سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ صدين کان

باب؛ --

صفحو ؛ 13

 

رنجيت سنگ جا سنڌ جي اميرن سان لاڳاپا

(39-1802ع)

اڪرام علي ملڪ

 

1802ع ۾ رنجيت سنگ ملتان تي حملو ڪيو، جنھن کان پوءِ جلد ئي سنڌ جي اميرن سان ھن جا لاڳاپا قائم ٿي ويا. ٻنھي درٻارن ھڪ ٻئي ڏانھن سفير موڪليا ۽ ڪيترن ئي موقعن تي تحفن جي ڏي وٺ ٿي. سفيرن جي مقرري ۽ تحفن جي ڏي وٺ رڳو حيدرآباد جي اميرن سان ٿي، ڇاڪاڻ تھ اھي سنڌ جا حڪمران ۽ وڏا سردار ھئا. معلوم ٿئي ٿو تھ ٻنھي ڌرين پاڻ ۾ دوستانا لاڳاپا انھيءَ ڪري قائم ڪيا، جو اپريل 1809ع ۾ اميرن پنھنجو ايلچي سک حڪمران ڏانھن موڪلي صلاح ڏني تھ ’ايسٽ انڊيا ڪمپني‘ سان دوستيءَ جي عھدنامي تي صحيح نھ ڪئي وڃي. (1) انھيءَ ھوندي بھ ٿورن مھينن کان پوءِ ڪلھوڙن جي ڪوڙي دعويدار ميان عبدالنبيءَ جي ڌمڪيءَ ۽ افغان حملي(2) جي خطري کان مجبور ٿي اميرن پاڻ انگريزن سان دوستيءَ جو عھدنامو ڪيو.

رنجيت سنگ جا اميرن سان لاڳاپا وڌيڪ ويجھا ۽ گھاٽا تڏھن ٿيا، جڏھن هن 1818ع ۾ ملتان کي فتح ڪيو. ھن جي وڌندڙ طاقت ۽ ڏکڻ پنجاب ڏانھن سندس عملداريءَ جي وسعت جي ڪري سک حڪمران سان پنھنجا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ امير ڏاڍا فڪرمند ھئا. (3) سندن سرحدن جي ويجھڙائپ جي ڪري ڪيترا ئي تڪرار ٿيا ھئا ۽ رنجيت سنگ سنڌ جي اُترين ڀاڱن ۾ اک وجھو ويٺو ھو. ٻنھي رياستن جي سرحدن تي رھندڙ بلوچ قبيلن کي اھا ڳالھھ پسند نھ ھئي تھ سندن پاڙي ۾ سکن جي طاقت وڌي ويجھي. تنھن ڪري ھنن جون سک سپاھين سان ڪيترا ئي ڀيرا جھڙپون ٿيون. سنڌ تي حملي ڪرڻ ۽ سرڪش بلوچن کي سزا ڏيڻ(4) لاءِ ميدان ھموار ڪرڻ جي مقصد سان رنجيت سنگ 1823ع ۾ سنڌ ڏانھن ڪاھيو. اھا مھم ڪا گھڻي ڪامياب نھ ٿي ۽ سک حڪمران ھڪ سرحدي ڳوٺ بٽي تي قبضو ڪري، اتي جي زميندارن کان خراج وٺي واپس موٽي ويو. (5) حملي جي ڊپ سبب اميرن پنھنجن ايلچين کي موڪليو تھ رنجيت سنگ سان گڏجي لاھور وڃن. ان کان ھڪ سال پوءِ حيدرآباد ۽ خيرپور جي اميرن گڏجي، افغان سرڪار جي آخري ڇانوڻي شڪارپور تي قبضو ڪيو. شڪارپور جي تجارتي ۽ فوجي اھميت جي ڪري رنجيت سنگ پاڻ انھيءَ تي قبضي ڪرڻ جو خواھشمند ھو. تنھن ڪري شڪارپور کي فتح ڪرڻ ۽ ساڳئي وقت انھن بلوچن کي سزا ڏيڻ لاءِ، جن ملتان جي ويجھو سک سپاھين تي حملا ڪيا ھئا، رنجيت سنگ 1825ع ۾ ھڪ وڏي ۽ پوري ريت تيار فوج وٺي روانو ٿيو. پر سنڌ ۾ کاڌ خوراڪ جي گھٽتائيءَ سبب کيس مجبور ٿي واپس ورڻو پيو. (6) 1826ع ۾ ھن اميرن جي وڪيلن کان خراج جي گھر ھن بنياد تي ڪئي تھ اتر اولھھ ھندوستان ۾ دراني سلطنت جي ھڪ وڏي حصي تي ھن جو قبضو ھو. (7) احمد شاهه ابداليءَ جي ڏينھن کان وٺي امير، ڪابل جي بادشاهه جو خراج ڀريندا ھئا. انھيءَ ھوندي بھ جيستائين مٿن ڪو زور بار نھ ايندو ھو، تيستائين ھو خراج ڏيڻ کان نابري واري ڇڏيندا ھئا. (8) تنھن ڪري شاه شجاع الملڪ جي تخت تان لھڻ کان پوءِ ھنن افغان حاڪم کي ڪابھ رقم ڪانھ ڏني ھئي. اھڙيءَ صورت ۾ وڪيلن انھيءَ ذميداريءَ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو تھ ’سندن حاڪم رڳو لاھور سرڪار سان ايلچين جي مٽا سٽا ۽ تحفن جي ڏي وٺ تي راضي ٿيا ھئا.‘ جيئن تھ رنجيت سنگ جلد ئي اتر اولھھ سرحدي ضلعن ۾ سيد احمد جي جھاد واري تحريڪ کي منھن ڏيڻ ۾ مصروف ٿي ويو، تنھن ڪري ھن پنھنجي مطالبي تي گھڻو زور نھ ڏنو. پر انھيءَ رڳڙي لاءِ ھو يقينًا سنڌ جي ڪن حصن تي قبضو ڪري ھا، ڇاڪاڻ تھ ان وقت تائين ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ان علائقي ۾ ڪا ايتري دلچسپي نھ ڏيکاري ھئي. (9) جيتوڻيڪ انھيءَ ماٿريءَ جي فوجي اھميت ۽ جاگرافيائي معلومات ۾ ھنن جي شروع کان ئي دلچسپي ھئي، پر ڪمپنيءَ جي ڪامورن پاڻ کي سنڌ جي اميرن جي تڪرارن ۽ مسئلن ۾ اڙائڻ کان پاسو ڪيو ھو. ھو انھيءَ ڳالھھ تي راضي ھئا تھ 1809ع ۽ 1820ع جي عھدنامن مطابق، سندن دوستاڻا لاڳاپا قائم ھئا ۽ فرانسيسين، آمريڪين ۽ يورپ جي ٻين قومن کي سنڌ مان ھڪاليو ويو ھو. 1830ع کان پوءِ حالتن ۾ گھڻو ڦيرو آيو، ڇاڪاڻ تھ وچ ايشيا ۾ روسي توسيع ۽ 1826ع کان پوءِ ايراني درٻار ۾ سندن اثر جي پيش نظر، انگريزن ھن علائقي ۾ پنھنجو اثرائتو قبضو حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انگريزن کي شڪ ھو تھ روس، ايران ۽ افغانستان جي ذريعي ھندوستان تي حملي ڪرڻ جو خواھشمند آھي. جيئن تھ ھنن جا پنجاب جي حاڪم سان اڳ ۾ ئي دوستاڻا تعلقات ھئا، جيڪو علائقو افغانستان ۽ ھندوستان جي وچ ۾ ھڪ ڪارائتي فاضل رياست جو ڪم ڏئي سگھيو ٿي، تنھن ڪري ھنن سنڌ جي معاملن ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سنڌو درياءَ ۾ وڌندڙ جھاز رانيءَ جي سھولتن جي امڪانن جو جائزو ورتو تھ جيئن بولان دري وٽان ڪنھن حملي جي صورت ۾ ان کي ھڪ مضبوط دفاعي رڪاوٽ طور استعمال ڪجي. (10) انھيءَ کان سواءِ ھنن اھو بھ سوچيو تھ سنڌ ۾ رھي، ايران ۽ افغانستان جي سرگرمين بابت معلومات حاصل ڪري سگھبي ۽ ساڳئي وقت وچ ايشيا ۾ روس جي ھٿ ڪيل نون علائقن ۾ روسي تجارتي سرگرمين جو مقابلو بھ ڪري سگھبو. (11) انھيءَ صورتحال سنڌ تي رنجيت سنگ جي حملي ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي مسئلا پيدا ڪري وڌا ۽ ان علائقي ۾ سندن لالچن ٻنھي طاقتن کي ھڪٻئي سان سڌيءَ طرح مقابلي ڪرڻ لاءِ آڻي بيھاريو.

رنجيت سنگ جي خواھش ھوندي ھئي تھ اميرن کان خراج وصول ڪجي ۽ ھنن جي علائقن مان ڪن تي، خاص ڪري شڪارپور تي قبضو ڪرڻ لاءِ ميدان ھموار ڪجي. بھاولپور ۾ پنھنجي مھم دوران ھن سبزل ڪوٽ تي قبضو ڪيو ھو. ان کان ٻھ ٽي مھينا پوءِ بلوچي صوبن داجل ۾ ھرند تي بھ سندن قبضو ٿي ويو. (12)

سن1830ع ۾ ھڪ فرانسيسي سياح جيڪمون (Jacquemont) سان ڳالھائيندي، ھن سنڌ جھڙي شاھوڪار ۽ سرسبز ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنھنجي خواھش جو اظھار ڪيو ھو. (13) ساڳئي سال لڌياني ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪئپٽن ويڊ کي، ھن سنڌ ۾ انگريزن جي ارادن بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ لاءِ سر ڊيوڊ آڪٽر لوني ڏانھن موڪليو. ڪئپٽن ويڊ واپس اچي کيس اطلاع ڏنو تھ ’ڪمپنيءَ کي ڪابھ بک ڪانھي ۽ ان جا سنڌ يا ٻئي ھنڌ ڪي بھ منصوبا ڪينھن.‘(14) سن 1831ع ۾ ھن پنھنجي اطالوي جنرل وينچورا کي ديري غازي خان جو گورنر مقرر ڪيو ۽ ھدايتون ڏئي روانو ڪيائين تھ اتي ھڪ مضبوط قلعو ٺھرائي ۽ شڪارپور تي سخت چوڪسي رکي. ساڳئي سال ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پڻ فيصلو ڪيو تھ ليفٽيننٽ اليگزينڊر برنس، انگريزن جي بادشاه جارج چوٿين جي طرفان مھاراجا ڏانھن ڪي تحفا کڻي وڃي. برنس کي سنڌو درياءَ مان سفر ڪري مٿي وڃڻو ھو. انھيءَ سفر جو اصل مقصد ھيءُ ھو تھ سنڌو درياءَ کي چڱيءَ ريت ڏسي، ان ۾ جھاز راني جي امڪانن جو جائزو وٺجي. انھيءَ تي اميرن سخت اعتراض اٿاريا ۽ سندس سفر ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون پيدا ڪيائون. انگريز عملدارن، رنجيت سنگ کي وچ ۾ پوڻ لاءِ چيو، جيئن سندن ايلچي کيس تحفا پھچائي سگھي. اميرن جي انھيءَ روش کي رنجيت سنگ پنھنجي بيعزتي سمجھي، ھنن کي چيو تھ ليفٽيننٽ برنس کي پنھنجي ملڪ مان لنگھڻ جي اجازت ڏين. ساڳئي وقت ھن جنرل وينچورا کي بھ ھدايت ڪئي تھ اميرن جي انڪار ڪرڻ جي صورت ۾ ھڪ فوجي مظاھرو ڪيو وڃي. (15) انھيءَ جو نتيجو سندن منشاء مطابق نڪتو ۽ اميرن پنھنجي مرضيءَ جي خلاف، انگريز ايلچيءَ کي سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني. برنس جي انھيءَ سفر جا ڏاڍا اونھان نتيجا نڪتا، جن نھ رڳو سنڌ ۾ رنجيت سنگ جي لالچ تي خراب اثر وڌو، بلڪ اميرن جي علاقائي سالميت کي بھ خطري ۾ وجھي ڇڏيو.

