سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ صدين کان

باب؛ --

صفحو ؛ 20

 

انگريزن جي قبضي کان اڳ واري

سنڌ جي تاريخ بابت ملندڙ جھونو مواد

انڊيا آف رڪارڊس ۽ انڊيا آفيس لائبرريءَ

جي يورپي قلمي نسخن واري ڀاڱي ۾

ايم – آءِ – موئر

 

انڊيا آفيس لئبرريءَ ۽ رڪارڊس ۾ سنڌ سان 1843ع کان اڳ جي برطانوي لاڳاپن جي تاريخ لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ شروعاتي ماخذن جي صورت ۾ جيڪو گوناگون مواد ملي ٿو، تنھن جھڙو مواد ڪنھن بھ ھڪڙي ڪتبخاني يا دستاويزن واري دفتر ۾ نھ ملندو. ھيءَ وڏي دعويٰ آھي ۽ ظاھر آھي تھ ان جي واجبي ھجڻ جي ثابتي ۽ سمجھاڻي ثابت ڪري ڏيڻي پوندي. جيستائين انڊيا آفيس رڪارڊس ۾ موجود سرڪري مواد جو لاڳاپو آھي تھ مٿينءَ دعويٰ جي سمجھاڻي انھيءَ ڪردار ۽ ڪم ۾ ملي ٿي، جيڪو انڊيا آفيس ھائوس ۽ بورڊ آف ڪنٽرول کي برطانوي ھندوستان جي انتظام ۾ اختياريءَ جي آخرين مرڪزن جي حيثيت ۾ ادا ڪرڻو ۽ سرانجام ڏيڻو پوندو ھو. انھيءَ ڪردار جو ھڪڙو پھلو اھو بھ ھو تھ ننڍي کنڊ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي جن بھ آفيسن (بنھھ مڪاني آفيسن کي ڇڏي) کي سنڌ سان برطانوي لاڳاپن بابت ڪي بھ فيصلا ڪرڻ ھوندا ھئا، تن کان باقاعدي ۽ ھمھ گير معلومات وٺڻي ۽ گڏ ڪرڻي پوندي ھئي. سترھين ۽ ارڙھين صديءَ دوران انھن سوالن تي لنڊن کي خبرچار ڏيڻ لاءِ جوابدار مکيھ مرڪزي سورت ۽ بمبئي ئي ھئا. پوئين مرڪز کي 1687ع کان اوليت حاصل ھئي. پھرين پھرين اوڻيھين صديءَ جي منڍ ڌاري سياسي ڳالھين کي، ڪمپني جي اوائلي سوداگرن سنڌ سان واپار ڪيو ھو، تن جي محڊود تجارتي مقصدن تي ترجيح ملڻ لڳي. سو فورٽ وليم ۾ رھندڙ گورنر جنرل ان ڪائونسل بمبئي پريزيڊنسيءَ تي ضابطو وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جي معاملن ۾ وڌيڪ چاھھ وٺڻ لڳو. تنھن کان پوءِ تھ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۽ بورڊ آف ڪنٽرول جي لنڊن واري صدر دفتر کي ڪلڪتي کان، بمبئيءَ کان موڪليل لکپڙھھ ۽ راين سميت، جيئن پوءِ وڌيڪ لکپڙھھ ۽ رايا ملڻ لڳا. 1830ع تائين ڪلڪتي واريءَ وڏي سرڪار وٽان جيڪي رپورٽون آيون، سي مقدار ۾ غالبًا بمبئي کان آيل رپورٽن جيتريون ۽ سياسي اھميت ۾ انھن کان چٽيءَ طرح سرس ھيون.

انڊيا آفيس رڪارڊس ۾ سنڌ تي ملندڙ مواد گھڻو تڻو اھو ئي اصل ۾ ڪلڪتي، بمبئيءَ ۽ ٻين ھنڌن کان موڪليل مواد آھي. پر ايسٽ انڊيا ڪمپني رڳو اھڙي لکپڙھھ ۽ رپورٽون وصول نھ ڪندي ھئي. بلڪ ان جو 1784ع کان، بورڊ آف ڪنٽرول جي نظرداريءَ ھيٺ انھن خودمختار رياستن بابت پاليسيءَ جي تياريءَ سان بھ اھم واسطو رھڻ لڳو، جن جي حد ڪمپنيءَ جي ھندوستان وارن علائقن سان ملندڙ ھئي. اھا پاليسي ميڙن جي ڪاررواين، يادداشتن ۽ ’پرڏيھي لکپڙھھ‘ رستي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس يا مخفي ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جي صحيح سان بمبئي ۽ ڪلڪتي اماڻي ويندي ھئي، اھو مواد پڻ ھينئر انڊيا آفيس رڪارڊس ۾ سانڍيل آھي ۽ ظاھر آھي تھ سنڌ سان اوائلي برطانوي ناتن جي سمجھڻ ۾ ھڪ ٻئي رخ جو اضافو ڪن ٿا.

اھو برابر آھي تھ اھڙن تاريخ نويسن جي نڪتھ نظر کان سرڪار ۽ ڪمپنيءَ جي سڀني پراڻن دفترخانن ۾ ڪي پڌريون اوڻايون آھن، جيڪي سرڪاري لکپڙھھ ۽ رپورٽن جي رسمي ۽ مصلحت آميز لھجي جي پٺيان ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۽ بورڊ آف ڪنٽرول جا دفتر انھن مان ڪن اوڻاين ۾ ڀاڱي ڀائيوار آھن، حالانڪ ڪيترين ئي ڳالھين ۾ اھي حيرت انگيز طور تي مڪمل ۽ ڳالھھ کوليندڙ آھن. کوجنا ڪندڙ سرڪاري مصلحت جي ڇڏيل دستاويزي لکتن ۾ ڪم ڪرڻ وقت ئي خانگي خطن ۽ لکيتن ڏانھن متوجھھ ٿيندا آھن. انڊيا آفيس لئبرريءَ جي يورپي قلمي نسخن واري ڀاڱي ۾ جيڪي خانگي ڪاغذ آھن، سي انھيءَ مونجھاري ڀريل ميدان ۾ ھر اھڙي شخص کي معلومات جو اضافو ذريعو موجود ڪري ڏين ٿا، جنھن جو سنڌ سان برطانيھ جي اوائلي ناتن سان واسطو ھوندو. سو لئبرريءَ جي خانگي مجموعن ۾ جيمز مئڪ مرڊو، اليگزينڊر برنس، چارلس ميسن، جان جيڪب ۽ جيمس آئوٽرام جا ڪي ڪاغذ پٽ بھ شامل آھن. مون کي ھت ھيءُ بھ ٻڌائڻ گھرجي تھ اھو ڀاڱو اڃا بھ سرگرميءَ سان نوان لڌل خانگي مجموعا ھٿ ڪري رھيو آھي، جنھن ڪري آس اٿئون تھ منتظمين، سپاھين ۽ جيڪي سيلاني قبضي کان اڳ سنڌ مان ٿي آيا ھئا، تن جي لکيل خطن ۽ رسالن جي موجوده ذخيري ۾ اضافو ڪرڻ ممڪن ٿي پوندو.

