ڇپائيندڙ پاران
سنڌ جي تاريخ تي پرڏيهي اسڪالر رچرڊ برٽن
انگريزيءَ ۾ ڪتاب
Scinde, or The Unhappy Valley
لکيو، جنهن ۾ هُو سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي
غيرصحتمند ڄاڻائيندي طنز ڪندو نظر اچي ٿو. کيس سنڌ
واسين ۾ ڪا چڱي ڳالهه نظرئي ڪانه ٿي اچي ۽ نه ئي
وري سنڌ جي ڪنهن شاندار روايت ۽ سنڌ جي ثقافتي
ورثي جو کُلي طرح ذڪر ڪري ٿو. هُن هڪ فاتح جي
نگاهه سان سنڌ کي ڏٺو آهي ۽ پنهنجي قلم جي آڙ ۾
سنڌ جي هزارين سال قديمي ثقافتي ورثي کي ننديو
آهي.
سنڌ جي تاريخ جي اشاعت سنڌي ادبي بورڊ جي بنيادي
رٿائن مان هڪ اهم رٿا آهي، جنهن تحت عربي ۽ فارسي
ماخذن جي اشاعت سان گڏوگڏ پرڏيهي اسڪالرن جا به
سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتاب ادارو شايع ڪندو رهيو
آهي، هيءُ ڪتاب به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. جنهن
جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ
قومون“ جي نالي سان محمد حنيف صديقي صاحب ڪري،
سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو.
هيءُ ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون“ بورڊ
طرفان سال 1971ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپجي
پڌرو
ڪيو ويو،
جيڪو پڙهندڙن وٽ بيحد مقبول ٿيو.
جنهن بعد پڙهندڙن جي گهرج موجب اُن جا ڇاپا وقتن
بوقتن اداري طرفان شايع ٿيندا رهيا. موجوده وقت ۾
بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان
’عاطف‘ صاحب جن جو سندن علمي ادبي خاندان سان تعلق
هئڻ ڪري ۽ سندن خاص دلچسپيءَ ۽ هدايتن تحت اداري
طرفان نون ڪتابن جي اشاعت سان گڏوگڏ پڙهندڙن طرفان
گُھر ٿيندڙ ريپرنٽ ڪتاب به شايع ٿي رهيا آهن. سنڌي
ادبي بورڊ طرفان هِن ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾
وسندڙ قومون“
جو
پنجون ڇاپو بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم
سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرڪردگيءَ ۾ بورڊ
طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.
اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پورهيو تاريخ سان
دلچسپي رکندڙن وٽ مانُ لهندو.
12- شعبان المعظم 1443هه سيد سڪندر علي
شاهه
16- مارچ 2022ع
سيڪريٽري
باب پهريون
سنڌ جو ٻاهريون روپ، ان جي فوجي ۽ تجارتي اهميت
ملڪ جي صورت ۽ تاريخ جو خاڪو
جڏهن ڪو سيلاني پڇم
(اولهه)
جي پاسي کان هندستان مان سنڌ ۾ اچي ٿو ته ان کي
پهريائين ائين ٿو نظر اچي ته ڄڻ هو هڪ نئينءَ دنيا
۾ داخل ٿي رهيو آهي. اول ملڪ جو ٻاهريون ڏيک سندس
ڌيان ڇڪائي ٿو. هن کي ڏسڻ ۾ ايندو ته هڪ طرف اٿاهه
مٽيءَ، خشڪ واريءَ ۽ پٿريليءَ زمين جا ويرانا آهن،
جن ۾ نانگ-ڦڻ، ٿوهر ۽ اڪ جا ڇڊا ڇڊا ٻوٽا ٿين ٿا،
۽ ٻئي طرف لئيءَ، ٻٻر ۽ ڪنڊيءَ جا گهاٽا ٻيلا آهن،
جن ۾ ڪٿي ڪٿي آباديون نظر اچن ٿيون. سارو ملڪ
ڪڙين، واهن ۽ درياءَ جي ڦٽل پيٽن جي ڄار سان ڇانيو
پيو آهي. سيلانيءَ کي اهو به ڏسڻ ۾ ايندو ته هتان
جا شهر سوڙهن رستن ۽ ڳلين جا جهڳٽا آهن ۽ جايون
جڳهيون ڪچين سرن جون ٺهيل آهن. انهن جي ڀتين ۾ ٻٻر
جي ڪاٺ جا بُنڊ پيل آهن، جن جي مٿان ڪهگل
]1[ پيل آهي. ماڙيون اوچيون، در دريون ننڍيون، ڇتيون سنهيون ۽
انهن جي مٿان وچ-
ايشيا جي ملڪن وانگر اڪثر ڪري بادگير ٺهيل آهن.
ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ واهڻ به ڏسڻ وٽان آهن. انهن ۾ ڪکن
۽ ڪانن جا پکا آهن، جن کي چوڌاري پناهه لاءِ ڪنڊن جا ننڍا لوڙها ۽ گنب جون ڀتيون ڏنل آهن. هندستاني
سيلانيءَ کي، ملڪ جي رهاڪن جي شڪل شبيهه، رنگ روپ
۽ لباس پڻ عجيب ۽ نرالا نظر ايندا.
آبهوا به نسبت مسافر کي جلد معلوم ٿيندو ته آرهڙ
جا بادل ۽ سڄي سال جي ماڪ، چوماسي جي تنگيءَ جو
پورائو نٿا ڪري سگهن. هو سج جي تابش، ڏينهن جي سخت
گرمي، رات جي ٿڌ ۽ ڌڌڙ ۽ مٽي جا طوفان
]2[،
جي ڪن وقتن تي تمام زور سان لڳندا آهن، ڀليءَ ڀت
محسوس ڪندو.
سنڌ جون مکيه خوبيون هن وقت هي آهن: پهريون ته ان
۾ زراعت جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ وڏي گنجائش آهي،
ٻيو ته سنڌ فوجي ۽ تجارتي نقطئه نگاه کان اسان
لاءِ خاص اهميت رکي ٿي. پراڻن کنڊرن جا شاهي دڙا،
جن سان سارو ملڪ ڀريو پيو آهي ۽ عاليشان عمارتن جا
نشان ۽ اتهاسن جو اڀياس، مورخن ۽ سياحن جا ساڳيا
رايا ۽ خيال ثابت ڪن ٿا، ته سنڌ جي حالت هميشه
اهڙي ڪا نه هئي، جهڙي هاڻي اٿس. سنڌ جي زوال ۽
پستيءَ جو ڪارڻ آهي. خانه جنگي ۽ لڙايون، جن جي
ڪري لازمي طرح ڏڪر ۽ بيماري ۽ لڏ پلاڻ ٿئي ٿي ۽
آبادي گهٽجيو وڃي. پر ملڪ ۽ ماڻهن جي جسم ۾ صحت ۽
قوت پيدا ڪرڻ جا وسيلا اسان وٽ موجود آهن. گذريل
ٽن سالن جي واقعن ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جنگي ساز ۽
سامان لاءِ هڪ سٺي مڏي آهي ۽ لشڪر جي لاءِ ڪارائتو
مرڪز ٿي سگهي ٿي، جتي وڌيڪ فوج رکي سگهجي ٿي، ۽
جتان اتر ۽ اتر - اوڀر جي اجهل قومن جي حملن کي
منهن ڏيئي سگهجي ٿو. اسان کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ مان
اڳيئي هي فائدو پهتو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جا امير
]2[ پنجاب ۽ ملتان ۾ سکن کي، اتر ۾ افغانن کي ۽ اولهه ۾ وحشي
جنگجو ۽ ڪٽر ڪوهستانين کي ساٿ ڏين ها ۽ انهن جي
رهنمائي ڪن ها ته ان جا نتيجا نهايت اگرا نڪرن ها.
صوبي (سنڌ) جي تجارتي اهميت هن ڳالهه مان پڻ ثابت
آهي ته قافلن رستي واپار وڌيو آهي، ۽ مڪران ۽ ڏکڻ
ايران جي سامونڊي ڪناري جا بندر پٺتي پوڻ لڳا آهن.
سون مياڻي، گوادر، بکر ۽ بندر عباس تائين ٻيا
وسندڙ بندرگاه اهڙا ته ڦٽي ويا آهن، جو اسان اهي
جلد بنان ڪنهن تڪليف جي مالڪن کان خريد ڪري يا عهد
و پيمان رستي وٺي سگهنداسون. اها اميد رکڻ به غير
واجبي نه ٿيندي ته اسان هٿياربند سپاهين جون
چوڪيون قائم ڪري، بمبئيءَ کي ڇڙوڇڙ ڪرڻن جو هڪ
گڏيل مرڪز بڻائي، وچ ايشيا جو سمورو واپار پنهنجي
قبضي ڪيون ۽ ان کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلايون.
اهو علائقو، جنهن کي يوناني ”سنڌومان“، پراچين
هندو ”سنڌو ديش“، عرب جاگرافي نويس ”سنڌ“
]4[ ۽ سندس هاڻوڪا رهواسي، ”سنڌو“ جي
نالي سان سڏيندا آهن، تنهن جون حدون هي آهن: اتر
ڏي بهاولپور جو علائقو، ڏکڻ ڏانهن عربي- هندي وڏو
سمنڊ، اڀرندي ۾ وارياسا رڻ پٽ ۽ الهندي ۾ هڪ جبلن
جي قطار آهي، جنهن کي يورپ ۾ ”هالار جبلن“ جي نالي
سان سڏيو وڃي ٿو. سنڌ اُتر
ويڪرائي ڦاڪ (North Latitude)
جي
23 ۽ 29 درجن
(degrees)
۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ
(East Latitude)
جي
67 ۽
70 ڦاڪن (Parallels)
جي وچ ۾ آهي، ۽ ان جي وڌ ۾ وڌ ڊيگهه اٽڪل ٽي سؤ ۽
ويڪر هڪ سؤ ويهه ميل آهي.
سنڌوندي سڄي ملڪ جي ڊيگهه کي ٻن ڦاڪن ۾ ورهائي ٿي.
صوبي جي قديم جاگرافي خواه تاريخ، ٻيئي تاريڪيءَ
جي پردي ۾ آهن. جيتري وقت ۾ سنڌو ندي پنهنجو وهڪرو
(جيڪو ٻن چئن ميلن جي ايراضيءَ ۾ هوندو آهي)
بدلائيندي آهي ته اڳوڻا پڊ ريگستان ٿي ويندا آهن،
اهڙيءَ طرح جڏهن ڪو ڏيهي حاڪم پنهنجي گاديءَ جو
هنڌ ڦيرائيندو آهي ته شهر، بندر ۽ واهڻ پڻ ويران
ٿي ويندا آهن. سواءِ ڪن مخصوص ڳالهين جي، اها قياس
آرائي ڪرڻ، ته سنڌ جي حالت پنجاهه
ورهيه اڳي ڪهڙي هئي، نهايت ڏکي ڳالهه آهي.
قديم زماني کان وٺي سنڌ هيٺين ٽن
]5[
ضلعن ۾ ورهائي ويئي آهي.
(1) لاڙ يا ڏاکڻي سنڌ، جنهن ۾ حيدرآباد جي
ڏکڻ وارو ملڪ اچي وڃي ٿو،(2)
وچولو يا سنڌ جو وچ، يعني حيدرآباد جي پسگردائيءَ
وارو علائقو، (3) سرو يا اتر سنڌ، جنهن ۾ سيوهڻ، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور جا ضلعا ۽ اهو علائقو، جيڪو سکر
کي ڪڇ گنداوا کان ڌار ڪري ٿو. اچي وڃن ٿا.
