سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:16  

باب نائون

(1) شيخ عبدالقادر جيلاني، جنهن کي عام طرح ”پير دستگير“ چوندا آهن، تنهن کي ٻين سڀني اسلامي ملڪن کان وڌيڪ سنڌ ۾ شهرت حاصل آهي.

(2) ڪلهوڙن جي دعوا هئي ته هو عباس رضه جي آل مان آهن. پر انهن جا وڏا دراصل سنڌي چنا ۽ هندن مان مسلمان ٿيل هئا. جڏهن سندن گهراڻو سياسي اوج کي پهتو، تڏهن هنن بني عباس سڏائڻ جي دعوا ڪئي، پر عالمن رايو ڏنو ته هنن جو شجرو بلڪل ناقص آهي. تنهن تي ڪلهوڙن جي حاڪمن ماڻهو موڪليو ته وڃي ”سيهڙا خطيبه“  جي درويشن وٽان اصل دستاويزن جا نقل وٺي اچي. سيهڙا خطيبه جي درويشن عالمن جي راءِ کي قبول ڪيو ۽ ڪلهوڙن جي شجري کي رد ڪيو. تنهن تي ڪلهوڙن جا ماڻهو سندن جاگيرون ضبط ڪري ڳوٺ ساڙي، سندن ٽامي جون فرحيون کڻي آيا، جن تي شجرا اڪريل هئا. اهڙيءَ طرح ڪلهوڙا عباس رضه ۽ مرشدن جو يقيناً اولاد شمار ٿيڻ لڳا.

(3) عربستان ۾ رواج آهي ته جيڪڏهن پيءُ سيد آهي ته پٽ به سيد سڏبا، پوءِ انهيءَ جي ماءُ ڀل ڪير به هجي. اهڙيءَ طرح ڌيئرون به. ڌيئرن کي ”شريفه“ چوندا آهن. هوڏانهن امتيءَ جو اولاد، سيد ماءُ مان به رواجي عرب سڏبو آهي.

(4) عام طرح ان لفظ جو بزرگ اچار ڪندا آهن.

(5) ٽالپر، هڪ رواجي پهاڙي قوم هئي. ٽالپر سنڌ جا والي ٿيا، تنهن کان پوءِ به قلات جو حاڪم محمود خان مير غلام علي سان لڙائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته هن سندس خاندان (قنبراڻي) مان سڱ ڇڪائڻ جي جريت ڪئي هئي.

(6) پٿر جي ٽڪر يا ڪنهن اهڙيءَ ٻيءَ شيءِ جي مٿان ڪچو اُن جو ڌاڳو ويڙهيندا آهن، تنهن کي ڍيري ڪوٺبو آهي. ڪانبو هڪ چادر آهي، جا سڄي ڪلهي جي مٿان وجهي اهڙيءَ طرح چيلهه ۾ ٻڌبو آهي جو ان ۾ ننڍا دُنبا ۽ ڇيلا کڻي سگهجن.

(7) هن کي اسماعيل مومبياڻي نالي هڪ سنڌيءَ، ماري، سر وڍي ڇڏيو. ڪلهوڙي پهريائين شاهه بهاري کي انهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ چيو هو. هن انڪار ڪيو، پر چيائين ته مان مير بهرام سان اڪيلو لڙندس. اهو واقعو سنڌ ۾ اڃا مشهور آهي، ڀٽ ۽ چارڻ عام طرح ڳائيندا آهن.

(8) جتان هو قنبر نالي هڪ اڳواڻ جي نگرانيءَ هيٺ لڏي ويا، انهي ڪري انهن جو مکيه پاڙو ”قنبراڻي“  سڏبو آهي، پر هو قبول ڪن ٿا ته بلوچن جا به مختلف خاندان آهن. هڪڙا مڪران جا اصلي رهاڪو، جن کي ڪي ماڻهو ”ڪوچ بلوچي“ چوندا آهن. ٻيا اهي عرب، جي بلوچستان کان حجاج بن يوسف جي لشڪر سان آيا هئا ۽ مڪران ۽ بلوچستان جي فتح ڪيل پرڳڻن ۾ رهجي پيا هئا ۽ باقي لشڪر سنڌ جي طرف ڪاهي ويو هو.

(9) تنهن کان سواءِ، هو بهادر ماڻهوءَ جي تعظيم ڪندا آهن ۽ هن تي اعتبار ڪندا آهن، پوءِ ڀل هو دشمن ئي هجي. اها مشرقي ملڪن ۾ غير رواجي ڳالهه آهي.

 (10) خاص ڪري پيئڻ. درٻار جا ننڍا شهزادا شئمپين ۽ ٻيا شراب گهڻو واپرائيندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجن راڄ وارن کي خراب ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح ميرن جي پٽن ۽ پوٽن ۾ نشي جو رواج پيو، جيتوڻيڪ سندن وڏن وٽ شراب جو نالو وٺڻ به عيب هوندو هو. ماڻهن هڪدم حاڪمن جي پيروي ڪرڻ شروع ڪر ي ڏني.

(11) جتان هنن شيعن جا اصول آندا، جي خاندان جي ننڍن شهزادن اختيار ڪيا.

(12) ترار جا ڦر ٻن نمونن جا هوندا آهن: هڪڙا ڏنگا ۽ ٻيا سڌا. سڀ کان سٺا ڏنگا ڦر، خراسان ۽ ايران کان ايندا آهن ۽ سڌا هندستان کان. ڪڇ ۽ گجرات ۾ هلڪيون تراريون ٺهنديون آهن. سنڌي ڦر سڀ کان ردي  هوندو آهي. ان جي قيمت پنج يا ڇهه رپيا هوندي آهي.

بلوچ هندستان جي ڏکئي ۽ منجهيل شمشير زنيءَ جي طريقي کان غير واقف آهن. اسان جا طريقا وڌيڪ باترتيب ۽ وڻندڙ آهن. بلوچن جي شمشير زني ۾ فقط ڌڪ هڻڻ ۽ ڌڪ جهلڻ هوندو آهي ۽ هو ڌڪ جي آڏو ڍال ڏيندا آهن يا پٺتي هٽي وار گسائيندا آهن.

(13) جتي چون ٿا ته هڪ هوشيار تيرانداز لوهه جو ڀالو پنجاهه يا سٺ گزن جي مفاصلي تي هڻي سگهندو آهي.

