مصنف جو جوڙيل آهي. اهو گڏيل فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ لکيل آهي، ۽ حرفن جي تبديل جي بي پايان، مضمون سان تعلق رکي ٿو. ان ۾ جدا جدا قسمن جي بيقاعدي فعلن جا اصول پڻ ڏنل آهن. چوٿون ڪتاب آهي ”زيدة“،  ان ۾ ساڳي مضمون جا وڌيڪ مثال ڏنل آهن. اهو ڪتاب ياد ڪرڻ لاءِ نظم ۾ به لکيل آهي ڪي شاگرد نثر ياد ڪندا آهن ۽ ڪي نظم. تنهن کان پوءِ، طالب، نحو يا اسمن ۽ ضميرن وغيره جا گردان پڙهڻ شروع ڪندو آهي. اول اول هو مشهور ڪتاب ”مائة عامل“ يا سؤ مکيه حرف ۽ ان جي شرح ]20[ پڙهندو آهي. انهن ڪتابن جي دور بعد هو وري ٻيهر صرف ڏي ڌيان ڏيندو آهي ۽ مير سيد علي شريف ]21[ جي تصنيف يا جاميءَ جو فارسي ۽ عربيءَ ۾ تصنيف ٿيل ڪتاب ”صرف زرادي“ پڙهندو آهي. اتي هن جي تعليم ختم ٿيندي آهي. جيڪڏهن اڃان به وڌيڪ تحصيل ڪرڻ جي مرضي هوندي اٿس ته ”عجيب ڇوڪري“]22[ ابن حاجب جو بي بها ڪتاب ”شافيه“ پڙهندو آهي. پر هيءُ ڪتاب اڪثر استاد خواه شاگرد جي سمجهه کان ٻاهر هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته جاربردي يا الرازيءَ جون شَرَحون ڪن ٿورن وٽ آهن. تنهن کان پوءِ وري ڦري ايندو آهي نحو تي ۽ ابوالحسن علي الضريري القهُندي جو عربي ڪتاب ”نحوضريري“ پڙهندو آهي ۽ منطق سکڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. عربي صرف و نحو ۽ منطق جي وچ ۾ ٿورو تفاوت آهي ۽ اهي ٻئيي هڪ ٻئي جي مدد کان سواءِ چڱيءَ طرح ڪو نه سمجهي سگهبا آهن. نحو تي جي مکيه ڪتاب پڙهيا ويندا آهن، سي هن ريت آهن: سجاونديءَ جي تصنيف، اهو ڪتاب اهڙو قيمتي نه آهي، جهڙو سمجهيو وڃي ٿو. هداية النحو ۽ آخر ۾ الڪافيه ]23[، جو برزبان ياد ڪيو ويندو آهي ۽ ان سان گڏ جاميءَ جي مشهور شرح جنهن کي ”شرح ملا جامي“ چوندا آهن ۽ عبدالحڪيم ۽ عبدالغفور جون  حاشيون.

منطق ۾ پهريون ڪتاب جو پڙهيو ويندو آهي، سو آهي فرفوريوس جو ”ايساغوجي“، جو اثير الدين ابهري عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. اهو هميشه پهريون ڏاڪو ڪري ليکبو آهي. تنهن کان پوءِ ان جي هڪ شرح آهي، جنهن کي ”قال اَقول“]24[ چوندا آهن. ان کان پوءِ، ڪي طالب ”شمه“ ۽ ان جون ٻه شرحون پڙهندا آهن. شمه برزبان ياد ڪيو ويندو آهي. تنهن کان پوءِ، وري ٻه ننڍڙا رسالا ”نيم روزي“ ۽ ”يڪ روزي“ ]25[ پڙهيا ويندا آهن. اهي رسالا اڌ ۽ هڪ ڏينهن ۾ لکيا ويا هئا، تنهنڪري انهن نالن سان سڏجن ٿا. انهن کان پوءِ شاگرد علامه عمر بن علي ڪاتبيءَ جي مشهور ڪتاب ”شمسيہ“  جو اڀياس ڪندو آهي. نصاب ”قطبي“ سان ختم ٿيندو آهي جا مٿئين ڪتاب تي هڪ ڊگهي شرح آهي. ڪن عالمن ” زبدة“  ”تهذيب“ ۽ ”سُلم“ به پڙهيا آهن. مرزائن ۽ ٻين منطقين جا منجهائيندڙ ڪتاب بنهه ڪو نه پڙهيا ويندا آهن.

اسلام ۾ منطق جو علم غير مقبول آهي، خاص ڪري نيم خواندن ۾، جي ان تي مذهبي اعتراض ]26[ وٺندا آهن. مگر اها ڳالهه سڀ قبول ڪندا آهن ته منطق جو علم عقل کي تيز ڪري ٿو. ڪي وري ان کي شيطاني علم ڪري سمجهندا آهن. جوان شاگرد جڏهن ترڪيب جون پيچيدگيون سکي علم ڪلام جي جادوءَ جي اثر هيٺ ايندو آهي، ته هن جي دماغ کي الاهي ۽ مذهبي عملن جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويندو آهي. انهيءَ تعليم جو پهريون ڏاڪو آهي، ”هداية“ ۽ ” وقاية“ ۽ ٻين رواجي حنفي مذهب جي ڪتابن جو پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ.“

