اسان جو خيال ھي آھي تھ ان مواد جو تعلق گپتا گھراڻي
جي آخر واري زماني يعني ڇھين ۽ ستين صديءَ سان آھي. ان
لاءِ اسان وٽ اڻ ڳڻيا ثبوت موجود آھن. مثال طور
مينامتي (65) يا برھمڻ آباد (66)، جتي شڪستھ مجسمھ ۽
اُڪريل سرون سندن پوترتا جي مدنظر ٻڌ مندر جي مرمت
دوران اندر رکيا ويا ھئا. ان ۾ ڪنھن بھ شڪ جي گنجائش
نھ آھي تھ ڏيون موري ۾ پڻ ائين ئي ڪيو ويو ۽ مندر جي
ڪنھن نھ ڪنھن ھڪ مرمت دوران، جا ڇھين صديءَ بعد عمل ۾
آئي، اھڙيون ڀڳل ٽٽل چيزون ڏيوري اندر سانڍي رکيون
ويون. (67) باقي دٻليءَ جي موجودگي تڏھن ممڪن ٿي سگھي،
جڏھن مندر جي سموري اڏاوت ھڪ ئي وقت تعمير ڪيل ھوندي،
جيئن کوٽائي ڪندڙن جي راءِ مان پڌرو ٿئي ٿو. ليڪن ان
حالت ۾ ممڪن حل ھي ٿي سگھي ٿو تھ ڇھين صديءَ بعد جڏھن
مندر جي مرمت جو ڪم ھٿ ۾ کنيو ويو تھ ان دوران عمارت
جي مرڪزي حصي ۾ رَک جي قديم دٻلي پڻ دوباره داخل ڪئي
ويئي ھئي، جيئن ميرپورخاص واري ٻڌ مندر ۾ پھرين ان
دٻليءَ جي مرمت ڪري، پوءِ کيس ان پوتر آستان ۾ محفوظ
رکيو ويو. (68) مٿي ڄاڻايل مثال مان صاف ظاھر آھي تھ
ڪيئن نھ سنڌ وارو دوباره جائزو ورتل مواد برصغير جي
ڪيترن ٻين حصن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿئي
ٿو، جيئن ڏيون موريءَ جي حالت ۾ اسان ڏٺو آھي.
سنڌ جي قديم ۽ تاريخي آثارن جي دوباره لڳايل تخميني
سبب جيڪي اھم نتيجا نڪتا آھن، انھن مان ھڪ وڌيڪ مثال
انھن ٺپن جو آهي، جي ڌرمي ڪريا ڪرم ۾ ڪتب ايندا آھن.
ميرپورخاص جي الھندي واري ديوار ۾ جو ڏيورو ٺھيل آھي،
تنھن جي ويجھو سؤ کان وڌيڪ اھڙا ٺپا لڌا ويا ھئا، (69)
اھي ڳوھيل مٽيءَ جي مٿان سانچي ھڻڻ سان ٺاھيا ويندا
ھئا ۽ بعد ۾ انھن کي يا اُس ۾ سڪايو ويندو ھو، يا وري
آوريءَ ۾ پچايو ويندو ھو. اھي اھڙا ئي ٺپا آھن، جي ٻڌ
رکي (ڀنڊ رڪشا)، جيڪو برھمڻ آباد جي نووھار مڙھيءَ جو
مھنت هو، تنھن ويٺي ان وقت ٺاھيا جڏھن چچ (جيڪو حق غصب
ڪندڙ ۽ نئين ھندو گھراڻي جو پايو وجھندڙ ھو) ستين
صديءَ جي وچ ڌاري ساڻس ملاقات لاءِ آيو. (70) چچ جو
ارادو ھو تھ مھنت کي قتل ڪري، ڇاڪاڻ تھ اھو سندن دشمنن
جو سياسي صلاحڪار ھو، جو برھمڻ آباد جو حاڪم ھو. ليڪن
جڏھن چچ اتي آيو، تڏھن ڏٺائين تھ ھو ڪرسيءَ تي براجمان
ھو ۽ پرارٿنا ۾ مشغول ھو. سندس ھٿن ۾ سخت ڳوھيل مٽيءَ
جا چاڻا ھئا، جن مان ھن بت ٿي ٺاھيا. ھن بتن تي ھڪ قسم
جو ٺپو ٿي ھنيو تھ مٿس ٻڌ جو عڪس ظاھر ٿي ٿيو. بت جي
ساخت مڪمل ٿيڻ تي اھو ھڪ پاسي رکي ٿي ڇڏيائين. (71)
جيتوڻيڪ ٻڌ رکي کي چچ جي تشريف آوريءَ جي مقصد جي پوري
ڄاڻ ھئي، تڏھن بھ ھو پنھنجي پوڄا پاٺ ۾ محو رھيو ۽ چچ
ھن جي گنڀيرتا کان ايترو متاثر ٿيو جو ھن پنھنجي اصلي
ارادي ۾ تبديلي آندي ۽ نھ فقط اھو، پر کانئس ھي بھ
پڇيائين تھ سندس لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي! مھنت پوءِ کيس
گذارش ڪئي تھ ان پراڻي مندر کي نئين سر تعمير ڪري،
جنھن جو ھو مھنت ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن وقت جا ڪافي لوڏا سٺا
ھئا. ھن جو اھو عرض چچ اگھايو. ھن واقعي مان انھيءَ
ڳالھھ جو ثبوت ملي ٿو، جنھن لاءِ آءٌ مٿي بحث ڪري چڪو
آھيان، يعني تھ اھو ڪو ھروڀرو ضروري نھ آھي تھ
ميرپورخاص واري مندر جي تعمير ٻڌ گھراڻي جي راڄ دوران
ٿي ھجي، ڇاڪاڻ تھ انھن ڏينھن سنڌ اندر مذھبي تعصب ھرگز
وجود ۾ ڪونھ ھو.
