محمد
بن تغلق جا ڪاٺياواڙ ۾ آخري ايام
۽ سندس ٺٽي تي ڪاھون
سائمن ڊگبي
محمد بن تغلق جي زندگيءَ جا آخري چار سال، جي گجرات،
ڪاٺياواڙ ۽ سنڌ ۾ گذريا، ان عرصي جي سربستي ۽ سلسليوار
معلومات لاءِ اسان کي ماسوا انھيءَ جي ٻيو ڪو چارو ئي
نھ آھي تھ اسين ضياءُ الدين برنيءَ جي لکيل بيان تي
مڪمل طور ڀروسو ڪريون. سندس راڄ ۾ جي واقعا رونما ٿيا،
ان متعلق وقت جي مورخن طرفان جو ڪجھھ لکيو ويو، انھن ۾
ھڪ “عصامي“ ھو، جنھن پنھنجو رزميھ شعر ”فتوح السلاطين
۾ ربيع الاول 751 ھھ مطابق مئي 1350ع ۾ مڪمل ڪيو. ليڪن
محمد بن تغلق جي نقل حرڪت متعلق سندس بيان ھن مرحلي تي
اچيو ختم ٿئي، جڏجن طغيءَ جي بغاوت واري خبر ملڻ تي
سلطان، ديوگير مان ڪوچ ڪري گجرات ڏانھن پيشقدمي شروع
ڪئي. (1) عرب سياح ابن بطوطھ پنھنجي بيان ۾ ھي ٿو
ڄاڻائي تھ جڏھن کيس چين جي سفارت ۾ شامل ڪيو ويو، تڏھن
ھن صفر 743ھھ مطابق جولاءِ 1342ع(2) ۾ محمد بن تغلق جي
درٻار کي الوداع ڪيو. ليڪن تعجب ھن ڳالھھ جو آھي تھ ھن
سلطان جي راڄ دوران ٿيل انھن واقعن جو پڻ ذڪر ڪيو آھي،
جي سندس چين اُسھڻ کان چند سال بعد رونما ٿيا. سندس
آخري حال احوال ھن موقعي تي اچي پورو ٿئي ٿو، جڏھن
محمد بن تغلق ديوگير ۾ اچي اسماعيل مک کي سندس قلعي جو
گھيرو ڪيو. (3)
سلطان جي راڄ دوران ھن کان اڳ جي واقعن متعلق اسان کي
ھڪ سالم ۽ محڪم نشان حاصل ٿيل آھي، جو درٻاري شاعر بدر
چاچ جي ان تاريخي قطعي ۾ مضمر آھي، جو ھن ان موقعي جي
ياد خاطر قلمبند ڪيو آھي، جڏھن سلطان جي حڪم مطابق کيس
ديوگير ڏانھن قتلغ خان(4) جي واپسيءَ لاءِ روانو ڪيو
ويو ھو. اھو قطعو ھن طرح آھي:
بسال دولت شھ بود غرهء شعبان
کھ سوي مملکت ديوگير شد فرمان
ھن مان صاف ظاھر آھي تھ اھو واقعو پھرين شعبان 745ھھ
مطابق ڊسمبر 1344ع ڌاري عمل ۾ آيو.
جيئن تھ ”ڌاڙ“ ۾ قتل عام ۽ ”اميران صد“ طرفان دابوھي ۽
بڙودا ۾ بغآوت، قتلغ خان جي ديوگير کان واپسيءَ جي
ٿوري عرصي بعد عمل ۾ آئي، ان ڪري ظاھر آھي تھ اسان کي
برنيءَ جي شاھدي تسليم ڪرڻي آھي، حالانڪ برنيءَ جو
حافظو، جيستائين تاريخن جو تعلق آهي تھ بلڪل ناقص آھي.
انھن فسادن کي ختم ڪرڻ لاءِ محمد بن تغلق، سلطان پور
(دھليءَ جي پسگردائي ۾ واقع آھي) کان ماه رمضان جي آخر
ڌاري 745 ھجري مطابق فيبروري 1345ع(5) ۾ پيشقدمي ڪئي.
شاھي لشڪر جي گجرات طرف سست رفتاري دوران، ھڪ طرف
نربدا نديءَ جي ويجھڙائي ۾ باغين خلاف ڪارروايون ۽ ٻئي
طرف ’اميرانِ صد‘ سان ٺاھھ جون ڳالھيون جاري رکيون
ويون تھ جيئن دکن جا اُھي باغي امير پاڻ کي سلطان جي
رحم وڪرم تي سونپي ڇڏين. آخرڪار محمد بن تغلق ديوگير
تي ڪاه ڪري باغي اميرن کي مغلوب ڪيو ۽ قلعي کي قبضي ۾
آڻڻ لاءِ ٻن مھينن تائين گھيرو جاري رکيو تھ ان وقت
کيس گجرات ۾ طغيءَ جي بغاوت واري خبر پھتي. (6) ان
باعث ھيءُ وسھڻ بلڪل مناسب ٿيندو تھ محمد بن تغلق جو
ديوگير ۾ قيام 747 ھجري مطابق 47-1346ع جي سياري دوران
ٿيو ھوندو. سلطان جي ڪارگذارين متعلق ابن بطوطھ جو
آخري بيان پڻ انھيءَ وقت سان تعلق رکندڙ آھي ۽ جيڪڏھن
ابن بطوطھ جي ھندوستان ۾ مسافرين بنسبت مھدي حسن جي
قياس آرائي تسليم ڪئي وڃي تھ پوءِ ابن بطوطھ جي
ھندوستان ۾ آخرين دفعو آمد (جا چين ۾ فقط چند مھينن جي
قيام بعد ٿي) ماه رمضان 747ھھ مطابق ماه جنوري 1347ع
ڌاري ٿي. (7) ان بعد محمد بن تغلق جي آخري چئن سالن
واري زندگيءَ جي حال احوال لاءِ اسين برنيءَ جي
گواھيءَ تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ مجبور آھيون.
انھيءَ سلسلي ۾ اسان کي ھيءَ ڳالھھ ڌيان ۾ رکڻ گھرجي
تھ ان وقت جو ھڪ ٻيو ذريعو ”سيرت فيروز شاھي“ آھي، جو
772 ھھ مطابق 71-1370ع ۾ مڪمل ڪيو ويو، جنھن ۾ طغيءَ
جي اوائلي ڪردار ۽ سندس خلاف محمد بن تغلق جي ابتدائي
ڪاررواين جو خاصو احوال درج ٿيل آھي. ليڪن ان ۾ بعد
وارن واقعن کي بلڪل مختصر نموني چند لفظن ۾ ھن بھاني
سان ختم ڪيو ويو آھي تھ اھي واقعا الم نشرح آھن،
انھيءَ ڪري ڪا اھميت نٿا رکن. (8)
”چند سال سلطان مغفور مرحوم را عزم قلع طغي وسنديان
مصمم بود، آن قصھ مشھور است، بشرح وبيان احتياجي
ندارد.“ جديد مؤرخن جھڙوڪ ايشوري پرشاد(9) يا مھدي
حسين (10) انھن ۾ ڪوبھ اھڙو تاريخ نويس نھ آھي، جنھن
محمد بن تغلق جي آخري ايام متعلق ڪو تفصيلي بحث ڪيو
ھجي. ليڪن سر ولسيلي ھيگ، برنيءَ جي لکيل احوال تي
دارومدار رکندي، اھڙي ڪوشش ضرور ڪئي ھئي. (11) ھيگ جي
سلسلھء تاريخ ۾ طغي خلاف جن ڪاررواين جو ذڪر ڪيل آھي،
تن جي دوبارھ پيش ڪرڻ کان پرھيز ڪندي، باقي جيڪي
تاريخي واقعا برنيءَ طرفان بيان ڪيا ويا آھن ۽ جي سندس
شايع ٿيل نسخي ۾ درج ٿيل آھن، سي ھن طرح آھن.
1347ع/49-748ھھ
محمد بن تغلق برساتن جو ھڪ مھينو ’اسوال‘ (جو بعد ۾
احمد آباد جي نالي سان شھر آباد ٿيو) ۾ گذاريو. تنھن
بعد ’نھروال‘ (انھلواڙا پٽڻ) تي قبضو ڪيائين، جتي کيس
’بھمن شاھ‘ جي ديوگير ۾ تاجپوشيءَ واري اعلان جي خبر
پيئي.