صغير ٻارن ۽ زالن لاءِ مذهب جي اصول ۽ عمل تي نظم خواه نثر ۾ گهڻائي سنڌي رسالا آهن. شاگرد اهي ڪتاب گهڻو ڪري مڪتب ۾ پڙهندا آهن، تنهنڪري مدرسي ۾ انهن جي وڌيڪ اونهي اڀياس ڪرڻ لاءِ هو ڪجهه قدر اڳي ئي تيار هوندا آهن. تنهن کان پوءِ، ٻيو ڏاڪو آهي ڪو تفسير پڙهڻ، جهڙوڪ: ”جلالين“ ”مدارڪ“، ”بيضاوي“، ”اصمعي“، ”ڪشف جواهر“،
حسيني“ ۽ ٻيا. ساڳئي وقت حديث جو علم پڻ سيکاريو ويندو آهي. مگر ان جو اونهو اڀياس ڪو نه ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته حديث گهڻي ڪم ۾ ڪا نه ايندي آهي. حديث فقط اهي پڙهندا، جن کي پنهنجو سمورو وقت مذهبي علم جي تحصيل ڪرڻ ۾ صرف ڪرڻ جو ارادو هوندو آهي. تمام ٿورا طالب نحو ۽ منطق ۾ ايتري ترقي ڪندا آهن، جو معافي ۽ بيان جي علم پرائڻ جي ڪوشش ڪري سگهن. جيڪڏهن ڪي اهڙي ترقي ڪندا به آهن، سي ”تلخيص“ نالي هڪ درسي ڪتاب ۽ ان جي ٻن شرحن مختصر ۽ مطعول کان اڳتي ڪو نه ويندا آهن.

ٻيا علوم هي آهن:

1. قراّت.

2. مناظرهه.

3. عروض.

4. طب.

5. غيب جو علم جهڙوڪ رمل، نجوم ۽ جعفر.

6. تاريخ، جا ولي پڙهي ويندي آهي.

7. حڪمت يا فلسفو. مون ٻڌو آهي ته سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو نه آهن جن ”بو علي سينا“ ۽ ”چلپي“ ۽ ٻيا مشهور مصنف پڙهيا هجن ۽ نڪي منهنجي اهڙن ماڻهن سان ملاقات ئي ٿي آهي. 8. علم خط.

قرأت يا تجويد يعني قرآن جي صحيح اچارن ۽ پڙهڻ جي فن تي اسان جي صوبي ۾ گهڻو ڌيان ڪو نه ڏنو ويندو آهي. هندستان ]27[ وانگر، سنڌ ۾ ستن قارين مان، جن قرأت جا اصول قائم ڪيا هئا، عام طرح ماڻهن کي فقط حفص جي خبر آهي. درس لاءِ عام طرح ”لجزري“ جو ننڍڙو رسالو ڪم آڻيندا آهن، جو سندس وڏي ڪتاب ”طيبات النشر“ جو خلاصو آهي. پر اهڙيون ٻيون به گهڻيون عربي، فارسي ۽ سنڌي تصنيفون، نثر خواه نظم ۾ آهن. سنڌ جا ماڻهو عربيءَ جا اچار هڪ عجيب نموني ۾ ڪندا آهن. هو ڪيتري به ڪوشش ڪندا آهن. پر پوءِ به سندن ناقص تلفظ نه سڌرندو آهي. ها، البت ڪو حاجي گهڻو وقت مقدس شهرن ۾ رهي پنهنجي وطن موٽي ايندو آهي، ته اهو صحيح اچار ڪري سگهندو آهي، نه ته ٻيو مڙيو ئي خير. ساڳئي وقت سارو ملڪ، حافظن سان ڀريو پيو آهي، جن کي سارو قرآن برزبان ياد آهي. اهي ماڻهو مسجدن ۾ ۽ مقبرن تي ختما ڪڍي، پنهنجو گذران ڪندا آهن. هو ننڍي هوندي کان وٺي حفظ ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ پنجن، ستن ورهين ]28[  ۾ سارو قرآن ياد ڪندا آهن. سڀني عالمن کي ڪتاب مقدس جا هيٺيان حصا ياد ڪرڻا پوندا آهن:

1. فاتحه يا پهريون فصل.

2. آخري جزءِ يا حصو، ان جون ننڍيون سورتون نماز ۾ پڙهبيون آهن.

3. ڇٽيهون باب ياسين، جو سڪرات جي آسانيءَ لاءِ پڙهيو ويندو آهي.

4. چوئيتاليهن، ايڪهترهين ۽ ٽيهترهين باب جون سورتون، جي مصيبت، تڪليف ۽ تنگيءَ ۾ تعويذ جو ڪم ڏينديون آهن.

5. مصحف جا اهي حصا، جن ۾ احڪام ڏنل آهن. مثلاً ٻئي پاره. وضوءَ ۽ غسل تي مختصر آيتون آهن.

خوشقسمتيءَ سان علم مناظره يا حجت جي فن جي گهڻي خبر ڪا نه اٿن. اهو علم منطق جي هڪ شاخ آهي. يونانين وانگر سنڌي به ان کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائين ٿا: هڪڙو استفهاميه مناظره ۽ ٻيو عام مناظره. انهيءَ قسم جو مون فقط هڪرو ڪتاب ڏٺو آهي. اهو هڪ ننڍڙو رسالو هو، جنهن ۾ ست جدا جدا مضمون هئا. انهن ۾ ڏيکاريل هو ته مخالف ڌر جيڪڏهن برابر هجي ته ڪيئن هن کي رد ڏجي ۽ پاڻ غلط هجي ته ڪيئن پنهنجيءَ راءِ کي صحيح ثابت ڪجي.

علم عروض، عربي صرف و نحو جي شاخ ڪري نه شمار ڪئي ويندي آهي، تنهنڪري ان جو ورلي باقاعده اڀياس ڪيو ويندو آهي. فقط ”نصاب الصبيان“ ۽ ان جون شرحون عام طرح ڪم آنديون وينديون آهن.

