سنڌ جو روح
اي – ڪي – بروھي
آڳاٽي ھندستان جي ننڍي کنڊ – جنھن کي
سياسي ورھاڱي کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت چيو
وڃي ٿو – اُتي جي زندگيءَ ۾ انسانيت جي
پراڻي تاريخ موجب فقط ٻھ ثقافتي اڪائيون
معلوم ٿين ٿيون ۽ اھي آھن ’ھند‘ ۽ ’سنڌ‘.
’سنڌ جو روح‘، جنھن بابت مان ھن مقالي ۾
ڳالھائڻ گھران ٿو، تنھن جو انھيءَ ناقابل
محسوس وسيع ميداني علائقي سان لاڳاپو آھي،
جنھن کي ھندوستان چيو ويندو ھو ۽ قديم
تاريخ ۾ ان کي ڄڻڪ پنھنجي خاص انفرادي
حيثيت ھئي. اھا حقيقت آھي تھ قديم
ھندوستان پنھنجي ليکي ھڪ وسيع خطي ۾ ھن
دنيا وانگر ھو. اھو ٻي دنيا کان گھاٽن
ٻيلن ۽ دائمي برف باري سببان چمڪندڙ اوچين
چوٽين وارن جبلن جي ڪري جدا ھو ۽ اھا
پھاڙي ديوار مُڙيل ڪمان وانگر بلوچستان
کان ھلندي برما جي مٿان ٻيلن واري ماٺر
تائين پھتي ٿي.
Amaury de Reinecourt
چوي ٿو تھ: ”ھڪ قسم جي ذھني ڌنڌ سببان
دنيا جي ھن حصي جي پراڻي تاريخ پوشيده رھي
۽ ھاڻي بھ جزوي طور تي ان بابت معلومات
حاصل ٿي آھي.“ ھاڻي اسان کي معلوم ٿيو تھ
اٽڪل پنج ھزار سال اڳ جديد سنڌ ۽ پنجاب جي
ايراضيءَ ۾، يعني ھيٺاھين سنڌو ماٿري جي
وسيع ۽ آباد ميدانن ۾، جتي گھڻي برسات ۽
گھاٽا جھنگ ھوندا ھئا، ھڪ ڀرپور تھذيب
مستحڪم بنيادن تي قائم ھئي. ھڙاپا تھذيب
واري دور جي شائستھ ۽ معقول آباديءَ لاءِ
عمارتي ڪاٺ جا اڻ کٽ ذخيرا موجود ھئا. ھن
عظيم تھذيب کان اڳ واري تمدن بابت اسان کي
گھڻو ڪجھھ معلوم ڪونھي، پر اھو بلوچستان
جي ننڍين ماٿرين واري وسيع علائقي ۾ ڦھليل
هو؛ ڪوٽيا، آمري، نل، ڪُلي ۽ زوب، انھن
مان ڪي اھم ھنڌ آھن، جتان قديم آثارن جي
دريافت سان معلوم ٿو ٿئي تھ اھي شايد قديم
يونان وانگر جدا جدا سياسي اڪايون ھيون،
جيڪي ھڪ مشترڪ ثقافتي ترقيءَ جي رشتي ۾
پاڻ ۾ مليل ھيون. سياسي مرڪزيت ۽ يڪسانيت
۽ اشتراڪ جي لاءِ بلوچستان جو جابلو ملڪ
ناسازگار ھو. تحريري تاريخ ۾ جيئن ٿيندو
آيو آھي، تيئن نئين تھذيب لاءِ ضروري ھو
تھ ان جي سرگرمين جو مرڪز لاڳيتي ايراضي ۾
منتقل ڪيو وڃي؛ سنڌو نديءَ جي وسيع ميداني
علائقي ۾، جتي انھن تھذيبي خوبين جي وڌڻ
ويجھڻ لاءِ وڌيڪ سازگار طبعي ۽ سياسي
ماحول ملي سگھي.
ساڳئي مصنف وڌيڪ لکيو آھي تھ: ”مسيح جي
ولادت کان ٽي ھزار سال اڳ، اتر اولھھ
ھندوستان ۾ ھڪ وڏي ھمھ گير سلطنت ڏسڻ ۾
اچي ٿي، جنھن ۾ موجوده بلوچستان، ھندوستان
۽ پنجاب جا وڏا حصا شامل ھئا. ھٿ آيل
شھادتن جي بنياد تي چئي سگھجي ٿو تھ مضبوط
مرڪزيت ڪارفرما ھئي، جنھن جو پيداوار ۽
ورھاست جي ذريعن تي مڪمل ڪنٽرول ھو ۽ شايد
ٽيڪسن جو نظام پڻ نھايت مستعد ۽ اثرائتو
ھو. گاديءَ وارا ٻئي شھر (اتر ۾ ھڙاپا ۽
ڏکڻ ۾ موئن جو دڙو) مشترڪ رٿابندي موجب
بڻايا ويا ۽ گھڻو ڪري ٻئي حڪومتون ھمعصر
ھيون؛ جيتوڻيڪ حڪومت جي مرڪزن جي ھڪٻئي ۾
تبديليءَ جو نمايان امڪان آھي.
ونسينٿ اي، سمٿ موجب حضرت مسيح جي ولادت
کان پنج سؤ سال اڳ جيتوڻيڪ ھندوستاني
سلطنت جون صحيح سرحدون معلوم ڪري نٿيون
سگھجن، تنھن ھوندي بھ اسان ڄاڻون ٿا تھ
اھو ملڪ آريا (ھرات) اراڪوسيا (قنڌار) ۽
گنڌاريا (اتر اولھھ پنجاب) کان جدا ھو.
تنھن ڪري چئي سگھجي ٿو تھ ان ۾ ڪالاباغ
کان سمنڊ تائين سنڌو نديءَ وارو علائقو
شامل ھو، جنھن ۾ سڄي سنڌ ۽ سنڌو نديءَ جي
اوڀر ۾ پنجاب جو گھڻو حصو اچي وڃي ٿو. پر
ٻھ صديون پوءِ، جڏھن سڪندر ھن ملڪ تي حملو
ڪيو، تڏھن ايراني سلطنت ۽ ھندوستان جي وچ
۾ سنڌوندي سرحد ھئي، ۽ پنجاب ۽ سنڌ ۾ گھڻي
ئي مقامي شھزادا حڪومت ڪري رھيا ھئا.
آڳاٽي زماني ۾ درياھن جا وھڪرا، اڄڪلھھ جي
وھڪرن کان گھڻو مختلف ھئا، ۽ سنڌ ۽ پنجاب
جا ھاڻي ويران ۽ بيابان وسيع علائقا، ان
وقت سرسبز ۽ شاداب ھوندا ھئا.
برصغير جي پراڻي تاريخ جي اڀياس مان معلوم
ٿو ٿئي تھ پاڪستان جو موجوده علائقو، ٿلھي
ليکي اھو ساڳيو مشترڪ ثقافتي اڪائيءَ وارو
علائقو آهي، جيڪو صدين کان سنڌ جي نالي
سان مشھور آھي. علم طبعي موجب ان حقيقت جو
اظھار گھڻن ئي نمونن ۾ ٿيو آھي، پر بنيادي
طور مشترڪ تمدنن ۽ تھذيبي روايتن ۾
يڪسانيت انھيءَ تاريخي تسلسل کي آشڪار ڪيو
آھي، جيڪو آدرشي زندگي ۽ انساني ذھن جي
عمل ۾ جاري رھيو آھي. ’انڊيا‘ جو لفظ
يونانين جو ڏنل آھي، جيڪو ظاھر آھي تھ
قديم رياستن کان مستعار ورتو ويو، پر
ايرانين خود اھو لفظ خاص طور انھيءَ
ميداني علائقي لاءِ استعمال ڪيو، جنھن کي
سنڌوندي سيراب ڪري ٿي. چيني سياح ھيون
ٿيسنگ، جنھن 630-644ع ۾ انڊيا جي گھڻو ڪري
ھر ھڪ حصي جي ياترا ڪئي – تنھن جو چوڻ آھي
تھ انڊو جا ماڻھو پنھنجي ملڪ کي مروج
ٻولين موجب گھڻن ئي نالن سان سڏيندا آھن.