سنڌو درياءَ جي تجارتي ۽ جھاز رانيءَ جي امڪانن بابت برنس پنھنجي رپورٽ ۾ جنھن وڌاءَ کان ڪم ورتو، ان جي ڪري انگريز حڪومت سنڌ جي معاملن ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ درياءَ ۾ تجارتي جھاز راني شروع ڪرڻ لاءِ ڳالھيون ڪيون. رنجيت سنگ ماٺ ڪري ڪونھ ويٺو ھو. ھن ڪيترا ئي سفارتي خط لکي، سنڌ ۾ انگريزن جي ارادن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. مئي 1831ع ۾ ادينا نگر ۾ رنجيت سنگ ۽ ڪئپٽن ويڊ جي ملاقات دوران بھ ھن اھو سوال اٿاريو. ڪئپٽن ويڊ ھن کي يقين ڏياريو تھ انگريزي حڪومت جو سنڌ جي معاملن ۾ دست اندازي ڪرڻ جو ڪوبھ ارادو ڪونھي. وري جڏھن ھو گورنر جنرل وليم بينٽنڪ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ روپار پئي ويو، تڏھن ھن ڪئپٽن ويڊ کي چيو تھ پنھنجيءَ حڪومت کي خط لکي ھدايت ڪري تھ اميرن سان ڪنھن بھ ٺاه ڪرڻ لاءِ ڳالھھ ٻولھھ ڪرڻ کان اڳ ساڻس صلاح ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ تھ اميرن تي سندس گھڻو اثر رسوخ آھي. (16) روپار ۾ پڻ ھندوستان جي انگريز حڪومت جي سيڪريٽري جنرل ميڪناٽن سان غير رسمي ملاقات ۾ ھن شڪارپور ۽ سنڌ جو سوال اٿاريو. ڪيترن ئي ذريعن مطابق ميڪناٽن ڪنھن واضح جواب ڏيڻ کان نٽائي ويو. پر ’عمدة التواريخ‘ ۽ ’روزنامچھ عھدِ رنجيت سنگ‘، لاھور درٻار جي ھمعصر تاريخن مطابق وليم بينٽنڪ سان ملاقات دوران نھ رڳو اھا ڳالھھ اٿي ھئي، پر وليم بينٽنڪ رنجيت سنگ کي خاطري ڏياري تھ 1809ع جي عھدنامي ھيٺ کيس پورا اختيار حاصل ھئا تھ بنون، ٽنڪ ۽ شڪارپور بابت ڪوبھ فيصلو ڪري ۽ ٻيو تھ جن معاملن بابت اڳ ۾ ئي فيصلا ٿي چڪا ھئا، انھن تي ڳالھائڻ اجايو ھو. (17) انھيءَ ھوندي بھ رنجيت سنگ کي سنڌ بابت انگريزن جي ارادن تي انگريز عملدارن سان ڪيل گفتگوءَ تي اطمينان نھ ھو. سن1831ع ۾ ھن سنڌ جي خلاف انگريز – سک گڏيل مھم جي تجويز پيش ڪئي ھئي، جنھن کي پڻ ڪا اھميت نھ ڏني وئي. (18) حقيقت ۾ انگريز پنھنجن تجارتي ۽ سياسي مفادن جي پيش نظر انھيءَ ڳالھھ جي خلاف ھئا تھ سنڌو درياءَ جي علائقي ۾ رنجيت سنگ جي طاقت وڌي. انھيءَ ڪري روپار مان وليم بينٽنڪ ڪڇ ۾ انگريز ريزيڊنٽ ھينري پاٽنجر کي خط لکي حڪم ڪيو تھ ھڪدم سنڌ وڃي، سنڌو درياءَ ۾ سندن تجارتي سرگرمين شروع ڪرڻ لاءِ اميرن سان ھڪ عھدنامي بابت ڳالھھ ٻولھھ ڪري. اھو خط رنجيت سنگ کان مخفي رکيو ويو، ڇاڪاڻ تھ انگريزن کي خبر ھئي تھ ھو پاٽنجر جي انھيءَ مھم جي تائيد نھ ڪندو. روپار مان انھيءَ خط جي روانگي سنڌ ۾ انگريزن جي مفادن بابت، رنجيت سنگ جي پنھنجن خواھشن ۽ ھر ھر پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي جواب ۾ ٿي ھوندي. (19)

پاٽنجر سن 1832ع جي شروع ڌاري سنڌ ۾ پھتو. خيرپور جو امير، ان خيال کان تھ سندس ملڪ سک سرحدن جي ويجھو آھي ۽ جيڪڏھن رنجيت سنگ سنڌ ڏانھن پيش قدمي ڪئي تھ پھرين سندس ملڪ خطري ۾ پئجي ويندو، اڳ ۾ ئي انگريزن جي حفاظت حاصل ڪرڻ لاءِ فڪرمند ھو ۽ ھن اھڙي درخواست بھ ڪري ڇڏي ھئي. پر وليم بينٽنڪ سندس درخواست کي رد ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تھ سڌيءَ طرح رنجيت سنگ سان تڪرار ڪرڻ جي نھ سندس خواھش ھئي ۽ نھ وري اميرن جي اندروني معاملن ۾ دست اندازي ڪرڻ لاءِ ھو آماده ھو. پر حيدرآباد جو وڏو سردار مير مراد علي خان تمام سخت ھو، جنھن رنجيت سنگ جي خلاف جارحانھ ۽ دفاعي اتحاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ھن تجويز ڏني تھ انھيءَ مطالبي جي نامنظور ٿيڻ جي صورت ۾ انگريز  ذمو کڻن تھ لاھور ۽ ڪابل جا حڪمران سندن ملڪي سالميت جو احترام ڪرڻ لاءِ ٻڌل ھوندا. پاٽنجر اھڙي قسم جي خاطري نھ ڏئي سگھيو، ڇاڪاڻ تھ کيس خاص ھدايت ڏني وئي ھئي تھ رڳو انگريزي تجارت لاءِ سنڌو درياءَ کي کولائڻ جي ڪم تي ڌيان ڏئي. انھيءَ ھوندي بھ ھن پڪ ڏياري تھ اميرن جي مفادن خلاف سکن جي ڪنھن بھ سازش ۾ سندن حڪومت شامل نھ ٿيندي. بھرحال اميرن، رنجيت سنگ جي برخلاف اتحاد قائم ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ شاه شجاع الملڪ ۽ ڪابل جي بارڪزئي حڪمرانن ڏانھن بھ پنھنجا ايلچي موڪليا تھ انگريزن جي منصوبن خلاف سندن مدد ڪئي وڃي. انھيءَ لاءِ اميرن خراج جي سموري رھيل رقم ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي. (20) شاه شجاع الملڪ پاڻ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو پينشن بردار ھو ۽ لڌياني ۾ رھندو ھو. بارڪزئي سردار، رنجيت سنگ ۽ ايراني بادشاه جي سازشن خلاف پنھنجي طاقت کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل ھئا، تنھن ڪري اميرن مجبور ٿي انگريزن جي مطالبن کي قبول ڪيو ۽ سندن واپارين کي پنھنجي ملڪ ۽ سنڌو درياءَ ۾ تجارتي سرگرمين شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني. جيڪڏھن رنجيت سنگ پنھنجون اڳرائيءَ واريون سازشون نھ ڪري ھا تھ يقينًا امير، انگريزن جي مطالبن جو سختيءَ سان مقابلو ڪن ھا.

رنجيت سنگ کي پاٽنجر جي مھم جي خبر پئجي وئي ھئي، تنھن ڪري ڏاڍي فڪرمنديءَ سان ھن جي سرگرمين کي جاچيندو رھيو ۽ انھن بابت معلومات حاصل ڪندو رھيو. ھو پاٽنجر جي مھم جي مقصدن جي سخت خلاف ھو، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ جي ڪري سنڌ ۾ سندس منصوبن تي خراب اثر پئجي ٿي سگھيو. انگريزن سان صلح جي ڳالھين ڪرڻ جي پاڻ ۾ ھمت نھ ساري ۽ پاڻ کي اڪيلو رھجي وڃڻ کان بچائڻ خاطر ھن 1832ع جي شروعات ۾ سنڌو درياءَ ۽ ان جي نھرن ۾ جھاز رانيءَ جي سھولتن کي وڌائڻ لاءِ تعاون ڪرڻ جي ھڪ تجويز ڏني ھئي، پر ان شرط سان تھ سال 1809ع واري عھدنامي تي ان جي ڪري ڪو اثر نھ ٿيندو. (21) ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ اهڙي ڪارائتي ساٿي جي مخالفت نٿي گهريو، تنهن ڪري ڪمپنيءَ ڪئپٽن ويڊ کي حڪم ڏنو تھ لاھور وڃي سک بادشاه کي مڃائي تھ پاٽنجر جي مھم جو سياست سان ڪوبھ واسطو ڪونھي. ھن کي ھدايتون ڏنيون ويون تھ رنجيت سنگ کي ٻڌائي تھ اميرن سان تجويز ڪيل عھدنامي جي ڪري نھ رڳو سندس ملڪ ۽ ڏکڻ ھندستان ۾ انگريزي صوبن جي وچ ۾ آمد ورفت جي ذريعن ۾ سڌارو ايندو، پر پنجاب جي ماڻھن کي بھ بحري تجارت جون سھولتون ملي وينديون. (22) انھن فائدن مان رنجيت سنگ آسانيءَ سان راضي ٿيڻ وارو ڪونھ ھو ۽ ھن انگريزن جي تجارتي سرگرمين کي پنھنجي سياسي خواھشن لاءِ ھڪ خطرو ۽ 1809ع واري عھدنامي جي خلاف ورزي سمجھيو. انگريزن جو پختو ارادو ھو تھ تجارتي سھولتون طاقت جي ذريعي بھ حاصل ڪيون وڃن ۽ رنجيت سنگ کي خاطري ڪرائي وئي تھ جيڪي جھاز، سنڌو ۽ ستلج دريائن مان لنگھندا، انھن تي لڳايل محصول جي مالي فائدن ۾ کيس بھ شريڪ ڪيو ويندو. انھيءَ ڪري رنجيت سنگ لاچار ٿي پنھنجن ارادن تان ھٿ کنيو. سن1834ع ۾ جڏھن فيصلو ڪيو ويو تھ سنڌو درياءَ مان لنگھندڙ ھر جھاز تي 570 رپين جو يڪسان محصول ورتو ويندو، تڏھن انھيءَ محصول مان رنجيت سنگ کي 193 رپيا، 9 آنا ۽ 1 پئسو حصو ڏنو ويندو.

