سنڌو – سؤوير
سنڌ جي اوائلي تاريخ تي ھڪ نظر
ڊاڪٽر احمد حسن داني
ھن مقالي جو مقصد لفظ ’سنڌو‘ ۽ ان سان
لاڳاپيل لفظ ’سؤوير“ جي تاريخي مفھوم جو
جائزو وٺڻ، انھن لفظن متعلق بدلجندڙ
جاگرافيائي تصورن کي واضح ڪرڻ ۽ انھن جي
پسمنظر ۾ شامل تن سماجي – ثقافتي عنصرن کي
اجاگر ڪرڻ آھي، جن جو سنڌ سان ويجھو
لاڳاپو ٿيڻ ۾ آيو. مواد جا ماخذ، بنيادي
طرح، ادبي لکڻيون، اُڪرون ۽ سڪا آھن.
’سنڌو‘ لفظ رگويد جي ڪيترن ئي سلوڪن ۾ آيل
آھي. (1) اھو ھڪ نديءَ جي اسم خاص جي
معنيٰ ۾ توڙي نديءَ جي اسم عام طور ڪتب
آندو وڃي ٿو. پھرينءَ معنيٰ ۾، نديءَ جي
دڳ لاءِ چيو وڃي ٿو تھ اھو ورڻ ديوتا
کوٽيو ھو. (2)
اھو ھڪ ”زبردست درياءُ“ آھي، جنھن کي ٻنھي
پاسن کان شاخون پاڻي پھچائين ٿيون، جن
شاخن کي سنڌو ائين ضابطي ۾ رکي ٿي، جيئن
ڪو جنگجو راجا پنھنجي لشڪر جي ٻن پاسن جي
سالاري ڪندو آھي. (3) ٻيءَ معنيٰ ۾ ان کي
(4) رگويد وارن جي اصطلاح ’سپت – سنڌ
واھھ‘ – اتم ديس - ۾ واپرايو ويو آھي.
ٻنھي مان ڪنھن بھ صورت ۾ اھو لفظ محدود
علائقائي مفھوم ۾ استعمال نھ ڪيو ويو آھي.
ھيءَ ڳالھھ شڪ جوڳي آھي تھ سنڌوءَ جي
دوآبي
(Delta)
رگويد وارن آرين جي حياتيءَ ۾ ڪو اھم
ڪردار ادا ڪيو ھوندو.
ھندستان جي ڪيڏارن ۽ پراڻن ۾ اسان کي ٽن
پاڙيسري ملڪن – سنڌو، سؤوير ۽ سبي – جا
نالا ملن ٿا. (5) پھريان ٻھ ڏيھھ مشھور
حاڪم جئدرٿ جي صاحبيءَ ھيٺ آھن، جو ڪورو
راجا دريوڌن جو ساٿي ھو. چيو وڃي ٿو تھ
پانڊون جي زال دروپديءَ کي زوريءَ کڻائڻ
جو ڪم ھن ئي ڪرايو ھو. جيتوڻيڪ جئدٿ جو سن
ٻڌائڻ ممڪن آھي، پر ھنن جاگرافيائي لفظن
کي تاريخ ۾ اڳتي ھلي جا معنيٰ ملي، سا کين
ڪھڙي زماني ۾ ملڻ شروع ٿي، سو پورو پورو
ڄاڻائڻ ڏکيو آھي. ھندستان جي روايتن ۾ جن
سورھن مھاجنپدن (بادشاھتن) (6) جا نالا
محفوظ آھن، تن ۾ ھي نالا شامل نھ آھن. پر
ٻڌن جي ھڪڙيءَ روايت ۾ اسان کي ’سؤوير‘ ۽
ان جي حاڪم جا نالا ملن ٿا. ’ڊيگھھ
نڪايھ‘(7) ۾ ستن بادشاھتن مان ھڪڙيءَ جو
نالو ’سؤوير‘ ان جي گاديءَ جو ھنڌ ’رورڪ‘
۽ راجا ’ڀارت‘ ڄاڻايو ويو آھي. ساڳي ڳالھھ
’جاتڪن‘ ۾ ورجائي وئي آھي، پر گاديءَ جو
نالو ’رورو‘ لکيو ويو آھي. ظاھر آھي تھ
اھي ٻئي صورتخطيون ھڪ ئي لفظ جون آھن ۽
انھن مان مراد ساڳيو ئي شھر آھي. رھائس
ڊئوڊس(8) ’سؤوير‘ کي ’سوڦير‘ يا ’اوڦير‘
سان ۽ ’رورو‘ کي ’سورت‘ سان ھڪ سنئون
سمجھي ٿو. پر رايا چوڌري(9) ان کي تنھن
ڏيھھ ساڻ ھڪ موافق ڄاڻائي ٿو، جتي سنڌو
تھذيب وڌي ويجھي. ھڪ ٻئي ھنڌ (10) اسان
’سؤوير‘ جي راجا جو نالو ’رودرائڻ‘ (11) ۽
گاديءَ جو ’رورڪ‘ پڙھون ٿا. وڌيڪ ساک
’ملند پنھو‘ (12) مان ملي ٿي، جيڪو ڏيکاري
ٿو تھ ’سؤوير‘ جون ڏاکڻيون حدون ’شڪ ناھي
تھ سمنڊ تائين پھتل ھيون‘، ڇاڪاڻ جو ان جو
نالو اھڙن ملڪن جي فھرست ۾ ڄاڻايل آھي،
جتي ’سامونڊي جھاز اچيو ڪٺا ٿين‘. سو، ٻڌ
روايتون باختري يوناني حاڪم ميناندر جي
وقت (ٻي صدي ق.م جو وچ) تائين رڳو ’سؤوير‘
جي بادشاھت جو ذڪر ڪن ٿيون. ٿي سگھي ٿو تھ
ان ڳالھھ ھن غلط فھميءَ کي پيدا ڪيو ھجي،
جنھن جو اظھار پروفيسر وان لو ھينرن ڊي
ليوو (13) ھيئن ڪري ٿو تھ ’سنڌو ۽ ’سؤوير‘
جي ٻن نالن مان پھريون ماڻھن جو ۽ ٻيو ان
ڏيھھ جو نالو آھي، جتي ھو رھندڙ ھئا‘
ڪيڏارن ۽ پراڻن جي ساک کان پوءِ ان ڳالھھ
۾ ڪو شڪ نٿو رھي تھ اھي ٻن الڳ ۽ علحدن،
توڻي جو پاڙيسري ملڪن جا نالا آھن.
