سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:3  

باب ٽيون

سنڌي لوڪ قصن جي فهرست

صوبي جون زبانون ۽ هر هڪ زبان جو مختصر بيان

سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي تصنيفون آهن، تن مان سڀ کان وڌيڪ مقبول اهي آهن جن ۾ سنڌ جي فتح وقت مسلمانن بهادرن ڪافر راجائن جو مقابلو ڪيو هو. سنڌ جا ڪافي قصا ۽ ڪهاڻيون انهيءَ نڪتي تي ٻڌل آهن. سنڌ ۾ انهن تحريرن جو به وڏو تعداد آهي، پر انهن کان به زياده تعداد ڏند ڪٿائن ۽ افسانن جو آهي ۽ اهي ڀَٽن ۽ چارڻن گڏ ڪري، هيٺئين طبقي جي ماڻهن ۾ ڦهلايا آهن. جهڙيءَ طرح هڪ اڻ سڌريل ۽ دهقاني قوم ۾ ٿيندو آهي، تيئن هت به هر هڪ ڦٽل ڪوٽ ۽ شهر جي يادگيري ماڻهن جي دلين ۾ سانڍيل رهي ٿي. خاص ڪري انهن ماڻهن جي دلين ۾، جيڪي انهن جاين جي ويجهو رهن ٿا. قصي جي هر هڪ لاهيءَ چاڙهيءَ کي ڪنهن نمايان واقعي سان تعلق هئڻ جو شرف حاصل آهي ۽ هر قبرستان کي پنهنجا مشهور اولياءَ ۽ درويش آهن.

سڀني مشهور سنڌي افسانن جي مختصر فهرست هيٺ ڏجي ٿي:

1. سسئي پنهون: هيءُ عشق ۽ محبت وارين ٻن دلين جي ڪهاڻي آهي. اهي 900 ورهيه اڳي يا سنڌ ۾ اسلام اچڻ وقت رهندا هئا. اها ڳالهه قابل توجهه آهي ته هي قصو ان ساري وسيع ايراضيءَ ۾ مشهور آهي. جيڪا مڪران ۽ افغانستان، جيسلمير ۽ مشرقي ايران جي سرحدن ۾ اچي وڃي ٿي. اهو قصو فارسي، جتڪي ۽ بلوچي ٻولين ۾ به لکيل آهي. مسٽر ڪرو (Crow)، شايد انهيءَ قصي ڏانهن اشارو ڪندي لکي ٿو ته ”مير فتح علي خان، بلوچ عاشقن جي ڪهاڻيءَ کي مولانا جاميءَ واري ”يوسف زليخا“ جي قصي جي طرز تي فارسي شعر ۾ ترجمو ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، ته جيئن انهيءَ نظم جي اشاعت وسيلي سنڌ جو نالو ادبي دنيا ۾ ڦهلائي ان کي اهڙيءَ طرح مشهور ڪري، جهڙيءَ طرح سنڌ جو نالو جنگ جي فن ۾ مشهور هو. هاڻي اهي عاشق پهتلن جي قطار ۾ شمار ڪيا ويندا آهن ۽ ائين سمجهيو ويندو آهي ته هو اڃا زندهه آهن. انهن جي قبرن تي گهڻا ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن. چون ٿا ته ڪيترا ماڻهو يقين ڪري آستاني ]1[ تي ويا آهن، ته هنن مائي سسئيءَ کي اکين سان ڏٺو آهي. اهو قصو هندن وٽ به پنجابيءَ ۽ ٻين ڀاشائن ۾ آهي. هو اڪثر گرمکي اکرن ۾ لکندا آهن. سسئيءَ کي عام طرح ”رل مئي“ چوندا آهن. سنڌ جي اتهاس ۾ ٻي نامياري عورت، سهڻي هئي، جيڪا سنڌونديءَ ۾ ٻڏي،غرق ٿي ويئي هئي ۽ انهيءَ سبب هوءَ  ”ٻُڏمئي“ سڏبي آهي. شاهه عبداللطيف انهيءَ قصي تي جيڪي بيت چيا آهن، تن انهيءَ قصي لاءِ سنڌ جي اوچي طبقي جي ماڻهن ۾ ڏاڍو چاهه پيدا ڪيو آهي. انهيءَ طبقي ۾ ڪي ٿورا اهڙا ماڻهو هوندا جن کي پنهنجي بزرگ هم وطني شاعر جو ڪلام ياد نه هوندو. سنڌ ۽ بلوچستان جي صحرائي قومن ۾ ڪي ورلي اهڙيون قومون هونديون، جيڪي انهيءَ قصي کان اڻ واقف هجن. اوٺي مسافريءَ تي، ڌنار مال سان ۽ ڪڙمي پنهنجيءَ ڪرت ۾ سسئي پنهونءَ جي ڪشالن جي ڪهاڻي پنهنجي سادي سودي ۽ ڪَچي پڪي شعر ۾ ڳائي، پاڻ کي وندرائيندا آهن. اهڙيءَ ريت، ٻيا هيٺيان قصا عام مشهور آهن.

2. راڻي ۽ مومل جي ڪهاڻي: هي راجپوت نسل جا عاشق ۽ معشوق هئا. 3. هير ۽ رانجهي جي محبت جو قصو، 4. مارئيءَ ۽ عمر سومري جي ڳالهه، 5. مل محمود جي لڙائي ۽ موت، 6. دولهه دريا خان جون سوڀون، 7. سهڻي ۽ ميهار جي عشق جو افسانو، 8. دودي ۽ چنيسر جون لڙايون، 9. سامئيءَ ]ماموئي[ يا هفت تن جون پيشنگويون، 10. ليلان چنيسر جو قصو، 11. نانگ جي ڏند ڪٿا، 12. گهانو مهاڻي جو قصو، 13. عبدالله بروهيءَ جون لڙائيون، 14. صبح چانڊيي جا جهڳڙا ۽ 15. ڄام هالي ۽ ڄام ڪيهر]2 [ جا جهڳڙا.

پڙهيل مسلمان، عربي ڄاڻندا آهن ۽ هندو سنسڪرت، مگر اهي ٻئي ٻوليون عام جام ڪو نه ڳالهايون وينديون آهن. ٿورڙا افغان زميندار، جيڪي صوبي جي اتر ۾ رهن ٿا، سي پنهنجي اباڻي ٻولي يعني پشتو ڳالهائيندا آهن. مگر اها ٻولي ماڻهن ۾ ايتري پکڙيل نه آهي، جو ان کي سنڌ جي ٻولين ۾ شمار ڪجي. پنجابي ٻوليءَ جي به ساڳي حالت آهي. اها فقط ٿورڙا سک استعمال ڪندا آهن، جيڪي جدا جدا شهرن ۽ ننگر ۾ رهن ٿا. سنڌ جون عام مروج ٻوليون هي آهن:

1. بلوچي، 2. جتڪي، 3. فارسي ۽ 4. سنڌي.