(14) جي سڄو ڏينهن ڌوتين ۽ ڪسيباڻين جي صحبت ۾ رهي.پنهنجن ماڻهن لاءِنهايت خراب مثال پيش ڪندا هئا. انهيءَ روش ڪري سندن بهادر ۽ راٺوڙ پوئلڳ کين پوري عزت ڪو نه ڏيندا هئا .

(15) عصمت دريءَ جي خاطري ڪرڻ لاءِ.

(16) سڀ ٻار نه، اها غلطي آهي.

(17) تنهنڪري پهاڪو آهي ته ”مائي دي ڌيءَ، کير پي مئي.“

(18) هن عجيب قوم جي مختصر بيان لاءِ، ڏسو، ” گوا ۽ نيرا جبل“ وغيره.

(19) مير، عربي، ايراني ۽ خراساني نسل جا گهوڙا پسند ڪندا هئا.

 (20) ٻه فارسي ڪتاب گهوڙن ۽ بازن بنسبت.

(21) سنڌيءَ ۾ جت جي معنيٰ آهي: 1. اُٺ هڪليندڙ يا پاليندڙ، 2. هڪ قبيلي جو نالو.

ڄٽ لفظ ٽن معنائن ۾ ڪم ايندو آهي:

1. قوم جو نالو (جت)، 2. سنڌي بلوچ جي مقابلي ۾ هي معنيٰ حقارت ڏيکاري ٿي. جبل جا بروهي ۽ بلوچ، سنڌي زبان کي ڄٽڪي چوندا آهن. 3. نفرت جو لفظ، جهنگلي چوندا آهن ته ڪو ”دردسته ڄٽ“ آهي. يعني صفا وحشي.

(22) ليفٽيننٽ ووڊ (Wood) جو ڪتاب ڏيکاري ٿو ته جَت اڃا پنجاب ۾، ۽ ڇوڙ کان وٺي اٽڪ تائين، سموريءَ سنڌونديءَ تي آهن.

 (23) جَت جي نالي ۾ چار مختلف قومون اچي وڃن ٿيون، انهن جي مختر احوال لاءِ ڏسو ايشياٽڪ سوسائٽي جي بمبئيءَ واري شاخ (Bombay branch of th Asiatic Society)  جي ڇپايل ڪتاب ”جتڪي ٻوليءَ جي گرامر“، جي تمهيد.

جتڪي قوم جي شڪل شبيهه ۽ خاص عادتن مان ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته هنن جو باگڙين (Gypsies) جي عجيب قوم سان ڪو رشتو آهي. شام ملڪ ۾ باگڙين جي هڪ سؤ ٽيهن لفظن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سؤ چار لفظ هندستاني، فارسي ٻولين جي طبقي جا آهن، باقي لفظ شايد سنڌوندي ۽ مشرقي ايران جي وچ ۾ جي ملڪ آهن، تن ۾ رهندڙ پهاڙي قومن جي ڪنهن دهقاني ٻوليءَ مان آهن، يا ممڪن آهي ته اهي پوءِ ايجاد ڪيا ويا هجن، جڏهن اها زبان مخالف قومن ۾ پکڙجي ويئي ۽ هنن کي هڪ مخفي ٻولي ٺاهڻ جي ضرورت پيئي. انگ ته نج فارسي آهن. ٻه لفظ ”ڪوري“ (گهر) ۽ ”پسڪ) (دٻلي) شايد پشتو لفظ ”ڪوز“ ۽ ”پشتو“ جي بگڙيل صورت آهن. ٻه لفظ سنڌي آهن، هڪڙو ”من“ يعني ماني ۽ ٻيو ”هوءَ“  يعني هو. هي ماڻهو شام ۾ رهن ٿا، تنهنڪري هنن جي زبان ۾ عربي ۽ ترڪي لفظ به آهن. پر اهي لفظ هنن جي زبان جو بناوتي حصو آهن.

(24) اشارو آهي هنن جي ڪپڙن جي رنگ ڏانهن.

(25) سنڌ ۾ ميمڻن کي پنهنجا اکر آهن. هو ڪڇ ۾ گجراتي اکر ڪم آڻيندا آهن.

(26) خواجا، هنن جي قوم جو خطاب نظر ٿو اچي. فارسيءَ ۾ انهيءَ لفظ جي معنيٰ آهي ڀَٽ، استاد، واپاري. اهو لفظ بعضي بعضي نالي جي اڳيان به ڪم ايندو آهي، جيئن اسان ”مسٽر“ جو لفظ ڪم آڻيندا آهيون ۽ بعضي اسان جي ”سر(Sir) لفظ وانگي سڏ ڪرڻ يا مخاطب ٿيڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. ”الف ليليٰ“  ۾ فرانسيسي مصنفن، خواجه کي ”ڪويا“ ( Coyia) بنايو آهي.

(27) منهنجي خيال ۾ هن عجيب قوم جي نسل بنسبت جو سر ارسڪين پيري جو رايو آهي، سو صحيح نه آهي. هن جو چوڻ آهي ته ” خوجا مغربي هندستان جي هڪ  ننڍي قوم آهي، جا اصل سنڌ يا ڪڇ کان آيل ٿي ڏسجي. هنن ۾ روايت آهي جا صحيح معلوم ٿئي ٿي ته کين ٤٠٠ ورهيه اڳي صدر الدين نالي هڪ پير، هندن مان مسلمان ڪيو هو.  هو آغا کي مڃيندا آهن، جنهن جا وڏا اصل ايران کان هندستان ۾ آيا، پر هو هندستان جي تاريخ ۾ ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي.

ياد رکڻ کپي ته مسلماني مذهب جي شيعي فرقي وارا، جتي جتي مخالفن ۾ رهندا آهن، اتي تقيه جي اصول تي نهايت شديد نموني ۾ عمل ڪندا آهن. ان جو مطلب آهي ته هو پنهنجي اعتقاد، تاريخ، رسمن بنسبت هر ڳالهه، ۾ اهي نڪتا، جن جي ظاهر ٿيڻ مان اُگرن نتيجن نڪرڻ جو امڪان هوندو آهي، سي پوشيده رکندا آهن.

(28) هن، ان وقت جي حاڪم محمد شاهه جي خلاف بغاوت ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ کيس ايران مان نيڪالي ڏني ويئي هئي. هو تخت جي دعوا ان ڪري ٿو ڪري، جو هو اسماعيلي فرقي جو اڳواڻ آهي..

