ھن زماني سان واسطو رکندڙ کوٽائيءَ ۾ گھڻو ڌيان جاين
جي ھڪڙي ڀت آيل ويڙھي کي صفا ڪرائڻ تي ڏنو ويو آهي.
اھي جايون ”ننڍن گھرڙن“، ڪمرن ۽ آڳنڌن ۾ وراھيل آھن.
ڪمرن جي ڀتين ۾ گھڻو ڪري ٻن خانن وارا جارا آھن، جن ۾
ڪاٺ جا اوڙا اڃان بھ موجود ھئا. (پي ايل – چار، 2)
ڪمرن اندر گھرو ڪم ڪار جا اھڃاڻ مليا آهن، جھڙوڪ چورس
دڪيءَ وارا باھھ ٻارڻ جا ھنڌ، کڄڻ – جوڳيون چلھيون
(ڪُل)، تنور، گُنديون، دَکيون، ڪُنيون، پيھڻ جا وَٽ،
ڪُونَر ۽ اڪيچار ھٿ جون ٺھيل شيون، ڪن ڪچري جي ڍڳن سان
گڏ، مليون آھن. پر ڪن ڪچري جا اھي ڍير گھرو ڪم ڪار جي
ڪري نھ ٺھيا آھن: ٽئين زماني جي شروعات کان وڏي پئماني
تي ھڏن جي صنعت جا اھڃاڻ ظاھر ٿين ٿا. ان ويڙھي جي
ڪيترن ئي آڳنڌن ۾ اسان کي ھڏن جون ھزارين اَڌوريون،
ٺھڻ جي ڪنھن نھ ڪنھن مرحلي ۾ رھجي ويل چھنبون، اٺ جي
ٽُڪيل ھڏن ۽ ڦاڙھي جي ٽُڪيل سِڱن جا ڍڳ ۽ عاج جا ٽڪرا
لڌا آھن. پھڻ جي صنعت جي ثابتي پڻ ملي ٿي. تِکا ڦر يا
پھڻ – ڪاتيون، جي ضرور ھڏن وارن ڪارخانن جي ڪم ۾ ايندا
ھوندا. بھرحال، اھو سو چٽيءَ طرح ظاھر ٿئي ٿو تھ
ڌنڌوڙي سرگرميون ھڪ ئي ويڙھي اندر رھندڙ ساڳيءَ ذات
وارا ھلائيندا ھئا.
ان زماني جو مکيھ ڪارنامو، ان دور جي منڍ ڌاري ٿورين
لوھھ جي شين جو ملڻ آھي. اھي گھڻو ڪري تير جا ٻھ – پرا
ڦر آھن. اڳتي ھلي لوھھ جي شين جو تعداد وڌي وڃي ٿو.
لوھھ جو چالو ٿيڻ سانتيڪو واقعو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڇو جو
حياتيءَ ۽ ھنر جي دستوري ڍنگن ۾ پھريون ڪو ڦيرو نٿو
اچي. زماني ٻئي جھڙا ٻھ – رنگا چٽساليءَ وارا ٿانوَ
اڃا ٺھندا رھن ٿا. پھڻ جي ڪاتن واري صنعت پڻ اڃا تائين
سرگرم آھي، پر ڏانداوان ڪات ھاڻي وڌيڪ بيڊولا ٿي ويا
آھن ۽ اسان کي ڪجھھ وڏيرڙا، بيڊولا ڪات ملن ٿا، جھڙا
اڳي ڪونھ ڏٺا ھئاسون. ٻن ٿوھن وارا اٺ بھ اڃا ٺاھيا
وڃن ٿا، پر سندن ڄنگھون ھاڻي گھڻو ڪري ڳنڍيل ٿين ٿيون.
لوھھ جي شين جي رائج ٿيڻ سان گڏوگڏ اسان چَڪَ تي ٺھيل
خاڪي يا ڪاري رنگ جا سادا ٿانو بھ پکڙجندي ڏسون ٿا.