ڏاکڻي سنڌ جي ايراضي، دوآبي سميت، اٽڪل
70
يا
80
ميل ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ ٿيندي. اهو ملڪ لئيءَ ۽
ٻٻر جي گهاٽن وڻن سان ڇانيل هڪ مٽيءَ جو ميدان
آهي، مگر ان جي آبادي کاري پاڻيءَ سبب ڇڊي پاڊي
آهي. اها سموري ايراضي، سمنڊ جي هوائن جي اثر ۾
اچي ٿي، پر سنڌونديءَ جي سيلاب کي سج جا تيز ڪرڻا
۽ هوائون گڏجي خشڪ ڪيو ڇڏين. لاڙ جي اولهه ۾ زمين
وارياسي ۽ خشڪ آهي. ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته ڄڻ چوني
جي پهڻن مٿان واريءَ جو هڪ تهه وڇايل آهي. اهي
پهڻ، گهاري ۽ ٺٽي جي پسگردائيءَ ۾ ۽ ڪن ٻين هنڌن
تي هڪ هيٺانهين، اڀين ۽ ويران ٽڪرين جي قطار جي
صورت اختيار ڪن ٿا. سمنڊ جو ڪنارو ڏکڻ اولهه طرف
چؤماسي جي ڏينهن ۾ خاص طرح ڀيانڪ هوندو آهي. سمنڊ
۾ نهايت شور هوندو آهي ۽ سمورو وقت پيو نانگ وانگي
لهريندو آهي. ان ۾ تانگها تڙ ۽ ڪنڌيون به جام
هونديون آهن ۽ سڀ ننڍا بندرگاهه واريءَ سان لٽجي
ويندا آهن. خشڪ موسم ۾ تڪليف ڪا نه هوندي آهي.
مانجهي جيڪڏهن ماپ وٺندو ايندو آهي ته اونو ڪو نه
هوندو اٿس. سياري جون اوڀاريون لهواريون هوائون هن
جي مدد ڪنديون آهن.
لاڙ جا مکيه شهر آهن، ڪراچي ۽ ٺٽو. ڪراچيءَ جي
اهميت جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته اها هڪ سنڌائتي
هنڌ تي آهي. هتان جي آبهوا
]٦[ ٻين شهرن جي مقابلي ۾ صحت بخش ۽
وڻندڙ آهي، انهيءَ ڪري سنڌ جو شفا-گهر ٿي پئي آهي.
سندس بندر جو ايران، عربستان ۽ اولهه هندستان سان
چڱو چوکو واپار هلي ٿو. اصلوڪو شهر، پراڻي قلعي جي
ڦٽل ديوار جي ٻاهران، لئيءَ جي ٽارن ۽ مٽيءَ سان
اڏيل گهرن جي هڪ ڪوجهي بستي آهي. اتر ۽ اولهه
ڏانهن جتي مٺو پاڻي ملي ٿو، ڪي باغ آهن، جن ۾
ڀاڄيون ۽ ميوي جا وڻ چڱا ٿين ٿا. مگر ٻي پسگردائي
ڪلراٺو ۽ وارياسو رڻ آهي. ڪراچي تڪڙي تڪڙي وڌندي ۽
سڌرندي وڃي ٿي. ان ۾ هاڻي اٽڪل
24000 آدم رهي ٿو. هتي هڪ شاهي فوجي ڇانوڻي آهي، جنهنڪري سندس
آبادي ۽ دولت ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهن.
ٺٽي کي غلطيءَ کان قديم ”پٽالا“]7[
سمجهيو ويو آهي. مسلم گهراڻن جي راڄ ۾، اهو دوآبي
جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر هوندو
هو. ڪنهن وقت سنڌو ندي سندس ديوارين سان لڳو لڳ
وهندي هئي“ ۽ سندس دروازن تائين وڻج واپار ۽ دولت
پهچائيندي هئي. انهن مڙني سهولتن جي هاڻي ڪراچيءَ
کي هڪ هٽي آهي. هن وقت درياهه، شهر کان اٽڪل ٽي
ميل پري آهي. ٺٽي جي آبادي، جيڪا ڪنهن وقت
280000
چئي وڃي ٿي، سا هينئر
7000
کان زياده نه آهي. هر سال ڪيترا ماڻهو ٻين شهرن ۽
ضلعن ڏانهن لڏي وڃن ٿا، جتي مليريا
]8[ جو گهٽ آزار آهي. شهر ڦٽل جاين جو
هڪ بد زيبو دڙو آهي، ڪٿي ڪٿي ڪا پڪي ماڙي يا روشن
منارو نظر اچن ٿا،جيڪي البت سندس اڳوڻي شان ۽ شوڪت
جا باقي نشان آهن. ٺٽي جي چوڌاري لئيءَ جو رواجي
جهنگ ۽ انبن جا باغ آهن. هتان جا انب سواد ۽ ميٺاج
سببان مشهور آهن. ٺٽي جي ويجهڙائيءَ ۾ وسيع قلعن
جا نشان ۽ هندن جون جاترائون آهن. مڪليءَ جي ٽڪرين
تي نهايت خوبصورت مقبرا آهن، جن ۾ وڏا حاڪم ۽
مشهور وليءَ
]9[ پوريل آهن. انهيءَ کان سواءِ لاڙ
۾ ٻيا قابل ذڪر شهر هي آهن: (1) گهارو، هڪ وڏو ڳوٺ، جنهن ۾ ڪنهن وقت فوجي ڇانوڻي هئي. هيءُ
شهر هڪ کاريءَ تي آهي، جيڪا ڪراچيءَ کان اچي ٿي ۽
ٺٽي کان
24 ميلن جي فاصلي تي پوري ٿئي ٿي.(2) وڪر، سنڌونديءَ جي حجامڙي شاخ تي هڪ
بندر، جيڪو مغربي دوآبي جي اوڀارينءَ شاخ تي آهي.
وچولي ۾ حيدرآباد جو شهر آهي،جيڪو ٺٽي کان پوءِ
صوبي جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي. حيدرآباد جو شهر،
ڪلهوڙن حاڪمن، هندن جي پراڻي ڦٽل شهر جي مٿان
اڏايو هو. هيءُ سنڌونديءَ جي اڀرندي ڪناري تي،
چوني جي پٿر وارين ٽڪرين جي مٿان ٺهيل آهي. ايشيا
جي هن ڀاڱي جي ٻين گادين وانگر، هن شهر ۾ پڻ
جهوپڙين ۽ جاين جا جهڳٽا، بزاريون، مسجدون ۽ هڪ
قلعو سمايل آهن. قلعو ڏسڻ ۾ جبرو آهي، پر اندر
کوکو اٿس. اڳي شاهي خاندان جي رهائش لاءِ ڪتب آندو
ويندو هو. شهر جي آدمشماريءَ بنسبت ڪيترا رايا ڏنا
ويا آهن، پر سمجهيو وڃي ٿو ته اها هاڻي ڪراچيءَ
جيتري ٿيندي. تپاوليءَ ۽ ٻين بيمارين ۽ گاديءَ جي
بدلائڻ ڪري شهر ڦٽڻ شروع ٿيو آهي ۽ هاڻي آبادي
وڃيس ٿي ڏينهون ڏينهن گهٽبي. آبڪلانيءَ ۾ ڦليلي
ڦاٽ، جا سنڌونديءَ جي هڪ شاخ آهي، حيدرآباد جي
چوڌاري ڦري ايندي آهي. ان جي ڪپرن تي کجين، ليمن،
ڏاڙهن، انبن ۽ ٻين وڻن جا سندر باغ آهن. شهر کان
هڪ رستو اسان جي مورچي واريءَ ڇانوڻيءَ ڏانهن وڃي
ٿو، جيڪا درياهه جي ڪپ تي آهي. اُها مشهور جاءِ آهي، جتي سنڌ جي اڳين حاڪمن
ميرن جي لشڪر، انگريزن جي سفارتخاني تي حملو ڪيو
هو. درياهه جي هُن ڀر ڪوٽڙي آهي،جتي آگبوٽن جو پتڻ آهي.
حيدرآباد جي اولهه ۾ ڪي عجيب غريب مقبرا ۽ روضا
آهن،جي ڪلهوڙن حاڪمن ۽ ٽالپر اميرن جي تربتن مٿان
يادگار طور اڏيل آهن.
وچولي ۾ هيٺيان شهر آهن(1) جهرڪ، هڪ ٽڪريءَ تي سنڌونديءَ جي ڀر ۾
هڪ سهڻو شهر. (2)
نصرپور،حيدرآباد جي ڀرسان آهي.ڊي ائنول جي خيال
موجب عربن جو مشهور شهر منصوره آهي. (3)
خدا آباد، هڪ پراڻو شهر آهي، جنهن جو اڳئين زماني
۾ ڪافي ناماچار هو. پر هينئر پويان پساهه اٿس. (4) ميرپور، ٽالپرن جي شاهي گهراڻي جي هڪ شاخ جي گاديءَ جو هنڌ
آهي. (5)
ٿر واري حصي ۾ عمرڪوٽ جو شهر آهي، جيڪو اڪبر جي
جنم ڀومي ۽ حيدرآباد سنڌ جي حاڪمن جو ريگستاني
اجهو آهي.
سيلاني درياهه رستي ٿورو مٿي وڌندئو
ته سنڌ جي سري تي پهچي ويندؤ.
پهرين ڳالهه جا کيس معلوم ٿيندي سا اها ته آبهوا ۾
ڪافي تبديلي محسوس ٿيندي.
حيدرآباد کان مٿي سمنڊ جون هوائون ڪين
پهچنديون آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته
اتي هوا جي چرپر بلڪل بند ٿي ويندي آهي ۽ سخت گرمي
ٿيندي آهي. هتان جو اونهارو لاڳيتو پنج يا ڇهه
مهينا هلندو آهي. ڇٺيءَ ڇهه ماهيءَ ڪو جهڙ ٿيندو
آهي ۽ اتفاق سان مينهن جو وسڪارو پوندو آهي.
ريگستان جون هوائون به روز لڳنديون آهن.جهڪ، طوفان
۽ زوردار هوائون سڄي صوبي ۾ عام هونديون آهن،پر
هتي
گهڻي
ڪثرت ۽ تيزيءَ سان لڳنديون آهن. سِري
۾ بارش رحمت سمجهي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته خشڪ هوائن
سبب جيڪي بخار اٿندا آهن، سي درياءَ جي ٻوڏن جي
پاڻيءَ کي سنڌ جي واديءَ تان هٽائي، پري ڪري
ڇڏيندا آهن. سرديءَ جي موسم ۾ اتر سنڌ جي گرميءَ
جو درجو ڏکڻ سنڌ کان ڪافي گهٽ هوندو آهي. انهيءَ
سببان، گهم جي گهٽ هئڻ ڪري ۽ شديد گرمي هوندي به
اتر سنڌ جو ضلعو وڌيڪ صحت بخش سمجهيو ويندو آهي.
سري جي زمين ڪٿي زرخيز ۽ پيداوار واري آهي ته ڪٿي
بلڪل غير آباد ۽ ويران آهي. سنڌونديءَ جي ڪپن وارا
علائقا عمدا ۽ زرخيز آهن، جن ۾ باغ، آباديون ۽
شڪارگاهه آهن. انهن کان جيئن پوءِ پرڀرو لئين جا گهاٽا جهڳٽا، واريءَ جون ڊٻون ۽
ويران پهاڙي حصا آهن. ڳوٺن ۾ جهوپڙن کي اڪثر ڪانهن
۽ سَرن جي پَترن
جون ڇتيون هونديون آهن، جي رواجي ڪاٺيءَ جي پڃرن ۽
ٿوڻين تي بيٺل هونديون آهن. وڏين بستين کي بچاءَ
لاءِ گنب جي مٽيءَ جا ڪوٽ ڏنل آهن، جيڪي ڏيکارين
ٿا ته ملڪ ۾ سلامتي گهٽ آهي.
