ديبل جا ٻھ بندر
قدرت الله فاطمي
ھندي وڏي سمنڊ جي اولھھ ۾ واقع عربي سمنڊ جي اُتر طرف
سنڌ جو ڪنارو آھي، جنھن قديم دور جي ملاحن کي جھاز
رانيءَ جي ٻنھي شعبن ۾ يعني ڪناري تي بيھڻ ۽ پاڻيءَ ۾
جھاز راني ڪرڻ جا بي مثل موقعا ڏنا. سنڌي ملاح ايراني
نار جو ڪنارو وٺي، بابل ۽ سميري تھذيبن جي مشھور
تجارتي مرڪزن تائين پھچي سگھندا ھئا. ساڳئي وقت ھو
لاڳيتو ڦرندڙ ھوائن جي ڪري ٿيندڙ فائدن ۾ عربن جا ڀاڱي
ڀائيوار بھ ٿيندا ھئا. انھن ئي عربن جي لاڳاپي سان کين
مصر جي بندرن ۾ وڃڻ لاءِ ڳاڙھي سمنڊ جي اونھي پاڻيءَ ۾
جھاز رانيءَ جي سھولت ٿيندي ھئي. نومبر کان وٺي مارچ
تائين اتر – اوڀر کان ھوائون ھڪ ساريڪيون ھلنديون آھن.
سنڌي ٻيڙي جو ڪپتان سنڌوءَ جي ڪيٽيءَ مان نڪري آرام
سان کلئي پاڻيءَ ۾ وڃي پوندو ھو ۽ اتر – اوڀر جو
چؤماسو سندس جھاز کي ساڄي پاسي ۽ پاڇيل کان ڌڪيندو باب
المندب جي ڳچيءَ سمنڊ ۾ وڃي پھچائيندو ھو. ڳاڙھي سمنڊ
۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ھوا ھن جي ڏکڻ – اوڀر کان لڳندي
ھئي. ڏکڻ – اوڀر واري ھوا ھن کي ڳاڙھي سمنڊ جي اُترئين
ڇيڙي تائين کڻي ويندي ھئي، جتان يا تھ ھو الھندو طرف
وٺي نيل نديءَ ۾ مصري بندر ٿيبز ڏانھن ويندو ھو ۽
انھيءَ نھر وٽان لنگھندو ھو، جيڪا مسيح کان ٻھ ھزار
سال اڳ
Senusret
کوٽائي ھئي، جتان
Hatshepsut
(1500 ق.م) پنھنجيون عظيم بحري مھمون پنت جي سرزمين
ڏانھن اماڻيون ھيون؛ يا وري حضرت سليمان جي درٻار جي
شان شوڪت جي ڪشش سبب ھو اڀرندو رستو وٺي ’ابلات‘ جي
نار ۾ ايزين جبر
(Eziongeber)
ڏانھن ويندو ھو. اھڙيءَ طرح مصري ۽ سينائي تجارتي
مرڪزن ۾ رھي نفعو حاصل ڪري، ھو آرھڙ جي مھينن ۾ مئي
کان سيپٽمبر تائين، جڏھن چؤماسو بلڪل مخالف طرف کان
لڳندو آھي، آسانيءَ سان واپسيءَ جو سفر ڪري سگھندو ھو.
وطن جي ويجھو سنڌ جي ساحل جو اڀريدي ڪنڊ وٽ کنڀات جي
نار ۽ ڪاٺياواڙ (سوراشٽر) اپٻيٽ آھن، جن تي سنڌو
سرزمين جي ثقافت جا قديم زماني کان گھرا اثرات پيا
ھئا. ’لوٿل‘ ۾ تازين کوٽائين مان پڪل سرن جي ٺھيل ھڪ
مستطيل گودي ملي آھي، جنھن ۾ ڇنڊڻ ۽ مال کڻڻ جا دڪا بھ
موجود آھن. (1) انھيءَ ترقي يافتھ بحري اَڏي تان سنڌو
سرزمين جا ملاح ڪنارو وٺي ھيٺ ميسور تائين سامونڊي سفر
ڪندا ھئا، جتي سون جي کاڻين جي چؤطرف سنڌو تھذيب جون
ھمعصر پٿر جي دؤر جون بيشمار آباديون سون جي اھم ذخيري
ڏانھن اشارو ڪن ٿيون، جتان سنڌ جا ماڻھو مالھائن، چوٽي
بندن ۽ ٻين زيورن لاءِ سون پنھنجي ملڪ ۾ آڻيندا ھئا.
(2) ڏکڻ ھندوستان ٻِن معدني شين جھڙوڪ شيھي، ٽامي
وغيره جو پڻ مرڪز ھوندو ھو، جيڪي سنڌو تھذيب ۾ عام جام
استعمال ٿينديون ھيون. باقي نيلم گھڻو ڪري مھاراشٽر
مان ايندو ھو ۽ سنگ سليماني، بلور ۽ عقيق ويجھو اولھھ
مان ايندا ھئا. (3)
2
ٽامي جي دؤر جي تھذيب ھڪ تمام وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل
ھئي. انھيءَ زندگيءَ جو معيار چڱو خاصو بلند ھو.
صفائيءَ جو بي مثال انتظام ھو ۽ معاشرو انصاف تي ٻڌل
ھو. انھيءَ جي گھڻي پکيڙ ۽ ڪامياب تجارت جو ثبوت ھيءُ
آھي تھ جواھرات، جھڙوڪ لاجورد ۽ فيروزا، جيڪي نھ رڳو
اتي جا رھاڪو استعمال ۾ آڻيندا ھئا، پر سميرين ۽
اڪادين ڏانھن بھ برآمد ڪندا ھئا، ڏورانھن ملڪن بدخشان
۽ خراسان مان آندا ويندا ھئا. انھيءَ کان سواءِ ڪپھھ
جي ٻورن ۽ ساڳ جي ڪاٺ جي بنڊن جھڙي ڳري مال جو بھ تمام
وڏو واپار ٿيندو ھو(4) ۽ اھو سڀ ڪاروبار صرف آبي ذريعن
جي ڪارائتي استعمال کان پوءِ ممڪن ٿي سگھيو ٿي.
سنڌوءَ جي سرزمين کي قدرت نھ رڳو شاندار سامونڊي جاين
سان نوازيو ھو، پر ھڪ بي مثال نھري سرشتو بھ ڏنو ھو،
جنھن ڪري اتي جي رھاڪن کي سمنڊ جي پٺيان ھڪ تمام وڏي
علائقي تي قبضو حاصل ھو. انھيءَ صورتحال دار يوش اول
(521 کان 486 ق.م)، سڪندر (339 کان 323 ق.م) (5) ۽ ارل
آف آڪلنڊ جھڙن سلطنتون قائم ڪندڙن جي جستجو ۽ خواھش کي
اڀاريو. اَرل آف آڪلنڊ 1836ع ۾ سنڌو درياءَ جي ذريعي
ھڪ چڪاس ڪندڙ مھم وچ ايشيا ڏانھن رواني ڪئي، جنھن جي
نتيجي ۾ آخرڪار پنجاب ۽ سنڌ تي انگريزن جو قبضو ٿي
ويو. معلوم ٿئي ٿو تھ سنڌ جي سرزمين جي رھاڪن پنھنجن
جھازن جي بناوت ۽ پنھنجن بندرن جي موزون محل وقوع جي
ڪري پنھنجي تمام وسيع بري ۽ پُرامن بحري تجارت جي
سڀاءَ تي گھڻو ڌيان ڏنو ھو. (6)
يوناني، رومين ۽ سامونڊي ڦورن جي برخلاف سنڌو سرزمين
جي رھاڪن کي نھ تھ تمام وڏن جنگي جھازن ۾ دلچسپي ھئي ۽
نھ وري وڏن تجارتي جھازن ۾. درياءَ رستي مال آڻڻ ۽ نيڻ
جي ضرورتن کان ھو ڪڏھن بھ غافل نھ ھئا. جھازن جون
ڪيتريون ئي مورتون مھرن ۽ کنڊرن تي اڪريل مليون آھن ۽
’لوٿل‘ ۾ کوٽائي ڪندي ٺڪر جي جھازن جا ڪيترا ئي نمونا
ھٿ آيا آھن. انھن شين کي غور سان ڏسڻ کان پوءِ معلوم
ٿئي ٿو تھ پرامن مقصدن لاءِ طرح طرح جا مضبوط جھاز
ٺاھيا ويا ھئا، جيڪي اولھھ طرف نيل ندي ۽ ڳاڙھي سمنڊ ۾
۽ اوڀر طرف بنگال جي گنگا نديءَ واري دوآبي جي نھرن ۾
ھلندڙ دنگين جھڙا ھوندا ھئا.