بلوچي هڪ دهقاني پهاڙي ٻولي آهي، جا بلوچستان جي سموري علائقي ۾ ڳالهائي ويندي آهي. پهاڙي قومون جيڪي سنڌ جا پٽ وسائي ويٺيون آهن، سي به اڪثر اها ٻولي ڳالهائينديون آهن. بلوچڪي ٻولي هندستاني- فارسي ]3[ ٻولين جي قطار ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. جيتوڻيڪ اها اهڙي مهذب زبان نه آهي، پر تنهن هوندي به تمام جهوني سمجهي وڃي ٿي. اها جديد فارسيءَ سان گهڻي مشابهت رکي ٿي. ان جا اڌ لفظ ته فقط فارسي زبان جون بگڙيل يا ميٽيل صورتون آهن. ٻين هم قسم ٻولين، جهڙوڪ بروهڪي ۽ پشتو وانگر هن ٻوليءَ جي لغت ۾ به ڪيترا سنسڪرت ۽ عربي ۽ ٻيا دهقاني الفاظ شامل ٿيل آهن. مگر اهي لفظ ڪنهن قديم ٻوليءَ جا رهجي ويل لفظ نٿا لڳن. جيڪڏهن ائين هجي ته انهن ۾ فقط سادا خيال سمايل هجن. اهي لفظ شايد ڪي نوان عناصر آهن، جي بلوچڪيءَ ۾ ان ڪري داخل ٿي ويا آهن، جو بلوچڪيءَ جو ٻين ٻولين سان گهٽ وهنوار آهي ۽ پاڻ هڪ خام زبان آهي. بلوچ ڪيترن پاڙن ۾ ورهايل آهن. جي هڪ ٻئي کان گهڻو الڳ آهن. تنهنڪري سڀاويڪ آهي ته انهن جي زبان ۾ جدا جدا نمونن جا لفظ ۽ اصطلاح هجن. اها ٻولي، ايتري شاهوڪار نه آهي، تنهنڪري ڀر وارين زبانن مان اڌارا لفظ وٺڻ ضروري ڄاتا ويا هجن. بلوچڪي اتهاس ۾ ڪجهه ڪهاڻيون، افسانا، رزمي، گيت، راڳ ۽ ڀَٽن ۽ چارڻن جون تصنيفون پڻ آهن. ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته تمام ٿورن يورپي ماڻهن ]4[ بلوچي ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اها سنڌي ۽ فارسي ٻولين جي ڄاڻن لاءِ سکڻ بلڪل آسان آهي، انهي ٻوليءَ جو اونهون اڀياس قديم ايراني ٻولين جهڙوڪ زند، پهلوي، دري ۽ دساتير جي ڀاشائن جي وديارٿين کي تمام  ڪارائتو ٿيندو.

هن وقت اسان کي انهن ٻولين جي نالن کان سواءِ، ٻي ڪا به خبر نه آهي. پارسين جي مقدس ڪتابن لاءِ چيو ويو آهي ته انهن ۾ ڪو به اهڙو بنيادي لفظ نه آهي، جو ڪنهن نه ڪنهن زندهه فارسي ڀاشا جي ڪنهن ٻئي لفظ، سان ملي نه اچي. بلوچين، بروهين ۽ افغانن جون پهاڙي ٻوليون ڪيترن لفظن جي بنيادن تي روشني وجهي سگهن ٿيون، جن جو هينئر اسان کي ڪو به پتو ڪو نه ٿو پوي]5[.

سنڌ ۾ هيٺيون وڏيون قومون پهاڙي ٻولي (بلوچڪي) اڃا استعمال ڪن ٿيون: رند، ٽالپر، مري، چانڊيا، جمالي ۽ لغاري.

جتڪيءَ ]6[ کي سرائيڪي به چوندا آهن ۽ بلوچي به، سرائڪي انهي ڪري ته اها سري يا اتر سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي آهي ۽ بلوچي، ڇاڪاڻ ته ڪيتريون بلوچ قومون جي سنڌ ۾ رهن ٿيون، سي ڳالهائينديون آهن. پر اها ملتانيءَ جي بگڙيل صورت آهي، جا خود کَريل پنجابي ٻولي آهي. اها سنڌ ۾ گهڻي قدر استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ ماڻهن جو غالباً  چوٿون حصو اها ٻولي ڪم آڻيندو آهي. ان جون ڪيتريون مقامي صورتون آهن. ان ۾ سواءِ ٿورڙن شعرن ۽ مذهبي رسالن جي ٻيو ڪو ٿورو اتهاس آهي. ڏسجي ٿو ته ڀَٽ ۽ چارڻ انهيءَ کي پنهنجي ٻوليءَ کان وڌيڪ معتبر ڪري سمجهندا آهن. گهڻن تعليم يافته ماڻهن ان جو اونهو اڀياس ڪيو آهي ۽ ان ۾ تصنيفون جوڙيون اٿائون. جتڪي زبان ۾ جيڪي سڀ کان مشهور افسانه ۽ قصا آهن، تن جي مختصر فهرست هيٺ ڏجي ٿي.

1. سسئي پنهونءَ واري سنڌي ڪهاڻي.

2. هير رانجهو.

3. يوسف زليخا، جيڪو مسلمانن ۾ هڪ تمام مقبول قصو آهي. جتڪيءَ ۾ انهيءَ نالي سان ٽي چار نظمون آهن.

4. سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال پري. اهو اصل مشهور عربي يا مصري قصي جو هڪ ناقص نقل آهي.

5. ليليٰ مجنون، مشهور عربي عاشقن جي قصي جو سنڌي ۾ به ترجمو آهي.

6. مرزان صاحبان، هندستاني قصي جو ترجمو آهي.

7. شيخ علي فقير ۽ لوهار جي حسين ڌيءَ، جلاليءَ جي عشق جو افسانو ملتان جي ڀرسان جهنگ سيال نالي هڪ علائقي جي ڪهاڻي آهي. جو فقيرن ۽ عشاقن کان مشهور آهي.

جتڪي ٻوليءَ ۾ اهي آهن سڀ کان وڌيڪ مقبول ڪهاڻيون ۽ افسانا، اهي افسانا ۽ ڪهاڻيون سڀ نظم ۾ آهن. نثر ڪي ٿورا پڙهندا آهن، انهن کان سواءِ مسلمانن وٽ ڪي مذهبي رسالا ]ڪتاب[ به آهن. انهن مان ڪي رسالا زالون ۽ ٻار وغيره بر زبان ياد ڪندا آهن. مثلاً ”احڪام الصلاة،“ جو اسلام جي عقيدن ۽ احڪامن تي هڪ مختصر رسالو آهي. لوهارن، واڍن ۽ ٻين پيشن وارن ماڻهن کي پنهنجا ڪسب نامه يا شڪسته بيتن جا انتخاب پڻ آهن، جن ۾ سندن پيشي جي تاريخ، اوزارن جي ايجاد، مربي وليءَ جو نالو ۽ ٻي اهڙي ڪارائتي معلومات ڏنل هوندي آهي. جيڪڏهن اها ڄاڻ ڪنهن ڪاسبيءَ کي نه هجي ته جيڪر هميشه ماڻهن وٽ سندس قابليت نه ڄاتي وڃي. مشهور سرياني دعا جيڪا حضرت عليءَ رضه يا جيئن ڪن جو خيال آهي ته ابن عباس رضه سرياني ٻوليءَ مان ورتي هئي. تنهن جو پڻ جتڪيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. اها دعا، اڪثر ماڻهو پنهنجن ڏکن ۽ مصيبتن کي ٽارڻ لاءِ ياد ڪندا آهن، هڪ مختصر لغت پڻ مروج آهي، جنهن کي ”خالق باري“ چوندا  آهن، ڇاڪاڻ ته اها ” خالق، باري سرجڻهار“ جي لفظن سان شروع ٿئي ٿي.