ان فرقي جي احوال لاءِ ڏسو ڊبليو. سي. ٽيلر جو ڪتاب ”اسلام ۽ ان جي فرقن جي تاريخ.“

(29) بمبئيءَ ۾ هاڻي هنن جا ٻه فرقا آهن: هڪڙو فرقو اڃا آغا خان کي مڃي ٿو، ۽ ٻئي فرقي نور محمد کي پنهنجو پيشوا قبول ڪيو آهي. انهن فرقن جي اختلافن ڪري تازو هڪ خونريز لڙائي ٿي هئي.

(30) لفظي معنيٰ آهي، جنهن کي هٿ نه هجي يا رونڊو.

 (31) حضرت سليمان جي سفر جو قصو شايد اڏامندڙ غاليچي جي ڏند ڪٿا مان نڪتو آهي. حضرت سليمان جي ڪشالن بنسبت افغانستان، لورستان ۽ ڪردستان ۾ طرحين طرحين جون ڏند ڪٿائون ۽ افسانه مشهور آهن. مشرق جي گهڻن قومن جو چوڻ آهي ته حضرت سليمان ڪشمير ۾ آيو هو. ڪن جو ته اهو به چوڻ آهي ته هن ڪجهه وقت ڪشمير ۾ حڪومت به ڪئي هئي.

(32) سنڌ ۾ خراب ۾ خراب پوشاڪ، اهو ئي ڏتڙيل طبقو پائيندو آهي. مهاڻو جتيءَ سان ڪو ورلي نظر ايندو. ممڪن آهي ته اها ڪا سندس رسم هجي.

(33) بعضي بعضي ڪو گرجي به آڻيندا هئا، پر خاص فرمائش تي، انهن جي قيمت تمام ڳري هوندي هئي.

(34) جيئن نوشڪيءَ جي هڪ سردار ڪئپٽن ڪرسٽيءَ (Captain Christie) کي چيو هو ته ڳري ۾ ڳري سزا اسان انهن کي اها ٿا ڏيئي سگهون ته کين ڪڍي ڇڏجي.

(35) سنڌ ۾ سڀ شيدي، مسلماني مذهب جا آهن.

(36) مون ڪو نه ٻڌو آهي ته انهن وٽ ڪي ڪتاب آهن.

(37) انهن کي صرف و نَحو جي قاعدن جي ڪا خبر ئي  نه آهي.

 

باب ڏهون

 

(1) ڏسو باب ٽيون، جتي ٻانهي کي ٻٻر جو نالو ڏنو ويو آهي.

(2) سنڌ ۾ عقيقھ ۾، قرباني ۽ ٻار جي جهنڊ لهرائڻ جون رسمون به اچي ٿيون وڃن. هندستان، خاص ڪري دکن ۾ ائين نه آهي. ڏسو هرڪلاٽس جو ڪتاب ”قانون اسلام“، باب ٽيون، ڀاڱو ٻيو.

(3) وڏن جي طهر مان خراب نتيجا ڪو نه نڪرندا آهن. آفريڪا جي غلامن جي حالت ۾ طهر آزمايو ويو آهي، پر علاج اٽڪل ڇهه هفتا هلندو آهي.

(4) ٻين ملڪن وانگر اسلامي ملڪن ۾ به ماڻهو رسم، يعني پراڻن رواجن جي نهايت عزت ڪندا آهن. بشرطيڪ اهي قرآن جي احڪامن جي خلاف نه هجن.

(7) ويڙه هڪ قسم جي منڊي آهي، جنهن ۾ سوني يا روپي تار ٻه ٽي دفعا ويڙهيل هوندي آهي. کيرول سون يا چانديءَ جي پٽ مان ٺهيل هوندو آهي. هر واري منڊيءَ وانگر آهي ان ۾ ٽِڪ يا ٻڙو پيل ڪو نه هوندو آهي.

(8) سنڌ ۾ سونهن جي نشاني آهن.

(9) هن وقت، سنڌ ۾ وارن جا پائوڊر ۽ پاڪي ورلي ڪم آڻيندا آهن. عام رواج، وارن پَٽڻ جو آهي. پهريان ان ۾ ڏاڍو سور ٿيندو آهي، پر پوءِ جلد ئي چمڙي نستي ٿي ويندي آهي.

(10) رواجي موقعن تي ڪجل کان وڌيڪ سرمو ڪم آڻيندا آهن.

(11) گهڻو ڪري سَرنهن مان ٺاهيندا آهن ۽ ان کي گلاب، چنبيلي يا ٻيءَ ڪنهن سرهاڻ سان معطر ڪندا آهن. ۽ مڃٺ جو رنگ ڏيندا اٿس.

(12) ان کي ايريو يا ڪڻِڪڻو (ڪنڙو) چوندا آهن.

(13) وڏن ماڻهن ۾ ڇهن هفتن تائين اهي سڳن هلندا آهن.

(14) پرڻيل زالون گهڻو ڪري نڪ جي سڄي يا کٻي پاسي سوني يا روپي نَٿ پائينديون آهن. ٻيو، نڪ جي هيٺان بولو، جو مٿئين چپ جي مٿان پائينديون آهن. دنيادار ماڻهو بولي ۾ مَرجان ۽ موتين يا ٻين سچن پٿرن جو جڙاءُ ڪرائيندا آهن. غريب ماڻهو چانديءَ جي هڪ لڙڪڻي تي ڪفايت ڪندا آهن، جنهن کي ”پارو“ چئبو آهي. منڊين تي اڪثر ميناڪاريءَ جو ڪم ٿيل هوندو آهي پر ڪي ته بنهه ساديون هونديون آهن.

زيورن جي تعداد جو مدار ڌرين جي دولت تي هوندو آهي. شاهوڪار ماڻهو زيورن تي تمام گهڻو خرچ ڪندا آهن.

(15) مٿئين طبقن جا ماڻهو شاهد ڪو نه موڪليندا آهن. پيءُ يا ڪو ٻيو ويجهو عزيز، وڪيل ٿيندو آهي. جي ڪنوار تمام ننڍي هوندي آهي، ته ان کان سوال جواب ڪو نه ڪندا آهن.

(16) معزز ماڻهن ۾ ڪنوار کي شاديءَ کان اڳ جيڪي ڪپڙا ملندا آهن، سي سندس ملڪيت سمجهيا ويندا آهن.