اُتر سنڌ ۾ ڪيترائي پراڻا خواه نوان مشهور
شهر ۽ ننگر آهن. سنڌونديءَ جي الهندي ڪپ تي سيوهڻ
آهي. جنهن کي عربن جي ڏينهن ۾ ”سيوستان“ سڏيندا
هئا. سيوهڻ جو ڦٽل قلعو سڪندر يونانيءَ جي عظمت جو
هڪ يادگار سمجهيو ويندو آهي، ۽ اڪبر جي ڏينهن ۾،
پرڳڻي جي هيٺئين ڀاڱي جي ڪُنجي هوندو هو. سيوهڻ هڪ گرم، اڻوڻندڙ ۽
روڳي جاءِ آهي، جيڪو هن زماني ۾ ماڻهن جي شرارت ۽
شهباز
]10[ وليءَ جي مقبري تي فقيرن ۽ مجاورن جي ڪثرت کان مشهور آهي.
شهر جي آبادي
6000
مس ٿيندي. جاين جي اڻوڻندڙ ۽ زبون حالت ڏيکاري ٿي
ته شهر وسندڙ نه آهي. سيوهڻ کان پرتي لاڙڪاڻو آهي،
جو هڪ سرسبز ۽ شاداب ضلعي جو مکيه شهر ۽ سنڌ ۾،
ڪراچيءَ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ وسندڙ آهي. هڪڙو
شاهي واهه جو درياءَ مان نڪري ٿو، سو آبڪلانيءَ ۾
شهر لاءِ آمدو رفت جو ذريعو هوندو آهي. سمورو
علائقو سهڻن واهڻن سان ڳتيل آهي. سنڌوندي ٽپي،
سيلاني خيرپور پهچي ٿو، جو ٽالپر گهراڻي جي آخرين
فرمانروا، مير علي مراد جي گاديءَ جو هنڌ ۽ رهڻ جو
اجهو آهي. خيرپور هڪ ننڍي بستي آهي جيتوڻيڪ اڳي اُتر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هئي. ان جي آدمشماري لاڙڪاڻي جيتري
مس ٿيندي. ان جي پسگردائيءَ واريون زمينون شايد
اهڙيون ئي ڀليون آهن،جهڙيون سنڌونديءَ جي الهندي
ڪناري واريون، جيتوڻيڪ اهي اهڙيون آباد نه آهن.
خيرپور جي قريباً
اتر ۾ سکر، بکر ۽ روهڙي آهن. اهي ٽيئي مشهور
جڳهيون سنڌ جي هندن خواه مسلمانن جي نظر ۾ مقدس
آهن. سکر جا ٻه حصا آهن، هڪ پراڻو شهر ۽ ٻيو يورپي
ڇانوڻي، جيڪا هڪ ويران ٽڪرين جي قطار تي ٺهيل آهي
۽ جنهن جون چوٽيون ڦٽل مقبرن ۽ مسجدين سان ڇانيل
آهن. شهر جي چوڌاري کجين جي وڻن جا آراڙا آهن ۽
درياهه جو منظر نهايت دلڪش آهي. بکر جو ٻيٽ، هڪ
پهاڙ آهي، جنهن کي سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ زور سان
چيري ڪنارن کان جدا ڪيو آهي. ان جي پاسن کان پاڻي
تمام تيز رفتار سان وهندو آهي. بکر اڳي سنڌ جو
دروازو سمجهيو ويندو هو. سکر جي سامهون روهڙي آهي.
ڪيتريون صديون اڳي انهيءَ شهر، واپار ۾ رسول
ﷺ جي ريش جي وار مبارڪ جي ڪري دولت ۽ شهرت
حاصل ڪئي هئي، پر پوءِ خيرپور جي ميرن جي جبر، ان
جي تقدس کي ڪافي ڌڪ هڻي ڇڏيو. تخمينو ڪيو ويو آهي
ته سکر ۽ روهڙيءَ ۾ اٽڪل
ٻارنهن
ٻارنهن
هزار آدم رهي ٿو. ممڪن آهي ته اهو اندازو گهٽ هجي.
شڪارپور، سکر کان چو ويهه ميل پري اُتر- اولهه طرف هڪ شهر آهي، جو پنهنجي دلير
شهر واسين جي تجارتي سٽن ۽ واپار جي اثر ڪري ايشيا
۾ شهرت واري جاءِ آهي. اهو شهر هڪ گرم ۽ وارياسي
پٽ تي اڏيل آهي، جو آبپاشيءَ سان زرخيز ۽ آباد ملڪ
ٿي سگهي ٿو. ان جي ديوارن کان ٿورا ميل پريان هڪ
مايوس ڪندڙ ڪلراٺيءَ واريءَ جو بيابان شروع ٿئي
ٿو. شڪارپور ۾ اٽڪل چو ويهه هزار نواسي آهن. شهر
جا گهر ۽ جايون زبون حالت ۾ آهن، شهر جون سوڙهيون
ڳليون ۽ شاهي بازار ڪنهن زماني ۾ ديسان ديس مشهور هئي. پر
هينئر نهايت غليظ ۽ اڻوڻندڙ آهن. هيءُ شهر هاڻي
ڏينهون ڏينهن پنهنجي اڳوڻي اوج ۽ عظمت کان گهٽبو
وڃي. اسان به پنهنجو وسيع عملو گهٽائي ڇڏيو آهي.
اهو عملو اڳي قنڌار
]11[
جي رستي تي رکڻ ضروري هو، جڏهن اسان افغانستان تي
قبضو ڪيو هو. شڪارپور جو واپار هاڻي اڳي وانگر
وڌندڙ نه آهي.
سري ۾ ٻيا ذڪر ڪرڻ جوڳا شهر هي آهن: ڪشمور، هيءُ
درياهه جي ڪپ تي اڳي چڱو خاصو بندر هو. سبزل ڪوٽ،
روهڙيءَ کان پنجاهه
ميل مٿي ۽ درياهه جي ساڳئي طرف هڪ قلعو آهي.
جاگرافي جي نقطئه نگاهه کان سنڌوندي، سنڌ
]12[ ملڪ لاءِ هڪ عاليشان ۽ نمايان خصوصيت رکي ٿي. اها هڪ ئي وقت
ملڪ جي آباديءَ جو ذريعو، واپار جو وسيلو ۽ ماڻهن
لاءِ آمد و رفت جي شاهراهه
آهي.
سنڌونديءَ کي هتي ”مٺي پاڻيءَ جي سمنڊ“ جي نالي
سان سڏيو وڃي ٿو. ان جو عام رخ غالباً اتر کان ڏکڻ آهي. هوءَ بکر ۽ روهڙيءَ جي
شهرن جي وچ مان پهاڙن کي ڌڙا ڌڙ چيريندي، شانتيءَ
۽ ڌيرج سان ڏکڻ - اولهه طرف سيوهڻ ڏانهن وهي ٿي.
رستي ۾ ان مان، ناري نالي هڪ وڏي شاخ نڪري ٿي، جا
منڇر ڍنڍ لنگهي، اڙل جي نالي سان وري اچي پنهنجي
اباڻي وجود (سنڌوندي) سان ملي ٿي. سيوهڻ وٽ، پهاڙن
جي روڪ کيس اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿي، جنهنڪري پنهنجو
رخ حيدرآباد تائين ڏکڻ اوڀر ڦيرائي ٿي ۽ جتان وري
ڏکڻ، ڏکڻ اولهه منهن موڙي، ٺٽي تائين پهچي ٿي.
انهيءَ شهر وٽ ندي ڦٽي ٻه ڦاڪون ٿئي ٿي: هڪڙي
”مٽو“ يا اوڀر واري شاخ ۽ ٻي ”بگهاڙ“ يا اولهه
واري شاخ، ۽ پوءِ دوآبي کي گود ۾ ڪري، ڪيترن وڏن ۽
ننڍن
]13[ منهن سان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
سنڌونديءَ جي سيلاب جا ٻه ڪارڻ آهن: هڪڙو بهار جي
برسات،جيڪا اترين علائقن ۾ پوي ٿي،جتان سندس شاخون
نڪرن ٿيون ۽ ٻيو هماليه جي برف، اونهاري جي تيز
گرميءَ ۾ پگهرجي پاڻي ٿيندي آهي. سيلاب مارچ جي وچ
ڌاري شروع ٿئي ٿو ۽ آگسٽ ۾ ڦوهه جوانيءَ کي رسي
ٿو، سيپٽمبر جي پڇاڙيءَ تائين ڪڏهن لهي ٿو ته ڪڏهن
چڙهي ٿو، جيستائين پاڻيءَ جو آخري ڇينهرو ٿئي، ۽
پوءِ آڪٽوبر جي منڍ ۾، باقاعدي لهڻ شروع ڪري ٿو.
هن موسم ۾ سنڌوندي لڙاٽيل پاڻيءَ جي هڪ ڦوڪيل نهر
ٿي پوندي آهي، جنهن ۾ هيبتناڪ ڪن، زبردست ڇوها،
ڪاٺ جا خطرناڪ بُنڊ واريءَ جون ڦرندڙ گهرندڙ
ڪنڌيون ۽ تيز لهريون هونديون آهن. لهرون سير جي
تيز وهڪري تي تند رفتار هوائن جي دٻاءَ پوڻ ڪري
پيدا ٿينديون آهن. ڪيترا قدرتي ۽ هٿرادو واهڙ،
نديءَ جو واڌو پاڻي کڻي وڃي ڍنڍون ڍورا
]14[ ڀريندا آهن، جيڪي سرديءَ جي موسم ۾ سُڪل هوندا آهن. اهو موسمي سيلاب، چؤماسي جي
برسات
]15[
جو ڪم ڏيندو آهي ۽ زمين کي ڪلر کان بچائيندو آهي.
سنڌ ۾ اڪثر ڪري جتي سوڪ، اتي ڪلر هوندو آهي.
صوبي جا ڏيهي اتهاس ٽن ٻولين ۾ لکيل آهن: هڪڙا
عربي، ٻيا فارسي ۽ ٽيان سنڌيءَ ۾.
ملڪ جي پهرين باترتيب تاريخ مسلمانن جي
ديني ٻوليءَ يعني، عربيءَ ۾ لکي ويئي هئي. مشهور
تاريخ، ”تحفة الڪرام“، جو مصنف هن ڳالهه ڏانهن خاص
طرح ڌيان ڇڪائي ٿو، ته
1216ع
تائين سنڌ جي تاريخ تي ڪنهن به توجهه ڪو نه ڏنو
هو. جڏهن اُچ جو رهاڪو، علي بن احمد، بکر ۾ آيو، تڏهن
سنڌ جي فتح جو عربيءَ ۾ احوال، پنهنجي هڪڙي پونئير
]16[، قاضي اسماعيل وٽ لکيل ڏٺائين.
سنڌ جون فارسي تاريخون اڪيچار آهن، پر اهي سڀ
بيڪار آهن. سڀ کان اول لکيل تاريخ، علي بن احمد جي
تصنيف آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيل آهي. پوين سڀني
ليکڪن، صوبي جي اسلامي فتح کان اڳ خواهه
پوءِ جو احوال سندس لکيل تاريخ تان لفظ بر لفظ نقل
ڪيو آهي. ٻيون تصنيفون جي عموماً مطالع ڪيون وينديون آهن، سي هي آهن:
1. ”فرشته“جي تاريخ،جيڪا”چچنامه“،”خلاصت الحڪايت
۽ حاجي محمد قنڌاريءَ
]17[ جي اتهاس تان ورتل آهن.
2.
” مير معصوم بکريءَ جي تاريخ“، جا اڪبر جي زماني ۾
لکي ويئي هئي. اها پنهنجي طرز نگارش جي ڪري ٻين
تصنيفن ۾ سڀ کان وڌيڪ عام مقبول آهي.
3. ”تحفة الڪرام“.
4. ”چچنامه“
]18[
.
5. ”تاريخ طاهري“، هن صوبي جون مڪمل تاريخون آهن. انهن کان
سواءِ ”بيگلار نامه“، ”ترخان نامه“ ۽ ”ارغون
نامه“، اهي تصنيفون تاريخ جي انهن دؤرن سان تعلق
رکن ٿيون جي سندن نالن مان ظاهر ٿين ٿا. سنڌي زبان
۾ جيڪي تاريخون لکيل آهن، تن ۾، اڪثر ڪري ڪافرن ۽
مسلمانن جي مقابلن جون ڪهاڻيون ۽ ڪٿائون آهن، جن
کي تاريخ ڪوٺيو وڃي ٿو. انهن تاريخن کي وڌيڪ وضاحت
سان ڪنهن ايندڙ باب ۾ نظر مان ڪڍيو ويندو.