ھن مقالي جو مکيھ مقصد انھيءَ گوناگون اوائلي ماخذي مواد کي، جيڪو سرڪاري نوعيت جو بھ آھي تھ خانگي نوعيت جو بھ، قدري وڌيڪ تفصيل سان تجزيو ڪري بيان ڪرڻ آھي تھ جيئن امڪاني ڪم آڻيندڙ سندن پکيڙ، نوعيت ۽ ترتيب بابت ٿوري گھڻي عام ڄاڻ توڙي انھيءَ پرجھھ سان شروعات ڪري سگھن تھ انھن کان استفادو ڪيئن ڪري سگھجي ٿو؟ شروع شروع ۾ سنڌ آيل برطانوي سفارتن جي اصلوڪين رپورٽن ۽ ان ملڪ جي ٻين عام تذڪرن جو ھڪ وچور ضميمي پھرئين ۾ ڏنل آھي. ضميمي ٻئي ۾ اھڙن مکيھ خانگي ڪاغذن جا تفصيل ڏنل آھن، جن ۾ 1843ع کان اڳ جي سنڌ جو ذڪر آيل آھي.

انڊيا آفيس رڪارڊ

جن دستاويزي موادن جو مختصر طرح مٿي حوالو ڏنو ويو آھي، تن کي ٿلھي ليکي سندن صورت، فعل ۽ ڌُرَ موجب دستاويزن جي پنجن مکيھ درجن ۾ ورھائي سگھجي ٿو. اھي پنج درجا ھي آھن:

(1)       ڪمپني جي سورت، بمبئي ۽ ڪلڪتي وارين انتظاميائن کان مليل صلاحون يا ڪارروايون.

(2)      ساڳين ھنڌن کان مليل خط.

(3)      انھن ڏانھن ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس ۽ مخفي ڪاميٽيءَ طرفان موڪليل مراسلت.

(4)      ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۽ بورڊ آف ڪنٽرول جي ميڙن جون ڪارروايون ۽ انھن جي ’پرڏيھي ٽپال‘؛ يعني لازمي طرح لنڊن جو مواد.

(5)       گھڻي ڀاڱي ڪڇ سان واسطو رکندڙ ڪي فائيل، جيڪي اڳ يا تھ بمبئي ۾ رکيل ھئا يا ڪڇ واري برطانوي ريزيڊنسيءَ ۾، پر پوءِ 1947ع ۾ اقتدار جي منتقليءَ وقت لنڊن آندا ويا. انڊيا آفيس رڪارڊس ۾ اصلوڪي مواد کان سواءِ سرڪاري اشاعتون ۽ نقشا بھ شامل آھن، پر اھي ھن مقالي جي مقصد کان ٻاھر آھن. (1)

سنڌ سان برطانوي لاڳاپن تي تفصيلي مواد جو وڏو حصو مشورت يا ڪاررواين جي جلدن تي مشتمل آھي. جيتوڻيڪ سندن عام صورت ۽ ترتيب سترھين ۽ ارڙھين صدين دوران قدري بدلجي وڃي ٿي، پر سندن بنيادي مواد، جيڪو مختلف حڪومتن طرفان ھڪ ٻئي ڏانھن منٽس ۽ ٺھرائن سان گڏ موڪليل خطن جي مڪمل ڪاپين يا تتن تي مشتمل آھي، ارڙھين صديءَ جي اوائل کان گھڻي قدر ساڳيو رھي ٿو. ڪمپنيءَ جي سنڌ سان لاڳاپن جي لحاظ کان اوائلي ۾ اوائلي مشورت شايد سورت پريزيڊنسيءَ واري آھي، جو ان جو ڪجھھ ڀاڱو، مثال طور1635ع کان 1662ع تائين واري زماني جو احاطو ڪري ٿو، جڏھن ڪمپني ٺٽي ۾ پنھنجو پھريون ڪارخانو ھلائيندي ھئي. انھن جلدن کي انڊيا آفيس رڪارڊس جي درجي بنديءَ واريءَ رٿا ۾ جي/36 (G/36) ڪري ليکيو ويو آھي. (2) سنڌ ۾ ڪمپنيءَ جي ڪارخاني وري شروع ٿيڻ کان اڳ جيڪي سنڌ متعلق حوالا ملن ٿا، سي ٿورا ۽ ڇڙوڇڙ آھن، پر انھن جي ڳولا سورت مشوري سان گڏوگڏ بمبئيءَ واري عام مشورت ۾ بھ ڪئي وڃي، جا 1669ع کان 1704ع تائين جي/3 (G/3) جي سري ھيٺ ۽ ان کان پوءِ پي (P) ]بمبئي وارين ڪاررواين جي فھرست؛ 1900-1701، پي122[ جي سري ھيٺ رکيل آھي. ان پوئين سلسلي ۾ وري شروع ٿيل سنڌي ڪارخاني سان 1758ع کان 1775ع تائين باقاعدي ٿيندڙ لکپڙھھ پڻ فرمانن جي ترجمن ۽ واپار جي انگن اکرن سوڌي شامل آھي. ڪمپنيءَ جي دفترن ۾ سنڌ بابت ھي اوائلي ۾ اوائلي مائيدار مواد جي حيثيت رکي ٿو.