(17) فارسي لفظ ”سرگشت“ جي بگڙيل صورت آهي.

(18) سهاڳڻ، يعني خوشنصيب عورت، جا پهرئين مڙس سان خوش آهي. طرفين جا والدين جيئرا هئڻ کپن، پر انهيءَ شرط تي زور ڪو نه ڏنو ويندو آهي.

(19) رواج مطابق بيت ذومعنيٰ آهن.

چنڊ جو مطلب آهي. گهوٽ، ڪنوار کي حور چوندا آهن. ”شال هميشه نورا پائي“ جو مطلب آهي ته بيوه نه ٿئي. وڌوائن کي زيورن پائڻ جي منع هوندي آهي يا هئڻ کپي.

(20) تمام مُسند عربي تعبير وارن جي لکڻ مطابق اُٺ، موت جي اڻٽر نشاني آهي.

(21) هن معاملي بنسبت يورپي ماڻهن کي اڳيئي خبر آهي، تنهنڪري وڌيڪ تفصيل ڏيڻ جي ضرورت نه آهي.

(22) ”ڪنزلعبرت“ جو مصنف سجين جي معنيٰ اهڙيءَ طرح ڪري ٿو، جا غلط آهي. هن جيڪو قبر جي عذاب جو احوال ڏنو آهي، سو ايترو لنبو نه آهي، جيترو ٻين عالمن ڏنو آهي. انهن مان ڪن ته نوانوي عذابن جا نالا ڏنا آهن، جن مان ڪي حديثن جي ڪتابن مان ورتل آهن ۽ ڪيترا پنهنجي مغز مان ڪڍيا اٿن.

 (23) هن کي پوءِ شهر ڇڏڻو پيو هو. ٿورا سال اڳ نيپلس ۾ هوبهو اهڙو واقعو ٿيو هو. هڪڙي دهريي جنهن کي ڪيميا جو علم ايندو هو، تنهن تجربو ڪري ڏيکاريو ته خون ڪيئن ٿو اُڀامي جوش کائي. جنهن تي حڪومت شهر جي عيسائي وليءَ جي عزت رکڻ لاءِ کيس هڪدم نيڪالي ڏيئي ڇڏي.

(24) مشرق جي ڪيترن ملڪن ۾ خيال آهي ته سڪرات ۾ جڏهن تڪليف ٿيندي آهي ۽ سخت اُڃ- لڳندي آهي، تڏهن ابوالشر (شيطان) مرندڙ ماڻهوءَ کي سندس روح جي عيوض پاڻيءَ جو پيالو آڇيندو آهي. چپن آلي ڪرڻ جو رواج شايد اُتان نڪتو آهي.

ٿڌن ملڪن ۾ اهڙي رواج پوڻ جو امڪان ٿي نٿو سگهي.

(25) اهو ئي سبب آهي جو وڏيءَ عمر جا مسلمان ڏاڙهيءَ کي رنگ لائڻ جا شوقين آهن. مزاحيه ڪهاڻين ۾ عام طرح جوان ڇوڪريون پنهنجن عمر رسيده عاشقن جي کاڏيءَ جي زيب، يعني ڏاڙهيءَ جي ڀيٽ ميت جي وات ۾ جا ڪپهه وجهندا آهن، ان سان ڪنديون آهن.

اسلامي دنيا ۾ ماڻهو گهڻو ڪري ڪافور جي خوشبوءِ پسند نه ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهو ميت کي غسل ڏيڻ جي ڪم ايندو آهي. ايرانين کي جيڪڏهن ڪو ڪتاب نه وڻندو آهي ته چوندا آهن ته منجهس ” بوءِ ڪافور“ آهي.

(26) هرڪلاٽس، ”قانونِ اسلام“ لغت، صفحو ٦٠، ”عنبير“.

(27) ان جو سبب هيءُ آهي ته عام ماڻهو انهيءَ راءِ جا هوندا آهن ته ميت کي جيترو جلد پورجي، اوترو چڱو. گرم ملڪن لاءِ اهو قانون نهايت فائدي وارو آهي.

(28) سنڌ ۾ مڪو شريف اولهه طرف سمجهيو ويندو آهي، تنهنڪري لاش جو مٿو اتر۽ پير ڏکڻ طرف ڪندا آهن.

(29) ابو حنيفي جي قانون مطابق هو اڪثر سزا جي ۽ قرآن شريف جي ان رڪوع جي شرح، جنهن ۾ وراثت تي بحث ٿيل آهي پڙهندا آهن.

عدت جو مدو به حنفي ڪتابن ۾ مقرر ٿيل آهي.

(30) غم جي وقت سنڌي ماتم لاءِ ڪارا ڪپڙا ورلي پائيندا آهن. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مرد ڪارو پٽڪو ٻڌندو آهي.

هاڻوڪا خواه قديم عرب، انهيءَ رواج کي بدعت ڪري سمجهندا آهن. اها حقيقت آهي ته رسول ڪريم ﷺ جي ڏينهن ۾ اهڙو رواج ڪو نه هو. وچ ايشيا جي مسلمانن شايد اهو رواج گبرن کان ورتو، جو انهن ۾ سياه وش جي وقت تائين ته ضرور هو.

 (31) جنهن جو مذهبي سبب هيءُ آهي ته آخرت ۾ پٿر ماڻهوءَ جي لاءِ دعا گهرندا.

اراڪ (کٻڙ) جي وڻ کي مسلمان برڪت وارو ڪري ليکيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهو اصل مغربي عربستان جو آهي. اهو ڏندڻ ڏيڻ لاءِ سٺو سمجهيو ويندو هو.

(32) فوتيءَ کي جيڪو وعدو ڪندا آهن، تنهن کي ”امانت ڪرڻ“ چوندا آهن.

 

باب يارهون

 

(1) يعني اهي، جيڪي پٽن ۾ رهن ٿا. سنڌين جي خانه بدوش ۽ ڪوهستاني قومن، جهڙوڪ جوکيا، جي ڪراچيءَ جي ڀرسان رهن ٿا ۽ بلوچن جي وچ ۾ ٿورو ڪو تفاوت آهي.

(2) جيئن گهٽ ذات، تيئن رنگ زياده ڪارو. مٿئين طبقي جا ماڻهو خاص ڪري زالون، گوري رنگ جون آهن. ڪن جو ته رنگ هسپانيه يا پورچوگيزن جي زالن جهڙو هوندو آهي.

