سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ صدين کان

باب؛ --

صفحو ؛ 7

 

سنڌو لکيت جو اڀياس

اسڪو پارپولا

 

اڄ کان پورا ھڪ سؤ سال اڳ، 1875ع ۾ سر اليگزانڊر ڪننگھام ’ھڙپا‘ مان لڌل ھڪ ”عجيب وغريب چيز“ جي باري ۾ مضمون شايع ڪيو. اھا چيز دراصل سنڌو تھذيب جي اولين مھر ھئي، جا پنجاب جي آثار قديمھ ھڙپا مان ھٿ ڪئي ھئي، جتي ڪننگھام 1853ع ۽ 1856ع ۾ ويل ھو. ھن پنھنجي مضمون ۾ ڄاڻايو تھ ”ڪتبو ڇھن مختلف نوعيت وارن اکرن ۾ اڪريل آھي، جن جي مون کي ڪا ڄاڻ نھ آھي؛ پر ھي خاطري سان چئي ٿو سگھجي تھ اھي ڪنھن بھ ھندستاني ٻوليءَ جا اکر نھ آھن، ڇاڪاڻ تھ جنھن ڍڳي جي تصوير اکرن سان گڏ اُڪريل آھي، ان جو ڪلھو اڀريل نھ آھي. ان ڪري آءٌ ھن نتيجي تي پھتو آھيان تھ اھا مھر ھندستان سان نھ، بلڪ ڪنھن ٻئي غير ملڪ سان تعلق رکي ٿي.“ ٻن سالن پڄاڻان 1877ع ۾ ھن پنھنجي اڳ ڄاڻايل خيال تي نظر ثاني ڪئي ۽ دردست مھر تي اُڪريل اکرن جي پڙھڻي پڻ پيش ڪئي، جا سندس راءِ مطابق ”لا – ڇ – م – يا“ ھئي. ان سلسلي ۾ ھيءَ راءِ قائم ڪيائين تھ مھر جي لکڻيءَ جو تعلق اھڙي ڪنھن قديم ھندستاني ٻوليءَ سان ھو، جا اڄ ڪلھھ مروج نھ آھي ۽ ان زماني سان واسطو رکندڙ ھئي، جيڪو ”ٻڌ“ جي لڳ ڀڳ ھو. سن 1884ع ڌاري ھڪڙي ٻي مھر پڻ ڳولي ڪڍي ويئي، جنھن تي ساڳي نوعيت جا پنج اکر اڪريل ھئا، ليڪن اکرن سان گڏ ڪنھن بھ ڍڳي جي شڪل اُڪريل نھ ھئي. مذڪور مھر، جي ھاروي (J.Harvey) طرفان ھڙپا مان دريافت ڪئي ويئي ھئي ۽ ان بنسبت ھڪ مضمون، ايم. لانگورٿ (M.longworth) طرفان سن 1886ع ۾ شايع ڪيو ويو ھو. ھن صاحب 1912ع ڌاري ساڳي نوعيت واري ٽين مھر پڻ ھڙپا مان دريافت ڪئي، جيڪا ھن برطانوي عجائب گھر (British Museum) کي تحفي طور ڏني، جتي اڳ جون لڌل مھرون پڻ محفوظ ٿيل آھن. انھن ٽنھي مھرن جا تفصيل ۽ عڪس ساڳئي سال (1912ع) ۾ مسٽر جي.ايف.فليٽ (J.F.Fleet) طرفان شايع ڪرايا ويا ھئا.

ليڪن ھڙپا جي کنڊرن جي باقاعدي کوٽائيءَ جو سلسلو سر جان مارشل (Sir John Marshall) جي اصرار تي، ديا رام ساھنيءَ طرفان 1921ع ڌاري شروع ڪيو ويو. ابتدائي آزمائشي کوٽائي ۾ ئي ڪيتريون نيون مھرون دريافت ڪيون ويون، جنھن مان اھو صاف ظاھر ھو تھ اھي مھرون ڪنھن اھڙي نئين تھذيب سان تعلق رکندڙ ھيون، جيڪا ’موريا‘ گھراڻي واري زماني کي گھڻو پٺتي ڇڏي ٿي ويئي، حالانڪ موريا گھراڻي واري دور کي ھندوستان جي تاريخ ۾ نھايت ئي پراڻو ۽ قديم تصور ڪيو وڃي ٿو.

اھو بھ ھڪ عجيب اتفاق ھو جو ساڳئي وقت، سن 1922ع ڌاري، راءِ بھادر بئنرجي، سنڌ ۾ ’موھن جي دڙي‘ جي کوٽائي شروع ڪئي. آثار قديمھ جي ھن پراڻي کنڊر جي ڄاڻ ته ڪافي ايامن کان ھئي، ليڪن سمجھيو ائين ٿي ويو تھ ھن دڙي جو تعلق عيسوي سن جي شروعاتي دور سان آھي، ڇاڪاڻ تھ دڙي جا ڪنگرا، جيڪي ڍير مٿان ظاھر آھن، سي گوتم ٻڌ جي ٺل ۽ ٻڌ عبادت گاه جي نشاندھي ڪن ٿا؛ ۽ عمارت سازي ۾ جيڪي سرون ڪتب آنديون ويون ھيون، سي انھن سرن کان گھڻو مختلف نھ ھيون، جي ويجھڙائي واري دور جي دڙن مان مليون ھيون.

کوٽائيءَ دوران بئنرجي کي ڪجھھ تعداد ۾ مھرون مليون. ھن هڪدم سڃاتو تھ اھي ھڙپا مان دريافت ڪيل مھرن واري نوعيت جون ھيون. اھڙي کوجنا بعد سن 1931ع ۽ 1934ع ڌاري ’ھڙپا‘ ۽ ’موھن جي دڙي‘ جي وڏي پئماني تي کوٽائي شروع ڪرائي ويئي. کوٽائيءَ دوران جيڪا معلومات حاصل ڪئي ويئي، تنھن کي جامع صورت ۾ 1931ع، 1938ع ۽ 1940ع ۾ ستن جلدن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. انھن مضمونن ۾ تقريبًا اڍائي ھزار مھرن جا تفصيل، عڪس ۽ مختلف ٺپن تي آڳاٽي سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي مختلف اکر اڪريل ھئا، تن جو ذڪر ڪيو ويو. حقيقت ھيءَ آھي تھ انھن مھرن قديم سنڌو تھذيب جي کوجنا ۾ ھڪ اھم ۽ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آھي.

حالانڪ کوٽائي ۽ کوجنا ذريعي ھن وقت تائين آثار قديمھ جي اڍائي سؤ کن کنڊرن جو جائزو ورتو ويو آھي، تڏھن بھ موھن جي دڙي ۽ ھڙپا کان گھڻا ننڍا فقط ٽي شھر اھڙا ملي سگھيا آھن، جن ۾ مھرن ۽ ٻين ڪتبن جو مناسب انداز ھو. انھن مان ھڪ ’چنھون جو دڙو‘ آھي، جو مسٽر ارنيسٽ مئڪي سن 36-1935ع ۾ کوٽايو ھو ۽ کوٽائيءَ جي رپورٽ 1943ع ۾ شايع ڪئي وئي ھئي، جنھن ۾ اھو بھ ڄاڻايو ويو ھو تھ اسي (80) کن ڪتبا ملي سگھيا آھن. ٻيو ’لوٿل جو کنڊر‘ جيڪو گجرات ۾ آھي، تنھن جي کوٽائي ايس.آر.راءِ سن 61-1954ع ۾ ڪئي ھئي. کوٽائيءَ جي نتيجي ۾ ٻين چيزن سان گڏ ھن 71 کن مھرون پڻ ڳولي لڌيون، جن جي ھڪ پاسي تي (سٽ جي) نڙانڊين ۽ ڌاڳي جا نشان ۽ 12 اھڙيون مھرون پٺئين طرف ھڪجھڙي قسم جا نشان اڪريل ھئا. اھي سڀ نادر چيزون ھڪ سڙيل گدام جي ڍير مان دريافت ڪيون ويون. ھن وقت تائين سرسري طور ستر کن ڪتبن متعلق اڌو گابريون رپورٽون لکيون ويون آھن. آخري مڪمل رپورٽ ۽ ڪجھھ ڪتبن جي اشاعت اڃان رھيل آھي. ان رپورٽ جو تعلق انھن کوٽاين سان آھي، جيڪا بي.بي.لال ۽ بي.ڪي.ٿپر طرفان راجستان جي ’ڪالي بنگن‘ ايراضيءَ ۾ ڪيون ويون ھيون. ان ھنڌ تي 145 اھڙا ڪتبن وارا ٺپا پڻ مطالعي جي لحاظ کان موجود رکيا ويا آھن.

مٿي ڄاڻايل ٽنھي شھرن جي کنڊرن مان اٽڪل ٻھ سؤ کن مھرون مليون آھن. انھن جو تعداد سنڌو تھذيب جي جملي ڳولي لڌل مھرن ۽ ڪتبن جو سٺ سيڪڙو آھي. ان کان سواءِ پندرھن کن ٻين ننڍڙين ايراضين مان، جن جو تعلق ھڙپا تھذيب سان آھي، 34 کن ڪتبا مليا آھن، جيڪي جملي تعداد جو ھڪ سيڪڙو مس آھن. ازانسواءِ ڪيترا ٻيا اھڙا کنڊر پڻ ڏٺا ويا آھن، جيڪي نوان ھئڻ سان گڏ وڏي رقبي تي پکڙيل آھن، جن جي کوٽائي پڻ قدري شروع ڪئي وئي آھي. ان مان صاف ظاھر آھي تھ آڳاٽين مھرن ۽ ڪتبن جو ھن وقت تائين جيڪو تعداد گڏ ڪيو ويو آھي، تنھن ۾ رفتي رفتي اضافي ٿيڻ جو ڪافي امڪان آھي. خاص ڪري ’موھن جو دڙو‘ ھن ڏس ۾ انتھائي زرخيز ثابت ٿي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ تھ دڙي جي وڏين ايراضين کي بلڪل ھٿ نھ لاٿو ويو آھي. سن 1954ع ۾ جارج ڊيل طرفان جيڪا ھڪ مختصر ۽ معمولي کوٽائي ڪئي ويئي ھئي، ان جي نتيجي ۾ پڻ 22 کن ڪتبا برآمد ٿيا ھئا، جن متعلق رپورٽ ھاڻي زير طبع آھي.