ارڙھين صديءَ جي پڇاڙيءَ کان ھندوستان ۾ برطانوي حڪومتون ننڍي کنڊ جي اتر الھندن ڀاڱن ۾ پرتي افغانستان ۽ وچ ايشيا جي معاملن ۾ سياسي ۽ سفارتي چاھھ وٺڻ لڳيون. تڏھن کان سنڌ جي معاملن بابت معلومات جي بنيادي ذريعن طور بمبئيءَ واري عام مشورت جي جاءِ بمبئي واري سياسي ۽ مخفي مشورت وٺي ٿي. (ڏسو بمبئيءَ وارين ڪاررواين جي فھرست، ص89-101، 158 وغيره) 1809ع تائين سياسي ۽ مخفي سلسلا جلدن جي ھڪڙي ئي سلسلي ۾ اھڙيءَ طرح جمع ڪيل آھن، جو ’سياسيءَ‘ کي ’مخفي‘ کان الڳ ڪرڻ جو سوال سچ پچ تھ اٿي ئي نٿو. پر جيئن تھ ان کان پوءِ ٻنھي قسمن جا دستاويز الڳ الڳ سلسلن ۾ مجلد ڪيا ويا آھن، ان ڪري محقق لاءِ ضروري آھي تھ سالياني ڏسڻيءَ وارن جلدن جي آڌار تي ٻئي سلسلا ڏسي. ٿلھي ليکي ائين کڻي چئجي تھ مخفي مشورت ۾ 1793ع واري چارٽر ائڪٽ (33 جو ٻھ، سي 52) رستي نظر ثاني ڪيل پِٽ واري انڊيا ائڪٽ (24 جو ٽي، سي 25) جي فقرن موجب جنگ، امن ۽ ايلچيگيريءَ سان واسطو رکندڙ تمام ڳجھا معاملا اچيو ٿي ويا. انھيءَ ڪري اھا مشورت رڳو مخفي ڪاميٽيءَ جا ۽ بورڊ جي مخفي کاتي جا ميمبر ڏسي ٿي سگھيا. ٻئي طرف، سياسي مشورت مٿان اٿاريل دستاويزن جو واسطو پڻ سفارتي معاملن سان آھي. پر اھي گھٽ رازداريءَ واريءَ نوعيت جا آھن ۽ ايسٽ انڊيا ھائوس ۾ ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جا سڀ ميمبر اھي ڏسي ٿي سگھيا. اھو ڏسي سگھجي ٿو تھ عملي طرح بمبئي سرڪار تي ھميشھ اھو روشن نھ ھوندو ھو تھ ڪھڙي لکپڙھھ کي ’مخفي‘ ڪري ليکجي ۽ ڪھڙيءَ کي نھ” بھرحال، جيڪڏھن 1809ع کان وٺي لڳ ڀڳ 1832ع تائين جي لکپڙھھ جي مخفي ۽ سياسي مشورت ۾ عام ورھاست جي پلتار ڪبي تھ ھيٺيون ڳالھيون نروار ٿينديون. مجموعي طرح مخفي سلسلي ۾ رڳو اھو مواد آندو ويو آھي، جنھن جو واسطو ھڪٻئي پٺيان سنڌ موڪليل خاص سفارتن سان ھو، جن سفارتن جي شروعات 1908ع ۾ نڪولاس ھئنڪي، سمٿ جي سفارت سان ٿي ھئي. 1820ع ڪئپٽن سئڊليئر واري سفارت سان جاري رھي ھئي ۽ پڄاڻي 32-1831ع ۾ اليگزنڊر برنس ۽ ھينري پاٽنجر جي سفارتن سان ٿي ھئي. انھن اھم واقعن جي وچ ۾ مخفي سلسلي اندر ڪا گھڻي لکپڙھھ درج ٿيل نھ آھي. انھيءَ جي برعڪس، سياسي مشورت 1832-1809ع واري ساري عرصي دوران لڳ ڀڳ ھر سال باقاعدگيءَ سان سنڌ سان واسطو رکندڙ سوالن جي اندراج لاءِ ڪم آندي ويئي آھي، پر اھي سوال مخفي سلسلي جي مندرجات جي مقابلي ۾ وڌيڪ عام رواجي نوعيت جا آھن،

مخفي سلسلي کي سياسي سلسلي کان وڌيڪ چٽيءَ طرح ڌار ڪبو تھ اھو ڳالھھ کي حد کان وڌيڪ سھنجو ڪرڻ ٿيندو. ٻنھي سلسلن ۾ ساڳين ذريعن کان ۽ ساڳين ذريعن معرفت ايندڙ لکپڙھھ ڏنل آھي. سو، لاڳيتن سفارتن واري دور دوران ٻنھي سلسلن ۾ برطانيھ جي سنڌ وارن ايلچين جا خط ۽ رپورٽون ڏنل آھن ۽ وڌيڪ معمول واري زماني دوران ٻنھي سلسلن ۾ اميرن جي خطن جا نقل توڻي سنڌ جي معاملن بابت بڙودي (1816ع تائين) ۽ ڪڇ (1816 کان وٺي) وارن ريزيڊنٽن جا مراسلا ڏنل آھن. ساڳيءَ طرح 32-1810ع واري عرصي دوران ٻنھي سلسلن ۾ رکيل نام نھاد ”ڏيھي ايجنٽن“ وٽان آيل جاسوسيءَ جي رپورٽن جا نقل ڏنل آھن. اھي رپورٽون پڻ رواجي طرح ويجھي ۾ ويجھين برطانوي ريزيڊنسين يعني بڙودي ۽ ڀڄ معرفت موڪليون وينديون ھيون ۽ ڪڏھن تھ اھي انھن جو ترجمو بھ ڪري موڪلينديون ھيون.

ڪمپنيءَ ۽ بورڊ آف ڪنٽرول جي لنڊن وارين آفيسن کي بمبئيءَ کان ايندڙ مشورت سان گڏوگڏ فورٽ وليم کان گورنر جنرل اِن ڪائونسل جي تيار ڪيل مساوي سياسي، مخفي ۽ علحدي مشورت جا نقل پڻ ملندا ھئا. (ڏسو بنگال واري مشورت، 1858-1704ع جي.پي فھرست، ص369 ۽ 321 وغيره). جيئن اڳيئي ڄاڻايون اٿئون، وڏي سرڪار (سپريم گورنمينٽ)، گھٽ ۾ گھٽ سن1800ع کان سنڌ جي معاملن ۾ باقاعدي دلچسپي وٺڻ لڳي ۽ 1809ع کان سنڌ سان ناتن تي وڌيڪ سختيءَ سان ضابطو رکڻ لڳي. (3) اھا ڳالھھ تن فيصلن مان چٽيءَ طرح ظاھر ٿئي ٿي، جن ھيٺ ايلچي ھڪ ٻئي پٺيان - 1800 ع ۾ ڪرو، 1809ع ۾ سمٿ ۽ 1832ع ۾ پاٽنجر - سنڌ موڪليا ويا. اھي ايلچي بمبئي پريزيڊنسيءَ ڏانھن نھ پر ڪلڪتي ۾ گورنر جنرل ڏانھن جوابده ھئا. جيتوڻيڪ بنگال وارين مخفي ۽ سياسي مشورتن ۾ انھن سفارتن سان واسطو رکندڙ خط پٽ ۽ رپورٽون ڏنل ھيون، پر سنڌ وارن ايلچين وٽان موڪليل ساڳي لکپڙھھ بمبئيءَ واري مخفي مشورت تي بھ اتاريل نظر اچي ٿي، شايد ان ڪري جو اھا بمبئيءَ رستي ڪلڪتي موڪلي ويندي ھئي. سو جيتوڻيڪ سنڌ سان برطانوي لاڳاپن جي تاريخ لکندڙن کي 1832-1800ع واري مدي تي ڇانيل بنگال واريون مخفي ۽ علحديون ۽ (قدري گھٽ حد تائين) سياسي مشورتون نظرانداز نھ ڪرڻ کپن. پر اھي مجموعي طرح ايتريون ڪارائتيون ۽ تفصيلي نھ آھن، جيتريون ساڳئي مدي سان واسطو رکندڙ بمبئيءَ واريون مشورتون،

1832ع کان پوءِ، يعني لڳ ڀڳ ڪرنل پاٽنجر جي سنڌ ۾ گورنر جنرل جي خاص ايلچيءَ طور مقرري کان وٺي وڏيءَ سرڪار جي مخفي ۽ سياسي مشورتن ۾ بنيادي سياسي ۽ سفارتي لکپڙھھ اچڻ لڳي ٿي ۽ بمبئيءَ وارين مشورتن جو واسطو گھڻو ڪري مفصل طرح سان، ڪمپنيءَ جي سنڌ سان لاڳاپن مان پيدا ٿيندڙ وڌيڪ عام رواجي انتظامي پھلوئن سان – جيئن تھ 1830ع واري ڏھاڪي جي اوائل دوران ايلچين ۽ سندن عملي جي مقرريءَ ۽ سندن الائونس سان ۽ پوءِ لشڪر جي چرپر جي تفصيلات تي ضابطي سان ۽ مجموعي طرح برطانيھ جي فوجي موجودگيءَ جي ضرورتن جي پورائي سان – رھڻ لڳي ٿو. بمبئيءَ واري سلسلي جو واسطو سنڌ ۾ ڪڇ رياست جي معاملن سان جيئن پوءِ وڌندڙ برطانوي وابستگيءَ سان پڻ آھي. سو جن ڪليدي واقعن جي نتيجي ۾ سنڌ تي برطانيھ جو قبضو ٿيو، تن جي صحيح سلسلي کي پروڙڻ لاءِ ضروري آھي تھ ھندوستان سرڪار جي دستاويزن جو، ڪنھن حد تائين مخفي مشورتون (ڏسو ھندوستان وارين مشورتن جي فھرست 58-1834ع، ص54) جو پر وڌيڪ خاص طرح مخفي خطن (ڏسو ھيٺ) جو سھارو ورتو وڃي.

