پير شمس الدين
جو دس اوتار
سنڌ ۾ اسماعيلي مت جي اوائلي واڌاري جي
لساني ۽ ادبي ساک طور
ڊاڪٽر گلشن خاڪي
سنڌ جي اوائلي تاريخ کي يقيني طور ترتيب ڏيڻ ھڪ اڻانگو
ڪم آھي. خصوصًا انھيءَ دور جي ڪنھن خاص پھلو جو تعين
تھ ھيڪاري وڌيڪ ڏکيو آھي.
اسماعيلي فرقي جا سنڌ سان اوائلي ناتا ھئا، اھو تھ عام
روشن آھي. انھيءَ لاڳاپي جا ٻھ مختلف مرحلا ڄاڻي سگھجن
ٿا:
1.
فاطمين وارو ۽ فاطمين کان اڳ وارو زمانو (سياسي لحاظ
سان)
2.
الموت وارو ۽ الموت کان پوءِ وارو زمانو، يعني 1256ع
کان پوءِ (غير سياسي).
سنڌ سان فاطمي ۽ فاطمي اسماعيلي ناتن بابت حوالا گھڻي
ڀاڱي تاريخي آھن. پھريون اسماعيلي داعي 884ع ۾ سنڌ ۾
پھتو ھو. فاطمي خليفي العزيز، شعبان کي لشڪر ڏيئي
موڪليو، جنھن 977ع ۾ ملتان تي قبضو ڪيو. (وچين دور جي
اوائل ۾ ملتان ۽ اُچ مٿينءَ سنڌ جو ڀاڱو ھئا) ملتان ۾
ڪيترن ئي سالن تائين خطبو فاطمي خليفن جي نالي ۾ پڙھيو
ويندو ھو. درحقيقت سنڌ ۾ قرمطين جو زور تيرھين صديءَ
جي اوائل ۾ ناصر الدين قباچھ جي صاحبيءَ دوران اثرائتي
طرح ٽٽو. (1) تاھم انھيءَ زماني ۾ اسماعيلين جون ڪي
جاتيون ھيون بھ سھي تھ انھن جي ھاڻوڪي زماني تائين
قائم رھڻ جي ڪا ثابتي نٿي ملي. سنڌ ۾ اڄ جيڪا اسماعيلي
جاتي آھي، سا الموت يا الموت کان پوءِ واري زماني جي
آھي ۽ نمايان خاصيتون ڏيکاري ٿي. ھن مقالي ۾ منھنجو
واسطو انھيءَ ٻئي زماني ۽ اسماعيلين جي موجوده جاتين
سان آھي.
سنڌ ۾ (بلڪ برصغير ھند – پاڪ ۾) اسماعيلين جا مذھبي
خيال ۽ انھن خيالن جو واڌارو ھڪ پاسي شاعر خاڪي
خراساني (ايران ۾ الموت کان پوءِ وارو دور) جي ويچارن
سان واسطو رکي ٿو ۽ ٻئي طرف انھن ۾ ھندستاني انداز فڪر
جي آميزش نمايان آھي. اھا حقيقت اڳتي ھلي واضح ٿيندي.
الموت وارو ۽ الموت کان پوءِ وارو زمانو (يعني 1256ع ۾
منگول حاڪم ھلاڪو خان ھٿان الموت جي تباھيءَ کان پوءِ)
بلڪل منجھيل آھي. اھو سڀاويڪ بھ آھي، ڇالاءِ جو 1256ع
کان پوءِ اسماعيلي تحريڪ ايران ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾
خفيھ تحريڪ جو روپ اختيار ڪيو.
ھندوستان ۾ پڻ انھيءَ زماني جي اسماعيلي سرگرمين جي
تاريخ منجھيل آھي، ڇو جو تڏھوڪا اسماعيلي سياست ۽ دھلي
واري مرڪز کان بلڪل بي تعلق ھئا. ان ڪري جي پوريءَ طرح
نھ تھ گھڻي ڀاڱي ٻن ماخذن تي ڀاڙڻو پوي ٿو:
1.
خود اسماعيلين جون پنھنجن پِيرن بابت زباني روايتون
(مبلغن يا داعين کي ھاڻي پير سڏيو ٿو وڃي)
2.
گِٺان جي نالي سان سڏجندڙ چڱو چوکو ادبي ذخيرو، جنھن ۾
ننڍا توڙي وڏا مذھبي نظم ۽ ڪجھھ نثري ٽڪرا پڻ آھن.