ھندستان جي ڌرم شاسترن (14) ۾، سنڌو ۽
’سؤوير‘، ٻنھي جي ماڻھن کي ’گاڏڙ ڌر جو‘
ٻڌايو ويو آھي، ۽ منوءَ موجب، اهي
’آرياورت جي دائري‘ کان ٻاھر ۽ ’مليڇن‘ جو
ڏيھھ ھئا. (15) ويندي ديول سمرتيءَ ۾ بھ،
جا اٺين صدي عيسويءَ ۾ جوڙي وئي ھئي، ائين
چيل آھي تھ ’سنڌو سؤوير وڃڻ واري کي......
وري پاڻ پوتر ڪرڻ جڳائي.‘
واتسياين جي ڪام ستر جو شارح سنڌ – ديس جو
نالو وٺي ذڪر ڪري ٿو ۽ ان جي بيھڪ سنڌو
نديءَ جي اولھھ ۾ ڏيکاري ٿو. (16) ويندي
ھوئن (17) سانگ بھ سنڌو نديءَ کي اولھھ
طرف کان ۽ ’مو – لو – سان پ – و – لو‘
(ملتان) کي اوڀر طرف کان اڪري سِن – تو
(سنڌ) پھچي ٿو. اھو شايد انھن بيانن جي
ڪري آھي، جو ڪي لکندڙ (18) انھيءَ راءِ
جا آھن تھ سنڌوءَ مان مراد ھيٺينءَ سنڌوءَ
جي اولھھ وارو علائقو ۽ ’سؤوير‘ مان مراد
ھيٺينءَ سنڌوءَ جي اوڀر وارو تر ھو. پر
رايا چوڌريءَ خود البيرونيءَ (19) جو بيان
نقل ڪيو آھي. البيروني، پنھنجو مواد وايو
پراڻ مان کڻندي، اھي ٻئي جاگرافيائي
اصطلاح، سنڌو ۽ سؤوير، شامل ڪري ٿو ۽
ڄاڻائي ٿو تھ پوئين مان مراد (گھٽ ۾ گھٽ
سندس وقت ۾) ملتان ۽ جھرور جو تر ھو. ھت
سؤوير برابر سنڌو نديءَ جي اوڀر ۾ پر گھڻو
مٿي ھو. ٻئي پاسي، ائين سمجھڻ پڻ ممڪن آھي
تھ اھو سمورو ڏيھھ نھ پر سن – تو جي گادي
ھئي، جا سنڌو نديءَ جي اولھھ ۾ ھئي.
جيڪڏھن اسان ھيءَ صلاح قبول ڪنداسون تھ
پوءِ اھو سمجھڻ ڏکيو نٿو رھي تھ ڇو سنڌي
ٻولي رڳو ھيٺينءَ سنڌوءَ تائين محڊود آھي،
جڏھن تھ انھيءَ ذري گھٽ ساڳيءَ ايراضيءَ ۾
ھاڻ سرائڪي ڳالھائي وڃي ٿي، جيڪا البيروني
سؤوير جي بيھڪ ڏيکاري ٿو. سرائيڪي
ڳالھائيندڙ علائقي جي ھن سمجھاڻيءَ جي
آڌار تي ائين چئي سگھجي ٿو تھ ’سرائڪي‘
نالو شايد اصل لفظ ’سؤويراڪي‘ جي بگاڙيل
شڪل آھي.
سؤوير جي صحيح بيھڪ سڃاڻي ورتي اٿئون. ھاڻ
اسان ان جي گاديءَ، رورڪ يا رورو کي، جيئن
اھا ٻڌن جي روايتن ۾ مذڪور آھي، ڳولي
سگھون ٿا. ساڳيو ماخذ ڄاڻائي ٿو تھ اھا
وڻج واپار جو مکيھ مرڪز ھئي. ان ڪري اھا
پري ڏکڻ ۾، سنڌوءَ جي دوآبي ۾ نھ ھوندي،
ڇو تھ اُتي اھا سؤوير ڏيھھ کان ٻاھر وڃي
بيھندي. بھرحال، دوآبي جي سر وٽ، بلڪل
اُتي جتي سنڌو چورلنگھھ منجھان ڌوڪيندي
نڪري ٿي، ھڪ مشھور شھر جا پڊ آھن، جنھن کي
عربن ’الرور‘ (20) جو نالو ڏنو ھو ۽ جيڪو
اڄڪلھھ ’روھڙي‘ سڏجي ٿو. درياھ جي ٻئي ڀر
هاڻو ڪو تجارتي ۽ صنعتي مرڪز، سکر آهي.
جيڪڏھن اسين ٻڌن جي رورڪ ۽ اڄوڪي روھڙيءَ
کي ھڪ ڪري وٺنداسون تھ تاريخ جا ڪيئي
تفصيل چٽا ٿي پوندا.
ھاڻ اسان ان جاگرافيءَ جي روشنيءَ ۾ اولھھ
جي ڪلاسيڪي تذڪرن جو اڀياس ڪري سندن
احوالن کي سمجھي سگھون ٿا. سندن ڄاڻ جي
اوسر جا ٽئي ڏاڪا آھن.