ھاڻ اسان تن دستاويزي موادن جي ٻئي مکيھ درجي جو جائزو وٺنداسون، جيڪي انڊيا آفيس رڪارڊس ۾ خودمختار سنڌ جي تاريخ بابت موجود آھن، يعني سورت، بمبئيءَ ۽ ڪلڪتي کان لنڊن پھتل خط ۽ ضميما. شايد کوجنا ڪندڙ کي انھن موادن کان واقف ڪرڻ جو سِڌو طريقو ھيءُ آھي تھ مکيھ سلسلي کي انڊيا آفيس رڪارڊس جي درجي بنديءَ واريءَ رٿا ۾ ان لاءِ مقرر ڪيل ڏسڻين جي واھر سان مختصر طرح بيان ڪيو وڃي ۽ ڳولي لھڻ جي موجود آڌارن بابت ۽ ڪن حالتن ۾ ضميمن جي لڀڻ واري ھنڌ بابت سمجھاڻيون ڏنيون وڃن.

ھيءَ ڳالھھ ڌيان ۾ رکي وڃي تھ خطن جي کاتيوار اوسر (Departmental Development) جو نمونو بھ ساڳيو مشورت وارو آھي. مطلب اھو آھي تھ ارڙھين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين انھن کي عام طرح عام يا عوامي جي سري ھيٺ رکيو ويو آھي ۽ ان سن کان پوءِ انھن کي سندن مضمون موجب مختلف کاتيوار عنوان ڏنا ويا آھن. مخفي ۽ سياسي خط اھي لکيا ويا آھن، جيڪي ڏيھي رياستن ۽ برطانوي علائقن جي سرحد وارن ملڪن سان لاڳاپن بابت آھن.

مکيھ سلسلا ھيٺينءَ ريت آھن:

(1)       اصلوڪي لکپڙھھ، اِي/3/71-1، 1712-1602ع ]مندرجات جي فھرست لاءِ ڏسو پرڏيھي متفرق سلسلو ايڇ/12-711ع. سن1674ع تائين ننڍي کنڊ وارن ڪارخانن سان واسطو رکندڙ اڪثر دستاويز يا تھ ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي مليل خط“ جي سري ھيٺ رکيا ويا آھن، يا وري انھن جا تت ”ھندوستان ۾ انگريزن جا ڪارخانا“ ۾ درج ڪيا ويا آھن. انھن ڪمائتين اشاعتن جا تفصيل سر وليم فاسٽر جي ڪتاب ”انڊيا آفيس جي رڪارڊن جو سونھون“ (وري ڇپيل لنڊن 1966ع) جي صفحي 11 تي ڏنل آھي.[

(2)      بمبئي کان آيل خط، اِي/4/481-459، 1853-1709ع. ]ان سلسلي ۾ ڪيترا ئي خال آھن، خاص ڪري ارڙھين صديءَ جي پھرين اڌ دوران. انھن مان ڪي خال ”بمبئيءَ کان آيل خطن جا تت اي/4/458-449، 1816-1703ع“ نالي مختصر سلسلي ڏسڻ سان ڀري سگھجن ٿا. ضميمن ملڻ جي ھنڌ لاءِ ڏسو ھيٺ ”(5) بمبئيءَ کان آيل سياسي خط“[

(3)      بمبئيءَ کان آيل مخفي خط، ايل/پي اينڊ ايس/5/340-321، 843-1798ع. ]انڊيا آفيس رڪارڊس ۾ مخفي خطن جا جيڪي ٻھ سيٽ موجود آھن، تن ٻنھي ۾ ھيءُ وڌيڪ مڪمل آھي. ان جي ڪجھھ ڀاڱي جي ڏسڻي پڻ ڏنل آھي. ضميمن کي ”بمبئي کان مخفي خطن جا ضميما، ايل/پي اينڊ ايس/5/426-363، 1843-1802ع“ جي سري ھيٺ الڳ مجلد ڪيو ويو آھي[.

(4)      بنگال ۽ ھندوستان کان مخفي خط، ايل/پي اينڊ ايس/5/49-20، 1843-1778ع. ]اھو پڻ ٻنھي موجود سيٽن ۾ وڌيڪ مڪمل آھي ۽ گھڻن جلدن ۾ ڏسڻيون يا مندرجات جون فھرستون شامل آھن. ضميمن لاءِ ڏسو ”بنگال ۽ ھندوستان کان آيل مخفي خطن جا ضميما، ايل/پي اينڊ ايس/5/175-80، 1843-1784ع“[

(5)       بمبئيءَ کان سياسي خط، ايل/پي اينڊ ايس/6/196-169، 1843-1803ع. ]بچي ويل ضميمن لاءِ ڏسو ”بورڊ جا مجموعا، ايف/4. انھن کان گھڻي ۾ گھڻي استفادي ڪرڻ لاءِ رجسٽر وارا جلد، ايڊ/ايف/4/8-1، 1844-1794ع“ پڻ ڏٺا وڃن. جن بمبئي کان آيل خطن جو حوالو مٿي اسم(2) ھيٺ ڏنو ويو آھي، تن مان ڪن جا ضميما پڻ انھن مجموعن ۾ ملندا[.

(6)      بنگال ۽ ھندوستان کان سياسي خط، ايل/پي اينڊ ايس/6/46-16 ۽ 59-49، 1843-1803ع. ]انھن جا جيڪي ضميما بچي ويل آھن، سي پڻ بورڊ جي جن مجموعن جو حوالو مٿي اسم(5) ھيٺ ڏنو ويو آھي، تن ۾ ملندا[.