انھيءَ روايت موجب، اسماعيلين جو پھريون وڏو پير شمس
ھو، جو ملتان ۾ آرامي آھي. نھ رڳو اسماعيلي راوي پر
عام مسلمان پڻ ھن کي ۽ جلال الدين روميءَ جي استاد شمس
تبريز کي ھڪ ئي شخصيت سمجھن ٿا، جو صحيح نھ آھي. (2)
پروفيسر ايوانو جو چوڻ آھي تھ ھيءُ شمس سبزوار ۾ ڄائو
ھو ۽ سندس زمانو ٻارھين صدي عيسويءَ جي ٻئي اڌ ۽
تيرھين صدي عيسويءَ جي پھرين اڌ جي وچ ۾ آھي ۽ چيو وڃي
ٿو تھ ھن پنھنجي سرگرمين جو مرڪز ڪشمير ۽ سنڌ کي
بڻايو. جيئن تھ ھن جي باقي حياتي اسماعيلي ڏند ڪٿائن
موجب ڪرامتن جي ڪھاڻين سان ڀريل ھئي، ان ڪري ھت ان جو
ذڪر نھ ڪيو ويندو. ھتي اسان جو موضوع سندس سوانح نھ پر
ويچار ۽ مريد ڪرڻ جو طريقو آھي. پر سندس خيالن جي تڪ
تور کان اڳ آءٌ ھيءُ سوال اٿارڻ مناسب ٿي سمجھان تھ
ملتان ۾ جيڪو شمس دفن آھي، سو سچ پچ اسماعيلين جو پير
ھو ڇا؟ شيخ محمد اڪرام لاھوري مون کي 1969ع ۾ ٻڌايو
تھ: سندس چاچي کيس ٻڌايو ھو تھ چيو وڃي ٿو تھ سندن
خاندان کي ملتان واري شمس تبريز مسلمان ڪيو ھو. اھي
اڪرام وارا پڪا سني آھن ۽ نھ اسماعيلي. جيڪي ماڻھو
ملتان ۾ شمس تبريز جي عاليشان درگاه تي حاضري ڀريندا
آھن، سي گھڻو ڪري سني يا اثنا عشري ھوندا آھن ۽ نھ
اسماعيلي. درگاه وارا پاڻ کي ’شمسي‘ سڏائيندا آھن. شمس
تبريز جي پونيرن جون پڻ سڀ درگاھون يا تھ اثنا عشرين
جي ھٿن ۾ آھن، يا سنين جي ھٿن ۾.
جيڪڏھن اھو ثابت ٿي وڃي تھ ملتان وارو شمس سچ پچ
اسماعيلي ھو (ممڪن آھي تھ ھجي ۽ متان نھ بھ ھجي؛ جي نھ
ھو تھ پوءِ اسان کي معلوم ڪرڻو پوندو تھ اسماعيلين
وارو ’پير شمس‘ ڪير ھو) تھ پوءِ جيڪي تصنيفون (مٿي
ڄاڻايل گِنان جو حصو) اسماعيلي ڏانھس منسوب ڪندا آھن،
سي واقعي ھن جوڙيون ھيون يا نھ؟ ھن وقت اسان کي انھن
سوالن جا ڪي بھ قطعي جواب ڪونھ ٿا ملن.
بھرحال، اچو تھ پير شمس جي تصنيف ’دَس اوتار‘ کي کڻون.
اسماعيلي دس اوتار جا ٻھ نسخا بھ استعمال ڪندا آھن.
انھن مان ھڪڙو شمس پير جي پڙپوٽي پير صدر الدين جو
جوڙيل آھي ۽ ”ننڍو دس اوتار“ سڏجي ٿو؛ ٻيو آھي امام
شاه وارو ”وڏو دس اوتار“ جنھن ۾ اندازًا 500 بيت آھن.
دس اوتار جو نظريو (جنھن کي وشنو پنٿ جا ھندو مڃيندا
آھن) ظاھر آھي تھ وشنو ڀڳوان پوئين ڪلجڳ دوران ڏھھ
ڀيرا ماڻھوءَ جي شڪل ۾ ظاھر ٿيندو ۽ ھو وشنو جي آخري ۽
ڏھين سروپ جي اوسيئڙي ۾ آھن، جو ڪلجڳ جي پڇاڙيءَ ڌاري
ظاھر ٿيڻو آھي. اھا ڳالھھ اسلام جي امام مھدي واري
تصور کان ڪا گھڻي مختلف نھ آھي. پير شمس ھيءُ خيال
پنھنجو ڪيو ۽ چيائين تھ وشنوءَ جو آخري سروپ سچ پچ تھ
حضرت علي ھو. اھڙيءَ ريت ھن ھندو – وشنو بنياد تي
اسلام جو شيعت وارو نظريو کڙو ڪيو. (خود اسماعيلين جي
چوڻ موجب، پھرين پھرين ان ڳالھھ جي سکيا پير صدر الدين
ڏني ھئي، پر پير شمس وارو دس اوتار ڏيکاري ٿو تھ حقيقت
۾ اھا ڳالھھ صحيح نھ آھي ۽ ان نظريي جو باني پير شمس
ھو؛ اھو ان ڪري جو ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي تھ اسماعيلي پير
شمس واري دس اوتار جي وجود کان باخبر نھ ھئا) انھيءَ
ويچار تي ڪا گھڻي حيرت نھ ٿيڻ گھرجي ۽ نھ ئي اسماعيلين
جي مسلماني تي شڪ ڪرڻ جي ضرورت آھي. ھو ڪيئن مسلمان
ٿيا ھئا؟ تنھن سان پڻ اسان جو واسطو نھ آھي. ان جي
برعڪس اسان کي اسماعيلي مت جا ٻھ مکيھ رھبر اصول
بھرحال ياد رکڻ گھرجن: پھريون تھ اسماعيلي تحريڪ ٻن
سطحن – ظاھري ۽ باطني – تي سرگرم رھندي ھئي ۽ اسان کي
خبر نھ آھي تھ پير شمس، جنھن پھرين پھرين دس اوتار جي
تصور کي اسماعيلي اسلام جي تبليغ لاءِ استعمال ڪيو،
تنھن جي ذھن ۾ دس اوتار جي باطني تشريح ڪھڙي ھئي؟ ٻيو
تھ سکيا اھڙي ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي، جيڪا اھي ماڻھو سمجھي
سگھن ۽ پنھنجي ڪري سمجھن. ساڳئي وقت سکيا ڏاڪي بھ ڏاڪي
ڏني وڃي تھ جيئن سکيا وٺندڙ پنھنجي وت آھر پرائي سگھن.