گيت،غزل ۽ ٻيو متفرق شعر هيٺين عنوانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

1. ريخته، هندستانيءَ شعر جهڙو.

2. غزل،ديوان حافظ جو جتڪيءَ ۾ ترجمو، جو هن قسم جي تصنيف جي طرز جو هڪ سهڻو مثال آهي.

3. دهرا، جي گهڻو ڪري ڳايا ويندا آهن.

4. ٽپو، هي ٽن، چئن يا پنجن بيتن جو هڪ مختصر شعر آهي. ان جو مضمون گهڻو ڪري عشقيه هوندو آهي.ان کي گهڻو ڪري ميراسي پسند ڪندا ۽ ڳائيندا آهن.

5. بيت، هن ۾ مصرعن جو تعداد مقرر ٿيل نه هوندو آهي. گهڻو ڪري هر ڪا سٽ الف - بي جي اکرن سان باقاعدي هڪ ٻئي پٺيان شروع ٿيندي آهي. تصنيف جي اها طرز، ماڻهن وٽ نهايت مقبول آهي. شايد ان ڪري جو ان جا مضمون اڪثر نفس پرستيءَ سان تعلق رکندڙ هوندا آهن.

جتڪي ٻولي گهڻو ڪري نستعليق خط ۾ لکي ويندي آهي، پر بعضي نشڪي خط ۾ لکي ويندي آهي. تارونءَ مان نڪتل ۽ ٻين غير عربي اکرن جي لکڻ جو ساڳيو ئي طريقو آهي جو اردوءَ ۾ آهي. تفاوت فقط هيءُ آهي ته هندستانيءَ ۾ ’ر‘ سان ڪو لفظ شروع نه ٿيندو آهي، مگر جتڪيءَ ۾ اهڙا گهڻا لفظ آهن، جن جو پهريون اکر ’ر‘ آهي. مثلاً ”روڻ“ يعني زمين تي ليٿڙڻ يا روئڻ. جڏهن سنڌي نسخي اکر  لکندا آهن، تڏهن انهن تي بيهڪ جون نشانيون گهڻو ڪري صحيح نه هونديون آهن. پر جتڪيءَ ۾ اوترائي اکر آهن، جيترا اردو الف - ب ۾. سنڌيءَ ۾ جيڪي خاص پنج آواز آهن، سي ان ۾ ورلي ڪم ايندا آهن. ان ڪري هڪ اورچ ماڻهو، اهي اکر جلد سکي سگهي ٿو. هندو گهڻو ڪري گرمکي ڪم آڻيندا آهن، جا ديوان گريءَ جي هڪ سڌريل ۽ سولي صورت آهي. نانڪ شاهه جا پوئلڳ، گرمکيءَ جي ڏاڍي عزت ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته اها سندن گُرن جي خاص مقبول ۽ پياري زبان آهي. واپاري ماڻهو گهڻن ئي نمونن جا اکر ڪم آڻيندا آهن. پنجاب طرف ”لُنڊا اکر“ڪم آڻيندا آهن، جي هڪ قسم جا گرمکيءَ مان نڪتل چالو اکر آهن. اهي ملتان جي ايراضيءَ ۾ پنهنجو روپ ۽ نالو بدلائي، ’اچڪي‘ آئيويٽا سڏجن ٿا.

انهن مان وري ٻيا منجهيل ۽ غير ترقي يافته نمونا نڪرن ٿا، جي سنڌ ۽ ڪڇ جي هندن ۾ رائج آهن.

سنڌي هندستاني ٻول چال آسانيءَ سان سکي ويندا آهن. انهيءَ جو سبب شايد اهو آهي جو جتڪي ٻولي، سڄي صوبي  ۾ پکڙيل آهي. بلوچن ۾ اها ٻولي، نظاماڻين ۽ لاشارين جا ٻه وڏا قبيلا ڳالهائيندا آهن. يورپي لوڪ، جتڪي ٻولي آسانيءَ سان سکي سگهن ٿا، ملتان ۽ پنجاب ۾ جيڪي تازا واقعا ٿيا آهن، انهن جي ڪري انهي ٻوليءَ جي ڄاڻ اڳتي هلي ڪارائتي ثابت ٿيندي.

سنڌ ۾ فارسي ٻولي، ادب، نشست برخاست، دفتر ۽ خط و ڪتابت جي ٻولي آهي. ڏيهي ماڻهو اها ٻولي عام ٻول چال ۾ ورلي ڪم آڻيندا آهن، سواءِ ڪن خاص موقعن جي ، يا جڏهن ڪنهن کي پنهنجي علم جو مظاهرو ڪرڻو هوندو آهي. سنڌ جي فارسي اچارن، محاورن ۽ لفظن جي ترتيب  شيراز ۽ اصفهان جي چالو زبان کان ايترو ته مختلف آهي، جيترو اُتر اٽليءَ جون ڀاشائون روم ۽ ٽسڪنيءَ جي شاهي ٻوليءَ کان نراليون آهن. سنڌي لفظن جي ملاوٽ ڪري فارسي زبان گهڻي ڀاڱي بگڙي چڪي آهي. هن مضمون تي تفصيلوار روشني وجهڻ، بحث ڪرڻ وديارٿين لاءِ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو. هندستان جا ماڻهو، جيڪي سنسڪرت مان ورتل ڀاشائون ڳالهائين ٿا، تن به فارسيءَ جي صورت ساڳئي نموني بگيڙي ڇڏي آهي.

سنڌين ]8[ جو فارسي زبان سان بگاڙو چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: بيجان اُچار، لفظن جو ناقص انتخاب، وياڪرڻ جون غلطيون ۽ ردي محاورا. دراصل سنڌين، فارسيءَ جي وسيع، گونا گون ۽ شيرين زبان کي اهڙيءَ طرح بگيڙي  چُون چُون جو مربو بڻايو آهي، جو اها سکڻ به مشڪل ٿيو پوي پر جيڪا سکي وڃي ٿي، بلڪل اڌوري ۽ بگڙيل. سنڌ جي فارسي، وچ ايشيا جي تعليم يافته ماڻهن جي سمجهه کان هر طرح ٻاهر هوندي آهي.

سنڌي ماڻهو، فارسيءَ جا اچار پنهنجي مادري ٻوليءَ وانگي ڪندا آهن. هو حروف علت (اعرابن) مان (-) جو اچار اسان جي (U in Bit) وانگر ڪندا آهن، پر شيراز ۽ اصفهان ۾ انهيءَ نشاني جا گهڻائي اچار ]9[ هوندا آهن جن جو مدار لفظ جي پوئين حرف صحيح تي هوندو آهي. اهڙيءَ طرح هتي، پيش (ــُ) به اسان جي (U in Bit) وانگر اچاريو ويندو آهي: مگر فارسيءَ ۾ پيش جا ٻه اُچار هوندا آهن: هڪڙو (4) وانگي ۽ ٻيو (Oin Dkey) وانگي، سنڌيءَ زير ( ــِــ ) جو اُچار (in Bit) وانگي آهي، مگر فارسيءَ ۾ ان جو اُچار پوئين حرف تي مدار رکندو آهي ۽ اڪثر فرينچ ٻوليءَ (E in relationior relias)  وانگر پڙهيو ويندو آهي. مضمون جو ارٿ بيان ڪرڻ آسان نه آهي، ڇاڪاڻ ته اچارن جو فرق تمام اڻ لکو هوندو آهي. مگر هڪ آزمودگار ماڻهو، فارسي ۽ سنڌي اچارن جو تفاوت هڪدم معلوم ڪري سگهي ٿو.