آثار قديمھ جي وقت بوقت رپورٽن ۽ رسالن ۾ جيڪي فوٽوگراف شايع ڪيا ويا آھن، انھن کان علاوه فقط ھڪ ڪتاب موجود آھي، جنھن ۾ اصلي عبارتون شامل آھن. اھو ڪتاب 1929ع ۾ لکيو ويو، جڏھن جي.آر.ھنٽر طرفان سندس عالمانھ مقالو مڪمل ڪيو ويو، جيڪو ”ھڙپا ۽ موھن جي دڙي جي ٻولي ۽ سندس ٻين ٻولين جي لپين سان تعلق“ جي نالي سان مشھور آھي. ھن ڪتاب ۾، جيڪو پنج سال پوءِ 1934ع ۾ ڇپايو ويو، ھنٽر پنھنجا دستخط، جي ھن موھن جي دڙي ۽ ھڙپا جي ميوزم ۾ مارچ ۽ اپريل 1927ع دوران ڪيا ھئا، تن جا نقل پڻ شايع ٿيل آھن. ان وقت تائين فقط 800 کن ڪتبا ڳولي لڌا ويا ھئا. سنھ 1964ع ۾ جڏھن مون ۽ منھنجي دوستن، سنڌوءَ جي ڪتبن جو مطالعو شروع ڪيو، تڏھن اسان کي اھو پورو احساس ٿيو تھ ھن ڏس ۾ اھا اسان جي ابتدائي ڪشش ٿيندي تھ جو ڪجھھ مواد في الحال موجود آھي، اھو ھڪ ھنڌ گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنو وڃي، تھ جيئن اڳتي ھلي ھڪ قابل اعتبار فھرست جو ڪم ڏئي. ھن ڪم جي پورائي ۾ ڪافي رنڊڪون حائل ٿيون آھن. انھن ۾ ھڪ رڪاوٽ ھيءَ آھي تھ صحيح ۽ درست پڙھڻيءَ جي خاطري ڪرڻ لاءِ، جن شايع ٿيل فوٽن جي ضرورت آھي، اھي اڪثر اڻپورا آھن يا وري کٽل آھن.

اھڙي صورتحال ھئڻ ڪري اسين انھيءَ لاءِ مجبور ٿياسون تھ اسان وٽ جيڪي لکتون موجود آھن، تن کي انھن اصلي دستاويزن سان ڀيٽي خاطري ڪريون، جيڪي ھندوستان خواه پاڪستان جي عجائب گھرن ۾ رکيل ھئا. اختياريءَ وارن جي اجازت سان مون ھندوستان ۽ پاڪستان جي انھن جملي دستاويزن کي نظر مان ڪڍيو، جن جي مون کي ڄاڻ ۽ سڃاڻ ھئي. اھو قدم نھايت سودمند ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ  تھ نھ فقط بي يقينيءَ واري ڪيفيت ختم ٿي، پر اٽڪل پنج سؤ کن اھڙا دستاويز، جيڪي ھيل تائين گمناميءَ ۾ ھئا، سي نڪري نروار ٿيا. انھن مان اڪثريت اھڙن دستاويزن جي ھئي، جي موھن جي دڙي ۽ ھڙپا جي نگران عملدارن طرفان ڪيل محدود کوٽاين ۾ دريافت ڪيا ويا ھئا ۽ جن متعلق آثار قديمھ جي ’سروي آف انڊيا‘ وارين ساليانين رپورٽن ۾ مختصر خبر چار پڻ شايع ڪئي وئي ھئي. مون کي قوي اميد آھي تھ آءٌ ھاڻي انھن ھڪ ھزار کن دستاويزن جو آسانيءَ سان مطلعو ڪري ٿو سگھان، جن بنسبت 1971ع ڌاري فقط اھڙي بھ معلومات ڪانھ ھئي تھ اھي دستاويز ڪٿي موجود آھن؟ اھڙين سھولتن جو ميسر ھئڻ ڪري ھاڻي اھڙي تفصيلي فھرست تيار ڪري سگھجي ٿي، جا جلد شايع ڪئي ويندي. اھڙي فھرست ۾ دستخطي خواه ڪمپيوٽر جون ترتيب ڏنل ڪاپيون پڻ شامل ڪيون وينديون. ھيءَ تجويز پڻ خيال ۾ رکي ويئي آھي تھ اھڙي ڪتاب ۾ ڪجھھ وقت بعد اھڙا فوٽو شامل ڪيا ويا ويندا، جي سموري مواد جا نئين سر ورتل ھجن. رٿيل ڪتاب ’يونيسڪو‘ (Unesco) جي زير سرپرستي شايع ڪيو ويندو.

ھن وقت تائين مون انھن چاليھارو کن دستاويزن جو ذڪر نھ ڪيو آھي، جي سنڌو جي تھذيب سان نسبت رکن ٿا، جيڪي مشرق قريب کان مليل آھن. انھن مان ڪجھھ دستاويز تھ سنڌو تھذيب جي انھيءَ کوجنا کان ڪافي اڳ دريافت ڪيا ويا ھئا، جڏھن سر جان مارشل سڀ کان پھرين اھڙو اعلان 20 سيپٽمبر 1924ع تي لنڊن جي مشھور اخبار ”السٽريٽيڊ ويڪلي“ ۾ ڪيو ھو. انھن شين جي سڃاڻپ وقت ئي اھو محسوس ڪيو ٿي ويو تھ سندن ميسوپوٽيميا جي تھذيب سان ڪو واسطو نھ ھو، ڇاڪاڻ تھ اھي شيون زمين جي مٿاڇري واري سطح مان لڌيون ويون ھيون. مثال طور سنڌو جي ھڪ مھر، جا ڪش (Kish) مان ارنيسٽ مئڪي کوٽي ڪڍي ھئي، تنھن ذريعي سنڌو سڀيتا جي اوج واري زماني متعلق نھايت اھم خبرچار مھيا ٿي سگھي، جنھن جي بنياد تي ۽ ٻين اھم ڪسوٽين جي مدنظر ھي اندازو لڳايو ويو آھي تھ اھو زمانو 2500-1800 سال قبل مسيح جو آھي. ياد رھي تھ اھو ارنيسٽ مئڪي ساڳيو ئي آثار قديمھ جو ماھر آھي، جنھن بعد ۾ موھن جي دڙي ۽ چنھون جي دڙن ۾ کوٽايون ڪرايون ھيون.

مشرق قريب مان جي مھرون تلاش ڪيون ويون آھن، انھن ۾ گھڻائي اھڙين مھرن جي آھي، جي ھڙپا مان لڌل مھر کان گھڻو مختلف آھن؛ جڏھن تھ سندن گھاڙيٽو گولائيءَ ڏانھن مائل آھي ۽ ھڙپا واريون مھرون مستطيل شڪل جون آھن. مشرق قريب مان ڪجھھ انداز ھم چورس مھرن جو پڻ برآمد ٿيو آھي، جن لاءِ ماھرن جو ھي رايو آھي تھ اھي شايد ھڙپا کان خشڪيءَ ذريعي تجارتي رستن طفيل آنديون ويون ھجن. اھڙي قياس آرائي کي ھڪ مستطيل قسم جي مھر مان بھ تقويت ملي ٿي، جا 1971ع ڌاري سي.سي.لئمبرگ ۽ ڪارلوسڪي طرفان جنوبي ايران جي ايلمائيٽ آبادي تپھ يحييٰ ۾ ڳولي ڪڍي وئي ھئي. ميسوپوٽيميا ۾ جي گول مھرون (سنڌو تھذيب سان نسبت رکندڙ) لڌيون ويون آھن، انھن جھڙا ست عدد سئمپل مقامي طور ھڙپا مان لڌا ويا آھن. علاوه ان جي سميرين (Sumerian) مھرون گول شڪل جون ھرگز نھ آھن، حالانڪ سنڌو سان متعلق گول گھاڙيٽي واريون اڪثر مھرون جنوبي ميسوپوٽيميا کان آيل آھن. ان ڳجھارت جو ڪجھھ راز وڃي 1858ع ۾ ظاھر ٿيو، جڏھن گوفري ببي طرفان، بحرين ۽ فلاڪا جي ٻيٽن ۾ جي ڊين ماھرن کوٽائي ذريعي سوَن جي تعداد ۾ مھرون تلاش ڪيون ھيون، جن جا ڪجھھ نمونا شايع ڪيا. اھڙيون ”ايراني نار“ واريون مھرون، جن تي ڪي اکر اڪريل نھ آھن، پر بجاءِ اکرن جي مٿن ڪجھھ نشان يا چٽساليءَ جا نمونا ڇڏيل آھن ۽ ان سان گڏ مٿن گول ٽٻڪا، جيڪي ٻئي طرف کان ٽن جھڳٽن ۾ ورھايل آھن، نھايت نمايان طريقي اڪريل آھن، سي دراصل اُر (Ur) ۾ پڻ دريافت ڪيون ويون ھيون، جن متعلق سي.جي.گڊ، 1932ع ۾ بمع سنڌو تھذيب جي مھرن جي، جيڪي پڻ ساڳئي ھنڌان مليون ھيون، پنھنجو مضمون شايع ڪيو ھو. ليڪن انھن مھرن جي اصل حقيقت اڃان سوڌو صيغھ راز ۾ آھي.