متحده ھندوستان جو قيام، ھن برصغير جي
تاريخ ۾ پوءِ جو واقعو آھي. ظاھر آھي تھ
آڳاٽي زماني ۾ ھن وسيع ميداني علائقي جي
اھم ضلعن کي پاڻ ۾ ملائي انھن تي ڪنھن
نالي رکڻ واري ڳالھھ جو تعلق علم الانسان
جو مسئلو آھي ۽ ڇاڪاڻ تھ ’انڊيس‘ يا
’انڊس‘ تي اھي علائقا آباد ھئا، ان ڪري
انھن تي نالو بھ اھڙو پيو. ’سنڌ‘ ۽ ’ھند‘
جا ھڪجھڙا صوتي مادا آھن ۽ انھن ۾ فرق فقط
شروعاتي اضافي حرفن جھڙوڪ ’س‘ ۽ ’ھھ‘ جو
آھي. سنسڪرت ۾ ’س‘ جو شروعاتي اضافي حرف
سٺي يا چڱي جي معنيٰ ۾ ڪتبُ ايندو آهي،
جيئڻ سوگڻ يعني انسان جو چڱو عمل. تنھن
ڪري ظاھر ٿيو تھ برصغير جو اھو حصو، جنھن
کي آخرڪار ’سنڌ‘ سڏيو ويو، تنھن تي اھو
نالو سنڌونديءَ جي پاڻيءَ جي ميٺاج سببان
پيو. جيڪي بھ شاھديون موجود آھن، تن موجب
اھي ٻاھريان ماڻھو وچ ايشيا کان آيا ۽
ھندوستان جي اتر اولھھ سرحد پار ڪري سنڌو
ماٿر ۾ داخل ٿيا ۽ انھن کي سنڌونديءَ جو
پاڻي مٺو لڳو. آرين کان اڳ ميداني علائقن
۾ رھندڙ ماڻھن تي ھنن ٻاھران آيل ماڻھن
فتح حاصل ڪئي ۽ خوشحال زندگي گذارڻ لڳا،
جنھن سببان ھن علائقي ۾ تھذيب ۽ تمدن
معياري ترقي ڪئي. ان ڪري سنڌوندي ڄڻڪ اھو
اولين بنيادي مرڪز آھي، جنھن جي چوڌاري
مختلف تمدن، تھذيبون، مذھب، سياسي دشمنيون
۽ فوجي فتحون گردش ۾ پئي رھيون، جنھن ۾
متوقع تاريخي واقفيت ۽ ترنم جو خاص اجتماع
ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
آڳاٽن تاريخ نويسن موجب مسلمان فاتحن کان
اڳ (انڊيا) جي ڪابھ قابل تحقيق تاريخ ڪانھ
ھئي. انھيءَ حقيقت ڏانھن اشارو ڪندي،
1832ع ۾ ايلفنسٽن ڄاڻايو آھي تھ انڊيا جي
تاريخ ۾ سڪندر جي ڪاھھ کان اڳ ڪنھن بھ عام
واقعي جي تاريخ مقرر ڪري نٿي سگھجي ۽
مسلمانن جي فتوحات کان اڳ ڪنھن قومي
معاملھ جي ڀرپور ۽ مربوط اڀياس جي ڪوشش
ڪري نٿي سگھجي. تحرير جي بلڪل نافت سببان
ئي شايد برھمڻن جو ھڪ خاص پڙھيل طبقو وجود
۾ آيو، جنھن ڪري غير برھمڻ طبقي کي مذھب ۽
تمدن جي سرچشمن مان فائدي حاصل ڪرڻ جي حق
کان محروم رکيو ويو.
اھا ڳالھھ بھ واضح آھي تھ قديم زماني جي
انھيءَ روايت تي ڀروسو ڪيو پئي ويو، جنھن
موجب ھڪ نسل ٻئي نسل کي پنھنجي خانداني
ڏاھپ ۽ مجموعي تجربو زباني طور منتقل ڪندو
ٿي آيو. انھيءَ عقيده وارن بزرگن جو حافظو
يقينًا نھايت تيز ھوندو. علم جي تلاش ۾
ھنن جيڪي حاصل ڪيو يا محسوس ڪيو، سو ھنن
پنھنجي ذاتي ميراث سمجھي، حافظي جي عجيب
حوض ۾ پئي گڏ ڪيو ۽ اھو عام ۽ دنيا وارن
ماڻھن جي معلومات ۽ سڌاري لاءِ ڪونھ ھو.
مسلمان قانون جو عمل ان جي ابتڙ ھو.
بنيادي طور اھڙا ماڻھو ھئا، جن کي تاريخي
فڪر ۽ نظر عطا ٿيل ھئا ۽ کين معلوم ھو تھ
لکڻ ۽ پڙھڻ انسان جو مذھبي فرض آھي. قرآن
جنھن دنيا جي تاريخ ۾ مسلم دور جي ابتدا
ڪئي، تنھن جي جيڪا پھرين آيت رسول ڪريم
صلعم تي وحي ڪئي وئي، سا امر جي صيغي ۾
اقراء آھي، يعني پڙھھ. عجب جي ڳالھھ آھي
تھ ٻي انقلاب آفرين آيت ۾ ’مس‘، ’قلم‘ ۽
جيڪي ڪجھھ لکجي، ان جي اھميت کي اجاگر ڪيو
ويو. انھيءَ کان علاوه مسلمان مجاھد جڏھن
پاڪ ڪتاب تي ايمان آندو، تڏھن واضح طور
حڪم ڪيو ويو تھ پنھنجي ذاتي ۽ سرڪاري
معاملن ۽ معاھدن کي تحرير ۾ آڻيو. ان ڪري
مسلمان عالمن کي انھيءَ کان علاوه اھو بھ
چيو ويو تھ جيڪڏھن ڪنھن معاملي ۾ شاھدي جي
ضرورت آھي تھ اھا بھ لکيت ۾ ھجڻ گھرجي.
قرآن ۾ آيو آھي تھ ”اي ايمان وارؤ! جڏھن
پاڻ ۾ ھڪ مقرر وقت تائين ڏيتي ليتي ڪريو
تھ ان کي لکندا ڪري. قرض ننڍو ھجي يا وڏو
پر لکڻ ۾ سستي نھ ڪريو. الله وٽ اھا پوري
انصاف واري ڳالھھ ۽ شاھديءَ کي بھ وڌيڪ
درست رکڻ واري آھي ۽ شڪ نھ پوڻ لاءِ بھ
پوري آھي. مگر جيڪڏھن روبرو پاڻ ۾ ھٿوھٿ
واپار ھجي تھ پوءِ ان جي نھ لکڻ ۾ اوھان
تي ڪو گناه نھ آھي. جيڪڏھن سودو ڪريو تھ
شاھد ڪندا ڪريو ۽ لکندڙ ۽ گواه کي تڪليف
نھ ڏني وڃي. جيڪڏھن تڪليف ڏيندؤ تھ پوءِ
اھو اوھان لاءِ گناه آھي ۽ الله کان ڊڄندا
رھو.“ (سوره البقره:آيت 282)
اسان ڏسون ٿا تھ مسلم فاتحين، جيڪي اڳيئي
لکڻ ۽ پڙھڻ جي روايت سان ڳوڙھي نموني ۾
منسلڪ ھئا، تن سنڌو ماٿر ۾ اچڻ کان پوءِ،
دنيا جي ھن حصي ۾ جيڪي ڪجھھ ٿيو ھو، تنھن
جو مشاھدو ڪيو ۽ پھريون دفعو انھن واقعن
کي لکيو، جيڪي موجوده انڊيا جي ارتقا ۽
قيام جو سبب بڻيا.
اسلام کان اڳ ھندوستان جي ڌرمي رواج موجب
ميت کي ساڙيو ويندو ھو. اھا رسم ظاھر ٿي
ڪري تھ برصغير جي ماڻھن کي پاڻ کان اڳ
وارن ماڻھن جي دنيوي باقيات کي محفوظ رکڻ
۾ ڪيتري دلچسپي ھئي. تازو ھڪ تاريخدان،
ھندن جي انھيءَ رسم جي حوالي سان ھن دنيا
۾ ماڻھوءَ جي زندگي بابت ھندن جي صريح غير
تاريخي رَوَشن (طرز فڪر) جي سمجھاڻي ڏني
آھي. ھن جي چوڻ موجب ھندو جو پرماتما
(Absolute)
لازوال برھما جي دنيا سان
تمام گھڻو لاڳاپو آھي ۽ اھو تاريخ جي عام
ڌارا ۽ معاملن کان ٻاھر آھي ۽ ان ڪري
تاريخ سان سندس دلچسپي ناھي.
Amaury de Reinecourt
پنھنجي تازه ڪتاب ’چين جو روح‘ ۾ چوي ٿو
تھ: زمان ۽ مڪان بابت تھذيب جي رَوَشن جي
وڏين نشانين مان ھڪ ھيءَ بھ آھي تھ لاشن
کي ڪھڙي طرح نيڪال ڪيو وڃي ٿو. سالن ۽
صدين جي اڻٽر خرابي ۽ برائي جو مقابلو ڪرڻ
کان ڪيٻائيندڙ ھندو، پنھنجن لاشن کي
ساڙيندا ھئا تھ جيئن وقت جي ڌارا مان انھن
کي ھميشھ لاءِ محو ڪري ڇڏين.
صوفي مشاھدي ذريعي ڀارت جو روح پنھنجو پاڻ
سڃاڻڻ جي تصور بابت وڏي پيماني تي جذبو ۽
ڪيفيت رکي ٿو، پر اسلام پنھنجي مڃيندڙن
آڏو جيڪو مفھوم ۽ مقصد رکيو آھي، سو تاريخ
۾ پنھنجين ڪاوشن ذريعي خدا جي سڃاڻپ آھي.
اسلام موجب انسان جي تاريخ ٺاھڻ لاءِ
چرپر، وقت ۽ ڪائنات جي وجود کان اڳ جي
آھي، پر اصل ۾ ڌرتيءَ تي انسان جي منزل
بنيادي طور تي ان پڄاڻيءَ ڏانھن آھي، جتي
ھو پنھنجي ايندڙ نسل کي آباد ڪرڻ لاءِ سچي
بھشت کي ماڻڻ خاطر پاڻ خوبصورتي سان
سينگاري ٿو. ان ڪري اڳيئي موجود سمورن
نظامن ۾، انقلاب پيدا ڪرڻ لاءِ مسلمانن جو
ايمان چٽو ٿي آيو. بنيادي طور تي مسلمان
ڌرتيءَ تي پنھنجو ڪردار سچائيءَ سان ادا
ڪرڻ واري جذبي سان سرشار آھن. اھي زمين تي
الله تعاليٰ جي نائبن طور قرآن مجيد جي
ڏنل تصورن ۾ اسريل آھن. ان ڪري تاريخ ۾
سندن گھري دلچسپي سان گڏوگڏ مقصدي ۽
سائنسي کوجنا جي شاخ طور تاريخ جو باني بھ
ھڪ عظيم مسلمان ابن خلدون ھو. مسلمانن
لاءِ اھو پڻ نٿو چئي سگھجي تھ جنت ڏانھن
ويندڙ رستو زميني علائقي ۾ گذرڻ کان پوءِ
ھلي ٿو ۽ زمين تي رھندي، غير آباد ۽ بيڪار
حصن کي کيڙيندي، ان کي سرسبز بڻائي ۽ ان
کي ڪارائتو ۽ فائديمند بنائيندي، انسان کي
اخلاقي، ذھني ۽ جذباتي اوسر جي مٿاھين حصي
۾ داخل ٿيڻ لاءِ پاڻ ثابت ڪرڻو آھي. اھا
تعجب جي ڳالھھ ڪانھي تھ تنھن بعد مسلمان
ڳالھائڻ جي ڀيٽ ۾ نھ رڳو وڏو ڌيان ڏنو، پر
ھنن مري ويلن جي ڇڏيل شين جي پڻ حفاظت
ڪئي. حقيقت ۾ سندن ڪامران اڳواڻن جون آخري
آرامگاھون ۽ انھن مقدس ماڻھن جا مقبرا ئي
ھئا، جن سان کين عقيدت ھئي. ان سلسلي ۾
ھنن ڇا محسوس ڪيو يا مشاھدو ماڻيو؟ تن جي
زباني روايتن سان اسان جو ڪو واسطو ناھي.