موھن جي دڙي مان لڌل ھڪ مھر تي اڪريل ٻيڙي ۽ ھڪ وڏو
مھرو، وچ ۾ ڪمرو ۽ ٻھ منھون چپو آھي. تراکڙي خاڪي واري
اھا ڪنڊي کان سواءِ ٻيڙي درياءَ رستي مال آڻڻ نيڻ لاءِ
نھايت موزون آھي، پر لوٿل مان انھيءَ ساڳيءَ ٻيڙيءَ جو
مليل ٺڪر جو نمونو، جنھن کي ڪنڊو آھي، اھڙو آھي جنھن
کي ضرور سامونڊي سفر لاءِ استعمال ڪيو ويندو ھوندو.
تراکڙي تري سان وڏي ٻيڙيءَ جو ھڪ ٻيو ٺڪر جو نمونو
مليو آھي، جيڪا ھر ڪم لاءِ استعمال ڪئي ويندي ھئي. پر
لوٿل جي پراڻن ٺڪرن تي اڪريل ڪيترن ئي ڳنن (چپن) واري
ٻيڙيءَ جو نمونو مليو آھي. ٺڪر جي ٺھيل جھاز جو ھڪ ٻيو
نمونو، جنھن جو ترو ڪنڊائون، آڳيل چھنبدار ۽ پاڇيل لسي
آھي، ڏيکاري ٿو تھ ان ۾ ڏنڊي جھڙي کوھي جو خانو ۽ سڙھھ
۽ کوھي کي ٻڌڻ وارن رسن لاءِ سوراخ آھن. موھن جي دڙي
مان لڌل ھڪ ٺڪر تي ’چمچي‘ جھڙي جھاز جي ڪڻٺي جي اڪر
ملي آھي. اھو جھاز ھڪ طرف 2000 ق.م مصري نموني تي آھي
۽ ٻئي طرف ھن دور ۾ گنگا نديءَ ۾ ھلندڙ دنگين جھڙو
آھي. انھن جھازي ڪڻٺن کان سواءِ جن جا آڳيل ۽ پاڇيل
اڀڪپرا ھوندا آھن، موجود دور جي سنڌي دنگين جون ٻيون
بھ ڪيتريون ئي خوبيون آھن، جيڪي قديم ۽ جديد دور جي
مصري دنگين ۽ ھن دور جي گنگا ۾ ھلندڙ دنگين ۾ ملن
ٿيون. مثال طور ونجھھ، چؤرس سکان، ٻنھي قسمن جا اڀڪپرا
۽ ٽپايا کوھا، پنھنجي اوچائيءَ کان ٻيڻا چؤرس سڙھھ،
ڪڻٺي جي آرپار لڳل واسا ۽ وچ ۾ تڏي سان ڍڪيل ڪمزور.
انھن کي مصر جي ٻيڙن سان مشابھت ڏني ويندي ھئي، پر
ڊاڪٽر رچرڊلي بيرن بوون جونيئر جو چوڻ آھي تھ اھي
اثرات ٽامي واري دور جي ڏينھن ۾ سنڌو تھذيب جي سرزمين
مان پکڙيا آھن. (7)
بحري تجارت جي وسعت ۽ سامونڊي ضرورتن جي پيش نظر سنڌ
کي ملڪ اندر ھڪ اھڙي دريائي بندر جي ضرورت ھئي، جيڪو
ھڪ تجارتي مرڪز بھ ھجي ۽ ڪناري تي ھڪ ضمني سامونڊي
بندر بھ. اسان جي موجوده ڄاڻ مطابق اسين سنڌو تھذيب ۾
ٽامي واري دور جي بندرن بابت ڪوبھ انومان ظاھر ڪري نھ
ٿا سگھون. پر ڪنھن وقت شايد انھن ٻنھي جاين لاءِ لوٿل
۽ موھن جو دڙو (جيڪو جيترو ھن وقت اندرون ملڪ آھي
انھيءَ جي اڌ کان بھ وڌيڪ اندر تي نھ ھو) جي وچ ۾
فيصلو ڪرڻو پوندو. سنڌوءَ جي سرزمين ۾ سڪندر جي مھمات
جي قديم احوالن ۾ ”پٽالا“ يقينًا ملڪ اندر ھڪ تجارتي
مرڪز آھي، جيڪو سنڌو دوآبي جي منڍ ۾ واقع ھو، جڏھن تھ
”ڪاراڪولا“ ٻاھر سمنڊ ۾ لنگرگاھھ ھوندو ھو. پيريپلس
اڃان بھ واضح آھي ۽ ٻڌائي ٿو تھ ملڪ اندر ميناڳڙھھ
ھوندو ھو، جيڪو راڄڌاني بھ ھو، جڏھن تھ جھاز
’باربريڪم‘ جي ويجھو لنگر ھڻندا ھئا، پر انھن ۾ آندل
سمورو سامان درياءَ جي رستي بادشاھن ڏانھن اماڻبو ھو،
جيڪو راڄڌانيءَ ۾ رھندو ھو. ٽالميءَ جا بيان ايترا تھ
ٺلھا ۽ تفصيل اھڙا تھ اختلافي آھن، جو ان موضوع تي
انھن مان ڪابھ رھنمائي حاصل ڪري نھ ٿي سگھجي، پر ھن جي
باب 59 ۾ ڏنل ھيٺين داخلا(8) مان اسان جي ٻن بندرن جو
احوال ملي ٿو ۽ درياءَ جيڪي ٻيٽ ٺاھيا آھن، انھن ۾
ھيٺيان شھر آھن:
پٽالا
30’°112
°21
باربري
15’°113
30’°22
’باربري‘ پڪ سان پيريپلس جو ’باربريڪم‘ آھي ۽ اھو بھ
انومان ڪڍي سگھجي ٿو تھ پيريپلس جي ’ميناڳڙھھ‘ لاءِ
ٽالميءَ سڪندر جي دور جو پراڻو نالو ’پٽالا‘ استعمال
ڪيو آھي. ٻڌ ڌرم جي وڏي عالم ھيون سانگ سنڌ جو جيڪو
احوال ڏنو آھي، اھو ڏاڍو افسوسناڪ آھي. ھيگ جي لفظن ۾
تھ ھن جي سنڌ جو ”حقيقت ۾ ڪنھن بھ تاريخي دور جي سنڌ
سان واسطو ڪونھي.“(9) انھن حقيقتن جي ڪري اسان جي ديبل
جي ٻن بندرن ڏانھن رھنمائي ٿئي ٿي.
3
”ديبل“ جي جاءِ جو نالو قديم دور ۾ پھرين پھرين آرميني
تاريخ نويس ۽ جاگرافيءَ جي ماھر موسيٰ خوريني
(Moses Chorenaz)
جي جاگرافيءَ بابت لکيل ھڪ رسالي ۾ ملي ٿو، جيڪو چوٿين
يا پنجين صديءَ عيسويءَ ۾ ٿي گذريو آھي. ساساني حڪومت
جي سياسي ورھاست جو بيان ڪندي ھن ڏاکڻين ضلعن ۾
’مڪوران‘ (مڪران) ۽ سنڌ سان گڏ ’دي بول‘ جو بھ ذڪر ڪيو
آھي. (10) انھيءَ مان اھو نتيجو نڪري ٿو تھ اھو نالو
عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان گھڻو اڳ مشھور ھو. ان جي عربي
اچار سان گھري ھڪجھڙائي ٻڌائي ٿي تھ اھو نالو عربن
پنھنجن پاڙيسري ايرانين کان ورتو ۽ نھ مڪاني ماڻھن کان
جيئن شڪ ڪيو وڃي ٿو تھ ان جو اشتقاق سنسڪرت لفظ
”ديواليھ“ (يعني بتن جو مندر) مان ورتل آھي. اھا بھ
اھم ڳالھھ آھي تھ آرميني جاگرافيدان جو ’دي بول‘ ڪنھن
شھر يا بندر جو نالو ڪونھي، پر ھڪ ضلعي جو نالو آھي،
جيڪو مڪران ۽ سنڌ ٻنھي کان ڌار ھو. انھيءَ مان راجا
ڏاھر جي انھيءَ حجت جي تصديق ٿئي ٿي تھ سامونڊي ڦورو
ميد، جن جو صدر مقام ديبل ھو، سندس رعيت نھ ھئا.