انھيءَ ھوندي بھ شڪارپور ۽ سنڌ جي اترين علائقن بابت رنجيت سنگ جا ارادا ساڳيا ئي ھئا. ھن دليل ڏنو تھ سن1809ع واري عھدنامي مطابق کيس اختيار حاصل ھئا تھ پنھنجون سرحدون ستلج نديءَ جي اوڀر تائين وڌائي ۽ اھڙيءَ صورت ۾ ڪمپنيءَ کي ڪوبھ حق حاصل نھ ھو تھ شڪارپور ڏانھن سندس پيشقدميءَ ۾ رنڊڪون وجھي، جيڪو سنڌو درياءَ جي اولھھ ۾ ھو. انگريز عملدارن ان بيان سان ڪوبھ اتفاق نھ ڪيو. ھنن جي چوڻ مطابق مھاراجا کي اختيار ڏنو ويو ھو تھ ستلج جي اتر ۾ پنھنجي بادشاھت کي وڌائي، ڇاڪاڻ تھ مذڪور عھدنامي ۾ درياءَ جي ڏکڻ طرف سندس ارادن جو ڪو ذڪر نھ ڪيو ويو ھو.

رنجيت سنگ کي خبر ھئي تھ انگريزن کان پنھنجا مطالبا مڃائڻ ممڪن ڪونھي؛ ٻيو تھ جنھن محصول جو واعدو ڪيو ويو ھو، انھيءَ مان بھ ڪو حقيقي فائدو ڪونھ ھو؛ ڇا لاءِ تھ درياءَ جي ڪنارن تي قبيلن جي دشمنيءَ سبب درياءَ رستي تمام ٿورو واپار ٿيندو ھو. تنھن ڪري ھن فيصلو ڪيو تھ پنھنجي سر ڪوشش ڪري ڪا راھھ تلاش ڪجي. انھيءَ خيال کان ھن فوجي تياريون شروع ڪيون ۽ حيدرآباد جي وڏي امير مير نور محمد خان سان تعلقات قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳئي وقت ھن ڪلھوڙا خاندان جي ھڪ جلاوطن شھزادي کي پاڻ وٽ پناه ڏني تھ جيئن ھن کي حيدرآباد جي تخت تي ويھارڻ جي اميرن کي ڌمڪي ڏئي، ھنن کان شڪارپور ھٿ ڪري. ھن شاه شجاع الملڪ سان پڻ صلح جون ڳالھيون چوريون تھ ھو شڪارپور ۽ سنڌ ۾ پنھنجن حقن تان دستبردار ٿئي. 1831ع ۾ ھن سنڌ کي پنھنجي ۽ شاه شجاع الملڪ جي وچ ۾ تقسيم ڪرڻ جي صلاح ڏني، پر شاه شجاع الملڪ اھا تجويز قبول نھ ڪئي، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ علائقي ۾ ھن کي ڪوبھ اختيار حاصل نھ ھو. انھيءَ ھوندي بھ مارچ 1833ع ۾ ھنن ھڪ عھدنامي تي صحيحون ڪيون، جنھن مطابق سابق افغان امير، سنڌو درياءَ جي اولھھ ۾ رنجيت سنگ جي عملداريءَ کي وڌائڻ جي حق کي قبول ڪيو. سنڌ ۽ شڪارپور جو سوال ڪئپٽن ويڊ ڏانھن موڪلڻو ھو، ڇاڪاڻ تھ ٻنھي ڌرين ھن ثالثيءَ کي قبول ڪيو ھو. رنجيت سنگ اھو شرط انھيءَ اميد تي قبول ڪيو ھو تھ دوست انگريز سندس حق ۾ فيصلو ڪندو. بھرحال اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ شاه شجاع جي ڪوشش ڪامياب نھ ٿي ۽ ھو اميرن جي حق ۾ شڪارپور تان ھٿ کڻي واپس لڌياني موٽي ويو.

سن1834ع  ۾ رنجيت سنگ ھڪ وفد گجر سنگ جي رھنمائيءَ ۾ ڪلڪتي موڪلي، خاطري ڪرڻ گھري ٿي تھ انگريز حڪومت جا سنڌ ۾ ڪھڙا حقيقي مقصد آھن؟ انھيءَ وفد پنھنجو وقت اجاين سرگرمين ۾ وڃائي ڇڏيو ۽ ڏيڍ سال کان پوءِ بنان ڪنھن ڪاميابيءَ جي موٽي آيو. انھيءَ ڪري رنجيت سنگ معاملي کي پنھنجي ھٿ ۾ کڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شڪارپور تي حملو ڪري ڏنو. اھڙي حملي جو وجھھ مزاري قبيلي جي ماڻھن ڏنو، جيڪي سنڌ ۽ پنجاب جي سرحدن تي آزاد علائقي ۾ رھندا ھئا. ٻين بلوچ قبيلن وانگر مزاري قبيلي جا ماڻھو بھ پنھنجي پاڙي ۾ سک اقتدار جي وسعت جي خلاف ھوندا ھئا. تنھن ڪري ھنن ڪيترا ئي ڀيرا مٺڻ ڪوٽ تي حملا ڪري، اتي ڦرلٽ ڪئي، جنھن کي رنجيت سنگ ھڪ اھم تجارتي مرڪز بنائڻ گھريو ٿي. جيتوڻيڪ مزاري، اميرن کي نالي ماتر ڏن ڏيندا ھئا، پر انھيءَ ھوندي بھ سنڌ حڪومت جو مٿن ڪوبھ اختيار نھ ھوندو ھو. اھي گھڻو ڪري پنھنجي گاديءَ واري شھر روجھاڻ جي اوسي پاسي رھندا ھئا ۽ سک آبادين تي حملن ڪرڻ کان پوءِ، خيرپور جي اميرن جي علائقن ۾ پٺٽي ھٽي ايندا ھئا. 1835ع جي آخر ۾ مزارين کي سزا ڏيڻ خاطر ۽ اميرن کان شڪارپور ڦرڻ ۽ ڏن وٺڻ لاءِ رنجيت سنگ ھڪ وڏي فوج رواني ڪئي، جنھن جو سپھ سالار نونھال سنگ ھو. انھيءَ ويڙھ ۾ مزارين ھارايو ۽ سک فوجن سندن گاديءَ واري شھر تي قبضو ڪري ورتو. پر پوءِ مزارين جي سردار بھرام خان جي انجام ڪرڻ تي – تھ سندس قبيلي جا ماڻھو وري سک آبادين تي حملا نھ ڪندا ۽ سندن حملن جي ڪري لاھور حڪومت جي رعيت کي جيڪو نقصان پھتو ھو، اھو ڀري ڏيندا – سندن گاديءَ وارو شھر کين موٽائي ڏنو ويو. (23)

سک فوجن جي پيشقدميءَ جي ڪري جيتوڻيڪ امير ڊپ ۾ ھئا، پر ھنن ڏن ڏيڻ ۽ شڪارپور تان ھٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھنن ھڪدم فيصلو ڪيو تھ ڪابل جي امير دوست محمد ۽ ٻين افغان سردارن کان امداد ورتي وڃي. ايتري قدر جو ھنن شاه شجاع الملڪ کي پنھنجي تخت جي پڻ آڇ ڪئي. جيئن تھ انھن تدبيرن جو ڪو خاص نتيجو نھ نڪتو، تنھن ڪري سنڌ جي اميرن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي پناه ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ڪمپنيءَ تھ اڳ ۾ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو ھو تھ اميرن جي ملڪ ۾ پير پختا ڪبا، سنڌو درياءَ جي پوريءَ طرح جائزي وٺڻ لاءِ اميرن جو تعاون حاصل ڪبو، پنھنجي واپار جي واڌاري لاءِ وڏيون سھولتون وٺبيون ۽ اميرن جي درٻار ۾ ھڪ انگريز ريزيڊنٽ مقرر ڪبو. (24)

انگريز انھيءَ جي خلاف ھئا تھ رنجيت سنگ پنھنجي اقتدار کي سنڌو نديءَ جي علائقن ۾ وڌائي. ڪمپنيءَ جي خفيھ ڪاميٽيءَ جو خيال ھو تھ رنجيت سنگ جي عملداريءَ جي وڌڻ ڪري، ڪمپني پنھنجين ھٿياربند فوجن جو تعداد وڌائيندي، جنھن جي ڪري ان جي مالي حالتن تي خراب اثر پوندو. تنھن ڪري ڪمپنيءَ فيصلو ڪيو تھ اميرن جي علائقن ڏانھن سک بادشاه جي فوجي پيشقدميءَ کي روڪڻ لاءِ فوجي تصادم جي ڌمڪي ڏني وڃي. اھڙيءَ ريت ڪمپنيءَ، ھينري پاٽنجر کي ھدايتون ڏئي حيدرآباد اماڻيو تھ اميرن سان ان باري ۾ ڳالھيون ڪري ۽ ڪئپٽن ويڊ کي حڪم ڏنو ويو تھ مھاراجا کي انگريزي فيصلي کان آگاه ڪري. ڪمپنيءَ جي انھيءَ روش تي رنجيت سنگ سخت احتجاج ڪيو ۽ دراني سلطنت جي وارث ھجڻ جي حيثيت ۾، ۽ 1809ع جي عھدنامي مطابق خراج ۽ شڪارپور لاءِ پنھنجي دعويٰ ورجائي. پر انگريز ايلچي پنھنجيءَ ڳالھھ تي ڳنڍ ٻڌي بيھي رھيو ۽ ھن کي کليو کلايو چيائين تھ جيڪڏھن سک فوجن وڌيڪ پيش قدمي ڪئي تھ انگريزي حڪومت سندس درٻار مان پنھنجا عملدار گھرائي وٺندي ۽ ساڻس لاڳاپن تي ٻيھر ويچار ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيندي. ڪئپٽن ويڊ جي انھن اعتراضن ڪرڻ کان پوءِ بھ رنجيت سنگ پنھنجون فوجي تياريون ڪندو رھيو، انھيءَ خيال کان تھ آگسٽ 1836ع ۾ شڪارپور تي حملو ڪري سگھي. سندس ڪيترا درباري بھ فوجي پيشقدميءَ جي حق ۾ ھئا. شھزادي کڙڪ سنگ، جنھن کي نونھال سنگ جي فوجن کي ٻيھر منظم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ھو، ڪيترا ئي ڀيرا شڪارپور تي حملي ڪرڻ جي اجازت گھري. انھيءَ زماني ۾ رنجيت سنگ پڻ ھڪ تجويز پيش ڪئي تھ امير ساڻس ھڪ عھدنامو ڪن، جنھن تي ڪمپني بھ صحيح ڪري. بھرحال ڪمپنيءَ اھڙي عھدنامي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڪمپنيءَ ھن جي اھا درخواست بھ رد ڪري ڇڏي، جنھن ۾ ھن سنڌو درياءَ جي ذريعي جنگي سامان آڻڻ لاءِ اجازت گھري ھئي ۽ ھڪڙي انگريز ڊاڪٽر جي خدمتن جي گھر ڪئي ھئي، جنھن کي رٿيل فوجي مھم سان گڏ وڃڻو ھو. (25)