هڪڙي سياڻي، اهل نظر
]19[
سچ چيو آهي ته جيتوڻيڪ سنڌ ملڪ مان سنڌونديءَ جي
شاندار پاڻي وهي ٿو ۽ هندستان جي هر فاتح جي لشڪر
سنڌ جي سر زمين لتاڙي آهي، پر تنهن هوندي به اهڙا
ٿورا ڪي پراڻا يادگار پيدا ڪيا آهن جي تواريخ
نويسن کي ڪم اچن يا آثار قديمه وارن جو ڌيان
ڇڪائين. سڪندر جي حملي کان وٺي خليفن جي سالارن
سميت، اهو جيڪو زمانو گذريل آهي، تنهن جي احوال
لاءِ ڏيهي اتهاسن ۾ اميد رکڻ اجائي آهي. انهن ۾
چند بادشاهن جي نالن ۽ ٻاراڻين ڏند ڪٿائن کان
سواءِ، ٻيو ڪجهه به ڪو نه آهي.
سنڌ جي تاريخ جو اختصار هن طرح آهي:
1- سنڌ تي هندن جو راڄ مسلمانن جي فتح -711ع.
2- بني اميه خليفن جي نائبن جي حڪومت -1025ع.
3- سومرا نالي هڪ سنڌي قوم جو راڄ -1054ع.
4- سمن جو سومرن کي شڪست ڏيڻ -
1513ع.
5- قنڌار جي شهزادي، شاهه بيگ ارغون جي
چڙهائي-1519ع.
6- دهليءَ جي بي تاج بادشاهه، همايون جي
ڪاهه -1543ع.
7- ترخان نالي فوجي جانبازن جي هڪڙي خاندان
جو اختيار حاصل ڪرڻ
1545ع.
8- اڪبر جو سنڌ کي دهليءَ سان ملائي ڇڏڻ -
1591ع.
9- ڪلهوڙي خاندان جي نور محمد نالي، هڪڙي
سنڌيءَ جو ايراني فاتح، نادر شاهه جي هٿ هيٺ
صوبيدار ٿيڻ -
1740ع.
10- ڪلهوڙن جي گهراڻي کي ٽالپر بلوچن جو الٽ
پلٽ ڪرڻ -
1786ع.
11- سر چارلس نيپيئر جو سنڌ فتح ڪرڻ ۽ لارڊ
ايلنبرو جو سنڌ کي هندستان سان لڳائي ڇڏڻ -
1843ع.
مسلم مورخن جي چوڻ مطابق، سنڌ کي سندر سر زمين تي
پنجن رائن
]20[ جي هڪ گهراڻي، جن جي گادي الور
]21[ ۾ هوندي هئي، اٽڪل
140
ورهيه سک ۽ سانت سان راڄ ڪيو. اسان جي (عيسوي)
ستين صديءَ ڌاري، راءُ سهاسي ٻيو بنان اولاد گذاري
ويو ۽ هن جي راڻيءَ سڀني حقي وارثن کي مارائي، تخت
پنهنجي يار، چچ جي حوالي ڪيو. چچ هڪ پروهت ۽
راڄنيتي ماڻهو هو. پاڙي وارن راجپوت راجائن مٿس
حملو ڪيو، پر هن گهڻيءَ حرفت بلڪ ٺڳيءَ سان سڀني
دشمنن کي شڪست ڏئي، پاڻ کي تخت تي پڌاريو. هن جو
راڄ چاليهه ورهيه هليو ۽ سندس مرڻ کان پوءِ، سندس
پٽ، ڏاهر تخت جو وارث ٿيو. اميه
گهراڻي جي خليفي عبدالمالڪ کي خبر ملي ته ڪي بيدين
شاهينگ، سنڌ ۾ ديبل بندر وٽ، سندس جهاز لُٽي ويا آهن. هن انهيءَ شرارت جي بانين کي
سزا ڏيڻ لاءِ تياريءَ جو حڪم ڏنو. شاهي لشڪر جو هڪ
دستو، حجاج بن يوسف بصري جي گورنر جي سپرد ڪيائين.
انهيءَ وچ ۾ عبدالمالڪ گذاري ويو، جنهن ڪر ي لشڪر
ڪشيءَ ۾ ڪجهه دير ٿي. ان بعد سندس پٽ ۽جانشين،
وليد، حجاج بن يوسف جي سفارش تي، سترهن ورهين جي
سپه سالار، محمد بن قاسم کي
6000
گهوڙيسوارن، ۽ لاڏو اُٺن
جي ساڳئي تعداد ۽ پيادن جي هڪڙي شاهي فوج سان، سنڌ
تي چاڙهي موڪليو.
سنڌ جي مکيه بندر ديول
]22[،
۽ ڏاکڻن علائقن جي مضبوط قلعي، نيرون ڪوٽ وٺڻ، ۽
ڏاهر جي شاهي لشڪر کي شڪست ڏيڻ ۽ الور جي ديوار
هيٺان، راءَ کي مارڻ بعد، نوجوان فاتح
]23[ پنهنجو فرض نهايت سختيءَ ۽
بهادريءَ سان نباهيو ٿو ڏسجي. هن پنهنجي خليفي کي
اطلاع ڏنو ته اسان جي ترقيءَ ۾ جيڪي رڪاوٽون هيون،
تن کان هندستان جي شاهراه کي پاڪ ڪيو ويو آهي.
ان کان پوءِ، چاليهن ورهين تائين بني اميه خليفن
جي مقرر ڪيل نائبن سنڌ تي حڪومت ڪئي. جڏهن حڪومت
جون واڳون عباسين جي هٿ ۾ آيون، تڏهن انهن سابق
حاڪمن جي عملدارن کي ڪڍي سندن جاءِ تي پنهنجا نائب
مقرر ڪيا. ان کان پوءِ، ٽي صديون ملڪ جي تاريخ فقط
حاڪمن جي نالن جي هڪ لمبي فهرست آهي، جن جي حڪومت،
ڪنهن به خاص ذڪر ڪرڻ جي لائق نه آهي.
1025ع ۾، سلطان محمود غزنوي، سنڌ کي پنهنجي وسيع سلطنت سان ملائي
ڇڏيو ۽ هن جا نائب سندس نالي ۾ ساري ملڪ تي حڪومت
ڪرڻ لڳا.
غزنويءَ جي پوين حاڪمن جي ڏينهن ۾، هڪڙي گمنام نسل
جي قوم،جيڪا ”مردسان سومره“
]24[ سڏبي هئي ۽ جن بارسوخ زميندارن جي
حيثيت ۾ گهڻي وقت کان وٺي ملڪ جي ڪيترن حصن تي
پنهنجو ڌاڪو ڄمايو هو، ايترو زور ورتو جو
خودمختياريءَ جو اعلان ڪري، پنهنجي اباڻي ملڪ جي
موروثي حڪومت تي قبضو ڪيائون. جڏهن محمود جي پوين
1186ع ۾) افغان حڪمرانن، غورين جي اڳيان سر جهڪايو، تڏهن به هنن
]سومرن[
پنهنجو اقتدار برقرار رکيو. سندن گهراڻي ۾ ويهه
حاڪم ٿيا. هنن ڪڇ تي پڻ قبضو ڪيو، ۽ اٽڪل
660
ورهين جي عرصي تائين حڪومت ڪيائون.
سما راجپوت
]25[، جن جو نسل ڏيهي مورخ، سام بن نوح
يا غير تاريخي ايراني بادشاهه، جمشيد مان ڇڪين ٿا،
تن ”اپره“ نالي هڪ اڳواڻ جي هٿ هيٺ، دهليءَ جي
شهنشاهه علاؤالدين جي لشڪر جي مدد سان، سومرن کي
شڪست ڏني هئي ۽
1315ع
ڌاري، ڪڇ ۽ سنڌ جا والي ٿيا هئا. هو اسلام جي
دائري ۾ به داخل ٿيا هئا. اهڙيءَ ريت پندرهن ڄام
سردارن، هڪٻئي پٺيان نالي ماتر لڳاتار، دهليءَ جي
پٺاڻ حڪومتن جي هٿ هيٺ، ملڪ ۾ راڄ ڪيو. سمجهجي ٿو
ته پهريان سمان حڪمران، وفادار زيردست نه هئا،
ڇاڪاڻ ته انهن مان هڪڙي کي
1321ع
ڌاري، دهليءَ جي بادشاهه فيروز تغلق حملو ڪري سيکت
ڏني هئي.
مغل بادشاهه بابر،
1526ع
ڌاري، ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي، ماري، پٺاڻ
گهراڻي جو خاتمو ڪيو ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. ان
کان ست ورهيه اڳ، هن افغانستان تي حملو ڪري اڳين
مالڪن جي وارث، شاهه بيگ ارغون کي، قنڌار مان
هڪالي ڪڍيو هو. شاهه بيگ، سنڌ تي اوچتو حملو ڪري،
ڄام فيروز کي شڪست ڏئي، سمن جي حڪومت کي هيٺ مٿي
ڪيو. مگر پوءِ فاتح شاهه بيگ، مغلوب حاڪم کي گجرات
مان واپس گهرائي، کيس ٺٽي جي آسپاس وارن علائقن تي
پنهنجي هٿ هيٺ جاگيردار جي حيثيت ۾ حڪومت ڪرڻ جي
اجازت ڏني. شاهه بيگ کي مغلن اچي سوڙهو ڪيو ۽
ساڳئي وقت سندس رعيت به کيس ڌڪاريندي هئي.
1521ع
۾، جڏهن بکر جو مضبوط قلعو سندس دشمن جي ور چڙهيو
۽ ڄام فيروز بيوفا ثابت ٿيو، تڏهن هن وفات ڪئي. ڪي
چون ٿا ته هو انهيءَ غم وگهي مري ويو هو. ۽ ڪن جو
چوڻ آهي ته هن آپگهات ڪيو هو. شاهه بيگ جي پٽ ۽
جاءِ نشين، شاهه حسن، سمن کي هڪالي ڪڍيو، ۽ ملتان
تي حملو ڪيو ۽ ڪڇ جي راجا راءَ ڪنگر کي، جنهن صوبي
جي ڏاکڻي ڇيڙي تي ڪاهيو هو، فاش شڪست ڏئي، پنهنجي
خاندان جي ڪرندڙ بخت کي بچائي ورتو.
1540ع ۾ بابر جي پٽ همايون، پريشان ٿي هارائي، تخت وڃائي، حڪومت
جون واڳون قسمت جي دادلي ۽ مشهور سپاهي، شير شاهه
سوريءَ جي حوالي ڪري، سنڌ ڏانهن رخ رکيو. هن
سمجهيو ٿي ته سنڌ ۾ اڃا به سندس اختياري تسليم ڪئي
ويندي. هو ارغونن جي علائقي ۾، اُچ
وٽان داخل ٿيو ۽ سڄو سارو ڏيڍ سال پنهنجو سرمايو
بيسود ڳالهين ٻولهين ۽ اجاين سازشن ۾ وڃايائين.
جڏهن شاهه حسن حملي لاءِ تيار ٿي اڳتي وڌيو، تڏهن
جان ۽ مال
]26[ بچائي، اڀڪپرو وٺي ڀڳو. هن وري سنڌ تي ٻيو حملو
1543ع ۾ ڪيو، جنهن ۾ به هو اڌورو ڪامياب ٿيو، جنهنڪري ارغون سان
تڪڙو صلح ڪري، ماڳ موٽي ويو ۽ شاهه حسين اڳي کان
به اڳرو رهيو.
