سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

 

صفحو:12  

باب ٻارهون

سنڌ جا هندو،سندن ذاتيون، برهمڻ، کتري، ويشن جا پنج

فرقا ۽ سودر، سک، ڌرمي پينو ۽ اڇوت قومون، هندو ڌرم جي هاڻوڪي حالت، سلوڪن ۽ شبدن جا نمونا

سنڌ ۾ هندو طبقو اها ساڳي پنگتي حيثيت رکي ٿو، جا هندستان ۾ مسلمانن کي حاصل آهي. عربستان، افغانستان ۽ وچ ايشيا جي ٻين ملڪن وانگر هت به هندو واپار ۾ يا پنهنجن ذات ڀائن جي ڌرمي ضرورتن پوري ڪرڻ ۾ مشغول هوندا آهن، تنهنڪري هنن ۾ سندن اصلوڪي وطن يعني هندستان جيترا اڇوت فرقا جهڙوڪ: پر واري، مانگ، چاندا، وغيره ڪو نه آهن. ڏسجي ٿو ته عربن جي حملي وقت سنڌ ۾ هندن جون جيڪي وڏيون آڪهيون هيون، تن مان ڪي ٿوريون سلامت بچي سگهيون، چنانچه، هاڻوڪي هندو قوم اصل نسل ۾ پنجاب جي آهي. هنن جون شڪليون، چال چلگت، ريتيون رسمون ۽ ڌرمي خيال خواهه نالا پڻ انهيءَ حقيقت کي ثابت ڪن ٿا. هنن جو گهڻو لاڙو گرو نانڪ جي متن ڏانهن آهي ۽ ڪيترين ذاتين، سکن جو ڌرم، هندن جي اصلي اصولن سان اهڙي طرح ملائي ڇڏيو آهي، جو هاڻي انهن ۾ ڪا به گهڻي وڇوٽي نٿي نظر اچي.

هندو قوم جتي جتي رهي ٿي، اتي ننڍين ننڍين ذاتين ۾ ورهايل آهي. سنڌ ۾ هندن جا ست ورن يا ست ذاتيون هن طرح آهن: 1. برهمڻ، 2. لوهاڻا، 3. ڀاٽيا، 4. سهتا، 5. وئيش جنهن ۾ ڪيترا ڪٽنب اچي وڃن ٿا،جهڙوڪ وهڻ، کٽي وغيره، 6.پنجابي ۽ 7.سونارا.

انهن مان پنج ذاتيون سچ پچ هندستان جي ٽين ذات يعني ويشن مان آهن. ستين ذات گڏيل آهي. برهمڻ پيءُ ۽ سودر ماءُ جي اولاد مان. هو سنڌ ۾ اڇوت ڪري ليکبا آهن.

پهرينءَ يعني برهمڻ ذات جون به مکيه شاخون آهن، جي روايت مطابق ڪيترن پاڙن ۾ وراهيل آهن، اهي هي آهن. (1) پوڪارڻا ۽ (2) سرست يا سرسڌ پوڪارڻا، ڀاٽين واڻين جا پروهت آهن. هو پنج دراويد قوم جي ”تلينگا“ ڪل مان آهن ۽ وشنوءَ ]1[ جي اوتار، مهاراج جي پوڄا ڪندا آهن. هو اصل ڪٿان آيا، تنهن بنسبت مختلف روايتون آهن. هڪڙا چون ٿا ته هو بنارس جي ڀرسان پشڪر شڀتر مان آيل آهن. ٻيا چون ٿا ته هنن تي پشپا ڪرن نالو ان ڪري پيو جو هنن لڪشميءَ کي گل ڀيٽا ڏنا هئا. هو جيسلمير کان سنڌ، ڪڇ، ملتان، پنجاب ۽ ٻين ڏوراهن ديسن ڏي ان ڪري لڏي ويا هئا، جو هنن ماس کائڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهنڪري پاورتيءَ کين پاراتو ڏنو هو، ٻين ذاتين جو چوڻ آهي ته پوڪارڻا، تپشور نالي هڪ برهمڻ ۽ هڪڙيءَ مهاڻيءَ، جنهن کيس پتڻ اڪاريو هو، جي حرام جي اولاد مان آهن. ظريفاڻي نموني ۾ چئجي ته پوڪارڻو سنڌي محاوري ۾ ”پوءِ لڳي سو ڪري“، يعني جيڪي وڻيس سو ڪري مان نڪتل آهي. بهرحال حقيقت ڪهڙي به هجي، پر هڪ ڳالهه صفا آهي ته جيتوڻيڪ پوڪارڻو سنڌ ۾ اصلي برهمڻ آهي، پوءِ به هن جي ذات اوچي نه آهي. هو واپار کان ورلي عار ڪندو آهي ۽ بعضي ته رسوئيءَ جو ڪم به ڪندو آهي.

برهڻ ]2[ پنهنجن نالن جي اڳيان يا پٺيان داس، رام، چند، راءِ، مل، جي يا مسر ڳنڍيندا آهن، جيئن ته مسر سک ديوجي، انهن مان گهڻا، ٿوري گهڻي سنسڪرت سمجهي ۽ پڙهي سگهندا آهن. انهن کي جوتش جي علم ۾ شهرت حاصل آهي. هنن جو ڌنڌو آهي جنمپتريون ٺاهڻ، گهڙيون مقرر ڪري، ٽپڻو ]3[ (جنتري) تيار ڪرڻ، ڪريا ڪرم ڪرڻ ۽ پنهنجن ششن جي ڌرمي سکيا جي نظرداري ڪرڻ. هنن جو جوتش جو علم ايترو وسيع نه هوندو آهي، پر پوءِ به ايترو ضرور ڄاڻندا آهن جو عام ماڻهو، بلڪ ڌارين ذاتن وارا، جهڙوڪ سک ڌرم جا پوڄاري سندن مڃتا ڪندا آهن. تنهن کان سواءِ، هو ڪافي پوتر زندگي گذاريندا آهن. جيتري قدر برهمڻن لاءِ پوتر رهڻ ممڪن آهي. هو ورلي فارسي سکندا يا عام ڌنڌو ڪندا آهن. هو ماس نه کائيندا آهن ۽ شراب اصل نه پيندا آهن. ۽ شادي پنهنجي ذات ۾ ڪندا آهن. پوڪارڻو سنڌي ٽوپي نه پائيندو آهي. هو اڪثر ڳاڙهي رنگ جي پڳڙي ٻڌندو آهي. هو ڏاڙهي ڪوڙائيندو آهي ۽ پوشاڪ شاهوڪارن يا واپارين جهڙي پهريندو آهي، هو ڪو خاص تلڪ يا جاتيءَ جو نشان ڪو نه ڏيندو آهي، پر پيشانيءَ تي سنئون يا اُڀو ليڪو سواءِ ڪنهن امتياز جي ڪڍندو آهي. هندستان ۾ اُڀو ليڪو وشنوءَ جا پوڄاري پاڻ کي شو جي پوڄارين کان ظاهر ڪرڻ لاءِ ڏيندا آهن. شو جا پوڄاري، ڀرون جي مٿان سنئون ليڪو ڪڍندا آهن.