ساڳئي وقت ھٿ جي ٺھيل ٻھ – رنگي چٽساليءَ وارن ٿانون
جو رواج بھ ھلندو اچي ٿو. پر ستت ئي ھٿ جي ٺھيل ٻھ –
رنگيءَ چٽساليءَ وارن ٿانون جو انگ توڙي ڍنگ ڪسو ٿي
وڃي ٿو. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي تھ خاص ڪري ٻھ – رنگي
چٽساليءَ وارا ٿانو، ڪاريگريءَ ۾ ڪَسا پر چٽساليءَ ۾
اڳرا، معيار موجب ٺھيل ٿانون کي جاءِ ڏين ٿا. چڪ تي
ٺھيل ساوا، خاڪي يا ڪارا، ڪڪوريل پيالا يا ٿالھيون
گھنڊ جھڙا آبخورا (پي ايل – ٽئي، 5-1) پيشھ ور ڪنڀرن
جا ٺاھيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن بنھھ مختلف بنيادن تي ڪم
ڪندي شايد ڌاتوءَ جي ٿانون جو نقل ٿي ڪيو.
ٽئين زماني جي سڀني ۾ مٿين تھن ۾، خاڪي يا ڪارن ٿانون
سان گڏ، چڪ تي ٺھيل سادن اڇيرڙي يا ھلڪي ڳاڙھي رنگ جي
ٿانون جو جيئن پوءِ وڌندڙ تعداد ڏسڻ ۾ اچي ٿو. وريل
ڪنن سان يا جھرين واري ڳچيءَ سان اھي ٿانو (پي ايل –
ٽئي، 6 ۽ 7) انھن ڪارج وارن معياربند ٿانون سان واسطو
رکن ٿا، جيڪي ٻين ڪيترن ھنڌن تان مليا آھن ۽ ڪي پنج سؤ
ورھيھ قبل مسيح جا آھن.
پيرڪ ۾ لوھھ جي اوزارن ۽ چڪ تي ٺھيل خاڪي ۽ ڪارن ٿانون
جو گڏوگڏ ڦھلجڻ وڏي دلچسپيءَ وارو واقعو آھي، ڇو جو
اسان گنگا وادي ۾ پڻ ساڳي ڳالھھ ٿيندي ڏسون ٿا. پر
زماني جي لحاظ کان وڌيڪ اھم ڳالھھ خود گنگا وادي ۾
اھڙين ھڏائين نوڪن جو لڀڻ آھي، جيڪي پيرڪ ۾ مليل نوڪن
جيان اُڪريل دائرن سان سينگاريل آھن. پاٽنا لڳ چِراند
وٽ لوھي اوزارن ۽ خاڪي ٿانون سان گڏ ھڏن جون چئن کنڀن
واريون نوڪون مليون آھن، جي ھوبھو پيرڪ وارين نوڪن
جھڙيون آھن. (پي ايل – ٻھ، 10) البت اھو پوريءَ طرح
سمجھڻ ناممڪن آھي تھ برصغِر جي اُترين ڀاڱن ۾ لوھھ ۽
چڪ تي ٺھيل خاڪي ۽ ڪارا ٿانو ڪيئن رائج ٿيا؟ انھيءَ ڏس
۾ سياسي واقعن، تجارتي وسيلن، نيون پڙيون ڳوليندڙ
ڪاريگرن جي سرگرمين، ماڻھن جي لڏ پلاڻ ڪھڙو ۽ ڪيترو
حصو ورتو ھوندو؟ تنھن جو ڪاٿو ڪرڻ ڏکيو آھي. تاھم پيرڪ
مان اھڙيون ثابتيون ھٿ آيون آھن، جيڪي سنڌ جي ويجھيءَ
ڇڪ ۾ ٻئي ڪنھن ھنڌان نھ مليون آھن ۽ گھٽ ۾ گھٽ ڏيکارين
ٿيون تھ لوھھ ۽ چڪ تي ٺھيل ٿانو درجي بدرجي اھڙيءَ ريت
رائج ٿيا ھئا، جو پھرئين مرحلي ۾ روايتي ھنرن کي ڪو ڌڪ
ڪونھ لڳو ھو.
حوالا ۽ سمجھاڻيون
(1)
جي.ايف.زينيش ۽ جي.ايف.اينال، پيرڪ ۾ ڇھين مند
(انگريزيءَ ۾) پاڪستان جي آڳاٽن اھڃاڻن واري رسالي ۾
ڇپائيءَ ھيٺ.