انھن صدين کان پنھنجي مظاھري جي مواد کي
لکيت ۾ محفوظ ڪيو. مسلمان ڌرتي ۽ وقت جا
حقيقي چاھيندڙ آھن ۽ ڪميونسٽن واري زمين ۽
وقت لاءِ پيار جي ڀيٽ ۾، سندن پيار الله
تعاليٰ سان سندن عبادت ۽ احترام جو مظھر
آھي، جنھن جو حڪم آھي تھ انسان کي زمين تي
ان چڱي راھھ جون نشانيون ڳولڻ گھرجن، جيڪي
کيس الله تعاليٰ ڏانھن وٺي وڃن.
اھي واسطيدار اھڃاڻ آھن ۽ ’سنڌ جي روح‘
اندر ڪنھن ماڻھوءَ جي داخل ٿيڻ کان اڳ
انھن کي ذھن ۾ رکڻو پوندو، جنھن کي ثقافتي
ماحول ئي سمجھيو وڃي ٿو. سنڌ جي ھن خطي
اسلام جي روشنيءَ جا شروعاتي ڪرڻا ڏٺا،
جيڪي ننڍي کنڊ جي ڪنھن بھ ٻئي حصي ڪونھ
ڏٺا، جيڪي ڀارت جي مڃيل غير مذھب ماڻھن تي
ظاھر ٿيا. ان جي موٽ ۾ ھنن اسلامي دنيا کي
سندن تخليقي جذبن جي ڦھلاءُ لاءِ ثقافتي
مرڪز قائم ڪرڻ ۾ نمايان ماڳ فراھم ڪيو،
جيڪو انسان جي روحاني زندگيءَ لاءِ سچي
اوسر جو ھنڌ ھو. ان جي عالمن، شاعرن،
مبلغن، صوفين ۽ فلسفين، جن وچئين دور جي
ڀارتي دانشورانھ زندگيءَ جي اڀياس ذريعي
پيدا ٿيل پسمنظر جي خلاف رجحان ڏيکاريو،
سي ئي فاتح شخصيتن طور اڀريون؛ جن اسلامي
جذبي جي ڏيئي کي ھميشھ روشن رکيو. ڪيترن
نسلن تائين سنڌ رڳو وڃي پناه جي زمين رھي،
جتي ماڻھن جي ننڍن ننڍن ظالم حڪمرانن
طرفان اذيتون پئي ڏنيون ويون، جيڪي ان وقت
جي ھمعصر دنيا ۾ ھر ھنڌ پکڙيل ھئا، تن کي
اسلام جي تحفظ واري پناھھ ملي ويئي. سنڌ
مختلف موقعن تي انسانيت جي ڊگھن ۽ نازڪ
ٻوٽن جي حفاظت لاءِ گرم گُندلن طور خدمت
انجام پئي ڏني آھي، جيڪي ڀرپاسن جي ملڪن
مان اونھاري جي ھوائن وانگر پئي لڳيون.
اٺين صدي جي اوائلي حصي ۾ سنڌ تي عربن جي
فتح نمايان ثقافتي لاڙن وارن واقعن جي
لحاظ کان بلڪل صحيح آھي. جيتوڻيڪ اھا فتح
سڄي ھندوستان ۾ مسلم مملڪت جو مرڪز ڪونھ
بڻي، پوءِ بھ اھا سموري مسلم دنيا جي سکيا
۽ علم جو وڏو تربيتي مرڪز بنجي ويئي، جيڪو
اڄ ڪلھھ واري سنڌ صوبي جي اتر اولھھ طرف
واقع آھي.
اسلام جي آمد کان پوءِ سنڌو ماٿري، نئين
ڏينھن واري روشني ماڻي ۽ ان جي موٽ ۾
جستجو ڪندڙن کي وچ – ڀارت ۾ آرام ۽ سڪون
جو تحفو آڇيو، جيڪو انھن شورش وارن وقتن ۾
طوفانن ۾ ڀلجي ايندڙ ماڻھن ۽ تباھھ ٿيل
جھازن جي ملاحن جي پناه جو ٻيٽ ھو. انھن
وڏين نعمتن ۽ زندگيءَ جي فائدن بابت انسان
جي ڳولا جي سلسلي ۾ خطرناڪ درياھھ جي
باوجود اڻ مڃيل رستي تي ھلڻ جي ڪوشش ڪئي.
سنڌو ماءُ جي جذبي جو نمايان ميل ملاپ
اسلام جي بار آور ۽ زرخيز پيءُ واري اصول
سان ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ اھڙو ثقافتي ميل
جول ٿيو، جيڪو ننڍي کنڊ ۾ اڳي ڪڏھن نھ ٿيو
ھو. ان ڪھاڻيءَ جي مکيھ خاصيتن کي اڃا
وڌيڪ ڳڻڻو آھي ۽ شاندار زندگيءَ جي رنگين
تصور کي، جنھن سان اھو ميل ممڪن ٿيو، اڃا
بھ انھن لاءِ محفوظ رکڻو آھي، جيڪي اسان
جي پنھنجن ڏينھن ۾ بھ تنگ نظريي ۽ مليل
فرضن کان وڌيڪ بيحيائيءَ جي جذبي ۾ اھو نھ
مڃيندا تھ سنڌ وٽ پاڪستان کي ڏيڻ لاءِ ڪا
اھم شيءِ ڪانھي.
سنڌ جي تاريخ جو غور سان اڀياس، سنڌو
تھذيب جي قوت پختگيءَ جو تجزيو ۽ سنڌ جي
عالمن طرفان صدين کان ڪيل وسيع خدمتن مان
ظاھر ٿئي ٿو تھ اسان ڪيتري قدر مشرقي سوچ،
عقيدي ۽ عمل جي دنيا تيار ڪئي آھي ۽ ان
مان ظاھر آھي تھ نبيري واسطي سڪي جو ٻيو
پاسو اڃا رھيل آهي. ان کان بھ وڌيڪ ان
ڪردار جي نوعيت بابت سوچڻ ۾ ناڪامي، جيڪو
پاڪستان جھڙي نئين ٺھيل ملڪ ۾ سنڌ ادا ڪري
سگھي ٿي، سا پوريل اکين کي روشنيءَ ۾
منتقل ڪرڻ جھڙي ٿيندي، جنھن کي نھ ڏسڻ
مجرمانھ حماقت ٿيندي. گھڻو اڳ اھو پئي چيو
ويو آھي تھ جيڪو نٽائي ٿو، سو وڌيڪ علم
پرائي سگھي ٿو، ان ڪري آءٌ عاجزيءَ جي
جذبي سان عرض ڪريان ٿو تھ سنڌ جي روح خلاف
سمورين سرگرمين بابت مون طرفان ظاھر ڪيل
مقصدن ۾ تھ رڳو منھن بگاڙڻ جو نتيجو ملي
ٿو.
سنڌ صدين کان ڪيترن ئي ذھنن جي گڏجڻ جو
ماڳ پئي رھي آهي، جيڪا تاريخ ۾ مختلف
ثقافتي لاڙن جو سنگم پئي رھي آھي. سنڌ وٽس
آرام سان رھندڙن کي کانئن حاصل ٿيندڙ لاڀ
جي موٽ ۾ وڏو خراج پئي پيش ڪيو آهي. ھن
عام مقابلي کي سمجھڻ لاءِ اچو تھ اسان
سنڌي شاعرن ۽ صوفين بزرگن طرفان فارسي ادب
جي ڪيل خدمت جي سلسلي ۾ سندن ڪوششن تي نظر
ڊوڙايون. اھا سڀني کي خبر آھي تھ ارڙھين
صديءَ ۾ فارسي شاعريءَ جي ڏس ۾ ان وقت کان
۽ بعد ۾ ڪيل خدمتن مان جان ڇڏائڻ ھو. ان
تاريخي دور ۾ ھر طرف ڪيترا ئي سنڌي شاعر
ھئا، جن پنھنجو ڪلام فارسي ٻوليءَ ۾ ڳايو.