ڀيٽا يا ڌرمي ڪرياڪرم جي ٺپا، جي ميرپورخاص مان لڌا
ويا ھئا، تن جي ڀيٽ ساڳئي قسم جي مھرن سان ڪري سگھجي
ٿي، جي ھندوستان جي ٻين ٻڌ ڌرم جي آثارن مان لڌيون
آھن، ۽ جن جو تعلق اٺين کان يارھين صدي واري زماني سان
آھي. انھيءَ ڪري ۽ ان سان گڏ ھن حقيقت جي مدنظر تھ
ميرپورخاص مان اھڙا سڪا پڻ لڌا ويا ھئا، جن جو مسلمانن
جي اوائلي دور سان واسطو ھئو، ھي ثابت ٿئي ٿو تھ عربن
جي فتوحات بعد بھ ھيءَ جڳھھ ڪافي صدين تائين ٻڌ
عبادتگاھھ پئي رھي آھي. سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي ٻين آثارن مان
پڻ ساڳئي قسم جا ٺپا مليا آھن، جيئن تھ سڌيرن جي دڙي
(72) مان، حالانڪ اھي اڃا بھ اڳئين زماني جا آھن، يعني
ستين اٺين صدي سان تعلق رکندڙ آھن. ھي ٺپو جنھن جو عڪس
ڏيکاريل آھي، ڊاڪٽر پروفيسر نبي بخش خان بلوچ جي ملڪيت
آھي، ۽ ھو صاحب اھو ٺپو ڪافي سال اڳ مون وٽ موئن جي
دڙي کڻي آيل ھو تھ جيئن آءٌ ان جو نمونو فوٽو ڪڍي
سگھان. اھو نھايت دلچسپ نموني جو آھي، ڇاڪاڻ تھ انھن
جملي ٺپن کان پوءِ جي دور جو آھي، جي مون اڳ ڏٺا آھن،
ساخت جي لحاظ کان يارھين صدي جو ڏسجي ٿو يا اڃان بھ
شايد ٻارھين صديءَ جي شروعاتي دور جو ھجي. ان مان ھي
ثابت ٿئي ٿو تھ ٻڌ ڌرم سنڌ ۾ ان وقت تائين وجود ۾
رھيو. ڀيٽا وارا اھڙا ٺپا، جھڙا سنڌ اندر ڪافي ٻين
ھنڌن تان پڻ لڌا ويا آھن، اھي اتر ھندوستان جي بي شمار
آثارن مان پڻ کوٽي حاصل ڪيا ويا آھن. ازانسواءِ اھڙي
قسم جا ٺپا برما ۾ پڻ اڪثر لڌا ويا آھن. شڪل ۾ جنھن
ٺپي جو عڪس ڏيکاريل آھي، جيڪو ڏھين يا ٻارھين صديءَ
سان تعلق رکندڙ آھي، اھو تگانگ
(Tagung)
جي اوڊڪ
(Odok)
ٻڌ مندر نزديڪ لڌو ويو ھو. ياد رھي تھ تگانگ ھڪ قديم
شھر آھي، جو مانڊلي (73) جي اتر ۾ اٽڪل سؤ ميلن جي
مفاصلي تي واقع آھي. ساڳئي قسم جا ٺپا انڊونيشيا جي
بالي جزيري ۾ پڻ لڌا ويا آھن، جيڪو ھزارھا ميل پري
آھي. (74) اھي سڀ ڳالھيون ھي ثابت ڪن ٿيون تھ اھي ٺپا
ڀيٽا طور پيش ڪرڻ سموري ايشا کنڊ جي ٻڌڌرم جي ھڪ پوتر
ڌرمي رسم ھئي ۽ سنڌ جيئن تھ بين الاقوامي ٻڌ ڌرم جو ھڪ
حصو ھئي، انھيءَ ڪري اھڙيءَ دستوري رسم کان خالي نھ
ھئي.
ھڪ ٻي دلچسپ ڳالھھ جنھن لاءِ آثار قديمھ طرفان پوري
ثابتي ڪئي ويئي آھي، اھا ھيءَ آھي تھ سنڌ جي اوائلي
تاريخي دور ۾ جڏھن ٻڌ ڌرم جو زور ھئو، تڏھن ساڳئي وقت
سنڌ ۾ ھندو ڌرم پڻ عروج تي ھو. انھيءَ سلسلي ۾ سڀ کان
اول ثبوت ’برھما‘ جو پتل وارو اھو خوبصورت بت آھي،
(75) جو ميرپورخاص جي پسگردائي مان حاصل ڪيو ويو ھو.
(76) اھو مجسمو برصغير جي انھن خوبصورت مورتين مان ھڪ
آھي، جي ڌاتن مان ٺھيل آھن ۽ ورلي ھٿ اچي سگھيا آھن.
ان کان علاوه قد قامت جي نڪتھ نظر کان ھي ھڪ غير
معمولي قسم جو بت آھي. ان کان سواءِ ھي بت برھما جي
اھڙن عجيب غريب قسمن جي مجسمن مان ھڪ آھي، جي اسان کي
ورلي حاصل ٿي سگھيا آھن ۽ غير معمولي ھن ڪري آھي جو
کيس فقط ٻھ بازو آھن. (78) ھن مورتيءَ جي کاٻي ھٿ ۾
مالھا جھليل نھ آهي، جيئن ڪزنس جو پنھنجو رايو آهي.
(79) ڳوڙھي جاچ ڪرڻ تي ڏسجڻ ۾ ھي ٿو اچي تھ پاڻيءَ جي
ٿانءُ واري ڳچي آھي جا سنھي آھي. ھي ذھن ۾ رکڻ ضروري
آھي تھ پاڻيءَ جو ٿانءُ برھما جو ھڪ دستوري نشان آھي،
جو بت جي آڱرين درميان نظر اچي رھيو آھي. دراصل ھٿ ۾
جھليل ئي اھڙي انداز ۾ آھي، جيئن عام طور ساڌو يا جوڳي
ڪرمنڊل يا پاڻيءَ جو ٿانءُ ھٿ ۾ رکندا آھن. بت جو ھي
ناياب ۽ نادر نمونو ان دور جو ٿي سگھي ٿو، جو ڇھين يا
ستين صديءَ جي آخر وارو زمانو آھي. اھو اندازو
ڪاريگريءَ جي ٻين نمونن جي ڀيٽ واري بنياد تي لڳايو
ويو آھي. جيئن تھ سلطان گنج واري ٻڌ جو مجسمو، جو ھاڻي
برمنگھام جي ميوزم ۾ رکيل آھي، ٻنھي بتن جي شڪل شبيھھ
ذري گھٽ ھڪجھڙي پئي محسوس ٿئي.