سرست يا سرسڌ، جنهن جو صحيح مفهوم آهي سرسوتي نديءَ جي طرف کان آيل، سي اصل پنج گور قوم جا آهن. انهيءَ قوم جا اٽڪل چاليهه اصلي گهر سنڌ ۾ آهن. هو غير ڌرمي ڪم ڪو نه ڪندا آهن ۽ پنهنجن ٻين همذات وارن کي سڌ ]4[ سڏيندا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته ٻيا اصل نمير يا بلوچ هئا. پر پوءِ رامچندر کي ڪنهن پروهت جي ضرورت هئي تنهن هڪ مليڇ يعني نمرئي جي نرڙ تي سندر جو تلڪ ڏنو. چون ٿا ته سرسوت سنڌ ۾ اٽڪل ٻه سؤ ورهيه اڳ آيا هئا، هو مهيس يعني مهاديو يا شو ۽ هن جي شڪتي ڀوانيءَ جي پوڄا ڪندا آهن. هنن وٽ ڀوانيءَ جا ڪيترائي روپ ۽ نالا آهن، مثلاً ديوي، درگاهه، ڪالي، پاروتي ۽ سنگهواڻي، ڀوانيءَ جو ٺٽي جي ڀرسان مڪلي ٽڪريءَ، هنگلاج، سيوهڻ ۽ هندن جي ٻين ڪيترن پوتر جڳهن تي آستان آهي. سرسوت ڪي خاص اپوتر ماس جا قسم ڪو نه کائيندا آهن، جهڙوڪ گانءِ جو گوشت ۽ مرغيون. پر هو مڇي، جهنگلي پکي، بصر ۽ هرڻ، ڇيلي ۽ دنبي جو گوشت کائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته جيل جي ديويءَ ڏڪار ۾ انهن شين کائڻ جي اجازت ڏني هئي. گوشت هميشه بزار مان خريد ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته اونچي ذات جا هندو ٻين هندن وانگر هت به پنهنجي هٿ سان جانور ڪو نه پائيندا آهن. سرسوت ذات جا ماڻهو اڪثر شراب پيئندا آهن ۽ پنهنجي ذات جي وڌوائن سان شادي ڪندا آهن. هو ڏاڙهي ڪوڙائيندا آهن ۽ عام شاهوڪارن جهڙي پوشاڪ يعني اڇي پڳڙي، انگرکو، ڌوتي، بوڇڻ ۽ ڪپڙي جي جُتي پائيندا آهن. هو هٿ ۾ اڪثر ڪري ستاويهن داڻن واري صندل جي ڪاٺيءَ جي مالها کڻندا آهن. سرسوت بعضي بعضي عاملن جهڙي پوشاڪ پهريندا آهن، پر پوڪارڻا ورلي ائين ڪندا آهن. حيدرآباد ۽ سيوهڻ ۾ سرسوت ذات جا ڪيترائي ماڻهو رهن ٿا. هو ورلي فارسي سکندا يا نوڪري ڪندا آهن. هنن جو مکيه شغل هوندو آهي سنسڪرت سکڻ ۽ گرمکي ڪتاب پڙهڻ. سرسوتن کي جوتش جي علم جي ٿوري ڄاڻ هوندي آهي، پر پنهنجي علم جي ڪمي هڪ عجيب نموني جي مڪر سان پوري ڪندا آهن. هنن جي پيشنگوئيءَ جي طريقي کي ”نشڪڻ ڪرڻ“ چئبو آهي. اهو هن طرح ڪيو ويندو آهي، جو ڪو به سوال دل ۾ رکي، ساهه جهلي، ناسون آڱرين سان بند ڪري ڇڏبيون آهن. ڪجهه ويچار کان پوءِ نهايت خاطريءَ سان جواب ملندو آهي ته فلاڻي ڪم جو نتيجو هن طرح ٿيندو ۽ ان لاءِ اُجوري جي به طلب ڪئي ويندي آهي.

حقيقت ڪري سنڌ ۾ ڪي به شتريه (کتري) ڪو نه بچيا آهن. جيڪي انهيءَ اعليٰ نسل جي دعوا ڪن ٿا، سي بنيا (واڻيا) آهن، جن نانڪ شاهه جي ڌرم جا ڪي متا قبول ڪيا آهن ۽ انهيءَ ڪري هو ڌرم ورڌ سک آهن. ڏٺو ويو آهي ته سڄي هندستان ۾ ويڙهو سودر، جن جو ڌرم يا مذهبي فرض آهي لڙائي ۽ ڦرمار ڪرڻ، سي پاڻ کي ”شتريه“ سڏائيندا آهن. اهڙيءَ طرح، ملبار جا نائر، جي اصل گهٽ ذات جا آهن، سي پاڻ کي فوجي ذات جا يعني شتريه سڏائيندا آهن ۽ اوچي ذات جي ماڻهن وانگر جڻيو پائيندا آهن ۽ هلندا به ائين آهن ڄڻ شتريه آهن. سنڌ جي هندن ۾ شترين کي ڪا خاص اهميت ڪا نه آهي. هنن جا مکيه پيشا آهن. واپار ۽ سرڪاري نوڪري. هو گُرن جا ڪتاب پڙهي سگهندا آهن ۽ ايتري فارسي ڄاڻندا آهن، جو نوڪري ڪري سگهن. هو ڪا خاص پوشاڪ ڪا نه پهريندا آهن ۽ ڏاڙهي به هروڀرو ڪو نه ڪوڙائيندا آهن. هنن جو کاڌو سرست برهمڻن جهڙو هوندو آهي، سواءِ ان جي ته هو سکن جي رواج موجب جانورن کي پاڻ يا پنهنجي ذات وارن جي هٿان ”جهاٽڪو“ ڪري ڪُهي کائيندا آهن. هو هڪ خدا کي مڃيندا آهن يا گهڻو ڪري ويدانت جي متي ۽ هندن جي قديم بت پرستي ۾ اعتبار ڪندا آهن.