همايون جي موٽڻ کان پوءِ، هڪڙي فوجي جانبازن جي
خاندان جو اڳواڻ، مرزا عيسيٰ ترخان، جنهن ٺٽي جي
حڪومت حاصل ڪئي هئي، تنهن بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو.
سنڌ جو پوڙهو ۽ ڪمزور حاڪم، شاهه حسن ارغون، فساد
جي سيلاب کي روڪي، تنهن کان اڳ گذاري ويو. ان کان
پوءِ اڪبر اعظم، سنڌ جي صوبي کي دهليءَ جي گهراڻي
جي قديمي جاگير تصور ڪري، ان کي هٿ ڪرڻ جو فيصلو
ڪيو.
1591ع
۾، ٻه فوجون، هڪ سيوهڻ تي ڪاهڻ لاءِ ۽ ٻي عمرڪوٽ
رستي (ترخان حاڪم
]27[،جاني بيگ جو ڌيان ٻئي پاسي ڇڪائڻ لاءِ )روانيون ڪيائين.
جاني بيگ دليريءَ سان مقابلو ڪرڻ بعد پيش پيو ۽
اڪبر هن جي عزت سان آجيان ڪندي، کيس پنهنجي دستور
مطابق سلطنت جي اميرن ۾ هڪ اعليٰ عهدو ڏئي سرفراز
ڪيو. سنڌ صوبي کي ملتان ۽ قنڌار سان ڳنڍي، هميشه
لاءِ دهليءَ جي تخت سان ملائي ڇڏيائين. ترخانن،
سنڌ ۾ شاهجهان جي راڄ تائين حڪومت ڪئي، تنهن کان
پوءِ، سڌو سنئون هندستان مان ڍلن اڳاڙڻ ۽ حڪومت جي
ڪاروبار هلائڻ لاءِ نائب مقرر ٿيندا هئا. ڪلهوڙن
جي عروج جو باعث هو، روحاني پارسائيءَ لاءِ
شهرت.اٽڪل
1450ع
ڌاري،سمن جي حڪومت ۾، آدم شاهه ڪلهوڙو نالي هڪڙو
ديندار سنڌي
]28[، محمد مهديءَ جو خليفو ۽ جانشين
مقرر ٿيو. آخر هن پنهنجي خاندان جو اهڙو پڪو پايو
وڌو، جنهن جلد ئي ملڪ تي سياسي طاقت ۽ اختيار حاصل
ڪيو. هن جي بابرڪت اولاد پنهنجي دنيوي حالت سڌارڻ
لاءِ آسپاس وارن زميندارن کي اهڙيءَ طرح سُڃو ڪرڻ شروع ڪيو، جو سترهين صديءَ جي آخر
تائين پاڻ چڱا چوکا زميندار بڻجي
پيا. هنن جي روز بروز وڌندڙ طاقت کي ملتان جي مغل
نائب آخر روڪيو ۽ سندن لشڪر کي شڪست ڏيئي، سندن
اڳواڻ دين محمد جو خاتمو ڪيو. پر هوشيار درويشن،
قلات جي ٽڪرين ۾ هڪ سال جي پاڻهي پنهنجي جلاوطنيءَ
کان پوءِ، موزون موقعي تي پيش پئي، اڳين گناهن جي
معافي حاصل ڪئي، ۽ دين محمد جي پٽ، ميان نصير محمد
جي سرڪردگيءَ هيٺ سنڌ ۾ موٽي آيا. پر هنن کي
پنهنجي ڪرت بدلائڻ جو خيال ڪو نه هو. البت اهو
فيصلو ڪيو هئائون ته آئندي زياده احتياط ۽
خبرداريءَ کان ڪم وٺنداسين.
پيءُ جي وفات کان پوءِ،
1708ع
۾، ميان يار محمد پنهنجي ڪٽنب جو اڳواڻ ٿيو. هن
ويچار ڪيو ته
ٺٽي کان وڌيڪ دهليءَ ۾ منهنجن مرادن جي برصواب ٿيڻ جو امڪان
آهي، تنهنڪري هو مغليه دارالسلطنت ڏانهن روانو ٿيو
۽ آخر
حيلن سان اورنگزيب کان صوبي جي حڪومت جو پروانو ۽ ”خدايار
خان“ جو لقب حاصل ڪيائين. هن ٻه پٽ ڇڏيا: ميان مير
محمد ۽ ميان داؤد خان، جن جو پاڻ ۾ گاديءَ تان
جهڳڙو ٿيو. ميان مير محمد، جيڪو هڪ دلير ۽ داناءُ
حاڪم ٿو ڏسڻ ۾ اچي، تنهن پنهنجي رقيب ڀاءُ کي شڪست
ڏني. هن
1717ع
۾ پنهنجي اباڻي ورثي ۾ سيوهڻ جو قلعو
شامل
ڪيو، جو کيس دهليءَ جي بادشاهه محمد شاهه عطا ڪيو
هو. ان کان پوءِ، هن قلات جي بروهي حاڪم، مير
عبدالله خان کي شڪست ڏئي ماريو، جو هن سندس ملڪ جي
هيٺئين ڀاڱي تي ڪاهيو هو.
1738ع
۾ هو پنهنجي شاهي مرضيءَ کان ٺٽي جي صوبيداري حاصل
ڪري، سنڌ جو حقيقي حڪمران ٿيو.
1739ع ۾ ايراني فاتح، نادر، بدبخت محمد شاهه سان عهدنامو ڪري
سنڌونديءَ جي اولهه وارا سڀ ملڪ پنهنجي قبضي ۾
ڪيا. ان کان اٺ ورهيه پوءِ، جڏهن شاهه اعظم (نادر
شاهه) سازش جي تلوار جو شڪار ٿيو، تڏهن ابدالين جي
موروثي سرخيل، احمد خان دراني
]29[
پاڻ کي قنڌار جو بادشاهه پڌرو ڪري سنڌ ۽ نادر شاهه
جي فتح ڪيل ٻين صوبن تي قبضو ڪيو. ميان نور محمد
ڍل ڏيڻ ۾ گس گساءُ ڪيو، جنهنڪري دراني مٿس ناراض
ٿيو. هن هندستان کي ڪاميابيءَ سان فتح ڪري،
پنهنجون واڳون سرڪش نائب کي سيکت ڏيڻ لاءِ
سنڌونديءَ ڏانهن ورايون. ميان نور محمد ڊپ وچان ٿر
ڏانهن ڀڄي ويو، جتي هو بيمار ٿي گذاري ويو. هن کان
پوءِ، سندس پٽ مراد خان سندس گاديءَ تي ويٺو ۽
خاندان جي پڳ پهرڻ لاءِ پنهنجي حاڪم جي اطاعت
ڪيائين.
1756ع ۾، مرادياب خان کي سندس اميرن تخت تان لاهي قيد ڪيو ۽ هن
جي خالي گاديءَ تي سندس ڀاءُ ميان عطر خان کي
ٿاڦيائون. ٿورن مهينن جي حڪومت کان پوءِ نئين حاڪم
کي لاهي وري ٽئين ڀاءُ ميان غلام شاهه لاءِ جاءِ
پيدا ڪيائون. عطر خان سنڌ مان نراس ٿي ڪابل جي
دربار ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اتي جانفشاني ڪري، وري تخت
تي ويهڻ لاءِ شاهي فرمان حاصل ڪيائين. غلام شاهه
جوڌپور ڀڄي ويو، جتان لشڪر وٺي اچي ڀاءُ جي مٿان
ڪڙڪيو ۽ هن کي وري ملڪ مان ڀڄڻو پيو. ڀاڻس وري
دراني درٻار ۾ دانهين ويو ۽ بادشاهه پنهنجي برپا
ڪيل حڪومت کي قائم رکڻ لاءِ هن کي هڪ شاهي افغان
فوج سان واپس موڪليو، جنهن غلام شاهه کي ٻيو دفعو
جلاوطن ڪري
ڪڍيو.
سنڌ جي اميرن ۽ زميندارن جي صلاح سان ملڪ ٻن ڀائرن
۾ ورهايو ويو ۽ غلام شاهه کي ورهاست ۾ ٽيون حصو
مليو، جنهن تي هن ناراض ٿي وري ڀاءُ جي خلاف بغاوت ڪئي. عطر خان، دائود پوٽن جي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو ۽
بهادر خان جي سام پئي، پنهنجي حق حاصل ڪرڻ جي
تياري ڪرڻ لڳو. پر غلام شاهه هڪدم اڳرائي شروع
ڪري، هن جي مربيءَ (بهادر خان) تي حملو ڪري ان کي
ماري ڇڏيو ۽ عطر خان کي ٻئي ڪنهن هنڌ پناهه
وٺڻ لاءِ لاچار ڪيائين. هو اهڙيءَ
طرح
سوڀارو ٿي، سنڌ ڏانهن موٽيو ۽ قنڌار جي درٻار ۾
عاقلانه سازشون ڪري احمد شاهه کان هڪ آزاد حاڪم جا
حق نه، ته به ان جا القاب حاصل ڪري ورتائين.
غلام شاهه پنهنجي حڪومت جي خوشنودي حاصل ڪرڻ ۽
انتظام قائم ڪرڻ، خواه امن امان پيدا ڪرڻ جي ڪوششن
۾ نهايت ڪامياب ثابت ٿيو. هن اتر سنڌ جي کوسن نالي
هڪ ڦورو قوم کي مهلت ڏئي، دائود پوٽن کي چئن
لڙائين ۾ شڪست ڏني. هن پڻ ڪراچيءَ جي پسگردائي
وارا علائقا بروهين کان هٿ ڪري، پنهنجي ايراضي
وڌائي ۽ ڪڇ تي اهڙو سخت حملو
]30[ ڪيائين جو اتان جو حاڪم ڪهڙن به
نامناسب شرطن تي صلح ڪرڻ لاءِ آماده ٿي ويو. هن
پنهنجن ڀائٽن کي مارايو، جو هنن سندس جان وٺڻ جو
منصوبو رٿيو هو، ۽ سندن پيءَ عطر خان آڻ مڃڻ کان
سواءِ، ٻيو ڪو به چارو نه ڏسي، پاڻ کي هڪ مشرقي
ڀاءُ جي رحم و ڪرم تي اڇلائڻ جي خطرناڪ آزمائش
ڪرڻ جي همت رکي.
1765ع
۾، غلام شاهه حيدرآباد جي قلعي جو پايو وڌو، جنهن
کان ڇهه ورهيه پوءِ هو مري ويو. هن جي ڪن ڀرمي
هموطنين جو چوڻ آهي ته هو هڪ فقير جي پاراتي ڪري
مري ويو، جنهن جي جهوپڙي هن پنهنجي محل اڏائڻ لاءِ
ڊهرائي هئي.
غلام شاهه جي گاديءَ تي سندس وڏو پٽ، ميان سرفراز
خان ويٺو، جنهن افغان بادشاهه کان حڪومت جي
بحاليءَ جو فرمان ۽ هڪ اعليٰ خطاب حاصل ڪيو. هن
ٽالپر بلوچن جي قومي سردار، مير بهرام
]31[، کي مارائي، هڪ موتمار غلطي ڪئي.
هن هڪ ٻيو به اهڙو ئي گهاتڪ قدم کنيو جو انگريزن
جي ڪوٺيءَ کي ٺٽي مان نيڪالي ڏنائين. هن جي ظلم ۽
زبردستيءَ رعايا کي اهڙو خفي ڪيو، جو هنن سندس
حڪومت جي پنجين سال ۾ منصوبو رٿي، کيس ٻڌي بند ۾
رکي ڇڏيو.