(2)
جي.ايم.ڪيسا،
Fouilles d’ Amri
(فرنيچ ۾) پئرس 1964ع، ص62-59.
(3)
جي.ايم.ڪيسا،
Fouilles d’ Mundigak
(فرنيچ ۾) پئرس 1961ع، ص154.
(4)
ھندوستان جا آڳاٽا اھڃاڻ – ھڪ جائزو، 63-1962ع ص6
(ترجمو: سليم احمد)
اوائلي
آريائي دؤر ۾ سنڌ ۽ سنڌي
سنڌو ماٿريءَ ۾ وسڻ کان سکامني سلطنت جي زوال تائين
علي جعفري
]اجھل،
اڻموٽ سنڌو، ٻل واري، سگھاري سنڌو
ڏيھن ۽ ميدانن مان
اپار پاڻيءَ جا ڦھلاءَ کڻي
جرڪندي، ڪڙڪاٽ ڪندي وھندي رھي ٿي،
جھڙي ابلق گھوڙي، سونھاري ۽ سوڀيا وان
سنڌو ڀلن گھوڙن ۾ شاھوڪار آھي،
۽ آھي شاھوڪار رٿن ۽ ويس وڳن ۾،
سھڻي گھڙيل سون ۾ شاھوڪار، اڻ مئي مايا جي مالڪ
ھتان جا گاھھ نيڻ ٺار ۽ لذت وارا،
اَنّ اھڙي جو ويٺو ڏس،
شربت جو ميٺاڄ نھ پڇ!
سنڌو ڪشت
(رگويد جو ھڪ سنڌي رشي)
آرين جي دنيا
گھڻا عالم ان ڳالھھ تي متفق آھن تھ جيڪي ماڻھو پاڻ کي
آريا ڪوٺيندا ھئا،(1) سي چار ھزار ورھيھ اڳ پنھنجا
چراگاھھ ڇڏي، اٿي ڏکڻ پاسي ھليا ھئا ۽ سيحون درياءَ،
ھندي وڏي سمنڊ، دجلھ ۽ گنگا جي وچ وارا ھيٺانھان
علائقا اچي وسايا ھئائون. ھنن انھن علائقن کي ترت ۽
پوريءَ طرح آريائي بنائي ڇڏيو. ھو غالبًا بلڪل لساني
طرح ٻن مختلف لھرين جي شڪل ۾ آيا ھئا. آءٌ انھن کي
’کھرو‘ ۽ ’جھيڻو‘ ڳالھائيندڙ گروھن جا نالا ڏيندس. (2)
کھرو ڳالھائيندڙ شايد پھرين ۽ غالبًا پويان بنان ڪجھھ
ڇڏڻ جي سڀ ھيڪاندا ھليا آيا ۽ اچي ڏاکڻو ڀاڱو
والاريائون ۽ کانئن پوءِ ’جھيڻو‘ ڳالھائيندڙ آيا ۽
سموري ايراني مٿاھين پٽ ۽ ان کان پرتي ڇانئجي ويا.
سندن اوڀر پاسي لڏپلاڻ ھميشھ نسبتي طرح ننڍن ننڍن جٿن
جي شڪل ۾ ٿيندي رھي، جن کي ’کھرو‘ ڳالھائيندڙ ماڻھو
تيزيءَ سان جذب ڪندا رھيا. اِھا لڏپلاڻ اڄ ڏينھن تائين
جاري آھي. (3)
سپت سنڌو
ويدن ۾ سنڌوءَ کي پاڻ وھيڻي سون – ورني ندي سڏيو ويو
آھي، جا برف سان ڇانيل جبلن تان ڪڙڪاٽ ڪندي لھي ٿي،
گھاٽن ٻيلن منجھان ڌوڪيندي نڪري ٿي، سھڻين ٻنين جي
سنوت ۾ وھندي اٿاھھ پاڻين ۾، جن اندر سج غروب ٿيو وڃي،
ڦھلجي وڃي ٿي. اھي سنڌوءَ جي گھٽ وڌ اُتر ۽ ڏکڻ واريون
حدون آهن، هماليھ ۽ ھندي وڏو سمنڊ. پر سنڌو، نيل جي
ابتڙ اڪيلي وھندڙ ندي نھ آھي، ھتان ھتان ڪئين نديون
اچيو ساڻس ملن. سنڌو ۽ ان جون سگھاريون ڏن – ڀرو
نديون، شاخن جيان پکڙجي وڃيو سمنڊ کي ڳوليو لھن. اھي
ڏن – ڀرو نديون، ڳڻپ ۾ اوڀر کان اولھھ ھن طرح آھن:
وڀاس (بياس)، ستدري (ستلج)، پروسني (راوي)، آسِڪي
(چناب)، وتشتا (جھلم)، ڪُڀا (ڪابل)، ڪرم (ڪرم)، گومتي
(گومل) ۽ ڪي ٻيون آھن. ڪنايتًا اھي ڪل ست ڳڻيون وڃن
ٿيون. سپت سنڌو يعني ست وھڪرا. اھي جنھن ملڪ کي
ريجائين ٿيون، تنھن کي ٽن پاسن کان رڻ آھي، اوڀر ۾
راجسٿان، اولھھ ۾ بلوچستان ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ.