نومبر 1839ع ۾ پاٽنجر سنڌ پھچي، اميرن سان ھڪدم ڳالھيون ٻولھيون شروع ڪيون. اميرن پنھنجي ملڪي سالميت جي ذميواريءَ لاءِ مطالبو ڪيو، پر امدادي فوج رکڻ يا پنھنجيءَ درٻار ۾ ھڪ ريزيڊنٽ جي مقرريءَ لاءِ، انگريزن جي گھر کي قبول ڪرڻ لاءِ ھو بلڪل تيار نھ ھئا. پاٽنجر ھنن کي ٻڌايو تھ جيڪڏھن اھي شرط قبول نھ ڪيا ويا تھ ڪمپني، سک فوجن کي روڪي نھ سگھندي. ٻيو تھ انھن شرطن کي قبول ڪرڻ جي حالت ۾ لاھور حڪومت سان سندن جھيڙي جي نبيري ۾ سندن امداد ڪئي ويندي. ڪئپٽن ويڊ جي ڪوشش جي ڪري جيتوڻيڪ رنجيت سنگ شڪارپور تي حملي ڪرڻ جو خيال لاھي ڇڏيو ھو ۽ مزارين جي علائقن تي قابض رھڻ تي راضي ٿي ويو ھو، پر سندس حملي جو خوف اڃان بھ اميرن جي درٻار ۾ موجود ھو. تنھن ڪري طويل ڳالھين ٻولھين کان پوءِ 20 اپريل تي ھنن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان ھڪ عھدنامي تي صحيحون ڪيون. ان مطابق حيدرآباد ۾ ھڪ انگريز ريزيڊنٽ مقرر ڪرڻ سان گڏ اميرن ۽ لاھور حڪومت جي وچ ۾ ٿيل رڳڙي کي ختم ڪرائڻ لاءِ انگريزن پنھنجي اثر رسوخ استعمال ڪرڻ لاءِ آمادگي ڏيکاري. انگريزن جي دخل اندازيءَ جي ڪري رنجيت سنگ، شڪارپور بابت پنھنجن منصوبن تي وري مايوس ٿي ويو ۽ جيتوڻيڪ ھن پنھنجون فوجون واپس گھرائي ورتيون ۽ شڪارپور لاءِ پنھنجن مطالبن ۾ نرمي ڏيکاري، پر ھن انھيءَ سوال کي ڇڏي نھ ڏنو ۽ بعد ۾ جڏھن بھ انگريز عملدارن سان ملاقات ٿيندي ھئي، تڏھن ھو ان سوال کي ضرور اٿاريندو ھو.

اميرن سان عھدنامي ٿيڻ کان ھڪدم پوءِ، انگريزن فيصلو ڪيو تھ قابل جي تخت تي شاه شجاع الملڪ کي ويھارڻ لاءِ ھڪ مھم رواني ڪئي وڃي. انھيءَ لاءِ انگريزن پنھنجا ايلچي لاھور ۽ سنڌ روانا ڪيا، جيئن اتي جي حاڪمن کي انھيءَ مھم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آماده ڪن ۽ انگريزي فوجن کي سنڌ مان لنگھڻ جي اجازت ڏين. رنجيت سنگ وري شڪارپور لاءِ پنھنجي پراڻي دعويٰ ورجائي ۽ وري 1809ع واري عھدنامي ۽ انھيءَ خاطريءَ جو حوالو ڏنو، جيڪا روپار ۾ وليم بينٽنڪ ھن کي ڏني ھئي. ”عمدة التواريخ“ ۽ ”روزنامچھ فقير عزيز الدين“ مطابق، ھن پنھنجي وڪيل لالا ڪشنچند جا اھي خط بھ ڏيکاريا، جن ۾ ھن لکيو ھو تھ 1835ع ۾ سک فوجن جي پيشقدميءَ وقت جڏھن اميرن، ميجر ھونگ برجر سان رابطو رکيو تھ ھن کي ٻڌايو ھو تھ انھيءَ معاملي ۾ انگريز دخل اندازي نھ ٿا ڪري سگھن. (26) انھيءَ ھوندي بھ انگريز ايلچي، پنھنجيءَ حڪومت سان سندس دوستاڻا تعلقات ھجڻ جي ڪري، ھن کي ان لاءِ آماده ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا تھ شڪارپور لاءِ پنھنجي دعويٰ تان ھٿ کڻي ۽ اميرن سان پنھنجن رڳڙن جي نبيري جو ڪم انگريز عملدارن جي ثالثيءَ تي ڇڏي. انھيءَ جي عيوض ۽ تجويز ڪيل مھم ۾ شرڪت جي ڪري کيس انھن 25 لک رپين مان 15 لک رپيا ملڻا ھئا، جيڪي شاه شجاع الملڪ جي طرفان ڏن جي رقم طور اميرن تي بقايا ھئا. انھيءَ تي اميرن سخت احتجاج ڪيو ۽ پنھنجن اختلافن جي نبيري لاءِ رنجيت سنگ سان بھ رابطو رکيو. رنجيت سنگ ھنن کان ٿورن گھوڙن جي ۽ نالي ماتر ڏن جي گھر ڪئي، پر سندن ڳالھين مان ڪي بھ خاطر خواه نتيجا نھ نڪتا. انھيءَ ڊپ کان تھ متان رنجيت سنگ وري سازشون ڪري ۽ شاه شجاع الملڪ سندن علائقن تي دعويٰ ڪري، آخرڪار اميرن لاچار ٿي انگريزن جا مطالبا منظور ڪيا. انھيءَ ٺاه سندن تقدير کي بدلائي ڇڏيو ۽ 1843ع ۾ سندن غلاميءَ لاءِ راه ھموار ڪري ڇڏي.

سنڌ جي اميرن سان رنجيت سنگ جا لاڳاپا، پنھنجي خصوصيت جي لحاظ کان نھ پر ان ڪري اھم آھن، جو انھن جي ڪري اميرن جي ملڪي سالميت تي خراب اثر پيا.

جيتوڻيڪ ھنن جي حڪومت متحد نھ ھئي، يا وٽن ڪو مضبوط دفاعي سرشتو نھ ھو(27) ۽ ھنن ۾ ھڪ ٻئي سان وڏيون بدگمانيون، حسد ۽ دشمني ھئي. (28) انھيءَ ھوندي بھ 1831ع تائين پنھنجي ملڪ ۾ پير پختا ڪرڻ لاءِ انگريزن جي سازشن جو ھنن ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو. ڏن جي رقم جي ادائگيءَ ۾ شڪارپور تان دستبرداريءَ لاءِ رنجيت سنگ جي اصرار ھنن جي حيثيت کي سخت نقصان پھچايو ۽ کين انگريزن جي حفاظت ۾ وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو. انگريزن پنھنجي تجارتي رعايتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ھنن جي تڪليفن مان پوريءَ طرح فائدو ورتو ۽ آھستي آھستي ھنن کي پنھنجي سياسي قبضي ۾ آندو. ليفٽيننٽ برنس جي مھم فقط تڏھن ممڪن ٿي سگھي ھئي، جڏھن رنجيت سنگ اميرن کي مجبور ڪيو ھو تھ ھن کي سنڌو درياءَ مان لنگھڻ جي اجازت ڏني وڃي. بعد ۾ ھن جي ڌمڪين ۽ سنھ 36-1835ع ۾ ھن جي فوجي پيشقدميءَ جي ڪري، انگريزن کي اميرن کان اھم رعايتن حاصل ڪرڻ ۽ آخرڪار سندن ملڪ تي قبضي ڪرڻ جو وجھھ ملي ويو. رنجيت سنگ پاڻ تھ شڪارپور تي قبضي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو، پر ھن يقينًا اميرن جي حيثيت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ سنھ1843ع ۾ انگريزن طرفان، ھن جي ملڪ کي محڪوم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھن ھڪ اھم پر اڻ سڌو ڪردار ادا ڪيو. (29)

حوالا ۽ سمجھاڻيون

(1)     آر.آر.سيٺي ”دي مائيٽي اينڊ شروڊ مھاراجا“ دھلي 1960ع، ص118-120.

(2)    آر.اي.ھٽن بيڪ ”برٽس رليشنس وٿ سنڌ 1799-1843ع) برڪلي 1962ع، ص4، 9.

(3)    اين.ڪي.سنھا ”رنجيت سنگ“ ڪلڪتو 1933ع، ص195.

(4)    ايڇ.پرنسيپ ”اوريجن آف دي سک پاور اِن پنجاب“ ڪلڪتو 1834ع، ص140.

(5)    آر.آر.سيٺي ايضًا ص121

(6)    جي.ڊي.ڪننگھام ”اي ھسٽري آف دي سکس“ دھلي 1955ع، ص164.

(7)    پي.اين.کيرا ”برٽش پاليسي ٽو ورڊس سنڌ اپ ٽو دي اينڪسيشن 1843“ لاھور 1921ع ص8.

(8)    ايڇ.پاٽنجر ”ٽريلوس ان بلوچستان اينڊ سنڌ“ لنڊن، 1816ع ص399.

(9)    پي.اين.کيرا، ايضًا ص8

(10)         آر.اي.ھٽن بيڪ، ايضًا ص1، 3، 6 ۽ 11.

(11) ايڇ.پاٽنجر، ايضًا ص380

(12)         آر.اي.ھٽن بيڪ، ايضًا ص19-20

(13)         اين.ڪي.سنھا ايضًا ص116.

(14)         ايڇ.ايل.او.گراٽ (ايڊيٽر) ”دي پنجاب اي ھنڊريڊ ايئرس اگو“ لاھور، پارٽ1، سيڪشن پھريون.

(15)پي.اين.کيرا، ايضًا ص14

(16)         ايضًا ص2

(17)         ايضًا ص11

(18)         وي.ايس.سُوري (مترجم) ”عمدة التواريخ“ دفتر3 ڀاڱا 1-5، دھلي 1961ع، ص61-460. فقير عزيز الدين ”روزنامچھ عھدِ مھاراجا رنجيت سنگ“ (محفوظ لاھور ميوزيم) ص1332-1358.

(19)         بي.سي.ھوگل، ”ٽريولس اِن ڪشمير اينڊ پنجاب“ 1845ع، ص390.

(20)        پي.اين.کيرا، ايضًا ص16-17

(21)         ايضًا ص21

(22)        ايضًا ص22

(23)        ايضًا ص21

(24)        آر.اي.ھٽن بيڪ، ايضًا ص30

(25)         ايضًا ص36

(26)        آر.آر.سيٺي، ايضًا ص137

(27)        وي.ايس.سوري (مترجم) ايضًا ص60+461ع، عزيز الدين ايضًا ص1334+1358

(28)        جي. برنس ”اي نيريٽو آف اي وزٽ ٽو دي ڪورٽ آف سنڌ“ ايڊنبرو 1831، ص115-123.

(29)        غلام حيدر ”تاريخ انقلاباتِ سنڌ“ لاھور، 1951ع، ص45، جي. برنس، ايضًا ص63-64، 71-73-90-91.