ان کان پوءِ برھمڻ آباد ۾ جيڪي ھندو ديوتائن جي پٿر
وارن بتن جا ڪيترا ڀڳل ٽٽل ٽڪرا لڌا ويا آھن، تن ۾ ھڪ
اھڙو فريم نما کرل ھٿ آيل آھي، جنھن ۾ اندر ڪو بُت
رکيل ھو. ان فريم جو مٿيون حصو ۽ پاسا ديوتائن جي
ننڍڙن بتن سان سينگاريل آھن. (82) ھي اھو نمونو آهي،
جنھن جو ذڪر ھن مضمون جي شروع ۾ ڪيو ويو آھي. بدقسمتي
ھيءَ آھي جو ڪزنس طرفان ھن فريم جي موجوده جڳھھ بنسبت
نڪو اطلاع ڏنل آھي ۽ نھ وري ان جي ڪا ماپ وغيره بيان
ڪئي اٿس. ليڪن ان فريم جي جيڪا مشابھھ شڪل ڄاڻائي اٿس،
ان مان ظاھر ٿئي ٿو تھ منجھس سورج ديوتا جو بت رکيل
ھو، جنھن جي سنڌ اندر پرستش ٿيندڙ ھئي، جا ڏھين صديءَ
جي وچ ڌاري تائين مروج ھئي. ايشيا کنڊ ۾ ھن ديوتا جو
نھايت اھميت وارو مندر ملتان ۾ ھو، جو ھندستان جي اتر
اولھھ ۽ وچ وارن علائقن جي باشندن لاءِ ياترا جو مرڪز
ھو. (83) نموني جي مدنظر اھو فريم ڏھين صديءَ جو ٿو
ڏسجي، يا ٿي سگھي ٿو تھ اڃا ڪجھھ بعد واري زماني جو
ھجي، جنھن مان ھي ثابت ٿئي ٿو تھ جيئن مون اڳ پڻ اھڙو
ذڪر ڪيو آھي، تھ ’ھندو ڌرم‘ عرب حڪومت جي دور ۾ پڻ
وڌندو ويجھندو رھيو. علاوه ان جي، ھندو ڌرم جي پٿر
وارن بتن جا ڪيترا ٽڪرا ھوئن شانگ جي انھي حوالي جي
تصديق ڪن ٿا، جيئن ھو چوي ٿو تھ 642 عيسوي ۾ آثار سنڌ
اندر ٽيھارو کن ھندن جا مندر ھئا (84)، انھن مان ھڪ
مندر جا آثار تازو آثار قديمھ طرفان ڀنڀور جي کوٽائي
ڪندي لڌا آھن، جنھن کنڊر لاءِ عام انومان ھي آھي ته
اھو قديم شھر ’ديبل بندر‘ آھي (85).
کنڊر ۾ اسلام کان اڳ واري دور جي سطح تي کوٽائيءَ
دوران ھڪ عمارت ظاھر ٿي، جنھن لاءِ گمان غالب آھي تھ
شِوَ جو مندر آھي، ڇاڪاڻ تھ ان ۾ شِوَ جا ٻھ عدد
لِنگَم لڌا ويا آھن، جن مان ھڪ اڃان سوڌو پنھنجي
’يوني‘ واري حالت ۾ اُڀو بيٺل آھي. (86) ھن اندازي
لڳائڻ لاءِ انسان ھرکجي وڃي ٿو تھ اھا اڏاوت اُنھن
شاھي ”شِوالي“ جي آھي، جو شھر جي مرڪزي حصي ۾ تعمير
ٿيل ھئو، جنھن جي گنبذ مٿان ڊگھو وروڪڙ ٺُل ٺھيل ھو، ۽
جنھن جي چوٽيءَ تي چؤرنگو ريشم جو سائو جھنڊو ڦڙڪندو
ھو، جنھن متعلق اسان کي مسلم مصنف طرفان ھي ٻڌايو ويو
آھي تھ چاليھھ ڪعب فوٽ اوچو ھو. جڏھن ديبل جي ھڪ ٻانڀڻ
محمد بن قاسم کي ھيءُ ٻڌايو تھ ھو شھر تي قبضو انھيءَ
صورت ۾ ڪري سگھندو، جڏھن ھو مندر جي ٺل ۽ ان تي ڦڙڪندڙ
جھنڊي کي ھيٺ ڪيرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. تڏھن ان نوجوان
جرنيل پنھنجي فوجي انجينئر کي ھي حڪم صادر ڪيو تھ ھو
پنھنجي منجنيق جي گولن جو رخ شوالي جي چوٽي ڏانھن ڪري.
اھڙي طرح مندر جو شاھي منارو تباه ڪيو ويو ۽ ان بعد
وھمي لشڪر پنھنجا ھٿيار ڦٽا ڪري آڻ مڃي ۽ پيش پيو.
جيستائين منھنجي معلومات جو تعلق آھي تھ ديبل اھو واحد
ھندو ڌرم جو آثار آھي، جو اوائلي ۽ تاريخي زماني سان
واسطو رکي ٿو، جيڪو ھن وقت ڳولي لڌو ويو آھي، ليڪن اھو
پڻ بعيد ناھي تھ مستقبل ۾ اسان ٻيا ڪي وڌيڪ آثار ڳولي
سگھون، پر شرط ھي آھي تھ اھڙن قديم کنڊرن ڏانھن اسين
وڌيڪ ڌيان ڏيون، جيڪي عيسوي سنھ جي پھرين ڏھن صدين سان
تعلق رکن ٿا.
ھن سلسلي ۾ آءٌ انھن عاج جي چيزن ڏانھن پڻ ڌيان
ڇڪائيندس، جي بيلاسس طرفان برھمڻ آباد ۾ 56-1854ع ڌاري
لڌيون ويون آھن ۽ ھن وقت برٽش ميوزم ۾ رکيل آھن. (88)
انھن چيزن جي نوعيت مان ھي اندازو ٿئي ٿو تھ اھي ڪنھن
زماني ۾ پيتين يا فرنيچر جو حصو ھيون. انھن جو نمونو
ھوبھو اھڙن مجسمن جھڙو آھي، جي نائين صديءَ جي پوئين
اڌ يا ڏھين صديءَ جي شروعات ڌاري اوڀر راجسٿان يا
مرڪزي ھندوستان ۾ مروج ھئا. حالانڪ اھي دلچسپ آثار ان
ساڳئي انداز ۾ سنڌ ۾ ھندو ڌرم جي عروج ۾ ھئڻ جو ڪو
ثبوت پيش نٿا ڪن، جيئن برھمڻ آباد ۾ لڌل پٿر جا مجسما
اھڙي رھنمائي ڪري ٿا سگھن. بھرحال ھو اھڙي برک تجارت
ڏانھن اشارو ضرور ڪندڙ آھن، جا سنڌ ۽ ھندوستان جي
راڄڌاني ۽ اوڀر وارن ملڪن درميان ھلندڙ ھئي، انھيءَ
ڪري اھي آثار سنڌ ڊيلٽا جي انھن تھذيبي اھڃاڻن تي
دلچسپ روشني وجھن ٿا، جي ان زماني جي آخر واري دور سان
واسطو رکندڙ آھن، جيڪو اسان جي زيربحث آھي.