(3) ٻيو تھ ٺھيو، خود پاڻ ڪريمن بھ ”بارڪھ“ جھڙا اسلام
کان اڳ جا تصور استعمال ڪيا ھئا. اسماعيلي پيرن جي
تعليمات بابت پروفيسر ايوانو ھيئن لکي ٿو:
”نزاري اسماعيلين جي مبلغن اندر جي ٻوجھھ سان يا عقل
ھلائي اھڙا طريقا ڳولي ڪڍيا، جن اھڙين مڪاني رنڊڪن سان
منھن ڏيڻ ۾ سندن مدد ڪئي. اھڙن طريقن جو آڌار ٻن اصولن
تي ھو. پھرين ھنن جي اھا سياڻپ ھئي تھ اسلام جي روح ۽
مفھوم کي سخت عربي کوپي مان ڪڍي ٻاھر ڪيائون. ٻيو
طريقو ھو سمورو زور ڪن خاص ذاتين تي لڳائڻ جو.... ھنن
نون مريدن کي اسلام جا اعليٰ آدرش سندن اباڻي ڌرم ۽
سڀيتا، ھندو ڌرم جي ڄاتل سڃاتل اصطلاحن ۾ سمجھائي اھا
ڪوشش ٿي ڪئي تھ جيئن ھو سچا مومن ٿين، اسلام جي روح جي
ڄاڻ پرائين ۽ ٺلھا يعني اھڙا مسلمان نھ ٿين، جيڪي نالي
۾ اسلام جا مڃيندڙ تھ ھوندا آھن، پر دين جي روح ۽
احڪامن جي پرواه نھ ھوندي اٿن.“(4)
پر ھت اسان لاءِ دس اوتار جي ٻولي اھميت واري آھي.
جيتري قدر مون کي معلوم آھي تھ ان جو فقط ھڪڙو نسخو
’گِنان‘ جي قديم ترين قلمي نسخي ۾ آھي، جيڪو ڪراچيءَ
جي اسماعيلي جماعت وٽ آھي. (اسان انھيءَ قلمي نسخي ۽
ان ۾ ڪم آيل صورتخطي بابت پوءِ ڳالھائينداسون) ان جي
ٻولي ڌيان ڇڪائيندڙ آھي ڇو تھ اھو پراڻي طرز جي سنڌيءَ
۾ جوڙيل آھي. مون ان جو متن ھن مقالي سان شامل ڪيو
آھي. (5) پروفيسر اينميري شميل جو رايو آھي تھ: جيئن
تھ اوائلي سنڌيءَ ۾ عربي لفظ تمام ٿورا ۽ فارسي لفظ
بنھھ ڪونھ آھن، ان ڪري پيس شمس وارو سنڌي دس اوتار
ضرور 17 صدي عيسويءَ کان اڳ جو ھوندو. انھيءَ لحاظ کان
ان جي ڀيٽ شاھھ لطف الله قادريءَ جي جوڙيل ڪتابن سان
ڪري سگھجي ٿي. شاھھ صاحب 17 صدي عيسويءَ ۾ وفات ڪئي
ھئي. اسان واري متن ۾ ھي عربي يا فارسي لفظ ملن ٿا:
شاھھ (9 ڀيرا)، علي (ھڪ ڀيرو)، پير شمس (ھڪ ڀيرو)،
الموت (ھڪ ڀيرو)، علم (ھڪ ڀيرو)، ڀاجارا (بازار؟ ھڪ
ڀيرو)، اَلا (؟ ھڪ ڀيرو)، ڀيڪارا (ھڪ ڀيرو). دس اوتار
جي مھڙ ۾ ھيءَ ھدايت درج آھي تھ ان کي ’سر ڪيڏاري‘ ۾
ڳايو وڃي. ياد رھي تھ شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ (وفات
1752ع) ڪربلا جي قضيي تي جيڪي بيت چيا ھئا، سي پڻ
انھيءَ سُر ۾ آھن.