نوٽ: بقول عصاميءَ جي (جنھن جي تاريخ کي دکن جي مؤرخن
پنھنجي معلومات جو ذريعو بنايو) بھمن شاه جي تاجپوشي
24 ربيع الثاني 748ھھ مطابق آگسٽ 1347ع ۾ ٿي. (12)
1348ع/50-749ھھ
ھن چوماسو منڊل/پاتري ۾ گذاريو، جو ڪڇ جي ننڍڙي رڻ جي
ڪناري لڳ آھي.
1349ع/51-750ھھ
ھن چوماسو ’گرنال‘ ۾ گذاريو/گرنار جبل، جنھن تي
جھوناڳڙھ تعمير ٿيل آھي.
1370ع/52-751ھھ
ھن برساتي موسم ’گونڊل‘ ۾ گذاري، جتي ٺٽي تي ڪاھھ لاءِ
فوجي تيارين ۾ مصروف رھيو.
1350ع/752ھھ
ٺٽي تي ڪاھھ لاءِ پيشقدمي ڪيائين 21 محرم مطابق 20
مارچ تي. جڏھن ٺٽي کان 14 ڪوه مفاصلي تي ھو تھ وفات
ڪيائين.
بعد جي ھند – ايراني مورخن طرفان جيڪا بھ خبرچار
قلمبند ڪئي ويئي آھي، سا گھڻي ڀاڱي برنيءَ جي مسودي
تان ورتي ويئي آھي، ليڪن اھا معلومات يا تھ ڪاٽ ڪوٽ
ڪري چند جملن تائين محدود رکي ويئي آھي، يا وري جملن ۾
ڦير ڦار آڻي عبارت کي نئين سر ترتيب ڏنو ويو آھي. ڏسڻ
۾ ائين ٿو اچي تھ 15 صديءَ جي شمالي ھند وارن مورخن کي
ڪاٺياواڙ يا سنڌ ۾ جيڪي چڪر ڪاٽيا ويا يا شاھي دورا
عمل ۾ آيا، تن سان ڪا دلچسپي ڪانھ ھئي. سيھر نديءَ تي
محمد بن تغلق جي ان دور کي بلڪل مختصر طور ھنن چند سٽن
۾ پورو ڪري ڇڏيو تھ ”ھو طغيءَ جي پٺ وٺڻ خاطر ھڪ ھنڌ
کان ٻئي ھنڌ ڦرندو رھيو.“(13)
بحامد خانيءَ تھ مورڳو سلطان جي زندگيءَ مان آخري ٽي
سال ڪاٽي سنئون سڌو پنھنجي بيان کي محمد بن تغلق جي
نھروال ۾ سھاسرالنگا تلاءُ نزديڪ قيام کان ٽپائي،(14)
اچي ٿو کيس آبِ سنڌ پار ڪرڻ بعد موت جي تڏي تي رسائي.
(15) سورھين صديءَ جي آخر ڌاري بدايونيءَ محض
سيھرنديءَ جي بيان جي عبارت ۾ ڦير گھير آڻي مضمون کي
نئين سر ترتيب ڏنو آھي. (16)
ان جي برعڪس بعد جي ڪن تاريخ نويسن برنيءَ جي لکيل
احوال جي عبارت کي ڦيرائي کيس تفصيلي طور پيش ڪيو آھي،
جن ۾ اولين نظام الدين احمد آھي، جو طبقات اڪبريءَ جو
مصنف آھي. (17) اھڙن آزاد ترجمن ۾ بعض اوقات اھڙي قسم
جي راءِ زني پڻ شامل آھي، جا اصلي عبارت کي درست ڪرڻ
خاطر ڪتب آندي ويئي آھي. جيئن تھ نظام الدين صحيح طور
سمجھاڻي ڏيندي لکي ٿو تھ ’گرنال‘ دراصل ’گرنار‘ آھي،
جو جھوناڳڙھ جو قلعو آھي يا وري ھڪ ھنڌ غلط بياني ڪندي
رقمطراز آھي تھ ”گرنار جو حاڪم راڻو کنگھار دراصل ڪڇ
جو راڻو آھي.“(18) نظام الدين ۽ فرشتھ ٻئي درحقيقت
غلطيءَ تي آھن، جڏھن ھو لکن ٿا تھ محمد بن تغلق ٻھ سال
گجرات ۾ گھاريا. فرشتھ پنھنجي بيان ۾ لفظ بھ لفظ نظام
الدين جي لکيت جو نقل ڪيو آھي، حالانڪ پاڻ برنيءَ جي
تاريخ کان زياده روشناس ھو. فرشتھ واري بيان جي دلچسپ
خوبي ھيءَ آھي تھ ھن پنھنجي مضمون جي آخر ۾ ڪجھھ بيت
شامل ڪيا آھن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو تھ اھي شعر محمد بن
تغلق طرفان سندس موت جي بستري تي آخرين گھڙي ۾ چيا ويا
ھئا. (19) حالانڪ اھي شعر برنيءَ واري انھيءَ تاريخي
مسوده ۾ درج نھ آھن جو شايع ٿيل آھي. ان مان معلوم ھي
ٿو ٿئي تھ ھن اھڙي خبرچار قلمبند ڪئي آھي، جنھن جو اصل
ذريعو ڪو ٻيو ھو. ان موضوع طرف اسين ترت ٻيھر توجھ
ڪنداسون.
ھڪ ٻي تاريخ ۾، جو بعد ۾ لکيو ويو، محمد بن تغلق جي
آخري ايامن بنسبت حال احوال شامل آھي ۽ ڏسڻ ۾ ظاھري
طور ائين ٿو اچي تھ سندس مواد جو برنيءَ جي مذڪوره
تاريخ سان ڪو واسطو ناھي. اھو ڪتاب تاريخ سنڌ آھي، جو
گھڻو ڪري تاريخ معصوميءَ جي نالي سان مشھور آھي ۽ جنھن
جو مورخ مير معصوم بکري آھي، جنھن جو تخلص ”نامي“
آھي. اھا تاريخ 1008ھھ مطابق 1600ع ڌاري مڪمل ٿي. مير
معصوم ٻين جي مواد جو آزادانھ استعمال ڪيو آھي ۽ خاص
طور سنن جي سلسلي ۾ خبرداريءَ کان ڪم نھ ورتو اٿس.
معصوم جو بيان ھن طرح آھي: (20)
751ھھ (51-1350ع) ۾ محمد بن تغلق جڏھن پنھنجي گاديءَ
جي ھنڌ دھليءَ کان شاھي توجھ ھٽائي گجرات ڏانھن رخ ڪيو
تھ تيز رفتاري سان ڪوچ ڪندي اچي ڪرنال ۾ رسيو. اتي
سلطان جو ھڪ زر خريد ٻانھو طغي بغاوت جو علم بلند ڪري،
ڪمبئي (کنڀات) ڏانھن ڀڄي ويو. جڏھن سلطان اتي پھتو تھ
طغي اتان ڀڄي جاڙيجا قوم جي ماڻھن وٽ وڃي پناه ورتي.
سلطان پڻ (ناڪني، ناکني ۽ نانک ني) ڏانھن روانو ٿيو ۽
ٺٽي ڏانھن رخ رکيائين (بھ جانب تتھ متوجھ شد). موضع
ٺريءَ وٽ اچي مسافريءَ جي منزل ھنيائين ۽ پاڻيءَ جي
ڪناري (ندي يا سمنڊ) تي خيما کوڙيائين. ھن ھنڌ تي
انھيءَ لاءِ ترسيو تھ جيئن سندس سمورو لشڪر اچي ھڪ
جاءِ تي جمع ٿئي. ھي اھو ئي وقت ھو، جڏھن سلطان تي
بخار جو غلبو ٿيو. گھر کان وڇوڙي جي روحاني تڪليف اچي
سندس دل تي اثرنما ٿي. سلطان ٺريءَ کان ڪوچ ڪندي گونڊل
جي پسگردائي (کنار) ۾ اچي پھتو ۽ اتي ترسي پيو ۽ سندس
علالت تندرستيءَ ۾ تبديل ٿي ويئي.