پھريون ھيروڊوٽس (21) جي لکڻيءَ ۾ نظر اچي
ٿو. ھو ڪرياندا جي سڪيلاس جو ذڪر ڪري ٿو،
جو سنڌو نديءَ ۾ لھوارو ھاڪاري سمنڊ ڏانھن
ويو ھو. ’جڏھن اھا مسافري پوري ٿي، تڏھن
داريوش ھندين کي فتح ڪيو ۽ انھن علائقن ۾
سمنڊ کان فائدو ورتائين‘ ان نئين کٽيل
علائقي کي ويھين سترپيءَ ۾ شامل ڪيو ويو
(22) ۽ ان کي ستين سترپيءَ کان، جنھن ۾
ستگائيديا وارا، گنڌارا وارا، داديڪاء لوڪ
۽ اپاريتاء لوڪ ھئا (23)، الڳ رکيو ويو.
داريوش جون اڪرون ان ڳالھھ جي تائيد ڪن
ٿيون. بيھستن واري اڪر ۾، جيڪا 520 ۽ 6 يا
5 ق.م جي وچ واري عرصي جي چئي وڃي ٿي،
کٽيل ملڪن منجھھ ستگائيديا ۽ گنڌارا جا
نالا بھ ڄاڻايل آھن، پر تخت جمشيد، ھمدان
۽ نقش رستم وارين اڪرين ۾ ’ھھ (ن) دش‘ جو
نالو وڌايو ويو آھي. ھيءُ اضافو ھيروڊوٽس
واري ويھين سترپيءَ سان ٺھڪي اچي ٿو. پر
ھيءَ واڌاري ايراضي ضروري نھ آھي تھ
سنڌوءَ جي دوآبي تائين محدود ھجي. درحقيقت
ستين سترپيءَ ۾ شامل علائقي جي برخلاف، ان
ايراضيءَ ۾ سنڌوءَ جا ميدان ھئا.
ڄاڻ جي اوسر ۾ ٻيو ڏاڪو سڪندر جي تاريخ
نويسن جا اھي احوال آھن، جي پوءِ جي
لکندڙن جي لکڻين ۾ محفوظ آھن. ھيءَ ڳالھھ
ڌيان جوڳي آھي تھ سڪندر ’پيٿان کي سنڌوءَ
۽ اسيسينيس جي دوآبي کان وٺي سمنڊ تائين
پکڙيل ملڪ تي ۽ ان سان گڏوگڏ ھندوستان جي
سموري ڪپر واري علائقي تي پنھنجو نائب ڪري
رکيو. (25) سنڌوءَ جي زمينن تي رھندڙ قومن
جا نالا، ميوزيڪانس، سابس (يا سامبس) ۽
پوٽيڪانس ڄاڻايا ويا آھن. (26) سامبس جي
گادي سنديمان ھو. ميوزيڪانس بابت چيو ويو
آھي تھ اھو ھندستان جو سڀني ۾ آسودو ڀاڱو
ھو. سڪندر کي ان جي گادي ۽ ڏيھھ وڻيا ھئا.
جڏھن اتان جي راجا بغاوت ڪئي، تڏھن سڪندر
کيس سندس ئي ڏيھھ اندر ڦاھي ڏيڻ جو حڪم
ڏنو ۽ ساڻس گڏ انھن سڀني برھمڻن کي پڻ، جن
کيس بغاوت تي اڀاريو ھو. ھن وقت تائين جن
ملڪن کي بيان ڪيو ويو آھي، سي ھڪڙي سٿ ۾
آھن. ٻي سٿ ۾ ’پتال‘ وارو ڏيھھ اچي وڃي
ٿو. (27) سڪندر ھفائسشن کي ’پتال‘ جي ڪوٽ
کي مضبوط ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ۽ پوءِ ھو ڀر
واري تر ۾، جيڪو ري پاڻيو ھو، کوھن کڻڻ ۽
زمين کي پوکراھيءَ لائق ڪرڻ لاءِ ماڻھو
موڪليائين. (28) ’پتال جي ويجھو سنڌوءَ جو
پاڻي ٻن وڏن دريائن ۾ ورھايل آھي، جي ٻئي
ويندي سمنڊ تائين سنڌوءَ جي نالن سان سڏجن
ٿيون. ھت سڪندر ھڪڙو بندر ۽ گودي ٺھرائي ۽
جڏھن اھي ڪم پوري ٿيڻ تي آيا، تڏھن ھن
درياءَ جي ساڄيءَ شاخ جي ڇوڙ تائين لھواري
ھاڪارڻ جو پھھ ڪيو. ھن سامونڊي فوج جي
چونڪي ٺاھڻ جو پھھ ڪيو، ڇو جو ھن، پتال
شھر جي ويجھو، ڪيترن جھازن جو آرماڙ ڇڏي
وڃڻ ٿي چاھيو. پوءِ پاڻ وري سنڌوءَ جي ٻئي
ڇوڙ رستي سمنڊ منجھھ ھاڪاري ويو، اھو ڏسڻ
لاءِ تھ درياءَ جي ڪھڙي شاخ جھاز رانيءَ
لاءِ سولي آھي. (29)
سڪندر جي تاريخ نويسن جي انھيءَ سڄي بيان
۾ اسان کي ملڪن جا نھ پر رڳو قومن جا نالا
ملن ٿا. درحقيقت ملڪن جا نالا قومن جي
نالن تي آھن. انھيءَ ڪري انھن منجھھ سنڌو
يا سؤوير جھڙن وڌيڪ جھونن نالن ڳولڻ جو
ضرور نھ آھي. پتال جي بيھڪ ڏکي نھ آھي.