ڊگهن حروف علت ۾ به ساڳيون غلطيون ڪيون وينديون آهن. فارسي ماڻهو الف جو اسان جي (“a” in ball or gall) وانگر اچار ڪندا آهن. ڪن حالتن ۾ اهو اسان جي (“oo” in ooze) جي صورت اختيار ڪندو آهي، مثلاً آمدن کي هو اومدن ۽ ايران کي ايرون پڙهندا آهن. سنڌين کي اهي اچار ڏانءُ ڪو نه ايندا آهن. هو الف (1) جو عربي، سنسڪرت ۽ انگريزيءَ (Fatlex)  وانگر ڊگهو اچار ڪندا آهن، يي (ي) ۽ واءُ (و) هو هندستانين کان مجهول ۽ معروف جو امتياز ڪرڻ سکيا آهن جيتوڻيڪ اُهي اصطلاح  ۽ انهن جا اچار فارسيءَ ۾ ڪو نه آهن. هو”ي“ جو اُچار فرانسين(E in peri) وانگر ڪندا آهن. مثلاً شيرازي چون ”مي روم“  ته هو ان کي پڙهن ”مي روم“.

حروف صحيح ۾ هو اها غلطي ڪندا آهن ته نَون (9) خاص عربي حرفن جو اُچار انهن سان مشاهبت رکندڙ فارسي حرفن جهڙو ڪندا آهن، مثلاً عين(ع) جو الف (1) وانگي، طوئي (ط) جو تي (ت) وانگي وغيره وغيره. شيرازي، جن جو تلفظ عربن وانگي ترش نه آهي، سي انهن اکرن کي سندن اصلي صورت موجب حلق مان ڪڍندا آهن. سنڌي هندو خواه مسلمان ”ڙ“ جهڙي آسان فارسي اکر جو اُچار به بلڪل ڪو نه ڪڍي سگهندا آهن. تنهنڪري هو ان کي بگيڙي (Y- ي)  وانگر اچاريندا آهن. ”ڙوليده“ (پکڙيل وار) کي هو چون ”يوليده“ هو عربي الف بي جو ڇويهون اکر واءُ (و) ترش نموني ۾ اسان جي w in wand وانگر اچاريندا آهن، مگر شيرازي اهو اکر مٺي آواز ۾ چوندا آهن.

اهي آهن سنڌين جي تلفظ جون ڏٺيون وائٺيون مکيه غلطيون، فارس جي سيم تن رهاڪن جي شيرين آواز ٻڌڻ کان پوءِ، سنڌين جي بيڊولي ۽ بگڙيل زبان جو تلفظ ڪن تي ڪهڙو اثر وجهي ٿو، تنهن جو بيان ڪرڻ مشڪل آهي.

سنڌي ماڻهو، فارسي زبان پنهنجن هموطنين کان سکندا آهن، تنهنڪري هو ان ۾ ڀانت ڀانت جا ناموافق پراڻا ۽ وساريل، علمي ۽ اصطلاحي نيچ ۽ بازاري. ڌاريا ۽ دهقاني لفظ ڪم آڻيندا آهن. مثلاً هو ٽنڊڻ کي چون خبزدوڪ، ڪڪر کي سحاب ۽ رڌئي کي باورچيخانه. جيڪڏهن ڪو موزون فارسي لفظ نه ملندن، ته تقرير خواه تحرير ۾ هڪدم سنڌيءَ جو ڪو لفظ ڳولهي اٽڪائي ڇڏيندس.  هو ”گِل = ڀَنجُو“  ”بمردم-کامريه“  ۽ اهڙا ٻيا عجيب لفظ ڪم آڻيندا آهن، جي اصل ٺيٺ سنڌي آهن، پر آخري حرف ڦيرائڻ سان فارسي صورت اختيار ڪئي اٿن. مرڪب لفظن ٺاهڻ ۾ به زبان تي ساڳئي قسم جو جبر ڪيو ويندو آهي. جيئن ته سنڌي ماڻهو فارسي زبان ڪتابن وسيلي يا انهن استادن کان سکندا آهن، جن بخود ڪتابن مان علم پرايو هوندو آهي، تنهنڪري هو لکيل ۽ زباني فارسيءَ جي وچ  ۾ تفاوت ڪو نه  ڪري سگهندا آهن. اهڙيون ڪي ٿوريون جديد زبانون آهن، جن ۾ فارسي زبان جيترا مڪاني اصطلاح ۽ محاورا هجن. فارسيءَ ۾ ايترا ته اصطلاح ۽ محاورا آهن، جو انهن مان انهن الفاظن جي هڪ لغت ٺهي سگهي ٿي. فارسيءَ ۾ گهڻا گونا گون ۽ پُر معنيٰ بازاري لفظ به آهن. فاحش لفظن ۾ ته هوءَ اسان جي ٻوليءَ کان به گوءِ کڻي ٿي وڃي.

سنڌيءَ جون نحوي غلطيون نهايت ناگوار آهن. هو لطافت جي پرواهه ئي ڪو نه ڪندا آهن. هو پاڻ کي ضمير متڪلم جمع ۾ ”ما“  ڪوٺيندا آهن ۽ پنهنجن ثانين کي حاضر واحد ۾. اها غلطي افغانن، بروهين، بلوچن ۽ ٻين پهاڙي قومن ۾ به آهي. مگر ايران ۾ ان جو نالو نشان به نه آهي. سنڌي صيغي (زمان) جمع ۽ واحد کان به اڻڄاڻ هوندا آهن. هو بيقاعدي فعلن کي ڦيرائي باقاعده فعلن وانگر مضارع ڪندا آهن. مثلاً يافتن مان ”يابد“ جي بدران چون ”يافد“. ساڳين اصولن مطابق هو پنهنجي ٻوليءَ وانگي هڪ ئي مصدر مان ٻه يا ٽي مسبب فعل ٺاهيندا آهن. هنن فارسيءَ ۾ بگڙيل محاورا، جهڙوڪ ”گويانيدن يعني چوائڻ، ”ڪنانيدن“ ۽ .ڪرائيدن“]10[  يعني ڪرائڻ ٺاهيا آهن ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ڦيريون گهيريون فارسيءَ ۾ ڪيون آهن. جي ڪو به علمي ماڻهو ٻڌي، عجب ۾ پئجي ويندو. ڌارين ماڻهن کي، پوءِ هو ڪهڙين به موافق حالتن هيٺ فارسيءَ جي تحصيل ڪن، محاورا هميشه ڏکيا لڳندا. انهيءَ جو هڪ سبب هيءُ آهي ته فارسيءَ ۾ تمام گهڻا ۽ عجيب اصطلاح آهن. ٻيو مکيه ڪارڻ هيءُ آهي ته فارسيءَ وارن کي عربي لفظن وٺڻ جي عادت هوندي آهي. هڪ فارسي فعل کي عربي اسم لڳائڻ سان، ڪيترا محاورا ٺهي سگهن ٿا. انهي حالت ۾، اصلي فعل معلوم ڪرڻ لاءِ به مشڪل ٿيو پوي. سنڌي ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي اصطلاحن جو فارسيءَ ۾ لفظي ترجمو ڪندا آهن، تنهنڪري هنن وٽ عجيب عجيب اصطلاح آهن، مثلاً ”حڪم دادن“، (”ڪردن“بدران) ”سوال پرسيدن“ يعني سوال پڇڻ ۽ اهڙي قسم جون ٻيون غلطيون. ان جو نتيجو بعضي بعضي اهو ٿيندو آهي ته معنيٰ، مطلب جي ئي خلاف نڪرندي آهي. اهي آهن ڪجهه سنڌين جي ٻول چال جون مکيه سهوون. سنڌين جي لکڻ جي طرز، ”بهار دانش، جي طرز تي ٻڌل هوندي آهي. ان ۾ ڪجهه سعديءَ ۽ نظاميءَ جا اصطلاح هوندا آهن، ۽ ڪجهه حافظ جا نقل ۽ محاوره. مطلب ته اها طرز هڪ عجيب چون چون جو مربو آهي. ان سان گڏ وري نيمخواندن جي علمي نمائش. عام ماڻهن جي پست خيالي ۽ هڪ ڌاريءَ زبان ۾ لکڻ جي دقت خيال ۾ آڻيو ته توهان سمجهي سگهندؤ ته سنڌين جو لکيل فارسي ڪتاب، ڪهڙي شئي ٿيندي آهي. خوش قسمتي سان اهڙا ڪتاب عام لکيا ۽ پڙهيا نه ويندا آهن. سنڌ ۾ اهڙا ٿورا عالم آهن، جن کي فارسي تصنيفن جي لکڻ جي همت ٿيندي، سواءِ چند صوفين جي، جن ڌارين ملڪن ۾ سفر ڪري علمي مايو وڌايو آهي.