ھن مان صاف ظاھر آھي تھ معصومي ان اندازي ڪرڻ ۾ بلڪل
غلط ھو تھ محمد بن تغلق پنھنجي وفات واري سال دوران
دھليءَ کان سڌو ھتي آيل ھو. جيئن اسان پاڻ ڏٺو آھي تھ
سلطان دھليءَ کي آخرين دفعو خيرباد ماه رمضان 745 ھجري
ڌاري يا ڪجھھ عرصو ان کان اڳ چيو. ليڪن برنيءَ جي شايع
ٿيل تاريخ ۾ اھڙي ڪنھن بھ ھنڌ جو ذڪر موجود نھ آھي،
جنھن کي ٺري چيو وڃي ٿو ۽ جو ڪنھن پاڻي (بکنار آب) جي
ڪناري تي واقع ھجي. ازانسواءِ مير معصوم جو اھو بيان
تھ گونڊل ڏانھن اُسھڻ کان اڳ ھو بيمار ٿي پيو، سو
برنيءَ جي ان بيان جي ضد ۾ آھي تھ ھو گونڊل ۾ ئي بيمار
ٿي پيو. (21) اصلي مضمون ھن طرح آھي:
”سلطان از تھري کوچ کرده در کندل آمده ساکن شد.“
اھي الفاظ ھن ڳالھھ ڏانھن پڻ اشارو ڪن ٿا تھ سلطان ان
کان ڪجھھ وقت اڳي ٺٽي خلاف فوجي ڪارروائيءَ لاءِ پيش
قدمي ڪئي ھجي. (بھ جانب تتھ متوجھ شد)
فرشتھ جن بيتن جو ذڪر ڪيو آھي ۽ مير معصوم جيڪو بلڪل
انوکي نوعيت جو بيان پيش ڪيو آھي، تنھن مان ھي انومان
نڪري سگھي ٿو تھ انھن ٻنھي مورخن کي محمد بن تغلق جي
آخري ايام متعلق خبر چار جو ڪو مختلف ذريعو حاصل ھو.
اھو ذريعو مون کي خاطري آھي تھ اڃان سوڌو موجود آھي ۽
اھا منھنجي انتھائي خوش نصيبي آھي جو آءٌ ان ذريعي کي
سڃاڻي سگھيو آھيان. سنھ1965ع ڌاري مون لنڊن ۾ ھڪ ڪتب
فروش وٽ ھڪ فارسيءَ ۾ قلمي نسخو ڏٺو، جو وڪري لاءِ اتي
رکيل ھو. مون ان نسخي کي سڃاتو جو برنيءَ جي تاريخ
فيروز شاھيءَ جو نقل ھو. ان ھوندي بھ آءٌ جيترو وقت ان
ڪتاب واري دڪان ۾ موجود ھئس ۽ نسخي کي اٿلائي پٿلائي
ڏسندو رھيس تھ مون کي ان ۾ ڪيترا اھڙا جملا ڏسڻ ۾ آيا،
جن جي شايع ٿيل تاريخ جي مسوده ۾ ھئڻ بنسبت مون کي ڪا
يادگيري نھ ھئي. بعد ۾ ڀيٽ ڪرڻ تي پتو پيم تھ آخري
حاڪمن جي دور حڪومت متعلق جيڪي بيان درج ٿيل ھئا، سي
ڪافي حد تائين ھڪ ٻئي سان اختلاف رکندڙ ھئا، خصوصًا
محمد بن تغلق جو دورِ حڪومت. ان بعد مون برنيءَ جي
تاريخ جا مختلف قلمي نسخا، جي برطانيا ۾ موجود ھئا، تن
جي چڪاس ڪئي. انھن نسخن ۾ ھڪڙو اھڙو بھ منھنجي نظر کان
گذريو، جنھن جي موجودگيءَ جو نھ اسٽوري
(Storey)
کي ڪو پتو ھو ۽ نھ وري فرانس ۽ پاڪستان جي ٻئي ڪنھن
ماڻھوءَ کي ئي علم ھو. باقي فقط اھڙن نسخن کي ڏسڻ جو
مون کي ڪو موقعو نھ مليو آھي، جيڪي ھندوستان ۾ رکيل
آھن. جيڪي قلمي نسخا مون نظر مان ڪڍيا آھن، انھن ۾
ھڪڙو اھڙو بھ ملي سگھيو آھي، جو لنڊن واري ڪتب فروش
وٽان ھٿ آيل نسخي سان گھڻي قدر مشابھت رکندڙ آھي. اھو
ٻيو نسخو انھن نسخن مان ھڪ آھي، جي مون کي آڪسفورڊ جي
بوڊلين لئبرريءَ ۾ ھٿ آيا. جيستائين محمد بن تغلق جي
راڄ جو تعلق آھي تھ اھي ٻئي نسخا ھڪجھڙا آھن.
انھن ٻنھي نسخن ۽ برنيءَ جي مسوده جا جيڪي مختلف
حوالا، جي ٻنھي نسخن ۾ ھڪجھڙا آھن، تن لاءِ قياس ھي
آھي تھ اھي مصنف جا ابتدائي لکيل مسوده آھن، جن ۾
بادشاھن جي راڄ متعلق ڪجھھ بيان درج ٿيل آھن. مسودن جا
اھي مخصوص حصا ڄاڻي ٻجھي گھٽ ڪاريگريءَ سان ترتيب ڏنا
ويا آھن، برعڪس انھن حصن جي، جيڪي ھڪ معيار تي جوڙيا
ويا آھن، جو معيار شايع ٿيل تاريخ ۽ ٻين اڪثر قلمي
نسخن ۾ برقرار رکيو ويو آھي. محسوس ائين ٿو ٿئي تھ
مصنف پڻ آخري قسم جي مسوده کي پنھنجو قطعي مسوده قرار
ڏنو. تاھم انھن مختلف ۽ ابتدائي مسودن جي مدنظر سندس
بيان جو جائزو وٺبو تھ ائين ڏسڻ ۾ ايندو تھ برنيءَ
ڪنھن ڪنھن ھنڌ اھميت وارين خبرن کي يا تھ نظرانداز ڪيو
آھي، يا وري ڪٿي پنھنجي بيان کي ئي مونجھاري ۾ وجھي
ڇڏيو اٿس. پاڻ واري معياري مسوده ۾ گھڻن ھنڌن تي مواد
۾ اضافو ڪيو اٿس ۽ جيتري قدر ممڪن ٿي سگھيو اٿس تھ
اڳيون غلطيون پڻ سڌاري درست ڪيون اٿس. ڏسڻ ۾ ھي ٿو اچي
تھ برني ساڳئي موضوع ۽ ساڳي نوعيت وارن واقعن جي لکيت
ٻھ ٻھ دفعا قلمبند ڪئي آھي. جيڪڏھن مقصد اھو آھي تھ
سندس طرفان اڳ ۽ پوءِ جي لکيتن درميان ڀيٽ ڪري مفھوم
سمجھيو وڃي تھ پوءِ اسان کي ھر واقعي بنسبت پنھنجو ھي
فيصلو ضرور ڪرڻو پوندو تھ ڪھڙو بيان وڌيڪ سلسليوار ۽
معتبر آھي؟ ھيءَ حقيقت ڌيان ۾ رکڻ بلڪل ضروري آھي تھ
مصنف اھا تاريخ، زندگيءَ جي ان موسم ۾ لکڻ شروع ڪئي
ھئي، جنھن کي ٻڍاپڻ چيو وڃي ٿو ۽ جڏھن ھن پنھنجي سموري
مواد کي سھيڙي سينگاري مڪمل ڪرڻ گھريو ٿي تھ ممڪن آھي
تھ سندس يادداشت قدري ڪمزور ٿي ويئي ھجي. (22) مون وٽ
جيڪو قلمي نسخو موجود آھي، ان جا آخري ورق ضايع ٿيل
آھن، يا وري سندس الفاظ ميساريل آھن. ليڪن بودلين
لئبرريءَ واري قلمي نسخي ۾ جيڪا مڪمل ٿيڻ جي تاريخ
ڄاڻايل آھي، اھا شايع ٿيل ڪتاب ۾ ڄاڻايل تاريخ کان ٻھ
سال اڳ جي آھي يعني 755 ھجري، بجاءِ ان جي جو 757 ھجري
ھئڻ گھرجي.