پروفيسر سدارنگاڻي چوي ٿو تھ ارڙھين صدي
فارسي شاعريءَ جي تاريخ جو سونھري دور ھو،
جنھن ۾ شيخ محمد علي حزين، سيد مشتاق علي،
لطف علي بيگ آذر ۽ اصفھان جي سيد احمد
ھاتف کان سواءِ مشڪل سان ڪو شاعر ايڏي وڏي
عظمت وارو ھو. شھزادي اورنگ زيب جي حڪومت
دوران، فارسيءَ جي وڌڻ ويجھڻ جو دائرو
مختصر ھو ۽ ھندوستان فارسي عالمن لاءِ
مرڪز نھ رھيو. جلد ئي ايراني عالمن جي
موجودگيءَ ڪري پيدا ٿيل متحرڪھ سرگرميون
تبديل ٿيڻ لڳيون ۽ گھڻين ڪوششن کان پوءِ
ان جي مقصد ۽ نوعيت ٻنھي ۾ بگاڙ آيو. ان
کان بھ وڌيڪ، اردو زبان جي وجود ۾ اچڻ ڪري
فارسي ادب ۽ ٻوليءَ کي وڏو ڇيھو رسيو،
جيڪا گھڻي وقت کان اوسر واري پنڌ ۾ ھئي.
بلگرام جي مير عبدالجليل، عظمت الله،
’بيخبر‘، نندرام، مخلص، سراج الدين
’آرزو‘، لالا امانت راءِ، واقف بٽالوي ۽
غلام علي آزاد ڪجھھ رھيل شخصيتون ھيون،
جيڪي بھرحال ڀارت ۾ فارسي ادب جي ميدان ۾
روشنيءَ جا ڪرڻا پکيڙيندا رھيا. ان فھرست
۾ اورنگ زيب جي ڌيءَ زيب النساءِ ’مخفي‘
جو نالو بھ شامل ڪري سگھجي ٿو ۽ ڀارت ۾
فارسي ادب جي ميدان ۾ ڪنھن عورت شاعر جو
شايد اھو اڪيلو مثال آھي.
بهرحال، حقيقت ۾ سنڌ جھڙي پٺتي پيل پرڳڻي
۾ فارسي شاعري لاءِ اھو سونھري دور ھو. 18
صدي جي گھڻي حصي دوران سنڌ تي ڪلھوڙن جي
پھريائين دھليءَ جي ايجنٽ طور حڪومت ھئي۽
بعد ۾ اھي آزاد حڪمران رھيا. سندن دور جي
فارسيءَ ۾ منگولن ۽ تيموري حڪومتن سان
ھڪجھڙائي ھئي، جيڪي رتوڇاڻ ۽ جھڳڙن جي
منظرن ۾ واضح ھيون ۽ اھو ئي اسان جي فارسي
شاعريءَ جو تمام شاندار دور ھو.
ساڳيءَ طرح سنڌي بزرگ، دانشور ۽ صوفي ان
ڳجھي ڄاڻ جي اوچاين واري گس تي پھچي ويا،
جيڪا سندن پوئلڳن کي حق ڏانھن وٺي وڃي ٿي
۽ جيڪي ان وقت جي مذھبي، فلسفي ۽ ديني ادب
جي عظيم ڪاوشن کي فارسيءَ ۾ لکي پيش ڪرڻ
جا اھل ھئا. پروفيسر سدارنگاڻي ’سنڌ جي
فارسي شاعرن جو تعارف‘ ۾ لکي ٿو تھ صوفي
تحريڪ زباني توڙي عملي لحاظ کان لامحدود
تخليقي اوچاين تائين پھچي ويئي ۽ انھن مان
علامھ معين الدين ٺٽوي (مضمون نگاريءَ ۾)
۽ سيد جان الله شاه ’مير‘ روھڙيءَ واري
(شاعريءَ ۾) ان جو بھترين مثال ماڻيو. سيد
جان الله شاه وڏي رتبي وارو صوفي ۽ سنڌ جي
اعليٰ درجي جو شاعر ھو، جنھن حق جي سوچن
واري سمنڊ ۾ اونھي ٽٻي ھڻي صوفي شاعريءَ
جا بيشمار ماڻڪ موتي ماڻيا. کانئس پوءِ
محمد محسن ۽ ٺٽي جو علي شير ’قانع‘ ھئا،
جيڪي جان الله شاه سان گڏوگڏ غزل جا وڏا
ماھر ۽ قصيده جا شروع وارا شاعر ھئا.
مون فارسي شاعري ۽ صوفي ادب جي سلسلي ۾
سنڌ جي ڪردار کي ان نقطي جي رڳو تجزئي طور
کنيو آھي. آءٌ چوڻ چاھيان ٿو تھ ان وقت جي
انساني سوچ ۽ ثقافت جي ٻين شعبن ۾ سنڌ جي
ڪردار جي اھميت گھٽ ناھي. ايڇ. ٽي. سورلي
چوي ٿو تھ نھ رڳو شاعري، پر علم نجوم، طب،
زبان جو تحقيقي علم، ٻوليون ۽ ٻيا اھڙا ڪم
ان وقت جا اھم موضوع ھئا. سکيا جا اھي
مرڪز ٺٽي، مٽياري ۽ روھڙيءَ ۾ قائم ھئا،
جيڪي مسجدن، مقبرن ۽ درسگاھن سان لاڳاپو
رکندڙ سيدن ۽ پيرن جي حويلين ڪري مشھور
ھئا. ھو اڳتي چوي ٿو تھ اھا ان وقت جي اھم
خاصيت ھئي جو ليکڪن جو وڏو تعداد انھن
ڪٽنبن مان ھو، جيڪي لڏي اچي سنڌ ۾ آباد
ٿيا ھئا. اھي ڄائي ڄمندي سنڌي ڪونھ ھئا.
افغانن جي ڏينھن ۾، جيڪي مغلن کان اڳ
موجود ھئا، توڻي انھن کان اڳ، سنڌ جي
سرزمين ان قسم جي عالم ماڻھن جو پسنديده
گھوارو پئي رھي آھي، جن اسلام جي اوسر پئي
ڪئي آھي.
مٿئين مشاھدي جو اخلاقي پھلو صاف ظاھر
آھي. اھو فيصلي ڪن تھ بھ بنيادي اثر جنھن
سنڌ کي روحاني زندگي عطا ڪئي ۽ اھو بنا
ڪنھن شڪ جي اسلام ھو، پر ان روحاني
زندگيءَ جي خوشبو کي ڌرتي کي گھڻو واسڻو
آهي، جيڪو سنڌو نديءَ جي حيات بخش پاڻي
طرفان نوازيو پئي ويو. اسلام جي ڀائيچاري
وارو اصول پنھنجي پوئلڳن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪري
ٿو ۽ انھن کي اسلام جي دائري ۾ رھڻ سببان
نھ رڳو پنھنجي گھر سان واسطي رکڻ جو اتفاق
آھي، پر اھو بھ محسوس ڪرڻ گھرجي تھ اھو
زندگيءَ جي ڪوشش لاءِ سچي واحد خدا جي
خاصيت ڏانھن ماڻھن جي اندروني اطمينان جو
باعث آھي. سنڌ ننڍي کنڊ ۾ اسلام جو پھريون
لنگھھ آھي. آءٌ ان کي کلي طرح پھريون
لنگھھ ان ڪري ڪوٺيان ٿو، جو 12 صديءَ ۾
ڀارت جي اتر – الھندي وارين حدن ۾ اسلامي
مخالفت جي لھر لڳي، پر اھا لھر رڳو ڌوڙ
اڏائيندڙ ھئي؛ ڇاڪاڻ تھ ان بغداد، بخارا ۽
غزني مان ٿيندي لاھور پھچڻ کان پوءِ اڳتي
وڌڻ ذريعي عجم جا اڳي موجود ذخيرا پڻ ساڻ
آندا. پھرين لھر اسلام جي اوائلي ۽ پاڪ
قوت واري صاف لھر ھئي ۽ سنڌ ان نئين
زندگيءَ جي ترقياتي اوسر جو نيپاج پئي
رھي، جيڪا اسلام طرفان ڀارت ڏانھن آندل
ماڻھن جي وچ ۾ ايڪي ۽ جمھوري برابريءَ جي
روحاني اصول جي پھرين اثر جي نتيجي ۾ سنڌو
ماٿريءَ ۾ اُڀري.
اھو طريقو اڃا تائين ھلي رھيو آھي، تان جو
ويندي اسان جي ڏينھن جي سنڌ، پاڪستان جي
ڪنھن ٻئي علائقي کان وڌيڪ انھن ڪيترن
پناھگيرن جي آجيان ڪئي آھي، جيڪي ننڍي کنڊ
جي ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ زندگي گذارڻ کي
ناممڪن سمجھندي سندس اڱڻ تي آيا. ڀارت مان
آيل انھن پناھگيرن جي وڏي تعداد مان ظاھر
ٿيندو تھ انھن جو وڏو تعداد سنڌ ۾ نئين
اجھي ڳولھڻ لاءِ آيو. نھ پنجاب، نھ سرحد،
نھ بلوچستان ۽ نھ ئي اڀرندي بنگال ايترا
پناھگير پاڻ وٽ رھايا. سنڌ جي ڪشادي ۽
کليل دل واري ڌرتيءَ سدائين اھو رڪارڊ پئي
جاري رکيو آھي. مھراڻ جي وادي انھن سڀني
لاءِ سخي ميزبان جو ڪردار ادا ڪندي رھي
آهي. جيڪي سندس ٻانھن ٻيلي ٿيڻ لاءِ ايندا
ھجن ۽ ڌڻي تعاليٰ جي پاڪ نام سان صدقي،
سدائين انسانيت جي خدمت، محبت ۽ مفاھمت جي
جذبي سان جاري رکندي اچي.
شال سنڌ جي مقدس سرزمين ’منھنجي‘ ۽
’تنھنجي‘ واري ذھني ڪمتريءَ ۾ نھ ڦاسجي.
ھيءَ اھا کڏ آھي، جيڪا اصل ۾ اسان وٽ مروج
قوميت جي اصطلاحن ۾ ائين آھي تھ ’منھنجو‘
رڳو منھنجو آھي ۽ جيڪي تنھنجو آھي، سو
سمورو تنھنجو آھي.