طب جو طالب العلم پهريائين ” طب يوسفي“]29[ پڙهندو آهي. اهو هڪ ٿورڙن صفحن جو نثر ۽ نظم ۾ لکيل رسالو آهي ۽ ان جا بيت ياد ڪيا ويندا آهن. تنهن کان پوءِ، هو ادويات ۽ علاج جون فارسي تصنيفون جهڙوڪ ”ميزان“ ۽ ”تحفة المومنين“ پڙهندو آهي. ساڳئي وقت هو ڪنهن گانڌي يا پساريءَ جي دڪان تي وڃي، سندس پيشو پڻ سکندو آهي. پوءِ هو پنهنجو خاص پيشو اختيار ڪندو آهي. سنڌ ۾ حڪيم ٽن درجن جا هوندا آهن: هڪڙا ادنيٰ يعني ڪورا جاهل، جي لکي پڙهي نه ڄاڻن، ٻيا وچولا، جي سنڌيءَ يا سليس فارسيءَ جا ڪتاب پڙهي سگهن. ٽيان اعليٰ، جي وڏي پايي جا ۽ تعليم يافته ]30[ هوندا آهن ۽ علمي ٻولين جي چڱي واقفيت هوندي اٿن. طالب کي ڪنهن مشهور حڪيم جو شاگرد ٿيڻو پوندو آهي، جنهن کان هو علاج جا آسان طريقا سکندو آهي. هو نشتر هڻڻ جو علم نهايت محنت ۽ ڪوشش سان اڪ ۽ پپر جي پنن تي سکندا آهن. قاروره يعني پيشاب، خبرداريءَ سان چڪاسيو ويندو آهي. نبض جون خاصيتون پڻ سکيون وينديون آهن. ڏنڀ استاد پاڻ ڏئي ڏيکاريندو آهي. تنهن کان پوءِ هو مفلس مريضن جي علاج ڪرڻ جي لائق سمجهيو ويندو آهي. مرهم پٽي ڪرڻ، رت ڳڙهه ڦيهڻ ۽ ڦلي ڪڍڻ جو ڪم به انهن تي سکندو آهي. پڇاڙيءَ جو هو علم تشريح ۽ جراحيءَ جو مختر اڀياس ڪندو آهي. پرهيز جي اصولن، نسخن ۽ جڙين ٻوٽين ]31[ جو هن کي ڪافي علم هوندو آهي.

الڙ حڪيم، پنهنجي ليکي ماڻهو مارڻ شروع ڪندو آهي. سنڌيءَ ۾ چون ته ”دوا اندر دم ٻاهر“. آزمودو ۽ شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ هو پُڙيون ۽ صلاح مفت ڏيندو آهي. شهرت حاصل ڪرڻ جو اهو طريقو اهڙو خطرناڪ نه آهي، جهڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. گهڻا ماڻهو صلاح مصلحت ڪري دوائون وٺي ويندا آهن، پر انهن جو استعمال ڪي ٿورا ڪندا آهن.

ماڻهن کي مارڻ ۽ کارڻ کان پوءِ، حڪيم پنهنجو محنتاڻو وٺڻ شروع ڪندو آهي. في، علاج کان اڳ ۾ مقرر ڪئي ويندي آهي ۽ ڇٽڻ کان اڳ ڏيڻي پوندي آهي. حڪيم کي خبر آهي ته جيڪڏهن مريض مري پيو ته هن جا رشتيدار کيس معاوضو ڪو نه ڏيندا. پر جيڪڏهن هو بچي پيو ته به لوازمي ملڻ جو امڪان گهٽ هوندو آهي. اجوري جي مقدار جو مدار، مريض جي شان ۽ دولت تي هوندو آهي. جيڪڏهن مريض ڪنهن وڏي عهدي تي هوندو آهي ته في هن جي ڪرم تي ڇڏي ويندي آهي. پيشي ۾ ايمانداري خيرڪي هوندي آهي. حڪيم کي بيمار زالون ورلي ڏسڻ ڏيندا آهن. حڪيم ۽ مريضه جي ٺهي وڃڻ جو هر وقت انديشو رهندو آهي. حڪيم کي هر ڪنهن نموني جي سهولت ڏني ويندي آهي. هن کي سواري لاءِ وهٽ موڪليو ويندو آهي. ڪمري ۾ عزت واري جاءِ تي ويهاريندا اٿس، ۽ اهڙي قسم جون ٻيون سهولتون به ڏنيون وينديون آهن. جيڪڏهن ائين نه ڪن ته مريض کي فضيلت ]32[ سيکارڻ لاءِ نسخي ۾ ضرور ڪا نه ڪا ڀل چوڪ ٿي ويندي. تشخيص هن نموني ٿيندي آهي: حڪيم ويهي مريض کي جاچي، علامتون پڇي، سندس نبض ڏسندو آهي. بعضي هو سندس پيشاب گهرائي چڪاسيندو آهي. تنهن کان پوءِ هو عربيءَ ۾ ڪجهه ڀڻ ڀڻ ڪندو آهي ته جيئن ڪنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي. آخر هو مريض کي دلداري ڏيئي، کانئس موڪلائيندو آهي. تنهن کان پوءِ هو وڃي ڪتاب اُٿلائي ڏسندو آهي ۽ مرض جي تشخيص ڪندو آهي. ان بعد هو هڪ ڊگهو نسخو ]33[ لکندو آهي. شروعات نشتر سان ڪئي ويندي آهي، پوءِ، جلاب ڏنو ويندو آهي ۽ پڇاڙيءَ جو خوراڪ جون هدايتون هونديون آهن. پرهيز سخت ڪرائي ويندي آهي. جيڪڏهن مريض نشتر ۽ جلاب مان چڙهيو ته هن جي بچڻ جو امڪان هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو مريض بيماريءَ مان اٿندو آهي ته سندس سمورا عزيز گڏ ٿيندا آهن ۽ حڪيم تمام گنڀيرتا سان مريض کي غسلِ صحت يا مٿي تي پاڻيءَ وجهڻ جي اجازت ڏيندو آهي. حاضرين ان جي مٿان پئسا گهوريندا آهن. اهي پئسا حڪيم جو لوازمو سمجهيا ويندا آهن. پر جيڪڏهن ڪا ڳالهه هيٺ مٿي ٿيندي آهي ته حڪيم پاڻ کي ۽ فوتيءَ جي عزيزن کي آٿت ڏئي چوندو آهي ته جيڪا الله جي مرضي، بس قسمت ائين هئي، ان ۾ شايد غيبات جو هٿ هو!