ٻيو غير عرب مصنف، جنھن ھن جاءِ جي نالي جو ذڪر ڪيو
آھي، اھو آھي چيني جاگرافيدان ’ڪياتان‘، جنھن جا
سفرناما 785ع ۽ 805ع جي وچ ڌاري مرتب ڪيا ويا ھئا.
ڪئنٽن کان وٺي ايراني نار تائين جاين ۽ بندرن جي ڳڻپ
ڪندي، ھن ”تي يو“ جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن ملڪ ۾ ھڪ وڏو
درياءُ ”مي لان“ (مھراڻ) آھي. (11) چيني اُچارپڻ
آرميني جاکرافيدان جي ڏنل نالي جي ويجهو آهي ۽ سندس ان
بيان جي تھ اھو ھڪ ”ملڪ“ آھي، پڻ تصديق ڪري ٿو.
ھاڻي وري عربن ڏانھن اچون ٿا، جن جي ٽن شاعرن سڀني کان
پھرين انھيءَ نالي کي پنھنجي ڪلام ۾ آندو آھي. پھريون
مشھور معروف شاعر ’جرير‘ (740-827ع) آھي، جنھن قبيلي
بنو تميم جي ھجو ڪندي لکيو آھي: ’شريف انسان جو ڌڪ
ديبل (الدبيلة) جي ڍڳيءَ جي ڌڪ جھڙو ھوندو آھي، پر بنو
تميم جو ڌڪ ٻڪريءَ جي ڌڪ جھڙو آھي‘. (12) ھن جي ھمعصر
خالد القناس پڻ ديبل جي ڍڳين جو ذڪر ڪيو آھي. (13)
انھن ٻن حوالن مان ظاھر ٿئي ٿو تھ ديبل ھڪ چڱي چراگاھھ
واري سرزمين ۾ واقع ھو. پر ديبل بابت وڌيڪ اھم حوالو
ابن العربي (767-845ع) جي ھڪ شعر ۾ ملي ٿو، جنھن
پاڻيءَ جي پخال کي ديبلان (الديبلان) يعني ”ٻھ
ديبل)(14) جي ھڪ ٿلھي ۽ ڪاري شخص سان تشبيھھ ڏني آھي.
اھو ٻن ’ديبلن‘ جو قديم ۽ واضح ذڪر آھي.
ديبل جي باري ۾ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ کان پھرين، اسين مٿي
ڄاڻايل قديم حوالن جي آڌار تي چئي سگھون ٿا تھ اصل ۾
اھو نالو ھڪ ’ضلعي‘، ’بادشاھت‘، ’ملڪ‘ جو نالو ھو، جتي
سٺا چراگاھھ ھوندا ھئا ۽ جتي ٻھ ھنڌ (بندر يا شھر)
’ملڪ‘ جي نالي پٺيان سڏبا ھئا. جيتوڻيڪ ائين بھ ٿي
سگھي ٿو تھ اھا بادشاھت يا ضلعو پنھنجي مکيھ شھر يا
شھرن جي نالي پٺيان سڏبو ھجي.
جن عرب ليکڪن ديبل جو حوالو ڏنو آھي، انھن ۾ سڀني کان
وڌيڪ صحيح ۽ ڄاڻو عالم البيروني (وفات 1048ع) ھو. ھڪ
کاري، ھڪ نار (الغب) ۽ ’کاري مٺي جو سنڌو‘ (الخور) ۾
جيڪو فرق آھي، ان کي ھو سائنسي طريقي تي ھن ريت ٻڌائي
ٿو:
”ھڪ نار (الغب) ھڪ اھڙي ڪنڊ يا پاڻيءَ جي ڪن وانگر
ھوندي آھي، جيڪو سمنڊ مان کليل ميدان ۾ گھارو ڪندو آھي
۽ خاص ڪري وير جي لھڻ ۽ چڙھڻ سبب ان ۾ جھاز راني ڪرڻ
خطرناڪ آھي. کاري مٺي جو سَنڌو (الخور) بھ نار وانگر
ھوندو آھي، پر اھو سمنڊ جي کليل ميدان ۾ گھاري ڪرڻ
سببان نھ ٺھندو آھي، بلڪ وھندڙ پاڻيءَ جي ڦھلاءِ جي
ڪري ٺھندو آھي، جيڪو اتي پھچي بيھي رھندو آھي ۽ سمنڊ
سان ملي ويندو آھي. اھي کاري مٺي جا سَنڌا بھ جھازن
لاءِ خطرناڪ ھوندا آھن، ڇاڪاڻ تھ ڳرن غورابن کي مٺي
پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ کارو پاڻي چڱيءَ طرح کڻي سگھي
ٿو.“(15)
مٿيون اختصار ٻڌائي ٿو تھ البيرونيءَ کي علم الادب ۾
وڏي مھارت حاصل ھئي. ھن انھيءَ مسئلي جو اصل سبب ٻڌايو
آھي، جنھن جي ڪري ٻن بندرن قائم ڪرڻ جي ضرورت ٿي. سمنڊ
۽ درياءَ جي پاڻيءَ ۾ انھيءَ فرق جي ڪري ٻن قسمن جا
جھازي ڍانچا گھربل ھئا. عام سامونڊي جھاز، درياءَ جي
تازي پاڻيءَ ۾ ملي نھ ٿا سگھن، جيستائين انھن جا ترا
سڌا نھ ھجن، تنھن ڪري سنڌ کي ان جي سامونڊي بندر جي
پٺيان ھڪ تمام وڏي علائقي ھجڻ جي پيش نظر ھڪ درمياني
بندر جي ضرورت ھئي. البيرونيءَ جي ڏينھن ۾ سنڌ جا ٻھ
بندر ھئا: لھاراڻي ’جتي مھراڻ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو‘ ۽
بھمنوا ’جيڪو المنصوره سڏبو ھو‘. ’لھاراڻي‘ اھو بندر
آھي، جنھن کي بعد جي ليکڪن ’لاھري‘ بندر لکيو آھي ۽
’بھمنوا‘ بھمن آباد يا منصوره آھي. بندر لاءِ
البيرونيءَ جيڪو فصيح لفظ استعمال ڪيو آھي، اھو آھي
’منھة‘ جيڪو صحيح اعرابن سان ’منھة‘ يا ’منھاة‘ پڙھڻ
گھرجي. انھيءَ جو اشتقاق ’نھي‘ آھي، جنھن جي لفظ معنيٰ
آھي ’آمد جي جاءِ‘ يا ’روانگيءَ جي جاءِ‘. البيروني
سامونڊي بندر يعني لھاراڻي يا لاھري بندر کي ننڍو بندر
(منھة الصغريٰ) لکيو آھي ۽ دريائي بندر کي جيڪو عرب
حڪومت جي دور ۾ سنڌ جو گاديءَ وارو شھر ۽ تجارتي مرڪز
ھو، وڏو بندر (مھنة الڪبريٰ) لکيو آھي. (16) جيئن
معلوم آھي تھ شھدادپور جي ڏکڻ اوڀر ۾ تقريبًا اٺن ميلن
تي منصوره واقع ھو. (17) ايترو ملڪ اندر ھڪ بندر جو
ھجڻ ٻڌائي ٿو تھ عرب ماھر مھندس (انجنيئر) ھوندا ھئا،
جن ھڪ وڏو واه کوٽي، سمنڊ جو پاڻي درياءَ تائين آندو.
انھيءَ ۾ عرب جنگي ماھرن جا ٻھ مقصد ھئا: پھريون تھ ان
جي ڪري ميد قوم جون پوکيل زمينون تباه ٿي ويون، جيڪي
انھيءَ علائقي ۾ مورچا ٻڌيو ويٺا ھئا(18)، ٻيو تھ عام
طرح سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز ايترو اندر ملڪ ۾ وڃي سگھيا ٿي.