اھڙي عياشي واري ساز وسامان مان ھيءُ اندازو ٿئي ٿو تھ
سنڌ انھن ڏينھن ۾ ھڪ سکيو ستابو ملڪ ھو ۽ سندس عظمت ۽
عروج وارو ماحول ھڪ عام ۽ معمولي قسم جي شين جي من
موھيندڙ شڪل ۽ ڊول مان پڻ جھلڪيون پيو ڏئي، جيئن ٺڪر
جا گلدستا وغيره. انھيءَ شڪل وارو نمونو مسٽر بيلاسس
طرفان ڏيپر گھانگھري واري ٻڌ مندر نزديڪ کوٽائي ڪندي
لڌو ويو ھو، (89) ليڪن اھڙي قسم جو گھاڙيٽو ۽ اُڪرَ
سموريءَ سنڌ ۾ عام طور ھلندڙ ھئي يا وري اھڙي قسم جا
سانچا ۽ گھڙائي جا اوزار موجود ھئا، جن سان گلدستن تي
ٺپا ۽ سينگار جا گل چٽيا ويندا ھئا، قبل ان جي جو
مٽيءَ جي اھڙن ٿانون کي پچايو وڃي. اھڙا ڪجھھ نمونا
ڀنڀور مان پڻ کوٽي ڪڍيا ويا آھن، جي اسلام کان اڳ واري
دور جي سطح تي پيل ھئا. (90)
آخر ۾ مون کي ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي تھ اسان کي انھن سِڪَن
طرف پڻ ڌيان ڏيڻ گھرجي، جي ان زماني سان تعلق رکن ٿا،
جيڪو زيربحث آھي. جيئن تھ سڪن جي سڃاڻپ واري فن جو آءٌ
ماھر نھ آھيان، تنھن ڪري ان ڏس ۾ آءٌ تفصيلي طور وڃي
نٿو سگھان. ليڪن مثال طور آءٌ انھيءَ ذخيري جو حوالو
ضرور پيش ڪندس، جنھن ۾ 604 سڪا موجود ھئا، جيڪو مسٽر
بئنر جي طرفان 23-1922ع ڌاري، موئن جي دڙي واري ٻڌ
مندر جي ھڪ تھخاني مان کوٽي لڌو ويو ھو. (90) اھي سڀ
سڪا ھڪ ئي نموني جا آھن، جنھن ۾ 139 سڪا عمارت جي وڌيڪ
کوٽائي ڪندي لڌا ويا ھئا. انھن سڪن جي ھڪ طرف تي ھڪ
بيٺل شڪل آھي، جنھن جي مٿي جي چؤگرد نوراني حلقو آھي ۽
سندس ھڪ ھٿ ۾ ترشول آھي. مسٽر بئنرجي جو رايو ھي آھي
تھ اھا مرد جي مورتي دراصل ٻڌ ڀڳوان آھي. (92) سر جان
مارشل اھڙي رايي کي رد ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تھ ٻڌ جي ھٿ ۾
ترشول ھرگز نھ ھوندو آھي ۽ سندس خيال ھي آھي تھ: ”ان ۾
ذري ڀر شڪ جي گنجائش ٿي نٿي سگھي تھ اھا مورتي ان
بادشاھھ جي آھي، جنھن طرفان سڪو جاري ڪيو ويو
آھي.“(93) جيئن تھ ساڳئي قسم جا سڪا جھڪر جي دڙي مان
مجمدار طرفان پڻ تلاش ڪيا ويا ھئا ۽ سڪن سان گڏ اھڙا
ٺپا پڻ لڌا ويا ھئا، جن تي پنجين صديءَ جا اھڃاڻ ظاھر
ھئا. (94) جان مارشل طرفان موئن جي دڙي واري ٻڌ مندر
جي زماني جو تخمينو ٽين صديءَ جي شروعات کان ويندي
پنجين صدي درميان واري دور جو آھي. ان مان ڪيترا سوال
پيدا ٿين ٿا. پھريون ھي آھي تھ: سڪن تي جا مورت اُڪريل
آھي، اھا واقعي ئي ڪنھن بادشاه جي آھي يا شِوَ ڀڳوان
جي آھي، ڇاڪاڻ تھ سندس ھٿ ۾ ترشول آھي، جو ھن ديوتا جو
دستوري نشان آھي؟ ٻيو سوال ھي آھي تھ آيا، واقعي ھي
سڪا پجين صديءَ واري زماني سان تعلق رکن ٿا يا بعد
واري زماني سان؟ جان مارشل طرفان ساڳئي قسم جي سِڪن
طرفان ڌيان ڇڪايو ويو آھي، جن جون شڪليون ڪننگھام
ڪڍيون ھيون، تھ انھن تي اھڙا اھڃاڻ اُڪريل آھن جي
مارشل جي فيصلھ ڪن راءِ مطابق ”پنجين صديءَ عيسوي کان
اڳ جا ھرگز ٿي نٿا سگھن“. (96)
جيڪڏھن اسين ڪننگھام جي ڪتاب ”ھندستان جي دور جا سڪا“
جو مطالعو ڪنداسين تھ اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو تھ آثار
قديمھ جو ھي جھونو جوڳي سِڪن واري زماني جو تخمينو
پنجين صدي ۽ اٺين صدي درميان واري دور جو ڪري ٿو (97).