(3) يعني عربستان وانگر سارو، ۽ نه هندستان، ايران ۽ عربستان وانگر اڌ ڪوڙيل. پر ڪي سنڌي ۽ گهڻا بلوچ مٿي تي وار ڇڏيندا آهن.

(4) خاص ڪري ڪراڙا آدمي ۽ ڪسبياڻيون.

(5) ڀڳل دال ۽ اَنُ.

(6) فارسيءَ ۾ چون چشمِ مرواريد.

(7) فطر ۽ بقر: ”هرڪلاٽس“ صفحو 268. عيدگاهه اها جاءِ آهي، جتي عيد جي نماز پڙهبي آهي.

(8) تمام سخت ورزش آهي ۽ ٻانهن، ڇاتيءَ ۽ پٺيءَ جي پَٺن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ چڱي آهي. ورزش ڪرڻ وارو پيٽ تي سمهي پاڻ کي هٿن پيرن تي مٿي ڪري، وري هيٺ ڇڏيندو آهي. هي جيترا دفعا ٿي سگهي، اوترا دفعا مشق ڪجي.

(9) سانوڻ جي مهيني ۾ ڪنهن ڏڻ وار تي جوئاڪرڻ پسندڪندا آهن.پر هندو فقط اهو ٿورو عرصو جوئا ڪونه ڪندا آهن.

(10) هوبهو، جيئن اسان ڪندا آهيون.

(11) بلڪل ائين، جيئن يورپ ۾ ڪندا آهن. ممڪن آهي ته اها راند ايران مان شروع ٿي هجي، جتي اها قديم زماني کان کيڏندا ايندا آهن. امڪان اهو آهي ته اها راند ايران کان مغرب ڏي وئي ۽ نه مغرب کان ايران  ڏي.

(12) ڏسو ”هرڪلاٽس“. ضميمه، صفحو ٥٢ پچيسي.

(13) جيڪو ماڻهو پنهنجي زال کي انهن حالتن هيٺ ماريندو هو، ان کي هميشه ساراهيندا هئا. جيڪڏهن مڙس زال جي خطا درگذر ڪندو هو ته هن جي يار تي سرڪاري ڏنڊ پوندو هو. ان کان سواءِ جيڪڏهن هو گهٽ ذات وارو هوندو هو ته کيس چهبڪ هڻندا هئا يا ٻئي نموني جي سزا ڏيندا هئا.  جڏهن ڪاريءَ کي ماريو ويندو هو، تڏهن ڪاري کان سندس ڀيڻ، ڌيءَ يا ٻئيءَ مائٽياڻي جي گهر ڪندا هئا. ”ڪاري ڪاريءَ“ کي ورلي ڇڏيو ويندو هو ۽ انهيءَ حالت ۾ ڪاري کي هميشه سڱ ڏيڻو پوندو هو.

(14) جيئن مازندوان، ايران ۾ ۽ تِهامه، عربستان ۾. اهي ٻئي جايون به، ان ڳالهه ۾ سنڌ وانگر بدنام آهن.

(15) جيئن هندستان جي زناني ٻولي.

(16) هاڻي هڪ نئون طبقو پيدا ٿيو آهي انهن مان اڌ معزز زالون آهن ۽ اڌ ڪسبياڻيون. اهي يورپي لوڪن ۽ سپاهين جي بلي هونديون آهن. حيدرآباد ۾ ڪسبياڻين اسان کي درخواست ڪئي آهي ته شريف عورتن جي بدچاليءَ جي ڪري اسان جو پيشو بند ٿي ويو آهي.

(17)  رنگيلي، انهن جي ذات جو معتبر ۽ عام نالو آهي. اهو نالو ڪنهن به عورت کي بيماني ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

(18) بلوچن جون زالون چولي جي بدران گهڻو ڪري گگهو پائينديون آهن، جو اسان جي رات جي پائڻ جي قميص جهڙو هوندو آهي ۽ پٺيان ڪلهن جي وچ تي کلندو آهي ۽ اڌ ٻانهون هونديون اٿس. اهو گهڻو ڪري ڳاڙهي يا اڇي  ڪپڙي جو ٺهيل هوندو آهي ۽ پيرن جي مُرن سان وڃي لڳندو آهي.

(19) ڪمي ماڻهن، جهڙوڪ مهاڻن جون زالون وغيره هميشه چولي کان سواءِ فقط گج پائينديون آهن.

(20) انهيءَ خاصيت لاءِ شايد ڪي بناوتي سبب آهن. ڪئسپين سمنڊ ۽ هندستان جي وچ ۾ جي قومون رهن ٿيون جهڙوڪ ايراني، افغان، ، بلوچ ۽ سنڌي، انهن سڀني سان اها حالت آهي. ڪشمير ۾ به ائين آهي، پر هندستان ۾ نرالي حالت آهي.

(21) مثلاً هرڪلاٽس: ضميمه، صفحو 17.

(22) لنگهو، هڪ غير شاسته لفظ آهي، پر مڱڻهار فضيلت جو لفظ آهي انهن کي لاڙ ۾ ڀان ۽ ”منگتو“  چوندا آهن ۽ اتر ۾ ”ميراثي“.

 (23) مشهور قصيدو، جنهن جا پهريان لفظ بانت سُعاد آهن ۽ رسول الله جي شان ۾ چيو ويو هو ۽ رسول الله شاعر کي انهيءَ  لاءِ خلعت انعام ڏني هئي. ڪيترن اسلامي ملڪن ۾ رواج آهي ته جيڪڏهن اهو قصيدو ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي اڳيان پڙهبو ته ضرور ڪو ڪپڙو وڳو انعام ملندو.

(24) بيماريءَ سبب مون کي ملڪ ڇڏڻو پيو، تنهنڪري مان ڪلونتن بنسبت ڪا معلومات حاصل ڪري نه سگهيس ۽ نه ڪلونتن ۽ مڱڻهارن جي سازن ڏسڻ جو موقعو مليو.

(25) شيشو معنيٰ ڪائو. باشو هڪ بي معنيٰ زائد لفظ آهي، جنهن کي عربي صرف نحو ۾ محمله چوندا آهن.

(26) اهڙي طرح افغانستان ۾ مصِلي (چُهڙا) پنهنجي قوم کي ”شاهه خيل“ سڏيندا آهن.