جيئن تھ اھو شھر دوآبي جي سر وٽ، اتان
اڳڀرو آھي، جت سنڌو ٻن شاخن (30) سنڌوءَ
جو مکيھ ڦاٽ ۽ ھاڪڙي وارو ڦاٽ، جنھن نالي
سان اھو اڄ سڃاتو وڃي ٿو - ۾ ورڇجي وڃي
ٿي، ان ڪري ظاھر آھي تھ ان جي بيھڪ
روھڙيءَ جي آڳاٽن پڊن کان ڪا گھڻي ڏور نھ
ھوندي. جيڪڏھن روھڙي ئي پتال نڪري پوي تھ
ڪا حيرت جي ڳالھھ نھ ٿيندي. جا ڳالھھ بلڪل
چٽي آھي، سا ھيءَ تھ سڪندر اعظم جي وقت
تائين سنڌ جو مکيھ شھري مرڪز، موجود عربي
ماخذن موجب، روھڙيءَ ۾ ۽ ان جي چوڌاري
واقع ھو.
ٽئين ڏاڪي جو واسطو سائٿيا يا ھند –
سائٿيا جي نالي سان آهي، جيڪو ظاھر ظھور
سائٿيائين مان نڪتل آھي – سي سائٿيائي، جي
ڪجھھ سويرڀرو ساڪستان (نئون سيسان يا
جھونو درنگيانا) ۾ اچي وسيا ھئا. ساڪائيءَ
سڪيٿاءِ جي ساڪستاني جو ذڪر پھريون چئريڪس
واري آئسيڊور وٽ ملي ٿو، جنھن پنھنجي
تصنيف 26 ۽ ھڪ ق.م جي وچ واري زماني ۾
جوڙي. (31) پر پوءِ جڏھن سائٿياين پنھنجين
سوڀن جو سلسلو سنڌو نديءَ تائين ڦھلايو،
تڏھن اھو نالو ھن ڀاڱي سان بھ لاڳو ڪيو
ويو. پلائنيءَ جي ’قدرتي تاريخ‘، بطليموس
جي ’جاگرافيءَ‘ ۽ ’ايريٿريئن سمنڊ جي
پيريپلس‘ ۾ سائٿيا مان اھا ئي مراد آهي.
سٺي ۾ سٺو احوال ’پيريپلس‘ ۾ آيل آھي.
ان علائقي کان پوءِ، جتي جو ڪپر اوڀر کان
ھڪ وڏي وڪڙ جي شڪل ۾ وڌي ايندڙ زمين جي
ڪري پيدا ٿيل نارن سان اڳيئي اونھو چيرجي
چڪو آھي، سائٿيا جو سمنڊ – لڳ – ڪپر اچي
ٿو. اھو علائقو اتر طرف ڦھليل آهي. اھو
تمام ھيٺاھون ۽ تراکڙو آھي. ھن وڏي ۾ وڏي
درياءَ، سنڌوءَ (سنٿس)، جيڪو اريٿريئن
سمنڊ ۾ ڇڙي ٿو، تنھن جا ڇوڙ بھ ھتي ئي
آھن. تحقيق، اھو درياءُ سمنڊ ۾ ايترو تھ
گھڻو پاڻي آڻي وجھي ٿو، جو ماڻھو اڃا زمين
کان گھڻو پري ان جي منھن وٽ ئي ھوندو جو
کيس سمنڊ، ان جي پاڻيءَ جي ڪري، سڄو اڇي
رنگ ۾ مٽيل نظر ايندو.
سامونڊي مسافر، زمين ڏسڻ کان اڳ پاڻيءَ ۾
نانگ لڙھندي ڏسي سمجھي ويندا تھ زمين
ويجھي آھي، پر مٿڀرو ۽ فارس جي ڪپر تي
زمين جي پھرين نشانيءَ طور جيڪي نانگ نظر
ايندا آھن، سي ٻيءَ قسم جا ھوندا آھن،
جنھن کي گراءِ (سنسڪرت ۾ گراھھ – واڳون)
چئبو آھي. درياءَ جا ست ڇوڙ آھن، جي سڀ
تانگھا، ڌٻڻ وارا ۽ سواءِ وچين ڇوڙ جي،
جھازرانيءَ جي اڻ لائق آھن. انھيءَ وچين
وھڪري تي باربريڪم جو وڻجارڪو بندر آھي.
انھيءَ شھر جي سامھون ھڪ ٻيٽاري آھي ۽ ان
جي پويان، اندر تي، سائٿيا جي گادي، من
نگر آھي، پر ان تي حڪومت پارٿيائي راجائن
جي آھي، جيڪي ھردم پاڻ ۾ وڙھندا ۽ ھڪ ٻئي
کي تڙيندا رھن ٿا.
جھاز باربريڪم ۾ لنگر انداز ٿيندا آھن، پر
انھن تي آيل سمورو سامان سڙو، درياءَ رستي
بادشاه کي پهچايو وڃي ٿو، جيڪو گاديءَ ۾
رھي ٿو. انھيءَ وڻجارڪي بندر ۾ جيڪي وٿون
ٻاھران اچن ٿيون، سي آھن: ڪپڙو – سادو
گھڻو پر گاڏڙ ٿورو، ڇيٽون، پيلو پٿر،
پکراج، مرجان، سرھو کئنور – ڌوپ، ڪائي جا
ٿانوَ، چانديءَ جا باسڻ، ساڪ، شراب، پر
گھڻو نھ. ڏيساور ويندڙ وٿون آھن: مصالحو،
ڪافور، ڪيسر، زمرد يا ساوا پٿر، نيلم، چين
جي پشم، سوٽي ڪپڙو، ريشم جو ڌاڳو، نير.
