سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:5  

باب پنجون

مومل ۽ راڻو- سهڻي ۽ ميهار- دودو ۽ چنيسر

هير ۽ رانجهو- دولهه دريا خان ۽ مل محمود جا قصا

 

اڳئين باب ۾ جيڪو مختصر انتخاب ڏنو ويو آهي، سو ڏيکاري ٿو ته سنڌي ادب جو اخلاقي معيار ڪافي بلند آهي. پر مومل ۽ راڻي جو قصو جو البت اعتراض جوڳو آهي. عاشق خود شڪي چال جو ماڻهو آهي، ۽ معشوق هڪ ڪسبياڻي بيان ڪئي ويئي آهي، جا ڪاڪ محل ۾ شوقينن کي، شرط پوري ڪرڻ تي، ملڻ لاءِ ويٺل هئي. پر يورپ وارن کي ائين نه سمجهڻ گهرجي ته هتان جون ڪسبياڻيون ڪي اسان جي ملڪ جي انهن دُکي عورتن جهڙيون آهن، جي احتياج يا شوق خاطر انساني خواه الهامي ]1[ احڪامن جي ڀڃڪڙي ڪنديون آهن.

قصو هن ريت شروع ٿئي ٿو:  همير سومرو جو ان وقت سنڌ جو حاڪم هوندو هو، تنهن هڪڙي ڏينهن پنهنجن لنگوٽين دوستن ڏؤنر ڀوٽاڻي (ڀٽي؟) سنهڙي راڄاڻي ۽ سندس سالي مينڌري کي سڏي چيو ته ”هلو ته جيسلمير جي ڀرسان ڪاڪ جي ڪناري تي مشهور معشوقه مومل راٺورياڻيءَ ]2[، وٽ هلي دل وندرايون. رستي تي دوستن کي فقيراڻي ويس ۾ هڪ شخص گڏيو، شاعر انهيءَ واقعي جو بيان هن ريت ٿو ڪري:

”بابو ]3[ گڏيو بر ۾،   جان   پهر   سج  کان پوءِ،

قصا   ڪريو   ڪاڪ ]4[   جا،   رت ورنو  روءِ،

ڪاڪ نه وڃي ڪوءِ، متان مان جيئن مُٺو ٿئي.“

دوست کيس چون ٿا ته:

”بابو بر جا، تو کي ڪاڪ جي ڪهڙي شڪايت آهي؟“

فقير جواب ڏئي ٿو:

”جوانو، وڻ به توهان لاءِ ارمان ڪندا، پٿر دانهون ڪندا ۽ پاڻي به اوهان لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندا. جادوءَ جا پردا وڄ وانگي توهان کي انڌو ڪندا. چوي ٿو ته اي! مير ]5[ مومل کي ڏسڻ جي ڪنهن کي مجال! سواءِ ڦرڻ جي، ٻيو ڪجهه حاصل ٿيڻو نه آهي.“

اها ڳالهه ٻڌي، دوست سوچ ۾ پئجي وڃن ٿا، شاعر انهن جي ٻُڏ تَر هن طرح بيان ڪري ٿو:

”تڏهن همير نهاري راڻي ڏانهن، راڻو ڏانهن همير.“

راڻو، فقير کان فضيلت ۽ نهٺائيءَ سان پڇي ٿو:

”بابو بر جا، تون اڄ ڀلي آئين. سامي تنهنجي ڳلي ۾ ٿا چمڪن سونا مڻيا ]6[. انهن کي ڇا سان رڱيو اٿيئي جو اهڙا سهڻا لڳن ٿا، اي اڪابر جوڳي، اسان کي ڪاڪ جي ڪل ڏي؟“

تنهن تي، شاعر چوي ٿو ته:

”تڏهن    ڏســڪــي   ۽   ڏس ڏي، ٿــــو   روئـــي   رتــــو آب،

ته آيـــــس لــــڊاڻــــي کـــئــــون، عــاقــل، ســــان اســـبــاب،

آءٌ نانگو، هوس نواب، پر ڪاڪا ماري ڪيس ڪاپڙي]8[

                                                             (شاهه)

راڻو اڳتي هلي چوي ٿو:

”تون ڪشمير ]8[ جو فقير آهين،

ڪـــين ڪــاهـــو پـــٽ جـــرار جو ؟“

فقير جواب ڏئي ٿو:

”مينڌرا، منهنجي پويان پنج هزار جوڌا هئا. سوڍا، انهن مان هر هڪ ڳوٺ ڳوٺ جو مالڪ هو، هر هڪ ڍال، ڪٽاري ۽ ترار سان پنهنجي گهوڙي تي سوار هو، پر ڏائڻ جادوءَ جي هڪ نظر سان سڀني کي پورو ڪري ڇڏيو! هن سڀني کي برباد ڪري ڇڏيو. دوست، مان هاڻي اڪيلو آهيان. مينڌرا، ڪاڪ جي واٽ کان تون پاسو ڪر ۽ جنهن کڏ ۾ مان ڪريس، تنهن کان پري رهه. ]9[.“

لاشڪ دوستن کي اها صلاح پسند نه آئي، ۽ هو هڪدم ڪاڪ لاءِ روانا ٿيا. هو تيستائين هلندا هليا، جيستائين ڪاڪ جي پاڻيءَ کي نه پهتا. اتي هڪ کوهه جي چوڌاري ٻانهين جو ٽولو بيٺو هو. هنن جي ويجهو وڃي کانئن نهر ۽ شهر جو نالو وغيره پڇيائون. سهيلين جي اڳواڻ جو نالو هو ناتر، جا مومل جي ڪنيز هئي. هن کي مسافرن جي اٻوجهائپ تي غصو آيو، ۽ سندن جواب ۾ چيائين ته:

”ڪاڪ، ملاقاتين جي تنبن ۽ شاميانن سان ڀري پئي آهي، توهان ڪير آهيو جو ڪاڪ ۽ ان جي ڪارنامن کان غير واقف آهيو. ۽ راٺوڙ عورتن جي خبر ڪا نه اٿوَ جي اتي رهن ٿيون: هنن جي مٿن تي گلابي روا آهن ۽ سيني تي گيرو گج. هنن جا ويس وڄ وانگي چمڪن ٿا، هو وڻن هيٺان پينگهن ۾ لڏن ٿيون ۽ پنهنجن لڱن تي قيمتي لوٽن مان گلاب جو پاڻي اوتين ٿيون. ۽ ملاقاتين جي مٿان عطر هارين ٿيون. او امير مينڌرا، ڪاڪ ۾ اهڙا مزا آهن!“

آخر دوست وڃي هڪڙيءَ اوطاق ]11[ ۾ لٿا. مومل کي هنن جي اچڻ جي خبر اڳيئي پئجي ويئي هئي، تنهن کين نياپو موڪليو. قاصدياڻي جُهڪي سلام ڪري، هڪ هڪ مسافر اڳيان ڀڳڙن جي مُٺ ۽ ڪَچي پَٽ جي ڦوري رکي موٽي ويئي. راڻي کان سواءِ ٻين سڀني چڻا کائي، پَٽ صفا ڪري، وٽي واپس موڪليو. پر اسان جي سورمي (راڻي) ناتر کي گهرائي ان جي اڳيان پَٽ کي وَٽي، گهوڙي کي ڏاوڻ ڪري وڌو ۽ چڻا اڳيان کائڻ لاءِ اڇلائي ڏنائينس. ناتر کي چيائين ته پنهنجي مالڪياڻي کي وڃي اهو جواب ڏي ]12[. ٻين دوستن حسين ڪنيز سان چرچا گهٻا شروع ڪري ڏنا. همير چيو ته:

”تون گهمين جا رنگ محل ۾،  واڻي ڪر ٻانهي؟

مـــاريــن مــشــتـاقـن کـي، جي کڻيو نيڻ نهارئين.“

ناتر سهائيندڙ نخري سان جواب ڏئي ٿي ته:

”آءٌ ٻــانـهـي، راڻـــيــون ٻــيــون، مـــون نـيـڻـيـن مَ ڀُـــــل،

سندي ڪاڪ ڪنڌيءَ، آهي   ڪامڻين   هُل“]13[.

جڏهن مومل کي انهيءَ واقعي جي خبر پئي، تڏهن راڻي کي ناتر هٿان حلوو ماني موڪليائين.

عاشق نوڪر کي ڇنڊ ڪڍي چيو ته توهان کي اهڙي همت ٿي آهي جو مون ڏي زنانو کاڄ موڪليو اٿو. تنهن کان پوءِ جلد ئي مومل دوستن کي دعوت موڪلي، پر شرط اهو هو ته هڪ هڪ ٿي اچن ۽ پهريان اهو اچي جو سڀني کان وڌيڪ بهادر هجي. همير کي پهريان وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي. پر رستي تي نانگن، بلائن، شينهن ۽ ڀوتن جون اهڙيون خوفناڪ شڪليون ڏٺائين، جو ويچارو بکيو ئي موٽي آيو. ان کان پوءِ ٻيا درٻاري ويا، پر انهن سان به ساڳي ڪار ٿي. جڏهن راڻي جو وارو آيو، تڏهن هن سياڻپ ڪري نازنين ناتر کي پاڻ ساڻ سونهون ڪري کنيو. رستي تي ناتر کسڪي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سوڍي ڪٽاري ڪڍي اهڙي اک ڏيکاريس جو هوءَ ڊڄي ويئي ۽ وري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪيائين. هو رستي تي جادوءَ جي شڪلين کان ڪونه ڏنو. سمجهيائين ته اهي فقط منهنجي ڊيڄارڻ لاءِ رکيون ويون آهن. آخر سوڀارو جانباز، مومل جي ماڙيءَ تي پهتو. ٻانهين کٽولي تي ويهڻ لاءِ اشارو ڪيس، جنهن مان سمجهائين ته ڪو مڙيو ئي فريب آهي. کڻندي ئي ڪمان کٽ تي هنيائين. کٽ ڪَچي واڻ سان واڻيل هئي. ان جي هيٺان هڪ اوڙاهه هو. پوءِ کيس هڪ ڪمري ۾ وٺي ويا. اتي البيلين جي قطار اٿي سندس آجيان ڪئي. هو انهن جو حسن ۽ لباس ڏسي، وائڙو ٿي ويو. سڀني جون هڪجهڙيون شڪليون هيون ۽ اها ڪل ڪا نه پيس ته مومل ڪهڙي آهي. پر پوءِ ان وقت اتفاق سان هڪ ڀؤنر هن جي وارن جي چوڌاري واس وٺي رهيو هو ]15[  جنهن مان سهي ڪري ويو ته هوءَ ڪير آهي.