ھاڻي قلمي نسخي ۽ ان جي صورتخطيءَ بابت وضاحت. ھيءُ
پراڻي ۾ پراڻو قلمي نسخو سن1793ع سمراٽ جو آھي، جيڪو
عيسوي سنھ 1737ع جي مطابق آھي. اھو قلمي نسخو وڏو،
ويڪرو ۽ ھلڪي ھيڊي کھري ڪاغذ جو آھي. صفحن جا انگ
منجھيل آھن، ڇاڪاڻ تھ ڪيترن ئي صفحن تان انگ ميسارجي
ويا آھن، جڏھن تھ ڪي ٻيا اھڙا ڀاڱا وچ ۾ آندا ويا آھن
جن جي صفحن تي ٻيءَ طرح جا انگ ڏنل آھن. پير شمس وارو
دس اوتار اڻ انگيل صفحن تي درج ٿيل آھي، پر وچ ۾ آندل
ڀاڱن تي نھ آھي. سو ائين چوڻ ۾ ڪو وھم نھ آھي تھ متن
پڪ ئي پڪ 1737ع ڌاري لکيت ۾ آندو ويو ھو. اھو چئن ورقن
تي آھي.
انھن گِنانن کي لکيت ۾ آڻڻ لاءِ کوجڪي صورتخطي ڪم آندي
وئي آھي. ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا
انھيءَ صورتخطي کي اھا ساڳي صورتخطي سمجھن ٿا، جا اَن
سانڍڻ جي گُندڙن تي ڪم آندل آھي. انھن گندڙن جي ٺڪرين
تي اصلوڪي ناگريءَ جي اٺين صدي عيسوي واري طرز ۾ مختصر
تحريرون آھن. انھن گندڙن جو ٺڪراٽو ايف.اي.خان کي
ھيٺينءَ سنڌ ۾ ڀنڀور جي کوٽائي ڪرائيندي اھڙيءَ سطح
تان ھٿ آيو ھو، جو سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کان اڳ وارو
ھندو – ٻڌ مت زماني سان واسطو رکي ٿو. (6) الانا جو
چوڻ آھي تھ اھا صورتخطي اسماعيلي کوجن 1051ع ۽ 1351ع
جي وچ واري زماني ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي ھئي، پر
انھيءَ صورتخطيءَ جو اوائلي واھپو ڪاروباري مقصدن لاءِ
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. گھڻو ڪري لوھاڻا ۽ ڀاٽيا اھا صورتخطي ڪم
آڻيندا ھئا. (آءٌ نٿي سمجھان تھ ڪو اڃا تائين ڪم
آڻيندا ھوندا) ۽ اسماعيلي کوجن ۽ ميمڻن ان کي جاري
رکيو. ڪڇ جا ميمڻ تھ پڪيءَ طرح سان مسلمان ٿيڻ کان اڳ
لوھاڻا ھئا. سندن حياتيءَ جو ڍنگ ۽ طور طريقو گھڻي
ڀاڱي لوھاڻن جھڙو ئي آھي. بھرحال، دس اوتار جنھن
صورتخطيءَ ۾ لکيل ملي ٿو، تنھن جي اوائلي ۾ اوائلي
لکيت جي ثابتي سنه 1737ع جي آھي ۽ اھو ھيءُ قلمي نسخو
ئي آھي، جنھن مان اسان کي اھا ’الف – ب‘ مڪمل ملي ٿي،
جنھن ’الف – ب‘ جي اوائلي شاھدي ڀنڀور مان نڪتي آھي.
(مون ھن مقالي سان اھا کوجڪي صورتخطي شامل ڪئي آھي، جا
اسماعيلي جماعت واري قلمي نسخي ۾ ڏنل آھي ۽ ان سان گڏ
سنڌي، گجراتي ۽ عربي صورتخطيون پڻ ڏنيون اٿم) ڏسو:
ضميمو – 1.
اشارا
1.
کوجڪيءَ ۾ ڇوٽي ’ي‘
(i)
توڙي ڊگھي ’ي‘ لاءِ ساڳيو نشان ڪم آندو وڃي ٿو.
وينجَنَن سان رڳو ڊگھي ’ي‘ اچاري ويندي آھي ۽ ڇوٽي ’ي‘
ڪڏھن بھ اچاري ناھي ويندي. ڏسو ھيٺ حوالو3.
2.