(32)
پيريپلس جو لکندڙ، چٽيءَ طرح ’سنڌوءَ جي
ستن ڇوڙن‘ جو ذڪر ڪري ٿو، باربريڪم جي
سامونڊي بندر جو تعارف ڪرائي ٿو، جيڪو
’وچين وھڪري‘ تي ھو. ھو اندر ملڪ ۾ گاديءَ
مِن نگر جو نالو کڻي ٿو. لکندڙ کي پڪ آهي
تھ اصل حاڪم پارٿيائي (واضح طور تي
گونڊوڦاريس جي گھراڻي مان) ھئا. پر رعيت
جا ماڻھو گھڻي ڀاڱي سائٿيائي ھئا. ان ڪري
ئي ڏيھھ جو نالو سائٿيا آھي. من نگر جي
بيھڪ چٽي ڄاڻايل آھي. باربريڪم جي سامونڊي
بندر جي ھڪ ٻيٽاري ھئي ۽ ان جي پٺيان من
نگر ھو. پلائني (33) پڻ ننڍڙي ٻيٽ جو ذڪر
ڪري ٿو ۽ ان کي ’پتالي‘ سڏي ٿو، پر پوءِ
جڏھن ھو ’پتاليءَ جي ٻيٽ ۾ شھر ڏانھن‘ اصل
مفاصلو ٻڌائي ٿو، تڏھن ھو ان جو نالو نٿو
کڻي.
بطليموس (34)، ھند – سائٿيا جي اصطلاح کي
وسيع معنيٰ ڏيندي ان ۾ پنجاب جو گھڻو
علائقو شامل ڪري ٿو ’۽ پڻ، سنڌوءَ جي باقي
وھڪري جي سنوت ۾ سموري ملڪ کي ھند –
سائٿيا جي عام نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
انھيءَ منجھان وچ ۾ سڪي، چوڌاري پاڻيءَ
وارو جيڪو ڀاڱو سنڌوءَ جي ڇوڙ واري پاسي
دوشاخي ٿيڻ سان ٺھي ٿو، سو پتاليني آھي، ۽
ان جي مٿان وارو علائقو ابيريا آھي.‘ وڌيڪ
ھو ’ٻيٽن ۾‘ ٻن شھرن ’پتال‘ ۽ ’باربريئي‘
جا نالا ٻڌائي ٿو.
انھن ٽنھي احوالن ۾ ٻيٽ جي ڳالھھ ساڳي
آھي. ان ٻيٽ کي ڪن حالتن ۾ پتال جو نالو
ڏنو ويو آھي. ٻي ساڳي ڳالھھ باربريڪم يا
باربريئي جي سامونڊي بندر جو نالو آھي.
اندرئين ملڪ جي شھر جو نالو ٽالمي ’پتال‘
ٻڌائي ٿو، جڏھن تھ بطليموس ان جو ڪو نالو
ڪونھ ڄاڻايو آھي. پيريپلس جو لکندڙ من نگر
نالو ٻڌائيندي، ان کي ’سائٿيا جي گادي‘
سڏي ٿو. ائين وسھڻ بلڪل واجبي آھي تھ من
نگر ۽ پتال، اھي ٻئي ساڳي ئي شھر جا نالا
آھن. بطليموس ھڪ ٽئين علائقي ’ابيريا‘ جو
نالو کڻي ٿو، جنھن لاءِ چيو اٿس تھ اھو
پتاليني جي مٿان ھو. پيريپلس پڻ ابيريا جو
ذڪر ڪري ٿو ۽ ڄاڻائي ٿو تھ اھو ’سائٿيا جي
حد سان ملي ٿو.‘ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آھي تھ
’علائقي جي گادي من نگر آھي.‘ اھو واضح نھ
آھي تھ آيا ھيءَ گادي ساڳي سائٿيا جي ئي
آھي يا ماڳھين اھو ڪو ابيريا جو نئون شھر
آھي؟ پيريپلس ۾ جنھن من نگر جو ذڪر ٻن ھنڌ
تي آيل آهي، جيڪڏھن اھو ھڪڙو ئي شھر آھي
تھ پوءِ ابيريا کي سڃاڻڻ سھنجو ٿي پوي ٿو.
عام طرح ابيريا کي آبيرن جو ملڪ ڪري ورتو
ويو آهي، پر غلطيءَ سان ان جي بيھڪ
’الھندي ھندوستان‘ ۾ ڏيکاري وئي آھي. (35)
اھو ان ڪري جو آڀيرن پوءِ ان ڀاڱي تي
حڪومت ڪئي ھئي. تاھم، انھن کي تنھن ساڳئي
تر ۾ سڪندر جي تاريخ نويسن جي سؤويراءِ
لوڪن سان لاڳاپيو ويو آهي (36)، جنھن تر ۾
اسان سؤوير جي بيھڪ ڏيکاري چڪا آھيون.
اسان اڳيئي ڏَسي چڪا آھيون تھ ٻڌن جي
روايتن موجب، سؤوير جي گادي رورڪ ھو. ان
شھر کي اڳيئي پتال ڪري سڃاتو ويو آھي ۽
ھاڻ اسان ان جو نئون نالو من نگر ٻڌون ٿا،
جو سائٿيا جي گادي ٻڌايو وڃي ٿو.
ٻيو ڪوبھ اھڙو تاريخي مواد موجود نھ آھي،
جيڪو سنڌ ۾ سائٿين جي تاريخ جو احوال ڏئي.
اھو ٻڌائڻ ڏکيو آھي تھ ھنن ماڻھن جي
حياتيءَ تي ڪيترو اثر وڌو؟ پر ھنن جو ملڪ
کي سائٿيا نالو ڏيڻ ڏيکاري ٿو تھ ھنن جي
ملڪ جي ان ڀاڱي ۾ ضرور ھلندي پڄندي ھوندي.