سرفراز جي معزوليءَ کان پوءِ سندس ڀاءُ ميان محمد
خان کي مسند تي کڙو ڪيو ويو. اٽڪل ڏهن مهينن جي
راڄ کان پوءِ، هو به حڪومت جي لائق ثابت نه ٿيو ۽
کيس سندس ڀاءُ جهڙي قسمت نصيب ٿي. هاڻي سنڌ جي
سردارن، جن ۾ سرڪش بلوچن پنهنجي سالار مير فتح خان
جي هٿ هيٺ خاص بهرو ورتو، هنن پاڻ ۾ مشورو ڪري،
غلام شاهه جي ڀائٽي ميان صادق علي خان کي پاڻ تي
حڪومت ڪرڻ لاءِ منتخب ڪيو. پر هن کي به هڪ سال جي
عرصي اندر برطرف ڪري قيد ڪيو ويو.
1778ع ڌاري، سابق حاڪم صادق عليءَ جو چاچو، غلام نبي، پکيءَ راجا
نالي هڪڙي اتر واري ڪلهوڙي سردار جي مدد سان،
حڪومت جي گاديءَ تي سرفراز ٿيو.
هن جيڪو پهريون قدم کنيو، سو هو ٽالپرن جي عداوت
ڪرڻ. هن کي ڊپ ٿيو ته مقتول بهرام جو پٽ، مير بجر،
جيڪو پنهنجي پيءُ جي قتل وقت مڪي ڏانهن حج تي ويل
هو، سو جيڪڏهن موٽيو ته هو کيس سندس ڀائٽي جي ڏوهه
جي سزا ضرور ڏيندو، تنهنڪري هن مسقط جي عربن سان
سازش سٽي، دشمن کي هر ذريعي مارائڻ يا قيد ڪرائڻ
جي ڪوشش ڪئي، مگر هو ناڪامياب ٿيو ۽ اڳرائيءَ جو
بدلو اهو مليس جو بلوچ قوم ۽ ان جي موروثي اڳواڻ
سان لڙائي ڪندي جان ڏنائين.
ڪلهوڙن جي ڪمزور گهراڻي جو پويون حاڪم، غلام
نبيءَ جو ڀاءُ، ميان عبدالنبي هو. هن پنهنجي حڪومت
جي شروعات سرفراز خان کي نظربند ڪرڻ، ۽ ٻين عزيزن
جي قتل سان ڪئي، جيڪي سندس اختياريءَ جي رستي ۾
وڏي رڪاوٽ هئا. مذهبي تعظيم هن جي خاندان جو جنمي
حق هو. هو ان تي آسرو رکي همت ڪري حيدرآباد جي
قلعي مان ٻاهر نڪتو ۽ فاتح بجر سان ملي، کانئس ۽
هن جي ٻين سڀني ماڻهن کان اطاعت جو سُنهن کڻايو. عبدالنبيءَ بلوچن ۽ سندن بهادر
سردار جي مدد سان پنهنجي ڀائٽي عزت يار خان کي
شڪست ڏيئي، ڀڄارائي ڪڍيو، جيڪو قنڌار جي درٻار
مان فرمان وٺي، افغانن جي فوج سان سنڌ تي پنهنجو
حق ڄمائڻ آيو هو. ناشُڪر ڪلهوڙي، پنهنجي بااثر ملازم کان ڊپ ۽ حسد وچان سندس خدمت
جو صلو کيس اهو ڏنو جو هن کي فريب سان مارائي
ڇڏيائين. ان کان پوءِ، نهايت چالاڪي ڪري پاڻ کي
ميربجر
جي پٽ مير عبدالله ۽ مير صوبدار پٽ مير فتح خان
اڳيان، پاڻ کي انهيءَ جرم کان بيقصور ثابت ڪري
ڏيکاريائين. ان کان پوءِ، جلد ئي هنن کي ريهي ريبي
پاڻ وٽ دعوت ڏيئي، گهرائي، مارائي ڇڏيائين. بلوچن
کي هن ارهه زورائيءَ تي بيحد غصو آيو ۽ هڪدم هٿيار
کڻي، مير بهرام جي پوٽي مير فتح علي خان ۽ هن جي
ڀائٽي سهراب خان جي
سرڪردگيءَ هيٺ حيدرآباد تي چڙهائي ڪيائون.
1781ع
۾ عبدالنبي ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو ۽ اهڙيءَ طرح ڪلهوڙن
جي گهراڻي جو خاتمو ٿيو.
ٽالپر سردار، حيدرآباد ۾ فاتحانه انداز سان داخل
ٿيا ۽ خاندان جي سردار، مير فتح علي خان، هڪدم
پنهنجي نئينءَ مسند
کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو. ڇاڪاڻ ته هن کي
خبر هئي ته کيس هر طرفان خطرو آهي. مگر هن پاڻ کي
پنهنجي ڪٽنب جي حرڪتن کان بچائڻ لاءِ اهڙو ته ظاهر
ظهور فڪر ڏيکاريو، جو سندس ڀائٽي سهراب ۽ مير فتح
علي خان جي پٽ مير ٺاري، ڊڄي تختگاهه مان ڀڄي، وڃي خيرپور ۽ شاهه بندر جا شهر
وٺي، آسپاس وارن علائقن تي قبضو ڪيو ۽ آمدنيءَ جو
ڪجهه
حصو تيمور شاهه ڏي موڪلي پنهنجي لوڀي عزيز جي اطاعت کان منڪر
ٿيا. اهڙيءَ طرح ملڪ ٽن آزاد رياستن ۾ ورهايو ويو
۽ جيستائين انگريزن جي فوج ان کي فتح ڪيو،
تيستائين انهيءَ حالت ۾ رهندو آيو.
ميرن جي حڪومت جي شروعات
1786ع
کان سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته تيمور شاهه
]33[،
سندن فرمانروائي انهيءَ وقت تسليم ڪئي هئي. جڏهن
تيمور شاهه گذاري ويو، تڏهن هن جي جاءِ نشين زمان
شاهه سنڌ جو خراج پنهنجي سر پاڻ وصول ڪرڻ جو فيصلو
ڪيو، ڇاڪاڻ ته مير فتح علي، مير سهراب ۽ مير ٺارو
خراج جي ادائگيءَ ۾ ڪوتاهي ڪندا هئا، ۽ انهيءَ
ارادي سان هو ملتان تائين آيو. اُترئين ڪٽڪ اڳيان ٽيئي حاڪم پڇ پائي وٺي ڀڳا ۽ پڇتاءُ ظاهر
ڪري وعدو ڪيائون ته وري اهڙي غفلت نه ڪنداسين. مير
محمد وزير جي دوستانه سفارش جي ڪري، بادشاهه هنن
کي معافي ڏيڻ قبولي ۽ کين حضور ۾ اچڻ جي اجازت ڏني
وئي. جڏهن ٻاهرين حملي جو خطرو دور ٿي ويو، تڏهن
وري ٽالپرن ۾ خانه جنگيءَ منهن ڪڍيو. مير سهراب جو
خيال هو ته مير فتح عليءَ کي لاهي، معزول ٿيل
عبدالنبيءَ جي پٽ غلام حسين کي مسند
تي ويهارجي. مير فتح علي خان هڪدم پنهنجا رشتيدار
۽ پوئلڳ گڏ ڪيا ۽ ٻيئي ڌريون ميدان تي نڪري نروار ٿيون. مگر قوم جي زالن همت ڪري
پاڻ کي مخالف ڌرين جي تلوارن جي اڳيان اڇلائي، کين
خانه جنگيءَ کان باز آندو. جيڪڏهن هو ائين نه ڪن
ها ته جيڪر خون جون نديون وهي وڃن ها.
جيئن اڳ ذڪر ٿي چڪو آهي ته ٽالپرن جو خاندان ٽن
شاخن ۾ ورهايل هو. جي سڀ ساڳيئي ٿُڙ جون ٽاريون هيون. حيدرآباد يا شهدادپور جو خاندان، وچ سنڌ
۾ حڪومت ڪندو هو، ميرپور يا ماڻڪاڻي ميرن جو
گهراڻو، جيڪو مير ٺاري جي نسل مان هو، سو حيدرآباد
جي اوڀر ۾ ميرپور نالي پرڳڻي تي راڄ ڪندو هو،
خيرپور واري يا سهراباڻي شاخ، مير سهراب جي نسل
مان هئي، جنهنڪري اها اتر سنڌ جي طرف خيرپور ۾
صاحبي ڪندي هئي. حيدرآباد گهراڻي جي سردار، مير
فتح علي، پنهنجي خاندان جي قوت ۽ عظمت اتفاق رستي
برقرار رکڻ لاءِ، هڪ عجيب رٿ ڳولي ڪڍي، جنهن موجب
هن پنهنجي ٽن ننڍن ڀائرن: مير غلام علي، ڪرم علي ۽
مراد علي کي حڪومت ۽ راڄڌانيءَ ۾ شريڪ ۽ ڀاڱي
ڀائيوار ڪيو، ۽ پوءِ چئني گڏجي سنڌ جي امير يا
حاڪم جي حيثيت ۾ حڪومت ڪرڻ قبول ڪئي. هنن جو پاڻ ۾
جيڪو حقيقي يا ظاهري اتفاق ۽ ميل جول هوندو هو،
تنهن لاءِ کين ”چئن يارن“ جو خطاب ڏنو ويو آهي.
هنن جي
ٻَڌي،
سندن دشمن جي دلين تي سچ پچ هڪ قسم جو لرزو ۽ هراس
پيدا ڪندڙ هئي. هنن ڪلهوڙن جي قوم کي وڏي سختيءَ
سان نيچو نوايو، ۽ ٻين انهن سڀني قومن، جن جي مغز
۾ بغاوت جي هوا هئي. تن کي هيسائي ملڪ ۾ امن امان
قائم ڪيو. هنن ڪراچي ۽ عمرڪوٽ، جيڪي شهر
عبدالنبيءَ قلات ۽ جوڌپور جي حوالي ڪيا هئا، وري
هٿ ڪري، پنهنجي حڪومت جون حدون وڌايون ۽ انتهائي
ڪوششن ۽ وڏي جفاڪشيءَ سان افغان بادشاهه جي درٻار
۾ پنهنجو رسوخ قائم ڪيو.
فتح عليءَ، خزانو ۽ ملڪ پنهنجن ٽن ڪمزور ڀائرن ۾
اڻپورن ڀاڱن ۾ ورهائي
]34[، پنهنجي صغير پٽ صوبدار کي حصي ڏيڻ کان سواءِ،
1801ع
۾ گذاري ويو. هو حڪومت جي خرچ پکي ۽ ڪابل کي
باقاعدي خراج پهچائڻ
]35[، جو پڻ انتظام ڪري ويو هو. هن واقعي حڪومت جي جاگيرداري
سرشتي ۾ ڪجهه ڦيرو آندو هو. حاڪم گڏجي ”ميرن“ جي
خطاب سان حڪومت ڪرڻ لڳا، پر ساڳئي وقت هنن ۾ جيڪو
وڏو هو، تنهن کي رئيس يا خاندان جو اڳواڻ بڻايو
ويو ۽ هن کي ايتري اختياري سونپي ويئي جو حڪومت
”خانداني“ رنگ اختيار ڪيو.
1811ع ۾، رئيس غلام علي شڪار ڪندي مارجي ويو. پويان هڪ پٽ مير
محمد نالي ڇڏي ويو، جيڪو ان وقت ارڙهن ورهين جو
هو. انهيءَ شهزادي ۽ هن جي سؤٽ صوبدار کي، سندن
چاچن حڪومت ۾ شريڪ ٿيڻ نه ڏنو، ۽ پنهنجي باقي
زندگيءَ جا ڏينهن گڏجي ملڪ تي راڄ ڪيو. ڪرم علي
1828ع
۾، بنان اولاد وفات ڪري ويو. مراد عليءَ ٻه پٽ
ڇڏيا: هڪڙو مير محمد ۽ ٻيو نصير خان.
1840ع تائين حيدرآباد جي حڪومت مير محمد (رئيس)، هن جي ڀاءُ نصير خان ۽
سندن ٻين سؤٽن صوبدار ۽ مير محمد هلائي.