اھا صاف ذھن، معقوليت ۽ انصاف جي گھر آھي
تھ سنڌ جي ان تاريخي ڪردار کي قبوليو وڃي
۽ گھٽ ۾ گھٽ انھن طرفان قدر ڪرڻ گھرجي، جن
کي چڱيءَ پر چائڻ لازمي آھي. انھن سڀني
ڳالھين کان پوءِ احسان جھڙي ڳالھھ ۽
ٿورائتي ٿيڻ سان ڪو گھٽجي ڪونھ پوندو. ڇا،
قرآن پاڪ ڪونھ ٿو چوي تھ:
’ھل جزاءُ الاحسان الا الاحسان‘
اھو ھن مقالي جو مقصد آھي جو سنڌ جو روح
سندس ڪشادي ۽ صاف دورانديشي، مزاج جي
بيتعصبي ۽ سندس مثالي برداشت، اسلام جي
جذبي جا مظھر آھن. اھو رڳو تاريخ جو حادثو
ڪونھي تھ، اھا سنڌ ھئي، جنھن جي سرزمين تي
اسلامي جذبي جو پھريون مورچو قائم ٿيو.
اھو انھن علائقن جي حدن تائين پکڙجي ويو،
جن کي اڄ اسان پاڪستان سڏيون ٿا. حقيقت ۾
سڌي طرح سان وڌندڙ پاڪستان جي ماڻھن جو
روحاني جذبو – لاڳيتو ڪرندڙ انھن تقاضائون
۾ ڏسي سگھجي ٿو، جيڪو سنڌ جو روح پنھنجي
تاريخي ڪردار طور ڪرڻ گھري ٿو. صوبي جون
سرحدون جيڪي اسان اڄ ڏسون پيا، سي ننڍي
کنڊ جي زندگيءَ ۾ تحريڪ پيدا ڪرڻ طور
حادثاتي بنيادن تي پيدا ڪونھ ٿيون آھن، پر
محمد بن قاسم طرفان آندل روشنائي جو اثر
رڳو انھن حدن جي زندگين کي روشن ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿيو، جيڪي اڄ پاڪستان ۾ شامل آھن.
ان وقت جي سنڌ ۾ اتر ۾ سنڌوءَ جو خطو، اتر
اوڀر وارو ملتان، بھاولپور، جيسلمير جو
حصو ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ جي رڻ واري پٽ تائين جو
علائقو شامل ھو. آءٌ صلاح ڏيندس تھ سنڌ جي
روح ھاڻي پاڪستان ۾ پاڻ کي ھڪ ھنڌ گڏ ٿيڻ
لاءِ اصل سرحدي ماڳ ماڻي ورتو آھي. ان
لحاظ کي ڏسندي، پاڪستان جو قيام ان ثقافتي
ورثي جو تسلسل آھي، جيڪو سنڌ جي ڌرتيءَ وٽ
مسلم جذبي کان اڳ ۾ ھو.
جاگرافيءَ جي نج اصليت طور سنڌ سياري واري
جاگرافيءَ جي دل لڀائيندڙ ۽ من موھيندڙ
تعريف وارو ڏيک ڏئي ٿي. مسٽر برٽن چوي ٿو
تھ يونانين طرفان ’سندو – مانا‘ سڏجندڙ ھي
علائقو قديم ھندن طرفان ’سنڌو ديشا‘، عرب
جاگرافي دانن طرفان ’سنڌ‘، اتر ۾ بھاولپور
جي سرحدن ۽ ڏکڻ ۾ ھندي سمنڊ سان مشتمل
آھي. اڀرندين سرحدن ۾ وارياسا رڻ آھن ۽
الھندي پاسي يورپ ۾ سڏجندڙ ھالار پھاڙي
سلسلي جي ڊگھي قطار آھي. اھا اتر ۾ 23 ۽
29 ڊگرين جي وچ ۾ پکڙيل ۽ اوڀر ۾ اُڀي 67
۽ 70 ڊگرين برابر وسيل آهي. اھا 7 سؤ ميلن
تائين ڊگھھ ۾ آھي ۽ ويڪر اٽڪل 120 ميل
اٿس. توھان کي جاگرافيءَ جون سڀ شيون
ملنديون، جھڙوڪ: درياھھ، ميدان، ڍنڍون،
ريگستان، ٻيلا، جبل، ٻيٽ، سمنڊ، واريءَ جا
دڙا ڏيندڙ پيٽ، ھيٺيان علائقا، جيڪي رولو
نئن طرفان مينھن جي پاڻيءَ سان سيراب ٿين
ٿا. اھي جاگرافيءَ جا سڀ عملي جوڙ آھن.
سمورن ثقافتي نمونن کي دليريءَ يا بزدليءَ
جي ٻن مرطوب رشتن جي حوالي سان سمجھي
سگھجي ٿو، جيڪو سنڌ جي روح جي سلسلي ۾
اسلام جو مڃيل اصول آھي. اھو ئي ھن سرزمين
جو ڪردار آھي، جنھن ۾ ماڻھو زندگي گذارين
ٿا، ھلن ٿا ۽ وٽن پنھنجو وجود آھي. اسلام
اھو طاقتور ۽ اثرائتو سرشتو آھي، جنھن
تاريخ جي دليرانھ عنصر طور اڳي موجود
سمورن ثقافتي قدرن کي پئي اوسر ڏني آھي.
ڌرتيءَ کي ماءُ جي برابر مڃڻ جو ۽ ان سان
تشبيھھ ڏيڻ جي اصول ۾ ڪو تعجب ناھي جو جتي
پيدا ٿجي ٿو، ان کي مادر وطن سڏجي ٿو.
پاڪستان جو قائم ٿيڻ سنڌ جي ماڻھن جي
زندگين ۾ لازمي طور تي وڏي خوشيءَ جھڙو
واقعو آھي، ڇاڪاڻ تھ اھو انسان ذات جي
رابطي جي روحاني جذبي سان قائم ٿيڻ جي
نشاني آھي، جيڪا پيغمبر اسلام صلي الله
عليه وسلم جن نمايان حد تائين لاڳو ڪئي.
اھو ئي اصول آھي، جنھن اٺين صديءَ واري
سنڌ جي غير – عرب دنيا ۾ شروعاتي پير
کوڙيا. اھو اسلام جو مشن آھي تھ انساني
تاريخ ۾ انسان ذات جي ڀائيچاري جو اوتار
آھي.
اسلام پاران انساني تھذيب جي ڏس ۾ ڪيل
ڪيترين نمايان خدمتن مان منھنجي خيال ۾
تمام اھم ڪم رابطي جي روحاني اصول جو
سلسلو آھي. جيستائين انساني تاريخ جي خطي
۾ اسلام اڀريو، تيستائين انسان ذات جو
رابطو يا تھ رت جي رشتن يا ذاتين جي
بنيادن تي ٿيو يا وري جغرافيائي حيثيت سان
ٿيو. ان وقت تائين قومون رڳو انھن ٻن مکيھ
اصولن جي واھپي سان بڻجنديون ھيون. زمين
جي ڪنھن بھ حصي سان واسطو رکندڙ ماڻھو پاڻ
۾ قوم ٺاھيندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ انھن پنھنجي
وڏن جي اولاد ھجڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ کين
پنھنجي رت جي شرافت بابت ٻڌائڻو ٿي پيو يا
رڳو ان ڪري جو اھي ھڪ ۽ ساڳي جغرافيائي
سرزمين تي گڏجي رھندا ھئا. جيڪڏھن ڪو
ماڻھو غور ڪندو تھ کيس اھي ٻئي اصول ان
دائري اندر محدود نظر ايندا تھ انھن کي
واپرائڻ سان ڪوبھ انسان ذات جي عالمي سنگم
جي حصول جي سلسلي ۾ گھڻو اڳتي وڃي نھ
سگھندو. انھن مڙني ڳالھين کي ڇڏي سڀڪو
انسان اھا دعويٰ نٿو ڪري سگھي تھ سندس
شريانن ۽ نسن ۾ ساڳيو رت ڊوڙي رھيو آھي.
نھ ئي ڌرتيءَ جي مختلف حصن سان لاڳاپو
رکندڙ سمورا ماڻھو وري اھا ساڳي قوميت جي
دعويٰ ڪري ٿا سگھن، جن کي انھن جو باعث
تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪي ھڪ ۽ ساڳئي ملڪ ۾
رھن ٿا.
اسلام انسان ذات جي اتحاد ۽ ربط آڻڻ لاءِ
انھن ٻنھي طريقن کي سڌاريو آھي ۽ ان بدران
اھو بيان نعم البدل طور پيش ڪيو آھي تھ
’جيئن سڀ انسان الله تعاليٰ لاءِ ۽ اُن
ڏانھن موٽن ٿا ۽ جڏھن ڪوبھ عرب يا غير عرب
کان مٿي ناھي، سواءِ ان جي تھ ڪوبھ ماڻھو
وڌيڪ خوشحاليءَ لاءِ انسانيت کي اعليٰ نسل
يا اعليٰ علاقائي بنيادن تي ھڪ ڀائيچاري
جي حيثيت سان منظم ڪري ئي سگھندو ھجي. رت
جي خاصيت يا نسلي شرافت جھڙي ھٿراڌو
ڳانڍاپي سان ڪوبھ جغرافيائي علائقي تان ھٿ
کڻڻ جي دعويٰ نٿو ڪري سگھي، جتان ڪو خاص
انجام نڪرندو ھجي. آخرڪار تھ پيدا ٿيل
انسانيت ھڪ ئي آھي، جيتوڻيڪ ان ۾ ھڪ اڪيلو
۽ اڻ ڇڄندڙ رستو پاڻ ٺاھيو ويو آھي.