کوجڪي صورتخطيءَ ۾ ڊگھي ’اُو‘
(u)
يا ڇوٽي ’اُ‘(u)
لاءِ ساڳي نشاني ڪم آندي وڃي ٿي؛ گھڻو ڪري ڇوٽي ’اُ‘
ڪتب ايندي آھي، ڪيئن ’اُڀا‘، ’اُڏاريا‘، ’اُپر‘ وغيره
۾. وينجنن سان فقط ڊگھي ’اُو‘ اچاري وڃي ٿي ۽ ڇوٽي
’اُ‘ ڪڏھن بھ اُچاربي ناھي. ڇوٽي ’اُ‘
(o)
۽ ’يو‘
(u)
۾ ڪو فرق نھ آھي. مثال طور اڳياڙيءَ واري اُچار ’اُ‘ ۽
پڇاڙيءَ واري اُچار ’يو‘ لاءِ ساڳيو اکر ڪتب آندو وڃي
ٿو، جيئن لفظ ’اُتاريو‘ ۾.
3.
ٻين سنسڪرت تي ٻڌل صورتخطين وانگر کوجڪي ۾ بھ
e
(ي) لاءِ
a
(الف) کان مختلف نشاني آھي. گجراتي ۾ ’الف‘ سان ماترا
جي نشاني گڏي
e
(ي) ٺاھي ويندي آھي. کوجڪيءَ ۾
e
(ي) جي اُچار لاءِ ڌار نشاني آھي. اھا ’پ‘ اکر جھڙي
آھي، رڳو ي جي نشاني وڌيڪ اٿس. ان ڪري اھا ڀُلجي پَ،
پِ، پُ بھ پڙھجي سگھي ٿي. ڏسو ھيٺ حوالو 10 – ان
صورتخطيءَ ۾ ـَ واري نشاني ٻين وينجنن سان پڻ ڪم آندي
وڃي ٿي؛ جھڙوڪ: ’ويچار‘ ۽ ڇوٽي سُر ـَ (زبر) اچارڻ
لاءِ لفظ ’ڪِيا‘ ۾ ڇوٽي سُر ـِ جي اُچار لاءِ ۽ لفظ
’پاسي‘ ۾ ’ي‘ جي اچار لاءِ.
4.
کوجڪيءَ ۾ ھڪ پدادُھرا سُر
(dipthongs)
ڪونھ ٿين.
5.
ان صورتخطيءَ ۾ گ
(g)
جون ٽي ڌار ڌار صورتون ڪم آنديون وڃن ٿيون: ھڪڙي
سنسڪرت جي رواجي ’گ‘ جي اچار لاءِ آھي جو ساڳيو ئي آھي
جھڙو گجراتيءَ ۾؛ ٻي گجراتيءَ جي
gr
جھڙي اچار لاءِ ۽ ٽين
gri, gre, gra
جي اچارن لاءِ آھي.
6.
ان صورتخطي ۾
j
(ج) لاءِ ٻھ نشانيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون (توڻي جو
ٻي ائين ٿي لڳي ڄڻ پھرينءَ جي وڌيڪ سھنجي صورت ھجي)
جيئن جاڙو، جُڳ، آج وغيره ۾. اھا ’جھھ‘ واري نشاني
منجھار، ھنجھار وغيره جھڙن لفظن ۾ ڪم اچي ٿي.
7.
کوجڪيءَ ’پوپٽ‘ واري
t
’ٽ‘ ۽ ’بيٺا‘ واري
th
’ٺ‘ جي اچارن لاءِ ساڳيون نشانيون ڪم
آڻي ٿي.
8.
ڪراچيءَ وارو قلمي نسخو جنھن کوجڪيءَ ۾ لکيل آھي، تنھن
موجب تارون وارن اکرن ’ڊ‘ (توڻي جو اھي اچار ٻين ٻن
کان گھٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو) ’پاڻ‘ واري ’ڻ‘ ۽ ’ڪِروڙي‘
واريءَ ’ڙ‘ لاءِ ھڪ ئي نشاني ڪتب آندي وڃي ٿي (منھنجي
خيال ۾ ھيءُ پويون اچار يعني ’ڙ‘ ٻين ٻن کان مڙيو ئي
سرس آھي)
9.
ڪراچيءَ جو قلمي نسخو ڏندن واري اُچار ’ڌ‘ لاءِ ٻھ
نشانيون ڪتب آڻي ٿو. اھو گھڻو ڪري پر ھميشھ نھ. ٻاھرين
لفظن لاءِ ھڪڙي نشاني ڪم آڻي ٿو، جيئن: ’مھاڌن‘،
’ڌاريا‘، ’مُھامڌ‘ وغيره ۾. بظاھر اھو سنسڪرت کان آيل
سڀني لفظن لاءِ ٻي نشاني استعمال ڪري ٿو،
جيئن’اُڌاري‘، ’ڌراوي‘، ’ڌريا‘، ’ڌيائيا‘ وغيره.
10.
کوجڪي صورت ۾ ’پ‘ اکر سنسڪرت يا گجراتيءَ جي اکر ’پ‘
جھڙو ئي آھي؛ پر کوجڪيءَ ۾ ان کي ڀلجي ’ي‘ بھ پڙھي
سگھجي ٿو؛ مثال طور پاڻ، ايڻي ۽ ايٿري لفظ ساڳي نموني
لکيا وڃن ٿا.