تاھم، ھو گونڊوڦاريس جي پارٿيائي گھراڻي
جي رعيت ھئا. ڊاڪٽر ڊابنس (37) ھڪڙي نائيڪ
(Nike)
ترڪيب جي مدد سان، ڪي سنڌي سڪا ڌار ڪري
ورتا آھن، جن ۾ گونڊوڦاريس، ساپيڊونوس،
ستوستر ۽ ڪشن مھاراجا ومڪڊڦائسيس جا سڪا
اچي وڃن ٿا. اھڙيءَ ريت، ڊاڪٽر موصوف ان
ايراضيءَ کي پارٿيائين کان سڌو ڪشن گھراڻي
وارن جي ھٿن ۾ ويندي ڏيکاريو آھي. اھا
سائٿيائي راجا مھا ڪشترپ رودرماڻ (38) جي
جھوناڳڙھھ واري ڇپ تي اڪريل لکيت ئي آھي،
جنھن ۾ سندس صاحبيءَ ھيٺ ايراضي منجھھ
سنڌو سؤوير جو نالو بھ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اھا
لکيت سنھ72 جي آھي، جو عام طرح ساڪا سنبت
جو سن ليکيو وڃي ٿو ۽ ان ڪري اھو سن 150
عيسويءَ سان مطابقت رکندڙ آھي.
ان لکيت ۾ ڄاڻايل مفتوح ملڪن کي ٽن ڀاڱن ۾
ورھائي سگھجي ٿو: (الف) مالوا ۽ سوراشٽر،
ڏکڻ ۾ ڪونڪن تائين ڦھليل؛ (ب) مارواڙ ۽ ان
کان پرتي اُتر ۾ يوڌيا ڏيھھ تائين؛ ۽ (ج)
ڪڪر، ڪڇ ۽ سنڌو – سؤوير. جيتيلن مان رڳو
ٻن حاڪمن جا نالا آيل آھن: ساتواھڻ گھراڻي
جو ستڪرڻي، جنھن جي راڄ ۾ (الف) ھيٺ ڏنل
علائقا شامل ھئا ۽ يوڌيا گھراڻي وارا، جن
جو ملڪ (ب) ۾ ڏنل آھي. ھنن جا نالا خاص
طرح ڄاڻايا ويا آهن، شايد ان ڪري جو اھي
اھم ھئا ۽ شايد سندن ھار رودرماڻ لاءِ ڪا
اھميت رکندڙ ھئي. ٽئين ڀاڱي جو حاڪم ڪير
ھو؟ سندس نالي جو نھ ھجڻ ڏيکاري ٿو تھ يا
تھ حاڪم جي اھميت ڪيم جھڙي ھئي يا وري ان
علائقي ۾ سوڀ سرحد وارن ٽڪرن تائين محدود
ھئي. اسان اڳيئي ڏيکاري چڪا آھيون تھ ڪيئن
اھا ايراضي، ويندي ومڪڊڦائسيس جي وقت کان،
مھا ڪشن راجائن جي ھٿن ۾ ھئي. اسان وٽ
اھڙي ساک موجود آھي تھ پوءِ وارن دورن ۾
بھ سنڌو – سؤوير تي ڪشن گھراڻي جي حاڪمن
جو قبضو رھندو آيو ھو. ھڪڙي ثابتي
بھاولپور واري سئي وھار نالي ڦٽل ٻڌ – قبي
(Stupa)
جي کروشتي اُڪر آهي (39) جا ڪنشڪ پھرئين
جي زماني جي آھي ۽ سن11 ڄاڻائي ٿي. سنڌ ۾
ٻيا ٻڌ – قبا بھ آھن، جتان ڪرشن گھراڻي جي
حاڪمن – ڪشڪ، ھووشڪ ۽ واسديو – جا سڪا ۽
براھمي توڙي کروشتي ٻولين ۾ اُڪريل ننڍيون
ننڍيون لکتون لڌيون آھن. سڀني ۾ مشھور
موئن جي دڙي وارو اتانھون ٻڌ – قبو آھي.
(40) تنھن کان سواءِ ميرپورخاص ۾ ٺل مير
رڪڻ ۽ سڌيرن جي دڙي جا ٻڌ – قبا آھن. (41)
اھي ٻڌ – قبا نرالي رنگ ڍنگ جا آھن ۽
اوساريءَ جي ھڪ اھڙي ھنر جو نماءُ ڪن ٿا،
جو ان تر سان ئي مخصوص آھي. پر ساڳئي وقت
اھي تڏھوڪي گنڌارا واري اڏاوتي ھنر سان
گھاٽي نسبت پڻ ڏيکارين ٿا. جڏھن ڪشن
گھراڻي وارن جو ايترو گھڻو ۽ لاڳيتو اثر
ھو، تڏھن رودرماڻ پنھنجن سوڀن کي ان
علائقي ۾ وڌائڻ جوڳو ڪيئن ٿيو ھو؟
ڊاڪٽر لئمبرڪ (42) جو رايو آھي: ’انھيءَ
ڳالھھ جو وڌيڪ امڪان آھي تھ رودرماڻ جي
وقت تائين اھو تر اھڙن مڪاني ساڪا ۽ پھلو
والين جي صاحبيءَ ھيٺ رھندو آيو ھوندو، جي
ڪنشڪ جي پوين جي نالي ماتر اطاعت ڪندا
ھوندا. اھڙيءَ صورتحال ھجڻ جو امڪان خير
ڪو آھي، ڇو تھ رومي دنيا سان ٿيندڙ ڪشن
سلطنت جي واپار جو ھڪڙو مکيھ لنگھھ عربي
سمنڊ ھو. ٻئي طرف ڊاڪٽر ڊي.سي. سرڪار (43)
۽ ڊاڪٽر جي.ايز.بئنرجي (44) رودرماڻ ۽
کانئس اڳئين حاڪم، چشتن کي ڪشن حاڪمن جي
احڪامن تي ھلندڙ سمجھن ٿا. آءٌ سمجھان ٿو
تھ جھوناڳڙھھ واري اُڪريل لکيت مان مراد
ھيءَ آھي تھ جيڪو سائٿيا وارو علائقو اڳي
سات واھڻي ڦري ويا ھئا، سو وري ھٿ ڪيو ويو
آهي. نھ پاڻ واري گھراڻي جي جاءِ چشتن جي
گھراڻي ورتي ۽ انھيءَ تبديليءَ ۾ ڪشن
گھراڻي وارن ضرور ڪانھ ڪا مدد ڪئي ھوندي.