انسانيت جو ھڪ ئي بنياد ۽ ساڳي ئي منزل
مقصود آهي؛ جيڪا انسان جي بنياد ۽ تقدير
جي انھيءَ طبعي خيال ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي
ٿي، سا ھيڪڙائي واري احساس ۾ پنھنجو پاڻ
کي مربوط ڪرڻ جي سلسلي ۾ گڏجي بيھڻ جي اھل
آهي. ان ڪري سڀ پنھنجي ان منزل ڏانھن
ويندڙ واٽ تي اڳتي ھلڻ جا لائق آھن تھ
الله تعاليٰ اسان کان پري ناھي پر ھڪ وک
اڳتي آھي.
ان ڪري ھي اھو روحاني اصول آھي، جنھن جي
بنياد تي اسلام ماڻھن جي ڀائيچاري کي منظم
ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيو. ان اصول جي
پوئواريءَ سان ھرڪو احسانمند آھي جو
مسلمان صدين کان جڏھن بھ اسلام جي جذبي
سان وفادار پئي رھيا آھن، تڏھن کان انھن
بنا ڪنھن نسلي وڏائي واري خاصيت جي ھڪ ٻئي
سان ڀائرن وانگر پئي محسوس ڪيو آھي، جيڪا
کين ڪنھن جغرافيائي سڪونت ۾ رھڻ ڪري يا
سندن پوکيل پوک وارن علائقن ۾ رت ولوڙڻ
ڪري پيدا پئي ٿي آھي.
انسان کي معلوم ڪنھن ٻيءَ ثقافت يا تھذيب،
انسانيت جا لاڳاپا ايڏي حد تائين پختا نھ
ڪيا آھن، جيترا اسلام ڪيا آھن. دنيا جي
ڪنڊ ڪڙڇ جا مسلمان پاڻ کي ڀائر سمجھن ٿا ۽
ڪٿي بھ ڪا ڳالھھ ٿئي ٿي تھ اسان وٽ مسلم
جذبو ئي ڪامياب ٿئي ٿو. ايترو جو قرآن
شريف پڻ تصديق ڪري ٿو تھ عرب دنيا جا اھي
ڪافر قبيلا اسلام جي نوازجڻ کان پوءِ عظيم
سماجي سرشتي واري ڍانچي اندر لازم جُز
بنجي ويا ۽ ھڪٻئي کي گھٽ ڪرڻ جي باوجود
انھن ھڪٻئي سان محبت ۽ احترام سان رھڻ
شروع ڪيو.
اسان جي پنھنجي وقت ۾ پاڪستان جو قائم ٿيڻ
ان ساڳئي اصول جي ڪاميابيءَ کي يڪجا ڪري
ٿو تھ ڀلي ڪو سنڌي آھي، پنجابي آھي، بلوچي
آھي يا ڪو پٺاڻ، سو ڪوبھ ماڻھو بنيادي طور
تي ان مربوط گروپ ۾ قابل قدر عنصر ۽
روحاني اصول – جنھن کي اسان ايمان جي رسي
سڏيون ٿا، نٿو قائم ٿي سگھي. انھن مان
ھرڪو عنصر ان گڏيل مرڪب جو بنيادي طور تي
لازمي حصو آھي ۽ کين جيڪا شيءِ ڳنڍي ٿي،
سا ايمان جي رسيءَ واري روحاني اصول جو
عمل آھي. جي اسان پاڪستان جي ڍانچي اندر
ان اصول تي عمل ڪري ھڪ صحتمند مثال قائم
ڪريون ھا، جنھن جي نتيجي ۾ سموري انسانيت
جي سلامتي حاصل ٿئي ھا، تھ اھي سڀ ڪوڙيون
ڳالھيون جيڪي ٺڳ دانشور ۽ مفاد پرست
سياستدانن ڪيون آھن تھ اسلام اسان جي وقت
۾ موزون ۽ گھڻي حد واري تحفظ ڏيندڙ قوت
لاءِ اڻپورو جذبو آهي، سي ئي اسلام خلاف
اھڙي قسم جا تمام واھيات بھتان مڙھي سگھن
ٿا.
ان حقيقت جي باوجود تھ اسلام مٿي ڄاڻايل
روحاني اصولن جي بنيادن تي وحدانيت واري
احساس ۾ انسانن وٽ آيو تھ اچو تھ دنيا جي
مختلف ماڻھن جي ان دعويٰ تي نظر وجھون،
جيڪي ھنن پنھنجي بدلجندڙ ڏيھي ثقافت جي
انفراديت ۽ خاص اسمن جي اوسر لاءِ ڪيون
آھن. مڪي ڏانھن ويندڙ حج جو اجتماع انھن
ٻنھي صاف سازشي دعوائن واري موقف جي نفي
ڪري ٿو.
حج لاءِ ويندڙ مسلمان ڄڻ تھ ساليانو سڄي
دنيا جي مختلف حصن مان ڪعبي جي روحاني سڏ
جي موت طرف ڇڪجي اچن ٿا ۽ ڪفن جھڙي ڪپڙي
جي لباس ۾ خدا جي پھرئين گھر جي چوڌاري
طوفان ڪن ٿا؛ جيڪي سمورين خاصيتن ۽ براين
جي امتياز جي حيثيت واري ڏيک ۾ کين فرق
ڏيکارين ٿا. پر جڏھن مذھبي رسمون ختم ٿين
ٿيون ۽ اھي جتان اچن ٿا، اوڏانھن واپس ورن
ٿا ۽ ساڳيا لباس ڍڪي پنھنجي مختلف ڏيھي
ثقافتن ۽ ٻولين ۾ وري سڃاڻپ شروع ڪن ٿا،
جيڪي دنيا جي مختلف حصن ۾ اڀريون ۽ وڌيون
آھن.
ان ڪري ڪنھن جي ورثي ۾ غلط شيءِ واري
ناموافقت ھلندي نٿي اچي؛ پوءِ ڀلي اھا رت
يا جغرافيائي لحاظ کان ان دعويٰ جي مجموعي
اقرار جي معاون بنجڻ تائين ڇو نھ ھجن.
جيتوڻيڪ اھي وصفون وڌيڪ موچاريون آھن،
ڇاڪاڻ تھ اھي سڃاڻپ جي مقصدن جي پوئواري
ڪن ٿيون تھ جنھن سان ڪنھن ماڻھوءَ جي
ذھانت کي پرکيو وڃي ان جي ڪنھن بھ فيصلي
وارين نشنين جي فطرتن ۾ نھ رکيو وڃي.
انسان بابت جيڪا ڳالھھ فيصلھ ڪن آھي، سا
پنھنجي خالق سان سندس سچائي واري سوچ جي
ڳانڍاپي لاءِ سندس مڃتا آھي، جنھن پٽاندر
ھو پنھنجي رب جي حڪمن جي اطاعت ڪري ٿو.
قرآن مجيد ۾ آھي تھ اوھان مان چڱو اھو
آھي، جيڪو گھڻو متقي ۽ وڌيڪ پرھيزگار آھي.
سنڌ جو روح انھن مختلف ماڻھن جي ايڪي حاصل
ڪرڻ جي ڪاميابيءَ ۾ پاڻ کي ڏسي سگھي ٿو.
جن علاقائي ثقافتن وحدانيت جي ان احساس ۾
پير کوڙيا، جيڪو اسلام طرفان صديون اڳ
آندو ويو؛ اھي سمورا سياسي اختلاف جيڪي اڄ
اسان کي پاڪستان ۾ تقسيم ڪرڻ گھرن ٿا، سي
منھنجي خيال ۾ ان شرط ۽ ان مفاھمت واري
اصول تي ٻڌل آھن، جنھن لاءِ معاشري جي
ايڪي بابت اسلام طرفان ڌيان ڏنو ويو آھي.
اسان گھڻو ڪري انھن حادثاتي ڳالھين کي
وڌائي پيش ڪريون ٿا، جيڪي ان حقيقت کي
ڇڏين ٿا تھ اسان پاڪستان جي معاشري جي
مختلف سڃاتل نسلي عنصرن سان لاڳاپو رکون
ٿا. جيڪا خراب ڳالھھ آھي، سا اھا تھ اسان
پنھنجي ڌيان ۾ ان اھم ڳالھھ تي غور نٿا
ڪريون تھ ان جذباتي بنيادن جي تصديق خاطر
پاڪستاني ماڻھن جي روحاني زندگيءَ کي عظيم
رتبو ڏيڻ جي موٽ ۾ اسان کان مطالبو ڪيو
وڃي ٿو جن جي بنيادن تي پاڪستان ٺھيو ۽ ان
سلسلي جي حدن بابت جن تي ان کي قائم رھڻو
آهي.