راڻي کي اهڙيءَ طرح پنهنجي عقل جي زور تي ماني به ملي ۽ حسين مومل جي صحبت به نصيب ٿيس. پر هن جي خوشيءَ گهڻو جٽاءُ ڪو نه ڪيو. سومرو ساڙ ۾ ٻه ٽي ڏينهن ترسيو. جڏهن سندس ڀيڻيويو ، مومل کان موڪلائي گهر موٽڻ لاءِ آيو، تڏهن عرض ڪيائينس ته مون کي به ڪلاڪ کن مومل جو ديدار ڪرڻ ڏي. راڻي اها ڳالهه قبول ڪئي، پر ان شرط تي ته شهزادو هن وٽ ڌراڙ جو ويس ڪري هلندو. همير ان ڳالهه تي راضي ٿيو. پر پوءِ جڏهن مومل وٽ ويو ۽ هن چيس ته مينهن ڏهي ڏي، تڏهن مينهن کي اهڙيءَ اڻڄاڻائيءَ واري نموني ڏڌائين جو سندس رتبو جهٽ ظاهر ٿي پيو. گهرڌياڻي سمجهي وئي ته معاملو ڪيئن آهي ۽ پنهنجي عاشق کي چيائين ته:

”راڻــــــا      نــــــه   ڄانتوءِ،   وڏي   ويڻ     ورسيين،

ست ڀتيرو ]16[سومرو، ڪو جهو ڪري آندو.“

                                                    (شاهه)

شهزادي کي پنهنجي بيعزتيءَ تي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ راڻي کان وير وٺڻ لاءِ کيس هيٺيون پيغام موڪلي ٿو:

”مينڌرا! تون اچين ٿو يا نه، تنهنجا دوست تو لاءِ ماندا آهن، يا ڍاٽ]17[ جي حاڪمن لاءِ تو کي ڪو نياپو سنيهو آهي؟“

راڻو ان جو هيءُ جواب ڏئي ٿو:

”سؤ سلام سهڻي ڍاٽ کي،  ويهه سلام پاڙي وارن کي، سائين مومل جي محبت ۾ اسان کي ڪنهن جي پرواهه نه آهي.“

بدقسمتيءَ سان مومل، راڻي کي صلاح ڏني ته تنهنجا دوست ڪاڪ مان موٽي وڃن، تنهن کان اڳ تون انهن کان موڪلائي اچ. هن جي مرضي نه هئي ته دوستن ۾ ڪو ويڇو پوي. راڻو ويو ته هن کي جهلي، چؤکنڀو ٻڌي، اُٺ تي چاڙهي، عمرڪوٽ وٺي آيا. اتي همير کيس هڪڙيءَ اونداهيءَ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجي ڪامياب رقيب کي تيستائين آزاد نه ڪيائين، جيستائين هن قسم نه کنيو ته ڪاڪ جو وري نالو نه وٺندس.

سنڌ خواه ٻين هنڌين عاشقن جي وعدن کي ڪو به وزن ڪو نه ڏنو ويندو آهي. هوڏانهن راڻي جو آزاد ٿيڻ ۽ هن جو پنهنجي معشوقه ڏانهن وڃڻ. هڪڙي ڏينهن صبوح جو هن جي زال ڏٺو ته پاڻي جنهن ۾ راڻي پنهنجي سر جا وار ڌوتا هئا، سو هڪ عجيب رنگ جو هو. سو آخر پنهنجيءَ سس کي سڏي چيائين ته:

”پِٽي! پُٽوءِ پر گهر هنڌاڻيون ڪري شيل شڪار،

ڪــــنــي ويـــرئـــيـــن وڍيـــو، ڪـــنــي ڏنــيــس مـــار،

ڪيئن جيئن منجهه ڪاپار، رت ريلا ڪيو نڪري!“

(شاهه)

ٻڍي ڊپ وچان اهو برتن، شهزادي ڏي کڻي وئي، جنهن سڃاتو ته ڳارهو رنگ ڪاڪ جي پاڻيءَ جو هو. تنهنڪري هن راڻي کي وري نظر بند ڪري رکيو ۽ هن جي دل گهرئي اُٺ جي پيرن ۾ لوهه جا ڪير هڻائي ڇڏيائين. آخر همير جي زال وچ ۾ پئي، ڀاءُ جا بند خلاص ڪرايا، راڻي نڪرڻ سان هڪدم وري مومل ڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. پنهنجي وڏي اوٺار کي گهرائي پڇيائينس ته منهنجي پياري اُٺ ڪٿي آهي؟ جواب مليس ته اَٺ مري ويئي، پر هڪ توڏو ڇڏيو اٿس، جو رات جو اڪيلو ويندو آهي ۽ صبوح جو موٽي ايندو آهي. گهڻي ٿڪ جي ڪري وات ڳاڙهو هوندو اٿس ۽ ڳريل ۽ ڏٻرو نظر ايندو آهي. اوٺار جي خيال ۾ توڏي کي ڪو مرض لڳو آهي، سو راڻي کي چيائين ته:

”هڪڙو گورو ]18[ آهي، تنهنجي اُٺ جو توڏو، اصيل، گهڻي وقت کان بيمار آهي، ماءٌ مري ويئي اٿس، شايد ان لاءِ هڄي ٿو ۽ هاڻي سڪي سڙي ويو آهي.“

راڻو چويس ٿو:

”مون کي اهو سڪل سڙيل توڏو ڏيکار، مان ان جي دوا ڪندس ۽ مرض ڇٽائيندس.“

جڏهن راڻي توڏو ڏٺو ته سمجهائين ته ان ڪاڪ جو پاڻي پئي پيتو آهي. جانور نهايت شاندار هو. هن کي گهر وٺي، گهنگهرون ۽ جهاٻن سان جهُل وجهي مٿان چڙهي ويٺس ۽ خوشيءَ وچان چيائينس:

”هـل مـيان ڪرهل، ته پسان مـــاڙيـــون مـــومــل جـــون،

تــــو کــي چـــنــدن چـــاريان، طرح مـــــوچـــــاري تـــل،

اســين ماڻيون مومل، تون نايو ناگيليون ]19[ چرين.“

(شاهه)

پر قسمت جي مرضي ڪا ٻي هئي. حسين مومل، پنهنجي غم غلط ڪرڻ لاءِ هڪ عجيب طريقو اختيار ڪيو هو، ڇا ڪندي هئي جو پنهنجيءَ ڀيڻ سومل کي، راڻي جو هڪ پراڻو وڳو پهرائي، پاڻ سان گڏ ساڳيءَ کٽ تي سمهاري ڇڏيندي هئي. جڏهن عاشق آيو، تڏهن رات هئي. هن ڏٺو ته هنڌ ۾ ٻه ڄڻا ستل آهن. غيرت جي جوش ۾ ٻنهي کي مارڻ لاءِ ترار ڪڍيائين پر وري سوچي، ترار مياڻ ۾ وجهي، پنهنجو لڪڻ کٽ جي آڏو رکي، ماٺ ميٺ ۾ هليو ويو. جڏهن مومل اٿي ۽ نشاني ڏٺائين، تڏهن سمجهائين ته هاءِ غضب ٿي ويو!