سنڌ ۾ جراحي تمام پٺتي پيل آهي. علم تشريح جو پورو اڀياس ڪو نه ڪيو ويندو آهي. اهي ڪتاب، جن ۾ بدن جي عضون جون شڪليون ۽ بيان ڏنل هوندا آهن، سي جاهل ڪاتب نقل تان نقل ڪندا آهن، تان جو انهن جو اصلي مقصد ئي بدلجي ويندو آهي. وڍڪٽ تي مذهبي اعتراض ڪيو ويندو آهي،  جنهنڪري استاد خواه شاگرد جاهل هوندا آهن. نه سنڌ بلڪ سڄي مشرق ۾ ماڻهو يورپي جراحن جي ڪاريگريءَ ۾ اعتقاد رکندا آهن. پر اسان جي دوائن ۾ هنن کي ايمان ڪو نه هوندو آهي. اسان ڏيهي ماڻهن جي بدني بناوت، خوراڪ ۽ عادتن جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪو نه ڪيو آهي، تنهنڪري ڪيترن خوبين هوندي به اسان جي حڪيمن لاءِ انهن کي عزت ڪا نه آهي. هو اهو به سمجهي نه سگهندا آهن ته اسان ڇو قوت باهه جي ادويات کان غير واقف آهيون. مشرق ۾ اهڙو طب جو ڪتاب نه هوندو، جنهن جو ڳچ حصو انهيءَ مسئلي لاءِ وقف ٿيل نه هجي. هر هڪ حڪيم کي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ انهيءَ مسئلي تي مشورو ڏيڻو پوندو آهي.

هڪڙو شريف ماڻهو پنهنجي گهر واريءَ کي ويم ۾ مرڻ ڏيندو، پر ڪو ويڄ يا حڪيم نه گهرائيندو! تنهن کان سواءِ ويم جو ڪم رڳو دايون ڄاڻن. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته جي ويم سولو هوندو آهي ته واه، نه ته مائيءَ جو ٿيو خاتمو. اهڙين حالتن ۾ ٻيو علاج هوندو آهي صدقو ڪڍڻ، دعائون پڙهڻ يا مريض جي سٿر ۾ تعويذ ٻڌڻ، جي مائي هيٺ مٿي ٿي ته گارين جو وسڪارو هوندو آهي]34[ جنن تي.

سنڌ جا ماڻهو ڪنهن زماني ۾ خوشنويسيءَ ۾ مشهور هوندا هئا. هن وقت هنن وٽ فقط ٽن نمونن جا اکر آهن:

1. نسخي، جنهن کي عام طرح عربي اکر چوندا آهن.

2. نستعليق يا چٽا اکر.

3. شڪسته يا ڀڳل اکر.

مون سنڌ ۾ نسخي اکرن جا تمام سهڻا نمونا ڏٺا آهن. عام طرح سنڌ ۾ اهي اکر چڱيءَ طرح لکيا ويندا آهن، پر شڪسته اکر نهايت اڻوڻندڙ نموني ۾ لکيا ويندا آهن. ڪوفي اکر هاڻي ماڻهن کان بلڪل وسري ويا آهن. پر مسجدن ۽ مقبرن جون ڀتيون شاهدي ڏين ٿيون ته انهن جو ڪنهن زماني ۾ گهڻو رواج هوندو هو. ٻين زيبدار اکرن جهروڪ ثُلثي، ريحان وغيره اکرن جي ماڻهن کي خبر به نه آهي. ٽالپر مير، خوشنويسن جا مربي هوندا هئا. هو بعضي بعضي مشهور ڪاتب ايران کان به گهرائيندا هئا.