(ترجمو: مراد علي مرزا)

 

 

سنڌ ۾ مسلمانن جي سياسي تنظيم

1843ع-1947ع

ڊاڪٽر حميده کھڙو

 

ھن مقالي ۾ ڪوشش ڪئي وئي آھي تھ سنڌ اندر سموري انگريزي دور ۾ مسلمانن جي جيڪا سياسي تنظيم ۽ حڪمت عملي رھي آھي، ان جي پوريءَ طرح چڪاس ورتي وڃي ۽ خاص ڪري اوڻيھين ۽ ويھين صديءَ دوران سنڌ ۾ جديد سياسي تنظيمن ۽ مضبوط سياسي گروهن جي اوسر جو مطالعو ڪيو وڃي. انھيءَ مختصر عرصي ۾ مسلمانن جيڪا سياسي ترقي ڪئي ھئي، انھيءَ کي چڱيءَ ريت سمجھڻ ۽ ان جي تڪ تور ڪرڻ لاءِ ضروري آھي تھ انگريزن جنھن وقت سنڌ فتح ڪئي ھئي، ان وقت جي سماجي ۽ سياسي پس منظر جو مختصر خاڪو پيش ڪجي.

سر چارلس نپيئر، مياڻيءَ (17 فيبروري 1843ع) ۾ ۽ دَٻي (26 مارچ 1843ع) ۾ ٽالپرن کي شڪست ڏني ۽ آگسٽ 1843ع ۾ انگريزي حڪومت ۾ سنڌ جي شامل ٿيڻ جو باقاعدي اعلان ٿيو. انگريزن جنھن ملڪ کي فتح ڪيو ھو، اھو گھڻو ڪري قبائلي ۽ ڪرت جي لحاظ سان تقريبًا سمورو زرعي ۽ دھقاني ھو. سڄي ملڪ ۾ ٻھ ٽي شھري مرڪز ھئا؛ جھڙوڪ: حيدرآباد، جيڪو دارالحڪومت ھوندو ھو ۽ شڪارپور، جيڪو ايشيا جو واپاري مرڪز ھوندو ھو. انھن شھرن ۾ اڪثريت انھن شاھوڪار ھندو واپارين جي ھوندي ھئي، جيڪي ذات جا ’ڀائيبند‘ ھوندا ھئا ۽ انھن سرڪاري ملازمن جي، جيڪي ھندو ’عامل‘ سڏبا ھئا.

حيدرآباد ۾ جيڪي مسلمان رھندا ھئا، اُھي يا تھ درٻاري امير ھوندا ھئا يا تھ وري ھنرمند ۽ ڪاريگر، جن درٻار جي سرپرستيءَ ۾ ترقي ڪئي ھئي. ڪراچيءَ جي ساحلي شھر، سيوھڻ جي تاريخي شھر، سکر، بکر ۽ روھڙيءَ کان سواءِ سنڌ جا ٻيا شھر، ننڍا واپاري شھر ھوندا ھئا، جن جي معيشت زرعي ھوندي ھئي. سياست درٻاري طبقو ڄاڻندو ھو ۽ گھڻو ڪري اھا درٻاري سازشن تائين محدود ھوندي ھئي.

حقيقت ۾ فتح جي وقت ھندوستان وانگر سنڌ ۾ بھ ھڪ زرعي سماج ھو، جنھن ۾ خودمختار شھنشاه يا مڪاني حاڪم حڪومت ڪندا ھئا. ھندوستان وانگر ھت بھ وچين دور وارو سماج قائم ھو، جنھن ۾ جمھوري طريقي جي ڄاڻ ئي ڪانھ ھئي. انھيءَ ھوندي بھ سنڌ ۽ باقي ھندستان ۾ ھڪ اھم فرق ھو. ننڍي کنڊ ۾ سنڌ اڪيلو ملڪ ھو، جتي مسلمانن جي وڏي اڪثريت رھندي ھئي، سنڌ ۾ مسلمانن جي پنجھتر سيڪڙو آبادي ھئي، جڏھن تھ مسلم اڪثريت وارن صوبن جھڙوڪ پنجاب ۽ بنگال ۾ رڳو پنجاه سيڪڙي کان ٿوري وڌيڪ آبادي ھئي. انھيءَ کان سواءِ ٻي ذڪر جوڳي اھم ڳالھھ ھيءَ آھي تھ باقي ھندوستان جي ڀيٽ ۾، جتي قبائلي سرشتو گھڻو اڳ گھٽجي ويو ھو، سنڌ ۾ اڪثر ڪري قبائلي ۽ سرداري سماج وارو سرشتو قائم ھو.

سنڌ ۾ اچڻ سان ئي انگريزن ڪي تبديليون آنديون، جن جا جيتوڻيڪ تڪڙا، ڀوائتا ۽ ڇرڪائيندڙ نتيجا نھ نڪتا، پر اھي تبديليون ايتريون تھ پر فريب ھيون، جن جا اڳي ھلي تمام اُگرا نتيجا نڪتا. انھن ۾ اھم تبديليون ھيون؛ (الف) نوان مالي قانون لاڳو ڪرڻ (ب) نوان ديواني قانون لاڳو ڪرڻ ۽ (ج) حڪومت جون نيون تعليمي پاليسيون. انھن سڌارن جي ذريعي سنڌي معاشري جي حالت کي بدلائڻو ھو. شروعاتي سالن ۾ مالي قانون ڏاڍا غير يقيني ۽ غلط ھئا ۽ انھن جي سڌاري ۾ لاڳيتا چاليھھ سال لڳي ويا ھئا. انھن قانونن ڪاشتڪارن جي ھڪ وڏي طبقي کي تباه ڪري ڇڏيو ۽ ڳوٺاڻن کي وڏي پيماني تي قرضدار ڪري وڌو. اھڙيءَ ريت واڻين جا قرضدار، زميندار ۽ ھاري، ديواني قانون جو شڪار ٿي پوندا ھئا. جيئن تھ ملڪ ۾ ڪابھ قانون ساز مجلس موجود نھ ھئي؛ جيڪا ڪاشتڪارن ۽ ھارين جي حقن جي حفاظت ڪري سگھي، تنھن ڪري ھنن جي خلاف ديواني قانونن جي استعمال جي نتيجي ۾، وڏي پيماني تي زرعي زمين مسلمانن جي ھٿان نڪري، واڻين جي قبضي ۾ اچي وئي. جيتوڻيڪ اوڻيھين صديءَ جي آخر ۾ ۽ ويھين صديءَ ۾ اھڙو قانون ٺاھيو ويو ھو، تڏھن بھ ورھاڱي وقت 1947ع ۾ اھڙي زرعي زمين چاليھھ سيڪڙو ٿي وئي ھئي.

نئين تعليمي پاليسيءَ ھيٺ ملڪ ۾ نوان اسڪول کوليا ويا ۽ نئين قسم جو نصاب تيار ڪيو ويو. مسلمانن جو تعليمي سرشتو – جنھن مطابق ھيٺئين درجي تي ملا مڪتب ۽ مٿئين درجي تي مدرسا ھوندا ھئا – حڪومت کان مالي امداد نھ ملڻ جي ڪري ختم ٿي ويو. پراڻن اسڪولن جي جاءِ تي جيڪي نوان اسڪول کوليا ويا ھئا، اھي شھرن ۾ ھوندا ھئا، جن ۾ مالي، عدالتي ۽ ٻين کاتن جي دفترن ۽ ننڍين ملازمتن ڪرڻ لاءِ ٻارن کي پڙھايو ويندو ھو. اھڙيءَ طرح اھي نوان اسڪول ھڪ تھ مسلمانن جي اڪثريت جي پھچ کان ٻاھر ھئا، ٻيو تھ انھن ۾ اھڙي تعليم نھ ملندي ھئي، جنھن جا مسلمان عادي ھوندا ھئا. سرڪاري نوڪرين حاصل ڪرڻ جو وسيلو ھجڻ جي ڪري، انھن اسڪولن ۾ ھندو عامل پڙھڻ لڳا، جيڪي روايتي طرح پراڻي ايامڪاريءَ ۾ منشي ۽ ڪامورا ھوندا ھئا. انھن پاليسين سان گڏوگڏ مسلمانن کي ٻيو جيڪو نقصان پھچايو ويو، اھو ھيءُ تھ ٽالپورن جي ايامڪاري ۽ انھن کان اڳ واري دور جي قديم امير خاندانن جو ڌن دولت گھٽائي کين لاچار ۽ مجبور ڪيو ويو.

1857ع واري آزاديءَ جي جنگ ۾ سنڌ جا مسلمان، جيتوڻيڪ ھندن کان، جن کي انگريزن جي بدلي وٺڻ جو ڪوبھ تجربو ڪونھ ھو، اڳتي نڪري ويا ھئا. ان ھوندي بھ برطانوي انتظامي پاليسين جي ڪري ھو ڏاڍا مايوس ٿي پيا ۽ سنڌ ۾ انگريزي راڄ جي قائم ٿيڻ کان ٽيھن ورھين جي مدت ۾ ھنن پاڻ کي، ھندن ۽ ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ تعليمي، سياسي توڙي مالي لحاظ کان گھڻو پٺتي ۽ ڏتڙيل سمجھيو.

انھيءَ مختصر پس منظر جي روشنيءَ ۾ آءٌ سنڌ ۾ مسلمانن جي سياسي سجاڳيءَ جي اوسر ۽ نازڪ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي مسئلن تي بحث ڪنديس. عجيب حقيقت ھيءَ آھي تھ مغربي تعليم جي اھميت ۽ مسلمانن جي آزاديءَ لاءِ سياسي تنظيم جو احساس، سنڌ ۾ گھڻو اڳ شروع ٿي چڪو ھو. خاص ڪري جڏھن ان حقيقت جي خلاف چيو وڃي ٿو تھ سنڌ، برصغير جو تمام پٺتي پيل علائقو مشھور ھو. جڏھن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ھئي، تڏھن حسن علي آفندي ھڪ نوجوان ڇوڪر ھو. آخوند خاندان مان ھجڻ جي ڪري، جن جو ڌنڌو ئي تعليم ڏيڻ ھوندو ھو، ھن شروع کان ئي محسوس ڪيو تھ ترقي ڪرڻ لاءِ انگريزي زبان جو وسيلو تمام ضروري آھي. ھن پاڻ انگريزي ٻوليءَ جي تعليم ورتي ۽ سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي. بعد ۾ ھن پنھنجي قوم کي ترقي وٺائڻ جا ذريعا ڳولڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو.

سن 1880ع جي شروع ۾ ھن ڪلڪتي جي سيد امير علي جي قائم ڪيل نيشنل محمدن ايسوسيئيشن جي برانچ جو بنياد سنڌ ۾ وڌو ۽ پوءِ سن 1885ع ۾ ھن ’سنڌ مدرسھ بورڊ‘ قائم ڪيو.مسلمانن جي مالي حالت ۽ ان جي مسئلن جي پوريءَ طرح اشاعت جي نھ ھجڻ سبب، سنڌ مدرسو ڊگري ڪاليج ٿي نھ سگھيو. انھيءَ ھوندي بھ ھاءِ اسڪول جي حيثيت ۾ مدرسي تمام وڏي خدمت ڪئي. مدرسي جي چوڪنڊي عمارت ڏاڍي سنڀال، پيار ۽ پاٻوھ سان تعمير ڪئي وئي. ان جي اڏاوت جو نمونو نھ رڳو آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج جھڙين قديم مغربي درسگاھن جھڙو ھو، پر اسلامي طرز تعمير جو روح بھ ان مان ظاھر ھو، ڇاڪاڻ جو ان کي سنڌ ۾ عملي ۽ سياسي سرگرمين جو مرڪز ٿيڻو ھو. ان جي استادن پنھنجي ڌنڌي سان پاڻ ارپي ڇڏڻ جون روايتون قائم ڪيون ۽ مدرسي جي عملي ۾ سنڌ جون ڪيتريون ئي تاريخي شخصيتون شامل ھيون.