محمد بن تغلق جي آخري ايام متعلق احوال مون واري قلمي
نسخي ۾ 170 الف کان 171 ب ورق تائين محدود آھي. ساڳيو
احوال بودلين قلمي نسخي مطابق 205 ب کان 208 ب صفحي
تائين ڦھليل آھي. ھن بيان ۾ سلطان ۽ مورخ درميان جيڪا
ٻھ دفعا طويل گفتگو ٿي آھي، (23) تنھن جو احوال گم
آھي. ان مان اھو وسھڻ ھروڀرو ضروري نھ آھي تھ سلطان
مصنف کي مخاطب ٿي پنھنجي خيالن جو اظھار ئي ڪونھ ڪيو
آھي. دراصل اھا غلطي انھيءَ سبب ڪري سرزد ٿي ھوندي جو
بيان جا اھڙا حصا مسوده مڪمل ٿيڻ واري آخري وقت ۾ درج
ڪيا ويا ھوندا ۽ بعد ۾ غير ضروري سمجھي شايد خارج ڪيا
ويا ھجن. جيڪڏھن ان صفحي ڏيڍ جي احوال شامل ٿيڻ نھ ڪري
بيان جي روانيءَ ۾ خامي محسوس ٿئي ٿي تھ وري ٻئي طرف
سلطان جي آخري ڏينھن جي احوال ۾ يڪجھتيءَ جو اضافو ٿئي
ٿو. شايع ٿيل تاريخ ۽ ھنن قلمي نسخن جي مسودن ۾ حقيقتن
متعلق جيڪو اھم اختلاف آھي، اھو ھي آھي تھ سلطان جي
1349ع ۽ 1348ع ڌاري اچ وڃ جو سربستو حال احوال مختلف
نقطھ نگاه کان بيان ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ٺٽي خلاف ڪيل
چڙھائي، جا سودمند ثابت نھ ٿي، ان جو پڻ ذڪر شامل آھي.
ٺٽي خلاف اھا ڪاھھ (جيڪڏھن ھن سلسلي جو سھارو ورتو
ويندو تھ) 1349ع جي چوماسي ۽ 1350ع جي وچ ڌاري عمل ۾
آئي ھوندي، سا بھ اھڙي وقت ۾ جڏھن از غيبي برسات ۽
ٻوڏن منھن ڪڍيو ھوندو. محمد بن تغلق جي مختلف
ڪارگذارين جو سلسلو، جدا جدا نسخن جي پڙھڻين جي مدنظر
اسان کي جيئن نظر اچي ٿو، سو ھيٺئينءَ ريت آھي:
49-748ھھ مطابق 1347ع
محمد بن تغلق، طغيءَ جو پيڇو ڪندي، برساتن باعث اسوال
۾ ھڪ ماه ترسي پيو. ان بعد ھو نھروال ڏانھن اسھيو، جتي
آگسٽ جي مھيني ۾ يا ڪجھھ ڏينھن بعد کيس بھمن شاه جي
تاجپوشيءَ واري خبر موصول ٿي. ھن دھليءَ ڏانھن تاره دم
لشڪر روانو ڪرڻ لاءِ حڪم صادر ڪيو، جنھن فوج جا مھندار
احمد اياز ۽ ٻيا ھئا. اھا فوج جڏھن نھروال پھتي تھ کين
دکن ڏانھن وڃڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا. ھن ھي فيصلو ڪيو
تھ طغيءَ خلاف مھم کان ڌيان ھرگز ھٽائڻو نھ آھي ۽ اھو
ارادو ڪري گرنال جي راڻي کنگھار خلاف پيشقدمي شروع ڪري
ڏنائين.
50-749ھھ مطابق 1348ع
گرنال خلاف فوج ڪشي ڪيائين ۽ چوماسو اتي گذاريائين.
شايع ٿيل تاريخ جي مطالعي مان اسان کي ھي معلوم ٿئي ٿو
تھ طغيءَ گرنال ۾ پناه ورتي ھئي ۽ چڙھائيءَ وقت ھو ان
ھنڌ کان بھ فرار ٿي چڪو ھو ۽ ٺٽي جي ڄامن ڏانھن ڀاڄ ۾
ھو. (24) اختلاف رکندڙ نسخي جي احوال مان ظاھر آھي تھ
محمد بن تغلق گرنال جو قلعو پنھنجي قبضي ڪيو. (اين
حصار بگرفت) مزيد تفصيل پيش ڪندي ھي ڄاڻايو ويو آھي تھ
گرفتار ٿيڻ کان اڳ راڻو کنگھار ٻيڙيءَ ذريعي فرار ٿي
ويو. ٻيٽن (رڻ جي جزيرن) جي رئيسن ۽ مقادمن جيڪا آڻ
مڃي، انھيءَ بيان ۾ ھڪ اھڙي ٻيٽ جو ذڪر شامل آھي، جنھن
کي سالڪوڪ جو ٻيٽ (جزيرھ سالکوک) چيو وڃي ٿو.
51-750 ھجري مطابق 1349ع
محمد بن تغلق ان بعد چوماسو منڊل ۾ گذاريو (منڊل ۽
پاٽري ننڍڙي رڻ جي ڪناري واقع آھن) ان بعد ھو نھروال
ڏانھن ويو، جتي ٺٽي خلاف چڙھائيءَ لاءِ تياري ڪيائين.
جڏھن ھو ٺٽي کان 7 يا 8 ڪوه پري ھو تھ اوچتو برسات
شروع ٿي ۽ ڪن ھنڌن تي زمين مان اندران پڻ پاڻي بڙڪا
ڪري نڪرڻ لڳو. سلطان واپس موٽ کاڌي ۽ ٺريءَ پھتو، جتي
سندس لشڪر پاڻيءَ جي ڪناري خيما کوڙيا. ھتي محمد بن
تغلق بيمار ٿي پيو. ھن سلسلي ۾ جيڪو بيان لکيل آھي، سو
ھن طرح آھي:
”وبر سمت تھتھ لشکر کشيد وچون ھفت وھشت کروھيء تھتھ
رسيد ناگاه باران رحمت نازل شد وآب از زير زمين بيرون
آمد، خداوند سلطان باز گشت ودر تھري آمد ودر کنارهء آب
تھري چپرھا بستند وھم در تھري لشکر گاه شد وسلطان را
در تھري تکسر ظاھر شد وتپ مزاحمت نمود.“
]۽
ٺٽي ڏانھن چڙھائي ڪيائين ۽ جڏھن ٺٽي کان ست اٺ ڪوه
مفاصلي تي ھو تھ اوچتو باران رحمت نازل ٿي ۽ زمين
اندران پڻ پاڻي ٻاھر اچڻ لڳو. سلطان واپس ٺريءَ ۾ آيو
۽ ٺريءَ جي پاڻيءَ ڪناري خيما کوڙيا ويا ۽ سمورو لشڪر
پڻ ٺريءَ ۾ منزل انداز ٿيو. سلطان کي ٺريءَ ۾ بخار ٿي
پيو ۽ ان باعث بيمار رھيو.[
نوٽ: ڏٺو ويندو تھ ھي اھو ئي ساڳيو مضمون آھي، جنھن جي
بنياد تي مير معصوم اھڙو احوال پنھنجي تاريخ ۾ درج
ڪيو، جو برنيءَ جي شايع ڪيل تاريخ يا ٻئي ڪنھن بھ ڄاتل
ذريعي ۾ ذڪر ڪيل نھ آھي. ٺٽي خلاف چڙھائيءَ (جو احوال
مير معصوم جي تاريخ ۾ صاف ڄاڻايل نھ آھي) جي حوالي کان
علاوه ٻنھي نسخن ۾ جي ھڪجھڙيون حقيقتون بيان ٿيل آھن،
تن مان ھڪ اھا تھ ٺريءَ ۾ پاڻيءَ جي ڪناري لشڪر منزل
انداز ٿيو ۽ ٻيو ھي تھ اتي محمد بن تغلق ناچاق ٿي پيو،
ليڪن گرنال يا گونڊل ڏانھن ڪوچ ڪرڻ کان اڳ ۾. ٻنھي
مسودن ۾ ڪي ڪي جملا تھ ايتري قدر ھوبھو ساڳيا آھن جو
معلوم ائين ٿو ٿئي تھ مير معصوم اڳيان برنيءَ جا جملي
نسخا موجود ھئا. برنيءَ جي اختلاف راءِ مسوده جو
حوالو:
”خداوند عالم بازحمت از تھري در گوندل آمد وآنجا ساکن
شد....... زحمت بصحت مبدل شد.“
مير معصوم واري تاريخ جو حوالو:
”سلطان از تھري کوچ کرده در کنار گندل آمده ساکن شد
ومرض سلطان مبدل بصحت شد.“
جيستائين محمد بن تغلق جي ٻن سالن وارن دورن جي سلسلي
جو تعلق آھي تھ اختلاف وارن مسودن ۾ جيڪو احوال ڄاڻايل
آھي، سو شايع ٿيل تاريخ واري بيان کان زياده واضح ٿيل
آھي. اھا بلڪل ناممڪن ڳالھھ آھي تھ بھمن شاه جي
تاجپوشيءَ کان ڪيترا مھينا بعد ۾ جيڪو بدلو چڪائيندڙ
لشڪر دھليءَ کان گھرايو ويو ھو، سو سلطان سان رستي ۾
مليو ۽ تنھن کان پوءِ محمد بن تغلق کي ھي فيصلو ڪرڻو
پيو تھ آيا ھو طغيءَ جو پيڇو جاري رکي يا وري دکن
ڏانھن چڙھائي ڪندڙ فوج جي پنھنجي سر مھنداري ڪري.