جيئن اڳي چيو ويو آهي، تيئن ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ويش، واڻيي يا بنيي ذات جون سنڌ ۾ پنج مکيه شاخون آهن. انهن مان ٻه وڏيون لاشڪ لوهاڻا ۽ ڀاٽيا آهن. اُنهن مان لوهاڻا تعداد خواه اثر ۾ وڌيڪ آهن، تنهنڪري انهن جو بيان سنڌ جي عام هندن جي ترجماني ٿيندي. لوهاڻا پنهنجو نسل ۽ نالو لوهن پور مان ڪڍن ٿا، جا ملتان ۾ آهي. هنن جي سنڌ ۾ اچڻ جي تاريخ متعلق هن وقت پتو ڪو نه ٿو پئجي سگهي. هنن جي زبان ۾ تبديليون آيون آهن ۽ هنن جيڪي آئيويٽائون ايجاد ڪيون آهن، تن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اهو واقعو پراچين سمي ۾ ٿيو هو. ان کان سواءِ، لوهاڻا ساري بلوچستان، افغانستان ۽ وچ ايشيا جي اوڀر وارن ڀاڱن ۾ پکڙيل آهن. هنن ايامن کان وٺي عربي سمنڊ جي ڪناري تي اڻسڌريل ۽ مخالف قومن سان واپار پئي ڪيو آهي ۽ دنيا حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جا ڪشالا ڪڍيا ۽ خطرن جا مقابلا ڪيا آهن، لوهاڻا، هڪ تمام دلچسپ قوم آهي، جا ڏيکاري ٿي ته ڪيئن هندن آڳاٽي سمي ۾ ڏورانهان ديس آباد ڪيا ۽ پنهنجي ڌرم جي متن جو پرچار ڪيو، جو هاڻي هڪ مڪاني ڌرم وڃي رهيو آهي. لوهاڻي کي ڌارين ملڪن ۾ وڃڻ ڪري ذات مان ڪو نه ڪڍي ڇڏيندا آهن.

هن جو اولاد هندو قوم شمار ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن هو اباڻي ديس ويندا آهن ته اتي پاڻ هنن جو مرتبو مٿي ٿيندو آهي ۽ هو ”وشنو نو“ ڪري ليکبا آهن. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ڌارين معتبر قومن جي ماڻهن جو اولاد به سنڌ ۾ ڪجهه عرصي رهڻ کان پوءِ، هندو ٿي سگهندا آهن.

لوهاڻي قوم جا گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ٿڙ ۽ شاخون آهن. انهن مان مکيه آهن، خدا آبادي ۽ سيوهاڻي. هنن جي پاڻ ۾ ٻڌي ٿوري آهي. هو فقط ان ڳالهه ۾ اتفاق ڪندا آهن ته هر ڪو پنهنجي پنهنجي گهر جو چڱو مڙس آهي، هو سڀ جڻيو پائيندا آهن. سچ پچ ته هو ”پوڄارا“ يعني درياهه ديوتا جا پوڄاري آهن. انهن مان گهٽ وشنوءَ ۽ شو جا شيوڪ ]5[ آهن. ڪن ٿورن نانڪ شاهه جو ڌرم اختيار ڪيو آهي. هو گوشت کائيندا آهن، ۽ شراب جا عادي آهي. هنن کي مڇيءَ ۽ بصرن کائڻ تي اعتراض ڪو نه هوندو آهي ۽ هو پاڻ کان گهٽ خواهه وڌ ذات واري جي هٿ جو پاڻي پيئندا آهن. هو نڪي ته گهڻي پوڄا ڪندا آهن ۽ نه وري ڪن مقرر وقتن تي ڪندا آهن. هو پنجابي يا سنسڪرت جا ٻه ٽي شبد اچاريندا آهن ۽ ميلن، جاٽن ۽ درسنن تي ويندا آهن، جتي ڀڳتيءَ کان وڌيڪ آوارگي هوندي آهي. چون ٿا ته هنن وٽ خدا آبادي اکرن ۾ ڪي سنڌي پرارٿنا جون چوپڙيون آهن، جي سندن پروهت، ماڻهن کي پڙهي ٻڌائيندا ۽ سمجهائيندا آهن. ۽ اهي ڌارين جي نظر کان نهايت احتياط سان لڪايون وينديون آهن.

لوهاڻن کي سندن پيشي مطابق ٻن مکيه درجن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

2. عامل يا سرڪاري نوڪر. هنن جو احوال ٻئي باب ۾ ڏنل آهي. 2. شاهوڪار يعني واپاري، دڪاندار، هاري، هٽ، واڻيا ۽ ٻيا جن جو گذران مزوريءَ تي آهي. اهي ماڻهو گهڻو ڪري مسلمانن جي پوشاڪ کان پاسو ڪندا آهن ۽ پڳڙيون، انگرکا ۽ لُنگ يا پوتيو ۽ بعضي ڪمربند ۽ ڪلهن تي بوڇڻ يا شال پائيندا آهن. هو ڏاڙهي ۽ مٿي جو اڳ ۽ پٺ ڪوڙائيندا آهن ۽ تارونءَ تي چوٽي ۽ پاسن کان ”چڻ“  يا وارن جون چڳون ڇڏيندا آهن. هو مڇون ڪو نه وٺائيندا يا ڪوڙائيندا، جيستائين شوڪ ]7[ ۾ نه هوندا آهن.

وديا لاءِ واپاريءَ کي واجهي يا هندو ماستر وٽ وڃڻو پوندو آهي، جو کيس ٿورو حساب ڪتاب ۽ سنڌي آئيويٽا سيکاريندو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجون وهيون ]8[ رکندا آهن. سال کان پوءِ هو پڙهڻ ڇڏي ڪو ڌنڌو اختيار ڪندا آهن. ڌنڌي ۾ لوهاڻا به پنهنجن هندستاني ڀائرن وانگر تمام هوشيار آهن. هنن مان ڪي ڌارين ملڪن ۾ وڃي ججهو ناڻو ڪمائيندا آهن. هنن جو مکيه وهنوار ڪپڙي ۽ هنڊين جو هوندو آهي. هنڊين جي ڪم لاءِ هنن کي خاص رغبت آهي، ڇاڪاڻ ته هو انهن تي پنهنجي مرضي موافق وياج ۽ نفعو وٺي سگهندا آهن.