1839ع ۾ انگريز سرڪار سان جيڪو ميرن جو عهدنامو ٿيو، تنهن گهرو
اثر جي جاءِ تي بيروني اثر آڻي”رئيس“ جي موروثي
عهدي کي سخت صدمو پهچايو. ٻه سال پوءِ، جڏهن مير
محمد مري ويو، تڏهن هن جي پٽن مير حسين کي سندن
چاچي مير نصير خان جي سنڀال هيٺ سندس ملڪيت مان
حصو ڏنو ويو. مير نصير خان نالي ۾ ته مکيه امير
هو، پر کيس پنهنجن ڀائٽين جي ڪاروبار تي ڪو به
ضابطو ڪو نه هوندو هو.
خيرپور ۽ ميرپور جي گهراڻن جي حڪومت يا انتظام ۾
ڪا به اهڙي نمايان ڳالهه نه آئي آهي، جنهن جو ذڪر
ڪجي. سواءِ انهيءَ ڳالهه جي ته خيرپور جي خاندان
زوريءَ اسان جي هٿ ۾ ملڪ اڇلائي ڏنو، جيئن هاڻ
ڏيکاريو ويندو ۽ فقط هڪڙي امير، جنهن پنهنجي ٻانهن
جي قوت سان اسان جي هٿيارن جو مقابلو ڪيو، سو
ميرپور جي خاندان مان هو.
سنڌ ۽ هندستان جي انگريز سرڪار جو ناتو،
1758ع
ڌاري شروع ٿيو، جڏهن ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ کي غلام
شاهه ڪلهوڙي کان ٺٽي ۾ ڪارخاني کولڻ ۽ وڪيل رهائڻ
جي اجازت ملي.
1775ع
تائين ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ نهايت دوستانه سياسي
تعلقات ۽ تجارتي اتفاق رهيا، جي سرفراز ڪلهوڙي
اوچتو ۽ سواءِ ڪنهن سليقي يا تميز جي ٽوڙي ڇڏيا.
ارڙهينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ مڪاني ۽ گهرو سرڪار
پوري سنڌ سان دوستانه وهنوار رکڻ جو فيصلو ڪيو.
ظاهري طور ته اهو فيصلو واپار لاءِ هو، پر حقيقت ۾
ميسور جي روز بروز وڌندڙ اثر ۽ ڪابل درٻار جي
زوراور ارادن کي روڪڻ جي مراد سان، وقت جو حاڪم
مير فتح علي خان، خوشي سان ڪمپنيءَ جي انهيءَ راءِ
۾ شامل ٿيو. سندن ٺٽي وارو پراڻو ڪارخانو کيس واپس
ڪيائين ۽ بمبئيءَ جي سول سروس واري وڪيل، مسٽر
نائن ڪرو کي نهايت احترام سان پيش آيو. مگر ڏيهي
واپارين منصوبا ۽ سازشون شروع ڪري ڏنيون، جن ۽ ٻين
مصلحتي سببن ڪري انگريزن جي عيوضين کي بيدخل ٿيڻو
پيو. اسان جي اختياريءَ وارن حرڪتي ماڻهن کي سزا
ڏيڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪئي. ڏٺو ويو هو ته سنڌ مان ڪو
خاص تجارتي فائدو حاصل ڪو نه ٿي ٿيو ۽ سياسي افق
به وري روشن ۽ صاف ٿي چڪو هو.
1809ع ۾، نيپولين جون اسان جي هندستاني سلطنت ۾ اکيون هيون،
تنهنڪري اسان کي لاچار ايران، ڪابل ۽ سنڌ جي
تاجدارن ڏانهن سفارتون موڪلڻيون پيون. سنڌ جي
درٻار نهايت بي مروتيءَ سان پيش آئي ۽ گهڻين محنتن
۽ ڪشالن کان پوءِ، لارڊ منٽو جي نگرانيءَ هيٺ مسٽر
هئنڪي سمٿ جي مدد سان، ڪمپني ۽ ٽالپر اميرن جي وچ
۾
22 آگسٽ
تي عهدنامو دستخط ٿيو. ان جا مکيه شرط هيءُ هئا: ”دائمي
دوستي“، ”هڪٻئي ڏي دوستانه سفارتون موڪلڻ“ ۽ ”
ڌارين، خاص ڪري فرانسيسي لوڪن ۽ آمريڪا وارن کي
سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ.“
ڪجهه سال دوستيءَ جا بند قائم رهيا، پر
1825ع ۾ اسان جي دوست، ڪڇ جي راجا تي بي سبب
حملو ڪيو ويو ۽ کوسن ۽ ٻين غارتگر قومن اسان جي
حدن اندر بورشون ڪيون، جنهنڪري ميرن کي ڊيڄارڻ
لاءِ اسان کي
5000
يا
6000 ماڻهن جو انگريزي لشڪر سنڌ جي سرحد تي
جمع ڪرڻو پيو. ان جو اثر اهو ٿيو جو شڪايت جو سبب
هڪدم هٽايو ويو.
1830ع ۾، سر اليگزينڊر برنس، جو ان وقت اڃا ليفٽيننٽ هو،
سنڌونديءَ جي رستي پاڻيءَ جي اوڀاري مسافر ي ڪري
رنجيت سنگهه جي درٻار ۾ پهتو. هن جيڪو سنڌونديءَ
جو احوال پيش ڪيو ۽ سنڌونديءَ جي ڀر وارن ۽ پرين
ملڪن مان جي فائدا حاصل ٿي سگهيا ٿي، تن جو نقشو
چٽي ڏيکاريو، انهن سببن انگريز سرڪار کي سنڌ جي
درٻار سان وري ٻيهر دوستانه تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ
آماده ڪيو. لارڊ وليم بينٽڪ ۽ خيرپور گهراڻي جي
رئيس مير مراد عليءَ جي وچ ۾ به عهدناما صحيح ٿيا:
هڪڙو
1832ع ۾، ٻيو
1834ع ۾. انهن عهدنامن مطابق انگريز سرڪار جي من جي پراڻي منشا
پوري ٿي کين سنڌ مان لنگهڻ جي اجازت ۽ سندن
واپارين ۽ سوداگرن کي سنڌوندي ڪم آڻڻ جي موڪل حاصل
ٿي. ٻئي طرف حيدرآباد درٻار جا هيءَ
شرط هئا: (1) ته ڪي به هٿياربند ٻيڙيون سنڌونديءَ ۾
اوڀاريون يا لهواريون هلايون نه وينديون، (2) ملڪ مان ڪنهن به جنگي ساز سامان جي آمد و رفت نه ٿيندي،
(٣) ڪڇ جي درٻار ۾ جيڪو انگريزي سفير هو تنهن جي
اجازت نامي کان سواءِ، سنڌ ۾ ڪو انگريز نه رهندو ۽
نه وري ڪو ڏيهي واپاري ايندو. محصول ۽ ڍلون هميشه
لاءِ مقرر ڪيو ويون. مگر ڳرن محصولن ۽ مسافريءَ جي
غير سلامتيءَ ڪري واپار پٺتي پوڻ لڳو. انگلنڊ ۾ هڪ
انڊس نيويگيشن (سنڌونديءَ جي جهاز رانيءَ جي)
ڪمپني ٺاهي ويئي ۽ ماهرن سنڌونديءَ جي ڪناري ۽ وچ
جون تفصيلوار ماپون وٺي، نقشا تيار ڪيا، پر تنهن
هوندي به واپار ترقي ڪا نه ڪئي.
جون
1838ع ۾ شاهه شجاع، رنجيت سنگهه ۽ انگريز
سرڪار جي وچ ۾ ٽه - طرفو عهدنامو صحيح ٿيو. افغان
بادشاهه کي وري سندس ملڪ تي ٿاڦڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ساڳئي سال جي
سرءُ ۾، انگريزن جي هڪ وڏي فوج اتر سنڌ جي رستي،
بولان جي دڙي ڏانهن موڪلي ويئي ۽ ساڳئي وقت سپهه
سالار سرجان ڪين جي هٿ هيٺ بمبئيءَ مان سپاهين کي
حڪم ڏنو ويو ته سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ لهي، درياءَ
جو الهندو ڪپ وٺي وڃي مکيه لشڪر سان ڳنڍجن. اسان
جي اها چال سنڌ جي ڏيهي حاڪمن لاءِ موتمار هئي.
1838ع جي شروعات ۾، هنن پنجاب جي حاڪم جي دڙڪن کان ڊڄي، انگريزن
جي مداخلت جو فائدو ورتو هو ۽ انهيءَ خدمت جي عيوض
حيدرآباد ۾ هڪ مختار ڪل جو رهائڻ قبول ڪيو هئائون.
ڪرنل پاٽنجر، جنهن کي انهيءَ عهدي تي مقرر ڪيو ويو
هو، تنهن کي گورنر جنرل لارڊ اڪلنڊ هدايت ڪئي ته
ميرن کي خبردار ڪري ته عهدنامي جي شرطن خلاف فوجي
اسباب کڻي وڃڻ لاءِ سنڌوندي ڪم آندي ويندي. هن
موقعي تي ڏيهي حاڪمن جي روش بلڪل ايشيائي
]36[
وضع جي هئي. هنن سڀ وعدا ڏنا، پر پاڙيائون هڪ به
نه. پنهنجن وعدن تي عمل ڪرڻ کان نٽائڻ لاءِ هر
نموني جا حيلا هلايائون. سياسي عملدارن جي غير
معمولي ڪشالن بعد، آخر بمبئيءَ واري فوج لاءِ وهٽ
مهيا ڪري ڏنا ويا. گهڻي محنت ۽ تڪليف کان پوءِ،
لشڪر ٺٽي پهتو. پوءِ ته سنڌي حاڪمن جي روش اهڙي
مخالفت
]37[
جي صورت اختيار ڪئي، جو بمبئيءَ مان هڪ خاص فوج ڪراچيءَ موڪلي وئي. فوج کي
حڪم ڏنو ويو ته بنگال جي لشڪر جي هڪ دستي سان،
جيڪو سنڌنديءَ جي رستي حيدرآباد ڏانهن روانو ٿي
ويو هو، گڏجي ڪارروائي ڪري. تختگاهه ۾ پهچڻ کان اڳ، سرجان ڪين، ميرن ڏانهن هڪ شڪايتن جي
يادداشت موڪلي. ساڳئي وقت کين اهو ٻڌايو ويو ته
پنج سؤ انگريزي سپاهي سنڌ ۾ رکيا ويندا، جن لاءِ
ٽي مير
]38[
هڪ لک رپيا ساليانه ڀري ڏين. سرجان ڪين جي
وڃڻ کان پوءِ ڪرنل پاٽنجر هڪ ٻيو عهدنامو لارڊ
آڪلنڊ جي مهر ۽ صحيح سان آندو، ان ۾ ڏيهي حاڪمن جي
مستقبل جي آزاديءَ جي خاطري انهيءَ شرط تي ڏني وئي
هئي ته هو شاهه شجاع جي خراچ جي بقايا چڪتو ڪندا.
حيدرآباد جي اميرن
]39[
ان تي صحيح ڪرڻ قبول ڪئي ۽
ساڳئي وقت ان جي خلاف اپيل ڪرڻ لاءِ گورنر جنرل
ڏانهن هڪ وڪيل موڪليائون. دستاويز تي مهر ڪيترن
مهينن جي گذرڻ کان پوءِ لڳائي وئي هئي.
افغانستان ۾ انگريزن جي ڪاميابيءَ ۽ ميجر آئوٽرام،
جيڪو ڪرنل پاٽنجر جي جاءِ تي حيدرآباد جي درٻار ۾
سياسي وڪيل مقرر ٿيو هو، تنهن جي محنت ۽ ڪشالن آخر
ميرن ۽ سندن حقن ۾ جيڪي بيجا دخلي ڪئي وئي هئي،
تنهن تي راضي رهيا.