سنڌي پنهنجو فارسي علم گهڻو ڪري انشا ۽ سرڪاري لکپڙهن ۾ ڪم آڻيندا آهن. گهڻا لکندڙ ”انشاي مرڪزن“ ]12[ مان لکڻ جي طرز سکي، پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري ڏيندا آهن. ٻيا وري ڪو ڪتاب ئي ڪو نه پڙهن ۽ دفترن ۾ وڃي خطن جا خط برزبان ياد ڪري ڇڏين.انهيءَ بيعلميءَ جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو انهن جي لکڻ جي طرز منجهيل ۽ بي معنيٰ هوندي آهي ۽ ان ۾ لفظ غلط استعمال ٿيل هوندا آهن ۽ آدابِ تهذيب جا اصول بلڪل نظر انداز ڪيا ويندا آهن. ايران ۾ مرزائون ننڍي هوندي کان وٺي باقاعدي لکڻ جو ڍنگ ۽ تعظيم و تڪريم جا اصول سکندا آهن. هو ڪيترن ورهين جي محنت ۽ ڪشالي کان پوءِ مس پنهنجي پيشي جي لائق سمجهيا ويندا آهن. سنڌي ماڻهو فارسي اکر به پوريءَ طرح لکڻ نه سکندا آهن. سنڌين جا اکر پيچيده، هِجي غلط ]13[ ۽ ٻولي منجهيل هوندي آهي، جنهنڪري هنن جي تحرير واچڻ به مشڪل هوندي آهي، سنڌي پنهنجي ڪاروبار هلائڻ ۾ سچ پچ ڀڙ ٿين، تنهن کان اڳ هنن جي ڏاڙهي اڇي ٿي ويندي آهي. هڪڙي ايراني يا افغان منشيءَ کي پنج ڇهه سال لڳاتار جفاڪشي ڪڍڻي پوندي آهي، تڏهن وڃي سندون ۽ ٻيا منجهيل خطوط سمجهي سگهندو آهي. سنڌ اهڙن سَندن ۽ خطن سان ڀري پئي آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي اهليت جو هن وقت پتو ڪو نه ٿو پئجي سگهي، مگر انهيءَ وسهڻ لاءِ ڪافي سبب آهن، ته هوءَ هندستان جي هاڻوڪين عام ٻولين جهڙي قديم ]14[ آهي.اها هندستاني ٻولين سان تعلق رکي ٿي ۽ سنسڪرت مان نڪتل آهي. سنڌي هڪ خاص جدا زبان آهي ۽ اها ڳالهه صحيح نه آهي ته اها ڪنهن هندستاني ٻوليءَ ]15[ جي هڪ بگڙيل صورت آهي. سنڌي ٻولي، ڪاٺياواڙ جي حدن کان بهاولپور تائين ۽ بروهين جي پهاڙن کان وٺي هندستان جي اولهه ريگستان تائين ڳالهائي ويندي آهي. سنڌ جون اهي حدون مسلمان مورخن، راءَ گهراڻي جي هندو راجائن جي بادشاهيءَ جي ايراضي ڄاڻائي آهي، ان سان ٺهڪي اچن ٿيون. مهذب يا علمي زبان، لاڙ جي آهي. ٻيون مکيه زبانون هيٺيون آهن:

1. سرائڪي يا سري يعني اتر سنڌ جي زبان. ان ۾ جتڪي ۽ بلوچي لفظن جي ملاوٽ آهي.

2. ڪڇي، جا ڪڇ ۾ ڳالهائي ويندي آهي، اها گجراتيءَ سان گهڻو ملي ٿي.

3. ٿريلي يا جيسلميري، جا عمرڪوٽ، ٿر ۽ جسلمير جي طرف ڪم ايندي آهي. شڪاري، ڊيڍ ۽ سنڌ جون ٻيون اڇوت قومون پڻ اها زبان ڳالهائينديون آهن. ان ۾ مارواڙيءَ جي گهڻي ملاوٽ آهي ۽ ان کي پنهنجا اکر ]16[  ۽ ڌرمي پستڪ پڻ آهن.

4. ٽڪراڻي جي ٻولي. سنڌ جي اولهه ۾ جيڪي ڪوهستاني ماڻهو رهن ٿا، انهن جي زبان آهي. ان ۾ بروهي ۽ بلوچي لفظن جي ملاوٽ آهي ۽ ٻين ڪيترن شين جا نالا ۽ اصطلاح پڻ آهن، جي سنڌ جي پَٽن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سمجهه ۾ ڪو نه ايندا آهن.

ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڳوڙهي اڀياس ڪري پنجابي، جتڪي، پشتو، بلوچي، بروهي ۽ ٻين همجنس زبانن سان، جيڪي سنڌونديءَ جي اولهه طرف ڳالهايون وڃن ٿيون. واقفيت ٿئي ٿي. هڪ ڏيهي ماڻهوءَ جي جوڙيل لغت ۾ مون ڏٺو ته چئن سوَن اسمن مان ٻه سئو پشتو ۽ ڏيڍ سئو بلوچي لفظ سنڌي لفظن جهڙا هئا. ان لاءِ ٻه سبب ٿي سگهن ٿا: پهريون ته اهي سڀ ٻوليون ڪنهن پراڻيءَ گمنام زبان مان نڪتل آهن، جنهن جي جاءِ پوءِ سنسڪرت ورتي، يا جيڪا سنسڪرت سان ملي هڪ ٿي ويئي. ٻيو ته اهي سنسڪرت جي ڪنهن قديم بگڙيل صورت جا نمونا آهن، جنهن مان وچ ايشا جون زبانون پيدا ٿيون ۽ جا پيلاسجي قوم جا ماڻهو مغرب طرف کڻي ويا. انهيءَ قياس جي بنياد تي اها ڳالهه سمجهڻ سولي ٿئي ٿي ته سنڌيءَ ۽ هندستان جي ٻين همجنس ٻولين ۾ ڇو روزمره جا لفظ جهڙوڪ پُٽ، ڌيءُ، گانءِ ۽ گهوڙو سنسڪرت نسل جا آهن. پر جيڪڏهن سنسڪرت ڪنهن پراڻيءَ ٻوليءَ تي پيوند ٿيل هجي ها، ته شين جا عام نالا ۽ سليس خيالن وارا لفظ جيڪر انهي پراڻيءَ ٻوليءَ ۾ هجن ها.