پر سنڌ ۾ سودرن جون ٿوريون ڪي ذاتيون آهن. جيڪي آهن، تن سڀني جڻيو پائڻ اختيار ڪيو آهي. هو مٿي تي تلڪ لائيندا آهن ۽ سڀني ڳالهين ۾ واڻين جي پيروي ڪندا آهن. ساڳئي وقت سودر پنهنجي ذات ۾ شادي ڪندا آهن. وهڻ ۽ ڀڳڙن ڀڃڻ جو ڌنڌو ڪندا آهن، جنهن کي فارسيءَ ۾ نخود پزي (چڻا ڀڃڻ)  چئبو آهي. هنن جو گذران ڀڳڙن ]10[ وغيره جي وڪري تي هوندو آهي. کٽي يا رنگريز به گهڻائي آهن، ڇاڪاڻ ته هندو خواه مسلمان رڱيل ڪپڙا پائيندا آهن. هو گهڻو ڪري شهرن کان پري رهندا آهن. ڏيهي ماڻهو چوندا آهن. ته هو انهيءَ ڪري پري رهندا آهن ته جيئن پنهنجي پورهيي لاءِ وڌيڪ مزوري گهري سگهن. سندن خلاف ماڻهن کي ڪنهن به قسم جو مذهبي اعتراض ڪو نه هوندو آهي. هنن لاءِ شايد ضروري آهي ته سندن ڪنيون مٺي پاڻيءَ جي کوهن ڀرسان نه هجن. سوچي، چمڙو پاڻ ڪو نه رڱيندو آهي. هو چمڙو مسلمان موچيءَ کان وٺي سبندو آهي ۽ ضرورت مطابق پَٽ سان ڀريندو آهي. حجام جيسلمير جا ويٺل آهن، پر هو اصل سنڌي نسل جا آهن ۽ پوشاڪ به پنهنجي ملڪ جي پائيندا آهن. سواءِ پٽڪي جي، جو ڌاريي نموني جو آهي.

اسان جي صوبي جون مکيه سودر ذاتيون اهي آهن. سودر گهڻو ڪري مهاديو ۽ ديويءَ جي پوڄا ڪندا آهن. هنن جا پروهت، برهمڻ هوندا آهن. هنن جا نالا سولائيءَ سان سڃاڻي سگهجن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن جي پٺيان سندن پيشو ڏيکاريل هوندو آهي. جيئن ته تيجو وهڻ، هرو، کٽي ۽ کٽو سوچي.

هندن جي انهن ذاتين کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون گمنام ذاتيون آهن، جي سکن جي نالي سان سڏجن ٿيون. اهي حيدرآباد سيوهڻ ۽ وچولي ۽ اتر سنڌ جي ٻين ڀاڱن ۾ رهن ٿا. انهن کي آسانيءَ سان سڃاڻي سگهجي ٿو. هو رنگ جا گورا آهن ۽ سندن مهانڊا ۽ شڪليون ٻين ماڻهن کان نراليون آهن. هنن جون ٻه مکيه شاخون آهن:

1. اڪالي خالصا يا اصل سک. 2. لوهاڻا سک. اڪالي سڀ ڳالهه ۾ پنجاب جي اُپاشين جو نقل ڪندو آهي. هو پنهنجي بند جي وارن کي پاڪيءَ سان بنهه نه ڇهندو آهي ۽ هر قسم جو گوشت مثلاً ڪڪڙ وغيره، جو ٻيا اپوتر سمجهندا آهن، کائيندو آهي. هن کي تماڪ لاءِ ڌرمي ڌڪار هوندي آهي ۽ هو وارن ۾ تيل بدران گيهه وجهندو آهي ۽ فقط انهن جانورن جو گوشت کائيندو آهي جي جهاٽڪو ڪيل هوندا آهن. هو جڻيو نه پائيندو آهي. پر کيس چڪر، ڪنگڻي ۽ ڪڇي مان سڃاڻي سگهجي ٿو. لوهاڻي سک کي نانڪ شاهي ۽ مني سنگهه يعني وارن ڪوڙائڻ وارو سنگهه به چوندا آهن. ڇاڪاڻ ته هو شوڪ ۾ ڏاڙهي مٿو ڪوڙائيندو آهي. هن کي تماڪ ڇڪڻ، جڻيي پائڻ ۽ مسلمانن جي پاتل گوشت کائڻ جي اجازت هوندي آهي. هو ڪنگڻي بعضي بعضي پائيندو آهي. پر چڪر اصل نه کڻندو آهي. هنن جي شاديءَ غميءَ جون رسمون سندن ٻين ذات وارن لوهاڻن واڻين جهڙيون آهن. ٻيئي فرقا، امرتسر جي لوهه جون ڪنگڻيون ۽ سِمرَڻو ]11[  يا مالها کڻندا آهن. چون ٿا ته ڪنگڻين ۾ اها خاصيت هوندي آهي، جو انهن جي پائڻ سان ننڊ چڱي ايندي آهي ۽ مالها سان هو اسم ۽ منتر پڙهندا آهن، جن جي سندن ڌرم ۾ کوٽ ڪا نه آهي.

سنڌ جا سک، مسلمانن، هندن، ڪرستانن، ۽ ٻين سڀني فرقن جي ماڻهن کي پنهنجي ڌرم ۾ آڻڻ لاءِ آماده هوندا آهن. جنهن کي سک ٿيڻو هوندو آهي، سو سنان ڪري ٽڪاڻي يا ڌرمسالي ۾ وڃي نانڪ شاهه کي ٻَل ڏيندو آهي. جيڪڏهن هن کي خالصي ٿيڻ جي خواهش هوندي آهي ته اداسي ٽي دفعا هن جي هٿن ۾ مٺو پاڻي وجهي کانئس کنڊو پڙهائيندو آهي. جيڪڏهن هو نانڪ شاهي ٿيڻ چاهيندو آهي ته سنان ڪرڻ کان پوءِ هو ٻل ڏئي، ٻڪ پاڻيءَ جو ڀري هڪ مخفي منتر پڙهي پاڻي پيئندو ۽ ستنام جون ڪي خاص سٽون چوندو آهي. انهن سٽن ۾ ڌڻيءَ جي واکاڻ آهي ۽ اهي پنج گرنٿ ]١٢[ جي پهرئين باب جپ مان ورتل آهن:

” ســـتـــام ڪـــرتــــا پــــرک

نر ڀِؤ، نر وير، اڪالا مورت،

اجوتي سينڀيءَ، گرو پرشاد

جپ آد سچ، جڳاد سچ“

هئي ڀي سچ، نانڪ ]13[ هو سين ڀي سچ

پوءِ ٻنهي فرقن جي نئين سِک کي سندس ڌرم جا متا سيکاريا ويندا آهن. کيس روز صبح جو اشنان ڪري پاڻي پڙهڻي پوندي آهي. کائڻ ۽ گرنٿ پڙهڻ کان اڳ ۽ ٻين ڪن موقعن تي پنج سناني يعني پنجن عضون (منهن هٿ ۽ پير) جو ڌوئڻ ضروري هوندو آهي، صبح جو اشنان کان پوءِ نئين سک کي ڪنهن ٽڪاڻي ۾ وڃي گرنٿ صاحب ]14[ ٻڌڻ يا مٿو ٽيڪڻ کپي ۽ سج لٿي مهل هن کي ڪنهن پوڄا جي جاءِ ۾ سندر ٻُڌڻ کپي. اهڙن موقعن تي جهولو، جنهن تي گرنٿ صاحب رکبو آهي. سو لوڏيندا آهن. مگر پستڪ (گرنٿ) کوليو ڪو نه ويندو آهي. جيڪڏهن ٽڪاڻي ۾ نه وڃي سگهن ته سکن کي گهر ۾ ٻاڻي، جپ ۽ سندر ڏاڍيان پڙهڻ کپي. گهڻو ڪري هر ڪنهن ٽڪاڻي ۾ هڪ اداسي يا گاديءَ وارو هوندو آهي جو ڀيٽا ۽ ارداس تي گذران ڪندو آهي. ان کان سواءِ پنج ڇهه چيلا ۽ ڪيترا ٽهليا به هوندا آهن.

سنڌ جي هندن ۾ مکيه ڌرمي پينو آهن. سنياسي، جوڳي، گوسائين ۽ اوگر. ڪي ٿورڙا جنگم به آهن، پر اهي سڀ هندستان جا رهواسي آهن. سنياسي برهمڻ اهو آهي، جنهن دنيا ۽ ان جا تماشا تياڳ ڪيا آهن. هو آخرت لاءِ پينو ٿيو آهي، هن جو گذران بکيا ۽ دان تي هوندو آهي، جي هن جي جوان چيلن کي ملندا آهن. هن کي پوتر جيون گذارڻ کپي ۽ شاديءَ جي منع اٿس. هو اڪثر ڏسڻ ۾ معتبر هوندو آهي ۽ عام دنيوي ڌنڌن جهڙوڪ: ڪنهن ٻارسي جي هيٺان ٽيڪا کڻڻ، ويڄ جو ڪم ڪري، منتر جنتر وڪڻڻ ڪيميا ٺاهڻ ۽ سرڪار جي سِڪي جي جعلسازي ڪرڻ کان عار نه ڪندو آهي. انهن سنياسين مان ڪيترا ڪڇ ۽ ٻين ڀر وارن ملڪن مان آيل آهن. هو گهڻو ڪري چال چلگت جا ڪِريل هوندا آهن، ۽ گوشت مڇي کائيندا آهن، ۽ شراب به پيئندا آهن. انهيءَ فرقي جا ماڻهو گيڙو رنگ جا ڪپڙا ۽ پڳڙي پائيندا آهن، جنهن مان هنن کي سڃاڻي سگهبو آهي. سنياسي ٻين ڌرمي پينن وانگر ورلي مڙدا ساڙيندا آهن. هو ڪنهن وقت ”غفا“ جي رستي پاڻ کي هڪ چيلي جي هٿان زنده پورائي، خودڪشي ڪندا آهن. جڏهن هو پاڻمرادو مري ويندا آهن، تڏهن هو پاڻ کي گهڻو ڪري ڌرتي، دڪ ۽ بعضي جلادڪ ڪرائيندا آهن. مڙدي جي ٽنگ ۾ واريءَ جو دلو ٻڌي، ٻيڙي ۾ کڻي وڃي ڏاڍي ڪريا ڪرم سان اونهي پاڻيءَ ۾ وجهندا آهن.

جوڳيءَ کي به گيڙو  رنگ جا ڪپڙا هوندا آهن، پر هو پڳڙيءَ بدران ٽوپي پائيندو آهي. هن جي رهڻ جي جاءِ کي ”آستان“ چوندا آهن، هن طبقي جي پينن جي ڪَن جي  پاپڙيءَ ۾ هڪ موڪرو ٽُنگ هوندو آهي، انهيءَ ڪري هنن کي ”ڪنڦاڙ“  چوندا آهن. جوڳي جڏهن مرڻ تي هوندو آهي، تڏهن هن کي اڳيان بيراڳڻ جي ٽيڪ ڏيئي، سڌو ويهاريندا آهن. هن کي پورڻ لاءِ وڏي کڏ کڻي، ان کي اڌ تائين لوڻ سان ڀريندا آهن ۽ پوءِ لاش کي لوڻ جي مٿان پلٿي مارائي ويهاريندا آهن. هڪ هٿ ۾ پاهوڙي ڏيندا اٿس، ۽ ٻيو هٿ بيراڳڻ ]15[ تي رکندا اٿس. پوءِ وري لاش جي مٿان لوڻ وجهي، مٽيءَ سان کڏ کي ڍڪي ڇڏيندا آهن. هن طبقي جي پهتل شخصن مٿان سرن جون سماڌيون ٺاهي، ڏِيا ٻاريندا آهن ۽ ٻئي نموني سجائيندا آهن.

سنڌ ۾ ” گوسائين“ ڪو ورلي ملندو، پر هن جي لياقت جو ماڻهن کي ڪافي قدر آهي. هو جڏهن ڪٿي ايندو آهي، تڏهن هميشه ڪيترا چيلا پاڻ ساڻ هوندا اٿس. هن جو ظاهري ويس سنياسيءَ جهڙو هوندو آهي. هن جو گذران دان پڃ تي هوندو آهي ۽ هن وٽ اڪثر ڪافي موڙي هوندي آهي. مرڻ کان پوءِ هن کي گهڻو ڪري جلادڪ ڪيو ويندو آهي.

گوسائين سنياسيءَ جهڙو هوندو آهي، ته اوگر وري جوڳيءَ جهڙو هوندو آهي. هو هڪ ڪاٺيءَ جو پورو ٽڪر ڌاڳي ۾ ٻڌي ڳچيءَ ۾ پائيندو آهي جنهن مان  هن کي سڃاڻي سگهجي ٿو. هو ڪنهن به ڪم ڪار ڪرڻ کان اڳ انهيءَ ڪاٺيءَ ۾ ڦوڪ ڏيندو آهي. گوسائين وانگي اوگر به سنڌ ۾ ورلي نظر ايندو آهي.