خطن جي مختلف سلسلن کي ھت مختصر طرح بيان ڪيو ويو آھي، سي سنڌ جي تاريخ لکندڙن لاءِ ايترا ڪمائتا نھ آھن، جيتروڪ مشورتون. خطن جو بنيادي مقصد برطانوي سرڪار کي تجارتي ۽ سياسي اھميت جي معاملن توڙي ورتل فيصلن کان واقف ڪرڻ ۽ آئيندي جي پاليسين کي بحث ھيٺ آڻڻ ھو. اھا ڳالھھ ظاھر ڪري ٿي تھ سترھين صديءَ کان اوڻيھين صديءَ جي وچ تائين سنڌ سان برطانوي لاڳاپن ڪھڙو رخ ورتو. ان ڳالھھ کي سمجھڻ ۾ اھي خط مدد ڪري سگھن ٿا. ٻئي طرف، ان جي معنيٰ اھا بھ آھي تھ اھي خط اھڙي ماڻھوءَ لاءِ ڪارائتا نھ ٿيندا، جيڪو ٿڏي تي موجود ماڻھن ھٿان سنڌ سان لاڳاپن جي ٺاھھ ۽ بگاڙ جي تفصيل جو ڇيد ڪرڻ چاھيندو. بمبئي کان ڪلڪتي ويندڙ خطن سان جيڪي ضميما شامل ھوندا ھئا، تن جو ڪنھن حد تائين مقصد انھن واقعن بابت وڌيڪ تفصيلي معلومات ڏيڻ ھوندو ھو، جن جو تت خود خطن ۾ ڏنل ھوندو ھو. بھرحال، جيئن مٿي ڄاڻايو اٿئون، ھاڻ ضميما ڳولي لھڻ ايترو سھنجو نھ آھي ۽ ڪن حالتن ۾ تھ اھي اوڻيھين صديءَ دوران وڃائجي يا ناس ٿي ويا ھئا. (5) انھن مشڪلاتن ۽ اوڻاين جي ڪري گھڻين حالتن ۾ کوجنا ڪندڙن کي اھا ئي صلاح ڏيئي سگھجي ٿي تھ ھو ضخيم مشورتون پڙھي ڏسي، جتي گھٽ ۾ گھٽ کيس اھا پڪ ھوندي تھ ھو آخرڪار مڪاني فيصلن ۽ واقعن کي ھڪ سڳي ۾ پوئي پوءِ ڪا دستاويزي تصوير تھ تيار ڪري وٺندو.

آيل خطن (عام، مخفي ۽ سياسي) بابت منھنجا ھي عام ريمارڪ انھن ھندوستان ۽ بمبئيءَ کان آيل مخفي خطن سان لاڳو نھ آھن، جن جو واسطو لڳ ڀڳ 1831ع ۽ 1843ع جي وچ ۾ ڳانڍاپي تائين وٺي ويندڙ واقعن سان ھو ]مٿينءَ فھرست جو اسم 3 ۽ 4[. اھي جلد خصوصًا اھي جن ۾ ضميما ڏنل آھن، خاص طرح ڪمائتا ۽ ھمھ گير آھن ۽ جن ماڻھن جي انھيءَ مدي سان واسطو آھي، تن لاءِ بھتر ٿيندو تھ ”ھندوستان جي مخفي مشورت“ جي سھاري وٺڻ کان اڳ ھنن دستاويزن کي ڪم آڻين. (6)

لنڊن مان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان جاري ڪيل مراسلن جا جيڪي مکيھ سلسلا سنڌ ڏانھن برطانوي پاليسيءَ کي سمجھڻ ۾ مدد ڏيئي سگھن ٿا، سي ھيٺينءَ ريت آھن:

(1)       ڊسپئچ بڪس، اي/3/111-84، 1753-1626ع.

(2)      بمبئيءَ ڏانھن مراسلا، اي/4/109-996، 1804-1753ع. (انھيءَ سلسلي جي ھڪ ڪارائتي جديد ڏسڻي بھ آھي، جنھن جو نمبر زيڊ/اي/54-51 آھي).

(3)      بنگال، مدراس ۽ بمبئيءَ ڏانھن مخفي مراسلن جا مسودا، ايل پي اينڊ ايس/65/55-537، 1845-1778ع (مخفي مراسلن جي نقلن جا ٻھ سيٽ ٻيا بھ آھن؛ ھيءُ سلسلو سڀني کان وڌيڪ مڪمل آھي)

(4)       بنگال ۽ ھندوستان ڏانھن سياسي مراسلا، ايل/پي اينڊ ايس/6/256-237، 1844-1804ع. (گھڻن جلدن ۾ ڏسڻيون يا مندرجات جون فھرستون ڏنل آھن).

(5)       بمبئيءَ ڏانھن سياسي مراسلا، ايل/پي اينڊ ايس/6/428-471، 1844-1804ع. (گھڻن جلدن ۾ ڏسڻيون يا مندرجات جون فھرستون ڏنل آھن).

انھن مراسلن ۾ گھرو سرڪار (Home Government) طرفان بمبئي ۽ ھندوستان کان آيل خطن جا جواب توڻي نين پاليسين يا رٿائن شروع ڪرڻ بابت ھدايتون درج آھن. اھڙيءَ ريت اھي مراسلا ايسٽ انڊيا ھائوس ۽ (اوڻيھين صديءَ جي اوائل کان) برطانيھ سرڪار جي انھيءَ سوچ کي سمجھڻ ۾ وڏي مدد ڏين ٿا تھ سنڌ ۾ ڇا ڪرڻ کپي؟

انڊيا آفيس جي سنڌ بابت موادن جي چوٿين مکيھ گروپ يعني گھرو سرڪار جي لکپڙھھ، ميڙن جي ڪاررواين ۽ يادداشتن سان پڻ ساڳيو عام نڪتو لاڳو ٿئي ٿو. جيڪي مکيھ سلسلا يا اسم ڏسڻ گھرجن، سي ھي آھن:

(1)       مخفي گھرو لکپڙھھ، ايل/پي اينڊ ايس/3/17-1، 1844-1807ع. (ڏسڻيون جلدن سان لڳل آھن).

(2)      سياسي عام لکپڙھھ، ايل/پي اينڊ ايس/3/132-117، 1834-1823ع. (ڏسڻيون جلدن سان لڳل آھن).

(3)      گھرو متفرق سلسلو، (بروٽن ڪاغذات)، ايڇ/862-822، 41-1835ع (انھن ۾ بورڊ آف ڪنٽرول جي صدر، سر جان ھابھائوس (پوءِ لارڊ بروٽن) ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي چيئرمن جي وچ ۾ ٿيل خانگي لکپڙھھ ڏنل آھي).

اھي سلسلا، جن ۾ بورڊ آف ڪنٽرول ۽ ايسٽ انڊيا ھائوس توڙي پرڏيھي کاتي جي وچ ۾ ٿيل لکپڙھھ ڏنل آھي، انھيءَ لحاظ کان خاص ڪري ملھائتا آھن جو اھي سنڌ جي فتح تي منتج ٿيندڙ پاليسيءَ بابت ۽ فتح کان پوءِ اميرن سان ورتاءَ بابت راين جو اختلاف ظاھر ڪن ٿا. انھيءَ ڏس ۾ شايد سڀني کان وڌيڪ ملھائتو ذخيرو بروٽن ڪاغذات ۽ مخفي گھرو لکپڙھھ واري (سلسلي ايل/پي اينڊ ايس/3/1) ۾ شامل ڪيل پھريون جلد آھي. ھند سرڪار سنڌ جي اميرن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ھو، تنھن ۾ بورڊ آف ڪنٽرول جي مرضي بھ شامل ھئي، جنھن خلاف مخفي ڪاميٽيءَ جي ڪيترن ميمبرن بيفائدي احتجاج درج ڪيو ھو. مذڪور پھرئين جلد ۾ انھن احتجاجن جا نقل ڏنل آھن.