برگس بچانن طرفان ھڪ ناياب ۽ قابل قدر ٺپو ڳولي ھٿ ڪيو ويو ھو، ان تي ھڪ اھڙي ساڳئي قسم جي مھر جو ڇاپو ھو، جنھن تي ميخي خط ۾ (Cuneform) اکر اڪريل ھئا ۽ مٿس 1923 ق.م جي تاريخ درج ٿيل ھئي. 62-1961ع ۾ ”ايراني نار“ واري قسم جي ھڪ مھر، گجرات جي ڦٽل شھر ”لوٿل“ مان ڳولي ھٿ ڪئي ويئي. کنڊرن جي کوٽائي ڪندي ھڪ مستطيل شڪل جي جڳھھ جا آثار پڻ ڏٺا ويا، جنھن جي پکيڙ 37-215 ميٽر آھي ۽ ان جڳھھ ۾ پاڻيءَ جي ذخيري ڪرڻ لاءِ مناسب انتظام پڻ ٿيل آھي. ان جڳھھ لاءِ ڄاڻايو وڃي ٿو تھ ڪا جھازن جي گودي آھي، حالانڪ اھو رايو يڪراءِ تسليم نھ ڪيو ويو آھي. اھڙين کوجنائن باعث انھن ڪالونين ڏانھن وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو، جي سامونڊي ڪنارن تي ھڙپا جي دور ۾ آباد ھيون ۽ سندن ھڙپا سان لاڳاپا ھئا. خاص طور ”ستڪاجن دڙو“ جيڪو مڪران جي ساحلي علائقي ۾ ڪراچيءَ کان 300 ڪلوميٽر مفاصلي تي آھي، جنھن جا ھڙپا سان تعلقات واري حقيقت، سر آريل اسٽين طرفان پڻ تسليم ڪئي ويئي آھي. ان اراضيءَ جي ويجھڙائيءَ ۽ جارج ايف.ڊيلس طرفان 1960ع ۾ ھڪ ٻيو قديم دڙو ڳولي ڪڍيو ويو، جنھن جي اھڃاڻن مان ھي ثبوت مليو تھ آڳاٽي زماني ۾ اھي ٻئي شھر سامونڊي بندر ھئا، حالانڪ سمنڊ جو ڪنارو انھن اراضين کان اڄ 45 کن ڪلوميٽر مفاصلي تي آھي. اھڙي ثابتي ملڻ بعد تھ ميسوپوٽيميا ۽ ھندوستان درميان باقاعدي سامونڊي تجارت، ايراني نار رستي ٻھ ھزار سال ق.م ھلندڙ ھئي، وري ھڪ دفعو اھو پراڻو مسئلو درپيش ٿي آيو تھ آيا آخر اُھي ڪھڙا ڌاريا ملڪ ھئا، جتي ٻھ ھزار سال ق.م جي ابتدا کان ٽي ھزار سال ق.م ميسوپوٽيميا سان سامونڊي تجارت ۾ شريڪ ھئا؟ ان مسئلي بابت ليو اوپنھئم پنھنجي ھڪ اھم مضمون ”اُر جا سامونڊي واپاري“ ۾ ڪافي بحث ڪيو آھي. ھي ساڳيو موقعو ھو جڏھن 1954ع ۾ ڊين ماھرن طرفان کوٽائيءَ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ھو. انھن کوٽاين باعث ھن سوال جو جواب بنان ڪنھن شڪ شبھي جي ميسر ٿي سگھيو آھي تھ ”دلمون“، جو ويجھڙائي واري اراضيءَ جو نالو آھي، اھو درصل بحرين ۽ فلاڪا آھن. ’ماڪن‘ لفظ جي تھ نوعيت مان ئي ظاھر آھي تھ اھو مڪران جو قديم نالو آھي، جيئن 1973ع ڌاري جان ھئنسمن باوزن دليل ڏيئي ثابت ڪري چڪو آھي. پر ھي بھ ممڪن آھي تھ اُن اراضيءَ ۾ عمان جو اپسمنڊ پڻ شامل ھجي، ڇاڪاڻ تھ ماڪن جو ٽامو، جنھن جو اوائلي دستاويزن ۾ ذڪر آيل آھي، تنھن جو اشارو عمان طرف آھي. ھتي اھو پڻ ڄاڻائڻ ضروري آھي تھ عمان ۾ کوٽائيءَ دوران ڊين ماھرن اھڙو ٺڪراٽو (ٺڪر جو سامان) ڳولي ھٿ ڪيو آھي، جنھن جو تعلق مڪران ساحل واري قلي تھذيب سان آھي، ميلوھا جو سياه ملڪ، جنھن جي جھازن متعلق عڪاد جي حاڪم سارگن، 24 صديون ق.م اھو فخر سان اعلان ڪيو ھو تھ اھي سندس گادي واري شھر جي ٻاھران واري بندر ۾ لنگر انداز ھئا، اھو ان اراضيءَ کان دور دراز مفاصلي تي آباد ھو. جيئن ڊبليو.ايف.ليمانس خاص طور پنھنجي کوجنائن ذريعي ان نتيجي تي پھتو آھي تھ ”ميلوھا کان جو تجارتي سامان ٻاھرين ملڪن طرف روانو ڪيو ويندو ھو، ان جي بھترين مشابھت ھڙپا ۽ ٻين ھندوستاني شھرن جي مال سان ڪري سگھجي ٿي.“ ان کان علاوه پڻ ٻين اَنيڪ راين جي مدنظر گمان غالب آھي تھ ميلوھا ئي سنڌو تھذيب ھئي.

ھڪ مضمون جيڪو سموپاپولا، رابرٽ.ايڇ.برونسوگ جونيئر ۽ مون (57) ترتيب ڏنو آھي، ۽ ترت شايع ڪيو ويندو، تنھن ۾ اسان ھي دستاويزي ثبوت پيش ڪيو آھي تھ لاگاس ۾ ڪافي ايامن کان يعني 21 صدي ق.م ڌاري ميلوھا جي ھڪ ڪالوني آباد ھئي. ان کان علاوه اھڙي دستاويز ۾ اسان کي ميلوھا جي رھاڪن جا شخصي نالا پڻ ڏسجڻ ۾ اچن ٿا؛ حالانڪ اھي سميرين جا نالا ھئڻ ڪري اسان جي نراسائي جو سبب بنجن ٿا، ليڪن ساڳئي وقت اھو مسئلو دلچسپيءَ کان بھ خالي نھ آھي؛ ڇاڪاڻ تھ ان مان ھي ثابت ٿئي ٿو تھ اھي ميلوھا جا باشندا سمير ۾ ايتري طويل عرصي کان رھائش اختيار ڪندا رھيا ھئا، جو سندن رھڻي ڪھڻي ۽ تھذيب پڻ سمير جي رھاڪن جھڙي ٿي ويل ھئي. انھيءَ صورتحال جي مدنظر اھو ھڪ لازمي امر ھو تھ سندن طرفان سميرين جون ٻيون مقامي روايتون پڻ نقل ڪيون وڃن. مثلاً اھڙين مھرن جو استعمال جيڪي ويلڻ يا نڙانڊي جي شڪل جيان ھيون. جيڪڏھن مشرق قريب ۽ ھڙپا، ٻنھي جي جملي دستاويزي مواد جي باريڪ بينيءَ سان مڪمل چڪاس ڪئي ويندي تھ اھي سميرين جا نالا ھن خيال تي  جي.آر.ھنٽر جي انھيءَ عالمانھ راءِ، جنھن جو اظھار سندس طرفان 1932ع ۾ ڪيو ويو ھو، پٺڀرائي ڪن ٿا تھ ”مشرق قريب ھڙپا جا نقش حالانڪ سنڌو لکيت ۾ اڪريل آھن، تڏھن بھ ھڪٻئي کان ايتريقدر مختلف آھن، جو محسوس ائين ٿو ٿئي تھ ڄڻ جدا جدا ٻولين ۾ لکيل آھن. مثال طور سنڌو لکيت جو ھڪ تصويري نشان جيڪو چوڏھن سؤ (1400) دفعا استعمال ڪيو ويو آھي ۽ ٻين اکرن جي مقابلي ۾ جملي ھٿ آيل نشانن جي ڏھ سيڪڙي برابر آھي، اھو اُر (ur) ۾ تلاش ڪيل مھرن ۾ فقط ھڪ گول مھر تي ڏٺو ويو آھي، جو پنھنجي ھمشڪل سان گڏ اڪريل آھي. گول مھرن تي اھڙي لاثاني نقش جا نمونا مشرق قريب جي انھن ھم چورس مھرن جي ڀيٽ ۾ عجيب محسوس ٿين ٿا، جن تي سنڌو ماٿريءَ جا بلڪل عام ۽ معمولي نمونا چٽيل آھن. علاوه ان جي انھن مھرن جي نقش جي ٻولي سميرين ڏسجڻ ۾ اچي ٿي. انھيءَ ڪري ٿي سگھي ٿو تھ اھي گول مھرون اڳتي ھلي شايد سنڌ لکيت جي ڳجھارت حل ڪرڻ ۾ وڏي آزمائش جو باعث ثابت ٿين.

”ائنٽي ڪئٽي“ جي ماه مارچ واري اشاعت ۾ رابرٽ ايڇ.برونسوگ ۽ منھنجي طرفان لکيل ھڪ مضمون شايع ڪيو ويندو، جنھن ۾ مشرق قريب کان مليل ڪن اھڙين عجيب وغريب نوعيت جي مھرن بابت بحث ٿيل ھوندو، جي سنڌو لکيت سان نسبت رکن ٿيون. انھن ۾ چار عدد اھي گول مھرون پڻ شامل آھن، جن تي سنڌو لکيت ۾ اکر اڪريل آھن ۽ جي بحرين ۽ فلاڪا ۾ ڊين ماھرن طرفان گذريل وقت ۾ ڪيل کوٽائيءَ دوران دريافت ڪيون ويون ھيون.

فلاڪا کان جيڪي مھرون دستياب ٿيون آھن، انھن مان ھڪ اھڙي مھر بھ آھي، جا مقامي طور ٺاھيل ٿي ڏسجي ۽ اھا اڌوگابري ٺھيل صورت ۾ آھي ۽ منجھس ڪي بھ سوراخ ڪيل نھ آھن. ساڳئي وقت انھيءَ ڪري پڻ اھا مھر ھڪ بي نظير ۽ لاثاني قسم جي تصور ڪئي وڃي ٿي، جو مٿس ھڪ طرف تھ عام نشان يعني ايراني نار جي حاڪم جو ٺپو ۽ گولائي ۾ ٽٻڪن جا نشان اڪريل آھن، جي وري ٽن سڌين ليڪن سان تقسيم ٿيل آھن ۽ پٺئين پاسي تي سنڌو لکيت سان گڏوگڏ ھڙپا جو ڍڳو ۽ وڇونءَ جو نشان اڪريل آھن. (اھڙي اھڃاڻ ۽ نشان جي معنيٰ ۽ مقصد ۽ ان سان گڏ جيڪي پير جا نشان اڪريل آھن، تن جي مفھوم سمجھڻ لاءِ مون جيڪا ڪوشش ورتي آھي، تنھن جو سربستو احوال منھنجي ھڪ مضمون ۾ درج ٿيل آھي. اھو مضمون ڊي.سي.سرڪار ڏانھن منسوب ڪيل ھڪ جلد ۾ شايع ڪرايو ويندو(50) ۽ ان مضمون سان گڏ، ايڊٿ پورڊا طرفان جيڪا قريب مشرق (58) جي مھرن سان ڀيٽا ڪئي ويئي آھي ۽ ان سلسلي جي سندس تاثرات آھن انھن جو ذڪر پڻ شامل آھي) شايد ميخي خط وارا ٺپا ان کان بھ زياده اھميت رکندڙ ثابت ٿين، جيڪي سنڌو لکيت واري گول مھر جي لڀڻ واري ھنڌ کان اڌ ميٽر مفاصلي تي دستياب ٿيا آھن ۽ اھڙي قسم جا ٽي عدد ٻيا ٺپا پڻ قلعھ البحرين جي کنڊر نمبر ايڇ سطح تي، ھيٺئين تھھ مان تلاش ڪيا ويا آھن. ساڳيءَ سطح تي ھڪ وڌيڪ گول شڪل واري سنڌو مھر، ايراني نار واريون مھرون ۽ ڇھھ وزن ڪرڻ جا وٽ، جيڪي ھڙپا قسم جا آھن، برآمد ڪيا ويا آھن. جنھن مھر تي حمورابي لکيت ۾ نالا اڪريل آھن، ان جي تاريخ بابل جي قديم زماني جي لڳ ڀڳ تخمينو ڪري سگھي ٿي، يا وري ويھين صدي قبل از مسيح سان تعلق رکي ٿي، ڇاڪاڻ تھ جوڙ جو جيڪو نشان (fa) مٿس اڪريل آھي، سو ان کان اڳ واري زماني ۾ استعمال ۾ نھ ھو.