سنڌيءَ ٻولي جون خصوصيتون هي آهن: ان ۾ سنسڪرت ۽ عربي لفظن جي ملاوٽ آهي ۽ ان جي نحوي بناوٽ مختلف عناصرن  مان ٺهيل آهي. ان ۾ ڪيترائي نج خواه بگڙيل لفظ نظر اچن ٿا، جي مغربي هندستان جي اڻپڙهيل ماڻهن جي سمجهه ۾ نه ايندا. ان ڳالهه جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

اچڻ، (س، جڙ: اچا)

جس = فتح (س. يا س - شهرت

آڪاس = آسمان

جوءِ =  زال (س . جايا)

اڇو = سفيد ( س. اڇا)

ڪُڪُڙُ

اَکڻ = چوڻ ( س. اَکيا)

سٻر، زور وارو (سا = ساڻ، ٻل=  زور)

اپار = بي انت

سائين = صاحب (س. سوامي)

ڏاتار = خدا

 

          هندستاني ٻولين جي اصولن خلاف، سنڌي ٻوليءَ ۾ بعضي بعضي عربي ٻوليءَ جا لفظ علمي نالن لاءِ نه، پر عام نالن لاءِ ڪم آندا ويندا آهن. هن خصوصيت جا ڪي مثال هي آهن:

ابو، پيءُ

ڪل، سڀ

بصر

خطاب،اسڪول(هندستان ۽ ايران

جبل، ٽڪر

۾ گهڻو ڪري مڪتب چوندا آهن)

ڪاڏاهو، پيالو

محڪم، مضبوط

ڪاسو، ٿانو(ع.ڪؤس)

مصحف، قرآن

خاص، چڱو

معمور، آباد

خيمه، تنبو

ميت، لاشو

مقام قبرستان

طعام،  کاڌو

پرڇ، تڏو(ع. فرش)

ٿوم (ع. قوم)

رڪابي، ٿالهي

طهر، (ع. پاڪائي)

شيءِ، چيز

 

عربي لفظن جي انهيءَ عجيب استعمال جو هيءُ سبب ٿي سگهي ٿو ته عيسائيت ۽ اسلام جي نمود تي وچ ۾، جنهن کي جهالت جو زمانو چيو وڃي ٿو، شاهي پيماني تي عربستان مان سنڌ طرف لڏ پلاڻ ٿي هئي. هن معاملي ۾ صوبي(سنڌ) جون روايتون ايران، ڪردستان ۽ افغانستان جي روايتن سان ٺهڪي اچن ٿيون. سڀ روايتون انهيءَ ڳالهه تي اتفاق راءِ آهن ته انهن ملڪن کي صحرائي ماڻهن جي نسل وارن ڪاهه ڪري فتح ڪيو هو. مورخ لکن ٿا ته اسلام جي شروعات ۾ جن فوجن بلخ ۽ بخارا فتح ڪيا هئا، تن کي پراڻن اکرن ۾ لکيل ڪتبا مليا هئا، جن ۾ اڳين صحرائي عربن جي حملن جو ذڪر ٿيل هو.

پارسين جي مذهبي ڪتابن ۾ گهڻا عربي الفاظ آهن، تنهن لاءِ به اهو ئي سبب ٿي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ ڪن انگريز عالمن انهيءَ ڳالهه کي انهن جي سچائيءَ ۾ شڪ رکڻ جو دليل بڻايو آهي. قديم خواه جديد فارسي زبان پشتو ۽ سنڌيءَ سان ان ڳالهه ۾ مشابهت رکي ٿي ته انهن جا گهڻا لفظ، آواز ۽ هِجي ۾ سامي ٻوليءَ جي هم معنيٰ بنيادي لفظن جهڙا آهن.

سنڌيءَ نحو، اولهه هندستان جي هاڻوڪين ٻولين جي وياڪرڻ کان وڌيڪ مُنجهيل آهي. پهريون ته ان ۾ پنج خاص آواز آهن، جي ٻين همجنس ٻولين ۾ نٿا ٿين، مثلاً ’ٻ‘، هڪ شفوي حرف آهي جو چپن کي ڀِڪوڙڻ سان نڪرندو آهي.

’گهه‘، G يا گ جهڙو حرف، جو نڙ گهٽ مان اندران نڪري ٿو.

’ڄ‘، ڏندن ۽ تارونءَ مان نڪرندڙ آواز.

’ڊ‘، جنهن ۾ د ۽ ر ملي هڪ ٿي ٿا وڃن.

’ٽ‘ ڊ جهڙو مغز مان نڪتل پاڻياٺو آواز.

انهن کان سواءِ ’ڙ‘ به آهي، جا جتڪيءَ ٻوليءَ وانگر لفظ جي منڍ، وچ ۽ پڇاڙيءَ ۾ ايندي آهي.

نحو جي ناموافق بناوٽ به ڌيان جوڳي آهي. اسمن ۽ صفتن جون پڇاڙيون، ضمير ۽ انهن مان ٺهيل صفتون، فعلن ۾ مصدر جو گردان، مستقبل جون صورتون ۽ ماضي، وصلي فاعل، اهي سڀ هندستاني زبانن جهڙا آهن. هيٺين ڳالهين ۾ سنڌي، فارسي ۽ هندستانيءَ کان بهتر آهي.:

1. اسمي خواه صفاتي نالن ۽ لفظن جي جڙن ۽ مصدرن جي پڇاڙيءَ ۾ ننڍو يا ڊگهو حرف علت ]17[ هوندو آهي، انهن مان حالتون لفظ جي منحرف صورت ۾، انهيءَ حرف علت ڦيرڻ سان ٺهنديون آهن. پر هندستانيءَ ۽ مغربي هندستان جي زبانن ۾ اسم جو پويون حرف صحيح، سمورن گردانن ۾ ساڪن هوندو آهي. مثلاً

سنڌيءَ ۾

 

واحد

جمع

حالت فاعلي: مڙسَ

مڙسَ

حالت اضافت: مڙس جو

مڙسن جو

 

هندستانيءَ ۾

 

واحد

جمع

حالت فاعلي: مرد

مرد

حالت اضافت: مرد جو

مردن جو

2. سنڌيءَ ۾ ڪيترا ضمير حالتن، عدد ۽ جنس ڦيرائڻ لاءِ پڇاڙيءَ وارو حرف بدلائيندا آهن. ضمير موصوف ” جو“ ۾ به ائين ٿيندو آهي.

واحد

حالت فاعلي : جو، مونث جا

حالت اضافت: جنهن جو، ٻنهي جنسن لاءِ.

جمع

حالت فاعلي :  جي

حالت اضافت: جن جو               ٻنهي جنسن لاءِ.