(27) سنڌجي ڪيترن ڀاڱن ۾ مسلمان چُهڙا آهن. هو ٻالي شاهي نه آهن.

(28) دڦر لفط نڪتل آهي ”دهه“ (ڏهه) ۽ ”ڦير“ مان. اهڙيءَ طرح افغان ”پنجابي“ لفظ مان به ٻه معنائون ڪڍندا آهن.

 

باب ٻارهون

 

(1) سنڌ ۾ وشنوءَ جي پوڄارين کي ”وشن ووهو“ چوندا آهن، جو ويشنوا لفظ جي بگڙيل صورت آهي. انهن کي شراب پيئڻ ۽ ماس، مڇي، بصر، بيدن ۽ اهڙين ٻين شين کائڻ جي منع هوندي آهي. ڪو به برهمڻ، واڻيو يا شودر ڪنهن مشهور تيرٿ، تي وڃي وشن ووهو ٿي سگهي ٿو. ان کان پوءِ، هن کي فقط پنهنجي کاڌي جو خيال رکڻو پوندو آهي.

(2) واڻين وانگر اهي لفظ هندستان وانگر ذات جو ڀيد نٿا ڏيکارين، مثلاً رام يا داس جو پٽ چند يا راءُ ٿي سگهي ٿو، چند يا راءَ جو پٽ رام يا داس.

(3) هندستان وانگي سنڌ ۾ به ٽي سن آهن: 1. عربي، هجري يا قمري. 2. هندستاني يا قمري شمسي. 3. فصلي يا سرڪاري سال، جنهن جو مدار موسمن تي هوندو آهي. هتي عام طرح هندو وڪرماجيت جو سن (سنبت) ڪم آڻيندا آهن. ساليواهن جي سال جي فقط برهمڻن کي خبر هوندي آهي. پراچين هندن وٽ ڇهه مندون هونديون هيون.

هاڻوڪن هندن وٽ ٽي مندون آهن. عربن ۽ ايرانين کي چار مندون آهن. گوئا جي پرتگالين وانگي سنڌي فقط ٻه مندون ڳڻيندا آهن، هڪڙو سيارو يا سرديءَ جي موسم، ٻيو اونهالو (اونهارو) يا آرهڙ (سال جو گرم حصو). ساڳئي وقت شعر وغيره لاءِ، فارسيءَ ۽ سنسڪرت جا لفظ بهار ۽ سانوڻ ڪم آندا ويندا آهن.

ڏسجي ٿو ته سنڌ ۾ جيڪي هفتي جي ڏينهن ۽ مهينن جا نالا آهن، سي بگڙيل سنسڪرت لفظ آهن. مسلمانن اربع، خميس ۽ جمع جا نالا عربيءَ مان ورتا آهن. مهينن جا هندڪا نالا مسلمان اتر طرف، پشاور تائين ڄاڻندا آهن. افغانن کي انهن لاءِ پنهنجي ٻولي مان نڪتل لفظ آهن.

سنڌين ۾ ڇنڇر ۽ آچر نجس ڏينهن ڪري سمجهيا ويندا آهن، هندو منگل جي تعريف ڪندا آهن ۽ مسلمان ان کي نجس ڪري سمجهندا آهن، برهمڻن کي ڪيترن يگين جي خبر آهي پر هو پوئين يگيه جي شروعات کان سال ڪو نه شروع ڪندا آهن. وقت جا ننڍا حصا هندستان جي حصن جهڙا آهن، ڪيترن برهمڻن کي ”اڌڪ“ ڪرڻ يعني سال ۾ اڌ مهيني جو اضافو ڪرڻ ايندو آهي، پر هنن کي جتي وڻندو آهي اتي، اٽڪائي ڇڏيند اآهن.

(4) ڳاڙهو سندر. مليڇ معنيٰ غير هندو.

(5) سنڌ ۾ ”پوڄارو“، درياهه جي ديوتا جي پوڄاريءَ کي چوندا آهن. ” شيوڪ“ اهو آهي جو هندن جي مورتيءَ جي پوڄا ڪري، ۽ ”ٽهليو“ گروءَ جي چيلي کي چوندا آهن.

(6) ميلن ۽ ياترائن جا قسم.

(7) اهڙن وقتن تي هو چُڻ يا پاسي جا وار پڻ وٺائيندا آهن.

(8) هندستان ۾ اهي ڪتاب، اڪثر ڪورٽ ۾ ثابتيءَ طور پيش ڪيا ويندا آهن. سنڌ ۾ ائين نه ڪرڻ ڏجي، ڇاڪاڻ ته ٿورا ماڻهو پنهنجا اکر مهيني کان پوءِ پڙهي نه سگهندا آهن ۽ انهن ۾ تمام گهڻيون غلطيون هونديون آهن.

(9) تازي شادي ڪيل ماڻهو کي پهرئين ٻار جي ڄمڻ تائين گهر ۾ رهڻو پوندو هو، ان کان پوءِ هو ڪڏهن به مسافريءَ تي نڪري سگهي ٿو.

 (10) جنهن جا گهڻائي نمونا سنڌ خواه هندستان جي ڪيترن ڀاڱن ۾ لڀندا.

(11) جپ مالها به سڏبي آهي. ان ۾ ستاويهه داڻا هوندا آهن، جي چار دفعا پڙهبا آهن. هيٺيان شبد هڪ سؤ اٺ دفعا پڙهڻ شڀ سمجهيو ويندو آهي. ”رام، رام، رام،“، ”واهه گرو جي ڪي جئي“، ”شري گنيشھ نمهھ“ وغيره

(12) انهن ٻن گرنٿن مان آدي گرنٿ جو وڌيڪ مانُ ڪيو ويندو آهي ۽ داشما جي وڌيڪ مڃتا، ڇاڪاڻ ته ان جي پيروي ڪرڻ وڌيڪ سولي آهي. پنج گرنٿ جيئن سندس نالو ڏيکاري ٿو، پنجن ننڍن پرارٿنائن جو مجموعو آهي، انهن کي چوندا آهن: 1. جپ، 2. سندر، 3. سکمڻي، 4. ٻاون اکري ۽ 5. سڌ گوشت. انهن ۾ ڪيتريون ٻاڻيون ۽ گيت به اچي وڃن ٿا.