جيئن اڳي چيو اٿم، اھو زرخيز اڌ – چنڊ ھڪ وسيع علائقي
جو ڀاڱو ھو. جھيڻي ڳالھائڻ وارن جي ’اويستا‘ ۾ آرين جي
ڏيھھ ”آريانام ديھيو“ جون حدون ھن ريت ڄاڻايل آھن:
اُتر ۾ رھا ندي ھاڻ آمو درياءُ، ڏکڻ ۾ ’وچ – ڀون‘
غالبًا مڪران، اوڀر ۾ ھندو درياءُ ۽ اولھھ ۾ ھڪ ٻي
ھندو ندي، جنھن کي ٻئي ھنڌ ’ھرويو‘ چيو ويو آھي ۽ ھاڻي
’ھري – رُود‘ ڪوٺجي ٿو، جيڪا ھرات ۾ آھي. اھي رگ ويد
جي رسا، سنڌو ۽ سريو سان بلڪل ٺھڪي اچن ٿيون. پر جيئن
تھ پھرين ۽ ٽين ندي انھن علائقن ۾ ھيون، جيڪي ويدن
وارن آرين کي ڇڏي زمانا ٿي ويا ھئا؛ انھيءَ ڪري اھي
ماڻھن جي حافظي تان لھي ڏند ڪٿائي نديون بڻجي ويون.
انھن لاءِ چوٿين ڪنڊ سمنڊ ھو. ’اويستا‘ ۾ اُن کي ’زريا
وُرو – ڪس‘ يعني عظيم سمنڊ سڏيل آھي. اھو نالو سنسڪرت
جي ڪڇ جو پڙاڳو لڳي ٿو.
اويستا ۾ آرين جا جيڪي سورھن ملڪ ڄاڻايل آھن، تن ۾ رڳو
’ھپت ھندو‘ ئي اھڙو آھي، جيڪو مٿاھين پٽ کان ٻاھر آھي.
اويستا وارن وٽ، جي پاڻ گھڻي وڌيڪ ٿڌي علائقي جا ھئا،
انھيءَ علائقي جي سخت گرمي ۽ نياڻين جو سوير سامائجڻ
ڪري ضرب المثل ھئا.
وچولي فارسيءَ ۾ جوڙيل بندھش، جيتوڻيڪ 740 عيسويءَ
ڌاري لکيو ويو ھو، تڏھن بھ ان ۾ سکامني دور کان اڳ جي
جاگرافيائي ڄاڻ کي پوري سچائيءَ سان ۽ بعضي صحيح اپٽار
سان ڄاڻايو ويو آھي. حالانڪ اِھا اُپٽار ڪي قدر سڌاريل
لڳي ٿي. ان تصنيف موجب دنيا ۾ رڳو ٻھ وڏيون نديون آھن:
ارنگ ۽ ويھھ. ٻئي اُترين جبلن کان وھن ٿيون. ھڪڙي
اولھھ طرف وڃي ٿي ۽ ٻي اوڀر طرف. ويھھ جڏھن سنڌ ديش
(سنڌ ڀومي) منجھان لنگھي ٿي، تڏھن اھا مھراڻ (متراڻ)
سڏجي ٿي. اھا ھندي سمنڊ (ھندوستان زريا) ۾ وڃي پوي ٿي.