 

3. زمان حال ٺاهڻ لاءِ مضارع سان جي خفيف جزا ملائبا آهن، سي هميشه فارسيءَ وانگر ساڳيا نه هوندا آهن. پر اهي عدد ۽ جنس سان ڦرندا آهن. فعل، هندستانيءَ کان وڌيڪ ڊولائتو آهي. متعديءَ جي جڙ سان ”جڻ“ ڳنڍڻ سان مفعول ٺهندو  آهي. مثلاً  ”مار“، ”مارجڻ“، هن نئين فعل مان اصلي فعل وانگي باقاعدي ڪيترائي زمان ٺهي سگهنداآهن. مشابه سبب فعلن ٺاهڻ جو طريقو وڌيڪ مڪمل ۽ پيچيدو آهي،

4. سنڌي زبان لطافت ۽ ظرافت جي نقطئه  نگاهه کان ڪيترن دقيق ڳالهين ۾ اولهه هندستان جي ٻين ٻولين کان بهتر آهي. مثلاً شعر ۾ لفظن جي پڇاڙين ڦيرائڻ جي اجازت هوندي آهي، قافيي جي لاءِ لفظن جا پڇاڙيءَ وارا حرف مثنيٰ يعني ٻٽا ڪري سگهبا آهن. ۽ اهڙي قسم جون ٻيون سهولتون  پڻ آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي ٻي هڪ خصوصيت هيءَ آهي، جو ان ۾ بي انتها ۽ گونا گون لفظ آهن. بعضي بعضي ته ائين پيو معلوم ٿيندو آهي ته لفظن جي فضول زيادتي آهي ۽ خواهه مخواهه هم معنيٰ لفظ ڪثرت سان آيل آهن. صوبي ۾ اهڙي ڪا شئي نه آهي، جنهن جي لاءِ ڏيهي زبان ۾ نالو نه هجي. مگر دهقاني سنڌي- فارسيءَ ۾ ائين نه آهي. عام ظاهري شين مثلاً:  اُٺ  لاءِ اڪثر ڏهه- ٻارهن لفظ آهن، جن مان ڪي هم معنيٰ هوندا، مگر گهڻن جي معنيٰ ۾ باريڪ تفاوت هوندو آهي. خيالن ظاهر ڪرڻ لاءِ ڏکيا لفظ عربي، سنسڪرت ۽ فارسيءَ مان بنان ڪنهن حجاب جي ورتا ويندا آهن، جنهنڪري سنڌيءَ کي تمام وسيع لغت آهي، جنهن جا مثال ضميمي ۾ ڏنل آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي ادب بنسبت خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو، ته جڏهن اسان سنڌ ملڪ فتح ڪيو، تڏهن ڪا به اهڙي ڏيهي زبان ڪا نه هئي، جنهن ۾ سنڌيءَ کان گهڻيون يا وڌيڪ ڪارآمد تصنيفون هجن. ان جو گهڻو حصو خاص ڪري عربيءَ مان ڪيل ترجما، ۽ مذهبي تصنيفون آهن. سنڌ ۾ ڪيترا ڪتاب ملندا، تنهن جو اندازو ڪرڻ مشڪل آهي. پر ٻن ٽن سون کان گهٽ هٿ ڪو نه ايندا.

نثر ۾ اتهاسن جا ترجما، گهڻو ڪري سڀ اسلامي مذهبي علوم، ۽ بعضي دنيوي، پر اڪثر مذهبي تواريخ ]19[ تان ورتل قصا ملن ٿا. ٻارن کي عربي ۽ فارسي زبانن سيکارڻ لاءِ لغتون ]20[، انشا جا ڪتاب، طب ۽ ٻين علمن ]21[ تي تصنيفون پڻ آهن.

لکڻ جي طرز جا ٻه نمونا: پهريون علمي، جنهن ۾ جديد عربي ۽ فارسي جا با وزن جملا ۽ بلاغت جون زيادتون نقل ڪيون وڃن ٿيون. اها طرز هندستاني زبانن جي طبع جي خلاف آهي، پر شايد انهيءَ ڪري عام ٿي ويئي آهي، جو ڌارين ٻولين مان ترجمي ڪرڻ جو گهڻو رواج آهي. سنڌي فقط طرز نقل ڪرڻ تي راضي ڪو نه رهندا آهن، پر اصل مضمون جو مواد به ڪم آڻي ڇڏيندا آهن. لفظ به جيڪي وڻندن سي استعمال ڪن. نقل ايتريءَ حد تائين ته ڪيو ويندو آهي، جو ڪن ڪتابن ۾ مضمون جو فقط ٻاهريون خاڪو يعني معاون فعل، ظرف، حرف جر، حالتن جون نشانيون ۽ عطف ، ڏيهي ٻوليءَ تان ورتل هوندا آهن، باقي سمورو عربيءَ ۽ فارسيءَ جو مجموعو هوندو آهي. ٻي طرز عام آهي، جا ماڻهن جي ڳالهائڻ واري ٻوليءَ جي نموني هوندي آهي اها نج سنڌيءَ ۾ يا ڌارين لفظن جي ڪجهه ملاوٽ سان لکي ويندي آهي. علمي طرز غالباً وڌيڪ عام آهي ۽ زياده پسند ڪئي ويندي آهي. علم اڃا تائين عالمن ۽ فاضلن جي حجرن مان پنهنجو آستانو ڪو نه مٽايو آهي.

سنڌ جو نظماڻون ادب زياده گونا گون ۽ قيمتي آهي. اهو، مرهٽي يا هندي ۽ برج زبانن ۾ جيڪي تصنيفون آهن، تن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ حيثيت نٿو رکي. سنڌيءَ ۾ عربي ۽ فارسي شعر جا پُرتڪلف وزن ۽ بحر ڪو نه ڪم آندا ويندا آهن. سواءِ انهن حالتن جي جتي انهن ٻولين جي شعر جي طرز جو نقل ڪرڻو هوندو آهي. سنڌين کي هڪڙي خاص قسم جو بحر ]22[ آهي. پشتو سميت ٻيون سڀ پاڙي واريون زبانون اڌارن وزنن مان ڪم ڪڍنديون آهن. سنڌي شعر خوبين کان خالي نه آهي. گونا گون محاورن کان سواءِ، ان ۾ لطافت، تازگي، بلند خيالي ۽ فصاحت پڻ موجود آهي، سنڌيءَ جون گهڻيون ئي مڪاني صورتون آهن، جنهنڪري وڏي پايي جا مصنف ڇا ڪندا آهن جو جنهن ايراضيءَ جو قصو يا ڪهاڻي هوندي آهي، اتان جا مڪاني لفظ ۽ محاورا ڪم آڻي، پنهنجي مضمون ۾ گونا گون رنگ ڀريندا آهن. تجنيس ]23[ زياده پسند ڪئي ويندي آهي. تجنيس سان گڏ حالتن جون نشانيون به ڪيرايون وينديون آهن. اهي ڳالهيون ٻين ادبي آرائشن سان گڏجي نثر ۾ هڪ قسم جو سرود پيدا ڪنديون آهن. سنڌين تي، سندن قومي شعر جو تمام گهَرو اثر پوندو آهي، جنهن مان ثابت آهي ته هنن جي شعر ۾ فصاحت ۽ بلاغت ٻيئي موجود آهن. وڏا وڏا صوفي عالم به پنهنجي عربي ۽ فارسي تصنيفن ۾، ڪڏهن ڪڏهن سنڌي مصراعون ڪم آڻڻ کان عار نه ڪندا آهن. سنڌ ۾ جن قسمن جو شعر لکيو ويندو آهي، سي هيٺ ڏجن ٿا:

1. مدح: هن قسم جي تصنيف کي مسلمان گهڻو پسند ڪندا آهن. ان صنف جو نالو ڏيکاري ٿو ته ان جو مضمون خدا، رسول ۽ ولين جي ساراهه ۽ مذهبي ڳالهين سان تعلق رکندو آهي.