ھن کان اڳ جيڪو اندازو لڳايو ويو آھي، سو اڃان بھ وڌيڪ قديم زماني سان تعلق رکي ٿو. لرستان کان دستياب ٿيل ھڪ دھري نما بينو، جنھن جي شڪل صليب نما آھي ۽ جنھن سان گول شڪل واري سنڌو مھر ۽ ٻي ايراني نار واري مھر پڻ گڏ لڌل آھي، اھا اڃان بھ وڌيڪ دلچسپ آھي. اھڙو مليل سامان ھڪ شخص محسن فاروقي جي خانگي ملڪيت آھي، جنھن پنھنجي ان نادر خزاني جون اُھي بي بھا چيزون فرانس جي پئرس شھر واري آرٽ گئلري لُوور (Louvre) کي تحفي طور بنا ڪنھن شرط شروط جي وقف ڪري ڏنيون آھن. ليڪن ساخت، نظريي ۽ مٿس جا شھباز جي انفرادي شڪل اڪريل آھي، تنھن جي مدنظر ھي بينو ان مھر جو ذري گھٽ ھوبھو نقل آھي، جا ھڙپا کان مليل ناياب چيزين مان ھڪ آھي، جنھن جو ھڙپا ۾ ھئڻ ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ھڪ گھر ۾ ڪو ڌاريو انسان وارو ڪري ويٺو ھجي.

اھا شڪل ترڪستان ۽ ايراني مٿاھين پٽ ۾ 4 ۽ 3 ھزار سال ق.م عام جام رواج ۾ ھئي، ليڪن ’شھباز‘ واري ٺپي جو ھوبھو نقل فقط ھڪ اھڙي اڪريل پيتيءَ تي ڏٺو ويو آھي، جيڪا تازو توپ يحييٰ (عرب) مان لڌي ويئي آھي ۽ جنھن جو تعلق 3000 کان 2500 ھزار سال ق.م سان آھي. ھڪ اٺڪنڊي مھر جا شڪل ۾ ھم چورس آھي ۽ جنھن جو ڪوبھ پس منظر نھ آھي، اھا عراق کان آئي آھي. اھڙين جملي سنڌوءَ وارين مھرن جي تفصيلي رپورٽ زير ترتيب آھي، ڇاڪاڻ جو اھڙي معلومات جي موجوده حالتن مطابق نقطھ نظر جي اشد ضرورت آھي.

”ھيءَ معلومات ملڻ دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو تھ ’ڪتبي‘ جي معنيٰ ۽ مطلب ڇا آھي.“ اھو سوال مسٽر لانگ ورٿ ڊيمس طرفان ھڙپا وارين مھرن جي سلسلي ۾ 1886ع ڌاري اٿاريو ويو ھو. انھن ڪتبن جي ٻولي سمجھڻ لاءِ ھن وقت تائين جيڪي ڪوششون ڪيون ويون آھن، تن جو فقط ذڪر ڪرڻ ئي نھايت طويل ٿيندو، يا وري اھو سمجھائڻ لاءِ تھ سنڌوءَ واري لکيت براھمي يا ايسٽر جزيره واري لکيت سان ڪھڙي سبب لاڳاپو نھ ٿي رکي، جيئن ڪن ماھرن جو خيال آھي. مون کي دراصل پاڻ کي ھڪ محدود انتخاب تائين پابند رکڻو آھي. ھن ڏس ۾ جا تازي تبديلي يا نئين صورتحال پيدا ٿي آھي، سا ھيءَ آھي تھ 1974ع ۾ شام جي آثار قديمھ جي ماھر جي.وي.ڪنيئر طرفان ھڪ مطالعي کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو، جنھن کي ”انڊو سميرين“ چيو وڃي ٿو. ھن سنڌو لکيت جي مختصر لِيڪن سان شروعات ڪئي، جيڪي ’الف‘ جيان اُڀا لکيا ٿي ويا ۽ جن لِيڪن کي الان، ايس.سي.راس 1938ع ۾ انگن جي حيثيت سان سڃاتو ٿي. ڪنيئر ولسن جو رايو ھي آھي تھ سنڌو لکيت جا ڪي نمونا وڏي انداز جي انگن سمان ڪتب آندا ويا آھن، سي بطور ڪيترين شين جي ماپ جي. ھن لکيت سمجھڻ جو طريقو ھي آھي تھ سنڌو لکيت جي نشانن کي ساڳي شڪل جي سميرين نشانن سان ڀيٽيو وڃي ۽ سنڌو لکيت جي مضمون وارن انگن جي ساڳئي نوعيت واري سميرين معيشت وارن مضمونن سان ڀيٽ ڪئي وڃي، جن ۾ انگ پڻ شامل آھن. بنيادي عنصر ھي آھي تھ ٻئي لکيتون ڪنھن قديمي زماني ۾ ھڪ ئي جڙ مان ڦٽي نڪتل آھن، انھيءَ ڪري اصليت ٻنھي لکيتن ۾ ھڪ جھڙي موجود ۽ محفوظ ٿيل آھي. انھن لفظن جي آواز تي مبني اُچار سميرين وارا ڏٺا ويا آھن.

جيستائين عنوان جو تعلق آھي تھ مسٽر ڪنيئر انھيءَ پراڻي بحث کي دھرايو ٿي، جو جان مارشل جي 1924ع واري اعلان بعد شروع ٿيو ھو. ھڪ ھفتي بعد لنڊن جي ”السٽريٽيڊ ويڪلي“ ۾ مسٽر اي.ايڇ.سائس جو ھڪ مختصر خط شايع ٿيو، جنھن ۾ سنڌوءَ جي مھرن ۽ ٺڪر جي ٿانون کي ايلامائيٽ جي ٺپن سان ۽ سوسا ۾ جيڪو ڪاشيءَ جو سامان تلاش ڪيل ھو، تنھن سان ڀيٽيو ويو ھو ۽ ان لاءِ دليل ھي ٿي پيش ڪيو ويو تھ ٻئي عملي طور ھڪجھڙا ھئا. ان کان ھڪ ھفتي بعد ساڳئي ھفت روزه ۾ مسٽر سي.جي.گلڊ ۽ سڊني سمٿ طرفان ھڪ مضمون شايع ڪرايو ويو، جنھن ۾ ھنن سنڌو ميسوپوٽيميا جي تھذيبن جي ڪيترن پھلوئن درميان ڀيٽ ڪئي ھئي، جنھن ۾ سنڌو ۽ سميري شڪليون پڻ ڄاڻايون ويون ھيون، جن کي ھنن بطور ”ڳوڙھي رشتي واري“ ثبوت جي پيش ٿي ڪيو. بمشڪل ھڪ سال بعد ۾، يعني 1925ع ۾ مسٽر ايل.اي.وئڊل طرفان 146 صفحن تي مشتمل ھڪ ڪتاب ڇاپيو ويو، جنھن جو ٽائيٽل ھو ”ھند ۽ سميرين مھرن جي لکيت جو راز فاش“ ۽ ان بعد جي ننڍي سرخي ھيءَ ھئي تھ ”سنڌو ماٿريءَ جي سميرين جي بطور فونيڪن، براتس، گوٺ ۽ مشھور ويدن جي زماني وارا آريا، جيڪي 2300-3100 ق.م ھئا، جي کوجنا.“ اھا سرخي ان ڪتاب جي مضمون ۽ مواد جي ڪافي سڃاڻپ ھئي، ۽ ڪتاب جي نامعلوم ٿيڻ جو صحيح سبب ھو. ليڪن توڙي جو ڪنيئر ولسن جو ڪتاب ان کان علحده سطح تي آھي، تڏھن بھ سندس بنيادي نظريي جو قابل قبول ھئڻ مشڪل آھي. حالانڪ جان مارشل 1926ع ۾ سنڌو تھذيب لاءِ انڊو – سميرين جو حوالو استعمال ڪيو ھو. ليڪن ھن ان ۾ ھڪ ھي شرط بھ شامل ڪيو ھو تھ اھڙو اصطلاح ھن ڪري ڪتب آندو وڃي ٿو تھ جيئن ”فقط سنڌوءَ جي قبل از تاريخ تھذيب ۽ سمير جي قديمي تاريخ درميان جيڪي گھاٽا ثقافتي تعلقات ھئا، تن کي عيان ڪيو وڃي ۽ نھ ھن مقصد لاءِ تھ انھن ٻنھي تھذيبن جا ماڻھو ھڪ ئي نسل جا ھئا يا وري ساڳي ٻولي ڳالھائيندا ھئا.“

ھن اھو صاف طور تي ظاھر ڪيو ھو تھ جيڪا ڀيٽ ڪيل ھئي، ان کي انھيءَ ثبوت طور ڪڏھن بھ تسليم ڪري نھ ٿو سگھجي تھ سنڌو تھذيب جا ابا ڏاڏا سميرين ھئا يا وري، ان جي ابتڙ، سميرين تھذيب سنڌوءَ واري تھذيب کان جنم ورتو. 1931ع ڌاري مارشل، انڊو – سميرين جو نالو وٺڻ ھميشھ لاءِ ترڪ ڪري ڇڏيو. موجوده وقت جا آثار قديمھ جا ماھر پڻ انھيءَ راءِ جا آھن. ان کان علاوه گذريل زمانن دوران اھو چٽي طرح تي واضح ٿي چڪو آھي تھ سنڌو تھذيب انھن قديمي سنڌو تھذيبن جي ھڪ شاخ جي عروج جي نمائندگي ڪري ٿي، جي پاڻ ۾ ڳتيل ھيون، پر مقامي طور تفاوت رکندڙ ھيون ۽ تقريبًا ساڳي ايراضيءَ ۾ آباد ھيون. ليڪن 3000 ھزار سال کان 2500 سال ق.م دور ۾ اھي ثقافتي رجحان ڪئلڪولٿڪ تھذيب جي اوڀر واري اڀريل شاخ جي نمائندگي ڪن ٿا، جي ترڪستان جي ڏکڻ ۾ نمودار ٿيا ھئا ۽ سندن شروعاتي قديمي ميسولٿڪ ۽ نيولٿڪ روايتن ذريعي ٿي ھئي، ليڪن اھي اولھھ ايران ميسوپوٽيميا جي اثرات کان البت آزاد ھئا. حالانڪ انھيءَ طرح کين اھم ثقافتي تاثر ميسر ٿي سگھيا ٿي.