11.
ڪراچيءَ واري قلمي نسخي ۾ ’ف‘ ۽ ’ڦ‘ لاءِ ساڳي نشاني
ڪتب آندي وئي آھي، جيئن ’فرمان‘ ۽ ’ڦل‘ ۾.
12.
ڪراچيءَ وارو قلمي نسخو جنھن کوجڪيءَ ۾ لکيل آھي، تنھن
۾ ’ڀ‘ لاءِ ٻھ نشانيون ڪتب آيل آھن، سي پڻ قدري منجھيل
نموني ۾ (گجراتيءَ ۽ سنسڪرت ۾ فارسيءَ ۽ عربيءَ وانگر
چپن واري
(Labial)
’ڀ‘ لاءِ رڳو ھڪڙي نشاني آھي. سنڌيءَ ۾ ٻھ آواز ’ڀ‘ ۽
’ٻ‘ آھن) ٻن الڳ الڳ نشانين لاءِ ڪوبھ سبب يا سلسلو
ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
13.
ڪراچيءَ واري قلمي نسخي ۾ جيڪا کوجڪي ڏنل آھي، تنھن
لاءِ
y
(ءِ) لاءِ ڪا نشاني ڪانھي. البت کوجڪي پرائيمر ۾
y
(ءِ) جو اچار موجود آھي؛ پر ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي تھ اھو
i
(ڇوٽي ي) منجھان ڪڍيو ويو آھي. گجراتي ٻوليءَ ۾ جتي بھ
y
(ءِ) اچڻو ھوندو، تتي ڪراچيءَ واري قلمي نسخي ۾ ان کي
يا تھ ترڪ ڪيو ويو آھي يا وري ان جي بدران ’اي‘ ڪم
آندي وئي آھي، جھڙوڪ پامئا لاءِ پاميا، پنئھ لاءِ
پُنَ.
14.
ڪراچيءَ واري قلمي نسخي شوڪاري وارو آواز
(sibilants)
يعني ’ش‘ ڪونھ آھي، اھي فارسي لفظ جيڪي ’ش‘ سان لکيا ۽
اچاريا ويندا آھن، سي ’س‘ ۾ مٽايا ويا آھن. ’شاھ‘
فارسيءَ جو ھڪڙو عام لفظ آھي. ڪراچيءَ جو قلمي نسخو ان
جي بدران ’ساھا‘ ڪتب آڻي ٿو. پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“
حيدرآباد 1962ع، 33ف ۾ ڪتاب الاغاني مان سنڌي شاعر ابو
عطا السنديءَ (نائين صديءَ جي اوائل ۾) جو مثال نقل
ڪري ٿو تھ ڪيئن نھ ھو عربي لفظ ’شيطان‘ کي ’سيطان‘ ڪري
اچاريندو ھو. کوجڪي پرائيمر ۾ شوڪاري وارو آواز ’ش‘
(sh)
آھي، پر اھو ظاھر ظھور کوجڪيءَ جي ’س‘ ۽ سنڌيءَ جي ’ش‘
جو ميلاپ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
15.
ھي آواز سنسڪرت تي ٻڌل ٻولين مان رڳو سنڌي ۽ ڪڇيءَ
اندر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڪڇيءَ ۾ سخت تارونءَ وارو
(palatal)
آواز ’ڄ‘ راڄا‘ (گجراتي، راجا) وڄاڙي (گجراتي وگاڙي)
وغيره ۾ اچاريو وڃي ٿو. منھنجي ڄاڻ موجب، جنھن ٻيءَ
ٻوليءَ ۾ سخت تارونءَ وارو اچار ’ڄ‘ ملي ٿو، سا آھي
’ڪي – سواحلي‘ مثال طور، ان ٻوليءَ جو لفظ ’ڄامڀو‘.
16.
سخت تارونءَ وارو ۽ گھڻو آواز ’ڃ‘ ڪراچيءَ واري قلمي
نسخي ۾ فقط ٻھ ڀيرا ملي ٿو، جيتوڻيڪ اھو سنڌي ۽ ڪڇي
ٻولين ۾ عام جام آھي. منھنجي ڄاڻ پٽاندر، ٻي جنھن
ٻوليءَ ۾ اھو اچار ملي ٿو، سا وري بھ ’ڪي – سواحلي‘
آھي، مثال طور ان جو لفظ ’ڃاما‘.
17.
ڪراچيءَ واري قلمي نسخي ۾ ز (ض، ظ) جو اچار ڪونھي.
فارسي ۽ عربيءَ کان ورتل لفظن مان گھڻن ۾ ز (ض، ظ) جو
اچار مٽجي ’ج‘ ٿي ويو آھي. اھڙيءَ ريت ’پيرزادو‘ مٽجي
’پير جاڌو‘ ٿي ويو آھي وغيره. گجراتي لپيءَ ۾ ان اچار
لاءِ ڪا نشاني ڪانھي، تنھن ڪري فارسي کان ورتل لفظن ۾
جتي ز (ض، ظ) جو اچار اچي ٿو، اتي گجراتي ماڻھو ’ج‘
اچاريندا آھن، جيئن ’زيرھ‘ جي جاءِ تي ’جيرا‘ وغيره.