پڇاڙيءَ جو سنڌ ۾ مسلمانن جي تعليم متعلق ايترو چوڻ ضروري آهي ته اسان جي نقطئه نظر کان ان ۾ حسابن تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. حافظي تي عربي صرف و نحو جي باريڪ نڪتن جي بوجي وجهڻ ۽ درسي ڪتاب بر زبان ياد ڪرڻ جو رواج، تعريف جي قابل نه آهي. پر هنن کي حفظ ڪرڻ جي طريقن جي خبر آهي، جيتوڻيڪ هو جديد يورپي طريقن کان بلڪل غير واقف آهن. اکرن کي عدد ڏيڻ جو دستور، جنهن کي ابجد چوندا آهن، سو تاريخن ڪڍڻ لاءِ هڪ نهايت ڪارائتو طريقو آهي، ان جي مدد سان شاگرد بامعنيٰ جملا ]35[ حفظ ڪري، تاريخون ياد ڪري سگهن ٿا. مصنوعي لفظ، جن ۾ مخفي معنائون رکيل هونديون، يا جوتشن يا رمل جا حساب وغيره ڏنل هوندا آهن، تن جو پڻ گهڻو رواج آهي. هي اڪثر بيتن جي صورت ۾ هوندا آهن. پيشن ۽ هنرن سان واسطو رکندڙ شعر گهڻو ڪري ياد ڪيا ويندا آهن. انهن جي مدد سان ترڪيب، منطق ۽ علم عروض جا نڪتا سولائيءَ سان ياد ڪري سگهبا آهن. ]36[ ۽ اهي حافظي ۾ گهڻو عرصو رهندا آهن. اهي برابر ڪارآمد طريقا آهن، پر انهن جو اثر وگيانڪ طريقي جي علمن جهڙو پختو ۽ پائدار نه آهي.

سنڌ جي برهمڻن جي وديا جي مون کي ذاتي خبر ڪا نه آهي، مگر مون انهيءَ نيات جي ماڻهن سان ڳالهيون ڪري، ڪافي معلومات حاصل ڪئي آهي. هو سڀ قبول ڪن ٿا ته اسان جي وديا فقط سنسڪرت وياڪرڻ، جوتش ]37[ عام ڌرم شاسترن تي محدود آهي. ڪي ڀڳوت، پراڻ يا منتر شاستر به سکندا آهن. ڪي ٿورا بجرويد جو سنهيتو ۽ انهن کان به ٿورا خود، اهو سڄو ويد پڙهندا آهن. هندو عامل، جو هميشه ويش ذات جو هوندو آهي، سو ورلي سنسڪرت سکندو آهي. ننڍي عمر ۾ هو ڪنهن برهمڻ وٽ ويندو آهي، جو ڪن ڌرمي ساٺ سڳڻ کان پوءِ وديارتيءَ کي چڱي سوڻ لاءِ ديوناگري آئيويٽا پرهائيندو آهي. ان کان پوءِ، وديا جو ڪم باقاعدي شروع ٿيندو آهي. اُن ڇوڪر کي آخوند وٽ موڪليو ويندو آهي. جو گهڻو ڪري مسلمان هوندو آهي. اتي هو فارسي زبان لکڻ ۽ پرهڻ سکندو آهي، هو جڏهن ايتري ترقي ڪندو آهي جو ”گلستان“ هر ڪرن جي انشا“  ۽ سليس حساب ]38[ سمجهي سگهي، تڏهن کيس ڪو مٽ مائٽ دفتر ۾ ملازمت لاءِ رکائيندو آهي ۽ اتي هو عريضن لکڻ جا راز ۽ اهڙا سولا حساب سکندو آهي جن جي کيس سندس ڪاروبار ۾ ضرورت پوندي آهي. هو پنهنجي پيشي جون لچايون، ٺڳيون ۽ چالاڪيون پڻ چڱيءَ طرح سکندو آهي. هن جي فارسي نهايت کل جهڙي هوندي آهي. هو صرف ۽ نحو جي سليس قاعدن کان به غير واقف هوندو آهي ۽ اسم ۽ فعل جي تفاوت جي خبر به ڪا نه پوندي اٿس. هو جامي، نظامي، خاقاني ۽ ٻيا ڏکيا مصنفن جا ڪتاب پڙهندو يا پڙهڻ جو ڏيک ڪندو آهي، پر سمجهي حافظ جو هڪ معمولي شعر به نه سگهندو آهي. هن جي لکڻ جي طرز انشا نويسن جي ناقص تصنيفن جي طرز تي هوندي آهي ۽ هن جو تلفظ  آخوندن جي اچارن تي ۽ اکر دفتر جي ردي اکرن تي ٻڌل هوندا آهن. جيڪڏهن نانڪ شاهه جي متن ۾ ويساهه هوندو اٿس، ته هندو عامل اڪثر گرنٿ جا شبد واچڻ ۽ ٻولڻ سکندو آهي. هو گرنٿ جي سمجهڻ يا گُرمکي اکرن پڙهڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي، جيستائين ڪو خاص مقصد نه هوندو اٿس. رواجي طرح هو ضروري پراوٿنائن جو نستعليق اکرن ۾ هڪ نقل وٺندو آهي ۽ اهو ڀڳتيءَ جي اُتساه ۽ ويساهه مان پڙهندو آهي. مون فقط هڪڙي هندوءَ جو نالو ٻڌو آهي، جنهن اهڙي دق علم ]39[  سکڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي همت ڌاري هئي.