جن چئن طبقن جو مٿي ذڪر ڪيل آهي، تن مان ڪو به جڻيو ڪو نه پائيندو آهي. هنن جا نالا هن طرح سڃاڻي سگهبا آهن: ٻائو، نٽگر، سنياسي، سورج گر، گوسائين، گورکناٿ، جوڳي، سرسوتي ناٿ، اوگر وغيره هو سڀ مهاديو ۽ مهاديو جي پٽ گورکناٿ ۽ گورکناٿ جي اوتار، ڀابکناٿ جي پوڄا ڪندا آهن. انهيءَ اوتار کي ڀابکناٿ ان ڪري چوندا ]16[ آهن، جو چوندا آهن ته جڏهن ڪو پوڄاري هنگلاج جي تيرٿ جي ويجهو ويندو آهي، تڏهن اتي گَپ پاڻمرادو اڀامندي آهي.

سنڌ جي اوڀر يعني ٿر جي آسپاس ڪي اڇوت قومون آهن: مثلاً ڪولهي، جن جو گذران شڪار ۽ پوک تي آهي، ڀيل جن جي رهڻي ڪرڻي، رسمون ۽ پيشو ڏڦير قوم جهڙو آهي، ۽ ڍيڍ ۽ ميگهواڙ ]17[ (رنگريز، موچي ۽ ڪوري) چون ٿا ته ميگهواڙ اصل مالوا کان آيل آهن. هنن جي زبان ۽ اکر، جنهن ۾ سندن پوٿي لکيل آهي، سي به مالوا جا آهن. هو هاڻي سنڌ جي ڪيترن ڀاڱن ۾ رهن ٿا. هنن جا گهڻا ماڻهو گهاري، حيدرآباد، ميرپور ۽ عمرڪوٽ جي آسپاس رهن ٿا.

عمرڪوٽ جي ڀرسان جيڪي ميگهواڙ رهن ٿا، سي تمام آسودا آهن. هنن جي آدمشماري مسلمانن کان زياده آهي. هو اهڙا ته دولتمند آهن، جو مسافرن لاءِ مهمانخانا اٿن. اهي اڇوت پنهنجيءَ ذات تي جيڪو فخر ڪندا آهن سو سچ پچ کل جهڙو هوندو آهي. هو هن قسم جي لاف هڻڻ جا عادي آهن: ” اسراف سنڌ ۾ ڪو نه هئي! اڌورو گهر همارو، گهر سيديڻو، اڌ گهر فتح عليرو، ٻي مڙيئي ڊانڊ ڊونڊ!“ ]18[ هنن ۾ ڪيتريون ريتون رسمون آهن. سندن ڪريا ڪرم گرڙا ڪندا آهن. هو هنن کي گهڻو مان ڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته گرڙا کين پوٿي پڙهائيندا آهن. هو مڙدن کي پوري، مٿان مٽي وجهندا اٿن ۽ مسلمانن وانگر پٿر ڪو نه رکندا اٿن. لاش اوڀر اولهه جي ڏس تي پوريندا آهن. هنن جي پير جو نالو پٿورو آهي. سنڌ ۾ هڪ روايت آهي ته جڏهن مشهور صوفي بهاوالحق، سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيو هو، تڏهن پٿوري جي پيءُ وٽس وڃي پٽ لاءِ دعا پني هئي. بهاوالحق سواليءَ کي دعا ڪئي کيس کجور جي پٿ (ٽڪر) ڏنائين. پٿوري جي ماءُ اهو پڙهيل تحفو (کجور) چکيو، ته کيس پيٽ ٿي پيو. آخر کيس پٽ ڄائو، جنهن تي کجور جي پٿ تان پٿورونالو پيو. هو عمرڪوٽ تعلقي جي گروهر(گرهوڙ) ڀرسان هڪ مقبره ۾ پوريل آهي ۽ هن جي هندو توڙي مسلمان عزت ڪندا آهن.

سنڌ ]19[ ۾ هندو ڌرم نج اصلوڪيءَ حالت ۾ ڪو نه آهي، فقط ڪي ٿورا برهمڻ آهن جي سنسڪرت پستڪ پڙهي سگهندا آهن.

سنڌي هندن ۽ سکن کي ڏسي پنهنجو ڌرم سڌاريو آهي ۽ هو کانئن هڪ ڌڻي ۾ ايمان رکڻ، جنهن کي هو خدا، ٺڪر، ڀڳوان چوندا آهن، ۽ سرڳ ]20[ ۽ نرڳ جي جزا ۽ سزا به قبول ڪرڻ سکيا آهن. هو وشنو، شو، لڪشمي، ديويءَ ۽ ٻين ديوتائن کي خدا وٽ سفارشن جو ذريعو ڪري سمجهندا آهن. پيرن فقيرن جي به عزت ڪندا آهن. ڪن وڏن پيرن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا، جن کي ٻنهي مذهبن جا هر طبقي جا ماڻهو مڃيندا آهن.

1. لال شهباز، جنهن کي هندو ڀرتري راجا چوندا آهن.

2. پٺو سلطان (يا پير عالم )جو پير پٺي جي نالي سان سڏبو آهي.

3. خواجه خضر، جنهن کي جند پير چوندا آهن.

4. پير منگهو، جو لعلو هنسراج جي نالي سان مشهور آهي.

5. شيخ طاهر، جو اڏيرو لعل به سڏبو آهي.

صوبن جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ٻيا به گهڻا، گهٽ شهرت وار پير آهن.

مٿين پيرن مان جند پير کي هندو درياهه يا سنڌونديءَ جو اوتار ڪري سمجهندا آهن. سنڌوندي اهڙي ته شاندار ندي آهي جو هڪ يورپي ماڻهوءَ لاءِ به محال آهي ته ان کي ڏسي تعريف نه ڪري ۽ ان کان متاٿر نه ٿئي. مشرقي ماڻهو ته ان کان به ٻه قدم اڳتي وڌيو وڃي. هنن لاءِ ڪنهن جي ساراهه کان پوءِ سجدو ڪرڻ هڪ آسان ڳالهه آهي. پوڄارا سخت ورت ڪڍندا آهن جي چاليهه ڏينهن هلندا آهن. هو انهي ۾ اڌ رات کان سج لٿي تائين کاڌي پيتي، ٻيڙيءَ ۽ عيش عشرت کان پاسو ڪندا آهن. هو هر روز شام جو روزي کولڻ کان اڳ هڪ سنڌيءَ ۾ ڀڄن ڳائيندا آهن، جو ”پنجارا درياهه شاهه جا“]26[ سڏبو آهي. چاليهي پوري ٿيڻ کان پوءِ هو سنڌونديءَ تي، پر جيڪي درياهه کان پري هوندا آهن ته ڪنهن کوهه تي وڃي ڀڄن ۽ گيت ڳائي، پتاشا کائي پاڻيءَ جا ٽي ٻڪ پي گهر موٽي ايندا آهن.