ان جي ابتڙ صورتحال جو مثال ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڏئي ٿو. ھن پنھنجي اڳئي ڄاڻايل ڪتاب ’الجاحظ‘ جي
تصنيف، ڪتاب الحيوان (لڳ ڀڳ 800 ھجري) منجھان ڪنھن
سنڌي مائيءَ جي ڳالھھ نقل ڪئي آھي، جيڪا ’جمال‘ جي
بدران ’زمال‘ اچاريندي ھئي.
ضميمو -2
پير شمس جي دس اوتار جو متن
راڳ ڪيدارَ
پھلي مَڇَ روپي نارائڻَ دئتي ڏاڻَوي اَسُورَ پَرائي
آڀَ مَرَڇَ سَگھري رِکِيو دَرَڻو چاريا. ويد سُميٽَ
ڪري جَرڻا وِچي سڪاسَرَ ناٽَ تِيڻي دوئيئو ھسي راجا
نارائڻ ڪڍيئا ٿائو. سڀني پريگڻو ڏاڻو. ڪَرَتَ ڪمائِيءَ
لڌا ھري اَوُتارَ سُڻو ڌياڻائيا دَئتي ڏاڻوي اَسوُرَ
پرائيئَڻَ مِرڇ سَگھاري رکِيو. ڌرُڻ سِروي جُڳَ جُڳَ
نارائِڻ سَمَرو شاه اَتڪري، نارائڻ: (1)
ڏيو (؟) ڪورَڀَ روپي ڪُرو آپَئيا (اَسَينئا؟) آسو ڀَرَ
ڌري مُدَ ڪِيٽَڪَ وِدارَ سِرجيا اُڀا ڀوُ اِئوتارَ
ايڻا چدروُ سائِيئَرَ ڏيو مَدي تِڪيو ڀرما ڪيئو
نِھادرَ ھرِي اَوتارَ سُڻو ڌيانيا: (2)
تير جي واراها روپي نارائڻ هَري مورَ مارڻ ڌري سگهارڻ
واچا موهوتا ڪري. دئيت ڪو شاها ڀٽ ڀراڻا ٽريو اوتار
سڻو ڌيانيا عليءَ روپي نارائڻ آئيا هري اوتار سڻي
ڌياڻيا: (3)
ڇوتيئِي ھرڻاڪَس ڀريا آئي ناھسا ھر ڪاري ھريا چارَئِي
چوڪَ ڀَرَپُورَ ڀِئِٽا ساڻ پَھلاج واڌاريءَ تو نارائڻ
ڪَتي ڏِٺا ٿَڀَ وِچا شاه نِسرَيو نارسَگھا روپي نارائڻ
ڏسدو وِڪَرا. نهي ھيرُ پائهي سَتيئو ڏاڻَوَ ڪِرِتِي
ڪمائيا لڌا اَوَتارَ سُڻو ڌيانيا: (4)
پنجمين ٿيو وائهمَن بَلا ويد وَڌَ ناگھر جَلَنُ
تِرگيرا وِکَ ڀَمدو شاه آئيو ٻانڀڻ جوتشي ٻَھوُ
اَوَتارَ نَدَنَ وِيرا لوچن گري دي نِيئي واچا دينهِي
دينهِي اَھوڪارا سو ڀري راديا آئيو لَتَ ھڻجو مُڪوئهي
پَڻيھارا ھر اَوتارَ سُڻو ڌيانيا: (5)
ڇَٽمي کَمو کتريا ومي فائسراما کَھھ کتريا وسهي پُوريا
حوتَ مَهي سَرَ ھسِ سَھسَ راڌِيَڻَا سَھس ڪرو کڙيا
وَسَ سو ھرَ گھاليو پِنجَري سامِيا ڪياسي ساميا ٻاڻ
ھرِ اَوَتارَ سُڻو ڌيانيا: (6)
سَتمي سِرِي رامَ بڻائيا ھر تر لوڪي ھي جوگيو جسرٿَ
وِچ ديو ڪئيا وِڻيا واچا اي سا مَجهئي ٻارھَھ ورھھ
پَتَ ڪريا رائيَڻَ ڀُولا سي وِڪَريا سِيتا ليءِ
دَساسَر گَئيا راديا وَجرا جَگَسَرو بڌيا سترَ سَڀڪَئي
ديوَ تَڻَمي عيب نھ مَڌو وَرِيا رائنا ماري لاک گَڻَ
تا ھر اَوَتارَ سُڻو ڌيانيا: (7)
نِڌَنَ مُحُلَ گھر بالو آئيا. نِڌَن محل گھر ديوَ
ديائيا. ھرَ ھرَ آئي چَلَترَ ڪري. اتمهي ٿِي اَوَتاري
آئيا. ڌڻِي جَمَڻا ڌيوھا جھليو مُکُ ڪَسَ ڪيسَ تياڪارَ
مڌيا. گهيدِي اُچاريا اُٽِي سَٿَ مھاديانَ مِريا.