سنڌ جي مسلمانن جي سياسي تنظيم ۾، سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ھڪ اوائلي تجربو ھو. جيتوڻيڪ ان جي سياست انقلابي ھئي ۽ نھ قومي، پر گھڻي وقت تائين ايسوسيئيشن پوري مسلمان قوم جي مفادن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ آواز اٿاريو، پوءِ کڻي اھي زرعي مفاد ھجن يا نوڪرين ۾ پوري نمائندگيءَ جي گھر ھندوستان ۾ سياسي تنظيم جا اھي اوائلي تجربا معلوم ٿئي ٿو تھ پھرين حڪومت جي حق ۾ ھئا، پر ان کان الڳ پڻ ھئا. پر رفتي رفتي ۽ ھر قدم تي وفاداري جي احتجاجن سميت، انھن جي تنقيد سخت ٿيندي وئي. (1) انھيءَ تنظيم جا ارڪان گھڻو ڪري مسلمانن جي ھڪ ننڍڙي پڙھيل طبقي مان ھئا، يا اھي زميندار، جيڪي سياسي طرح سڄاڻ ۽ پنھنجن حقن مان باخبر ھئا. ’سنڌ محمدن ايسوسيئيشن‘ جا مقصد ھئا: ”نوڪرين جو ھڪ حصو مسلمانن لاءِ محفوظ ڪرڻ، نوڪريءَ ۾ تعليمي لياقت واسطي يونيورسٽيءَ جي تعليم تي گھٽ زور ڏيڻ، شرطن جي پابند نوڪرين جي لاءِ ھڪ ئي وقت امتحان نھ وٺڻ ۽ شرطن کان آجين نوڪرين لاءِ ڪي بھ مقابلي جا امتحان نھ ٿيڻ ۽ مسلمانن جي خاص تعليمي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ.“ ھميشھ جيان اھي سڀني پٺتي پيل گروهن جا لاڳيتا مطالبا ھوندا ھئا.

نظرياتي طور تي سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ھندن سان تعاون ڪرڻ جي خلاف نھ ھئي. ان جي منشور ۾ ’نيشنل محمدن ايسوسيئيشن‘ وانگر ھيءُ فقرو بھ ھو: ”مسلمانن جي ڀلائي جو ھندوستان جي ٻين قومن جي ڀلائيءَ سان گھرو تعلق آھي.“ حقيقت ۾ ايسوسيئيشن جي وجود ۾ اچڻ کان پھرين شھري تعليم يافتھ مسلمانن جو ھڪ وڏو حصو ’سنڌ سڀا‘ سان وابستھ ھو، جيڪا ھڪ سياسي جماعت ھوندي ھئي. ھندو ۽ مسلمان انھيءَ جماعت جا رڪن ھوندا ھئا، جيڪي اخبارن ۽ سياسي پليٽ فارمن تي ديسي ماڻھن جي خيالن ۽ تڪليفن بابت آواز اٿاريندا ھئا. جڏھن ’ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن‘ عمل ۾ آئي تھ ھندن کي ان ۾ اعزازي ميمبر ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي.

سنڌ جي سياست ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ھڪ تاريخي ڪردار ادا ڪيو ھو. اھا ايسوسيئيشن بمبئي پريزيڊنسي کان سنڌ جي جدا ٿيڻ ۽ سن1935ع ۾ خودمختاري ملڻ جي وقت تائين قائم ھئي. بمبئي کان علحدگيءَ جي جدوجھد ۾ انھيءَ ايسوسيئيشن اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ سن 1928ع ۾ سائمن ڪميشن جي اڳيان، مسلمانن جي ڀرپور نمائندگي ڪئي. سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جون سياسي تدبيرون نھايت مھذب ھونديون ھيون. ساڳيءَ ريت ’سنڌ ايجوڪيشنل ڪانفرنس‘ جي بھ اھا ئي حڪمت عملي ھئي، جيڪا ويھين صديءَ جي اوائلي ٽھ ڏھائي ۾ سرگرم عمل ھئي. سنڌ ايجوڪيشنل ڪانفرنس پڻ ھڪ غير سياسي تنظيم ھئي، جنھن جو اھم مقصد تعليم جي اشاعت ھئي، پر ساڳئي وقت ان ھڪ سياسي پليٽ فارم پڻ مھيا ڪيو ۽ پنھنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ وسيلو ثابت ٿي.

سن1908ع ۾ انگلينڊ کان واپس اچڻ کان پوءِ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سياست ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو، جنھن جي ڪري سنڌ جي سياست ۾ زبردست تبديليون آيون. ان کان اڳ سنڌ ۾ جنھن قسم جي سياست ھوندي ھئي، ان جي ڀيٽ ۾ ڀرڳڙيءَ جي سياست وڌيڪ ترقي يافتھ ۽ نظرياتي طرح وڌيڪ وسيع ھئي. ھن سان ڪيترا ئي ڪارڪن اچي مليا، جيڪي نظرياتي طرح بي غرض قوم پرست ۽ عوامي خدمت ۾ دلچسپي رکندڙ ھئا. اھي ھئا: جيرام داس دولترام، شيخ عبدالمجيد سنڌي، شيخ نور محمد ۽ وشنداس ھرچنداڻي سن1909ع ۾ مارلي منٽو اصلاحات جي اچڻ ڪري، ڀرڳڙي کي سنڌ جي مقصد کي وسيع پيماني تي اڳتي وڌائڻ جو وجھھ مليو. ڀرڳڙي ۽ وشنداس ھرچنداڻي ٻئي بمبئي ڪائونسل ۾ چونڊجي ويا، جتي ھنن مخالف ڌر جو ساٿ ڏنو. ڀرڳڙيءَ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جماعت جي ھڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت ۾ قوم پرست سياست ۾ حصو ورتو. ھو انھن ٿورن رھنمائن مان ھڪ ھو، جن مسٽر جناح سان گڏجي ٻنھي جماعتن کي ”لکنؤ پيڪٽ“ قبول ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ھو. سن1917ع جي سيشن ۾ ھن کي ڪانگريس جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. ھن سن 1920ع ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جي صدارت ڪئي ۽ سن 1923ع ۾ لکنؤ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ سيشن جي صدارت ڪئي. چونڊيل نمائندي جي حيثيت ۾ ڀرڳڙي، ڳوٺاڻن مسلمانن لاءِ تعليمي سھوليتون حاصل ڪرڻ ۽ آبادگارن کي ٽيڪس ۽ رسائيءَ جي سرشتي مان آجو ڪرڻ لاءِ سخت جدوجھد ڪئي. ھو ھميشھ نوڪر شاھيءَ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ھوندو ھو. مثال طور ھن ھڪ ڪاموري جي سخت مخالفت ڪئي، جيڪو خيرپور رياست جو وزير ھو ۽ جنھن سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي صدارت ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ھئي. ڀرڳڙيءَ ھندوستاني حڪومت جو انھيءَ بي قاعدگيءَ ڏانھن ڌيان ڇڪايو، جنھن مطابق ھڪ سرڪاري عملدار، ھڪ غير سرڪاري سياسي جماعت جي عھدي ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رھيو ھو. حقيقت ھيءَ آھي تھ ھن ھر ممڪن ڪوشش ڪئي تھ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي، ڪامورا شاھيءَ جي سختين کان نجات حاصل ڪري، ڳوٺاڻن ۾ سياسي سجاڳي اچي ۽ بي زبان عوام جي حقن جو اعتراف ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ انھيءَ ڏس ۾ کيس ڪا گھڻي ڪاميابي حاصل نھ ٿي، پر ھن سنڌ جي مسلمانن جي سياسي رويي ۾ ھڪ انقلاب آڻي ڇڏيو ۽ حڪومت جي حد کان وڌيڪ وفادار ۽ مخلص گروهن ۾ ڪٽر سياسي مخالف پيدا ڪيا.

ھن پوري ھندوستان ۾ مسلم ليگ، ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪ جي پليٽ فارمن تان، سنڌ جي لاءِ اعتراف حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. 1924ع ۾ سندس انتقال سبب جيڪو خلا پيدا ٿيو، ان کي ڪوبھ سياستدان ڪڏھن بھ ڀري نھ سگھندو، پر ان وقت کان وٺي سنڌ جي مسلمانن کلي طرح پنھنجن حقن حاصل ڪرڻ ۽ حڪومت جي جبر ۽ تشدد جا وکا پڌرا ڪرڻ کان ڪڏھن بھ خوف نھ کاڌو.

عوام کي سجاڳ ڪرڻ ۽ منجھن سياسي شعور پيدا ڪرڻ ۾ خلافت تحريڪ پڻ پاڻ موکيو. جيتوڻيڪ ان تحريڪ جا اثرات، مثال طور افغانستان ڏانھن ھجرت جا اثرات، ڪيترن ئي ماڻھن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيا، پر خلافت تحريڪ ماڻھن ۽ سامراج جي خلاف نفرت پيدا ڪئي ۽ قوم پرستن جي ھمت افزائي ڪئي. ان جي ڪري قوم پرستن جي تحريڪ ۾ ڪيترا ئي علماءُ پڻ شامل ٿيا. اھڙيءَ ريت سنڌ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي سرگرمين جو خاص مرڪز ٿي پئي، جنھن ’جھنڊي وارن پيرن‘ سان گڏجي، تحريڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، جن اڳتي ھلي ’ريشمي خطن واري تحريڪ‘ جي ڊرامائي صورت اختيار ڪئي. خلافت ھڪ تحريڪ ھئي ۽ تحريڪ جي صورت ۾ ئي ختم ٿي وئي ۽ ڪڏھن بھ جماعت ٿي نھ سگھي.

سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ ۽ خودمختار ٿيڻ کان اڳ محمدن ايسوسيئيشن کان سواءِ سنڌ جي مسلمانن جون ٻيون بھ ننڍيون پر اھم تنظيمون ھيون، جن مان ھڪ ’سنڌ صوبائي ڪانفرنس‘ ھوندي ھئي، جيڪا 1908ع ۾ قائم ڪئي وئي ھئي. انھيءَ جو مقصد ھو تھ سنڌ جي اھم مسئلن کي بحث ھيٺ آندو وڃي. حقيقت ۾ اھا انھيءَ ڪري عمل ۾ آندي وئي ھئي تھ جيئن پنھنجي نڪتھ نظر کي ’سنڌ محمدن ايسوسيئيشن‘ کان بھ وڌيڪ ”آزادانھ“ انداز ۾ پيش ڪري. جڏھن انھن ٻنھي تنظيمن صوبي جي علحده حيثيت بابت پنھنجو پنھنجو نڪتھ نظر ھندوستان لاءِ سيڪريٽري آف اسٽيٽ، سر ايڊون مانٽيگو جي اڳيان رکيو، جيڪو پھرين مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ، ھندوستان جي آئيني ضرورتن جو جائزو وٺڻ آيو ھو، تڏھن انھن تنظيمن جي پيروي جي اختلاف تي پنھنجي راءِ ڏيندي ھن لکيو: ”ڪانگريس – مسلم ليگ اسڪيم جي پاران آيل ’سنڌ صوبائي ڪانفرنس‘ جو خيال آھي تھ سنڌ ۾ ڪمشنر جو عھدو ختم ڪيو وڃي ۽ خاص صوبي ٺاھڻ جو ڪم ملتوي ڪيو وڃي. اھا تنظيم ھن وقت مالي حالتن جي ڪري ھڪ جدا صوبي جي گھر نھ ٿي ڪري، پر ’ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن‘ جيڪا وڌيڪ قدامت پسند آھي، چاھي ٿي تھ سنڌ کي جلد از جلد علحده ڪيو وڃي.“(2)

ٻي اھم ۽ اثرائتي تنظيم، جيڪا غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي سرپرستيءَ ھيٺ وجود ۾ آئي، اھا ھئي ’سنڌ زميندار ايسوسيئيشن‘. جيئن ان جي نالي مان ظاھر اھي، انھيءَ تنظيم جي رڪنيت آبادگارن تائين محدود ھئي. اھا پنھنجي قسم جي ھڪ تمام ڪامياب تنظيم ھئي، ڇاڪاڻ تھ ان ھڪ تمام ضروري گھر جو پورائو ڪيو. ان زمينداري راءِ کي تحريڪ ۾ آندو ۽ آبادگارن جي ڀلائيءَ جي مطالبن، جھڙوڪ ڍل بستيءَ جي نبيري ۽ زمين جي نيڪال وغيره جي مسئلن کي زور وٺايو. صوبائي تنظيم جي ڪاميابين جي ڪري، اھڙيون تنظيمون ضلعي جي سطح تي قائم ٿيون. 1936ع ۾ لاڙڪاڻي – ڏوڪريءَ جي زميندارن اھڙي تنظيم ٺاھي، جنھن جا ھيٺيان اغراض ومقاصد بيان ڪيا ويا ھئا:

(1)     ھن تنظيم جا بنيادي مقصد ھي ھوندا تھ ھن علائقي جي زميندارن جي اقتصادي حالت سڌاري وڃي ۽ سندن عام ڀلائيءَ لاءِ ڪوشش ڪجي.

(2)    ھن تنظيم جو مقصد ھيءُ بھ ھوندو تھ:

(الف) ھن حد ۾ زمين جي مالڪن جي تڪليفن، خاص ڪري ڍل ۽ ٻين محصولن جي مڙھجڻ خلاف آواز اٿاريو وڃي.

(ب) تنظيم جي ارڪانن کي جيڪڏھن پاڻي جي ڪمي جي تڪليف ھوندي يا سندن زمين تي پوريءَ ريت پاڻي نھ پھچندو تھ وقت بوقت پي.ڊبليو.ڊي وارن کي سندن تڪليفن کان آگاه ڪرڻ.

(ج) سودمند فصل اپائڻ ۽ بھترين قسمن جو ٻج حاصل ڪرڻ لاءِ زرعي کاتي کان مدد وٺڻ.

(3)    ھن تنظيم جو ڪم عام طرح ھيءُ بھ ھوندو تھ مختلف سرڪاري کاتن ۾ رشوت کي ٻنجي ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪري ۽ خاص ڪري ”رسائي“ ۽ ”لاپي“ جي مشهور لعنتن کي ختم ڪرائڻ لاءِ طريقا ۽ وسيلا ڳولي، جيڪا روينيو ۽ پي.ڊبليو.ڊي کاتن جي ننڍن ملازمن ۾ پکڙيل آھي.

انھن مقصدن کي نظر ۾ رکندي ھيءَ تنظيم پنھنجي عھديدارن جي ذريعي رشوت جي انھيءَ لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ بالا اختياري وارن سان پورو پورو تعاون ڪندي.

اھڙي ريت ويھين صديءَ ۾ سنڌ جي مسلمانن جي مختلف طبقن ۾ سياسي سرگرمي زور شور سان شروع ٿي وئي ھئي. ضلعي جي سطح تي زميندارن جون تنظيمون ھيون ۽ صوبي جي سطح تي سنڌ زميندار ايسوسيئيشن، سنڌ محمدن ايسوسيئيشن، سنڌ پراونشل ڪائونسل ۽ سنڌ ايجوڪيشنل ڪانفرنس جھڙيون تمام اھم تنظيمون موجود ھيون، جن ۾ مسلمانن جي وڏي اڪثريت ھئي، جيڪي سندن نڪتھ نظر جي وڪالت ڪنديون رھنديون ھيون. ساڳئي وقت بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل، جيڪا مانٽيگو چيلمسفورڊ اصلاحات ھيٺ وجود ۾ آئي ھئي، ان ۾ بھ سنڌ جي چونڊيل عيوضين پنھنجو ھڪ اثرائتو گروه ٺاھيو.

اھا ھڪ مشھور حقيقت ھئي تھ ھندو قوم پرست گروه جي ڪاوڙ جو سبب پڻ ڪن رعايتن جي بدلي ۾ سنڌ جي مسلم گروه، حڪومت جو ساٿ ڏنو ھو. حيرت جي ڳالھھ آھي تھ سنڌ جي مسلمان ارڪان جو ڪي قدر اھو بدخواھي وارو فيصلو، ھڪ عملي ۽ حقيقي فيصلو ھو. جيئن تھ ھندو قوم پرستن کي ووٽ ڏيڻ ۾ ھميشھ سندن ڀلائي نھ ھوندي ھئي، تنھن ڪري مسلمانن ضرورت جو فائدو وٺي، نھايت قابليت سان پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا ھئا. ٻيءَ صورت ۾ ھڪ ننڍي ۽ غير اھم گروه جي حيثيت ۾ ھو ان لائق ھئا تھ ھڪ اثرائتي گروه جي تدبيرن کي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪري، صورتحال مان پورو پورو فائدو وٺن.

سنڌي مسلمان آزاديءَ جي جدوجھد کان اڳ جيڪا تمام اھم ۽ زبردست جنگ جوٽي ھئي، جنھن ۾ سمورو بار مٿن ھو ۽ جنھن ۾ سندن ھمت، تنظيمي قابليت، مقصد لاءِ پختگي ۽ مناظري جي فن جو امتحان ھو، اھا ھئي سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان جدا ڪرڻ جي جنگ.

1847ع ۾ سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي ۾ ضم ٿيڻ واري وقت کان وٺي، سڄاڻ سنڌين کي ھيءُ مسئلو پريشان ڪندو رھيو تھ سنڌ، بمبئي پريزيڊنسي جو ھڪ ڏورانھون ۽ ڏتڙيل حصو آھي. جن ماڻھن کي سنڌ جا مفاد عزيز ھوندا ھئا، اھي وقت بوقت بمبئي سان اتحاد کي ننديندا ھئا. سنڌ جي ڪمشنر فريئر(2) (53-1847ع) بھ انھيءَ انتظام جي خلاف آواز اٿاريو ھو، پر علحده صوبائي حيثيت جي مطالبي کي ڪڏھن بھ سٺو نھ سمجھيو ويو ۽ ساڳي حالت کي برقرار رکيو ويو. قدرتي ڳالھھ اھا آھي تھ جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن مفاد پرست وڌندا ويا ۽ علحدگيءَ جو مسئلو وڌيڪ مشڪل ٿي پيو. اھڙيءَ ريت اوڻيھين صديءَ جي آخر ۾ بمبئي سرڪار جي آخري راءِ ھيءَ ھئي تھ سنڌ کي بمبئي صوبي ۾ ئي رکيو وڃي.

بمبئي صوبي جي طرفان سنڌ ۾ ڪمشنر راڄ ڪندو ھو، جنھن تي ڪنھن بھ قسم جون پابنديون ڪين ھونديون ھيون. وڏا ڪامورا ۽ گورنر سياري جي مند ۾ گشت تي ايندا ھئا ۽ ڏھن ڏينھن تائين شڪار ڪري بمبئي موٽي ويندا ھئا. ظاھر آھي تھ اھڙي وندر واري ھنڌ کي ھنن ھٿان ڇڏڻ نٿي گھريو. سنڌ ۾ ڪامورا شاھي جي انھيءَ برتريءَ جي خلاف ھندن ۽ مسلمانن جي راءِ سخت خراب ھئي. ڀرڳڙي ۽ سندس گروه سخت ڪوشش ڪئي تھ سنڌ جي حيثيت کي بدلايو وڃي؛ يعني ان کي ڪمشنر جي اسپيشل چارج مان ڪڍي، صوبي جي ٻين ڊويزنن جھڙو درجو ڏنو وڃي. انھيءَ ھوندي بھ سرڪاري راءِ وڌيڪ وزنائتي ھئي ۽ آخرڪار ڀرڳڙي پنھنجي گروه جي ھندن سميت ھن نتيجي تي پھتو تھ علحدگي ۽ مڪمل صوبائي حيثيت ئي ان جو حل آھي. انھيءَ وقت کان اھا سنڌ جي ھڪ سياسي تحريڪ ٿي پئي.

خلافت تحريڪ جي خاتمي کان پوءِ فرقيوارانھ سياست جي شروعات جو نتيجو ھي ٿيو تھ علحدگي جي مطالبي تان ھندن ھٿ کڻي ڇڏيو. ڇاڪاڻ تھ ھندن کي جيڪا بمبئي پريزيڊنسي ۾ اڪثريت واري قوم ھئي، خوف ھو تھ انھيءَ ڪري سنڌ ۾ سندن ٿورائي ٿي ويندي ان کان اڳ ھنن جي مخالفت ۾ خلوص ۽ بي ڊپائي ھئي. تنھن ڪري علحدگيءَ جي تحريڪ کي جنھن مخالفت سان مقابلو ڪرڻو ھو، اھا مالي توڙي ذھني طور نھايت مضبوط ھئي. اھڙي قسم جي مخالفت جي روشنيءَ ۾ جڏھن سنڌ جي مسلمانن جي ڪاميابيءَ کي ڏٺو وڃي تھ سندن تعريف ڪرڻ کان سواءِ رھي نھ ٿو سگھجي.

1919ع ۾ جيڪي مانٽيگو چيلمسفورڊ اصطلاحات آندا ھئا، انھن جو جائزو وٺڻ لاءِ 1928ع ۾ سائمن ڪميشن ھندوستان ۾ آئي. ڪميشن کي ھندوستان ۾ آئيني صورتحال جي پوري تحقيقات ڪري ضروري اصلاحات جي سفارش ڪرڻي ھئي. ڪميشن جي اڳيان پنھنجو معاملو بيان ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مسلمانن پاڻ کي پوري طرح تيار ڪيو. انھيءَ تياريءَ ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن تمام نمايان حصو ورتو. ايسوسيئيشن جي ان وقت جي صدر سر شاھنواز ڀٽي جي ڪميشن ۾ شامل ٿيڻ ڪري، انھيءَ سموري معاملي جي تياري ۽ پيش ڪرڻ جو ڪم ايسوسيئيشن جي نائب صدر محمد ايوب کھڙو ۽ انھيءَ تنظيم جي بنياد رکندڙ ۽ سيڪريٽري ولي محمد آفندي جي حوالي ڪيو ويو. ان معاملي جي تياريءَ ۽ ان جي پس منظر تي نھايت خبرداريءَ سان ڪم ڪيو ويو.