ٻي ندي غالبًا ’آمو دريا‘ آھي.
سنڌي
آريا ھڪ تمام وڏي علائقي ۾ آباد ھئا، جيڪو اويستا واري
زماني ۾ سورھن ڏيھن اندر ھو. ھڪ ٻئي کي اباڻن ۽ قبائلي
نالن سان سڏڻ کان سواءِ ساڻيھن جي نالن پويان پڻ ضرور
سڏيندا ھوندا. (4) ان ڪري ئي اسين ڏسون ٿا تھ اڍائي
ھزار ورھيھ اڳ جي سکامني بادشاھن پنھنجن ٺُلھن جي ڪتبن
۾ سورھن آريائي پرڳڻن جا ڪي ٽيھھ نالا ڄاڻايا آھن.
انھن ۾ اسان کي ھندو (سنڌو) ۽ ان جي صفت، ھندويھ
(سنڌي) ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
اھو پھريون ڀيرو ھو، جو ماٿريءَ جي رھواسين کي نالي
ڏيڻ لاءِ سنڌي لفظ لکيت ۾ ڪتب آندو ويو. ’سنڌو‘ سنسڪرت
جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي سنڌ جا ماڻھو. اھو لفظ
پھريون ڀيرو مھاڀارت ۾ آيل آھي، جيڪا سن 200 عيسويءَ
جي تصنيف آھي. (5)
ان دور جا يوناني لکندڙ، ايراني اُچار جي پوئواري
ڪندي، انڊس، انڊيا ۽ انڊو استعمال ڪن ٿا ۽ ان ڪري ھو
سنڌ وارن کي لکيت ۾ سنڌي سڏڻ ۾ ٻئي نمبر تي آھن. (6)
سماج
رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو تھ سنڌين، سنڌو ماٿريءَ کي
پوري طرح سان وسايو ۽ ان علائقي کي مڪمل طرح آريائي
ڪري ڇڏيائون. اھڙو ذڪر خير ڪو نه ملي ٿو تھ ھنن جي اڻ
آرين سان ڪا جنگ ٿي ھئي. جن داس، داسيھ(7) ۽ پڻي لوڪن
جو عام ذڪر ملي ٿو، سي پرانھان ۽ برف ڇانيل اُترين
جبلن جي ڏند ڪٿائي راڪاس سان واسطو رکن ٿا. معلوم ٿو
ٿئي تھ اھو راڪاس برفاني دور جي ڪا اڻ ڳرندڙ برفاني ڇپ
ھو. سندس نالو اَھھ (بلا) ۽ ورتر (جھليندڙ) گڏيل ھند –
ايراني ديومالا سان واسطو رکي ٿو. ان ڪري ويدن جي
زماني کان اڳ جو آھي. (8) داسَ، داسيھ ۽ پڻي لوڪ مال ۽
سون ۾ شاھوڪار ھئا ۽ پرانھين رسا ندي کان پرتي اُتانھن
جبلن جي وچ ۾ پھڻ جي ڪوٽن اندر رھندا ھئا. ھنن پنھنجن
دريائن تي بند ٻڌا. درحقيقت ھڪڙو ٽڪرو کين اوڀر ۾
رھندڙ ڏيکاري ٿو، جنھن مان ظاھر ٿو ٿئي تھ تن ڏينھن
آريا پامير جبلن جي اولھھ ۾ ڪنھن ھنڌ رھندڙ ھئا. ھڪ
ٻئي ٽُڪري ۾ کين ’اَناسا‘ (ناسن کان محروم) ۽ ڪا اگري
ٻولي ڳالھائيندڙ ڏيکاريو ويو آھي. اھي رنگ جا پڪا آھن
۽ ’اڻ – آريا‘ آھن. ڪٿي اھي منگول نسل جا تھ نھ آھن؟
ڇا بھ ھجي، اھي ’سنڌو تھذيب‘ جا ڌڻي نھ هئا، جيڪي
ميدانن جا رھاڪو ھئا ۽ پنھنجا شھر پڪين سِرُن مان
جوڙيندا ھئا.