ترڪستان جي زرخيز تھذيب واري اضافي حصي گيوڪيسر، سيستان، ڏکڻ اوڀر افغانستان، اتر بلوچستان ۽ سنڌو ماٿري ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي، پر ننڍي پئماني تي، جيڪا روز بروز وڌندي ٿي رھي. آثار قديمھ جا ھڪجھڙا مثال ۽ ريڊيو ڪاربن سائنسي طريقي ذريعي جيڪي تاريخون ملن ٿيون، اھي صاف ثابت ڪن ٿيون تھ ٽين صديءَ جي شروعات ۽ چوٿين صديءَ جي آخر ڌاري (ق.م) انھن ٻنھي ايراضين درميان سيستان، جيڪو ان ثقافتي دائري جي ڏکڻ اولھھ واري سرحد ھئي ۽ ڏکڻ ايران، جو ايلام ۽ ميسوپوٽيميا واري ثقافتي اتر جي قربت ۾ ھو، ٻنھي ملڪن درميان لاڳاپي ھئڻ جو ڪو ثبوت موجود نھ آھي. سن 300 ۽ 2500 ق.م درميان حالتن ۾ ڦيرو آيو ۽ وسيع سنڌو علائقو ترڪستان کان ثقافتي طور علحده ٿي ويو ۽ سندس ثقافتي تعلقات ڏکڻ اولھھ ۽ ميسوپوٽيميا ڏانھن بدلجي ويا. آثار قديمھ جي اھا صورتحال، جيڪا جارج ايف.ڊيلس ھڪ مضمون ذريعي 1973ع ڌاري شايع ڪئي، اھو ڪنيئر ولسن جي مقالي خلاف واحد دليل نھ آھي. مون قريب مشرقي سنڌوءَ جي مھرن واري ثبوت جو ذڪر اڳ ۾ ئي ڪيو آھي ۽ ھن راءِ جو اظھار ڪيو آھي تھ ھڙپا جي ٻولي سميرين زبان کان بلڪل مختلف آھي. ليڪن ان کان وڌيڪ اھم ھي اعتراض آھي تھ جيڪي سنڌوءَ جا ڪتبا ڪنيئر ولسن استعمال ڪيا ھئا، اھي انھن پٿرن جي ٺھيل مھرن مٿان نقش ٿيل آھن، جن لاءِ ھي گمان غالب ٿئي ٿو تھ انھن تي انفرادي طور ماڻھن جا عھدا يا نالا يا ادارن جا نالا اُڪريل آھن ۽ انھيءَ سبب جي ڪري سمير وارن اقتصادي لکيتن سان ڀيٽي نٿا سگھجن، جي مٽيءَ جي ٺپن تي لکيل آھن. ان کان سواءِ سميرين ۽ سنڌوءَ واري اکري شڪلين ۾ برابري ۽ ھڪجھڙايون بلڪل ٿوريون ۽ مبھم آھن ۽ اھي اھڙيون خاطريءَ جھڙيون نھ آھن، جو کين ”عام بنياد ھئڻ“ جي ثبوت طور قابل اعتبار سمجھيو وڃي. خاص طرح جڏھن منجھن جيڪو فرق آھي، ان کي ويچار ۾ آندو وڃي تھ ’جيڪڏھن سنڌو لکيت ڪنھن ٻيءَ لکيت سان واسطو رکندڙ آھي تھ پوءِ گھڻي قدر اصلي يا اوائلي ايلامائيٽ جي تصديق ٿئي ٿي، جو تپي يحييٰ تائين اوڀر ۾ پکڙيل آھي، جنھن سان قديم سنڌو تھذيب لاڳاپي ۾ پئي رھي آھي، جنھن جو ثبوت اھي ٻاھران آيل گلدان آھن، جي موھن جي دڙي جي اوائلي تلاش مان دستياب ٿيا ھئا. ليڪن ڏسجڻ ۾ ھي ٿو اچي تھ سنڌو لکيت گھڻي ڀاڱي آزاد تخليق آھي. جيتري قدر اصلي اکرن ۽ شڪلين جو تعلق آھي، ان لکيت جي قبل از تاريخ واري حيثيت جو مسئلو تڏھن حل ٿي سگھندو، جڏھن موھن جي دڙي واري ھيٺين سطح جيڪا ھاڻي زير زمين پاڻيءَ جي سطح برابر آھي، تنھن جي کوٽائي ڪئي ويندي. تنھن ھوندي بھ سنڌوءَ واري لکيت جي اصليت تي ڪافي روشني وجھي سگھجي ٿي، جيڪڏھن قديم سنڌو تھذيب واري دور جي تھن کي کوٽيو وڃي، جنھن متعلق محمد رفيق مغل جي قول مطابق ڪافي مواد اڳ ۾ ئي تيار ڪيل آھي ۽ شايع ٿيڻ وارو آھي.

جيڪڏھن سميرين وارو حل قابل قبول نھ آھي تھ ڇا ان کان بھتر ٻيو ڪو وسيلو آھي؟ 1968ع ڌاري بھ سنڌو لکڻي کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون ھيون. اھي ٻين ماھرن ۽ سر مارٽيمر ويلر جي نقطھ نظر موجب ناڪامياب ۽ بيڪار ھيون. ”بقول مسٽر ويلر جي ھن وقت اسين فقط ان سلسلي ۾ ڪي ٺلھا اصول ئي تجويز ڪري سگھون ٿا، جيڪڏھن اسان انھيءَ ڳالھھ جو ڌيان رکيو، مثلاً لکيت ۾ لفظن جو رخ وغيره.“ ان کان اڳ 1930ع ڌاري ھنٽر گاڊ ۽ سمٿ طرفان ڪافي خيالن جو اظھار ڪيو ھو، جن مطابق ھيءَ خاطري ضرور ٿي تھ سنڌو لکڻي عام طور سڄي کان کٻي طرف لکي ويندي ھئي. 1961ع ۾ ان حقيقت جي ثابتي بي.بي.لار طرفان ڏني وئي، جنھن سڀ کان پھرين ٺڪر جي انھن ٻن ٿانون متعلق اعلان ڪيو، جن مٿان سينگار ۽ سھڻائي وارو رنگ روپ موجود ھو ۽ اھي ٿانو ’ڪالي ڀنگن‘ جي کوٽائي ذريعي تازا ھٿ آيل ھئا. اھي ۽ بعد ۾ لڌل ھڪ ٽيون نمونو پڻ مليو، جنھن ۾ باه ڏيئي پچائڻ کان اڳ ۾ آلي مٽيءَ تي رھڙون ڏنل ھيون، انھيءَ ڪري سنڌوءَ جي نشان مٿان سندن عڪس اچي چڪو ھو. ازانسواءِ انھن نشانين مان لکڻ جو رخ صاف پئي بکيو. ليڪن جيستائين مڪمل پڙھڻيءَ جو تعلق آھي، يعني سنڌوءَ جي لکڻيءَ واري پڙھڻيءَ جي مسئلي متعلق بلڪل نااميدي آھي، جنھن جو اظھار مسٽر جانيسس فريڊرڪ طرفان 1966ع ۾ ڪيو ويو، جو قديم لکيتن پڙھڻ ۾ وڏو ماھر آھي. سندس خيال مطابق سنڌو لکيت سمجھھ ۾ اچڻ ناممڪن آھي، جيستائين ان سلسلي ۾ ڪو نئون مواد مھيا نٿو ٿئي. ھڪ تھ ڪي بھ ڪَتبا ٻين زبانن ۾ لکيل نھ آھن، ٻيو ھي تھ ٻوليءَ جي خبر نھ آھي تھ ڪھڙي آھي ۽ ڪتبن جي عبارت بلڪل مختصر آھي، يعني سراسري پنج نشانيون ڊيگھھ تائين محدود آھي ۽ مسلسل طوالت ۾ وڏي ۾ وڏو متن 17 نشانين وارو آھي. انھيءَ حقيقت جو تھ بنا دير اعتراف ڪري سگھجي ٿو تھ جيڪڏھن سنڌوءَ وارن ڪتبن جي ٻولي واقعي نامعلوم آھي – انھيءَ خيال کان تھ اھا ٻولي ٻي ڪنھن بھ ڄاتل ٻوليءَ جي ويجھي لڳ لاڳاپي ۾، جا ٻين ذريعن وسيلي عام جام ھجي – تھ پوءِ ان جي (آواز واري) پڙھڻي ناممڪن آھي، جيتوڻيڪ اھو اڃان بھ ممڪن ٿي سگھي تھ لفظن جي مفھوم مطابق ڪجھھ ڌُڪا ھنيا وڃن ٿا. خيال آرائي ڪئي وڃي تھ وري انھن جي چڪاس ھرگز ٿي نھ سگھندي ۽ اھڙا رايا ھميشھ لاءِ خالي رھندا. اھو ايترسڪان جي ڪتبن واري حالت ۾ ثابت ٿي چڪو آھي، جي ڪافي حد تائين سمجھھ ۾ اچن ٿا، حالانڪ اھي ھڪ آسان پڙھڻي واري ’الف – بي‘ ۾ لکيل آھن ۽ جنھن جا اڻ ڳڻيا ترجما لاطيني زبان ۾ موجود آھن. پر جيڪڏھن ھڙپا واري ٻولي يا رشتيدار ٻولين جا اھڃاڻ مناسب انداز ۾ تاريخي دورن تائين محفوظ رھيل آھن تھ پوءِ سنڌوءَ واري لکيت جي محدود پڙھڻي سمجھڻ لاءِ اميد افزا موقعا ميسر ٿي سگھن ٿا. اھو ذھن ۾ رکڻ بلڪل ضروري آھي تھ سڀئي مسئلا فقط چند قديم ڪتبن جا حل ڪيا ويا آھن، تنھن ھوندي بھ اڪثر حالتن ۾ مطالعي لاءِ جيڪو مواد موجود پئي رھيو آھي، اھو سنڌو لکيت واري حالت کان ڪافي زياده انداز ۾ آھي. سنڌو لکيت وارن نشانن ۾ وڏو انداز انھن نشانين جو آھي، جي ايڪڙ ٻيڪڙ استعمال ڪيا ويا آھن ۽ انھن ۾ بھ گھڻائي انھن جي آھي، جي شايد ھميشھ لاءِ ڳجھارت رھن، توڙي جو ان ڏس ۾ وڏي ڀاڱي ڪاميابي حاصل ڪئي وڃي.