ٻن ديلبن جي انھيءَ معمي کي سلڻ لاءِ مؤرخ شمس سراج
عفيف (وفات 1398ع) بھ ڪي شارا ڏنا آھن. سندس ’مربي‘
سلطان فيروز تغلق جڏھن ٺٽو فتح ڪيو تھ ان واقعي جو ذڪر
ڪندي ھو لکي ٿو:
”خدا جي قدرت سان انھن ڏينھن ۾ ٺٽي جي آبادي ٻن ھنڌن
(محل) تي رھندي ھئي؛ ھڪ سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي، جن
جا طرف دھليءَ ڏانھن ھئا (يعني سنڌو درياءَ جي اڀرندي
ڪپ تي) ۽ ٻي درمياني بندر (گزار) تي، جيڪو سنڌو درياءَ
جي ڪنارن تي ھو.“(19)
تنھن ڪري عفيف جي لکڻ مطابق ٺٽي جا ٻھ شھر ھوندا ھئا ۽
اھا مشھور ڳالھھ آھي تھ فارسي ليکڪ عربن جي ’ديبل‘ کي
’ٺٽي‘ جي نالي سان سڃاڻندا ھئا.
پر انھيءَ معمي جي حل جو صحيح انڪشاف سنڌ جي ٻن مستند
۽ تمام لائق مورخن جي تحريرن ۾ ملي ٿو. پھريون ’تاريخ
معصومي‘ جو ناميارو مصنف مير معصوم بکري (وفات 1610ع)
آھي، جيڪو سنڌ جو ھڪ عظيم عالم ھو. ھن ٻھ ديبل ڄاڻايا
آھن. ھڪ ’ديبل لاھري بندر‘ جيڪو ھن جي ڏينھن ۾ سامونڊي
بندر ھوندو ھو ۽ ٻيو ’ديبل ٺٽھ‘ جيڪو تخت گاھھ ھو.
(20) ٻيو مورخ محمد طاھر نسياني (وفات تقريبًا 1671ع)
آھي، جنھن پنھنجي آبائي شھر ٺٽي جي تاريخ لکي آھي،
جيڪا ’تاريخ طاھري‘ جي نالي سان مشھور آھي. ھو انھيءَ
شھر ۾ ڄايو، نپنو ۽ وڏو ٿيو ھو ۽ اتي ئي وفات ڪئي
ھئائين. ٻن ديبلن تي انھن کان وڌيڪ مستند ٻيو ڪوبھ
مورخ ٿي نھ ٿو سگھي ۽ ان سلسلي ۾ ھو اسان کي مايوس نٿو
ڪري. اتي ٻھ بندر ھئا؛ ھڪ ڪناري تي ھوندو ھو، جيڪو ھڪ
درمياني بندر جو ڪم ڏيندو ھو ۽ سترھين صديءَ ۾ انھيءَ
جو ھنڌ لھري بندر ھوندو ھو ۽ ٻيو دريائي بندر ھو، جيڪو
تخت گاھھ ۽ تجارتي مرڪز ھوندو ھو ۽ انھيءَ زماني ۾
موجوده ٺٽي جي ھنڌ ھوندو ھو. ھڪ ئي ملڪ (ولايت) جا،
جيڪو ديبل/ديبل/ديبل نالي سان سڏبو ھو، ٻھ بندر ھجڻ جي
ڪري ٻنھي کي ديبل چئبو ھو ۽ ٻنھي جا مخصوص نالا پڻ
ھوندا ھئا. ٻنھي بندرن جي ڪارج ۽ انھن جي وچ ۾ جيڪو
رابطو ھو، انھيءَ بابت ٺٽي جي مورخ تفصيل سان لکيو
آھي. ھو لکي ٿو تھ:
”ٺٽي شھر ۽ لھري بندر جي وچ ۾ ٻن ڏينھن جي بري توڙي
بحري سفر جيترو فاصلو آھي. انھيءَ کان پوءِ سمنڊ تائين
پھچڻ لاءِ ھڪ ڏينھن جي سفر جيترو ٻيو فاصلو آھي. اتي
ھڪ ننڍو واه آھي (جنھن کي ٺٽي جي ٻوليءَ ۾ ’نار‘ چوندا
آھن) ۽ جيڪو بندر سان ڳنڍيل آھي. اھو ڪن ھنڌن تي
تقريبًا ڏھ ”طناب“ ويڪرو آھي تھ ڪن جاين تي انھيءَ کان
بھ وڌيڪ. انھيءَ مان لنگھي نھ ٿو سگھجي. بندر ۽ سمنڊ
جي وچ ۾ ھڪ وسندي آھي، جنھن کي ’سئي مياڻي‘ چوندا آھن.
انھيءَ ھنڌ تي مير بندر جا پھريدار ڀريل ھٿيارن سان
ھميشھ رھندا آھن. جڏھن بھ ڪو جھاز نار ۾ داخل ٿيندو
آھي تھ ھو بندوق ڇوڙي ان جي اچڻ جو اطلاع ڏيندا آھن.
جنھن جي جواب ۾ وري گھاٽ تان بندوق ڇوڙي، بندر جي
ماڻھن کي ھڪ ڌارين جھاز جي اچڻ جي خبر ڏني ويندي آھي.
بندر جا ماڻھو وري جھاز جي اچڻ جو اطلاع ٺٽي جي
واپارين ڏانھن اماڻيندا آھن ۽ پاڻ ٻيڙين ۾ چڙھي انھيءَ
ھنڌ ويندا آھن، جتي پھريدار بيٺل ھوندا آھن. اھي
جيستائين اتي پھچن، تيستائين پھريدار جھاز بابت پوري
پڇا ڳاڇا ڪري ڇڏيندا آھن. ھر جھاز ۽ ھر واپاريءَ کان
اھا پڇا ڳاڇا ڪرڻ لازمي ھوندي آھي. ھاڻي سڀئي واسطيدار
پنھنجن پنھنجن ٻيڙن (غورابن) ۾ چڙھي نار جي منھن وٽ
ويندا آھن. جيڪڏھن جھاز پنھنجي ئي بندر جو آھي تھ ان
کي اندر اچي لھري بندر ۾ لنگر ھڻڻ جي اجازت ڏني ويندي
آھي؛ پر جيڪڏھن اھو ڪنھن ٻئي بندر جو آھي تھ اڳتي وڌي
نھ سگھندو بلڪ ان جو سامان لاھي ٻيڙين ۾ وجھي شھر
ڏانھن اماڻبو آھي.“(21)
مٿينءَ مستند تحرير کي ذھن ۾ رکندي، اسين ديبل جي ٻن
بندرن جي معلوم تاريخ کي نئين سر جوڙي سگھون ٿا: سنڌو
درياءَ جي ڪيٽيءَ جي بلڪل ڏاکڻي طرف کي مغرب وارا
(يعني ايراني ۽ شايد سندن پاڙيسري آرميني ۽ عرب، پنجين
صدي عيسويءَ کان ديبل ڪري سمجھندا ھئا. انھيءَ ملڪ جي
مخصوص ضرورتن جي ڪري اتي بھ بندر ھوندا ھئا؛ ھڪ
سامونڊي بندر، جيڪو درمياني بندر جو ڪم ڏيندو ھو ۽ ٻيو
دريائي بندر، جيڪو واپار جو مرڪز ھوندو ھو. درياءُ جي
لٽ جي ڪري انھن بندرن جي اصل جاءِ ۾ فرق ھو. الديبل جي
علائقي تي عربن جا پھريان حملا سامونڊي ساحل ۽ انھيءَ
جي بندر تائين محدود ھئا، جنھن ڪري ھنن کي گھڻو نقصان
پھتو، ڇاڪاڻ تھ بچاءُ ڪندڙن جي اصل طاقت ملڪ اندر يعني
بندر ۾ موجود ھئي، جيڪو الديبل جي کاري مٺي جي سنڌي
(خوار الديبل) وٽ واقع ھو. ٽيون حملو کاري مٺي جي سنڌي
(خور) تي واقع بندر تي ٿيو ھو. (22) جيئن تھ اھو ھنڌ
گھڻو ملڪ اندر ھو، تنھن ڪري انھيءَ حملي ۾ پيدل فوجن
کان گھڻي مدد ورتي وئي ھئي. ھيگ جو اصرار ڪرڻ بلڪل
درست آھي تھ ايترو مٿي سنڌو درياءَ ۾ سامونڊي جھازن
لاءِ جھازراني ڪرڻ بلڪل ناموزون آھي. (23) ھو لکي ٿو
تھ:
”عجب آھي تھ سمنڊ کان انھيءَ جي فاصلي ۽ سنڌو ندي جھڙي
درياءَ ۾ ڪنڊاون جھازن جي ھلڻ جي تڪليفن کي انھن ماڻھن
نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي، جن کي ”پڪ“ آھي تھ اھو ڪنھن
زماني ۾ سامونڊي جھازن جو مشھور بندر ھو.“(24)
پر ھن کي خبر ئي ڪانھي تھ انھيءَ صورتحال کي منھن ڏيڻ
لاءِ حجاج خاص ۽ بلڪل انقلابي انتظام ڪيا ھئا. ھن
ڪنڊاون جھازن کان سواءِ ڪوڪا لڳل ۽ ڏامر سان لِتل جنگي
ڪشتين جو ھڪ ٻيڙو تيار ڪريو. الجاحز (وفات 868ع) ۽ ابن
رسة (903ع ڌاري) اوائلي دور جي مشھور عرب مورخ
المدائني (840-752) جي حوالي سان لکن ٿا تھ: حجاج
پھريون شخص ھو، جنھن اھڙا جنگي ٻيڙا تيار ڪرايا ھئا.