ويدن واري زماني جي ذري گھٽ ھر سماجي پھلوءَ تي گھڻو
ڪجھھ لکيو ويو آھي. ان ڪري آءٌ رڳو سڄي جو تتُ ڏيندس ۽
پوءِ پنھنجا نتيجا ڄاڻائيندس. ان وقت سماج ٻن وسيع
طبقن ۾ ورھايل ھو. مٿانھين طبقي ۾ حاڪم، امير امراءُ،
سيٺيون ۽ سندن ’ڪوي – پروھت‘ اڇي ٿي ويا. ھنن انھن
منجھان ئي جنگجو پيدا ڪيا، جي ھميشھ پاڻ ۾ وڙھندا ھئا،
يا وري اوڀر پاسي اٿل کائي، وڙھندا وڙھندا وڃي گنگا
ماٿريءَ کان نڪرندا ھئا. سَرواڻ يعني راجا چونڊبو ھو ۽
ڪائونسل جي ضابطي ھيٺ رھندو ھو. ھن جي دولت سندس
ماڻھو، گھوڙا، رٿ، ڍڳا، ڍوا، ويس وڳا، سونُ، ھٿيار ۽
ٺٺ ٺانگر ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ھو ٻين راجائن سان گڏجي ڪا
جنگ جوٽيندو ھو. ڪوي – پروھت ٻلين چاڙھڻ وقت سندس ۽
سندس ديوتائن جي واکاڻ ڪرڻ لاءِ ھردم حاضر ھوندو ھو.
ھيٺئين طبقي يعني وئشن ۾ ڪڙمي ھئا، جي پنھنجن چوپائي
مال جي ڌڻن ۽ ٻنين لاءِ پيا پاڻ پتوڙيندا ھئا. ان کان
سواءِ ڪوري، موچي، واڍا، ڌاتو – ڪاريگر ۽ مڃار ھئا.
ان پيئيتي سماج ۾ زالن جو چڱو مان ھو. کين پنھنجي وَرُ
چونڊڻ جي موڪل ھئي. طلاق جو ڪو ذڪر نٿو ملي ۽ جسم توڙي
روح جي مرڻي تائين ساٿ تي زور ڏنو ويندو ھو. سَتِي ٿيڻ
جو رواج ڪونھ ھو.
ماڻھو ساز جي سنگت تي نچندا، شرطون پڄائيندا ۽ جوئا
ڪندا ھئا. ھو پرڻي ۽ مرڻي جا سرگس ڪڍندا ھئا. پروھت
وڏي ساٺ سوڻ سان پوتر ’سوم رس‘ پيئندا ھئا تھ غريب
غربو وري ’سورا‘ تي خوش ھوندو ھو، جيڪو بيئر جھڙو ٿئي
ٿو.
سندن ديوتائون اصل ۾ اھڙا ئي ھئا، جھڙا اڌ – لاڏائو
چارڻ سادن ماڻھن جا فطري ۽ مافوق الفطرت ديوتائون ٿين
ھا. پر جڏھن اھي چوماسي جي برساتن واري علائقي ۾ اچي
وڌيڪ شاھوڪار حياتي گذارڻ لڳا، تڏھن سندن ديوتائون بھ
ان حياتيءَ موجب مٽجي ويا. اھا ڳالھھ گھڻي ڀاڱي
ايرانين سان بھ لاڳو ٿئي ٿي. فرق رڳو ايترو آھي تھ
ايرانين ٻھ وڏا باني پيدا ڪيا: اوڀر ۾ زردشت، جنھن
عملي پاڪائيءَ جي ھڪ عظيم مذھب جو پايو وڌو ۽ اولھھ جي
سائرس (ڪورو) لاءِ رستو ھموار ڪيو، جنھن ايران جي
پھرين عظيم سلطنت جو بنياد وڌو. انھيءَ مذھب تھ سنڌين
کي ڪونھ جيتيو، پر سلطنت کين جيتي ورتو.
ھاڻي آءٌ انھن پھلوئن ڏانھن ايندس، جي يا تھ نوان آھن
يا جن تي ھن وقت تائين پورو ڌيان نھ ڏنو ويو آھي.