”تون ڪاڪ ڪهي آيو آهين ۽ پنهنجي محبوب کي بيوفا سمجهين ٿو، جت، تنهنجو عقل ته نه اڏامي ويو آهي. تون دل ۾ ڏک سانڍي هليو وئين مينڌرا.“

هتي شاعر، مومل جي ڏک، ماتم ۽ مصيبتن جو هڪ نهايت عجب جهڙو بيان ڪري ٿو: عاج جا ائٽ، ڪيوڙي جي وڻن هيٺان بيڪار پيا آهن ۽ ريشمي پينگهون پپر جي گهاٽن وڻن ۾ اجايون پيون لٽڪن. ڪا به خوشي دل کي آنند ڪا نه ٿي ڏئي. آخر لاچار ٿي مومل هڪ واپاريءَ جو ويس ڪري ڍاٽ وڃي راڻي سان دوبدو ٿئي ٿو، سوڍي جي دل ۾ هن لاءِ عجيب عشق پيدا ٿئي ٿي. جنهنڪري هو هن سان دوستيءَ جو ناتو ڳنڍي ٿو ۽ وقت بوقت دعوت ڏيئي گهر ۾ گهرائيس ٿو. هڪڙي ڏينهن، شطرنج ڪندي راڻي جي وات مان اوچتو نڪري وڃي ٿو ته اي سوداگر، اڄ ته تون عشق جي شمع مومل جون سڪون ٿو لاهين. بس مومل کي موقعو ملي ٿو ۽ پنهنجي اصلوڪي ويس ۾ اچي، راڻي جي ڏنل منڊي هن جي هنج ۾ اڇلي ٿي. هو انهيءَ راز کي معنيٰ خيز سمجهي ٿو، پر غصي ۽ غيرت ۾ ڪنڌ ڦيرائي ڇڏي ٿو. ان بعد معشوقه چويس ٿي ته:

”مينڌرا، انسان خطا جو گهر آهي. چڱا چڱائي ڪندا آهن ۽ ٻين کي گهٽ آزاريندا آهن. هو دوستي نِت نباهيندا آهن. ۽ ان جا زنجير نه ڀڃندا آهن.“

تڏهن راڻو جواب ڏئي ٿو:

”ڇني جا هيڪار، ڪيهي جوڙي تنهن دل جي،

نه ڄاڻان ٻيهار، ميڙو مڻي ڪِين جيئري!“

مومل پوءِ کيس جهوليءَ کان جهلي چوي ٿي:

”منهنجا محبوب، مان گهر بکيارڻ ٿي آئي آهيان ۽ تنهنجو دامن پنهنجي ڳچيءَ ]20[ ۾ ڳارو ٿي ڪريان.“ پر راڻو مُڙڻ جو نه آهي ۽ آخر دُکي مومل گهر ڇڏي هلي وڃي ٿي. هوءَ حياتيءَ مان بيزار ٿي ڪاٺين جي چکيا تيار ڪرائي ٿي ته:

”مينڌرا، جي اسان جو ميرو هت نه ٿيو ته مان اوڏانهن وڃان ٿي، جتي اسان جا روح گڏبا!“

ائين چئي، هڪ ڪاٺين جي ٻريل باهه جي آڙاهه ۾ ٽپو  ڏيئي، سڙي خاڪ ٿي وڃي ٿي.

جڏهن ڪٺور جوان کي هن دکدائڪ واقعي جي خبر پوي ٿي، ته هو اتي وڃي هنجون هاري پنهنجي مومل جي پِتر کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

”پياري اسان جو وڇوڙو ختم ٿيو، دک سڀ دور ٿيا، تنهنجي عشق ۾ مان به انهيءَ دنيا کان موڪلايان ٿو، جنهن ۾ تون نه آهين. منهنجن دوستن کي چئجو ته راڻو مومل جي ڪڍ ويو.“

پوءِ نوڪرن کان ڪاٺيون گڏ ڪرائي، انهن کي باهه ڏئي مچ ۾ ٽپي پوي ٿو. هن دکدائڪ ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ جو بيان ڪندي شاعر چوي ٿو ته:

”سچا عاشق اهي آهن جي هڪ ٻئي سان وفادار هجن جن جون دليون محبت جي رنگ ۾ رتل هجن، اهڙي عشق جي آگ آخرت جو رستو کولي ٿي.“

پڙهندڙ شايد انهيءَ راءِ  سان متفق نه به ٿين، پر کين اهو قبول ڪرڻو پوندو ته سنڌي شاعر مٿئين شعر ۾ هڪ ڏکيو مضمون نهايت نزاڪت سان ادا ڪيو آهي. اسان هن جا شڪر گذار آهيون جو هن اجائي پٽاڙ ڪا نه ڪئي آهي. يورپ ۾ جيڪر اهڙي سنهي تاڃيءَ کي وٽي وٽي، خسيس ۽ اجائي ڳالهين سان ڀري، گهٽ ۾ گهٽ ٽن جلدن ۾ پورو ڪن ٿا. ٽنهي قصن جي پڇاڙي دکدائڪ آهي. مشرق ۾ جان ۽ مال هميشه جوکي ۾ رهي ٿو. حياتي ڪنهن به وقت خطرن کان خالي نه آهي، تنهنڪري مشرقي ماڻهو يورپي لوڪن وانگر دکدائڪ يا هولناڪ واقعن جا ڊگها بيان گهڻو پسند ڪو نه ڪندا آهن. انهن ڪهاڻين ۾ انهيءَ ادب جو ٻج نظر ٿو اچي، جو پوءِ ابوڪاڪشيءَ پنهنجي خداداد ڏات جي زور تي تڪميل جي پايي تي پهچايو.