هاڻي اسان جي حڪومت ۾ مسلمانن کي هندن کان گهٽ پڙهڻ جون سهولتون آهن. تعليم جي ترقيءَ لاءِ ڇهن مدرسن بدران اسان هن وقت تائين حيدرآباد ۾ فقط هڪ اسڪول کولڻ جي اجازت ڏني آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ هڪڙي انڊو برٽش اسڪول کي به اسان امداد ڪيون ٿا، ان کانسواءِ، هڪ ٻ؟ي اسڪول کي به اسان مدد ڪيون ٿا، جو خانگي چندن سان  هلي ٿو ۽ جنهن جي سنڀال هڪ هندو ڪرستان ڪري ٿو. تنهنڪري مسلمانن جي تعليم جو دائرو هينئر تمام تنگ ٿي ويو آهي ۽ ان جو سارو دارو مدار ننڍن ننڍن مڪتبن تي وڃي رهيو آهي، جن سان سڄو ملڪ ڀريو پيو آهي. هندن جو سوال ٻيو آهي.  ]40[ هنن جا ضمير ۽ اصول وڌيڪ ملائم آهن. هو پنهنجي حالت سڌارڻ لاءِ ڪرستان ٿيڻ جي آخري قدم کڻڻ کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا. هو اسان جي ماڻهن کان مذهبي رسالا ۽ انجيل مقدس جا ترجما، جن جي تقسيم ڪرڻ جو اسان جي هموطنين کي شوق آهي، وٺي پڙهندا، خاص ڪري جي اٻوجهه سخاوت ڪندڙ کي دنيوي فائدي ڏيڻ جو ذريعو هوندو ]41[. هندو پنهنجن حاڪمن کي خوش ڪرڻ لاءِ انجيل پڙهي ان مان فقرا ياد ڪندا، انهن جي اسڪولن ۾ بنان ناغي جي ويندا ۽ انهن جي پرارٿنا ۾ به شامل ٿيندا. پر جڏهن هنن جو مطلب پڪي طرح سڌ ٿي ويندو، يا هو اميد بلڪل لاهي ويهندا، تڏهن هو اوائلي گوا جي ”ڀَت جي ڪرستانن“ وانگر، پنهنجي اسلوڪي جاءِ روپ ۾ ظاهر ٿيندا. پوءِ هو پنهنجي نيات ۾ پنهنجي اصلوڪي جاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ جا هنن لالچ ڪري وڃائي هئي، اڳي کان به زياده ڪٽرپڻو ۽ تعصب ڏيکاريندا. مسلمان هنن جي برعڪس پري بيهي زماني جي رفتار کي حسرت جي نگاه سان جاچيندو ۽ پراڻي مذهبي پهاڪي جي شهادت ڏيندو ته ”النناس عليٰ دين ملوڪهم“ يعني ماڻهن کي سندن حاڪم مذهب ڏيندا آهن.

اڄڪلهه ملڪ جي حاڪمن ۾ ان ڳالهه تي هڪ بيسود ۽ ڊگهو بحث هلي رهيو آهي ته ادبي ۽ سرڪاري ڪاروبار لاءِ ڪهڙي زبان منتخب ڪئي وڃي. ٻولين جا ماهر سنڌيءَ جي فائدي ۾ آهن، ڇاڪاڻ ته جنهن مقصد لاءِ زبان جي ضرورت آهي، تنهن لاءِ سنڌي ٻولي نهايت موزون آهي ۽ عام ماڻهو اها چڱيءَ طرح سمجهن ٿا.

ٻي ڌر، فارسيءَ يا هندستانيءَ جي فائدي ۾ آهي. هنن جو خيال آهي ته سنڌي هڪ خام ۽ ڳوٺاڻي ٻولي آهي. ازانسواءِ، ان جو پورو معيار به نه آهي ۽ ان کي نه ڪي باقاعدي اکر آهن ۽ نه ان ۾ ڪو اتهاس آهي. سنڌي اتهاس پست پيل آهي، جيتوڻيڪ سنڌي زبان زنده آهي ]42[. هن مسئلي تي گهڻي جهالت ۽ غلط فهمي ڦهليل آهي، پر پوءِ به مان سمجهان ٿو ته زبان جا ماهر ضرور کٽندا، ڇاڪاڻ ته هو حق تي آهن. مطلب ڳالهه جو هيءُ آهي ته زبان کي ڪيئن ڦهلائي سڌارجي ۽ ڪارائتو بڻائجي. انهيءَ لاءِ اهو ضروري آهي ته اسڪول هڪدم قائم ڪيا وڃن.

سنڌ جي پنجن وڏن شهرن يعني ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد، سيوهڻ ۽ سکر ۾ ڏيهي سنڌي اسڪول کوليا وڃن. انهن ۾ لکڻ پڙهڻ، ڪجهه صرف و نحو ۽ انشا سيکارڻ گهرجي. شاگردن جو تعداد چاليهن يا پنجاه جي اندر هئڻ گهرجي. تعليم جو معياد ٽي يا چار سال هئڻ کپي. سنڌ جهڙي ملڪ ۾ ابتدائي تعليم تي وقت وڃائڻ اجايو آهي.

مڪاني زبان جي انهيءَ خدمت ڪرڻ کان پوءِ واجب آهي ته اسان پنهنجي ٻوليءَ جي تعليم کي ترغيب ڏيون ۽ ان ۾ اسان جي پڻ ڀلائي آهي. جيڪڏهن ڏيهي ماڻهن کي علم پرائڻ جو موقعو ڏيڻو آهي ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي ته اسان کانئن گهڻو اڳتي آهيون. جيڪڏهن کين پاڻ ڏي اوڏو ڪرڻو آهي ته پوءِ انهن کي انگريزي ٻولي ضرور سيکارڻ گهرجي. ٽن مکيه شهرن يعني ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ اسڪول کولڻ گهرجن. تعليم جو نصاب انگريزي لکپڙهه، گرامر، مضمون نويسي، حساب، ليکو چوکو ۽ مختصر تاريخ ۾ جاگرافي هئڻ کپي ۽ تعليم جو معياد اٽڪل پنج ورهيه ٿيڻ گهرجي. انگريزي اسڪولن جا شاگرد سڌا ڏيهي اسڪولن مان کڻڻ کپن، البت جيستائين سرڪاري نوڪريءَ جو دلاسو نه ڏبو، تيستائين شاگردن جو تعداد نه وڌندو.

انهيءَ ۾ ذرو به شڪ نه آهي، ته اسان جي روشن دماغ حڪومت اهي قدم اڳي پوءِ ضرور کڻندي.