اقتدار جي منتقليءَ کان پوءِ جيڪي ڪڇ سان واسطو رکندڙ دستاويز لنڊن پھتا ھئا، سي ٻن مجموعن جي شڪل ۾ آھن. پھرئين مجموعي ۾، جيڪو ٻنھي ۾ وڌيڪ اھم آھي، اھي جلد ۽ فائيل آھن، جيڪي اصل ۾ ڪڇ واري ريزيڊنٽ جي آفيس ۾ رکيل ھئا، ان کي آر/2 نمبر ڏنو ويو آھي. ان ۾ تنھن لکپڙھھ جا چار جلد آھن، جيڪا ڪڇ ريزيڊنسيءَ، بمبئي سرڪار ۽ سنڌ وارن ايلچين جي وچ ۾ 1834ع کان 1844ع تائين گھڻي ڀاڱي سنڌ اندر فوجن جي رھڻ ۽ چرپر بابت ٿي ھئي. تنھن کان سواءِ ٽيئي جلد اھڙا آھن، جن ۾ سنڌو نديءَ ۾ جھاز رانيءَ، سنڌ، ڪڇ ۽ ننڍي کنڊ جي اتر – الھندن ڀاڱن جي چوک چڪاس بابت اليگزينڊر برنس ۽ ٻين صاحبن جون يادداشتون ڏنل آھن، جيڪي گھڻو ڪري 1820ع ۽ 1830ع دوران سھيڙيون ويون ھيون.

جيڪو ٻيو مجموعو 1947ع کان پوءِ لنڊن آندو ويو، سو منڍ ۾ بمبئي جي سياسي کاتي جي ذخيري جو حصو ھو. ان ۾ بمبئيءَ جي ڪڇ ريزيڊنسيءَ سان لکپڙھھ ڏنل آھي ۽ 43-1823ع واري مدي جا ڪي اوڻيھھ جلد آھن. انھن مان گھڻا ڪڇ جي اندروني معاملن ۽ ريزيڊنسيءَ جي بندوبست بابت آھن، پر اھو پڻ ٿي سگھي ٿو تھ وڌيڪ تفصيلي پلٿار ڪرڻ سان انھن ورھين دوران سنڌ سان ناتن تي ڪا نئين معلومات ملي پوي.

انڊيا آفيس رڪارڊس ۾ 1843ع کان اڳ واري سنڌ جي اڀياس لاءِ موجود مکيھ ماخذن جي ھن مختصر بيان ۾ ڄاڻي ٻجھي قدري چونڊ ماخذ آندا ويا آھن ۽ اھڙن سلسلن تي زور ڏنو ويو آھي، جيڪي سياسي ۽ سفارتي ناتن جي مکيھ سڳي کي سلڻ ۾ واھر ڪن ٿا. منڍ کان پڇاڙيءَ تائين مکيھ مقصد اھو رھيو اٿئون تھ انڊيا آفيس جي سموري دفترخاني جي سنڌ جي نسبت سان سمجھاڻي ڏجي ۽ اھو ٻڌائجي تھ چوک چڪاس لاءِ ڪھڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن؟ کوجنا ڪندڙن لاءِ چٽيءَ طرح اڃا بھ اھڙا ڪافي وجھھ آھن تھ ھو انھيءَ منجھيل سٽ کي پنھنجي ليکي سمجھائين ۽ پنھنجون دريافتون پاڻ ڪن.

حوالا ۽ سمجھاڻيون

(1)       انھن ڏکڻ ۽ ڏکڻ – اوڀر ايشيا سان واسطو رکندڙ پورچوگالي ۽ ڊچ دفترخانن جو ذڪر ڪرڻ بيواجبي نھ ٿيندو، جيڪي انڊيا آفيس اوڻيھين صديءَ جي آخر ۾ حاصل ڪيا ھئا. وڌيڪ تفصيلات لاءِ ڏسو سر وليم فاسٽر، انڊيا آفيس رڪارڊس جو سونھون، 1858-1600ع (لنڊن 1911ع، ٻيھر ڇپيل 1966ع).

(2)      سورت وارين مشورتن جي سرسري پلٿار ٺٽي واري ڪارخاني بابت ڪوبھ مواد سامھون نھ آندو آھي. سو ان ڪارخاني جي تاريخ جو مکيھ ماخذ ڪمپني کي مليل خط ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انھيءَ لکپڙھھ جو نالو ”اصلوڪي لکپڙھھ وارو سلسلو“ آھي ۽ نمبر اي/3/71-1 اٿس. ڏسو ھيٺ سورت، بمبئيءَ ۽ ڪلڪتي وغيره کان لنڊن پھتل خطن ۽ ضميمن سان واسطو رکندڙ ڀاڱو.

(3)      آر.اي.ھٽنبئڪ، برطانيھ جا سنڌ سان لاڳاپا، انگريزي 1862ع، ص30.

(4)      انڊيا آفيس رڪارڊس جي بمبئيءَ وارين مشورتن جي مجموعي ۾ شامل ھڪ ٻيو سلسلو ”بمبئي جون اندرئين ۽ ٻاھرئين واپار بابت رپورٽون“ آھي. جيڪي 1858-1801ع واري مدي تي ڇانيل آھن. (ڏسو بمبئيءَ وارين ڪاررواين جي فھرست پي، ص2). انھن ۾ ڄاڻايل مدي دوران سنڌ کان گھرايل مال جا انگ اکر ڏنل آھن.

(5)       اوڻيھين صديءَ جي منڍ ۾ بمبئيءَ ۽ بنگال کان آيل مخفي ۽ سياسي خطن جا ڪي ضميما ”گھرو متفرق سلسلو، ايڇ“ (ڏسو ھل وارو ڪئٽالاگ) ۽ ”سياسي ۽ مخفي کاتي جا متفرق ذخيرا (ايل/پي اينڊ ايس/19)“ ۾ ملندا. پوين ڪاغذن ۾ سنڌو نديءَ ۾ جھاز رانيءَ بابت ڪي يادداشتون بھ ڏنل آھن. اھو پڻ ياد رھي تھ خطن جي ضميمي طور جيڪي دستاويز لنڊن موڪليا ويندا ھئا، تن مان گھڻا ”مشورتن“ تي پڻ اتاريا ويندا ھئا ۽ واسطو رکندڙ ساليانين ڏسڻين رستي لھي سگھجن ٿا.

(6)      اھو سمجھڻ لاءِ تھ اوڻيھين صديءَ جي پھرئين اڌ دوران سنڌ ڏانھن برطانوي پاليسيءَ تي ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا سان وابستھ جنگي اھميت وارن معاملن ڪھڙا اثر وڌا؟ ايران ۽ ايراني نار وغيره کان مخفي خط (1817ع کان وٺي) پڻ ڏٺا وڃن. انھن جو نمبر ايل/پي اينڊ ايس/9 آھي.