هيٺيان قصا سنڌ ۾ ايترا ته مقبول ۽ پسند آهن جو انهن کي درگذر ڪرڻ موزون نه ٿيندو. انهن مان سڀني کان زياده دلچسپ قصو آهي سهڻي ” ٻڏمئيءَ“ جو. ڀٽ ۽ چارڻ اهو قصو ڏاڍي شوق سان پڙهندا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته سهڻي هندواڻي هئي، ٻيا چون ٿا ته هوءَ سنگر جي هڪ جاٽ جي ڌيءَ هئي، جو جهنگ سيال ضلعي ۾ سنگرندي جي ڪناري تي هڪ ڳوٺ آهي. هن جي پيءَ، ڏم نالي پنهنجي هڪ ذات واري سان سندس شادي ڪري ڏني هئي. جڏهن ڄڃ ڪريا ڪرم ڪرڻ ۽ سوڻن لاءِ واهه تي ويئي، تڏهن سهڻيءَ  کي سندس مڙس، جهنگ مان کير کڻي اچڻ لاءِ موڪليو. اتي هن هڪ ميهار ]21[ ڏٺو ۽ ڏسڻ سان مٿس عاشق ٿي پئي. هيرو ۽ لئينڊر جي يورپين قصي جي رواج جي خلاف، هوءَ روز گهڙي تي سنڌوندي تَري، رات عاشق سان گهاري، هن جي بانسري جا آلاپ ٻڌي، پرهه ڦٽيءَ کان اڳ گهر موٽي ايندي هئي.

سَسون ساريءَ دنيا ۾ بدنام آهن. هت ان مائيءَ، جنهن کي سهڻيءَ جي سس هجڻ جو شرف حاصل آهي، تنهن ڇا ڪيو جو پنهنجي عاشق، ڪوڏو ڪنڀار کان هوبهو سهڻيءَ جي گهَڙي جهڙو هڪ ڪَچو دِلو تيار ڪرايائين. سهڻيءَ هڪڙيءَ رات، چانڊوڪيءَ ۾ پنهنجي دوست ميهار سان ويٺي رهاڻيون ڪيون ته اوچتو ميهار ڏي نهاري چيائينس، ته تنهنجي اک ۾ ڦلو ته نه آهي؟ ميهار کي سنسو ٿيو ۽ جواب ڏنائينس تو مون کي ايترا مهينا پئي ڏٺو آهي، پر پوءِ به تنهنجو ڦُلي ڏانهن ڌيان ڪڏهن ڪو نه ڇڪيو آهي. ڀانئجي ٿو ته اسان تي ضرور ڪا مصيبت ]22[ اچڻي آهي. ٻئي دفعي جڏهن سهڻيءَ درياءُ پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪَچو گهڙو جو هن جي دغاباز سس، پڪي گهڙي جي بجاءِ اتي مٽائي رکيو هو، سو درياءَ ۾ ڳري ويو ۽ سهڻي ويچاري کي پاڻيءَ جو موت نصيب ٿيو.

سهڻي جي ساراهه بيتن ۾ اڪثر ڪري هن ريت ڪئي ويندي آهي:

”سهڻي صورت  ]23[  ۽ سيرت ۾ سهڻي هئي، هن ۾ ڪا به وڏ ڪا نه هئي، هن خوشي خاطر گهر ٻار ڇڏيو، ۽ محبت جي پٺيان قبر نصيب ٿيس.“

دودي ۽ چنيسر جو قصو رزمي وضع جو آهي. پهريئن بزرگ يعني دودي کي لنگها ۽ ڀٽ ڏاڍو ڳائيندا آهن. دودو ۽ چنيسر ڀائر هئا. هو سومرا قوم جي شهزادي ڀنگر جا پٽ هئا. دودو ننڍو ۽ چنيسر وڏو هو. جڏهن هنن جو پيءُ مري ويو تڏهن دودو، جنهن سان سارو سپاهه ٻڌل هو سو چنيسر جو حق ماري تخت تي ويٺو. تاجپوشيءَ جي ڏينهن چنيسر جي ماءُ لڙهه ٻڌي پڇيو ته هي ڇا آهي؟ جڏهن پٽس حقيقت ٻڌايس تڏهن چيائينس ته ”تو جهڙي پٽ کان مون کي ڌيءَ ڄمي ها ته چڱو ٿئي ها.“

ماءُ جو مهڻو چنيسر لاءِ نڀاڳ جي حد هئي. جڏهن ٻيو ڪو چارو نظر نه آيس، تڏهن مغلن کان مدد وٺڻ لاءِ دهليءَ روانو ٿيو. هن مغل جي دارالسلطنت ۾، شهنشاهه تائين پهچڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪيترو وقت ضايع ڪيو. آخر جڏهن صاف جواب مليس، تڏهن، هن ڇا ڪيو جو بادشاهه جي هڪ پياري هاٿي کي جادوءَ جي لڪڙيءَ(جا کيس سفر ۾ هڪ ريڍار ڏني هئي)  جي هڪ ڌڪ سان ماري ڇڏيائين. انهيءَ ڏوهه لاءِ هن کي علاؤالدين بادشاهه جي اڳيان پيش ڪيو ويو. وزير کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي. چنيسر کيس پنهنجي مطلب کان واقف ڪيو ۽ پنهنجي قوت ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ چيتو اڪيلي سر ماري ڏيکاريائينس. بادشاهه هن جي بهادري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس تخت واپس وٺي ڏيڻ لاءِ پنهنجي سر تياري ڪرڻ لڳو.