حقيقت ۾ عربن جي ھٿان ديبل جي فتح کان اڳ ھندي وڏي
سمنڊ ۾ اھڙي قسم جا جھاز ھليا ئي ڪونھ ھئا. (25) تنھن
ڪري جنھن ديبل کي محمد بن قاسم فتح ڪيو ھو، اھو يقينًا
ٺٽو ھو، جيئن جاگرافيائي نقشن ۽ قديم آثارن جي حوالن
سان ڪزنس ثابت ڪيو آھي. (26) انھيءَ ھوندي بھ ڪزنس پڻ
ان زبردست چالاڪيءَ کان اڻ واقف آھي، جيڪا حجاج پنھنجن
طاقتور مخالفن سامونڊي ڦورن سان ڪئي ھئي. انھن کان
سواءِ قديم آثارن ۾ ڀنڀور جي کنڊرن کي گھٽ اھميت ڏئي
ڪزنس غلطي ڪئي آھي. (27) عربن جي ڪاھھ وقت ديبل جو
سامونڊي بندر يا ’بحري ديبل (ديبل بحرية)‘ البشاري جي
لفظن(28) ۾ ڀنڀور واريءَ جاءِ تي ھوندو ھو، جيئن آثار
قديمھ جي کوٽائين مان ھاڻي آخرڪار ثابت ٿيو آھي. جيئن
اسين اڳ ۾ چئي آيا آھيون تھ عربن بعد ۾ دريائي بندر
گھڻو مٿي قديم بھمن آباد جي ويجھو ٺاھيو ھو. پر انھيءَ
بندر کي قائم رکڻ لاءِ ضروري ھو تھ واھھ ۾ درياءَ جي
رءُ کي رھڻ نھ ڏنو وڃي، جيڪو عربن جي دور کان پوءِ
واري زماني جي مشڪل حالتن ۾ ناممڪن ھو؛ تنھن ڪري ٺٽو
ھڪ ڀيرو وري ھڪ دريائي بندر ۽ تجارتي مرڪز جي حيثيت ۾
اوج تي پھتو ۽ سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ ٿيو. انھيءَ زماني
تائين ڀنڀور جي حالت بھ ابتر ٿي وئي ھئي، جنھن ڪري
انھيءَ جي بدران لاھري (يا البيرونيءَ جي لوھاراڻي)
بندر کي استعمال ڪيو ويو، جيڪو يقينًا ھڪ ”ننڍو شھر“
ھوندو يا البشاري جي لفظن ۾ ’تقريبًا سؤ ڳوٺن جو شھر،
جنھن جي چوڌاري ديبل جو سامونڊي بندر ھو.‘(29) انھيءَ
انومان جي آثار قديمھ جي ثابتين مان پوري پٺڀرائي ٿئي
ٿي. ارڙھين صديءَ جي آخري ڌاري لاھري بندر پنھنجي
پاڙيسري شاھھ بندر جي ڀيٽ ۾ ڦٽي ويو، پر سڄي وچئين دور
۾ ٺٽو قائم ۽ دائم رھيو.
ڀنڀور ۾ آثار قديمھ جي شاندار کوٽائين مان فقط ھڪ
حقيقت ثابت ٿي آھي تھ: پوري خاطريءَ سان چئي سگھجي ٿو
تھ اھا جاءِ عرب دور جي عرب تاريخ واري ديبل جي جاءِ
آھي. پر آثار قديمھ وارن ھن دعويٰ ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪئي تھ:
”ڀنڀور کي ديبل سمجھڻ جو سوال ھاڻي بنان ڪنھن شڪ ۽
شبھي جي حل ٿي ويو آھي.“(30)
آثار قديمھ وارن کي گھرجي تھ جلد ئي پنھنجا ٽيڪم ٺٽي ۽
لاھري بندر جي کنڊرن ۾ استعمال ڪن، ڇاڪاڻ تھ ٺٽو جيڪو
ديبل جو اھم تجارتي مرڪز ھوندو ھو، انھيءَ جي محمد بن
قاسم جي ھٿان فتح ثابت ڪيو تھ اھو سنڌو نديءَ جي ملڪ
جي تاريخ ۾ درياءَ جي ٻن وھڪرن جي وچ ۾ ھڪ سَنڌو ھو.
انھيءَ کان پوءِ اھو ’معمو‘ بنان ڪنھن شڪ شبھي جي حل
ٿي ويندو.
حوالا ۽ سمجھاڻيون
(1)
ايس.آر.راؤ:
Lothal and the Indus Civilisation
بمبئي (ايشيا) 1973.
(2)
برجيٽ ۽ ريمنڊ آلچن:
The Birt of Indus Civilization
پيليڪن 1968ع ص270؛ سر مارٽيمر وھيلر
The Indus Civilization
ڪئمبرج يونيورسٽي پريس، ڇاپو ٽيون 1968، ص79-89.
(3)
آلچن، مٿي ڄاڻايل.
(4)
وھيلر، مٿي ڄاڻايل ص79-82.
(5)
ايم.ڪيري ۽ اي.ايڇ.وار منگٽن
The Ancient Explorers
پيليڪن 1963ع، ص77-86.
(6)
سر اليگزينڊر برنس
“Travels into Bokhara”
ڪراچي (آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس) 1973، روزنامھ پاڪستان
ٽائمز راولپنڊي ۾ سنڌو درياءَ ۽ پنجاب ۾ ان ۾ شامل
ٿيندڙ دريائن بابت يادداشت تي ھڪ دلچسپ اختلافي بحث،
14 آڪٽوبر 1973ع (سنڌوءَ ۾ جھاز راني، از: خان عزيز
الله) 21 اڪٽوبر (’سنڌوءَ ۾ جھاز راني‘، از: ايم.نقي)
۽ 23 نومبر (سنڌوءَ ۾ جھاز راني، از خليفھ افضل حسين)
(7)
والٽر اي.فيئرسروز، جونيئر
The Roots of Ancient India
لنڊن، (جارج ايلن ۽ انون) 1971 ص78-277، رچرڊلي بيرن
بوون، جونيئر؛
Boats of Indus Civilization, The Mariners Mirror
جلد42 نمبر4 (1956ع) ص90-278.
(8)
آر.سي.مجمدار
The Classical Acoounts of India
ڪلڪتو (فرما ڪي.ايل.مکو پاڌياءِ) 1960ع انڊيڪس.
(9)
ايم.آر.ھيگ
The Indus Delta Country
1894ع، ڪراچي (انڊس پبليڪيشنز) پاڪستان ۾ ٻيھر ڇپيل
ص34.
(10)
”ايرانشھر“ بحوالھ حسن پيرينيا ”ايران – باستائي“
تھران 1304 ھجري ص520؛ پڻ ”ايران – باستان“ تھران 1311
ھجري ص93.
(11)
Quoted and commented upon
ھرٿ ۽ راخيل، چاؤ جو ڪُوا، سينٽ پيٽرس
برگ، 1911ع ص9.