ضميمو پھريون

انڊيا آفيس جي ذخيرن ۽ ڪتبخاني ۾ سنڌ بابت

مکيھ قلمي رپورٽن ۽ عام تذڪرن جي فھرست

ھن مقالي ۾ جن جھونن دستاويزن جي سلسلي جو جائزو پيش ڪيو ويو آھي، سي لازمي طرح سنڌ سان برطانوي لاڳاپن جي مفصل تاريخ سان واسطو رکن ٿا. ھيٺيان اسم، توڻي جو اھي چٽيءَ ريت برطانيھ جي سرڪاري روين جي ترجماني ڪن ٿا، خود سنڌ بابت يعني ان جي جاگرافيءَ، تاريخ، آدمشماريءَ، ثقافت ۽ حڪومت بابت بنيادي معلومات مھيا ڪن ٿا. انھن منجھان گھڻا احوال اھڙن ماڻھن جا لکيل آھن، جيڪي ڪنھن خاص سفارت سان سنڌ ويا ھئا. اھي احوال چڱا مشھور آھن. تنھن ڪندي بھ مون ڪجھھ گھٽ مشھور رپورٽون بھ شامل ڪيون آھن ۽ گڏوگڏ مکيھ سفارتن سان واسطو رکندڙ لکپڙھھ جي مجموعن جا حوالا پڻ ڏنا اٿم.

(1)       مسٽر ڪئلانڊر جو لکيل پٽن ۽ سنڌي حڪومتن بابت ۽ انھن ملڪن ۾ وڻج واپار جي حالت بابت احوال. ]انڊيا آفيس رڪارڊس: بمبئيءَ واريون لوڪ مشورتون، پي/341/41. 24 آڪٽوبر 1775ع واري مشورت، ص574-568[.

(2)      اڳوڻي ريزيڊنٽ (ناٿن) ڪرو جو لکيل سنڌ ملڪ جو تاريخي احوال. ان تي ڪا تاريخ ناھي پيل، پر اھو بمبئي سرڪار 18 ڊسمبر 1802ع جي خط سان گورنر جنرل کي فورٽ وليم ڏياري موڪليو ھو. ]انڊيا آفيس رڪارڊس: بورڊ جا مجموعا، ايف/4/160 مجموعو 2790، ص182-99[.

(3)      ڪئپٽن ڊيوڊ سيٽن جي لکيل سنڌ تي ٽالپر گھراڻي جي شجري سميت عام رپورٽ ۽ سنڌ جي آمدنيءَ ۽ سنڌ جي تاريخ بابت يادداشت. مورخھ 11 نومبر 1809. ]انڊيا آفيس رڪارڊس: بمبئيءَ واريون سياسي مشورتون، پي/382/54. 26 نومبر 1808ع واري مشورت، ص12339-12257[.

(4)      نڪولاس ھئنڪي سمٿ طرفان سنڌ ڏانھن 6 جون کان 16 نومبر 1809ع تائين واري سفارت بابت بنگال سرڪار کي موڪليل رپورٽ. ]انڊيا آفيس رڪارڊس: بنگال واريون مخفي ۽ ڌار مشورتون، پي/221، 15 آگسٽ 1809ع واري مشورت نمبر64 ۽ 101؛ پي/222، 5 سيپٽمبر 1809ع واري مشورت نمبر 31؛ پڻ بنگال واري مخفي مشورت، پي/217، 17 آڪٽوبر 1809ع واري مشورت نمبر16؛ ۽ گھرو متفرق سلسلو، ايڇ/591، ص446-211[.

(5)       ھينري ايلس طرفان نڪولاس ھئنڪي سمٿ کي سنڌ جي وسيلن ۽ سياسي سگھھ بابت موڪليل رپورٽ. مورخھ 9 آڪٽوبر 1809ع ]انڊيا آفيس رڪارڊس: گھرو متفرق سلسلو، ايڇ/591ع، ص426-413[.

(6)      سنڌ جي ڪپر تي ڪراچيءَ نالي بندر بابت ليفٽيننٽ مئڪسفيلڊ جا مشاھدا. ]انڊيا آفيس رڪارڊس: بمبئيءَ واريون سياسي مشورتون پي/383/08، 18 آگسٽ 1809ع واري مشورت، ص7900-7897[.

(7)      نئين سنڌ از ڪئپٽن جيمز مئڪموڊو، لڳ ڀڳ 1817ع. ]انڊيا آفيس لائبرري: قلمي نسخو يورپ، اي-85، ايف ايف 89-1[.

(8)      ڪئپٽن سئڊليئر طرفان بمبئي سرڪار کي 20 ڊسمبر 1820ع کان 19 جون 1821ع تائين حيدرآباد واريءَ سفارت بابت موڪليل رپورٽ. ]انڊيا آفيس رڪارڊس: بورڊ جا مجموعا، ايف/4/671. مجموعو 18647، ص381-1[.

(9)      سنڌو نديءَ جي ھڪ اڀرندي شاخ جي نقشي بابت يادداشت وغيره از ليفٽيننٽ اليگزينڊر برنس. مورخھ مارچ 1827ع آگسٽ 1828ع. ]انڊيا آفيس لائبرري: قلمي نسخو يورپ، بي-28[.

(10)  ڊاڪٽر جيمز برنس طرفان سنڌ جي اميرن جي درٻار ۾ وڃڻ بابت رپورٽ، مورخھ 10 جون 1828ع. ]انڊيا آفيس رڪارڊس: بمبئي واريون سياسي مشورتون، پي/386/43. 19 نومبر 1828ع وارا نمبر 60-56[.

(11)   ھندوستان جي اُتر – الھندي سرحد سان واسطو رکندڙ ڪاغذ (30-1829ع)، جيڪي ليفٽيننٽ اليگزينڊر برنس طرفان 31-1829ع ۾ جوڙيل انھن ملڪن جي نقشي جي يادداشت آھن، مورخھ 10 جون 1830ع. ]ڪڇ وارا ذخيرا آر/2، فھرست بي جريان نمبر88[.

(12)  پارڪر، جيسلمير، جوڌپور وغيره منجھان ھڪڙيءَ واٽ جو روزنامچو، از ليفٽيننٽ جي.ھالئنڊ، بمبئيءَ جي 1 ڊسمبر 1830ع واري سياسي مشورت تي قلمبند ٿيل. ]سياسي ۽ مخفي متفرق دستاويز ايل/پي اينڊ ايس/19، عارضي نمبر57[.

(13)  سنڌو ندي ۽ ان جي ڏاني ندي جي سمنڊ کان وٺي لاھور تائين ھڪ جاگرافيائي ۽ فوجي يادداشت، ان قديم سرزمين جي پراڻي تاريخ ۽ جھونين وٿن جي سرسري جائزي سميت، از ليفٽيننٽ اليگزينڊر برنس. مورخھ 12 سيپٽمبر 1831ع ]سياسي ۽ مخفي متفرق دستاويز ايل/پي اينڊ ايس/19، عارضي نمبر74 الف[.

(14)  سنڌو نديءَ منجھان لاھور تائين اوڀاري مسافريءَ جو شخصي احوال، از ليفٽيننٽ اليگزينڊر برنس. مورخھ 23 سيپٽمبر 1831ع. ]سياسي ۽ مخفي متفرق دستاويز ايل/پي اينڊ ايس/19، عارضي نمبر75[.