مون ان سلسلي ۾ مٿي واضح طور تي پنھنجو
موقف بيان ڪيو آهي، جيڪو آخر تائين پھچي
ويو آھي ۽ ھاڻي آءٌ انھن ڪجھھ سستن ۽
ڀڙڪندڙ نعرن بابت خيالن جو اظھار ڪندس، جن
کي اسان جي ھن وقت جا ھٿ ٺوڪيا مفڪر ۽
جڙتو سياستدان پنھنجي اھميت وڌائڻ لاءِ
مشھور ڪرڻ ۾ مشغول آهن. سڀ کان پھرين آءٌ
سنڌ جي قديم سرزمين جي تحريڪ جو حوالو
ڏيندس، جيڪا اڻ سڌي طرح سان اسلام جي
اھميت گھٽائڻ چاھي ٿي. مون کي ٻڌايو ويو
آھي تھ اسان جي وچ ۾ اھڙا بھ ماڻھو آھن،
جيڪي محمد بن قاسم کي حملھ آور ڪوٺيندي
نٿا شرمائين، جنھن دنيا جي دلچسپ حصي مٿان
چڙھائي ڪئي؛ جتي اڳ ۾ سنڌ جا ماڻھو رھندا
ھئا. اھا سموري ڪوڙي تاريخ آھي، جيڪا
اسلام طرفان سنڌ جي روح ڏانھن ڪيل خدمتن
کي تباه ڪرڻ جي خيال کان ھڪ قسم جي
نقصانڪار پروپيگنڊا آھي. اھا حقيقت آھي تھ
اسلام جي آمد ڪري سنڌ کي ھڪ نئين ۽
عاليشان حياتي ملي آھي، جيڪا اسلام جي
روشني پکڙجڻ کان وٺي ھميشھ عالمن، بزرگن،
دانشورن ۽ عظيم روحاني پيشوائن جي سرزمين
پئي رھي آھي. تاريخ جي خاص ٿيل تباھين جون
اھي سموريون انھن ماڻھن لاءِ صحيح ٿي سگھن
ٿيون، جن وٽ سچ لاءِ ڪا قيمت ناھي ۽ اھي
ھن وقت پنھنجي ذاتي اھميتن جي ڪري نئين
ٽھيءَ کي راھھ تان ڀٽڪائڻ ۾ مصروف آھن.
اھي صديون پراڻي ان سچائي کي وساري ويھن
ٿا تھ سچ جھڙو ڪوبھ نعم البدل ڪونھي؛ جڏھن
ھڪ ڀيرو اوھان سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ فرق کي
محسوس ڪندا ۽ ان کان بھ وڌيڪ، تنھن بعد
توھان مشڪل سان روشن اکين کي بند ڪندا،
جيئن قرآن شريف سيکاري ٿو ۽ وري وري زور
ڀري ٿو تھ انڌو ۽ سڄو ٻئي ساڳئي زمري ۾ نه
آهن. انهن کي ساڳئي زمري ۾ ملوث ڪرڻ ۽ گوڙ
وڌائڻ واري ڪميڻائپ ۽ ھلڪڙائپ جي دلاليءَ
۾ شامل ٿيڻ آھي. يقينًا پاڪستان اسلام جي
ڀائيچاري جي سڃاڻپ جو ٻيو نالو آھي. اچو
تھ اسان ھر طريقي سان پاڪستاني معاشري جي
حدن اندر سڀني علائقن ۽ انھن جي رھواسين
جي حقن جو عزت ڀرئي انداز ۾ بچاءُ ڪريون.
اچو تھ اسان ھر طرح سان سنڌي، پنجابي،
پشتو ۽ بلوچي زبانن جي قدرن ۽ اھميت جي
حفاظت ڪريون، پر اسان کي ڪي بھ ڪوڙا وعدا
نھ ڪرڻ گھرجن، جيڪي پاڪستان جي علائقائي
سلامتيءَ کي خطري ۾ وجھي سگھن ٿا. يا تھ
اسان کي رڳو ھڪ قومي ٻولي ھئڻ گھرجي، ان
حالت ۾ ٻين سڀني علائقائي ٻولين جي حيثيت
سان قرباني ڏيڻ گھرجي. پر جي اسان پاڪستان
جي رابطي واري ٻوليءَ طور ھڪ زبان مٿان
اتفاق نٿا ڪريون تھ پوءِ اسان کي سڀني
علائقائي ٻولين کي تسليم ڪرڻو پوندو ۽
انھن کي ھڪ جھڙي اھميت ڏيڻي پوندي. ان ڪري
پاڪستان لاءِ اھو دانشمندانھ فيصلو ٿيندو
تھ جيڪا قرآن پاڪ جي ٻولي آھي ۽ جنھن ۾
اسان جي روايتي زندگي ۽ روح جي حفاظت ٿيل
آھي؛ عربي ٻوليءَ ۾ اسان جي دانشورن ۽
بزرگن اسان جي ھدايت ۽ سئين واٽ
ڏيکاريندڙن جي خيالن ۽ سوچن جو وڏو ذخيرو
شامل آھي. پاڪستان جي رابطي جي ٻوليءَ طور
جيڪڏھن ڪا ٻولي دعويٰ ڪري سگھي ٿي تھ اھا
عربي ٻولي آھي. ان کان سواءِ اسان ٻي جيڪا
ٻولي چاھيون ٿا، سا پاڪستان جي قومي ٻولي
اردو آھي؛ پر جي قوم ھڪ ڀيرو ان سلسلي ۾،
ان حقيقت جي باوجود بھ تھ قوم جي ابي
اردوءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي بنائڻ
واري ڪيل خواھش ۾ متفق رھڻ ۾ ناڪام ويئي
تھ پوءِ سڀني علائقائي ٻولين کي قومي
ٻوليون سمجھڻ وارو معاملو اڻ ڇڄندڙ ٿي
پوندو. پاڪستان جي پھرين دستور ساز
اسيمبليءَ ۾ مون ھن مسئلي بابت ان وقت
آواز اٿاريو ھو، جڏھن اردوءَ کي پاڪستان
جي قومي ٻولي بنائڻ واري ٺھراءَ کي منظور
ڪرڻ جي اجازت نھ ڏني ويئي؛ تڏھن مون ان
پھرين دستور ساز اسيمبليءَ جي ميمبرن جي
ھڪ گروپ کي واڪ آئوٽ ڪرڻ تي زور ڀريو ھو.
بھرحال اسان جو احتجاج نھ ٻڌو ويو ۽
بنگالي ۽ اردو ٻئي قومي ٻوليون بڻجي ويون.
ان ڏينھن کان وٺي سياسي مصلحت سان ڳنڍيل
سببن ڪري اڳرائي ڪندڙ ۽ اڀرندڙ طاقتور
بنگالي قوميت اوڀر پاڪستان ۾ علحدگيءَ جي
تحريڪ کي سھارو ڏيڻ ۾ نئين قوت ڏني. ان
اختلافي ھوا جي ٻج ڇٽڻ ڪري وڳوڙ جي
صورتحال پيدا ٿي. بنگال کي ڌار ڪيو ويو ۽
اسان کي ڀارت سان جنگ ۾ شڪست کي برداشت
ڪرڻو پيو. ان ڏينھن کان وٺي ڪنھن بھ قيمت
تي آءٌ اصولاً ان خيال جو بچاءَ نھ ڪري
سگھيو آھيان تھ رڳو ھڪ قومي ٻولي (جيڪا
اردو آھي) ھئڻ گھرجي ۽ مون ھميشھ اھو پئي
سوچيو آھي تھ ھاڻي سڀني صوبائي ٻولين کي
ھڪجھڙي اھميت ڏئي انصاف ڪرڻ جي ضرورت آھي.
سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي، صوبائي ٻوليون
آھن ۽ انھن مان ڪابھ ٻولي پاڪستان جي ڪنھن
بھ ٻي علائقائي ٻوليءَ کان ڪنھن بھ حالت ۾
مٿي ناھي.
وفاقي تصور، جنھن تي پاڪستان جي مملڪت جو
وجود آھي، سو مختلف علائقن سان سندن ڌار
ڌار ٻولين ۽ ثقافتن جي دعوائن کي مڃيندي،
پاڪستان جو بنياد استوار ڪري ٿو. مون کي
ڪوبھ سبب نظر نٿو اچي تھ پاڪستان اصولي
طور تي علائقائي ٻولين ۽ ڏيھي ثقافتن کي
مان ڏيندي ڇو نٿو ترقي ڪري ۽ عظيم بڻجي
سگھي، بشرطيڪ اھي پاڪستان جي سلامتي۽ ان
جي قومي استحڪام جي خيال کان اسان جي مکيھ
عھد کي پٺيرو ڌڪ يا دخل نھ ڏئي.
اسان جي جذبن ۽ خواھشن کي ھميشھ ان
نفسياتي ڪائنات طرفان روڪيو ويو آھي، جنھن
۾ اسان زندگي گذاريون ٿا. پر جيئن ئي اسان
اڳتي وڌنداسين تھ اسان رڳو ان ڪري پنھنجن
خواھشن کي ٻيھر سنواري سگھنداسين تھ دنيا
پاڻمرادو پنھنجي ذاتي اوسر سان موافق
نموني ھلي رھي آھي. اسان جيئن وڏي سچائي
واري دنيا ۾ داخل ٿينداسين، تيئن اسان جون
خواھشون ۽ جذبا مختلف رنگ اختيار ڪندا
ويندا ۽ سچائي جو عظيم تصور ماڻيندا.
اڳيان 28 ورھيھ اسان جي قومي ضمير جي اوسر
مٿان فائديمند اثر جي طور گذريا آھن.
1940ع جي لاھور واري ٺھراءَ ڏانھن واپس
ويندي، جنھن ۾ عظيم ترين تصور جي پس منظر
۾ اسان جي اڳتي وڌندڙ ڪاوشن ذريعي حاصل
ٿيندڙ ملڪن جي ڳالھھ ڪيل ھئي، جنھن کي
پاڪستان جي اڀرندي ۽ الھندي حصن کي مربوط
نموني ھڪ ملڪ بنائڻ لاءِ 1947ع ۾ قائداعظم
جي ڪيل دانشمندانھ ۽ عاقلانھ فيصلي جي
عڪاسي ھئي ۽ ھاڻي اسان کي دنيا کي لازمي
طور تي اھو ڏيکارڻو آھي تھ اوڀر ۽ اولھھ
پاڪستان جي فاصلن جي باوجود اسان ھڪ ٻئي
کي ايترو تھ ويجھا ھئاسون، جنھن لاءِ اسان
ساڳئي عقيدي وارن رشتن جا ممنون ھئاسون.