(12)
السوي ”شرح ديوان جرير“ قاھره
1352ھھ، ص 528.
(13)
الميمني ”طرائف الادبيه“ قاھره 1937
ص102.
(14)
البرڪي ”معجم ما استعجم“ قاھره،
1935ع جلد2 ص569.
(15)
”ڪتاب ملل ھند“ حيدرآباد دکن نسخو
1958ع، ص 167، سچاؤ
“Indico”
I:208.
(16)
”قانون المسعودي“ حيدرآباد دکن 1955ع
جلد2 ص552؛ ”لسان العرب“ ۽ ”تاج العروس“
S.Y.
نھي خصوصًا منارسڪي ”حدود العالم“
GMS
1937ع ص372.
(17)
”تاريخِ معصومي“ (اردو ترجمو) ڪراچي
(سنڌي ادبي بورڊ) 1959ع ڊاڪٽر بلوچ جو ص384 تي نوٽ.
(18)
البلاذري ”فتوح البلدان“ ليڊن ڇاپو
ص446. اھو واقعو تقريبًا سنھ848ع ۾ ٿيو.
(19)
”تاريخ فيروز شاھي“ مرتب مولوي ولايت
حسين ڪلڪتھ
(ASB)
1890، ص199.
(20)
”تاريخ معصومي“ مٿي ڄاڻايل ص9، 12،
30 ۽ 60.
(21)
”تاريخ طاھري“ مرتب ڊاڪٽر
اين.اي.بلوچ، حيدرآباد سنڌ (سنڌي ادبي بورڊ) 1964ع،
ص113-112؛ پڻ 12، 18، 26، 51، 73، 33، 155، 202، 224
وغيره .
(22)
البلاذري ”فتوح البلدان“ ليڊن ص436.
(23)
ھيگ
The Indus Delta Country
ص51، نوٽ 72.
(24)
ايضًا ص47
(25)
موجوده مصنف اھو پنھنجي ھڪ مضمون
بعنوان ”ھندي وڏي سمنڊ ۾ جھازن جوڙڻ جي ھنر ۾ حجاج جا
آندل سڌارا“ ۾ بحث ھيٺ آندو، جيڪو پنجاب يونيورسٽي
اورنٽيل ڪاليج جي سؤ سالي تقريب جي سلسلي ۾ لاھور ۾
ٿيل بين الاقوامي ڪانفرنس (973) ۾ پڙھيو ويو.
(26)
ھينري ڪزنس
Antiquities of Sindh
ڪلڪتھ (آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا) 1929ع، ص110-130.
(27)
ايضًا ص80-81
(28)
ڊي گوئجي (مرتب) ”احسن التقاسيم“،
ليڊن
(BGA)
1906، ص479.
(29)
ايضًا
(30)
ايف.اي.خان ”ڀنڀور“ آثار قديمھ ۽
ميوزم جو کاتو، ٽيون ڇاپو 969 ص52.
انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام، ڇاپو ٻيو، ديبل تي لکيل
مضمون ۾ بھ فاضل مضمون نگار تڪڙ کان ڪم ورتو آھي. ھن
آثار قديمھ وارن جي ان دعويٰ کي تھ ’ڀنڀور ئي ديبل
آھي‘ انھيءَ ڪري رد ڪيو آھي، ڇاڪاڻ تھ الاسطخري ڀنڀور
۽ ديبل کي ٻھ جدا جايون ڪري ڄاڻايو آھي. اھڙي ٺلھي
دعويٰ لاءِ ڊاڪٽر عبدالحميد خان جي ڪتاب ”پاڪستان جا
شھر: پراڻا ۽ نوان“ ڪراچي (بشير احمد اينڊ سنز) 1950ع
ص61-62 مان ھيٺيون غير مستند حوالو ڏنو ويو آھي:
”ديبل، ساڪرا (ميرپورساڪرو) ۽ بھنور (ڀنڀور)، بگھياڙ ۽
ساڪرو (گھارو) جي پٽن ۾ ھوندو ھو (صفحو62) جيڪي سڀئي
وڏا شھر ھوندا ھئا ۽ جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ ھڪٻئي پٺيان
برباد ٿي ويا، جنھن جي نتيجي ۾ اتي جا ماڻھو لڏي ويا.“
نوٽ 5، ص62 تي ھيٺين ريت ڄاڻايل آھي: ”اسطخري،
ص174-175 ليڊن“ پر ”اسطخري“ ۾ ڪوبھ اھڙو حوالو ڪونھي،
جنھن جي اسان کي ڄاڻ ھجي.
(ترجمو: مراد علي مرزا)
سنڌ ۾
اسلام جا باني
غزنيءَ جا محمود ۽ مسعود
بي – اِسپلر
پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم تي وحي نازل ٿيڻ کان
پوءِ جي پھرين سؤ ورھين اندر دنيا جي وسيع علائقي ۾،
سنڌو ماٿريءَ کان اسپين تائين، ڪاڪيشيا کان نيل جي
آبشارن تائين، اسلام پکڙجي ويو ۽ اسلامي خلافت قائم
ٿي. ان سان لڏ پلاڻن جي ھڪ اڳيئي ھلندڙ سلسلي کي وڌيڪ
ھٿي ملي. لڏپلاڻ جا سلسلا چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ترڪن جي
وچ ايشيا کان اڀرندي يورپ ۽ ڪاڪيشيا ڏانھن ڪاھڻ سان
شروع ٿيا. ان کان پوءِ اوڀر ۽ ڏکڻ طرف وارين ’ٽيوٽاني‘
قومن لڏا پٽيا. اڳتي ھلي ’سِلاوَ‘ لوڪ ساڳين طرفن
ڏانھن وڌيا. پڇاڙيءَ ۾ مسلمان عرب، ساساني ۽ بازنطيني
سلطنتن جي ڪن اھڙن ڀاڱن ۾ ڪھي آيا، جتي سامي، ڪاپٽڪ يا
نوميڊيائي ۽ ايراني يا ھندوستاني لوڪ رھندا ھئا. پوءِ
آيل رومي ۽ يوناني لوڪ گھڻي ڀاڱي اھي علائقا ڇڏي ويا،
پر اصلوڪا رھاڪو پنھنجن پنھنجن ملڪن ۾ رھندا آيا. يورپ
جي برعڪس، جتان جي ڪن ڀاڱن جي سموري آدمشماري، لڏپلاڻن
جي نتيجي ۾، بنھھ نَون ماڻھن جي ٿي وئي ھئي.
الھندي ايشيا ۾ اتر آفريقا جون قومون ۽ فارس، وچ ايشيا
۽ ھينئر افغانستان سڏجندڙ ڏيھھ جا رھاڪو وقت گذرڻ سان
مسلمان ٿيندا ويا، تان جو اتي مسلمانن جي اڪثريت ٿي
ويئي. نون آيلن عربن جي پالوٽ ھوندي بھ اصلوڪن رھواسين
کي ڪٿي بھ سندن ساڻيھن مان نھ تڙيو ويو. خلافت جي
پھرين چئن صدين دوران، اسلامي تھذيب کي ڪنھن وڏيءَ
لڏپلاڻ جو آزمودو نھ ٿيو، سواٰءِ عربن جي وسيع ڦھلاءَ
جي، جن بھرصورت پنھنجو اباڻو عربي اُپٻيٽ ترڪ ڪونھ
ڪيو. يارھين صدي عيسوي (ھجري پنجين صدي) اسلامي سلطنت
۾ وڏن انقلابن جي صدي ھئي. اھا ئي صدي ھئي، جنھن ۾
سنڌو ماٿريءَ جو وڏو حصو اسلام (سني مسلڪ) جي دائري ۾
داخل ٿيو. ملتان جي اوسي پاسي ۾ جيڪي ٿورا گھڻا مسلمان
ستين صديءَ کان پوءِ وڃي آباد ٿيا، سي خارجي مسلڪ جا
پوئلڳ ٿي ويا ۽ ان ڪري اسلامي دنيا ۾ چڱي وڏي عرصي
تائين الڳ ٿلڳ رھيا. ٻئي طرف، سنڌو ماٿريءَ ۾ توڙي سنڌ
۾ مڪاني ماڻھو مسلمان ٿي رھيا. ان جو ڪارڻ وچ ايشيا ۽
ايران جي حيثيت ۾ تبديلي ھو. اچو تھ انھن ملڪن جي اتر
– الھندي ھندوستان ۾ اسلام جي پکڙجڻ کان اڳ واريءَ
حالت ۽ تاريخ تي ھڪ نظر وجھون.