سنڌونديءَ جي ساراهه ۾ سنڌي هندن جو هڪ مذهبي راڳ هيٺ ڏجي ٿو:

”اي مهربان نهر!

اي خضر، بادشاهن جا بادشاهه،

اي قوت ۽ طاقت وارا درياهه،

تون منهنجي دل کي شاد ڪر!

مون بي انت گناه ڪيا آهن،

تون منهنجا قصور معاف ڪر،

تنهنجي در تي هزارين روئن ۽ دعا پِنن ٿا.

 

تنهنجي شفاعت شاهي شان وٽان آهي،

مان جاهل، مطلق احمق آهيان،

تون روشن، روشن روپ آهين،

تو کان مٿي ڪو به ڪو نه آهي.

 اي رزاق تون مون کي روزي ڏي،

منهنجي دل کي پاڪ ۽ سچو ڪر،

مون کي مشڪلاتون ويڙهي ويون آهن.

 

اي سلطان! اي سر سبز مالڪ!

تون هن ضعيف جي مدد ڪر،

تو کي منهنجي حال جي سڀ خبر آهي.

 

مون کي دشمنن تي غالب ڪر،

منهنجا ڪرڙا دشمن ناس ڪر،

تون هن هيڻي جي مدد ڪر.

 

تون عالم آهين،

تون قادر رب آهين،

تون معجزن ڪرڻ وارو ۽ ڏاڍو ڪريم آهين،

 

تون سڀني ڏکويلن جي مدد ڪرڻ وارو آهين،

تون بکايلن کي کارائڻ وارو آهين،

تون ضعيفن کي ٻل ڏيڻ وارو آهين.

 

تون اسان جو سهارو، سير ۽ شهسوار آهين،

تون اسان جو ٻيڙو پار ڪرڻ وارو آهين،

تون مشڪلات ۾ اسان جي پناهه آهين،

تون مون سان هر ڳالهه ۾ مدد ڪر،

تون مون کي ماڻهن ۾  قوت ڏي،

مشڪلاتن ۾ مدد ڪر.

 

اي دوست، تون مون کي ياد آهين،

تون ضعيفن جو تڪيو آهين،

ايسر ]34[ جي تون فرياد سڻ،

تون منهنجي دل کي شاد ڪر.

 

هن مثال ۾ ڪجهه مشرقي نموني جو اصطلاحي وڌاءُ آهي ۽ درياهه شاهه کي قادر ۽ قوت وارو تسليم ڪيو ويو آهي جي ڳالهيون هڪ مغربي ماڻهوءَ جي عقل ۾ نٿيون سمائجن. پر هن راڳ جي سچ پچ اها معنيٰ نه آهي ته درياهه کي اها قدرت حاصل آهي، جا اسان عام طرح ڌڻي تعاليٰ ڏي منسوب ڪندا آهيون. مشرقي ماڻهو، خاص ڪري هندو، پنهنجي خيالي قوت کي ڇوٽ ڇڏي ڏيندا آهن، جنهنڪري هو گمراهه ٿي ويندا آهن. هنن جي تخيل ۽ زبان ۾ ايتري تيزي هوندي آهي، جو اها خبر نه پوندي اٿن ته واکاڻ جي حد ڪٿي پوري ٿئي ٿي. درياهه ديوتا جي واکاڻ ۾ جا مناجات مٿي ڏيئي آيا آهيون، ان جي مقابلي ۽ ڀيٽ لاءِ ڌڻي جي تعريف ۾ هڪ ٻي هندڪي پرارٿنا ]25[ ڏجي ٿي:

”اي قادر! منهنجي لاءِ جيڪا تو کي چڱي ڳالهه سمجهه ۾ اچي سا ڪر.

تو آسمان ري ٿنڀي بڻايو آهي ته دنيا کي روشن ڪري.

تو رات جي انڌيري ۾ چنڊ کي چمڪايو آهي.

تون چاهين ته فقير کي امير بڻائي سگهين ٿو.

تنهنجي در تي سوَ هزار عابد هميشه عبادت ڪن ٿا.

تون هڪ گاه جي پٿي مان هزار ويءَ پيدا ڪري سگهين ٿو.

تو ٻاجهه ڪري اسان کي عقل ڏنو آهي، پر تون اسان جي عقل ۽ سمجهه کان ٻاهر آهين.

تون هيڻن جو همراهه آهين ۽ هن دنيا ۾ انهن جا گناهه بخش ڪرين ٿو.

تون پنهنجي مهر جي اپٽار مان هن عابد جو سوال پورو ڪري سگهين ٿو.

تون ڪافر کي نوازي سگهين ٿو ۽ کيس جهنم کان بچائي سگهين ٿو.

          تون هينءَ ڪرين يا هونءَ، اها تنهنجي اختيار ۾ ڳالهه آهي.

درياهه جي ديوتا، جند پير کان پوءِ ٻيو نمبر مرتبو سندس وزير اڏيري لعل جو آهي.

مسلمان، اڏيري لعل جي، شيخ طاهري جي نالي ۾، گهڻي عزت ڪندا آهن. هو اڃا به هن جو دائرو ۽ بيٺڪ ڏيکاريندا آهن، جتي هو ويهي قرآن شريف پڙهائيندو هو. اڏيري لعل جي شان ۾ جيڪي مناجاتون لکيل آهن، تن مان هڪڙي مثال طور ڏجي ٿي:

”اڏيرا، تون هميشه اسان سان گڏ آهين، ان ڪري او لعل ]27[، مان تنهنجي دامنگير آهيان.

تون سوالين جي مراد پوري ڪرڻ وارو آهين، ۽ ماڻهن جا عرض اگهائيندو آهين. تو کي وڏي ڏات آهي.

تون سوالين جي ڇانوَ آهين، مان تنهنجي درگاهه تي سوالي ٿي ڀيٽا ڏيان ٿو.

او اڏيرا، تو هميشه اسان سان آهين، ان ڪري، اي لعل، مان تنهنجي دامنگير آهيان.

اي مالڪ، تنهنجي هٿ ۾ رزق جي ڪنجي آهي.

تنهنجي در جي پناهه کان سواءِ مان ذليل ۽ دربدر آهيان.

تنهنجي در تي هزارين سوالي آهن.

تون ڏکايلن کي خوش ڪري ٿو موڪلين سنڍ به ڳؤري ٿيو پوي ۽ آسانيءَ سان هٿ پير لهي.