جيڪڏھن پھرين رٿ تي عمل ڪرڻو ھو تھ انھيءَ صورت ۾ بھتر
طريقو ھي ھو تھ گرنال تي ڪاه ڪئي وڃي، جتي طغي
پناھگزين ھو. ھونئن بھ گرنال جي فتح ڪرڻ ۽ طغيءَ جي
ٺٽي جي ڄامن ڏانھن فراريءَ بعد ئي منڊل يا پاٽري
ڏانھن، جي ننڍڙي رڻ جي ڪناري واقع ھئا، سلطان جي
پيشقدمي واري ڪارروائي سمجھھ ۾ اچي سگھي ٿي تھ جيئن
نھروال کان ٺٽي خلاف چڙھائي عمل ۾ آندي وڃي. اھا رٿيل
فوجي ڪارروائي جڏھن برسات، ٻوڏن ۽ پوسل باعث ناڪامياب
ٿي ۽ لشڪر کي موٽ کائڻي پئي تھ اھو ئي سبب ھو، جنھن
ڪري محمد بن تغلق ٺٽي تي ٻيھر فيصلھ ڪن حملي لاءِ
زبردست تياريون پئي ڪيون، جنھن سلسلي ۾ کاڌ خوراڪ جو
انتظام ۽ ٻيڙين ۽ غورابن جو بندوبست ڪيو ٿي ويو.
52-751ھھ مطابق 51-1350ع
انھيءَ نڪتي تي اختلاف راءِ وارن نسخن ۾ شايع ٿيل
تاريخ درميان باقي ڪارگذارين جي متعلق مڪمل موافقت
آھي. محمد بن تغلق چوماسو گونڊل ۾ گذاريو. اتي وٽس
دھلي کان آيل ھڪ وڏي جماعت اچي شريڪ ٿي، جنھن ۾ شاھي
خاندان جون مستورات پڻ شامل ھيون. ھتي ٺٽي تي چڙھائي
ڪرڻ لاءِ فوجي تياريون ڪيون ويون. ظاھر آھي تھ اھي
تنھن انداز کان زياده ۽ بھتر ڪيون ويون ھونديون، جي ھن
کان اڳئين حملي وقت ڪيون ويون ھيون. جيڪو فوجي ساز
سامان جمع ڪيو ويو، ان ۾ بتيلا ۽ ٻيڙيون (بجرھا،
بجرھا) بھ شامل ھيون، (25) جي ديبالپور، ملتان، اُچ ۽
سيوھڻ کان روانا ڪيا ويا ھئا تھ جيئن سلطان جو لشڪر ۽
ھاٿي گھوڙا وغيره سنڌو ندي آسانيءَ سان پار ڪري سگھن.
ھن مھم ۾ سلطان جي مغل ساٿي التوُن بھادر کي ٽي چار
ھزار پنھنجا پوئلڳ پڻ ساڻ ھئا (ڇپيل تاريخ ۾ 4 يا 5
ھزار ساٿي ڄاڻايل آھن). محمد بن تغلق جي موت جو احوال
مختلف مسودن ۾ ساڳي نوعيت جو ڄاڻايل آھي ۽ فقط چند
جملا ھيٺ مٿي ڪري مضمون مرتب ڪيو ويو آھي. ان مضمون جي
آخر ۾ چند شعر بيان ڪيا ويا آھن، جي فرشتھ جي بيان
مطابق سلطان طرفان سندس موت وقت چيا ويا ھئا. (اين
ابيات را سلطان محمد در حالت نزع گفته)(26) فقط ھڪ
مصرع کان سواءِ جا غلط ھئڻ باعث سڌاري وئي آھي، باقي
مصرع برنيءَ جي اختلافي مسودن ۾ ھن طرح ڄاڻايل آھن:
بسيار درين جھان جھيديم
بسيار نعيم وناز ديديم
اسپانِ بلند بر نشستيم
ترکانِ گران بھا خريديم
کرديم وبسي نمود رعنا
چون قامتِ ماه نو خميديم
]اسان
ھن دنيا ۾ ڪافي ڀڄ ڊوڙ ڪئي
اسان خوشي بيحد حاصل ڪئي ۽ ناز بھ ڪيا
اسان طول طويل گھوڙن تي سواري ڪئي
اسان ترڪن کي وڏي قيمت تي خريد ڪيو
اسان اھڙا عمل ڪيا ۽ اھي بلڪل حسين ٿي ڏٺا
تان جو آخرڪار اسين ڪُٻڙا ٿي وياسون، مثل نئين چنڊ جي.[
نمبر ٽئين بيت جي پھرين مصرع اختلافي مسوده اندر قافيھ
کان ٻاھر ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيئن تھ:
کرديم ونموديم بسي رعناي
فرشتھ واري مضمون ۾ اھا سڳي مصرع ڪجھھ ٻئي انداز ۾
بيان ڪئي ويئي آھي تھ:
کرديم بسا نشاط وآخر
ان مان صاف ظاھر آھي تھ فرشتھ يا ٻيو ڪو وچ وارو
ترجمان، انھيءَ مصرع جو برنيءَ جي ٻن اختلافي مسودن جي
روشنيءَ ۾ ڪو مفھوم سمجھي نھ سگھيو آھي، ان ڪري وچان
ئي نئين مصرع، جيڪا وزن ۽ بحر تي پوري ٺھڪندڙ ۽ درست
آھي، درج ڪري ڪم ٽپائي ويو آھي. انھن بيتن ۾ مير معصوم
واري بيان، جنھن ۾ سلطان جي ٺريءَ ۾ رھائش وارو احوال
شامل آھي، انھن جو صحيح ۽ قطعي ذريعو برني جا اھي
مضمون آھن، جي اختلافي مسودن ۾ درج ٿيل آھن.
تنھن ھوندي بھ اھي اختلافي مسودا گمان جو باعث ٿين ٿا،
خاص طور جڏھن رنگين نوعيت جا تفصيل بيان ڪيا وڃن ٿا تھ
اھي شعر سلطان طرفان سندس موت جي پاٿاريءَ تي چيا ويا
ھئا. ٿي سگھي ٿو تھ فرشتھ جو اھو خيال سندس پنھنجي غلط
فھمي جي بنياد تي مبني ھجي. ڇاڪاڻ تھ برنيءَ جا
اختلافي مسودا انھن شعرن جي ابتدا ۾ فقط منجھيل قسم جي
سرخي ڏين ٿا تھ سلطان محمد (مٿس بخشش ۽ رحمت جي عنايت
ٿئي) جا بيت (ابيات سلطان محمد عليھ الرحمة والغفران).