پنھنجن اولھھ وارن اوائلي اويستائي ڀائرن جيان سنڌي پڻ
امن پسند ھئا. (9) معلوم ٿو ٿئي تھ سندن سنڌو ماٿريءَ
۾ اچڻ، ڪاھھ کان وڌيڪ، وسيع پيماني تي پرامن لڏپلاڻ
ھو. ننڍيون ننڍيون چڪريون ضرور لڳيون ھونديون، پر اھي
ايتريون اھم ڪونھ ھونديون جو انھن جي آڌار تي ڪو لٻاڙي
ڪيڏارو جڙي سگھي. ڀانئجي ٿو تھ آريا سموري مٿانھين پٽ
۽ ماٿريءَ ۾ رھندڙ اصلوڪن رھاڪن کان تعداد ۾ گھڻو وڌيڪ
ھئا. اھي نھايت تيزيءَ سان ڇانئجي ويا، ڇاڪاڻ جو وٽن
گھوڙا ۽ رٿ ھئا. ھنن اٺ پڻ آندو ھو، جيڪو وڌيڪ ڳرا بار
کڻي سائي پٽي کان ٻاھرين زمين تي ھلي ٿي سگھيو. اھي
ڳتيل آبادي وارن شھرن ۾ رھڻ تي ھريل نھ ھئا ۽ تعداد ۾
ايترا تھ گھڻا ھئا جو شھرن جي چوڌاري جيڪي زمينون
ھيون، سي سندن لاءِ پوريون نٿي پيون. تنھن ڪري ھنن
ٻيلا ساڙي زمين صاف ۽ تيار ڪئي تھ جيئن ان تي پنھنجي
’مشيني‘ پوک ڪري سگھن. وٽن ڍڳن سان ڪاھجندڙ ھر ھئا، جي
سنڌو تھذيب وارن جي رنبي جي مقابلي ۾ ائين ھئا جھڙا
ٽريڪٽر. ھو اونھاري ۾، مينھوڳيءَ ۾، سرءُ ۾، سياري ۾،
ھلڪيءَ ٿڌ ۾، بھار ۾، مال ۽ انّ اپائڻ لاءِ پگھر جو
پورھيو بھ ڪندا ھئا تھ ٻاڏائيندا بھ ھئا.
سندن ڌرم، ھيڪڙائي وارو نھ ھوندي بھ کين سچار، نيڪ ۽
نااُميد نھ ٿيڻ جي سکيا ڏيندو ھو. سندن ديوتا ۽ ديويون
اعليٰ انساني خوبين – سگھھ، رحمدلي، دريادلي، پيار،
شفقت، فياضي، مددگاري، گھڻگھرائي ۽ مادري ۽ پدري خوبين
جي انتھا جي علامت آھن.
ٻولي
عظيم داريوش پنھنجي ٻوليءَ کي، جيڪا ھاڻي پراڻي فارسي
سڏجي ٿي، ’آريا‘ نالو ڏنو. اھو بلڪل سڀاويڪ ھو، پر
سنڌو ماٿريءَ ۾ اسين ڏسون ٿا تھ تڏھوڪن برخود غلط
پروھتن پنھنجي ٻوليءَ کي ’سنسڪرت‘ سڏيو، جنھن جي معنيٰ
آھي ڊولائتي ۽ ھٿراڌو طرح سنواريل جرڪايل. ان جي
برخلاف عام ماڻھن جي ٻوليءَ جو نالو ھو ’پراڪرت‘ جنھن
جي معنيٰ آھي اصلوڪي، قدرتي. اويستا (اڻ ڄاتل، ڳجھو)
نالو پوين ايرانين جو رکيل ھو، ڇاڪاڻ تھ اھي سڳورا
ڪتاب سندن سمجھھ کان ٻاھر ٿي ويا ھئا.
تاھم سنسڪرت، پراڻي فارسي ۽ اَويستا جو اڀياس ڏيکاري
ٿو تھ آريائي دور جي اوائل ۾ پرڳڻا ھڪ ٻئي سان لھھ وچڙ
۾ اچڻ لاءِ جيڪا ٻولي ڪم آڻيندا ھئا، سا ’آريا‘ ھئي ۽
اھو بھ تھ ھڪڙو سنڌي ان وقت ڪنھن ايراني، پارٿيائي يا
سوگديائي سان ايتري ئي سولائيءَ سان ڳالھائي ڄاڻندو
ھو، جيتري سولائيءَ سان اڄ ڪلھھ ڏکڻ – اڀرندي ايران جي
ڪنھن جگدالي يا الھندي ھندوستان جي ڪڇيءَ سان ڳالھائي
سگھي ٿو، تنھن زماني ۾ ’آريا‘ ٻولي اھڙي ھڪ ساريڪي
ڦھليل ھئي، جيتريون اڄ ڪلھھ ان منجھان ڦٽل ٻوليون
گوناگون نموني ۾ محدود آھن.