1840ع جي پڇاڙيءَ ۾ وري حالتن جي صورت بدلجي وئي، جڏهن مريءَ جي
جبلن ۾ اسان شڪستون کاڌيون ۽ شال ۽ قلات ۾ مذهبي
جوش جي ڪري هنگاما برپا ٿيا، جن بلوچن جي دل ۾ وري
آزاديءَ جو روح اڀاريو. سکر
۾ جيڪي سردار پيش پيا هئا، تن جي اسان جي سياسي وڪيل هتڪ ڪئي
هئي، تنهنڪري اتر- سنڌ جي پهاڙي قومن ۾ ڏاڍو تاءُ
هو. قومن جي
اڻٽر عداوت حاصل ڪرڻ کان پوءِ وري انهن جي
سردارن کي آزاد ڪيو ويو هو. خانه جنگيءَ به ڏيهي
حاڪمن جي دلين ۾ سخت اضطراب پيدا ڪيو. خيرپور
خاندان جو رئيس، مير رستم، هڪ عياش ۽ عمر رسيده
شخص هو. هو ٻاهتر جي عمر کي پهچي چڪو هو. امڪان هو
ته هو ڪنهن به رات مري پوي، انهيءَ واقعي جي
انتظار ۾ ٽيئي ڌريون ڪمر ٻڌي، وڙهڻ لاءِ تيار
ويٺيون هيون. رئيس جي ننڍي ڀاءُ، علي مراد، جيڪو
هن وقت تائين انگريزن کان کليو کلايو پاسو ڪيو
بيٺو هو، تنهن هاڻي اڳتي وڌي گهُر ڪئي ته اوهان وچ ۾ پئي، منهنجي ۽ مير
وڏي جي وچ ۾ جيڪي اختلاف آهن، تن جو فيصلو ڪيو.
فيصلو ننڍي مير جي فائدي ۾ ويو، جو هڪ حريف، لالچي
۽ بي اصول شخص هو. جڏهن هن ڏٺو ته اسان کي ڪيترو
فائدو ٿيڻ وارو آهي، تڏهن هو اسان جو اوچتو بهترين
۽ نهايت سرگرم دوست ٿي پيو.
ڪابل ۾ جڏهن اسان سان خوفناڪ حادثو ٿيو تڏهن سنڌين
۽ سندن حاڪمن اسان جي خلاف ڪو به قدم ڪو نه کنيو.
اها ڳالهه عام طرح تسليم ڪئي وئي آهي ته هي ميجر
آئوٽرام وڪيل جي شريف ۽ عاقلانه رويي جو نتيجو هو.
1842ع جي سرءُ ۾، سرچارلس نيپيئر ڪراچي پهتو. اڳوڻو سارو انتظام
رد ڪري، هن کي سنڌونديءَ جي هيٺئين حصي واريءَ
ايراضيءَ جي مٿان، سموري فوجي ۽ سياسي اختياري ڏني
وئي هئي. نامور سپاهي (نيپيئر)
حيدرآباد ۾ ميرن سان ملاقات ڪري سکر ڏانهن روانو
ٿيو.
ساڳئي وقت هن هڪڙو خط ۽ نئون عهدنامو هڪڙي عملدار
هٿان ڏيهي حاڪمن ڏي صحيح لاءِ موڪليو. ميرن کي
سندن اڳين روش جي سزا ڏيڻ لاءِ، لارڊ ايلنبرو
کانئن گهُر ڪئي ته ڪراچي، ٺٽو، سکر، بکر ۽ روهڙيءَ
جا شهر ۽ درياءَ جي ٻنهي ڪپن سان زمين جا پٽا
]40[
هميشه لاءِ انگريزن جي حوالي ڪيا وڃن، سنڌ جي
سموري علائقي ۾ آمد و رفت تي محصول بند ڪيو وڃي، ۽
روهڙيءَ کان اتر واري سموري ايراضي (سبزالڪوٽ
تائين) بهاولپور جي نواب کي ڏني وڃي. خيرپور جي
خاندان کي اطلاع ڏنو ويو ته وڏي مير رستم کي معزول
ڪري، هن جي جاءِ تي سندس ننڍي ڀاءُ کي ”رئيس“ جو
منصب ڏنو ويندو ۽ ان سان گڏ کيس پنهنجي ٻيءُ آمدني
کان سواءِ اتر سنڌ جي سترهن اميرن جي ملڪيت مان جا
پيدائش وصول ٿيندي. تنهن جو چوٿون حصو به ڏنو
ويندو. ميرن ٻه دفعا پنهنجا وڪيل جنرل ڏانهن
موڪليا، جن کيس سمجهايو ته انهن شرطن قبول ڪرڻ جي
ڪري ميرن جي آمدنيءَ ۽ عزت کي نقصان رسندو.
سرچارلس نيپيئر کين جواب ڏنو ته مون جيڪي ڪجهه ڪيو
آهي، سو گورنر جنرل جي حڪم پٽاندڙ ڪيو آهي.
سرچارلس نيپيئر، ميرن کي سوچڻ ۽ صلاح ڪرڻ لاءِ وقت
ڪو نه ڏنو، هنن کي چتايو ويو ته جيڪڏهن عهدنامي
تي صحيح نه وجهندؤ يا گُس - گُساءُ ڪندؤ، ته ٻنهي گادين تي چڙهائي ڪئي ويندي. هڪڙو لشڪر جو
دستو اڳيئي روانو ڪيو ويو هو. مير رستم خان،
خيرپور مان ريگستان ڏانهن ڀڄي ويو، جتي انگريز
سپهه سالار سندس پيڇو ڪيو. انهيءَ وچ ۾ ميجر
آئوٽرام، جنهن جو سنڌ ۾ سياسي عهدو ختم ڪيو ويو
هو، تنهن کي بمبئيءَ مان وري موٽائي گهرايو ويو ۽
هو اچي سرچارلس نيپيئرسان ڏيجيءَ جي قلعي ۾ گڏيو.
فوج جو هڪڙو دستو
]42[
مير جي پٺيان امام ڳڙهه تائين ڪڍيو ويو، جو اوڀر
طرف ريگستان ۾ هڪ ننڍو ڪوٽ هو. قلعو ويران ڏسي هو
کيس باروت سان اڏائي، واپس موٽيو. ميجر آئوٽرام
اڪيلو مير رستم جي منزل تي ويو ۽ مير جي پٽ ۽
ڀائٽي کي سپهه سالار اڳيان وٺي آيو. مگر ايندڙ
طوفان کي هينئر ڪا به شيءِ روڪي نٿي سگهي.
حڪمن مطابق سرچارلس نيپيئر،
2700
سپاهين جي هڪ مختصر فوج سان، جنهن ۾ سڀني قسمن جي
هٿيارن وارا سپاهي اچي ٿي ويا، سنڌونديءَ جو
اڀرندو ڪپ وٺي حيدرآباد تي چڙهائيءَ لاءِ نڪتو. ان
جي اڳيان ميجر آئوٽرام،
22
پلٽڻ جي مختصر حفاظت هيٺ تختگاهه
طرف روانو ٿيو.
14 فيبروري
1843ع
تي اميرن زور جي اڳيان زاري ڪري، بلوچ جاگيردارن
جي سخت ناراضپي هوندي به عهدنامي جي مسودي تي
پنهنجون مهرون لڳايون. انهيءَ غلط اميد ۾ ته
هيٺاهين وٺڻ ڪري بالا اختياريءَ وارا مير رستم جي
درخواست جو موچارو ويچار ڪندا. جيتوڻيڪ وڪيل کين
اهڙيءَ خاطريءَ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو هو، تنهن
هوندي به سرچارلس نيپيئر اڳتي هلندو هليو. آخر
بلوچ قوم جا ماڻهو، جي مشوري لاءِ گڏ ٿيا هئا، تن
نهايت جوش ۽ غصي جي حالت ۾ ميجر آئوٽرام ۽ سندس
ساٿين تي حيدرآباد جي قلعي کان موٽڻ وقت حملي ڪرڻ
جو فيصلو ڪيو. ميرن کي انهيءَ منصوبي جي وقتائتي سُڌ
پئجي ويئي، تن وڪيل کي پنهنجن مکيه سردارن جي
حفاظت هيٺ سلامتيءَ سان سفارتخاني ۾ پهچايو. مير
نصير خان جڏهن ڏٺو ته سندس جوشيلا پوئلڳ قبضي مان
نڪري ويا آهن، تڏهن ميجر آئوٽرام ڏي نياپا ۽ خط
موڪلي، کيس خطري کان آگاهه ڪيو ۽ منٿ ڪيائينس ته حيدرآباد جي
پسگردائيءَ مان هڪدم هليو وڃي.
15 فيبروري
1843ع جي بلوچ سوارن ۽ پيادن جي هڪ وڏي ڊنبلي درياءَ جي اڀرندي
ڪپ تي ميجر آئوٽرام تي سفارتخاني ۾ (جنهن کي هڪ
ننڍو ڪوٽ ڏنل هو) حملو ڪيو. دشمن جي بيشمار تعداد
سان چئن ڪلاڪن جي بهادرانه مقابلي کان پوءِ،
انگريزن جي فوج، فقط ٻه ماڻهو وڃائي، ڪئپٽن ڪانوٺي
جي سرڪردگيءَ هيٺ باترتيب نموني ۾ هٽي، جهازن ۾
سوار ٿي، سنڌونديءَ رستي سالار
]43[ سان شامل ٿيڻ لاءِ رواني ٿي.
17 تاريخ، مياڻيءَ جي مشهور لڙائي ٿي، جنهن
۾ سرچارلس نيپيئر ۽ هن جي ننڍڙي فوج، ڪمال حرفت ۽
نهايت دليريءَ سان توبن جي سايي ۾ ويٺل دشمن جي
مورچه بند ڪٽڪ تي فيصله ڪُن فتح پاتي. حيدرآباد ۽ خيرپور جا مکيه مير، جنرل جي اڳيان
پيش پيا، جو سفارتخاني ۾ ديرو ڪري، دارالسلطنت ۾
داخل ٿيو ۽ قلعي جي خزاني تي قبضو ڪيو هئائين.
مگر سنڌ ۾ جنگ اڃا ختم ڪا نه ٿي هئي. ملڪ جي مختلف
حصن ۾ اسان جي فوجي دستن تي حملا ڪيا ويا، مگر هر
حالت ۾ سپاهين انهن کي بهادريءَ ۽ منتظم نموني ۾
هٽايو.
24 مارچ
تي
سرچارلس نيپيئر سکر مان ڪمڪ ملڻ کان پوءِ، پنج
هزار ماڻهن سان دٻي جي ڳوٺ ۾ ويهه هزار بلوچن تي
حملو ڪيو، جيڪي ميرپور جو والي، شير محمد ساڻ وٺي
ميدان ۾ نڪتو هو. دشمنن شڪست فاش کاڌي ۽ سندن
سردار ريگستان ۾ ڀڄي ويو، عمرڪوٽ ۽ ميرپور جي قلعن
پنهنجا دروازا کوليا ۽ ٽالپر گهراڻي جو اڏوهيءَ
کاڌل تخت، هميشه لاءِ ڪري پيو. فاتح سنڌ کي
انهيءَ صوبي جي حڪومت ۽ سالاري سونپي ويئي، جو هن
پنهنجي بهادريءَ سان هٿ ڪيو هو. سڄي ملڪ ۾ ڍل جي
وصوليءَ ۽ عدل انصاف جي انتظام لاءِ انگريز عملدار
مقرر ڪيا ويا.
شڪست خورده امير، يعني حيدرآباد مان نصير خان ۽ هن
جا ڀائٽيا، شهداد ۽ حسين علي، مير محمد ۽ صوبدار
]44[
سميت، ۽ خيرپور وارا مير رستم خان ۽ هن
جا ڀائٽيا نصير خان ۽ ولي محمد، ۽ ٻيا نظر بند
ڪري، بمبئي موڪليا ويا، جتان
1844ع ۾، کين بنگال موڪليو ويو، جتي انهن مان ڪي اڃا هڪڙي قسم جي
شاهي بنديخاني ۾ رهن ٿا. تحقيق هو هينئر ڪِريل
عظمت جي هڪ دکدائڪ تصوير آهن. |