اھا تھ سڀڪنھن کي خبر آھي تھ ھندوستان ۾ سنبن وارو
اسلامي تمدن ايراني ويس ڍڪي آيو ۽ اھو بھ ھرڪو ڄاڻي ٿو
تھ ڪيترين ئي صدين تائين ھندوستان ۾ اسلام جو بنياد
اھو ئي تمدن ۽ ايراني ٻولي ھئا. اھو تمدن ھو ئي ان
ٻوليءَ تي بيھاريل. ان جو ڪارڻ ھيءَ حقيقت ھئي تھ
ايرانين کي نائين صدي عيسويءَ (چوٿين صدي ھجريءَ)
دوران مسلمان گھراڻن جي سھاري ھيٺ، پنھنجي قومي شناخت
نئين سر جيارڻ جو وجھھ مليو. ھو عربن کان پوءِ ٻئي
نمبر تي مسلمان قوم بڻجي ويا: انھن مسلمان ايراني
گھراڻن ۾ سڀني کان مکيھ ساماني ھئا، جيڪي 874ع کان
پوءِ عملي طرح خودمختار حاڪم (امير) بڻجي چڪا ھئا.
جيتوڻيڪ ساماني حاڪم بغداد واري خليفي جي بالادستيءَ
کي نالي ماتر تسليم ڪندا ھئا، پر ھو درحقيقت اڀرندي
ايران جا خودمختار حاڪم ھئا ۽ سندن اھمت رفتھ رفتھ وڌي
ويئي ھئي. سندن وڌندڙ اھميت جو اندازو ان ڳالھھ مان
لڳائي سگھجي ٿو تھ خليفن صفوين جي خطري خلاف کانئن مدد
گھري ھئي. نتيجي طور ساماني بادشاھ، خليفي جي
بالادستيءَ کي نالي ماتر مڃيندي، ايران جي چڱي وڏي
علائقي تي ڪيترا ئي سال حڪومت ڪندا رھيا، تيستائين
الھندي ايران ۾ ’بويھ‘ گھراڻو اوج وٺي ساڻن سينو ساھڻ
لڳو.
ساماني بادشاھت، جنھن ۾ خراسان ۽ ماوراء النھر ۽ ڪجھھ
وقت لاءِ ڪئسپيئن سمنڊ جي سرحدي علائقن سميت سيستان ۽
ڪرمان بھ شامل ھئا، سا تاريخي لحاظ کان وڏي اھميت واري
ھئي. اڀرندي ايران جي حد وڌي وڃي ترڪستان جي سرحدي
علائقن سان ملي، جنھن ڪري ايراني آباديءَ وارو علائقو
ترڪن جي دست برد کان بچي ويو. ساڳئي وقت ترڪ، اسلام ۽
ايراني تمدن جي ٻٽي اثر ھيٺ پڻ آيا. اھڙيءَ ريت مشرق
قريب واري اسلامي تھذيب ۾ وچ ايشيائي ترڪن جي شموليت
لاءِ ميدان ھموار ٿي ويو ۽ اھا تھذيب، جا اڃا تائين
ڪنھن ٻاھرئين دٻاءُ ھيٺ لوڏي ۾ نھ آئي ھئي، سا تنھن
زماني دوران ڪمال تي پھچڻ واري ھئي. جيڪڏھن ساماني
بادشاھت ايران جي قومي سجاڳيءَ جو مرڪز ٿي ڪم نھ ڪري
ھا تھ ان کان ھي ڪارناما بھ ڪونھ ٿين ھا.
اڀرندي ايران ۾ سماجي جوڙجڪ ۾ ڪوبھ سڌارو نھ آيو ھو.
مڪاني وڏي طبقي (ده گان) جي مٿڀري حيثيت قائم ھئي ۽
انھيءَ ماحول ۾ قومي روايتون، جي ھو ساه سان سانڍيندا
ھئا، جيئريون جاڳنديون رھيون. خاص ڪري فن ۽ بادشاھن جي
ڏند ڪٿائن ۾، ساماني بادشاھن انھيءَ صورتحال کي جيئن
جو تيئن رھڻ ڏنو، جو کين تڏھوڪي سماجي سرشتي ۾ پختي
حمايت حاصل ھئي. ھنن ايران جي پرڳڻن کي صلح ۽ سلامتيءَ
جو نئون دور ڏنو ۽ ايراني دانش لاءِ وري سرت ۾ اچي،
وڌي ويجھي، آزاديءَ سان پاڻ ظاھر ڪرڻ ممڪن ڪيو.
سامانين فارسي شاعريءَ کي زور وٺائڻ لاءِ جيڪي ڪوششون
ڪيون، سي ڪڏھن بھ نھ وسرنديون. ان جي پويان پختو
اقتصاد ۽ زراعت ڏانھن پورو پورو ڌيان ھو. جيئن تھ ريج
جي سرشتي جي سار سنڀال وڏي خبرداريءَ سان ڪرڻي پوندي
ھئي، ان ڪري وڳوڙ ۽ بي آراميءَ جي حالت ۾ زراعت جي ناس
ٿيڻ جو ڊپ مڙيوئي سرس ھو. ساماني پاليسي انھيءَ حقيقت
جي ڪري لازمي طرح محدود ھئي، توڻي جو ان ۾ وڏيون
چڱايون بھ ھيون. ڏھين صديءَ جي وچ ڌاري اندروني
مشڪلاتون نروار ٿيون. ده گان جيئن پوءِ سرڪش ٿيندا ويا
۽ جيئن پوءِ تيئن وڌندڙ ۽ بااثر ترڪ عملدار ڪڏھن ڪڏھن
ملڪ جي ناخوش عناصرن سان گڏجي سازشون ڪندا ھئا ۽ ڪڏھن
قرق ۽ ڪڏھن قراخاني (ايلڪ خاني) گھراڻي سان وڃي ملندا
ھئا. قرق طاقتور ترڪ ھئا، جي 840ع کان ’نئين شان‘ کان
دٻاءُ وجھي رھيا ھئا. انھن مٿان قراخاني چڙھت ڪندا ٿي
ويا. سامانين جي انھن مشڪلاتن ۾ سندن گھرو تڪرارن بھ
واڌارو ڪيو. ڏھين صديءَ جي ٻئي اڌ جا ڪيترا سال خانھ
جنگي ۽ ناراض اميرن جي يورشن جو بک ٿي ويا.
جڏھن ساماني بادشاه انھن مصيبتن کي ٽارڻ جي ٻي ڪا واه
نھ ڏٺي، تڏھن سلطان سبڪتگين ۽ سندس پٽ محمود کي واھر
لاءِ چيائين. سبڪتگين اصل ۾ ترڪ غلام ھو، جو ان زماني
دوران ھندوستاني سرحد وٽ ھاڻوڪي افغان علائقي جي
گورنريءَ مان چڙھي خودمختار ٿي ويو ھو. سندس گادي
’غزنھ‘ ھئي. سامانين کي انھيءَ پاسي کان مدد تھ ملي،
پر سندن مددگار سکڻي مدد تي راضي نھ رھيا. ھنن موٽ ۾
سامانين کان ڪيترا ئي پرڳڻا ھٿ ڪيا ۽ نيٺ 999ع ۾ کين
موقوف ڪري ڇڏيائين. جيحون نديءَ جي ڏکڻ وارا ساماني
علائقا نئين غزنوي بادشاھت ۾ شامل ڪيا ويا، جڏھن تھ
ماوراءُ النھر قرخانين جي تسلط ۾ ھليو ويو.
ساماني سلطنت جي تباھي نئين سر جيئري ٿيل ايراني تھذيب
کي ايترو وڏو ڌڪ نھ ھنيو، جيتري جو ڊپ ٿي پئي سگھيو.
اھو اڳيئي ٻڌايو اٿئون تھ ساماني حڪومت ايرانين جي
فڪري ورثي کي پکيڙڻ ۽ ترڪن ۾ اسلام ڦھلائڻ لاءِ گھڻو
ڪجھھ ڪيو ھو. غزنوي حاڪمن ثقافتي ميدان ۾ سامانين جو
ڇڏيل ڪم گھڻي ڀاڱي جاري رکيو ۽ ديني ميدان ۾ ھو سني
مسلڪ جا پرجوش طرفدار ثابت ٿيا.