انھيءَ ڪري جيڪڏھن مُورتي شِوَ جي نمائندگي ڪري ٿي ۽
سِڪا پنجين صدي کان پوءِ جي دور جا آھن تھ پوءِ اھي
سڪا سنڌ جي ھندو گھراڻي وارن حڪمرانن طرفان ستين صديءَ
جي پوئين اڌ واري دور ۾ ڪيئن جاري ٿي سگھيا ھوندا؟
ٽيون سبب ھي آھي تھ فرض ڪريو تھ اھو مسئلو حل بھ ٿي
سگھي ٿو تھ پوءِ ھي پڻ ممڪن ٿي سگھي ٿو تھ موئن جي دڙي
وارو ٻڌ مندر پنجين صدي کان پوءِ بھ بدستور وجود ۾
رھيو، جيئن اسان اڳيئي ڄاڻايو آھي تھ سنڌ جي تاريخ
واري دور جي مطالعي لاءِ جيڪا نئين ڪوشش ڪئي وڃي، ان ۾
سڪن جي سڃاڻپ واري فن کي پڻ پنھنجو مناسب مقام بخشيو
وڃي.
مٿي جيڪو بحث ڪيو ويو آھي، ان جو ماحصل ھي آھي جو اميد
تھ مون ثابت پڻ ڪري ڏيکاريو آھي تھ اڄ اھو وقت اچي
چڪو آھي جو ھاڻي اسان کي سنڌو ڊيلٽا جي اوائلي تاريخ
طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي، جنھن متعلق اسان کي بلڪل ٿورڙي
معلومات آھي. عيسوي سنھ جي پھرين ڏھن صدين سان واسطو
رکندڙ مواد جو جيڪڏھن ٻيھر جائزو ورتو ويندو تھ اھو
نھايت سودمند ثابت ٿيندو، جيئن مون اھڙن مثالن ذريعي
واضح ڪيو آھي، جن ۾ آثار، مجسما ۽ سڪا پڻ اچي وڃن ٿا ۽
جن جي تاريخ واري عرصي تي نظرثاني ڪرڻ ڪري يا سندن
مفھوم ۾ تبديليءَ باعث ڪيترا نتيجا نڪري سگھن ٿا. ان
کان علاوه آثار قديمھ جي علم طفيل اڳيئي ثابت ٿي چڪو
آھي تھ پھرين ستن صدين دوران سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم سان گڏوگڏ
ھندو ڌرم پڻ زور وٺندو رھيو ۽ ان زماني ۾ ھڪٻئي جي ڌرم
کي برداشت ڪرڻ جو جذبو عام طور تي عمل ۾ ھو. جيئن تھ
ساڳئي قسم جو جذبو ۽ رجحان عربن جي دور حڪومت ۾ پڻ
جاري رھيو، انھيءَ ڪري ٻئي ڌرم باقاعدي اسلام سان
گڏوگڏ وڌندا رھيا ۽ اھو سلسلو ان اندازي کان ڪافي وڌيڪ
زماني تائين جاري رھيو؛ جيئن عام طور سمجھيو وڃي ٿو.
ساڳيءَ ريت جيئن انڊونيشيا ۾ اسلام نھايت آھستگيءَ سان
پکڙيو، جنھن ۾ اٽڪل روءِ ٽي صديون صرف ٿيون. سنڌ ملڪ
انھن وقتن ۾ نھايت سکيو ستابو ھو ۽ برک واپار جي ڪري
ڏاڍي ترقي ڪئي ھئائين ۽ مختلف مذھبن جي ھئڻ سبب تھذيب
۽ تمدن سان پڻ مالا مال رھيو. ڪزنس ھڪ دفعي لکيو ھو
تھ: ”کوٽائيءَ جو بي انداز ڪم ھٿ ۾ کڻڻ بلڪل ناممڪن
آھي؛ ڇاڪاڻ تھ گھربل رقم جو انداز موجود ناھي، انھيءَ
ڪري ڪم جو گھڻو حصو سنڌ ۾ باقي رھيل آھي.“(98)
ان بعد اسان انھيءَ ڏس ۾ ڪو واڌارو ڪونھ ڪيو آھي، تنھن
ڪري سندس اھو بيان تھ ڪم جو وڏو حصو اڃا سوڌو رھيل
آھي، اڄ بھ صحيح آھي ۽ سندس مشورو اڄ بھ اھڙو ئي بي
بھا ۽ قيمتي آھي، جھڙو ان وقت ھو، جڏھن پنجاه سال اڳ
ھن اھو لکيو ھو.
حوالا ۽ سمجھاڻيون
(1)
واٽرس ”آن يوئان چوانگس ٽريولز ان انڊيا“ (645-629ع)
ٻھ جلد، دھليءَ ۾ وري ڇپيل 1961ع، جلد ٻيو ص252.
(2)
ٻڌ لفظ غير مسلم (ٻڌن توڙي ھندن جي) مڙھين لاءِ ڪتب
آندو ويندو هو. ھت سڌو سنئون اشارو ھندو مندرن ڏانھن
آھي، ڇا لاءِ جو اھا درخواست ھندن طرفان ڪئي وئي ھئي.
ساڳيءَ طرح جي مثالن لاءِ ڏسو ايچ.سي.راءِ ”دي
ڊائناسٽڪ ھسٽري آف ناردرن انڊيا“ (ارلي ميڊيول پيريد)
جلد پھريون، ڪلڪتو 1931ع، ص11 نوٽ 1 ۽ ص15 نوٽ1.
(3)
ڪزنس ”دي ائنٽيڪس ائينٽڪئٽيز آف سنڌ وٿ ھسٽاريڪل آئوٽ
لائين“ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، اپريل سيريز، جلد4،
ڪلڪتو 1929ع ص26 (اڳتي فقط ڪزنس ڪري ڄاڻايل)
(4)
ايضًا ص77.
(5)
ايضًا ص55، پليٽ 14، اي.
(6)
ايضًا ص85، نوٽ1
(7)
پاڪستان آرڪيالاجي، نمبر1، ڪراچي 1964ع ص10.
(8)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو.
(9)
ڊي.آر.ڀنڊارڪر ”ٻڌسٽ اسٽوپا ائٽ سعيدپور اِن سنڌ“
(آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، سالياني رپورٽ 14-1915ع،
ڪلڪتو 1920ع) ص96-89، پليٽون 59-56.