جڏهن مغلن جو ڪٽڪ جيسلمير پهتو، تڏهن بادشاهه چنيسر جي صلاح سان دودي ڏي خط لکيو ته ٻه ٽي سومريون اسان ڏانهن موڪلي، اچي آڻ مڃي، سنڌيءَ (دودو) پنهنجي قوم جا ماڻهو گڏ ڪيا. هنن رايو ڏنو ته اهڙو مطالبو قبول ڪرڻ سومرن جي شان وٽان نه آهي، پر تنهن هوندي به چيائون ته ٻڍي مڱڻهار سان، جو انهن ڳالهين ۾ ڀڙ سمجهيو ويندو هو، مشورو ڪرڻ کپي. هو ٻڍي کي ڪپهه ۾ ويڙهي ٽوڪري ۾ وجهي بادشاهه جي حضور ۾ وٺي آيا. هن جواب ڏنو ته سومرن جي قوم جو اهڙو ايمان سورهين پيڙهين ۾ ڪو نه ٿيو آهي. ساڳئي وقت دودي جو مطلب هو ته ڪيئن به ڪري رتوڇاڻ کي ٽارجي. سو هڪ سؤ گهوڙا ۽ هڪ هاٿي شهنشاهه ڏي نذراني طور موڪليائين. علاؤ الدين پهريائين انهيءَ خراج قبول ڪرڻ تي راضي هو، پر چنيسر چيس ته ظالم دودي روبرو اچي تحفا پيش ڪرڻ جي بدران جانور موڪلي بادشاهه سان غلامن جهڙو برتاءُ ڪيو آهي. علاؤ الدين غصي ۾ اڳتي وڌيو، دودو مقابلي لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. پهريائين شرم ]24[ (ٻار ٻچا) اوڏرڪپور راڻي ڏانهن موڪليائون پر پوءِ انهن کي ڪڇ جي سمي قوم جي هڪ دلير راجا، ابڙي آبراڻيءَ جي حفاظت ۾ رهايائون. ڌرين جي وچ ۾ ڪيترا ڏينهن مقابلا ٿيندا رهيا. آخر ٻنهي جا لشڪر هڪ ٻئي سان دوبدو ٿيا. سنڌين، سندن چوڻ مطابق، عجيب ڪارناما ڪري ڏيکاريا. دودي اڪيلي سر بادشاهه جي پهريدارن تي حملو ڪيو. هو ماڻهن جي ميڙ مان چيريندو علاؤ الدين جي هاٿي جي ٽنگ ۾ خنجر هڻي، مٿي چڙهڻ وارو هو ته مٿانئس وارو وار ٿي ويئي. مڙس بادشاهه کي پهچي ئي پهچي، تنهن کان اڳ پاڻ زخمي ٿي ڪري پيو.

سنڌين جي فوج ۾ اچي ٽاڪوڙو پيو. مغلن، اوڏر کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ سمي تي حملو ڪيو. سمون گهوڙيءَ تي چڙهي، هني تي ويهي، دشمن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪوٽ مان نڪتو. هن جا ٿورا ماڻهو اکڇنڀ ۾ ٽُڪر ٽُڪر ٿي ويا. آخر پاڻ به موت جو شڪار ٿيو. هن جو لاش سندس گهوڙي، جنگ جي ميدان مان گهر کڻي آئي. هن جي زال اها ڪارروائي برج تان ڏٺي. هن لاش کڻي اڀو ڪري دريءَ مان بيهاري ڇڏيو ته دشمن سمجهي ته ابڙو اڃا جيئرو آهي. پر قلعي کي گهيرو ڪيو ويو ۽ زالون پنهنجو بچاءُ نه ڪري سگهيون. تنهنڪري زهر پي سورمين وانگر ساهه ڏنائون.

مڪار چنيسر جڏهن ڏٺو ته منهنجي هٿان خاندان جو ايمان ۽ خاتمو ٿيو آهي، تڏهن علاؤالدين کي پوري ڪرڻ جو پهه پچايائين. جيئن سندس ڀاءُ ۽ ٻيا عزيز سندس هٿان چٽ ٿيا هئا، سو ڪهي ويو ڄام ابڙي جي اڪلوتي پٽ ڏونگر راءَ وٽ ۽ ان سان صلاح مصلحت  ۽ مشورو ڪيائين. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ ڪڇ جا سڀ محب اٿي کڙا ٿيا. فقط حجم ڪو نه شامل ٿيا، جن کي اڃا تائين حقارت جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. لڙاين پٺيان لڙايون ۽ حملا ٿيا ۽ آخر مغلن جو لشڪر ناس ٿي ويو ۽ بادشاهه ستن ماڻهن سان ڀڄي وڃي ماٿيلي ۾ پناهه ورتي. اتي پهچندي خبر پيس ته دهلي ۾ فساد ٿيا آهن، سو حياتيءَ کان تنگ اچي زهر کائي پران ڏنائين. باقي جيڪي ماڻهو ان جي لشڪر مان بچيا، سي ڏاڙهيون ڪوڙائي وڃي فقير ]25[ ٿيا.