(15)   سنڌ تي ليفٽيننٽ ايڊ ورڊ پي.ڊيلھاسٽي جون سھيڙيل رپورٽون مورخھ فيبروري 1833ع. انھن ۾ سنڌ واريءَ سفارت دوران رکيل روزنامچو، سنڌيءَ جي ھڪ مختصر لغت، سنڌ ۽ واٽن بابت مڪاني معلومات جي آڌار تي سھيڙيل ھڪ يادداشت شامل آھن. ]انڊيا آفيس رڪارڊس: بمبئيءَ واريون مخفي مشورتون، پي/79 3 اپريل 1833ع وارا نمبر 158-152[

(16)  سنڌو نديءَ تي رپورٽ، از جي.ايف.ھيڊل مورخھ 6 مئي 1836ع. ]انڊيا آفيس رڪارڊس: بورڊ وارا مجموعا، ايف/4/1679. مجموعو 67023، ص528-243[.

(17)  سنڌو نديءَ ۾ جھازرانيءَ جا مختلف احوال، سنڌو نديءَ جي ڇوڙن وغيره تي ليفٽيننٽ ٽي.جي.ڪارليس جي 10 اپريل 1836ع واري رپورٽ سميت. مسٽر سي.اي.ٿريويلن جون سنڌونديءَ جي جھازرانيءَ تي لکيل 19 جون ۽ 2 جولاءِ 1836ع واريون ٻھ يادداشتون پڻ. ]انڊيا آفيس رڪارڊس: بورڊ وارا مجموعا، ايف/4/1679. مجموعو 67024، ص95-31 ۽ 184-129[.

ضميمو ٻيو

 

انڊيا آفيس جي ڪتاب گھر ۾ ڳانڍاپي کان اڳ واريءَ سنڌ سان واسطو رکندڙ يورپي قلمي نسخن يعني خانگي ڪاغذن جي چونڊ فھرست

 

ڪتاب گھر طرفان 1937ع تائين ھٿ ڪيل يورپي قلمي نسخن جي ڇپيل ڪئٽالاگن جي تفصيلات لاءِ ڏسو ايس.سي.سٽن، انڊيا آفيس جي ڪتاب گھر جو سونھون (1967ع) ص95-1937ع کان 1969ع تائين ھٿ ڪيل دستاويز، ڪتاب گھر جي ”ھٿ ڪيل خانگي ڪاغذ“ نالي چوپڙيءَ ۾ مختصر طرح درج ٿيل آھن. اڄڪلھھ ان چوپڙيءَ ۾ 1969ع کان پوءِ جا ھٿ ڪيل ڪاغذ بھ شامل ڪيا پيا وڃن. انڊيا آفيس رڪارڊس ۽ لئبرريءَ طرفان جيڪي ساليانيون رپورٽون جاري ٿينديون آھن، تن ۾ پڻ انھن خانگي ڪاغذن بابت بنيادي تفصيل درج ھوندو آھي.

(1)       ھاڻوڪي سنڌ، از ڪئپٽن جيمز مئڪمرڊو، لڳ ڀڳ 1817ع ]قلمي نسخو يورپ اي-85، ايف ايف89-1[. ڪجھھ وڌيڪ تفصيلي احوال لاءِ ڏسو ڪي ۽ جانسٽن، انڊيا آفيس لئبرريءَ ۾ يورپي قلمي نسخن جو ڪئٽالاگ، جلد2، ڀاڱو2 نمبر 755.

(2)      سنڌو نديءَ جي اڀرندي شاخ جي ھڪ نقشي جي يادداشت ۽ ان اندر 1819ع ۾ ڌرتي ڌٻڻ ۽ 1826ع ۾ بند ڀڄڻ جي ڪري آيل ڦيرين ڦارين جو بيان وغيره، از ليفٽيننٽ اليگزينڊر برنس ]قلمي نسخو يورپ بي-28[. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ڪي ۽ جانسٽن، ڪئٽالاگ، جلد2 ڀاڱو2 نمبر 396.

(3)      چارلس ميسن (1800-1853ع) جا ڪاغذ، ڪرنل ھينري پاٽنجر، ڪئپٽن سي.ايم.ويڊ، ڪئپٽن اليگزينڊر برنس، ليفٽيننٽ ڪرنل ايل.آر.اسٽئسيءَ وغيره سان ڪيل لکپڙھھ سميت؛ ميسن طرفان سنڌ، بلوچستان وغيره ۾ ڪيل مسافرين دوران رکيل روزنامچو ۽ اسڪيچن ۽ ڊرائنگن جو چڱو چوکو تعداد. ]قلمي نسخو يورپ اي161، 162، بي98، اي 166-163، اي31، بي 101-100، ايف62-61 وغيرھ[. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ڪي ۽ جانسٽن، ڪئٽالاگ، جلد2، ڀاڱو2 نمبر 657-631.

(4)      جنرل سر ھينري فين (1835ع کان 1839ع تائين ھندوستان

جو ڪمانڊر انچيف) ۽ لارڊ آڪلئنڊ (1836ع کان 1842ع

تائين گورنر جنرل) جا ليفٽيننٽ جنرل سر جان ڪين (1834ع

کان 1840ع تائين بمبئي جو ڪمانڊر انچيف) کي لکيل خط.

انھن خطن ۾ 41-1838ع دوران ڪيل فوجي ڪاررواين

جو ذڪر آھي. تڏھن سر جان ڪين سنڌوءَ واري فوج جي

بمبئيءَ ۽ بنگال وارن دستن جو سالار ھو. ٻھ جلد ]قلمي نسخو يورپ، بي255[.

(5)       سنڌ ارريگيولر ھائوس جو رڪارڊ بڪ. برگيڊيئر جنرل جان جيڪب جي ڪاغذ جو ڪجھھ ڀاڱو، سندس سر چارلس نيپئر سان

ٿيل ڪجھھ لکپڙھھ سوڌو، 51-1839ع. ]قلمي نسخو يورپ اي 208 [.

(6)      برگيڊيئر جنرل جان جيڪب جي لکپڙھھ ۽ ڪاغذ، ھن طرفان سنڌ واري سياسي عيوضيءَ، سر جيمس آئوٽرام کي لکيل ڪن خطن سميت. 58-1840ع. ]قلمي نسخو يورپ ايف75 [.

(7)      سنڌ ۾ ھڪ مھم جو ڪراچيءَ کان سکر تائين احوال، از ھڪ فوجي عملدار، جيڪو 1843ع ۾ اٺھترين ھائلئنڊ ريجمنٽ ۾ ھو. ]قلمي نسخو يورپ بي277 [.

(8)      سر چارلس نيپئر جا اٺھترين ھاءِ لئنڊرس جي ميجر وسال کي ڪراچيءَ کان سکر ڏانھن پيشقدميءَ دوران خط، مورخھ سيپٽمبر 1844ع. نيپئر طرفان پنھنجيءَ ڀيڻ کي لکيل ھڪ خط جو ٽڪرو پڻ ]قلمي نسخو يورپ، ڊي777[.

(ترجمو: سليم احمد)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org