(13) نانڪ به ٻين مشرقي بزرگن وانگر گهٽ پايي جو شاعر ڪو نه هو. اڳئين زماني ۾ پيشنگوئي ۽ شعر، الاهي ڪلام سمجهيا ويندا هئا، يونان جي مشهور شاعر، هومر جي نالي چوندا هئا ته کيس شعر گوئيءَ جي ڏات ديوين ۽ اپالو ديوتا وٽان ملي هئي.

(14) الهامي ڪتاب جو تعظيمي ۽ عزت ڀريو نالو آهي.

(15) ڪاٺيءَ جي ٻه سانگي، جنهن تي سالڪ مٿو رکندو آهي.

(16) سنڌي لفظ ”ڀڀڪڻ“ يعني اڀامڻ مان نڪتل آهي.

(17) ذات جو معتبر نالو.

(18) مون هي لفظ انهن جي خاص ٻوليءَ جي نموني ڏيکارڻ لاءِ ڏنا آهن. ڏٿ لفظ جي معنيٰ آهي ڪا به گاڏڙ يا خراب ٿيل شيءَ جهڙوڪ مٽيءَ گاڏڙ  اَن.    

          امير فتح علي کي اڌ گهراڻو سڏيو ويو آهي، جو هو ملڪ جو والي هو.

(19) سنڌ جا هندو اهڙائي تعصبي آهن، جهڙا هندستان جا. اها ڳالهه هن مان ثابت آهي ته هنن ٽڪن لڳائڻ جي باقاعدي مخالفت ڪئي آهي. هنن جو چوڻ آهي ته ماتا جو مرض ديوي ڏيندي آهي، ۽ ديوي جي ڪم ۾ دست اندازي ڪرڻ ڌرم جي خلاف آهي.

 (20) هنن کي ان ڳالهه بنسبت چٽا رايا ڪو نه آهن. هنن لاءِ وينڪنٿ هڪ ٻيو سرڳ آهي. ڪيترن کي جوڻين بنسبت منجهيل خيال آهي.

(21) چانورن يا ميدي، کنڊ ۽ گيهه جو ٺهيل طعام.

(22) پنجارا، انهيءَ ڪري سڏبا آهن جو هڪ هڪ شعر ۾ پنج سٽون هونديون. اڏيري لعل جي شان ۾ جو قصيدو ڏنو ويو آهي، سو ان قسم جي شعر جو هڪ مجموعو آهي.

 (23) فارسي ۽ عربي لفظ خواجه خضر جو ترجمو آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ چوندا آهن سانول شاهه. هسپانيه جا ماڻهو به ”سائو درياهه“ چوندا آهن.

(24) واڻي شعر جو نالو، اصل گيت ۾ سؤ بيت آهن. انهن مان ڪيترا هت ڪو نه ڏنا ويا آهن. سنڌ ۾ ڳالهه کي وري وري دهرائڻ عيب نه سمجهيو ويندو آهي.

(25) اهو سنڌي زبان ۾ آهي ۽ فارسي مان ترجمو ٿيل نظر اچي ٿو. تنهن هوندي به پڙهيل هندو ان کي گهڻو پسند ڪندا آهن. مشرقي عالم ڏسندا ته ان ۾ مشرقي ڌرمي شعر جا رواجي خيال ۽ استعاره ڏنل آهن.

(26) چادر جا سنڌ ۾ غريب ماڻهو ڪلهن تي اوڍيندا آهن.

(27) وليءَ جي نالي ”لعل“ تي دوار ٿي ٿيل آهي ۽ هتي معنيٰ اٿس هيرو.

(28) ارداس يعني ڌرمي ڀيٽا، وردي معنيٰ ڏن، خوشيءَ جو واڌارو، سنڌي معنيٰ سڀني دنيوي خواهه آخرت جي مرادن جو پورو ٿيڻ.

(29) اهو صوبو، جنهن کي لال شهباز پيدا ڪرڻ جو فخر حاصل آهي.

(30) نال جو ڪتاب، ڏسو باب ستون.

 

باب تيرهون

 

(1) هڪڙي قسم جو هيڊ منشي، جو منيب جو ڪم به ڪندو هجي.

(2) ويجهڻ وارو، هر هڪ مهر جيڪا هو اُڪريندو هو، تنهن جو ڇاپو هو پاڻ وٽ رکندو هو. هو جيڪڏهن چاهي ها ته هميشه ٺڳي ڪري سگهيو ٿي.

(3) ڏيهي آفيسر کي لکيل هدايتون.

(4) تنهنڪري ان کي جڻيي جي شادي چوندا آهن. اها رسم ٻار پنجن ورهين جو ٿئي، تنهن کان پوءِ جڏهن به مائٽ سمر ساري سگهن، تڏهن ادا ڪري سگهن ٿا. پر پنجويهن ورهين جي ڄمار کان پوءِ، ڪا نه ڪئي ويندي آهي.

(5) هڪ قسم جو هار، جو زالون پائينديون آهن. ان کي دوسري يا دهري چوندا آهن. ان ۾ سون جي داڻن جون به لڙهيون ريشم جي ڌاڳي ۾ پوتل هونديون آهن. دهري ۽ ٻار جا ڪپڙا، مائيٽياڻيون کڻنديون آهن.

(6) وارن جي چڳ جا هندو مٿي تي رکائيندا آهن.

(7) برهمڻ کي جا ڀيٽا ڏبي آهي، تنهن کي ”ڏکڻا“ چوندا آهن. نمشڪار يعني برهمڻ اڳيان نوڙت ڪرڻ.

(8) ”بابا، تو کي وڌائي هجي.“

(9) پهرين سٽ جي معنيٰ آهي، بابا، بابا مان مران ٿو. پر هي ذُو معنيٰ لفظ آهن. جيتوڻيڪ عام ترجمو ائين ڪندا آهن. پيءُ جواب ڏيندو آهي ته، ”پُٽ تون نٿو وڃين، ۽ نه تنهنجا پٽ ويندا.“ اهي لفظ مقرر ٿيل آهن.

 (10) مثلاً سنان وقت بدن تي پاڻي وجهي عضون ڌوئڻ کان اڳ جڻيو صفا ڪندا آهن.

(11) اٽي، گيهه ۽ ڪچيءَ کنڊ جو ٺهيل، پنجن کان پنجويهن سيرن تائين.

(12) جسراج جو ڏينهن. انهيءَ لفظ جون گهڻيون ئي معنائون ڪندا آهن. جسراج، هڪ مشهور هندو ڌرماتما جو نالو آهي.