اسان جي فهرست ۾ ٻيو آهي پنجاب جو مشهور قصو، جيڪو هير رانجهو ]26[ جي نالي سان سڏجي ٿو. هير هئي معشوقه ۽ رانجهو سندس عاشق. چون ٿا ته رانجهو، جهنگ سيال يا ڪن جي چوڻ مطابق تخت هزاريءَ جي ڄام محمد عرف فوجي نالي هڪ زميندار جي اَٺن پٽن مان هڪ هو. پيءُ ارادو ڪيو ته پٽ کي شادي ڪرائجي. هن انهيءَ مراد سان، ملڪ جي سڀني حسين ڇوڪرين کي ڪَٺو ڪيو. پوءِ رانجهي کي چيائين ته تون پنهنجي ڪنوار انهن مان پسند ڪر. ان جوان اتفاق سان وڃي هڪڙيءَ اهڙيءَ عورت تي هٿ رکيو، جنهن کي انهيءَ جماعت ۾ حاضر رهڻ جو حق ڪو نه هو، ڇاڪاڻ ته هن جي اڳيئي شادي ٿيل هئي. انهيءَ واقعي مان سڀني ڪنيائن، خبر نه آهي ته ڪهڙي بنياد تي ائين مشهور ڪيو ته رانجهو جهنگ سيال جي مشهور نازنين، هير تي عاشق ٿيندو. تنهن کان پوءِ عاشق فقيراڻو ويس ڪري معشوق جي ڳولا ۾ نڪتو. رستي ۾ ڪي معمولي ڪرشمن ڏيکارڻ کان پوءِ، هن کي آخر محبوب سان ملاقات جو فخر حاصل ٿيو. پوءِ معشوق جي اڳيان زهر جو پيالو پي هن پنهنجي پاڪيزگي نه، ته به عشق جي انتها ثابت ڪري ڏيکاري ۽ اهڙيءَ طرح عاشق معشوق جو ميڙو ٿيو. تنهن کان پوءِ هو ٻيئي سير جي ارادي سان روانا ٿيا.

 هي قصو ڀَٽن ۽ چارڻن کي نهايت پسند آهي. انهن مان ڪي هيج مان سهڻي هير جي مقدس قبر تي زيارت لاءِ به ويندا آهن. عاشقن جو قصو هزارن شعرن ۾ چيل آهي. انهن مان ڪي مختصر شعر مثال لاءِ هت ڏجن ٿا، جيئن ته هير چوي ٿي:

”يا الله، رانجهو شل مون کان ڌار نه ٿئي! الله، اسان جي مدد ڪر. ويڏڻ شل نه مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي سان محبت ڪري! جتي نانگن ۽ وڇن جا ٻر آهن اتي رانجهو بيڊپو گهمي ٿو ]27[ رات کان وٺي جڏهن مان ساڻس گلابي ويس ]28[ ۾ گڏي هيس. شل کيڙو ]29[ مربي ۽ سندس تڪليفون ختم ٿين ۽ رانجهو هميشه جهنگ سيال ۾ هجي!“

ٻيو مثال:

”جڏهن سؤ هزار حڪيم نااميد ٿي وڃن، تڏهن رانجهو اچي ته مان بستري مان اٿي کڙي ٿيان. جتي رانجهو پنهنجا ڊگها وار وڇائيندو، اتان مان مٽي گڏ ڪنديس ]30[ . مون کي ٻٻرن جي هڙي ۾ مزو ٿو اچي، جتي رانجهي جون مينهون ٿيون چرن.“

دولهه دريا خان جو قصو به سنڌين جي زور آزمائيءَ ۽ ملڪ گيريءَ جي هڪ نيم تاريخي ڪهاڻي آهي. چون ٿا ته ڪينجهر ]31[ ڍنڍ جي ڪناري تي ڪينجهر نالي هڪ شهر هو. اتان جي حاڪم ڄام نندي کي ٻار ڪين ٿيندو هو، تنهنڪري هن گود جي هڪ ٻار وٺڻ جو خيال ڪيو. هڪڙي ڏينهن، شڪار ڪندي. ڏٺائين ته هڪ ريڍار جو ٻار وڻ هيٺان سمهيو پيو آهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهيءَ کي جاچيندو رهيو. ڏٺائين ته ٻار جي مٿان ڇانوئي ڇانو بيٺي آهي. سمجهيائين ته هيءُ غيب جي نشاني آهي ۽ ٻار وڏيءَ ڳالهه وارو ثابت ٿيندو، تنهنڪري هن کي کڻي گود ۾ ورتائين. نالو رکيائينس دولهه دريا خان. خان ساماڻندي ئي نالو ڪڍيو. گهڻائي بهادريءَ جا ڪم ڪيائين ۽ سنڌ جي آسپاس وارا ملڪ فتح ڪيائين. آخر قنڌار وٺڻ جو ارادو ڪيائين ۽ ان ۾ پڻ ڪامياب ٿيو. سڄي واٽ تي باهين جا مچ ٻارائي ڇڏيائين، ته جيئن سندس ماٽيلي پيءُ کي فتح جي خبر پوي. انهيءَ واقعي سببان سنڌ جا ماڻهو خوشيءَ ۾ ڍاپيائي نٿي.

جڏهن دولهو موٽي آيو، تڏهن سولنگي قوم مان سڱ وٺڻ جو ارادو ڪيائين. پر هنن اهو شرط قبول نه ڪيو. بهانو ڪيائون ته اسان وٽ تنهنجي لائق ٻانهن ڪا نه آهي. ان ڳالهه تي خان کي بيحد غصو لڳو.

آخرڪار انهيءَ تڪرار ۾ سولنگين جا چڱا مڙس مارجي ويا. قوم جي سردار هڪ پيرسن مائي هئي جا اتفاق سان بچي ويئي. هن قسم کنيو ته جيستائين وير نه وٺنديس، تيستائين سک سان نه ويهنديس. سو ويئي دهليءَ، مغلن کان مدد وٺڻ. مغلن جي مدد سان هوءَ هڪ چڱو لشڪر ڪَٺو  ڪري پنهنجي ملڪ ۾ موٽي آئي ۽ خان سان لڙائي ڪري، کيس سخت شڪست ڏنائين.

اهو ثابت ڪري ٿو ته هڪ عورت جو انتقام ڪهڙو نه خوفناڪ ٿي سگهي ٿو.