سنڌي زبان لکڻ لاءِ گهڻن ئي قسمن جا اکر ڪم آڻيندا آهن. مسلمان عربي اکرن جا ڪيترا نمونا استعمال ڪندا آهن. انهن کان سواءِ، هندو گهٽ ۾ گهٽ اٺن قسمن جون آئيويٽائون ڪم آڻيندا آهن، مثلاً:
1
. خدا آبادي يا واڻڪا اکر، 2. ٺٽئي جنهن جا ٻه قسم آهن (الف) لوهاڻه ۽ (ب) ڀاٽيه آئويٽا، 3. سرائي، جي اتر سنڌ ۾ ڪم ايندا آهن. 4. خواجن جا اکر، 5. ميمڻن جا اکر، 6. پنجاپيءَ جو اچڪو نمونو، 7. پنجاپيءَ جي لهندي صورت ۽ 8. گرمکي يا پنجابي.

آئيويٽا ۾ سراسري چاليهه اکر هوندا آهن، جن مان ڏهه حروف علت آهن ۽ ٽيهه حروف صحيح.

اهي اکر لهندي ]43[ ۽ گرمکيءَ جي معرفت ديوناگريءَ مان نڪتل ٿا نظر اچن. سنڌ ۾ هندو هميشه اتر کان پئي آيا آهن، تنهنڪري ممڪن آهي ته هنن اهي آئيويٽائون پنجاب مان انهيءَ صورت ۾ آنديون هجن، جيڪا نانڪ شاهه ڪتب آندي هئي. شايد انهيءَ پوءِ رواجي اکرن جي صورت ورتي، ۽ ان ۾ ايتريون تبديليون ٿيون، جيتريون نياتيون هيون]44[. مانوارو مسٽر جيمس پرنسيپ، انهيءَ ڳالهه ۾ بلڪل غلط آهي ته سنڌي، مارواڙيءَ جي بگريل صورت آهي يا گجراتي، تامل ۽ ملايالم ڀاشائن جي ميلاپ مان ٺهيل آهي.

پر اهي سڀ آئيويٽائون هن وقت بيڪار آهن. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته انهن ۾ پورا حروف علت ]45[ ڪونه آهن، جنهن جو نتيجو هيءُ نڪرندو آهي ته واپاري پنهنجو ليکو چوکو به نه سمجهي سگهندا آهن، جيستائين يادگيري نه هوندي اٿن.

اسڪولن کولڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته هي ڪارائتا اکر چونڊ ڪيا وڃن. مگر انتخاب ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آهن. چئن نمونن جي اکرن جي حمايت ڪئي ويئي آهي، يعني 1. ديوناگري، 2. خدا آبادي، 3. گرمکي ۽ 4. نسخي.

ديوناگري، جا سڀني کان وڌيڪ علمي آئيويٽا آهي ۽ اها اسان جي الف ب سان مشابهت رکي ٿي. ديوناگري لغتن، وياڪرڻن ۽ اهڙن ٻين پستڪن لاءِ ڏاڍي موزون آهي. جي ڪتاب يورپي ماڻهن کي ڏيهي ٻولي سيکارڻ لاءِ تيار ڪيا وڃن ٿا. ساڳئي وقت ان ۾ ڪيتريون ڪوتاهيون پڻ آهن. گهٽ ۾ گهٽ ويهن اکرن ]46[ کي سڃاڻپ جون نشانيون ڏيڻيون پونديون، نه ته سمجهه ۾ نه ايندا. تنهن کان سواءِ، جيتوڻيڪ اهي اکر ڇپيل ڪتابن لاءِ موزون آهن، پر اهي سرڪاري لکپڙهه ۾ اهنجا ۽ اوکا لڳندا]47[. ماڻهو به اهي آسانيءَ سان ڪو نه سکي سگهندا. هن وقت هو انهن کان غير واقف آهن. هي اعتراض تمام وزناتو آهي. هڪڙي عام فهم الف بي ڪڍي، ان جي جاءِ تي ٻي نئين آئيويٽا مڙهڻ هڪ تمام ڪَٺن ۽ بيسود ڪم آهي.

خدا آبادي ]48[ اکرن جي حمايت انهيءَ ڪري ڪئي وڃي ٿي جو هو اڳيئي گهڻي قدر ڪتب آندا وڃن ٿا. پر انهن جو استعمال هندن جي فرقي تائين محدود آهي. جيتوڻيڪ اهو تمام اهم فرقو آهي. هندن ۾ فقط واپاري طبقو اهي اکر ڄاڻي. منشين ۽ عاملن جو انهن سان ڪو به واسطو ڪو نه آهي. انهن تي مکيه اعتراض هيءُ آهي ته هاڻوڪيءَ صورت ۾ اهي پڙهڻ تمام ڏکيا آهن. ڪنهن صلاح ڏني آهي ته انهن اکرن کي گجراتي حروف علت جو جامو پهرائي ]49[ نئون روپ ڏجي. اها ڳالهه شايد ڏکي نه ٿئي، پر سوال آهي ته ماڻهو اها صلاح قبول ڪندا؟

گرمکي اکر، ديوناگريءَ جي سادي صورت آهن. اهي پنجابي زبان جي لکڻ لاءِ نهايت موزون آهن، پر سنڌيءَ لاءِ ڪارائتا نه آهن. انهن جي استعمال ۾ به ساڳيون مشڪلاتون درپيش اينديون، جي ديوناگري اکرن جي ڪتب آڻڻ ۾ اچن ٿيون. ماڻهو انهن کان ٿورو واقف آهن. انهن ۾ گهڻيون ڦير ڦاريون ڪرڻيون پونديون، اهي اکر ڇاپي لاءِ چڱا آهن، پر لکڻ ۾ ڍلا ۽ ڏکيا لڳندا.