عام طرح ھن ڳالھھ تي چڱي انداز ۾ اتفاق ڪيو وڃي ٿو تھ رگ ويد ۾ جي ڌاريا لفظ ۽ ڌاري ٻوليءَ جي جيڪا ساخت استعمال ڪئي ويئي آھي، اھي ثابت ڪن ٿا تھ ٻھ ھزار سال ق.م جي آخري صدين دوران سنڌو ماٿريءَ ۾ ھڪ دراوڙي قسم جي ٻولي استعمال ۾ ھئي. موجوده وقت ۾ اھڙي قسم جي ٻي ٻولي ڪابھ وجود ۾ نھ آھي، جا تاريخي يا جاگرافيءَ جي ورڇ مطابق سنڌو تھذيب جي ٻولين جي قريبي موافقت ۾ ھجي. اھڙي دراوڙي ٻوليءَ واري نظريي جا 1926ع کان وٺي ڪافي حمايتي پئي رھيا آھن. جڏھن کان سر جان مارشل اھڙي راءِ جو پھريائين اظھار ڪيو. ھن، مثال طور بروھي ٻوليءَ جو ذڪر ڪيو، جا دراوڙي زبان آھي ۽ بلوچستان جي جابلو علائقن ۽ افغانستان ۾ اڄ ڏينھن سوڌو ھلندي رھي آھي. ممڪن آھي تھ اھا زبان آرين کان بھ اڳ واري زماني کان شروع ٿيندي اڄ سوڌو محفوظ رھي ھجي. بعد ۾ مٿي ذڪر ڪيل دليل کان سواءِ ٻيا بھ ڪيترا دراوڙي نظريي جي حمايت ۾ سبب پئي ڄاڻايا ويا آھن، ليڪن اھي اھڙا ڪمزور نوعيت جا آھن جو ذھن تسليم ڪري نھ ٿو سگھي.

1934ع ۾ پيرو ميريگي طرفان ھڪ مضمون شايع ڪيو ويو، جنھن ۾ سندس نقطھ نظر بروھي (براھوئي) واحد زبان ھئي، جنھن جو امڪان مناسب ٿي سگھي ٿو، ليڪن ھن بھ اُچارن جي مطلب سمجھڻ دوران مايوسيءَ جو اظھار ڪيو. ڇاڪاڻ تھ گذريل چئن ھزارن سالن دوران بروھي زبان ڪافي حد تائين تبديليءَ جو شڪار ٿي چڪي آھي. انھيءَ ڪري ھن فقط مفھوم جي مدنظر مطلب پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چاھيو ٿي تھ مضمون واري گرامر جو سٽاءُ ۽ خاڪو سمجھھ ۾ اچي وڃي، ڇو تھ ان بعد جملن جي بناوت ظاھر ٿي پوندي. ازانسواءِ اکري نشانن واريون شڪليون انھن مورتن ذريعي واضح ٿي ڪيائين، جي اکرن جي پس منظر ۾ اُڪريل ھيون. ليڪن جيئن تھ سنڌوءَ واري لکيت ھڪ انتھائي مقرر ۽ محڪم پيماني واري ھئي، انھيءَ ڪري انھن شڪلين جي سڃاڻپ نھايت مشڪل ڪم آھي، جي نشانن ذريعي ذھن تي اچن ٿا. جيتوڻيڪ ميريگي جو مطالعو ڪافي خوبين وارو آھي، ليڪن ھن جيڪي نتيجا ڪڍيا آھن، سي محض تصوراتي ۽ قياسي آھن.

ھينري ھيراس طرفان سندس مضمونن جو ھڪ طويل سلسلو، جنھن آخر وڃي ڪتابي شڪل تي ڇيھھ ڪيو، جيڪو 1953ع ۾ شايع ڪيو ويو، ان جو نالو ھو ”اوائلي انڊو ميڊيٽرينين تھذيب جو مطالعو.“ ھن ڪتاب ۾ مصنف جي طرفان ھي خيال ذھن ۾ رکندي تھ بنيادي طور ٻولي دراوڙي آھي – سنڌوءَ واري لکيت جي پڙھڻي سمجھڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وئي. ھيراس پنھنجي ان قياس ۾ بلڪل صحيح ھو تھ موجوده دراوڙي ٻوليءَ جي ڀيٽ سان ان قديم ۽ گم ٿيل ٻوليءَ جي دوباره تشڪيل ممڪن ٿي سگھندي، جا سڀني ٻولين جو بنياد ھئي ۽ جنھن مان سڀ زبانون ڦٽي نڪتيون ھيون، حالانڪ لکيت جي پڙھڻي سمجھڻ لاءِ خود پاڻ جيڪا اوائلي دراوڙي زبان استعمال ڪرڻ جون ڪوششون ڪيائين، سي غلط ھيون.

ياد رکڻ گھرجي تھ ٽي ھزار سال ق.م لکڻ جا جيڪي سرشتا مروج ھئا، سي سڀ اھڙي نموني جي اکرن ۾ ھئا، جنھن جي ھر اکر جون ٻھ چار يا وڌيڪ معنائون ھيون. ٻھ ھزار سال ق.م جيڪي اکر رائج ھئا، تن ۾ فقط چونڊيل اکر ھئا. ھڪ ھزار سال ق.م ۾ وري انھن بجاءِ الف – ب جيان حرف رائج ھئا، جيڪي گڏجي ھڪ لفظ جوڙيندا ھئا. انھيءَ صورتحال جي مدنظر ھيراس طرفان جيڪو ٻيو اصول طئي ڪيو ويو، اھو گھڻي قدر مناسب ھو. مثال طور ھن ڄاڻايو تھ موھن جي دڙي وارا نشان اکرن بجاءِ استعمال ڪيل نھ آھن ۽ نھ وري آلاپ يا آواز جي اُچار لاءِ ڪتب آيل آھن، بلڪ سمورن لفظن جو اظھار آھن. ان جي معنيٰ ھيءَ آھي تھ اھو قدم ھينئر کان بھ گھڻو اڳڀرو آھي، ڇاڪاڻ تھ ھن سنڌوءَ لکيت جي ڪن نشانن کي اچارن واري زير زبر سمجھندي اھا راءِ قائم ڪئي ھئي تھ اھي اکري نشان حرف علت جون علامتون آھن، جيئن براھمي لکيت ۾ اھڙي ترتيب موجود آھي. ھن بھ لئنگڊن جي پيروي ڪندي ھي ٿي سمجھيو تھ براھمي ٻولي سنڌو لکيت مان ڦٽي نڪتي آھي، جا سندس غلطي ھئي. ڪتبن جي آخر ۾ سنڌو لکيت وارن جي جيڪا نشاني عام طور ۽ گھڻو ڪري نظر ٿي آئي، ان کي ھيراس حرف اضافي ٿي سمجھيو ۽ سندس اھڙي خيال سان سنڌو لکيت جي ماھرن جي اڪثريت شامل راءِ ھئي. انھيءَ سلسلي ۾ ھيراس طرفان تاريخي زماني وارين ھندستاني مھرن جو مثال پيش ڪيو ٿي ويو، جن جي لکيت عام طور حرف اضافيءَ سان ئي ختم ٿئي ٿي. اھڙي علامت کي ھن ”اتو“ پڙھڻي قرار ڏنو، جا سندس نقطھ نظر موجب اوائلي دراوڙيءَ جي حرف اضافت ھئي. اھڙي حالت ۾ ھن علامت کي مڪمل لفظ ھرگز سمجھڻ نھ گھرجي، جيئن ھيراس ڄاتو ٿي، پر ان کي مرڪب يا مشترڪھ محاوري وارو لفظ تصور ڪرڻو آھي، جو اھو طريقو محاوري واري لکيت جي نموني سان لازم ملزوم آھي.

انھيءَ واحد مثال کان سواءِ ھيراس طرفان سنڌو لکڻيءَ وارين نشانين سان يا تھ انھن دراوڙي لفظن جا اچار منسوب ڪيا ٿي ويا، جي علامتن جي شڪل سان ٺھڪي ٿي آيا، مثال طور ھي نشان، جو مڇيءَ جي شڪل وانگر آھي ۽ جنھن جو دراوڙي لفظ ”مِنِ“ يعني مڇي آھي، يا وري اھڙن لفظن جا اچار ۽ پڙھڻيون لاڳو ٿي ڪيون، جي ٻين شڪلين وارين لکيتن جون ھيون، جيئن تھ سميرين، مصري، ھٽي ۽ چينائي ٻولين لاءِ کيس غلط فھمي ھئي تھ اھي نسلي طور سنڌوءَ واري لکيت سان واسطو رکندڙ ھيون. ظاھر آھي تھ ٻين ٻولين جي لفظن کي ھن طرف گھلي آڻڻ ھڪ بيقاعدي ڪوشش آھي. جيڪڏھن ڪوبھ ماڻھو سنڌوءَ واري لکيت جي ان مفھوم کي نظر مان ڪڍندو، جيڪو ھيراس طرفان ڄاڻايو ويو ھو تھ اھو بخوبي سمجھي سگھندو تھ ڪھڙي سبب ھيراس واريون پڙھڻيون قابل قبول نھ سمجھيون ويون؟ مثال طور سندس پڙھڻيون ھن طور ھيون: ”سال جي وچ مرڪز واري ماءُ گھمي رھي ٿي ماڪوڙيءَ مثل“ يا ”برساتي بادل جي ڦولدار درختن ۾ آھن ۽ اھي وڻ ملايم (ملبار) جا آھن.“ يا اڃان بھ وري ”ان جڳھھ ۾ ڪا مجلس نھ آھي جا ميناس جي ملڪ کان ٻاھران آھي ۽ ٽي مڇيون ان گندي علائقي جون، جو ڪاٺ ڪُٽي جو وطن آھي.“ ليڪن ھيراس جي ناڪاميابيءَ جو ھروڀرو اھو مطلب ھرگز نھ آھي تھ جو ڪجھھ منجھس شامل آھي، تنھن کي يا وري مٿي بيان ڪيل دراوڙي حل کي ڪنھن اھميت لائق ئي سمجھڻ نھ گھرجي.