مل محمود يا محمود بهادر جو قصو، اسلام جي اوائلي سورمن جي بهادريءَ جي يادگيريءَ کي تازو ڪري ٿو. بهادر مل محمود حضرت علي رضه جي اصحابن مان هڪڙو هو. هو سچن جانبازن وانگر، مڪي مان، خدا ۽ رسول ﷺ جن جي منڪرن جي لشڪر کي ناس ڪرڻ جي ارادي سان نڪتو هو.

انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي قلعي جو مالڪ، نيرون نالي، هڪڙو ڪافر هو. هن پليت جي ڌيءَ بيبي نگار، شڪار ڪندي جهنگ ۾ پريان باهه ڏٺي. وڃي ڏسي ته هڪ بکايل شخص شڪار ويٺو پچائي. هن جي پوشاڪ مان صحيح ڪيائين ته هو ڪو اجنبي سپاهي آهي. مائي مرداڻي طبيعت ۽ مزاج جي هئي ۽ ڪثرت ۽ ورزش جو شوق هوندو هوس. سو اجنبيءَ سان زور آزمائڻ لاءِ تيار ٿي. محمود کي اها ڪل ڪا نه هئي ته مخالف ڪا عورت آهي، تنهنڪري هن جي شوق پوري ڪرڻ لاءِ کيس هڪ چڱو خاصو ٿڦڙ وهائي ڪڍيائين. پر هن کي دشمن جي ٻانهن جي ڀرسان هڪ عجيب قسم جي نرمائش محسوس ٿي. اهڙيءَ طرح ٻه ٽي دفعا ڪوشش ڪيائين، پر ناڪامياب ٿيو. آخر وڌيڪ مقابلي ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. مائيءَ مشڪي نقاب لاٿو ۽ راز ظاهر ڪيائين. ٻئي ڌريون ڏسڻ شرط ٺهه پهه هڪ ٻئي تي عاشق ٿي پيون. آخر ته ٻيئي مشرقي هئا! شاديءَ جي هڪدم تياري ٿي ويئي. اهڙي جلد بازي مغربي ملڪن جي ماڻهن ۾ ممڪن نه آهي. پوءِ، مائي عاشق کي پنهنجو نالو ۽ پتو ڏئي هلي وئي. وڃڻ وقت وفاداريءَ جي وعدي سان گڏ هڪ سوني منڊي به نشانيءَ طور ڏنائينس. جوان به وفاداريءَ جو سُنهن کنيو ۽ هن کي مذهب بدلائڻ لاءِ زور ڀريائين. پوءِ هن کان اجازت ورتائين ته مڪي وڃي پنهنجي مربي عليرضه کي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڏئي، وٺي ٿو اچان.

مائيءَ جي ساٿين قلعي ۾ پهچڻ شرط، هن جي پيءُ کي خبر ڏني ته تنهنجي ڌيءَ جي هڪ مسلمان سان لنؤن لڳي ويئي آهي. پڻس ارادو ڪيو ته ڇوڪريءَ جي ڪنهن مٽ مائٽ سان شادي ڪرائي ڇڏجي ته چڱو. حڪم ڏنائين ته ڄڃ جو هڪدم بندوبست ڪيو وڃي، گاني وارا گهرايا وڃن. ۽ ٻيو مناسب بندوبست ڪيو وڃي. بيبي نگار لاچار ٿي ڪري هڪ تيز رفتار اُٺ تي، هڪ سوار کي مڪي روانو ڪيو. هو جلد وڃي محمود کي پهتو. هو جڏهن موٽيا پئي ته خوشقسمتيءَ  سان حضرت علي اسدالله به کين پنهنجي برڪت واري گهوڙي، ذوالجناح تي چڙهي اچي پهتو. حيدرآباد ۾ حضرت عليءَ رضه کي هڪ باغ ۾ ترسائي، مل محمود ويس بدلائي، قلعي جو واءُ سواءُ وٺڻ ويو ته ڪهڙو قسم کڻجي. هڪڙي ٻانهيءَ هن کي سڃاڻي ورتو ۽ کيس قلعي جي هيٺان هڪڙي کوهه ]32[ ۾ بند ڪيو ويو.

حضرت علي رضه ڪجهه وقت پنهنجي مريد لاءِ ترسيو، پر جڏهن ڏٺائين ته هو خير ڪي موٽيو، تڏهن هن کي ڳولڻ لاءِ نڪتو. هو سڌو بيبي نگار جي ڪوٺيءَ ۾ پهچي ويو. جڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار وڃي آرامي ٿيا، تڏهن موقعو وٺي ظاهر ٿي، گهوٽ کي ختم ڪيائين. تنهن کان پوءِ بهادر محمود کي جلد آزاد ڪرائي، ٽيئي ڄڻا گهوڙن تي سوار ٿي روانا ٿي ويا. ڪافرن به هنن جي پيڇي ڪرڻ ۾ دير ڪا نه ڪئي. فجر جي نماز مهل دشمنن جو ڪٽڪ اچي کين ويجهو پيو. هنن گهوڙن تان لهي نماز پئي پڙهي ته دشمن به اچي مٿان ڪڙڪين. بيبي نگار نماز ادا ڪرڻ بعد اٿي دشمنن جو مقابلو ڪيو ۽ بهادريءَ سان وڙهندي ساهه ڏنائين. هن جو عاشق به پٺتي نه پيو ۽ حضرت علي رضه به پنهنجو فرض ادا ڪيو. بيشمار دشمن قتل ڪري، پنهنجن ساٿين جو انتقام ورتائين، تنهن کان پوءِ هو مڪي موٽي ويو.

اهڙيءَ طرح، سنڌ ۾ به ٻين اسلامي ملڪن وانگر عجيب روايتون هلندڙ آهن.

اهي آهن اسان جي سنڌ صوبي جون مکيه ۽ سڀ کان زياده مشهور روايتون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org