اي اڏيرا، تون هميشه اسان سان آهين، ان ڪري

اي لعل، مان تنهنجي دامنگير آهيان.

تون بادشاهن جو بادشاهه آهين.

تون ماڻهن جي قسمت روشن ٿو ڪرين.

تون اسان جي دشمنن کي ختم ٿو ڪرين.

تون غريبن جو عرض اگهائين ٿو.

اي اڏيرا، تون هميشه اسان سان آهين، ان ڪري،

او لعل، مان تنهنجي دامنگير آهيان.

مان دل جو هيڻو بلڪ ضعيف آهيان، گناهن سان ڀرپور ۽ شرمسار آهيان.

او پير، منهنجا گناهه معاف ڪر.

او برهمڻ، منهنجو ارداس قبول ڪر.

وروڌي ۽ سڌي ]18[  منهنجو گهر ڀريندا.

هاڻي مان قلندر لال شهباز جي شان ۾ چيل هڪ قصيدو پيش ڪري هي مضمون ختم ڪندس. اهو اصل فارسيءَ ۾ آهي، جنهنڪري عامل طبقي جا پڙهيل ماڻهو، ان کي نهايت پسند ڪندا آهن:

او قلندر! تون تحقيق بادشاهه آهين،

تون مشڪلات ۾ دک دور ڪري سگهين ٿو،

تنهنجو پاڪ نالو ساريءَ دنيا ۾ مشهور آهي.

تو هر دکيءَ کي دک مان ڇڏايو آهي،

تنهنجي نظر پتل کي ڪيميا ڪريو ڇڏي.

جو توبهه تائب ٿئي ٿو، تون ان جو مددگار آهين.

اسان کي تنهنجي شفقت جي وڏي اميد آهي.

اي سچا دوست، اسان کي روزي رساءِ.

اي شاهن جا شاهه، شهباز، اسان تي رحمت ڪر.

مان تنهنجو مداح، دکي ۽ پريشان آهيان.

تو کي منهجي حال جي خبر آهي، منهنجي مدد ڪر!

تون شهنشاهن جو شاهه آهين، منهنجي مدد ڪر!

منهنجي اميد جا وڻ ساوا ڪر،

منهنجي اکين اڳيان شفقت جا دروازا کول،

مون کي تو کان مدد جي اميد آهي، مون کي نراس نه ڪر!

مون کي ڏک ۽ نراسائيءَ جي نار مان ڪڍ.

تون مروند جو مير ]29[ آهين، شير خدا جو شير.

هن اڀاڳي سواليءَ جي حال تي رحم ڪر“

سنڌ ۾ ٿوري گهڻي علم واري هندوءَ وٽ ذاتي عبادت لاءِ پوٿي هوندي آهي. اها نهايت اڻوڻندڙ نموني جي شڪست اکرن ۾ لکيل هوندي آهي. اها گهڻو ڪري هر هڪ پوڄاري پنهنجي لاءِ لکي رکندو آهي، يا کيس اباڻي ورثي ۾ مليل هوندي آهي. انهن ڪتابن کي نهايت عزت سان ڏٺو ويندو آهي. انهن کي هڪ ٻن پوتڙين ۾ ويڙهي رکندا آهن ته جيئن انهن جي جلد کي ڪو ناپاڪ هٿ نه لڳي. اهي ڌارين ماڻهن کي ورلي ڏيکاريون وينديون آهن. اهڙن ڪتابن ۾ اڪثر هي ڳالهيون هونديون آهن:

هڪ ننڍو فارسي شعر، جنهن کي ”سري ڪرشن نامه“ چوندا آهن: ڇاڪاڻ ته ان ۾ هر هڪ چوٿينءَ سٽ کان پوءِ هي لفظ ايندا آهن. ”سري ڪشن گائو.“

”سري گڻيس نامه“ دستور مطابق شعر ۾ لکيل آهي ۽ منجهس گڻيس جي واکاڻ ۽ خوشيءَ ۽ دولت لاءِ دعا آهي.

سري گوپال هري: مشهور اوتار هريءَ جي پرارٿنا، جنهن ۾ ڀڳونت گيتا جا ننڍڙا نظم ۽ نثر جا ٽڪرا لکيل هوندا آهن. هي گهڻو ڪري فارسي يا پنجابي ٻولين ۾ هوندا آهن.

نانڪ شاهه جي سکمڻي: فارسي، پنجابي ۽ سنڌي ٻولين ۾ هوندي آهي، جنهن ۾ پيرن جون مداحون، پنجارئون ۽ مناجاتون هونديون آهن. ڪيترن هندن کي اهي برزبان ياد هونديون آهن ۽ هو روزانو پڙهندا آهن. ماڻهن کي يقين ته آهي جيڪڏهن ڪو انهن کي مصيبت جي وقت ۾ پڙهي ته کيس روحاني خواهه دنيوي فائدو ضرور رسندو.

شاستري، فارسي، پنجابي ۽ سنڌي ٻولين ۾ ڌڻيءَ جي واکاڻ جا ڪيترائي ڀڄن  ۽ گيت لکيل آهن، جن مان ڪي ٿورا سنسڪرت جي ٻوليءَ ۾ پڻ لکيل آهن ۽ اهي ڪو ورلي سمجهي سگهندو آهي. پوين ٽن ٻولين ۾ جيڪي ڀڄن ۽ گيت آهن. سي طرز ۽ خيالن جي لحاظ کان مسلمان جي مضمونن سان مشابهت رکن ٿا. انهن ۾ اڪثر ڪري خالق جي ايتري ساراهه ڪا نه ڪئي ويندي آهي، جيتري مخلوق جي.

ڪرشن ۽ ٻين هندو ديوتائن جي ساراهه ۾ پنجابي ۽ جتڪي ٻولين ۾ لکيل گيت، اهڙي طرز ۾ آهن، جو انهن کي مختلف راڳن ۽ راڳڻين ۾ ڳائي سگهبو آهي. انهن مان ڪي سوال جواب جي صورت ۾ آهن، جيئن ڪرشن ۽ پوڄاريءَ جا سوال - جواب، ماءُ ۽ پٽ جي گفتگو  وغيره، وغيره. شايد ڪيترن قديمي ناٽڪن جو بنياد انهن سوالن ۽ جوابن وارن گيتن تي رکيل ٿو نظر اچي.

پوٿيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ جوتش جا نقشا، ٽپڻو، نيڪ ۽ خراب ڏينهن ڪڍڻ جو آسان طريقو، هڪ ٻه فالنامو ]30[ دوائن جا نسخا ۽ اهڙي قسم جا ٻيا نيم مذهبي مضمون ڏنل هوندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org