سنڌ جون حالتون عربي الف بي جي نسخي اکرن جي فائدي ۾ ٿيون نظر اچن. انهن اکرن جي ذاتي خوبين جو ضرور اعتراف ڪرڻو پوندو، ڇو جو اهي عربستان مان اُوڀري، الجزائر کان، گنگا ندي ۽ بخارا کان سلون تائين پکڙجي ويا آهن! انهن کي صدين جون صديون آزمايو ويو آهي ۽ اهي ڪيترين ئي ٻولين لاءِ ڪارگر ثابت ٿيا آهن. اهي معمولي ڀڃ گهڙ ڪرڻ سان هندستانين جي ڄڀ مان نڪرندڙ  آوازن، ايران ۽ ملايا جي ماڻهن جي مٺين لاتين ۽ عربن جي حلقي مان پيدا ٿيندڙ ٻولين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويا آهن. انهن کي ايشيا جي بهترين الف بي ڪري چئجي ته بجا ٿيندو. اها ڳالهه ممڪن نه آهي ته ڪو جديد رومي طرز جا اکر، انهن جي جاءِ ڀري سگهندا ۽ نه اهي اکر تمدن جي ترقيءَ سان پٺتي پوندا. انهن جي بيهڪ ۾ نزاڪت آهي ۽ اهي سليس ۽ سمجهڻ ۾ آسان آهن. مطلب ته اهي ٻيءَ ڪنهن به الف- بي کان گهٽ نه آهن. انهن جي خوبيءَ جي ثابتي اها آهي ته اهي جنهن زبان لاءِ ٺاهيا ويا آهن، تنهن جو هر هڪ آواز چڱيءَ طرح ظاهر ڪري سگهن ٿا. پر اهو سمجهي سگهجي ٿو ته جيئن اهي اکر عربيءَ کان پري ٿيندا تيئن زياده کرندا ويندا. هن وقت سنڌي لکڻ لاءِ انهن ۾ تڪڙي ڦيرگهير ڪري انهن جو روپ بدلايو ويو آهي. اعرابون منجهائيندڙ آهن ۽ هڪ هڪ حرف کي ڪيترا آواز آهن، تنهنڪري اهي حرف ڏکيا ۽ منجهائيندڙ لڳن ٿا. پر انهن جي ذاتي خوبي ڪا نه ويئي آهي، ۽ اها قائم رکي سگهجي ٿي ته جيئن تعليم ترقي ڪندي ويندي، تيئن انهن کي سڌارڻ جا اپاءَ ورتا ويندا. هندستاني ماڻهن تازو نستعليق خط لکڻ جي طريقي ۾ ڪيتريون ڦيريون ڦاريون ۽ سڌارا ڪيا آهن. 

نسخي حرفن اختيار ڪرڻ جي حمايت ڪرڻ لاءِ مون کي هي سبب مناسب نظر اچن ٿا:1. ملڪ جو سمورو اتهاس صدين کان وٺي انهن اکرن ۾ لکبو پئي آيو آهي. 2. سڀ تعليم يافته مسلمان، اهي اکر پڙهي ۽ انهن مان ڪيترا لکي ڄاڻن، 3. هن وقت ساريءَ سنڌ ۾ هندو  عامل اهي اکر پڙهي نٿا سگهن، مگر هو نستعليق سنڌي يا فارسي اکرن کان واقف آهن، جنهنڪري کين انهن اکرن سکڻ ۾ مشڪلات ڪا نه ٿيندي. 4. انهن اکرن ۾ ايتري رواني آهي جو اهي ڪافي تڪڙا لکي سگهجن ٿا. عربن جي انشانويسي ان ڳالهه جي ثابتي آهي.

نسخي اکرن کي ترجيح ڏيڻ لاءِ اهي سبب آهن. ٻئي طرف چيو ويندو ته نستعليق جي فائدي ۾ مکيه ڳالهه اها آهي ته صوبي ۾ هر هڪ ليکڪ اهي اکر ڄاڻي. اهي هندستساني ۽ پنجابيءَ ]51[ ۾ ڪاميابيءَ سان ڪم آندا ويا آهن، تنهنڪري سنڌيءَ ۾ به اهڙائي ڪامياب ٿي سگهن ٿا. انهن تي مکيه اعتراض هيءُ آهي ته جيتوڻيڪ اُهي پروانن، عريضين، حڪمن ۽ سرڪاري لکپڙهه لاءِ برابر ڪارگر آهن، پر انهن جي مختصر نويسيءَ سان ايتري ته مشابهت آهي جو اُهي سنڌي ٻوليءَ لاءِ موزون نه ٿيندا. سنڌي ٻولي آواز، بناوت ۽ اعرابن جي تعداد ۾ اهڙي ته پيچيدي آهي. جو ان لاءِ هڪ وڌيڪ مڪمل الف- بي جي ضرورت آهي، جيئن عام ماڻهن جو عمل ڏيکاري ٿو. سنڌي جا عالم ڏسندا ته سنڌ جي سمورن تعليم يافته ماڻهن کي به ڏيهي بيتن پڙهڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي، جي، ڪي مصنف مذهبي ۽ طبي تصنيفن ۾ اڪثر ڪم آڻيندا آهن. ان ڳالهه جو اهو فيصلو ته آزمودو ۽ تعليم اها تڪليف گهڻي قدر دور ڪندا يا نه، سو مان زبانن جي ماهرن تي ڇڏيان ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org