ھي پڻ ممڪن آھي تھ اھي بيت درحقيقت بطور يادگار يا
مرثيي جي چيا ويا ھجن ۽ بلڪل انھيءَ نوعيت جا ھجن، جن
شعرن سان برنيءَ مرحوم سلطانن جي ايام حڪومت جا مضمون
ختم ڪيا آھن. اھڙا ڪيئي شعر سندس شايع ٿيل تاريخ ۾
شامل آھن.
محمد بن تغلق جا آخري سال، جي ڪاٺياواڙ ۽ سنڌ ۾ گذريا،
ان متعلق جيڪي حالات اسان وٽ محفوظ آھن، تن جو سرسري
جائزو ھي ظاھر ڪري ٿو تھ بعد ۾ جيڪي تاريخ نويس آيا
آھن، انھيءَ ۾ ڪابھ شڪ شبھي جي گنجائش نھ آھي تھ
اختلافي مسودن (جن طرف اسان ڌيان ڇڪايو آھي) جي جيڪڏھن
شايع ٿيل تاريخ فيروز شاھي سان تفصيلي طور تي ڀيٽ ڪئي
ويندي تھ اسان کي سلطان جي ڪارگذارين، دورن، متفرقھ
ڪاررواين متعلق زياده موزون ۽ سلسليوار تاريخي مواد
مھيا ٿئي ٿو ۽ ان باعث ئي اسان کي سلطان طرفان سنڌ تي
ناڪامياب چڙھائي جو احوال ملي ٿو.
نوٽ: ھن سان گڏ جيڪو نقشو شامل ڪيو ويو آھي، سو محض
انھيءَ لاءِ آھي تھ جي شھر مضمون ۾ ڄاڻايا ويا آھن،
انھن جي جغرافيائي حيثيت بيان ڪئي وڃي. علاوه ان جي،
نقشي ۾ جيڪا ڪناري واري سرحد ڏيکاري وئي آھي، ان جو
تعلق موجوده وقت سان آھي. ٺريءَ جي شھر جي سڃاڻپ ۽ ڄاڻ
لاءِ آءٌ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شڪرگذار آھيان.
ڊاڪٽر صاحب ڄاڻايو آھي تھ ان نالي وارو ھنڌ ماتليءَ جي
اتر – اوڀر رخ ۾ ڇھن ميلن مفاصلي تي واقع آھي، جا
اراضي سنڌو درياءَ جي پراڻي وھڪري لڳ آھي. آءٌ مس ھيلن
گبسن جو پڻ ٿورائتو آھيان، جنھن اھو نقشو ترتيب ڏنو
آھي.
(ترجمو: علي احمد بروھي)
ابنِ بطوطھ سنڌ ۾
سي.ايف.بيڪنگھام
منھنجي خيال ۾، اوھان سڀني کي خبر ھوندي تھ آنجھاني
پروفيسر ھئملٽن گِب، جنھن 1971ع ۾ لاڏاڻو ڪيو، سو
انگريزيءَ ۾ رحلھ جو مڪمل ۽ تشريحي ترجمو ڪري رھيو ھو.
ھن پھرين پھرين 1922ع ۾ ھڪلوٽ
(Haklyut)
سوسائٽيءَ اڳيان رٿ رکي ھئي تھ اھو ڳرو ڪم آءٌ ڪندس.
سوسائٽيءَ ان کي ڇپائڻ قبوليو. پر گِب تي ڪيئين
جوابداريون ھيون ۽ ھو ڪيترين ئي ٻين رٿائن، جھڙوڪ:
’اسلام جي انسائيڪلوپيڊيا‘ جي تدوين وغيره ۾ ڦاٿل ھو،
جن لاءِ کيس ڳپل وقت ۽ سگھھ سيڙائڻي ٿي پئي. جيتوڻيڪ
1929ع ۾ ھن ترجمي جي چونڊ، ملھائتين سمجھاڻين سان گڏ
ڇپائي پڌري ڪئي، پر سموري ڪم جو پھريون جلد وڃي 1958ع
۾ ظاھر ٿيو. ٻيو جلد 1962ع ۾ آيو. ٽيون جلد 1971ع ۾
سندس لاڏاڻي کان ڪو ھڪڙو ھفتو پوءِ شايع ٿيو. ڪجھھ وقت
کان ھن ناچاق ٿي گذاريو ۽ محسوس ڪري ورتو ھئائين تھ ان
ڪم کي ھو پاڻ پورو نھ ڪري سگھندو. مون کيس ٽئين جلد کي
ڇپائيءَ لاءِ تيار ڪرڻ ۾ ھٿ ونڊايو ھو ۽ لاڏاڻي کان ڪي
ڇھھ مھينا اڳ ھن مون کان پڇيو ھو تھ ڇا رھيل ڪم تون
ڪندين؟ جا ڳالھھ مون ڊڄي ڊڄي قبول ڪئي. تنھن تي ھن
آخري جلد جي ڪجھھ حصي جو پنھنجو ڪيل ترجمو ۽ ٿورا
لاڳاپيل ڪتاب، جي ھن ڪٺا ڪيا ھئا، منھنجي حوالي ڪيا.
ھن سفرنامي جي آخري ڀاڱي جي ڪا شرح ڪانھ لکي ھئي.
پھرين گِب جي نيت پاڻ وارو ترجمو چئن جلدن ۾ شايع ڪرڻ
جي ھئي، ائين ئي جيئن 1853ع ۽ 1858ع جي وچ ۾ دفريمريءَ
۽ سانگئنيتيءَ اصل عربي عبارت ۽ ان جو فرينچ ۾ ترجمو
چئن جلدن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ھو. پوءِ ھن پنجين جلد جي
اضافي جو فيصلو ڪيو، جنھن ۾ سفرنامي جي تاريخن واري
منجھائيندڙ ۽ تڪراري مسئلي تي مقالو، تبصري ڪندڙن جي
صلاحن سميت وڌيڪ سمجھاڻيون ۽ درستيون ۽ ھڪ عام ڏسڻي
ڏيڻي ڪئي ھئائين. آءٌ بھ انھيءَ رٿا جي پوئواري ڪندس،
توڻي جو ٻين ذميوارين جي ڪري، جن کان مون گِب جي ڳالھھ
مڃڻ وقت ھئڪلوٽ سوسائٽي کي واقف ڪري ڇڏيو ھو، آءٌ ھن
وقت تائين ’ابن بطوطھ‘ تي ڪو گھڻو ڪم نھ ڪري سگھيو
آھيان.
پھرينءَ نظر ۾ ابن بطوطھ جي سنڌ واري سفر جو احوال
انھن مونجھارن کان آجو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جن جي ڪري اھو
معلوم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي تھ ھن اناطوليا، اڀرندي ايران
۽ افغانستان ۾ ڪھڙي واٽ ورتي ھئي؟ ھو اسان کي ٻڌائي ٿو
تھ مون ھڪڙو رڻ پٽ، جيڪو ڊيگھھ ۾ پندرھن راتين جي پنڌ
جيترو ھو، لتاڙڻ کان پوءِ سنڌو ندي پار ڪئي. ھو تنھن
ھنڌ جو نالو نٿو ٻڌائي، جتان سنڌو ندي پار ڪئي ھئائين،
پر رڻ پٽ جي حوالي جي ڪري پڪ ٿئي ٿي تھ ھو خيبر لڪ کان
ڪونھ آيو ھو، پر شايد بولان لڪ کان آيو ھو ۽ لاڙڪاڻي
ضلعي ۾ ڪنھن ھنڌ سنڌو نديءَ وٽ پھتو ھو. ھن درياه شاھھ
پھرين محرم 734ھھ/12 سيپٽمبر 1333ع تي ڪنھن ڄاتل سڃاتل
پتڻ وٽان پار ڪيو ۽ ٻھ ڏھاڙا پوءِ ھڪڙي شھر ۾ داخل
ٿيو، جنھن کي ھو جناني سڏي ٿو. اتان ھو اڻ ڄاڻايل مدي
کان پوءِ سيوھڻ ويو، جنھن کي ھو ’سيوستان‘ سڏي ٿو. ھو
اھو نٿو ٻڌائي تھ جنانيءَ کان سيوھڻ پھچڻ ۾ ڪيترو وقت
ورتو ھئائين؟ نھ وري اھو ئي ٻڌائي ٿو تھ ھو سيوھڻ ۾
ڪيترو وقت ترسيو ھو، پر ٽڪڻ واري جاءِ مٽائڻ جيترو وقت
تھ ضرور رھيو ھوندو، ڇو جو ھو اسان کي ٻڌائي ٿو تھ
پھرين آءٌ ھڪڙي مدرسي جي ڇت تي سمھندو ھوس، پر ڦاسي
ڏنل باغين جا بُھھ ڀريل لاش، جي صليبن تي ھنيل ھئا،
ڏسي ڏسي ايترو تھ بيزار ٿي پيس جو وڃي ٻئي ھنڌ رھيس.