(10)
1928ع ۾ مجمدار جھڪر وٽ دڙي ’ب‘ ۾ ۽ دڙي ’الف‘ جي
مٿئين تھھ ۾ جيڪي کاھيون کوٽايون ھيون، تن کي اسان ”ھڪ
اوائلي تاريخي يادگار جي کوٽائي“ نٿا سمجھون. ڏسو
اين.سي.مجمدار، ايڪسپلوريشنس اِن سنڌ، بينگ اي رپورٽ
آن دي ايڪسپلوريٽري سروي ڪيرڊ آئوٽ ڊيورنگ دي ييئرس
28-1927ع، 30-1929ع اينڊ 31-1930ع (ميمائرس آف دي
آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، نمبر 48، دھلي 1934ع)
ص9-6.
(11)
آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، سالياني رپورٽ 23-1922ع اڳ
ڏنل حوالو، ص104-102.
(12)
مجمدار، اڳ ڏنل حوالو.
(13)
انھيءَ ڪتاب ۾ ڪزنس ص168 تي 13 سٽون موھن جي دڙي تي
نقل ڪيون آھن. اھي ڊي.آر.ڀنڊارڪر جي انھيءَ رپورٽ جي
ص4 تان کنيل آھن، جيڪا ”آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا
ويسٽرن سرڪل“ جي 31 مارڇ 1912ع تي پوري ٿيندڙ سال
واريءَ رپورٽ ۾ شايع ٿيل ھئي. ص168 جي نوٽ پھرئين ۾
ڪزنس انھيءَ ھنڌ تاريخ کان اڳ جي تھن جي لڀڻ جو ذڪر
ڪري ٿو.
(14)
سر جان مارشل، موھن جو دڙو ۽ سنڌو
تھذيب – ھندوستان سرڪار طرفان 1922ع ۽ 1927ع وارن سالن
جي وچ ۾ موھن جي دڙي ۾ ڪرايل کوٽاين جو سرڪاري احوال
(انگريزي) لنڊن 1931ع، جلد پھريون ص 130-113.
(15)ڪزنس،
اڳ ڏنل حوالو، ص99
(16)
مجمدار، اڳ ڏنل حوالو، ص34.
(17)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص99 شڪل 15
(18)
ڏسو آءِ. ليانس ۽ ايڇ. انگھولٽ، گنڌارن آرٽ اِن
پاڪستان، نيويارڪ 1957ع، پليٽون 15-13 ۽ سر جان مارشل،
ٻڌسٽ آرٽ آف گنڌارا، ڪئمبرج 1960ع، پليٽ 63، شڪل 92.
(19)
ڏسو ايڇ. آبوئر
Le trne et son symbolisme dans l’ Inde ancienne
پئرس 1949ع، ص43. آبوئر پنھنجي اڀياس ۾ ميرپور خاص مان
لڌل ٺڪر (سندس ڪتاب ۾ پوش جي سامھونءَ واري تصوير) بھ
شامل ڪئي آھي، جا ذري گھٽ ٺل مير رڪڻ وٽ لڌل ٽين مھر
جھڙي آھي. ٻين سڀني وانگر ھوءَ بھ اھو ئي فرض ڪري ٿي
تھ اھا مھر پنجين صديءَ جي آھي. نتيجي طور، اھا سندس
انھيءَ اوسر واريءَ جدول سان پوري نٿي بيھي، جيڪا ص43
تي ڏني اٿس. ان ڪري ھن بجا طور تي، اوسر واريءَ انھيءَ
جدول جي جنھن سٽ ۾ ميرپورخاص جو ذڪر ڪيو آھي، اتي سوال
جون ٻھ نشانيون ڏنيون آھن. جيڪڏھن اسان منھنجي صلاح
موجب اھو فرض ڪريون تھ اھا مھر پنجين صديءَ کان پوءِ
جي آھي تھ پوءِ سندس رٿا ڪارگر ثابت ٿئي ٿي.
(20)
ڪزنس، ”دي آرڪيٽيڪچرل ائنٽيڪس آف ويسٽرن انڊيا“ لنڊن
1926ع، پليٽ10؛ اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 28؛ پڻ
ايڇ.ٽي.لئمبرڪ ”سنڌ بفور دي مسلم ڪانڪئيسٽ“، ’سنڌ جي
تاريخ‘ سلسلو جلد2 حيدرآباد 1973ع، ص132 جي سامھون
واري پليٽ.
(21)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 24
(22)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 19
(23)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽون 24، 25، اي.
(24)
ايم.بوسا گلي ۽ سي.شورام مورتي ”5000ييئرس آف دي آرٽ
آف انڊيا“، نيويارڪ – بمبئي، تاريخ اڻ ڄاتل، ص124 تي
ڏنل پليٽ 33.
(25)
جي.پي.ووگيل، ”دي ٽمپل آف ڀٽارگائون“ (آرڪيالاجيڪل
سروي آف انڊيا، سالياني رپورٽ، 9-1908ع، ڪلڪتو 1915ع)
ص21-5 پليٽ 5.
(26)
ايڇ.زمر ”دي آرٽ آف انڊين ايشيا، اِٽس مٿالاجي ائنڊ
ٽرانسفارميشنس“ ٻھ جلد، نيويارڪ 1955ع، جلد ٻيو، پليٽ
186.
(27)
ايضًا
(28)
ايم.ايس.وئٽس ”دي گپت ٽمپل ائٽ ديوڳڙھھ“ (ميمائرس آف
دي آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، نمبر70، دھلي 1952ع)
پليٽون 8، 14
(29)
سر ليي ائشٽن، ”دي آرٽ آف انڊيا ائنڊ پاڪستان، اي
ڪمپوريٽو ڪئٽالاگ آف دي ائگزيبيشن ھيلڊ ائٽ دي رائل
اڪيڊمي آف آرٽس.“ لنڊن 48-1947ع، لنڊن (1950ع)، نمبر
241، ص55، پليٽ 37، جنھن ۾ انھيءَ زماني جي بتن گھڙڻ
جي ھنر جو مثال راج محل ٻڌايل آھي. اھا ڳالھھ پوريءَ
طرح درست نھ آھي، ڇو جو اھو داڻو راج محل ضلعي ۾
سڪريگلي گھاٽ وٽان لڌو ويو ھو. اِرون، جنھن ڪئٽالاگ جو
اھو ڀاڱو لکيو، سو انھيءَ بت سازيءَ کي نائين صديءَ جي
اوائلي جو ڄاڻائي ٿو؛ پر ڏانءَ جون ڀيٽون ڏيکارين ٿيون
تھ اھو گھڻو اڳ جو آھي.