2. مناجات: هي به مدح وانگر آهي، پر اها مسلمانن کان سواءِ ٻين مذهبن وارا به ڪم آڻيندا آهن. اها عيسائين جي گيتن سان مشاهبت رکي ٿي. عام ماڻهو ڏيهي زبان ۾ لکيل مناجاتون پڙهندا آهن، پر عالم عربي زبان ۾ زياده پسند ڪندا آهن.

3. مرثيه: گهڻو ڪري امام حسن عليہ السلام ۽ امام حسين عليہ السلام جي شهادت تي لکيل هوندا آهن. سڀ مسلمان، سُني خواهه شيعا، انهن کي پسندا ڪندا آهن. سُني عالم، مذهبي نقطئه نگاهه کان انهن تي اعتراض ڪندا آهن، تنهنڪري هو امام حسين عليہ السلام جي دردناڪ شهادت تي ساليانو ماتم ڪرڻ جي رواج کي ننديندا آهن ۽ ٻين کي به ان کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪندا آهن.

4. ڪُوار يا لعنت: عربي ۽ فارسي جي هجو جهڙو مضمون آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي نندا ڪيل هوندي آهي، فارسي هجو وانگر سنڌي هجو جا ٻه نمونا هوندا آهن: هڪڙو مليح يا خليق هجو ۽ ٻي قبيح يعني فاحش، جنهن ۾ ذاتي گاريون ڏنل هونديون آهن. انهن تصنيفن جي خوبين جو اندازو جيڪڏهن سندن تاثر مان ڪجي ته اسان کي اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته اهي تصنيفون سچ پچ اعليٰ درجي جون آهن. پر انهيءَ جي تاثر جو مکيه مدار شايد انهن جي مضمون تي ئي هوندو آهي. مشرقي ماڻهن ۾ هجو جا مکيه موضوع هوندا آهن: مرد جي بزدلي ۽ بخل ۽ عورت جي بي عصمتي ۽ قبيح صورت.  انهي ۾ شڪ نه آهي ته سنڌي هجو ۾ اهي مضمون ڪاميابيءَ سان نباهيا وڃن ٿا. شاعر جيڪي هجو لکڻ جو خطرناڪ پيشو اختيار ڪندا آهن، سي گهڻو ڪري وڏيءَ عمر کي ڪو نه رسندا آهن، پر اُنهن جي دل کي اها تسڪين هوندي آهي ته سندن لعنت جو نشانو، عام ماڻهن جي نظر ۾ هميشه لاءِ حقير ٿي چڪو آهي.

هجو جا اهي چار نمونا پراڻن علمي ٻولين مان ورتل آهن ۽ انهن جو رواج سڄي اسلامي دنيا ۾ آهي. هيٺيان چار نمونا خاص سنڌ ۾ مروج آهن:

1. فتحنامو يا لڙائيءَ جا گيت ]24[: اهي گيت ڪنهن لڙائيءَ جي يادگيريءَ ۾، هار کي جيت جي رنگ ڏيڻ لاءِ ڀَٽ ۽ چارڻ فقير ٺاهيندا آهن. انهن جي طرز ۽ مضمون، قديم عرب شاعرن جي جوشيلي تصنيفن سان گهڻي مشابهت رکي ٿو.

2. ڪافي يا وائي: هن صنف جو گهڻو ڪري عشقيه مضمون هوندو آهي. ان ۾ اٺن کان ٻارهن تائين مصراعون ٿين ٿيون، جتڪي ۾ انهيءَ قسم جي ڪلام کي ”ٽپو“ يا ”خيال“ چوندا آهن. اهو اڪثر ساز سان ڳائيندا آهن ۽ ماڻهو ان کي گهڻو پسند ]25[ ڪندا آهن. شاهه عبداللطيف جي رسالي ۾ ان جا نهايت سهڻا مثال ڏنل آهن.

3. بيت ]26[: انهن ۾ بعضي ٻه، پر گهڻو ڪري ٽي مصراعون هونديون آهن. پهرينءَ مصرع جو قافيو ٻيءَ مصرع سان ۽ ٽينءَ مصرع جي بند سان ملندو آهي. ٽينءَ مصرع جي پوئين بند ۾ قافيو ڪو نه هوندو آهي، هي وزن، خاص سنڌ ۾ ڪم ايندو آهي ۽ هر طبقي جا ماڻهو ان کي پسند ڪندا آهن. بيت، طنبوري تي ڳايا ويندا آهن. ڏوهيڙو پڻ ساڳئي قسم جو ڪلام آهي، فقط نالو ٻيو اٿس. مگر ان جو سر نرالو هوندو آهي ۽ دهل تي ڳائبو آهي.

4. سنيارو: جنهن جي لفظي معنيٰ آهي نياپو. نالي مان ظاهر آهي ته هي عشقي ڪلام آهي، ڄڻ عاشق معشوق کي هڪ خيالي چٺي ٿو موڪلي. اهو ڪلام هڪ خاص سُر ۾ ڳائيندا آهن ۽ ان سان گڏ بانسري به وڄائبي آهي. ڳوٺاڻا ماڻهو، سنيارو ٻين سڀني راڳن کان وڌيڪ پسند ڪندا آهن.

انهن ڪلامن کان سواءِ، ماڻهن وٽ ڪيترن قسمن جون ڳجهاريون ۽ پروليون پڻ آهن، جي عربستان ۽ ايران جي ”نغز“، ”معميٰ“ ۽ ”چيستان“ سان ملي اچن ٿيون ۽ اسا جن ڏَسڻين جهڙيون آهن. انهن ۾ ڪيتريون خوبيون ٿين ٿيون ۽ منجهن نهايت شستگي ۽ لطافت هوندي آهي. ٻين نيم مهذب قومن وانگر سنڌ ۾ به تمام گهڻو شعر پکڙيل آهي، جو شايد ڪڏهن به ڪٺو نه ڪيو ويندو. ان مان گهڻو حصو سنڌي عالمن جي ڌيان جي لائق آهي ۽ ڪجهه مشرقي علم جي ماهرن لاءِ دلچسپ ٿيندو، هندستان وانگر هن صوبي ۾ به شاعراڻو ڪلام تازه، اصطلاحي، غير مصنوعي، ججهو ۽ گوناگون لفظن سان ڀرپور، سادو ۽ صاف آهي. اسان جي تعليمي سرشتي ۾، ليکڪن جي طرز مصنوعي ٿيو پوي ۽ هو علمي ٻولين مان نقل ڪرڻ جي زياده ڪوشش ڪن ٿا. اهو طريقو شايد نثر ۾ ڪامياب ٿئي، پر شعر نٿو پيدا ڪري سگهي. انهيءَ ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ مرهٽي ٻوليءَ جا پراڻا ڌرمي گيت گذريل ويهن سالن جي ڪلام سان ڀيٽي ڏسو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org