رودرماڻ جڏھن ھيءَ دعويٰ ڪري ٿو تھ مھا
ڪشترپ جو لقب پاڻ کٽيو ھئائين، تڏھن ھو
فقط پنھنجي ڪردار تي زور ڏئي ٿو، پر ضروري
نھ آھي تھ ھو ڪشن حاڪمن جي مفادن سان ٽڪر
۾ بھ ھجي. سچ پچ تھ ھن يوڌيا وارن کي
ھارائي، ڪشن سلطنت جي راجسٿان واري پاسي
جي بچاءَ لاءِ وڏي خدمت سرانجام ڏني ھئي.
ھيءَ حقيقت تھ اھي سائٿيائي حاڪم رڳو
ڪشتري جي سادن لقبن تي ئي راضي ٿي ويندا
ھئا، سا سندن ناچيز حيثيت کي ظاھر ڪري ٿي.
؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ھاڻ اسان کي تن سماجي –
ثقافتي ۽ سماجي – اقتصادي لاڙن جو ذڪر ڪرڻ
کپي، جن ھڪ نئين تبديلي آڻڻ ۾ واھر ڪئي.
پيريپلس ۾ وڻج واپار جا تفصيل آيل آھن ۽
اولھھ جا سڀ ڪلاسيڪي لکندڙ ڄاڻائين ٿا تھ
تنھن وقت سائٿيا لوڪن جي گھڻائي ھئي، توڻي
جو سياسي طرح ھيءُ علائقو پھرين پارٿيائين
۽ پوءِ ڪشنن جي ھٿ ھيٺ ھو. ظاھر آھي تھ
سائٿياين جو ٻيو نھ تھ وڻج واپار جي ميدان
۾ ضرور غلبو ھوندو. اھي سائٿيائي، ويندي
چشتن جي وقت تائين، پنھنجن سڪن ۾ کروشٽي
اکر ڪم آڻيندا ھئا، پر ستت ئي ان لپيءَ جي
جاءِ براھميءَ کي ڏني ويئي. تاھم ڪشن سنڌو
ماٿريءَ ۾ کروشٽي واپرائيندا آيا. پر ڪن
ٻڌ – قبن جون اُڪرون، باھمي توڙي کروشٽي،
ٻنھي ۾ آھن. اڳتي ھلي براھميءَ ۾ سئنڌو
ڍنگ جون مخصوص صورتون پيدا ٿيون، جن جو
احوال البيرونيءَ (45) ڏنو آھي. ھوئن
سانگ (46) ٻڌ ڌرم بابت سنڌ ۾ رائج ڪيتريون
ئي ڏند ڪٿائون ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو تھ ماڻھو
ان جي ڳالھھ اشوڪ کان شروع ڪندا آھن.
سماجي – مذھبي لحاظ کان، سنڌ ڪشن سلطنت جي
گڏيل مذھبي ورثي ۾ بھرو ورتو. پر سنڌ جي
پوءِ واري ٻوڌي مواد جو اڀياس ڏيکاري ٿو
تھ نيون ڦيريون گھيريون اچڻ لڳيون ھيون ۽
اوڀر واري اُڪر سنسڪرت جي ڪلاسيڪي روايت
کي جياري ٿي ۽ ھي جو ھو ڪلاسيڪي اصطلاح،
سنڌو ۽ سؤوير، ڪتب آڻي ٿو تھ اھا ڪا حيرت
جي ڳالھھ نھ آھي. اھو ٻڌائڻ ڏکيو آھي تھ
ثقافتي لاڙا سنڌ اندر ڪيتري قدر داخل
ٿيا. پر ڪلاسيڪي روايت سان گڏوگڏ برھمڻن
جو ٿورو ڪي گھڻو اثر بھ ضرور آيو ھوندو.
انھيءَ نئين اثر جي ثابتي نھ رڳو فن جي
نون لاڙن مان نظر اچي ٿي، پر لڏي ايندڙ
فارسي ميگانن جي مگ برھمڻن جي برادريءَ ۾
داخلا مان پڻ. تاھم، ٻڌ روايت گھڻو وڌيڪ
رائج رھي. ٽين صدي عيسويءَ ۾ ڪشن سلطنت جي
ڊھڻ ۽ سنڌوءَ جي دوآبي ۾ ساسانين جي اچڻ
سان تصوير ھوريان ھوريان بدلجي وئي.
جيتوڻيڪ ساساني، سائٿياين جي وطن اندر اڃا
اڳتي گجرات ۽ مالوي ۾ بھ حددخلي ڪري ويا
ھئا، تڏھن بھ کين پٺتي ھٽڻو ۽ رڳو سنڌوءَ
جي دوآبي تي راضي رھڻو پئجي ويو ھو. گجرات
۽ سوراشٽر کي شاھاڻن گپتن فتح ڪيو. سنڌ،
بچيل رھندي، پنھنجي نئين ثقافتي حياتيءَ
کي زور وٺائڻ ۽ روايتن لاءِ رستو ھموار
ڪرڻ لڳي.
حوالا ۽ سمجھاڻيون
(1)
مئڪڊونيل ۽ ڪيٿ ’ويدن ۾ آيل نالن ۽ مضمونن
جي ڏسڻي“ (انگريزيءَ ۾)، ڏسو ’سنڌوءَ‘ جي
سري ھيٺ؛ ايچ.جي.گرس وولڊ ”رگويد جو ڌرم“
(انگريزيءَ ۾) آڪسفورڊ 1923، ص30، 49،
146، 181، 300، 301.
(2)
”رگويد“ ڏھون – 75 – 2.