(13) پاڻيءَ جي دلي جو ڏينهن.

(14) خوشيءَ جو ڏينهن. ”مهورت“ جي صحيح معنيٰ آهي شاديءَ جو جلوس، پر شاديءَ جي ڏينهن کي به مهورت چوندا آهن.

(15) ماڻهن ۾ وهم ويٺل آهي ته اهڙن موقعن تي گهوڙي تي چڙهڻ نه کپي.

(16) گهوٽ سان جيڪي ماڻهو ساڻ هوندا آهن، تن کي ”ڄاڃي“ چوندا آهن، ۽ جيڪي ڪنوار سان هوندا آهن! تن کي ”ماڃي“.

(17) ويڏي سنسڪرت ۾ پڙهبي آهي.

(18) گهڻو ڪري سؤ رپيي جي رقم ڏني ويندي آهي.

(19) هڪ کان ٻه سؤ رپين تائين جيڪڏهن خرچي ٿوري هوندي آهي، ته گهوٽ پيءُ اعتراض واريندو آهي، ۽ پوءِ برهمڻ رقم جو فيصلو ڪندا آهن.

 (20) پيڪو (يعني پيءُ جو) يا بيڪاڻو گهر. ڪنوار جي پيءُ جي گهر کي چوندا آهن. ان جي برعڪس ساهرو گهر، يعني سندس سهري جو گهر آهي.

(21) تعجب جي ڳالهه آهي ته سنڌ جا هندو، هندستان جي برهمڻن وانگر اتاراين (يعني سج جو اتر لڙڻ) جي ڏينهن مرڻ ۽ دکشنايڻ جي ڏينهن مرڻ جي وچ ۾ ڪو به تفاوت ڪونه ڪندا آهن.

(22) ”پنيءَ“وارو لفظ پنيءَ جي رسم مان نڪتل آهي.پنيءَ وارو گهڻو ڪري فوتيءَجو وڏو پٽ،ڀائٽيو ياٻيو ويجهو عزيز هوندو آهي.

 (23) هي پنيءَ وارو ڪندو آهي. هن وقت ڪن هنڌن پنيءَ وارو فوتيءَ جي سوني منڊي جا خاص ان ڪم لاءِ آڱر ۾ ڇڏي ويندي آهي، لاهي جاجڪ کي ڏيندو آهي. ٻيون ڪي شيون، جهڙوڪ ٿورو گيهه، صندل جي ڪاٺي وغيره مڙدي جي وات ۾ رکندا آهن.پر هن معاملي ۾ خواه ٻين ڳالهين ۾ مڪاني رسمون مختلف آهن.

(24) ” توهان ويهو شال خوش هجو.“

(25) پاڻي روز بدلايو ويندو آهي.

(26) جويارهوسڏبو آهي.يارهينءَجون رسمون هيٺ ڏنل آهن.

(27) جي فوتي شاهوڪار هوندو آهي ته هن جي رک ۽ هڏا ڪٽي، چورو ڪري کير سان ملائي ڳوڙهو ڪري هرڻ جي کل، ڪيمخاب يا ٻئي ڪنهن ڪپڙي ۾ ويڙهي ڪنهن نوڪر يا ڌرمي بيکاريءَ جي هٿان گنگانديءَ ۾ اُڇلارائيندا آهن انهيءَ رسم تي پنجاهه کان ٽي سؤ رپين تائين خرچ ايندو آهي.

(28) ڪنهن جو چوڻ آهي ته ڪرڻيگور واڻيو آهي، ٻيا ٿا چون هو برهمڻ پيءُ ۽ شودر ماءُ جو اولاد آهي.حيدرآباد جي اُتر طرف هنن جي شڪل شبيهه ۽ روش حقير ماڻهن جهڙا هوندا آهن. حيدرآباد جي ڏکڻ ۾ هنن جي هلت چلت برهمڻ جهڙي هوندي آهي. هو ماس مڇي واپرائيندا آهن پر مسلمان جي هٿ جي شيءِ ڪو نه کائين. 

ڏورانهن شهرن ۾ انهن جا ٿورا گهر آهن، تنهنڪري مرتي وقت برهمڻ، ڪرڻيگور جو ڪم ڏيندا آهن، ڪرڻيگورن جا جيڪي خاص فرائض آهن، سي ملڪ جي رسم تي ٻڌل آهن. انهن لاءِ شاسترن جي اختياري ڪا نه آهي.

(29) اهو ئي سبب آهي جو هي وڻ کوهن، درياءَ جي ڪنارن ۽ اهڙين ٻين جاين تي نظر ايندو آهي.

(30) ڇوڪرين جي پورڻ وقت ڪرڻيگور جي زال حاضر هوندي آهي.هن جون گهرون سندس مڙس کان به ڳريون هونديون آهن

 (31) انهيءَ ڪم کي پتاشٿا چوندا آهن.

(32) ٻارهون ڏينهن يا ان جي رسم.

(33) هر ڪلاٽس، ضميمو صفحو ٤٢، هو پتاشا ٿو لکي.

(34) خرچ اٽڪل اسي کان ٻه سؤ رپين تائين ٿيندو آهي. هي وڏو خرچ آهي، پر هندن کان وڌيڪ سڌريل ماڻهو پاڻ کي تمام بريءَ طرح ٺڳجڻ ڏيندا آهن.

(35)  وڌوا، جيتوڻيڪ برهمڻ هجي، ته به ان جو مٿو ڪوڙائيندا آهن،  جيستائين هوءَ ڪنهن ياترا تي نه وڃي. پر بعضي انهن جو مٿو ڪين ڪوڙائيندا آهن. ياترا تي وڃڻ هروڀرو فرض نه آهي. هوءَ ڪجهه وقت لاءِ نٿ کان سواءِ ٻيا سڀ زيور لاهي ڇڏيندي آهي. ان عرصي ۾ به هن کي تيل ڦليل به لائڻو نه آهي.

          انهن ڳالهين مان ظاهر آهي ته سنڌ ۾ هندو ڌرم تمام ڦلهڙو آهي.

(36) ”وعظ“ گهڻو ڪري عربيءَ ۾ رسول  جي ميلاد تي ٿيندو آهي.

(37) جنهن جي اڳيان هندستان جي رسم مطابق هميشه شيخ جو لفظ ايندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org