مائيڪل وينٽريس 1952ع ڌاري جيڪو لِيڪن واريءَ لکيت جو حل تلاش ڪيو، اھو ڏيکاري ٿو تھ ڪنھن بھ پراڻي لکيت کي، سواءِ ڪنھن ٻٽي ٻولي موجود ھئڻ جي يا وري سواءِ ان ٻوليءَ جي اڳواٽ ڄاڻ ھئڻ جي، جا ان لکيت جو بنياد آھي، پڙھڻ ممڪن ٿي سگھي ٿو. ان ۾ ساخت جي ڍانچي جي جاچ پڙتال ڪرڻ کي خاص اھميت ڏني ويئي آھي، مگر تحقيق ڪرڻ وقت ان ٻوليءَ متعلق اڳواٽ ڪي خيال ذھن ۾ رکڻ ھرگز نھ گھرجن. انھيءَ ڳالھھ جو احساس ذھن ۾ رکندي تھ نشانين جي اچارن جو مجموعو ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ – جيئن لِيڪن واري لکيت جي طريقي ڳولڻ وقت ڪيو ويو ھو – سنڌوءَ واري لکيت جي حالت ۾ ممڪن نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ اھو گھڻي ڀاڱي اھڙو منجھيل اکرن وارو سرشتو آھي، جو لِيڪن واري لکيت کان زياده مشڪل آھي. انھيءَ ڪري جو ان ۾ اھڃاڻ ظاھر ھئا ۽ ھن ڪري پڻ تھ جيڪي ننڍا ۽ مختصر حوالا ھوندا آھن، تن ۾ اھڙا اشارا ھوندا ئي نھ آھن جي وينٽريس طرفان استعمال ڪيا ويا ھئا. انھيءَ صورتحال جي مدنظر اسان جي فنش تحقيق واري جماعت پاڻمرادو ڇيد ڪرڻ وارو ھڪ مشيني طريقو ڳولي ڪڍيو آھي، جنھن ۾ ڪمپيوٽر مشينن ذريعي مضمون جي اکري نشانين وارين مختلف علامتن ۽ اکرن جي شڪل شبيھھ کي ڀيٽيو ويندو ۽ سندن انفرادي ماپ جو حساب ڪتاب ڪيو ويندو. اھو مطالعو جيڪو 1970ع ۾ شايع ڪيو ويو ھو، سو ڪنھن حد تائين تھ ڪامياب رھيو، ڇاڪاڻ تھ ان طريقي سان آسان ڪم تڏھن ٿي ٿيو، جڏھن ان کي مختلف لکيتن وارن سرشتن جي انھن نمونن سان لاڳو ٿي ڪيو ويو، جن کي مناسب ۽ موزون اکري خاڪا موجود ھئا.

لکيت جي تحقيق لاءِ انھيءَ عملي جاکوڙ سان گڏ اسان اھڙن طريقن جي تلاش شروع ڪئي، جي جديد طرز جا ھجن ۽ زياده موزون ثابت ٿين. بنسبت نشانين جي فھرست ۽ نشانين وارن ڪتابن جي، جيڪي چاليھھ سال اڳ لئنگڊان گاد، سمٿ، ھنٽر ۽ وئش طرفان ترتيب ڏنا ويا ھئا، سنڌو لکيت وارن ڪتبن جي اکري جوڙن  جي فھرست، جا 1973ع ۾ شايع ٿيل ھئي، ان کي ڪتابي سلسلي جي اولين جلد جي صورت ڏني ويئي آھي ۽ ان ڪتابي سلسلي جي ٻين جلدن ۾ رائزني ۽ اعداد شمار وارا حصا پڻ شامل ھوندا. سنڌو لکيت جي حل تلاش ڪرڻ ۽ ڪتبن جي تحقيق ڪرڻ لاءِ اسين جيڪي ڪوششون ڪريون ٿا، سي ھن طرح آھن: خودمختيار لِيڪن جي سڃاڻپ – اھي نشان جي ھڪ ماڻھو ٻئي جي حيثيت ۾ چٽيا آھن – ڳنڍيندڙ نشانن جا جزا ۽ سندن علامتن جي سمجھھ – ڪتبن جي خودمختيار حرفن ۾ تقسيم – ڏنگن ۽ نيم گولائي وارن اکرن کي علحده رکڻ – ھمشڪل ۽ ھمجنس نمونن جا نقشا ليڪڻ – ڪتبن جي دائري اندر جي مختلف حيثيت ۾ آھن، انھن جي موافقت وارا اچار علحده ڪرڻ ۽ ڪتبن جا جيڪي مختلف نمونا آھن، تن سان لاڳو رکندڙ لفظن کي جدا ڪرڻ.

1969ع ۾ اسان کي جڏھن ھيءَ اميد نظر آئي تھ اسين حل جي بلڪل قريب آھيون، تڏھن ٽي ابتدائي رپورٽون ساڳئي سال ۾ فورًا جاري ڪيون ويون. انھن رپورٽن جي ردعمل ۾ ڪي تھ سڌا سنئوان رايا ڏنا ويا ۽ باقي سخت نڪتھ چيني وارا خيال ظاھر ڪيا ويا، جي ڪنھن حد تائين درست پڻ ھئا. انھن ڪتابڙن جي مصنف جي حيثيت ۾ آءٌ پنھنجي غلطي تسليم ڪرڻ ۾ حق بجانب آھيان تھ اھي مضمون پھرين جوش خروش ۽ شوق سان لکيا ويا ھئا ۽ سندن ڪابھ خاطر خواه چڪاس ڪيل نھ ھئي، ان ھوندي بھ اھڙي دعويٰ ڪيل ھئي ڄڻڪ اھي قطعي طئي ٿيل فيصلا ھئا ۽ بجاءِ مناسب ھئڻ جي ان ذريعي گھڻو ڪجھھ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل ھئي ۽ اھڙي نوعيت جا مضمون ھئا، جن مان غلط فھمين پيدا ٿيڻ جو قوي امڪان ھو. ان سان گڏوگڏ غلط قسم جون قياس آرايون ھيون، جيڪي ھن قسم جي ڪم ۾ دور ڪري نھ ٿيون سگھجن ۽ ھن ڏس ۾ ڪنھن تجربي نھ ھئڻ ڪري اسان جيڪي غلطيون دراوڙي ٻوليءَ واري مواد کي استعمال ڪندي ڪيون، سي پڻ انھن ڪوتاھين ۾ شامل آھن. تنھن ڪري اھي تجويز ڪيل حل وڌيڪ بھتر سمجھاڻين جي مدنظر ترڪ ڪري سگھجن ٿا ۽ انھن کي ڪابھ اھميت ڏيڻ ڪو ھروڀرو ضروري نھ آھي. ٻئي طرف وري مون کي ھي يقين آھي تھ ڇھن سالن گذرڻ بعد، انھن رپورٽن ۾ جيڪي مرڪزي خيال ۽ جن ڳالھين جا مفھوم پيش ڪيا ويا آھن، سي وقت جي ڪسوٽيءَ تي صحيح ثابت ٿيندا. گذريل چند سالن دوران انھن ۾ ڪجھھ ردوبدل ڪئي ويئي آھي ۽ ان سان گڏ ڪجھھ نھايت اھم صورتحال پڻ رونما ٿي آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن ڏس ۾ تحقيق جي جيڪا موجوده حيثيت آھي، اھا ٻن مضمونن ذريعي بيان ڪئي ويئي آھي، جيڪي شايع ٿي چڪا آھن. انھن مان ھڪ مضمون آمريڪن اوريئنٽل جرنل ۾ 1975ع ڌاري شايع ٿيل آھي ۽ ٻيو سر مارٽيمر ويلر کي مبارڪباد طور پيش ڪيل جلد ”ھڙپا مطالعي جا پنجاه سال“ ۾ شايع ڪيو ويندو. موجوده مضمون ۾ مون ڪنھن مصلحت خاطر انھن مضمونن جو ڪوبھ ذڪر نھ ڄاڻايو آھي، پر اھو عرصو عام بحث لاءِ محفوظ رکيو اٿم. ليڪن تڏھن بھ حل لھڻ لاءِ جيڪا بنيادي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، تنھن جو مختصر حوالو ڏيڻ ضروري ٿيندو.

بناوت واري تحقيق جو جيڪو خاڪو مٿي پيش ڪري چڪا آھيون، تنھن ذريعي اسان سنڌو ٻوليءَ جي گرامر واري سٽاءَ جي تشريح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ان جي نتيجي ۾ اھڙي لچڪيدار ۽ ميلاپ واري ٻوليءَ جو اندازو ٿئي ٿو، جا دراوڙي نموني جي آھي، ليڪن ٻئي ھر ڪنھن امڪان کي نظرانداز ڪري ٿي. ان کان سواءِ اسان ھيءَ پڻ ڪوشش ڪئي تھ ڪن شڪلين جي اصلي مقصد ۽ مطلب کي سندن حوالن جي تحقيق ۽ جن لکيتن جي اسان کي ڄاڻ آھي، انھن جي مشابھت رکندڙ حوالن سان ڀيٽ ذريعي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون. خاص طور سميرين ۽ ھندوستاني مھرن جي ڪتبن وسيلي اھڙي ڪوشش ڪارگر ٿيڻ جي قوي اميد آھي. ان کان پوءِ اسان انھن شڪلين سان جا معنيٰ آزمائشي طور وابستھ ڪئي ھئي، تنھن جي خاطري ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. جيڪڏھن ڪوبھ نشان اھڙي نموني ۾ استعمال نھ ڪيو ويو آھي، جنھن کي سڌي طرح ڪو اچار آھي ئي ڪونھ، يعني جنھن چيز کي ڄاڻايو ويو آھي، تنھن جو سڌو سنئون نشان؛ پر قديم لکيتن جي شڪلين ذريعي شين جا نالا ڄاڻائڻ واري اصول جي موافقت ۾ - جنھن مطابق ھر ٻيو لفظ بغير ڪنھن معنيٰ جي ائين ٿي اچاريو ويو، ڄڻ تھ اھو ئي ان چيز جو نالو ھو – تھ پوءِ اُچار واري تفسير سمجھڻ لاءِ اميد ٿي سگھي ٿي. ليڪن ان لاءِ ڪنھن اھڙي ٻوليءَ جي سڃاڻپ ھئڻ ضروري آھي، جنھن ۾ اچار واري مشابھت، لفظن کي مختلف معنيٰ سان ميلاپ ۾ آڻي ٿي ۽ خاص طور اھڙي ھڪ ٻولي، جا عبارت مان اصلي مقصد واري معنيٰ جو اظھار ڪري ٿي ۽ ٻي شڪلين واري ٻولي، جا مورتن وارن نشانن ذريعي استعمال ڪئي ويندي ھجي. اسان جي خيال مطابق دراوڙي اھڙين ڪيترين تشريحن لاءِ بنياد پيدا ڪري سگھي ٿي. اھي تشريحون حالانڪ ڪيتري قدر بھ قياسي ڇو نھ ھجن، وجود ۾ رھن ٿيون، ان وقت تائين جيستائين منجھن الڳ رھڻ جي قوت آھي، پر جڏھن مختلف تعبير ھڪ نقطي تي رسن ٿا ۽ پاڻ ۾ ملي چڱي سمجھھ پيدا ڪن ٿا تھ پوءِ کين اھڙي جائز حيثيت ميسر ٿئي ٿي، جنھن جي اختياريءَ ۾ جيئن جيئن ميل ميلاپ يا ھم مرڪز وڌندا رھندا، تيئن تيئن اضافو ۽ ترقي ٿيندي رھندي. ليڪن ان لاءِ ھي ضروري شرط آھي تھ ھر ھڪ تشريح ھر نقطھ نگاه کان قابل قبول ھئڻ گھرجي ۽ اھا تشريح انھن شين جي مطابقت ۾ ھئڻ گھرجي، جن تي ڪتبا لکيا ويا آھن ۽ سنڌو تھذيب جي تاريخي سلسلي سان ھمڪنار ھجي.