(3)
ايڇ.جي.گرسوولڊ، اڳ ڄاڻايل ڪتاب؛ ص301
(4)
”رگويد“ پھريون 32-12؛ 35-8؛ چوٿون 28-1.
(5)
”مھا ڀارت“ ٽيون باب 266.
(6)
ايڇ.سي.رايا چوڌري، ”آڳاٽي ھندوستان جي
سياسي تاريخ“ (انگريزيءَ ۾) ڇھون ڇاپو،
ڪلڪتو، 1953ع ص95.
(7)
رھائس ڊيوڊس ”اوپر جا سڳورا ڪتاب“
(انگريزيءَ ۾) جلد ٽيون ص269، 270.
(8)
رھائس ڊيوڊس، ”ٻوڌي ھندوستان“ (انگريزيءَ
۾) لنڊن 1911ع، ص38.
(9)
رايا چوڌري، اڳ ڄاڻايل ڪتاب ص2.
(10)
”ويويا ودن“ ص 545.
(11)
رايا چوڌري، اڳ ڄاڻايل ڪتاب ص197.
(12)
ايضًا ص620.
(13)
وان لو ھينرن ڊي ليووَ، ”سائٿيائي زمانو“
(انگريزيءَ ۾) ليڊن 1949، ص45-44، فٽنوٽ
169.
(14)
”ٻؤڌائن ڌرم شاستر“ پھريون – ھڪ – 29.
(15)آر.سي.ھازرا
”ھندن جي ريتن رسمن تي پؤراڻي احوال“
(انگريزيءَ ۾) ص205.
(16)
رايا چوڌري، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص620.
(17)
سيموئيل بيل، ”ھندستان بابت چيني احوال“
(انگريزيءَ ۾) ڪلڪتو 1958ع، جلد چوٿون،
ص65-461.
(18)
مثال طور، ڊي.سي.سرڪار ”چونڊ
اُڪرون“(انگريزيءَ ۾) ڪلڪتو 1942ع، ص 172،
فٽنوٽ1.
(19)
اي سخائو، ”البيرونيءَ جو ھندوستان“
(انگريزيءَ ۾) لنڊن 1914ع، جلد پھريون
ص500.
(20)
اين.اي.بلوچ ۽ اي.رضوي، سنڌ جو فتحنامو
(چچنامو)، حيدرآباد 1963ع ص314 وغيره.
(21)
”ھيروڊوٽس جي تاريخ“ انگريزي ترجمو:
رالنسن، لنڊن 1945ع ڪتاب چوٿون، 44.
(22)
ايضًا ڪتاب ٽيون 94.
(23)
ايضًا ڪتاب ٽيون 91.
(24)
سرڪار، اڳ ڄاڻايل ڪتاب ص11-1.
(25)
آر.سي.مجمدار ”ھندستان جا ڪلاسيڪي
احوال“(انگريزيءَ ۾) ڪلڪتو 1960ع، ص76.
(26)
ايضًا ص261.
(27)
ايضًا ص78.
(28)
ايضًا ص79.
(29)
ايضًا ص81.
(30)
ايم.بي.پٿاوالا، ”سنڌ جي طبعي ۽ اقتصادي
جاگرافي“ (انگريزيءَ ۾) ڪراچي 1959ع باب
ٻيو.
(31)
ڪي.والٽر ڊابنس ”ساڪن“ ۽ پھلوَن جا سڪا ۽
اُڪرون (انگريزيءَ ۾)، (آسٽريليا جي قومي
يونيورسٽيءَ جو ڊاڪٽريٽ لاءِ اڻ ڇپيل
مقالو، 1972ع) ص50.
(32)
آر.سي.مجمدار، اڳ ڄاڻايل ڪتاب ص300.
(33)
ايضًا ص343.
(34)
ايضًا ص73-272.
(35)
رايا چوڌري، اڳ ڄاڻايل ڪتاب ص446.
(36)
ايضًا ص498 فٽنوٽ 2، جنھن ۾ پتنجليءَ جي
”مھاڀاشيھ“ ۽ ”مھاڀارت“ مان حوالا ڏنل
آھن.
(37)
ڪي.ڊبليو.ڊابنس، اڳ ڄاڻايل مقالو ص127-116
۽ 64-263.
(38)
سرڪار، اڳ ڄاڻايل ڪتاب ص172.
(39)
ايسر ڪونو ”ڪارپس انسڪريپشنم اِنڊيڪرم“
جلد ٻيو ”کروشٽي اُڪرون“ ص141.
(40)
سر جان مارشل، موھن جو دڙو ۽ سنڌو تھذيب
(انگريزيءَ ۾) لنڊن 1931ع، ص116-115.
(41)
ايڇ.ڪزنس ”سنڌ جون جھونيون
وٿون“(انگريزيءَ ۾) ڪلڪتو ص108-8.
(42)
ايڇ.ٽي.لئمبرڪ ”سنڌ مسلمانن جي فتح کان
اڳ“ (انگريزيءَ ۾) حيدرآباد 1973ع، ص127.
(43)
آر.سي.مجمدار ۽ اي.ڊي.پسالڪر (ايڊيٽر) ۾،
”ھندستاني ماڻھن جي تاريخ ۽
تمدن“(انگريزيءَ ۾) جلد ٻيو، بمبئي 1953ع
ص 85-182.
(44)
ڪي اي.نيلڪنٺ شاستريءَ (ايڊيٽر) ۾
”ھندوستان جي جامع تاريخ“(انگريزيءَ ۾)
جلد ٻيو، ڪلڪتو 1957ع، ص83-80.
(45)
اي.ايڇ.داني، ”البيرونيءَ جو
الھند“(انگريزيءَ ۾) اسلام آباد 1973ع،
ص63.
(46)
اي.بيل، اڳ ڄاڻايل ڪتاب ص62-361.
(ترجمو: سليم احمد)