ڇاڪاڻ تھ اسان اڀرندڙ قوم سان واسطو رکندڙ
ماڻھن ۾ وحدانيت جي حقيقي احساس کي پيدا
ڪري سگھون ٿا. اسان اڻ سڌريل اقتصادي
حالتن ۽ خراب سياسي رجحان ڪري پاڪستان جي
مستقبل واري ترقيءَ کي ھٿ ۾ کڻڻ برداشت
نٿا ڪري سگھون، ڇاڪاڻ تھ اسان ننڍا ھئاسون
۽ اسان ٻنڌڻن ۾ گذاريندا ھئاسون. ان جو
مطلب اھو ناھي تھ اسان پنھنجي اصل لباس
سان غير وفادار ٿيڻ جي قيمت تي اھي لاڳيتو
پائيندا رھون.
مون لاءِ ضروري ھو تھ شروع ۾ ئي ٻڌايان ھا
تھ ’سنڌ جي روح‘ مان منھنجي ڇا مراد آھي؟
روح جو لفظ ساخت يا بنياد جي قوتن جي وڏي
اوجر واري اظھار طور ڪتب آندو وڃي ٿو.
بلڪل ائين آھي جيئن گلاب جو ٻوٽو، ان جي
پنن جي ٿلھاڻ يا ان جي ٿڙ يا ان جي شاخن
جي لحاظ کان نٿو پرکيو وڃي، پر ان مان
ڦٽندڙ گلاب جا گل ئي آھن، جن جي ڳالھھ
ناھي. قوميت جي ان اڻ سڌريل نموني جي اھا
اڳرائي ۽ جارحانھ رسائي، جنھن کي علائقائي
فصل کان سواءِ ٻي ڳالھھ نٿو چئي سگھجي،
جنھن سان سنڌ جي ماڻھن کي جيئي سنڌ جي
نعري سان واسطو رکندڙ اھميت جي احساس کي
جوڙڻو آهي. منھنجي خيال ۾ اھو ڪنھن نھ
ڪنھن صورت ۾ فيشن ۽ مال حاصل ڪرڻ جو طريقو
آھي. ھاڻي جيئي سنڌ (سدا جيئي سنڌ) جي
نعري ۾ پاڻ مرادو ايستائين ڪوبھ ھرج ناھي،
جيستائين ان کي جيئي اسلام، جيئي پاڪستان،
جيئي سنڌ ۽ ان سلسلي ۾ مذھبي پيشوائن جي
اصولي خدمتن جي قدرن جي حد ۾ رکيو وڃي.
اسان سڀ رڳو ان ڪري سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي
چاھيون ٿا، ڇاڪاڻ تھ اھا ان ذريعي ئي
اسلام جي اوسر ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگھي ٿي.
ان ڪري جو پاڪستان ۽ اسلام جي مختلف
علائقائي ثقافتن ڪري ڪيل نشاندھي ڪجھھ قدر
معنيٰ واري بڻجي ٿي. سنڌ، پنجاب، بلوچستان
يا سرحد جي اسلام طرفان ڪيل خدمتن جي
نوعيت کي ڇڏي ڪري ساڻن اسان جي رويي ۽
قوميتن جي نقصانڪار ۽ زھريلي مسئلي بابت
ھڪ ٻي وضاحت پيش ڪبي، جيڪا الھندي وارن
ملڪن کي تباه ڪري رھي آھي، سا شخصيتن جي
کوٽ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ناھي. آءٌ
سمجھان ٿو تھ ان قسم جي تجربيڪاري واري
ٺلھي نعري بازي رڳو اولھھ پاڪستان جي ون
يونٽ انتظاميھ جي قائم ٿيڻ کان پوءِ تسلط
واري صوبي طرفان مختلف علائقن جي ماڻھن
سان ڪيل ناانصافين جي رد عمل طور ڪئي پئي
وڃي. واقعي ناانصافيون ٿيون آھن، پر اچو
تھ اسان انھن ناانصافين سان سندن ئي آکاڙي
تي مقابلو ڪريون. ڪوبھ ماڻھو، جيڪو بنا
ڪنھن احتجاج جي ناانصافي سھي ٿو، سو بزدل
آھي ۽ ايستائين جو ان کي مسلمان سڏائڻ جو
بھ حق ڪونھي. پر توھان يقينًا انھن سياسي،
سماجي ۽ اقتصادي ناانصافين کي اھو مقام
نٿا ماڻائي سگھو، جيڪي واقعي ڪوڙيون آھن؛
جن جو مقصد پاڻ کي مذاق ڪري ئي ان جي
اھميت آهي. ساڳيءَ طرح سان ڪابھ قوم ان جي
ماڻھن جي ڪردار ۽ اھليت جي تمام تر اوسر ۽
تڪميل سان سڃاتي وڃي ٿي. باغائيءَ جو سڄو
پورھيو جيڪو ھو گلاب جي سٺي باغ لاءِ ڪري
ٿو، سو گلاب جي عاليشان گلن ماڻڻ لاءِ
رٿي، ان جذبي ھيٺ لڳو رھي ٿو جنھن جي
پيداوار جي کيس اميد آھي.
گلاب جو گل، گلاب جي ٻوٽي جو روح آھي ۽
رڳو ان ۾ باغبانيءَ جي پورھئي جو جواز
مھيا ڪري ٿو. ساڳيءَ ريت ڪنھن بھ ماڻھوءَ
جي روحاني زندگي، سندس اھليتن جي وڏين
سرگرمين جي پاڻمرادو عڪاسي ڪري ٿي. اسان
جون سموريون ڪوششون، اسان جا سمورا حوصلا،
اسان جون سڀئي قربانيون ۽ دراصل اھو
سڀڪجھھ – جنھن کي اسان جانورن جي زندگيءَ
سان رڳو ڀيٽيون ٿا، اھم سمجھون ٿا ۽ اسان
ان وقت اھو افسوس ظاھر ڪندا آهيون جڏھن
اسان ڪجھھ کائون ٿا يا اوڍيون ٿا. ڪوبھ
ماڻھو رڳو حياتياتي علم جي سٺائين يا
خرابين بابت نٿو جانچي سگھي، جيڪي جانورن
۾ بھ ساڳيون آھن. ان جي باوجود بھ اسان سڀ
ان شيءِ جي وڏي سرگرميءَ ھيٺ جانچيا ۽
پرکيا پيا وڃون، جنھن جا اسان اھل آهيون ۽
اھا اسان جي روحاني زندگيءَ جي خوشبوءَ
طرفان نمائندگي ٿيل آخري آمدرفت آھي.
منھنجي خيال ۾ انھن ويچارن جي آخر ۾،
ايستائين جو پاڪستاني قوميت جو تصور ان
احسان لائق آھي جيڪو اسان مسلم تصور جي
عڪاسيءَ طور محسوس ڪريون ٿا. جيئن تھ اِھو
اُھو ئي تصور آھي، جيڪو اسان طرفان ان
ترڪيب جي روحاني اصول تي لاڳو ڪرڻ جي گھر
ڪري ٿو، جنھن بابت مون ماڻھن جي ايڪي واري
احساس ۾ ڳنڍڻ لاءِ چيو آهي. اسان جي ملڪ
جي زندگي داخل ٿيڻ لائق وڏي ۾ وڏي قوت،
جيڪا اڄڪلھھ جنھن روپ ۾ آھي،ان انسانن جي
ڀائپي قائم ڪرڻ جي حدن جي وضاحت ڪري ٿي.
اسان کي ان منزل ڏانھن احتياط سان اڳتي
وڌڻو آھي ۽ ان لاڙي کي جلد ختم ڪرڻ لاءِ
گھربل سموريون قربانيون ڏيڻيون آھن. اسان
جي قوم جي روحاني زندگي رڳو ان حد تائين
عڪاسي ڪري سگھندي، جنھن لاءِ اسان ايڪي جي
احساس ۾ مربوط ٿيل ۽ ان سان گڏوگڏ پاڪستان
جي روحاني زندگيءَ ۾ خدمتگار عنصر طور
داخل ٿيل آھيون. اھو ڪونھ چئبو تھ معاشري
جي رڳو ھڪ حصي کي سموريون قربانيون ڪرڻيون
آھن، جڏھن تھ ٻيا رڳو ماٺ ڪري ويھن ۽
پوريءَ طرح سان قبول ڪيل انفراديت جي
پنھنجين دعوائن تي ڀاڙين. ان جي باوجود ان
جي معنيٰ اھا نڪرندي تھ قوم جي سموري
زندگيءَ جي خوشگوار اوسر انھن انصاف ۽
سچائيءَ جي اصولن جي سمورن ميلاپن سان
سرشار ٿيل آھي، جيڪا اسان جي معاشري جي
ڪيترن شعبن ۾ بھتر ۽ عظيم آھي ۽ اسان جون
قوتون مربوط سرگرمين جي ھڪ ربط ۾ چڱيءَ
ريت وڌن ٿيون. انھن سڀني ڳالھين ڪري اسان
جون حياتيون، ان لحاظ کان خوشحال ٿينديون
تھ قوم جي سموري زندگي پنھنجي اھليتن جي
اوچن تصورن جي سلسلي ۾ پنھنجو پاڻ اظھار
ڪري.
اھڙي قسم جي تڪميل مان ’سنڌ جي روح‘ کي
سندس اصلي حد تي اوسر جي منزل ملندي، جيڪا
صدين کان سنڌ پئي ماڻي آھي ۽ ڇا نيڪ نيتي
سان اھڙي انجام جي خواھش نٿي ڪري سگھجي؟