1964ع ۾ روسي ماھرن جي ھڪ جماعت سنڌو لکيت جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو، جنھن جو اڳواڻ يورجي ڪنروزوف ھو، جنھن 1950ع ۽ بعد جي چند سالن دوران، ڪمپيوٽر جي مدد سان ماين (Mayan) شڪلين واري ٻولي جي تشريح ڪئي ھئي. روسي جماعت پڻ ساڳئي زماني ۾ تحقيق جو ڪم شروع ڪيو جڏھن اسان واري جماعت بھ ان ڪم ۾ رڌل ھئي. روسي جماعت 1965ع ۾ پنھنجي ابتدائي رپورٽ جاري ڪئي، جا روسي زبان ۾ ھئي. تقريبًا ساڳئي وقت يعني جنوري 1966ع ۾ اسان پنھنجي ڪيل ڪوشش کي سائڪلو اسٽائيل ٿيل ڪاپين جي صورت ۾ تيار ڪري، اھي ڪاپيون ماھرن جي محدود دائري اندر ورھايون. انھيءَ ھوندي بھ اسان جي روسي دوستن 1968ع کان بھ پوءِ پنھنجي حاصل ڪيل نتيجن تي نظر ثاني ڪري انگريزي ٻوليءَ ۾ رپورٽ شايع ڪئي. اسان ٻنھي جي ھڪٻئي سان واقفيت ۽ ھڪٻئي جي اشاعتن جي ڄاڻ 1969ع ڌاري ٿي. انھن ٻنھي آزاد طور ٿيل تحقيقن جي ڀيٽ مان ظاھر آھي تھ ٻنھي جو عام رجحان ۽ تحقيقات جو اھم نتيجو تھ ”ٻولي دراوڙي آھي“ بلڪل ھڪجھڙو آھي. جيستائين ڪم ڪرڻ جي طريقي جو سوال آھي تھ انھيءَ سلسلي ۾ راءِ زني ڪرڻ جي ڪافي گنجائش آھي. انگن کان علاوه اسين اُچارن واري تشريح سان پڻ اتفاق ڪريون ٿا. جيئن تھ = نشاني جا مڇيءَ جھڙي آھي ۽ سندس ھيراس واري پڙھڻي تسليم ڪريون ٿا، جا دراوڙي لفظ ”مِنِ“ آھي، جنھن جي معنيٰ مڇي آھي، پر ساڳئي وقت ’ستارو‘ پڻ آھي.

روسي رپورٽ، جنھن جون سڌاريل اشاعتون 1970ع ۽ 1972ع ۾ ڇپيون آھن، تنھن ۾ مفيد ۽ قيمتي مشورا ڏنل آھن. خاص طور نشاني جي تصويري تشريح جي باري ۾، جيڪا تمام گھڻو استعمال ڪيل آھي. سندن تشريحون ڪنھن مرڪزي نقطي تي وري ملن ٿيون، ڇاڪاڻ تھ اھي اھڙن نمبرن سان مرڪب ھئڻ تائين محدود آھن، جي مڪمل طور غور طلب نھ آھن، پر منجھن ڪيترن مختلف امڪانن جي گنجائش ضرور موجود آھي. اھو پڻ نھايت دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو تھ آيا اسان جا روسي دوست ھن ڳالھھ لاءِ تيار آھن يا نھ تھ جي تشريحن جا سلسلا، جن کي آءٌ اسان جي اھم ترين پيشڪش تصور ڪريان ٿو، اھي کين قبول آھن؛ خاص طور مڇيءَ وارين نشانين جي پڙھڻي، اختلاف رکندڙ سڌارا ۽ محڪم ميلاپ؛ جيئن دراوڙي ستارن جا نالا، خاص طرح سيّارن جا نالا، جي آءٌ سمجھان ٿو تھ ھڙپا جي ديوتائن جي نمائندگي ڪن ٿا.

آخر ۾ ذڪر ڪيل تشريحون، جيڪي ستارن ۽ سيارن متعلق آھن، تن مون کي ان تي آماده ڪيو تھ آءٌ ھندوستاني جوتش (ستارن جو علم) ۽ ڌرم جي دراوڙي ۽ ھڙپا جي ابتدائي نقطھ نظر جي تحقيق ڪريان. انھن مطالعن جا ڪجھھ سودمند نتيجا 1970ع ۽ 1973ع دوران ظاھر ڪيا ويا آھن ۽ اھو تحقيق جو سلسلو بدستور جاري آھي. ھن تحقيق جي بدولت منھنجو ڌيان انھن وسيلن ڏانھن پڻ ڇڪيو آھي، جن جي طفيل ھڙپا جون روايتون بعد جي نسلن کي حاصل ٿينديون رھيون. انھيءَ سبب ۽ ڪن ٻين ڳالھين جي ڪري مون اھا ڪوشش ڪئي آھي تھ اوائلي تاريخ جي ٻن مکيھ ذريعن کي ملائي ھڪ سطح تي آڻيان. اھي ٻئي ذريعا ساڳئي سرشتي جا حصا ۽ پاڻ ۾ ھڪٻئي سان لاڳاپيل چيزون آھن. اھي آھن آثار قديمھ ۽ ٻولين واريون ثابتيون، جي ادبي ۽ مذھبي مشاھدن سان تعلق رکندڙ آھن. ھن مطالعي جو شروعاتي نظريو، جيڪو 1973ع کان وٺي پريس ۾ زير اشاعت آھي، سو ھي آھي تھ ’ڪي بھ مکيھ وجود يا چيزون، سواءِ ڪنھن نشان يا ثبوت اسان جي ذريعن ۾ ڇڏڻ جي، ڪڏھن بھ صفحھ ھستيءَ تان مٽجي نھ ويون آھن.‘ ٻين ڳالھين کان سواءِ ھتي آءٌ ھي ڄاڻائڻ ٿو گھران تھ سنڌو تھذيب دوران جا ٻولي رواج ۾ ھئي، اھا اوائلي اترين دراوڙي ھئي، جا وري قديم سنڌو ثقافتن جي اوائلي دراوڙي نسل مان ڦٽي نڪتي ھئي. جيئن اوائلي مرڪزي دراوڙي، جيڪا لال قلعي جي او.بي.پي.سامان سان تعلق رکندڙ آھي ۽ اوائلي ڏاکڻي دراوڙي، جيڪا دکن جي (نيولٿڪ) پٿر جي آخري دور ۾ مروج ھئي.

سنڌو ٻوليءَ سان دراوڙي رشتيداريءَ جو وڌيڪ ثبوت ھي آھي جو ٻنھي ٻولين جا اشتقاق ساڳيا آھن، جي قديم تامل جي ڪن اھڙن محاورن ۾ محفوظ آھن، جي شھرن ۽ ڳوٺن جي سڃاڻپ لاءِ نالا رکڻ ۾ استعمال ڪيا ويندا ھئا؛ جيئن تھ ”تامي لڪم“ يعني ”ٽامي وارو علائقو.“ ويجھڙائيءَ ۾ اھڙي راءِ جو اظھار منھنجي ۽ سِمو پارپولا طرفان ھڪ مضمون ذريعي ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ ھندوستان جي سميرين نالي ”ملوھا“ جو پڻ ذڪر ڪيل آھي، جيڪو سنسڪرت لفظ ”مليچا“ ۽ ٻالي زبان ۾ ”ملاکا“ آھي. اھي دراوڙي آرين ۽ آريا دراوڙن جا لقب القاب آھن. ھڪ ٻئي اھڙي مضمون ذريعي، جو پڻ پريس ۾ زير اشاعت آھي، مون ھن حقيقت ڏانھن ڌيان ڇڪايو آھي تھ ھڙپا ايراضين جي ڪيترن شھرن جي نالن ۾، بعد واري زماني جا پڻ اھڙا عنصر موجود آھن، جن جا اشتقاق دراوڙي آھن، جي خاص طرح لفظ ڪوٽ ۾ اظھر من الشمس آھن. ”ڪوٽ“ لفظ پاڪستان ۾ بلڪل عام نالو آھي ۽ سنڌوءَ جي پراڻن آثارن جي نالن ۾ پڻ موجود آھي، ڇاڪاڻ تھ ان نالي کي دراوڙي معنيٰ ۾ ”اولھھ“ سان نسبت آھي، جنھن سبب اسان کي ھن سوال جي مناسب وضاحت حاصل ٿئي ٿي تھ ھڙپا جي عالم پناه ۽ مورچن وارين آبادين جا قلعا ھميشھ الھندي رخ ۾ تعمير ٿيل آھن. شھرن ۽ ڳوٺن جي نالن رکڻ جي سلسلي ۾ آءٌ پنھنجي ھڪ وڌيڪ مضمون جو ذڪر ڪندس، جنھن ۾ ھي ڄاڻايو ويو آھي تھ سنڌ ۾ چنھونءَ واري دڙي جي شھر جو اوائلي نالو ”پوتالا“ ھو، جيڪو نالو اڃان سوڌو ان ايراضيءَ جي پسگردائيءَ ۾ زنده آھي. ھي نتيجو ان شڪل واري تشريح جي بنياد تي منحصر آھي، جو نشان چنھونءَ جي دڙي وارن ڪتبن جو 15 سيڪڙو آھي. ليڪن ٻئي ڪنھن بھ ھنڌ ان نشان جو ڪو پتو ڪونھ ٿو پوي، حالانڪ سنڌو لکيت جا ھزارھا نشان لڌا ويا آھن.

مون کي ھن ڳالھھ جو پورو پورو احساس آھي تھ ھن جائزي ۾ مون گھڻو ڪجھھ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ان حد تائين جو مضمون کي منجھائي ڇڏيو اٿم. ليڪن ھڪ ڳالھھ جا صاف نظر اچي ٿي، اھا ھيءَ آھي تھ سنڌو لکيت جي مطالعي ۾ ھاڻي نھايت دلچسپيءَ جو اظھار ڪيو وڃي ٿو ۽ مون کي يقين آھي تھ انھيءَ شوق ۽ جستجو ۾ ڪيترا ۽ نئين قسم جا ڪارگر ۽ اثرائتا قدم کنيا ويندا، تھ جيئن سنڌو لکيت جي ڳجھارتن کي گوشھ راز مان ٻاھر ڪڍي، صفحھ ھستي تي نروار ڪيو وڃي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org