(30)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 20 (پليٽ جي مٿئين ڀاڱي ۾
گھڙيل سرون)
(31)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 25، بي (ھيٺ ساڄي پاسي واري
ڪنڊ)
(32)
ڪزنس، ”دي آرڪيٽيڪچرل ائنٽيڪس آف ويسٽرن انڊيا“اڳ ڏنل
حوالو، پليٽ 11 ’ب‘ ڪزنس، پليٽ 41، لئمبرڪ، اڳ ڏنل
حوالو، ص132 ۽ 133 جي وچ واري پليٽ.
(33)
وئٽس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 26، بي – ڊي.
(34)
زمر، اڳ ڏنل حوالو، جلد ٻيو، پليٽون 196-195.
(35)
ڪزنس، ”دي آرڪيٽيڪچرل ائنٽيڪس آف ويسٽرن انڊيا“اڳ ڏنل
حوالو، پليٽ 14، اي؛ ڪزنس، پليٽون 26، 27؛ پي.ايم.لئڊ،
دي وي آف دي بُڌا، نئين دھلي (1957ع) ص193 تي شڪل 13.
(36)
جي.پي.ووگيل
Arts Asiatica, La sculpture de Mathura
جلد پندرھون، پئرس 1950ع، ص109-110، پليٽون 31 اي ۽
اي؛ پليٽ 31 تي اُڪريل لکيت سنھ 50-549ع جي آھي.
(37)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 26 (ھيٺ ساڄي پاسي)
(38)
بوسا گلي ۽ شورام مورتي، اڳ ڏنل حوالو، ص24 تي پليٽ
21.
(39)
شطرنج جي بساط وارو نمونو ڪزنس ۾ ڏيکاريل خانن ۾ نروار
ٿئي ٿو، پليٽ 26؛ زنجير ۽ ڪنول وارو نمونو لئڊ وارن
خانن ۾ واپرايل آھي، اڳ ڏنل حوالو، ص193 تي شڪل 13.
(40)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، پليٽون22، سي 23، اي ۽ بي.
(41)
اسٽوپا جي نھري بنياد منجھھ ٺاھيل اھي مَٺ اڳتي ھلي
”اولڊ برما – ارلي پئگن“ 3 جلد، نيويارڪ 1975ع، جلد
ٽيون، پليٽون 270-264، 371-368، 389-382.
(42)
ڪزنس، ”دي آرڪيٽيڪچرل ائينٽڪئٽيز آف ويسٽرن انڊيا“اڳ
ڏنل حوالو، پليٽ14، بي؛ ڪزنس، ص95 تي شڪل 14،
Chefs d’oeuvrede l’art
نمبر 35، 13 نومبر 1963ع، ص560، لئمبرڪ اڳ ڏنل حوالو
ص133 جي سامھونءَ واري پليٽ.
(43)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص96
(44)
Chefs, d’oeuvre de l’art،
نمبر35، 13 نومبر 1963ع ص560.
(45)
لئمبرڪ، اڳ ڏنل حوالو، ص133
(46)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص95-96
(47)
اي.ڪي ڪمار سوامي ”ھسٽري آف انڊين ائنڊ انڊونيشيئن
آرٽ“ وري ڇاپو نيويارڪ 1965ع، ص73، 87.
(48)
نِھر رنجن راءِ ڪلاسيڪل ايج ۾، سمپادڪ: آر.سي.مجمدار،
دي ھسٽري ائنڊ ڪلچر آف دي انڊين پيپل، جلد ٽيون، بمبئي
1954ع، ص549، پليٽ 36، شڪل 88.
(49)
لئمبرڪ، اڳ ڄاڻايل ڪتاب ، ص133
(50)
زمر، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، جلد ٻيو،
پليٽون 147، 148، 151
(51)
ڪمار سوامي، اڳ ڏنل حوالو، ص73
(52)
زمر، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، جلد ٻيو، پليٽ
151
(53)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص96
(54)
ڪمار سوامي، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص56،
73، 171
(55)
ايس.ڪي.سرسوتي، ”ڪلاسيڪل ايج“ ۾،
سمپادڪ سي.آر.مجمدار، ص516، پليٽ 15، شڪل 29
(56)
جيستائين مون کي معلوم آھي تھ پرسي
برائون ئي اھو واحد عالم ھو، جنھن احساس ڪري ورتو ھو
تھ چوٿين صديءَ جي ڪابھ تاريخ گھڻي سوير ڀري ٿيندي. ھو
ميرپورخاص کي پنجين يا ڇھين صديءَ جو ٻڌائي ٿو، پر
منھنجي خيال ۾ اھا تاريخ پڻ گھڻي سوير ڀري آھي. ڏسو
پي.برائون، انڊين آرڪيٽيڪچر (ٻڌسٽ اينڊ ھندو پيريڊس)
ٻيو ڇاپو، بمبئي، سن غائب ص54.
(57)
راءِ، اڳ ڏنل حوالو، جلد پھريون ص5، 47، 48
(58)
ڀنڊارڪر، اڳ ڏنل حوالو، ڪزنس، ص109-100، پليٽون 30-31
(59)
ڀنڊارڪر، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 59، سي؛ ڪزنس، پليٽ 31،
اي ۽ بي
(60)
آر.اين.مھتا ۽ ايس.اين.چوڌري، ايڪسڪئويشنس ايٽ
ديونيموري (اي رپورٽ آف ايڪسڪئويش ڪنڊڪٽيڊ فرام 1960ع
ٽو 1963ع) بڙودا 1966ع.
(61)
ايضًا، ص28
(62)
ايضًا ص29
(63)
ايضًا ص30
(64)
ڀيٽيو ديونيموريءَ واري مورتيءَ کي، جنھن ۾ گوتم ٻڌ
ڪنول جي گل تي پنکڙين جي فقط ھڪ لڙھھ سان ويٺل آھي
(مھتا ۽ چوڌري، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 42، بي) ميرپورخاص
۾ اجنتا جي چُر نمبر2 مان لڌل ٻڌ – مورتين (ڪزنس، پليٽ
24، ھيٺ ساڄي پاسي؛ بوساگلي ۽ سِورام مورتي، اڳ ڏنل
حوالو، 24 تي پليٽ 21) سان، جن ۾ پڻ ھو ساڳئي گل تي
ويٺل آھي. سرن لاءِ ڀيٽيو مھتا ۽ چوڌري اڳ ڏنل حوالو،
پليٽ 57، سي کي ڀنڊارڪر، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 59، سي
مٿي، وچ سان، يا مھتا ۽ چوڌري، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 51،
اي کي ڀنڊارڪر، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 59 اي، مٿي کاٻي
پاسي سان.