سڀ کان پھرين سنڌ کان ٻاھر رھندڙ مسلمانن جي حمايت حاصل ڪرڻي ھئي. بمبئي جا مسلمان ھميشھ کان سنڌ جي مسلمانن کي قوت جو ذريعو سمجھندا ھئا. کين ٻڌايو ويو تھ جيتوڻيڪ علحدگيءَ جي ڪري پريزيڊنسي ۾ مسلمانن جو تعداد 14 سيڪڙو مان گھٽجي 9 سيڪڙو ٿيندو، پر ان جي ڪري مسلمانن جو ھڪ جدا صوبو قائم ٿيندو، جيڪو سدائين ھنن جي حمايت ڪرڻ لاءِ موجود ھوندو. ساڳيءَ ريت ڪل ھند جماعتن، جھڙوڪ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس ۽ مسلم ليگ جي حمايت بھ حاصل ڪئي ويئي. نھرو رپورٽ ۾ پڻ قبول ڪيو ويو ھو تھ سنڌ جو ھڪ جدا صوبو ٿيڻ گھرجي. ھندوستاني مسلمانن جي حمايت بھ ان ڪري حاصل ڪئي وئي ھئي، ڇاڪاڻ تھ مسلمانن جي اڪثريت واري ھڪ صوبي جي وجود ۾ اچڻ ڪري مسلمانن جي مقصد جي زبردست پٺڀرائي ٿيندي.

اھڙي طرح ڪل ھند تنظيمن جي حمايت سان سنڌ جي مسلمانن کي مخالفن تي جرح ڪرڻ لاءِ ھڪ تمام سٺو مقدمو تيار ڪرڻو ھو. بمبئي سرڪار جو اھم دليل ھي ھو تھ مالي طرح سنڌ ايتري جاندار ڪانھي، جو ھڪ خودمختار صوبائي حڪومت کي ھلائي سگھي ۽ ٻيو تھ اھا اھو قرض لاھي نھ سگھندي، جيڪو بمبئي سرڪار سکر ۾ لائيڊ بئراج جي اڏاوت لاءِ حڪومت ھند کان ورتو ھو. ھنن جي راءِ ھئي تھ اھو قرض فقط تڏھن لاھي سگھبو، جڏھن سنڌ بمبئي عملداري ۾ ھوندي. سنڌ جي نام نھاد مالي ڪمزوري تي علحدگي جي مخالفن کڻي ڳنڍ ٻڌي ۽ ان جي آڌار تي مخالف ڌر جي عيوضي پروفيسر ڇٻلاڻي ھڪ وڏي رڪاوٽ کڙي ڪئي. حقيقت ۾ ماليات جو سمورو سوال ڏاڍو تڪراري ھو ۽ بمبئي سرڪار جيڪي انگ اکر ڏنا ھئا، انھن جي بنياد تي ڪابھ صحيح راءِ قائم ڪري سگھڻ ممڪن نھ ھو. ڇاڪاڻ تھ بارٽل فريئر جي ڏينھن کان وٺي، بمبئي سرڪار جي پاليسي اھا پئي رھندي آئي تھ صوبي مان جيڪي حاصل ڪجي، انھيءَ کان گھٽ ان کي ڏنو وڃي. 1918ع ۾ سر ايڊون مانٽيگو ھندوستان ۾ اچڻ جي موقعي تي پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو تھ: ”اھا بيشڪ ھڪ حقيقت آھي تھ جيترو بمبئي، سنڌ کي ڏئي ٿي، انھيءَ کان گھڻا فنڊ سنڌ، بمبئي کي ڏئي ٿي.“ اھو ئي سبب آھي جو انھيءَ مالي دليل جي بنياد تي سائمن ڪميشن علحدگي جي مطالبي کي ريٽي ڇڏيو. ھن رڳو ھڪ رعايت ڏني، جو پنھنجي رپورٽ ۾ سنڌ جي رڪن سيد ميران محمد شاه جو ھڪ مدلل اختلافي نوٽ شامل ڪيو. انھيءَ ھوندي بھ سنڌ جي مسلمانن ان جھيڙي کي جاري رکڻ جو پڪو پھھ ڪيو ۽ ھڪ نئين جوش جذبي سان ڪم ڪيو، ان باري ۾ ڪيتريون ئي ڪانفرنسون گھرايون ويون ۽ صوبي ۾ توڙي ان کان ٻاھر عام راءِ کي ھموار ڪيو ويو. اھو ھڪ تمام مشڪل ڪم ھو، ڇاڪاڻ تھ کين نڪا اخبارن جي پٺ ڀرائي ھئي ۽ نھ وري وٽن ڪو گھڻو پئسو ھو. رائونڊٽيبل ڪانفرنس ۾ انھيءَ معاملي تي سخت زور ڏنو ويو، جتي ڪل ھند مسلم گروهن جي اڳواڻي سر آغا خان ڪري رھيو ھو ۽ گڏيل پارليماني ڪميٽي اڳيان خانبھادر محمد ايوب کھڙو، سنڌ جي مسلمانن طرفان شاھد طور پيش ٿيو. نيٺ انڊيا ائڪٽ 1935ع ھيٺ سنڌ کي علحده حيثيت ڏني وئي ۽ سنڌ جدا خودمختار صوبو قائم ٿيو.

نئين خودمختار حيثيت ۽ پارليماني طريقي ڪار جي ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ سنڌ ۾ سياست کي، سياسي جماعتن جي اصولن پٽاندر منظم ڪيو ويو. مسلمان پڻ اھم جماعتن ۾ شامل ٿيا. يونائٽيڊ پارٽي، جنھن جو پروگرام پنجاب جي يونينيسٽ پارٽي جھڙو ھو ۽ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي، جيڪا خالص مسلم جماعت ھئي، ڪي ھندو ڪانگريس پارٽي جا ميمبر ھوندا ھئا. پر ھڪ وڏو تعداد آزاد ميمبرن جو ھوندو ھو. جماعتي سياست جي تجربي ۽ پارليماني طريقي ڪار مان جلد ئي ظاھر ٿيو تھ اقتدار پرستي سنڌ جي مسلمان اڪثريت لاءِ ھڪ وڏي رڪاوٽ ھئي. قانون ساز اسيمبليءَ ۾ صوبي جي 75 سيڪڙو آبادي مان ھندن جي ڀيٽ ۾ مسلمانن جي نسبت گھٽجي 60 ۽ 40 وڃي بيٺي. نتيجي طور مفاد پرست سياستدانن انھيءَ صورتحال کي پنھنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. ھندن ۽ خاص ڪري ڪانگريسين وزارتن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ انتظاميھ کي تباه ڪرڻ لاءِ ھنن جو استعمال شروع ڪيو. بحيثيت ھڪ ڪمزور اقليت جي ھندن سنڌ ۾ پنھنجن ڪرتوتن لاءِ آل انڊيا ڪانگريس جي حمايت حاصل ڪئي ۽ پاڻ کي اھڙي طرح ڪل ھند جماعت جي حفاظت ۾ آندو. صوبي ۾ وزارتي استحڪام ۽ ھڪ موزون ترقي ڪندڙ حڪومت جي خلاف ڪانگريسين جون اھي سازشون ڏسي، مسلمان سياستدان پڻ اختلافي حمايت لاءِ ڪل ھند مسلم جماعت يعني مسلم ليگ ڏانھن ويا.

سن1938ع ۾ مسلم ليگ جو ڪراچي ۾ اجلاس ٿيو ۽ سنڌ جا سياستدان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. اھم حقيقت ھيءَ آھي تھ نھايت سنجيده ۽ نظرياتي سياستدانن ڪڏھن بھ ڪل ھند مسئلن کي گھڻي اھميت نھ ڏني. ھو بنيادي طرح پنھنجي صوبي جي مقصدن ۽ صوبي جي عوام جي حالت کي سڌارڻ لاءِ ڪم ڪري رھيا ھئا. ڪي ھندن جي خلاف جھيڙن ۾ رڌل ھئا، ڪن ڪامورا شاھي سان پئي ويڙھھ کاڌي ۽ ڪي اقتدار حاصل ڪرڻ جي پٺيان ھئا. پر اھي سڀ صوبي تائين محدود ھئا. اھڙيءَ ريت جي.ايم.سيد پنھنجي ڪتاب ”صوبي جي سياست“ (1936ع-1947ع) جي منڍ ۾ ئي لکيو آھي تھ:

”آءٌ اسيمبليءَ ۾ ھن مقصد سان آيو ھئس تھ ماڻھن جي حالت سڌاري وڃي ۽ صوبي جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪجي. ڏھن سالن جي انھيءَ عرصي ۾ اھو ئي منھنجو اھم مقصد رھيو ۽ جيڪڏھن آءٌ ڪنھن ڪل ھند جماعت، جھڙوڪ انڊين نيشنل ڪانگريس يا آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيس، تڏھن بھ منھنجو بنيادي مقصد ھميشھ صوبي جي ڀلائي رھيو آھي. منھنجي سياسي سرگرمين ۾ ڪڏھن بھ ڪل ھند آئيني سوالن جي ڪا خاص اھميت نھ رھي آھي.“(3)

ھي انھيءَ شخص جو تبصرو آھي، جيڪو سنڌ جي تمام اھم سياستدانن مان ھڪ آھي. جنھن جي شخصيت پوري ھندوستان ۾ نمايان ھئي، جيڪو آل انڊيا مسلم ليگ جي مجلس عاملھ جو ڪيترن سالن تائين رڪن رھيو ھو. جيتوڻيڪ مڪاني واقعات اڃا بھ مڪاني سياست مطابق حل ٿيندا ھئا ۽ ڪن حالتن ۾ مسلم ليگ يا ڪانگريس ھاءِ ڪمان کي انھن مڪاني طور فيصل ٿيل واقعن تي ماٺ ڪرڻي پئي ھئي، تڏھن بھ ڪل ھند جماعت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ جيئن ئي قدم کنيا ويا، سنڌ بلڪل بي خبريءَ ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ھندوستاني سياست جي وھڪري ۾ لڙھي ويئي ۽ 1947ع ۾ پاڪستان ۾ شامل ھئي.

حوالا ۽ سمجھاڻيون

(1)     اي.مانٽيگو، اين انڊين ڊائري ص151.

(2)    سر بارٽل فريئر، مشھور سامراجي گورنر ۽ سنڌ جو ڪمشنر (53-1847ع) بعد ۾ بمبئي جو گورنر ۽ انگريزي راڄ جي سؤ سالن جي عرصي ۾ سنڌ جو ھڪ بھترين منتظم ٿي رھيو.

(3)    جي.ايم.سيد ”نئين سنڌ لاءِ جھدوجد“ ص1، جي.ايم.سيد سياسي مفڪر ۽ اديب، 1946ع تائين سنڌ ۾ مسلم ليگ جو ھڪ سرڪردو رڪن، سنڌ ۾ مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت ۾ (43-1945ع)، ھن سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ ۾ 1943ع ۾ پاڪستان جي قرارداد پيش ڪئي. اھڙيءَ طرح اھا پھرين اسيمبلي ھئي، جنھن اھا قرارداد منظور ڪئي.

(ترجمو: مراد علي مرزا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org