ڪي قدر انھيءَ مسلڪ جي سخت ڪٽرپڻي جي ڪري، ترڪن
ايرانين جي اسلام کان اڳ جي جھونين روايتن جو ڪو گھڻو
قدر ڪونھ ڪيو. انھيءَ ڪري اُن ڪين جھڙي اُجوري بابت
مشھور آکاڻيءَ تي حيرت نھ ٿيڻ گھرجي، جيڪو محمود
غزنويءَ جھڙي لائق فوجي ۽ سياسي اڳواڻ، فارسي جي
فردوسيءَ جھڙي برک شاعر کي شاھنامي جوڙڻ تي ڏيڻ واجب
سمجھيو ھو. ھن اِن جنگ نامي جي اٽڪل 20 ھزارن بيتن مان
ھر ھڪ تي سوني دينار جي بدران چانديءَ جو ھڪڙو سڪو ڏنو
ھو.
شاھنامي جو مضمون ڪو گھڻو اسلامي نھ ھو، جنھن ڪري
فردوسيءَ جو نااميد ٿيڻ يقيني ھو. پر محمود بچايل رقم
پاڻ تي نھ پر پنھنجي بادشاھيءَ کي وڌائڻ تي خرچ ڪئي،
جنھن جي نتيجي ۾ اسلام بھ ڦھليو. سو جيڪي دينار
فردوسيءَ کي نھ ڏنا ويا ھئا، سي اسلام جي واڌاري جي ڪم
آيا ۽ آءٌ سمجھان ٿو تھ مسلمانن کي محمود جي انھيءَ
پاليسيءَ جو ٿورو گھڻو احساس ضرور ھوندو. محمود گھڻو
ڌيان سنڌو ماٿريءَ ۾ مھن ڏانھن ورايو. ھو ذري گھٽ ھر
سال پنجاب تي چڙھي ايندو ھو، جنھن ڪري ھتي اسلام جون
پاڙون پختيون ٿي ويون. انھيءَ پرڳڻي ۽ ملتان کان سواءِ
گجرات ۽ سنڌ جا ڪي حصا بھ غزنوي تسلط ھيٺ اچي ويا.
ھندوستان جي شھر لاھور تي غزنوي گھراڻي جو قبضو
اندازًا ڏيڍ سؤ ورھيھ رھيو. انھيءَ لحاظ کان جي محمود
کي پاڪستان جو حقيقي باني چئجي تھ بيجا نھ ٿيندو.
انھيءَ دوران ايران ۾ انھيءَ گھراڻي جي حڪومت جو انت
اچي ويو ھو. محمود قراخانين سان، جيڪي رفتھ رفتھ
مسلمان ٿيا ھئا ۽ ساماني بادشاھت جي ماوراء النھر واري
اڌ جا مالڪ ھئا، چڪريون کائيندو رھندو ھو. اھا ويڙھھ
ڪا وڏي پئماني تي نھ ھوندي ھئي ۽ 1008ع ۾ وچ ايران جي
ڪن ’بويھ‘ پرڳڻن جي فتح بھ ڪي خاص پيچيدگيون پيدا نھ
ڪيون.
اصل خاتمو 1030ع ۾ محمود جي وفات کان ستت پوءِ آيو.
سندس پٽ مسعود وڏي لياقت سان حڪومت ھلائي، تان جو ھو
1041ع ۾ قتل ٿي ويو. سندس صاحبي دوران غز ترڪن (عربي
محاوري ۾ ترڪماني قبيلا) جي سردارن جي ھڪ گھراڻي سان
لڙائي ڇڙي پئي. اھي غز قبيلا 970ع ڌاري ھاڻوڪي
ڪزاخستان کان لڏي اچي بخارا ۾ ويٺا ھئا. انھن ۾ سلجوق
بھ ھئا، جي ھڪڙي ان نالي واري سردار جو اولاد ھئا.
بخارا ۾ سندن اثر رسوخ قراخانين سان گڏ وڌيو ھو. سندن
طاقت جا مکيھ بانيڪار چار ڀائر ھئا، جن کٽيل ملڪ
گھراڻي جي سردارن کي، ترڪ قبيلن جي وڏيرڪي درجي –
بنديءَ وارن اصولن موجب ورھائي ڏنو. سنھ 1040ع ۾
دندانقان وٽ لڳل فيصلي ڪن جنگ ۾ ٻن ڀائرن مسعود غزنوي
کان خراسان کسي ورتو. ستت ئي ھنن مسعود جي پوين کي، جي
پنھنجو پاڻ ۾ وڙھڻ جي ڪري گھڻا ڪمزور ٿي چڪا ھئا،
ايران جي حدن مان تڙي، موجوده افغانستان ۽ پنجاب تائين
محدود ڪري ڇڏيو.
ھو سوڀن پويان سوڀون ڪندا، وچولو ۽ الھندو ايران پڻ
والاري ويا ۽ ’بوين‘ کي، جي غزنوين سان سينو ساھيندي
ان ايراضي تي قابض رھندا پئي آيا، ڀڄائي ڪڍيائون ۽
آخرڪار 1055ع ۾ خلافت تي ’بوين‘ جو غلبو ختم ڪري
ڇڏيائون. خليفا ضرور ان ڳالھھ تي خوش ٿيا ھوندا، ڇاڪاڻ
تھ سلجوق سني ھئا ۽ شيعا بوين جي ضابطي ختم ٿيڻ سان
اسماعيلي انقلاب جو خطرو ختم بھ ٿي ويو.
پر سلجوق ۽ سندن امير اتان اڳتي بھ برجستي پرڏيھي
پاليسيءَ تي ھلڻ جا خواھان ھئا. سندن وڏو ڪارنامو اھو
ھو تھ ھنن ايشيا مائنر ۾ اسلام خلاف بازنطينين جي
بچاءَ واري ليڪ ھميشھ لاءِ ڊاھي ڇڏي. سن 1071ع ۾ ھنن
’وان‘ ڍنڍ جي اولھھ طرف ملازگرد واري فيصلي ڪن لڙائيءَ
۾ فتح حاصل ڪئي. ايشيا مائنر جي ترڪ تسلط جي شروعات ان
سال کان ٿي ۽ يوناني رياست جي بدران ھڪ نئين ترڪ مملڪت
جو پايو بھ ان سال ئي پيو. اھڙيءَ ريت اھا يارھين صدي
ئي آھي، جڏھن اسلامي دنيا جي تاڃي پيٽي اندر مسلمان
قومن جي نئين ورڇ شروع ٿي. وچ ايشيا ۽ ان کان ستت پوءِ
آذربائيجان، جي ان وقت تائين گھڻي ڀاڱي ايراني ايراضي
ھيون ۽ اناطوليا، جتي پڻ يوناني رھندڙ ھئا، اھي سڀ ترڪ
علائقا بڻجي ويا ۽ ترڪ، مسلمانن ۾ ھڪ نئين عنصر جي
حيثيت اختيار ڪري ويا، جا اڄ تائين قائم آھي.
اسلامي دنيا ۾ ھڪ ٻيو نئون عنصر پنجاب جا مسلمان ھئا.
اسلام وٽن تڏھن آيو ھو، جڏھن اڃا غزنوين کي سندن
ايراني ڳڙھن ۾ سلجوق ترڪن ھٿان شڪست نصيب نھ ٿي ھئي.
انھيءَ شڪست کان پوءِ ھو ھندوستان ۾ قرآن جي تعليمات
کي محدود فوجن سان ئي پکيڙي ٿي سگھيا. اھا ڳالھھ بحث
طلب آھي تھ جيڪڏھن غزنوي دندانقان وٽ نھ ھارائين ھا تھ
ڇا، ھو يارھين ۽ ٻارھين صدي دوران ھندوستان جي وڌيڪ
حصن ۾ اسلام پکيڙي سگھن ھا ۽ ڇا اتر ۾ ترڪن ھٿان اسلام
جي اشاعت پنجاب ۽ سنڌ ۾ ان دين جي ڦھلاءُ کي ڍرو ڪري
ڇڏيو ھو؟
(ترجمو: سليم احمد) |