سيوھڻ کان ھو لاھريءَ جي نئين گورنر سان گڏجي لاھري
ويو. ھن ان مسافريءَ ۾ پنج ڏينھن ورتا ۽ پنج ڏينھن
لاھريءَ ۾ ترسيو پوءِ ھو بکر ويو ۽ اتان اُچ کان ٿيندو
ملتان ويو، جيڪو تڏھن سنڌ پرڳڻي جي گادي ھو. ھو اھو
نٿو ٻڌائي تھ کيس لاھريءَ کان ملتان وڃڻ ۾ ڪيترا ڏينھن
لڳا ھئا؟ ايترو سو ٻھ ڀيرا ٻڌائي ٿو تھ سيوھڻ کان
ملتان ڏھن ڏينھن جي مسافريءَ تي آھي. ھو دھليءَ اسھڻ
کان اڳ گھٽ ۾ گھٽ ٻھ مھينا ملتان ۾ ٽڪيو. ھڪڙي ھنڌ ھو
اسان کي ٻڌائي ٿو تھ سنڌ کان دھليءَ پھچڻ ۾ پنجاھھ
ڏينھن لڳن ٿا ۽ ٻئي ھنڌ چوي ٿو تھ ملتان کان دھلي
چاليھن ڏھاڙن جي مسافريءَ تي آھي. انھيءَ مان معلوم ٿو
ٿئي تھ ھو وڌ ۾ وڌ ڪي ٿورا مھينا سنڌ ۾ ھو ۽ جيستائين
مون کي پتو آھي تھ تاريخ نويس ۽ ٻيا جيڪي سندس ساک تي
ڀاڙيندا آھن، تن ھميشھ اھو فرض ڪيو آھي تھ اھو سن
734ھھ/34-1333ع ھو.
آءٌ پھرين ان ڳالھھ ڏانھن ڌيان ڇڪائيندس تھ اھو مفروضو
درست نھ آھي ۽ ان ڳالھھ ڏانھن بھ تھ ھو پڪ ئي پڪ 1341ع
۾ ٻيھر سنڌ آيو ھو. جيئن توھان ڄاڻو ٿا، اھا ھن جي يا
شايد ھن جي ايڊيٽر ابن جزي جي عادت ھئي تھ ساڳئي شھر
يا ڏيھھ جي مختلف دورن کي پاڻ ۾ گڏي يا مورڳو منجھائي
ڇڏيندو ھو. پر لڳي ٿو تھ ڪنھن کي اھو احساس نھ ٿيو آھي
تھ متان سنڌ توڻي ٻين ڪيترن ھنڌن تي ائين ٿيو ھجي.
اوھان کي ياد ھوندو تھ ھن شيخ شھاب الدين سان سندس
پناھگاه ۾ ملي، سلطان محمد ابن تغلق کي ڏاڍو ڪاوڙائي
ڇڏيو ھو. ابن بطوطھ کي پوءِ نو ڏھاڙا سلطان جي درٻار ۾
روزا رکي ۽ قرآن جو دور ڪري گذارڻا پيا. کيس شيخ جي
مارائجڻ کان پوءِ ڇڏيو ويو ھو. ڪجھھ وقت پوءِ ”بعد
مدة“ ھو سلطان جي نوڪري ڇڏي ويو ۽ وڃي ھڪڙي بزرگ وٽ
رھيو ۽ پنج مھينا رياضت ڪندي گذاريائين، تن ڏينھين
سلطان سنڌ آيل ھو، ”والسلطان الذاخ غائبًا بالبلاد
السند.“ پر جڏھن محمد ابن تغلق ابن بطوطھ جي تياڳ جو
ٻڌو، ”ولما بلغ السلطان خبر خروجي عن الدنيا“، تڏھن
کيس پاڻ وٽ گھرايائين جو ھو تن ڏينھين سيوھڻ ۾ ھو،
”استدعني ھو يوم اذن بالسيوستان.“ انھيءَ مان آءٌ ائين
ٿو سمجھان تھ ابن بطوطھ ساڻس ملڻ لاءِ ضرور سنڌ ويو
ھوندو. جيڪڏھن بادشاه جي حڪم جي پوئواري نھ ڪري ھا تھ
ان ڳالھھ جو وڏو امڪان آھي تھ اڄ اسان کي ھن جي نالي
جو پتو بھ نھ ھجي ھا؛ ھو پنھنجيءَ آکاڻيءَ ٻڌائڻ لاءِ
جيئرو ئي نھ رھي ھا. ان ڪري آءٌ سمجھان ٿو تھ اھو فرض
نٿو ڪري سگھجي، جيئن عام طرح ڪيو ويو آھي تھ ھن جو سنڌ
بابت احوال لازمي طرح سان سنه34-1333ع سان واسطو رکي
ٿو. ان مان اھو بھ ثابت ٿئي ٿو تھ سلطان 1341ع ۾،
الائجي ڪھڙي سبب جي ڪري سنڌ ۾ ھو، جا ڳالھھ تاريخ نويس
نظرانداز ڪندا رھيا آھن.
سنڌو ندي اڪرڻ کان ٻھ ڏھاڙا پوءِ ابن بطوطھ جنانيءَ جي
شھر پھتو. شرح ڪندڙ ان ھنڌ جي سڃاڻپ کان قاصر آھن. ھو
اسان کي ٻڌائي ٿو تھ اھو سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ھڪڙو
وڏو شاندار شھر ھو، ان جون بزاريون عاليشان ھيون،
”مدينة کبيرة حسنة عليٰ ساحل نھر السند لھا اسواق
مليحة .“ اتي ايامن کان سامرا رھندڙ ھئا، جن الحجاج
ابن يوسف ھٿان سنڌ جي فتح جي وقت ۾ اتي پير کوڙيا ھئا،
”اسطوطنوھا قديما واستقربھا اسلافھم حين فتحها علي
ايام الحجاج ابن يوسف مسبما اثبت اعود خون في فتح
السند.“ پوءِ ھو چوي ٿو تھ مون کي شمس الدين جي پٽ ۽
بھاءُ الدين زڪريا القريشي جي پوٽي متقي بزرگ شيخ رڪن
الدين ٻڌايو تھ منھنجو وڏو ”جدة الاعليٰ“ محمد ابن
قاسم القريشي ھو، جنھن حجاج طرفان انھيءَ مقصد لاءِ
موڪليل لشڪر ۾ رھي سنڌ جي فتح اکين سان ڏٺي، ”وشھده
فتح السند في العسڪر الذي بعث ھو علي ذالک الحجاج.“
سوڀاري لشڪر جي سالار جي ذڪر جو ھيءُ طريقو نھايت عجيب
آھي، توڻي جو اسان کي پتو آھي تھ ابن بطوطھ ڪو
تاريخدان نھ ھو.