ڪَيهسي ڪيهسي ڪَپَ (ڪيئي) سَرو ڪَنڻا. روپَ ماھاو
آوَمَريا سُڻو ڌيانيا: (8)
نَوَمي شاھھ بڻائيا ڌرَمَ نِي آڌَرَ وِسَنَ ڌائيا
ماڻَڪَ ماڻَڪَ نهي پَرچاريا جوتَ بئيٽو پَرڀُ ھٿ ڪري
ڀئيئَرَ ديکي ڀائي اَرَ کائبا گڙ (ڻ) جَپَ مالا مٿاھھ
ھٿ ڪري ماھاوَ روپي ديکو چائيا وِکيا جوگو شاه اَليا
وَرو آئي بَئيٽو شاه ترڀو وَنَ رائيا. ھرِي اَوَتارَ
سُڻو ڌيانيا: (9)
دَسمي پورَک پاچ ماھي گَڻ (گڊ) آلموت ھر آئي ديکاريا.
پاڇمي ٿيو پريگڻو نشان وڌائيا. ديکو ڪرو وادائيو
اَڻَتَ ٿيو ڳَتِ لوڪ سدائيا. سگي آلَ پروٿَمِي سِيلَ
سچ رادِيَنا. اَڌَڪ تمِي دَرَسَڻَ ھارا ڪوٽَ کَنگھي
لياڪي مِيدِرَ واني نئِي پُٽاپُٽَ وَھديو ڪسر ڪوٽَ
کَڻَگ سُجھا مُسَر ماڻيا ڌَرڌَ گائيو. واچ فصل ٻَھوُ
ايلاميا رُنا لئي لتِي لوڪ گَرَ جَئوُ ڪني سُئا سي
آکيا. دِٺا ٽگيھي چور ٿيو ساڌَ گھٽَ چوھئي مَٽا مھيلا
ڀتارَ نھ مَليو (مَجھيو) اَڏيِ ڪَلَ ايتَ پُترَ وِرِڌا
ھيڪڙي ٿائي. وھانَن وِيرَ وِيرَ راڪِيسَرَ مَنا ڪُسيدا
جِسَڪُ آئي. سَمَ پيالي ڀيجي اَلي (علي) دَرَ گُرَ
باجَھر پچي. اَلي (علي) نِڌالي ايسا دوسَ گَڻَ ويچارو
اَٿَرَ وَڻي ويد ٿيو. دِتو لڪي (اَ) چوڪ ناھي ڌري.
ديني واچا ڪيئو نَھ پاري. ھروُئا ميرَ پربت ٿيا گَرُ
بَن ٿيا. نِچُلال پروٿمي راگي روپي پارَ بھ ڀُلا گائي
تِرا ٿيو ويرا ڪَرسَڻَ دا گھتاڻا ساسَتِرا رِکيا.
چاريئو ٻانڀڻ واچيئا پوٿ پُراڻا ڇمڇري جو ھتَري پِيرَ
شمش ٻوليا دَسَ اوتارا شاه سنڀالو ٻاجھھ ڪري تُو
گوسيا. ھمَ بيچارا ڳت ڪُوري وينووَ ڪري وَحيلو آ،
پَرڻا مولانا ھري اَوتار سڻيو ڌيانيا.
دَئتي دانوي اُسورا برائِڻَ مِرَڇَ سگھارَ رکيو ڌرنو
سِريوو جڳا جُڳ نارائڻ سَمَرو شاه اَڌڪاري رائڻ. (10)
حوالا ۽ سمجھاڻيون
(1)
عزيز احمد، ھندوستاني ماحول ۾ اسلامي ثقافت جو مطالعو
(انگريزي) آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، 1964ع ص4.
(2)
سيد محمد لطيف، ملتان جي اوائلي تاريخ (انگريزي) لاھور
1965ع، ص87-84.
(3)
گلشن خاڪي، ست پنٿي اسماعيلين جو دس اوتار ۽ ھند –
پاڪستان جا امام شاھي (انگريزي) ھيگ جي مائوٽن طرفان
ڇپجندڙ وغيره.
(4)
ڊبليو.ايوانو، مجموعات (انگريزي) ھالينڊ 1948ع ص21
(5)
خواجھ غلام علي الانا، سنڌي صورتخطي، حيدرآباد ص23-19
(6)
ايف.اي.خان، ڀنڀور:
ڀنڀور ۾ تازو ڪرايل آڳاٽن اھڃاڻن جي کوٽائين بابت
شروعاتي رپورٽ (انگريزي) ڪراچي 1963ع ص29.
(ترجمو: سليم احمد)
|