(65)
ايف.اي.خان ”مينامتي“ اي پرلمنري رپورٽ آن دي ريسنٽ
ايڪسڪئويشنس ان ايسٽ پاڪستان، ڪراچي 1963ع، ص117
آر.آر.ڪبير، ائنٽيڪئٽيز فرام سالبن وھارا ائنڊ ڪوٽلا
مورا ان مينامتي، ڪراچي 1964ع ص8.
(66)
ڪزنس، ايڪسڪئويشنس ائٽ برھمن آباد – منصوره سنڌ
(آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، سالياني رپورٽ 90-1908ع
ص79-87، خاص ڪري ص84)
(67)
مھتا ۽ چوڌري، اڳ ڏنل حوالو، ص26
(68)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص93-94، پليٽ 25، اي 1
(69)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص87، 92-93، شڪليون 10-12، پليٽ
27، مٿي.
(70)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص15
(71)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، 93
(72)
ڀنڊارڪر، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 58، بي
(73)
برما جي ٻين مثالن لاءِ ڏسو ليوس، اڳ ڏنل حوالو، جلد
ٻيو ص67-2، جلد ٽيون، پليٽون 74-4
(74)
ڊبليو.ايف.اسٽٽر ھائيم
Oudheden van Bali-Het oude Rijk van Pedjeng
ٻھ جلد، سنگاراڊجا، 29-1930ع جلد ٻيو، شڪل2
(75)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص10، پليٽ2، ٽي.اي.گوپي ناٿ رائو،
”ايليمينٽس آف ھندو آئڪانوگرافي“ 2 جلد، وري ڇاپو
نيويارڪ 1968ع، جلد ٻيو، ڀاڱو ٻيو، ص509-510 ۽ پليٽ
148، ڪمار سوامي، اڳ ڏنل حوالو، پليٽ 45، شڪل 168،
ايف.اي.خان ”آرڪيٽيڪچر اينڊ آرٽ ٽريزرس اِن پاڪستان“
پري ھسٽارڪ، پروٽو ھسٽارڪ ٻڌسٽ اينڊ ھندو پيرڊس، ڪراچي
1969ع ص146.
(76)
ھڪ تازي اشاعت ۾ ان جو ھنڌ برھمڻ آباد ٻڌايو ويو آھي،
جو غلط آھي؛ ڏسو خان، آرڪيٽيڪچر اينڊ آرٽ ٽريزرس اِن
پاڪستان، ص136، 146.
(77)
ڪمار سوامي، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص86 تي ان کي ’ننڍو‘ سڏي
ٿو، پر درحقيقت اھا اسان وٽ موجود ڌاتوءَ جي وڏي ۾
وڏين مورتين مان ھڪ آھي ۽ قد3 فوٽن 2 انچن کان گھٽ نھ
ٿيندس؛ ڏسو ڪزنس، ص10.
(78)
گوپي ناٿ رائو، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، جلد ٻيو، ڀاڱو ٻيو،
ص501-512، خاص ڪري ص509-510، پليٽ 148.
(79)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص10
(80)
گوپي ناٿ رائو، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، جلد ٻيو، ڀاڱو ٻيو،
ص501-512.
(81)
ڪمار سوامي، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص85، پليٽ 41، شڪل 160،
ائشٽن، اڳ ڏنل حوالو، نمبر199، ص48، پليٽ 33. انھن
ٻنھي اشاعتن ۾ ڀنگار جي اِن وٿ کي پنجين صديءَ جي
اوائل جو ٻڌايو ويو آھي، پر ھاڻ عام طرح ائين مڃيو وڃي
ٿو تھ اھا تاريخ تمام سوير ڀري آھي.
(82)
ڪزنس، اڳ ڏنل حوالو، ص55، پليٽ 16، اي
(83)
راءِ، اڳ ڏنل حوالو، ص18-15
(84)
واٽرس، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، جلد ٻيو ص252
(85)
پاڪستان آرڪيالاجي، نمبر1، ڪراچي 1964ع، ص50
(86)
ايضًا ص53، پليٽون 16 بي، 17 اي.
(87)
ڪزنس، ص20
(88)
اي.ايف.بيلاسز ”جرنل آف دي بامبي برانچ آف دي رائل
ايشياٽڪ سوسائٽي“ جلد پنجون، نمبر20، 1857ع،
ڊي.باريٽ.اي گروم آف ميڊيول انڊين آئوريز، اورئنٽل
آرٽ، نئون سلسلو، جلد پھريون، 1955ع، ص46-50.
(89)
ڪزنس، برھمن آباد – منصوره اِن سنڌ، (آرڪيالاجيڪل سروي
آف انڊيا، سالياني رپورٽ، 04-1903ع) ڪلڪتو 1906ع،
ص132-144 ص 138 تي شڪل 4؛ ڪزنس، ص53 تي شڪل 5.
(90)
ايف.اي.خان، پرلمنري رپورٽ آن ڀنڀور ايڪسڪئويشنس،
ڪراچي 1960ع، ص13 ۽ 16، پاڪستان آرڪيالاجي، نمبر1،
ڪراچي 1964ع ص54، پليٽ 21
(91)
مارشل، ”موئن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سولائيزيشن“ جلد
پھريون، ص128، جلد ٽيون، پليٽ 144، شڪليون 1-17
(92)
ايضًا جلد پھريون، ص128 ۽ نوٽ1
(93)
ايضًا، جلد پھريون ص128
(94)
مجمدار، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص7، 17-18 ۽ پليٽ 14، شڪليون
1-4، 7-13
(95)
مارشل، ”موئن جو دڙو ائنڊ انڊس سولائيزيشن“ جلد پھريون
ص129
(96)
ايضًا ص128
(97)
اي.ڪننگھام ”ڪوائنس آف ميڊيول انڊيا فرام دي سيونٿ
سينچري ڊائون ٽو دي محمدن ڪانڪئيسٽ، وري ڇاپو ورناسي
1967ع، ص49، پليٽ 6، شڪليون 1-6
(98)
ڪزنس، ص97
(ترجمو: متن، علي احمد بروھي
حوالا ۽ سمجھاڻيون: سليم احمد) |