گب اھا ڳالھھ محسوس ڪانھ ڪئي تھ ابن بطوطھ ابن قاسم کي
القريشي ڄاڻائي غلطي ٿو ڪري. سنڌ جو فاتح، پنھنجي
بالادست ۽ مائٽ الحجاج جيان قريش نھ پر ثقيف قبيلي مان
ھو. گِب راءِ زني ٿو ڪري تھ رڪن الدين جي دعويٰ شڪ
جوڳي آھي ۽ وڌيڪ ٿو چوي تھ جن ھندستانين بھاءُ الدين
جي سوانح لکي آھي، تن جو چوڻ آھي تھ سندس ڏاڏو خراسان
کان ملتان لڏي آيو ھو. بھرحال، ھيءَ ڳالھھ دلچسپي کان
خالي نھ آھي ۽ ٿي سگھي ٿو تھ ڪنھن اھميت واري ھجي تھ
چچنامي جي مذڪور موجب، ارور جا قاضي ھڪڙي ثقفيءَ جي
پويان ھئا، جنھن کي محمد ابن قاسم انھيءَ عھدي تي مقرر
ڪيو ھو. اروڙ جي انھن قاضين مان ڪن عربيءَ ۾ سنڌ جي
تاريخ لکي ھئي، جنھن جي فارسي ترجمي مان جيڪو علي ابن
حامد ابن ابي بڪر الڪوفيءَ ابن بطوطھ جي اچڻ کان صدي
کن اڳ ڪيو ھو، اسين واقف آھيون. الڪوفي ڄاڻائي ٿو تھ
آءٌ اروڙ جي قاضيءَ، اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ
بن طائي بن يعقوب بن طائي بن موسيٰ بن محمد بن شھاب
الدين بن عثمان الثقفيءَ جي خدمت ۾ ويس، جنھن مون کي
ٻڌايو تھ سنڌ تي مسلمانن جي سوڀ جو بيان سندس وڏن
عربيءَ ۾ لکيو آھي. الڪوفيءَ اھا تصنيف فارسي ۾ ترجمو
ڪئي ۽ ھاڻ اسان ان کي ’چچنامي‘ جي نالي سان سڃاڻون ٿا.
ڇا اروڙ جي قاضيءَ جا اھي وڏا ئي اُھي ’مورخون‘ آھن،
ابن بطوطھ ’سامره‘ جي تاريخ جي تصديق لاءِ جن جي لکيل
فتحنامي جو حوالو پيو ڏئي؟ اھو ناممڪن نھ آھي.
مٿيون ذڪر ڪتاب جي مھاڳ ۾ آھي، جنھن ۾ الڪوفي ٻڌائي ٿو
تھ مون ھيءُ ڪتاب ڪيئن جوڙيو. گھڻو پوءِ، ڪتاب جي
بياني ڀاڱي ۾، اروڙ جي سوڀ جي ذڪر کان پوءِ ھو اسان کي
ٻڌائي ٿو تھ محمد ابن قاسم موسيٰ بن يعقوب بن طائي بن
محمد بن شعبان بن عثمان الثقفيءَ کي شھر جو قاضي مقرر
ڪيو. برطانوي عجائب گھر ۾ چچنامي جو جيڪو قلمي نسخو
رکيل آھي، تنھن ۾ پھرين وڏي جو لقب الثقفيءَ جي بدران
العربي ڏنل آھي، پر ظاھر آھي تھ ان جي ڪا اھميت ڪانھي.
ٻئي وڏي جو نالو وڌيڪ منجھائيندڙ آھي. ابن قاسم طرفان
مقرر ڪيل قاضيءَ جي شجري ۾ اھو نالو شعبان ڏسڻ ۾ اچي
ٿو. ڊاڪٽر يو.ايم.دائود پوٽي خود جيڪو فارسي نسخو
ڇپائي پڌرو ڪيو ھو، تنھن ۾ ھن اھا ئي پڙھڻي قبول ڪئي
ھئي؛ ميرزا قليچ بيگ پڻ پنھنجي انگريزي ترجمي ۾، جو
1900-1902ع ڪراچيءَ مان شايع ٿيو، اھا ئي پڙھڻي رکي
ھئي. تنھن کان سواءِ لنڊن جي ٻن مکيھ قلمي نسخن،
بي.ايم.اورئنٽل 1787ع، جيڪو دائود پوٽي ڪم آندو ھو ۽
انڊيا آفيس لئبريري ايٿي 435، جيڪو دائود پوٽي ڪم نھ
آندو ھو؛ انھن ٻنھي ۾ پڻ ساڳي پڙھڻي آھي. پر دائود
پوٽي پھرئين شجري ۾ شھاب ڇپيو آھي. ميرزا قليچ بيگ
شھاب الدين ڏنو آھي. دائود پوٽي بي.ايم. قلمي نسخن ۾
اھو نالو شعبان پڙھيو آھي پر آءٌ ادب جا ھٿ ٻڌي عرض
ڪندس تھ ان کي شھاب پڙھيو وڃي. بھرحال، ھيءُ سڀ ڪا خاص
اھميت نٿو رکي. ٻنھي شجرن جي ھڪ ٻئي سان ڀيٽ ڏيکاري ٿي
تھ ڪو رولو آھي. پھرئين ۾ يارھن پيڙيون آھن، جي اسان
کي ڪنھن غير يقيني تاريخ کان تيرھين صديءَ جي اوائل
تائين وٺي اچن ٿيون. اھي پنجن صدين لاءِ خير ڪي پوريون
پونديون. ٻئي شجري ۾ ڇھھ پيڙھيون آھن، جي ابن قاسم جي
ھڪڙي سھيوڳيءَ تي دنگ ڪن ٿيون. جيئن تھ ٻنھي شجرن جا
گھٽ ۾ گھٽ پھريان ٽيئي ڄڻا ساڳيا آھن، ان ڪري پھرئين
شجري جي يارنھن ڄڻن مان ڇھھ تھ رڳو اسان کي عربن جي
فتح جي سھيوڳيءَ تائين اچڻ لاءِ گھربا؛ 711ع کان 1216ع
تائين اچڻ لاءِ باقي رڳو پنج بچن ٿا. ظاھر آھي تھ ھت
ڪافي مونجھارو آھي.
پر جيڪڏھن ابن بطوطھ جو اشارو چچنامي جي عربي اصل يا
اصلن ڏانھن ھو ۽ جيڪڏھن ابن قاسم جي پونير مان سندس
مراد درحقيقت ابن قاسم طرفان مقرر ڪيل ڪنھن قبيلي
ڀائيءَ جي پونير جي ھئي تھ پوءِ سمجھڻ ۾ ائين ٿو اچي
تھ متان جناني اروڙ ھجي. لاڙڪاڻي مان درياءَ ٽپڻ کان
پوءِ وارو مفاصلو ڪنھن مشڪلات ۾ نٿو وجھي، پر نالو
البت وجھي ٿو. اھو نالو ابن بطوطھ جو اچاريل آھي ۽
جيستائين مون کي معلوم آھي تھ اھو اڃا تائين نھ سڃاتو
ويو آھي ۽ نھ ئي آءٌ ڪو اھڙو سبب ڏَسي سگھان ٿو تھ
اروڙ کي ان نالي سان ڇو سڏيو ويو ھوندو. تاھم، اسان کي
اھو سو معلوم آھي تھ اروڙ جا ٻيا نالا بھ ھئا. جان ووڊ
پنھنجي جيحون نديءَ جي منڍ تائين مسافريءَ جو جيڪو
احوال لکيو آھي، تنھن ۾ ھو ڄاڻائي ٿو تھ سنڌي ان کي
ڪُمڻ ۽ جتريءَ
(Kumun, Jatri)
جي نالن سان پڻ ڄاڻندا آھن. انھن مان ڪوبھ نالو ڪم جو
ناھي. مون کي اروڙ جي پسگردائيءَ ۾ جيڪو جناني نالي
سان ٿورو گھڻو ميل کائيندڙ نالو مليو آھي، سو آھي ’جن
جاني‘. اھو نالو سنڌ جي سروي واري نقشي، مورخھ جنوري
1905ع ۾، اروڙ کان ڇھھ ميل اتر طرف قاسمپور بند تي ڊنگ
ٻيلي جي ڇيڙي وٽ ڏيکاريل آھي. منھنجي انھيءَ ڏسڻ جي
ڪائي اھميت آھي يا نھ، سو ڀل اھي صاحب ٻڌائين جي ان
ضلعي مان واقف آھن.
|