پوشاڪ
تڏھوڪا مرد توڙي زالون ھڪجھڙو ويس، ڌوتي ۽ چادر ڍڪيندا
ھئا: ڪپڙي جا ٽڪر، جيڪي بدن کي ويڙھي، ڪلھن تي ورائبا
۽ پٺي ۽ بڪل سان ٻڌبا ھئا. زالن جي ويس تي مردن جي ويس
کان وڌيڪ ڀرت ڀريل ھوندو ھو. سون، چانديءَ ۽ قيمتي
پٿرن جا ڳھھ پاتا ويندا ھئا.
پرسيپولس وارا اُٿيل چٽ سنڌين ۽ سندن ويجھن ثقافتي
مائٽن – اتر ۾ گنڌارا وارا، اتر – اولھھ ۾ ستگائيديا
وارا ۽ اولھھ ۾ ميشيا وارا - جي پھرين واضح جھلڪ
ڏيکارين ٿا. سڀني کي گرم آبھوا جو رھواسي ڏيکاريو ويو
آھي. ھنن کي ڌوتيون، سوڙھيون ڪڙتيون، شالون (چادرون) ۽
سئنڊل پيل آھن. سڀني کي ويڪريون ترارون آھن. گنڌارا
وارن کي ڀالا ۽ سنڌين کي ٻھ منھيون ڪھاڙيون آھن. سرگس
وارن سنڌين مان ٻن وٽ اڀيون لٺيون آھن، بلڪل اھڙيءَ
طرح جيئن اھي اڄ ڪلھھ سرگس ۾ ھلندي کڻندا آھن. چٽن ۾
سنڌي ڍڳي ۽ گڏھھ جون مورتيون بھ ڏنل آھن. ڪلھن تي
آرپار رکيل ڪنواٺي سان لڙڪندڙ ٽوڪرين ۾ سامان کڻڻ جو
روايتي انداز پڻ ڏيکاريل آھي.
ھيرو ڊوٽس، سنڌو ماٿريءَ بابت فارسي ماخذن جي آڌار تي،
پاڻ وڌيڪ ٻڌائي ٿو: سنڌي ۽ گنڌارا وارا سٺا تير انداز
ھئا. سموري سلطنت ۾ سنڌ سڀني کان وڌيڪ آدمشماريءَ وارو
۽ شاھوڪار ملڪ ھو. سڪندر سان گڏجي آيل يوناني ڄاڻائين
ٿا تھ ”سنڌي ٻھ ڀالا ۽ ھڪ ننڍي ڍال کڻندا آھن......
سندن ڪمانون ايتريون ئي ڊگھيون ٿين ٿيون، جيترا ڪمان
ڪش پاڻ ۽ ٻاڻ ھڻڻ وقت ھو ڪمان پٽ تي سمھاري، پير رکندا
اٿس ۽ زھھ چڱي پوئتي ڇڪيندا آھن(9). سندن تير چار فٽ
ڊگھا ٿيندا آھن ۽ ڍال يا سيني بند (ڇپڙاس) کڻي ڪيتري
بھ مضبوط ھجي، انھن جو ڌڪ نھ جھلي سگھندي...... ھر
ڪنھن وٽ ھڪ وڏي ويڪري، گھٽ ۾ گھٽ ساڍا چار فٽ ڊگھي،
ترار ٿئي ٿي، جا ھو ٻنھي ھٿن سان ھڻندا آھن.“ سندن ٻاڻ
لوھي چھنب سان ھوندا ھئا.
پاڪستان وارو ڀاڱو
ھيءَ ڳالھھ ڄاڻائڻ جوڳي آھي تھ گنڌارا وارا، ستگائيديا
وارا، ميشيا وارا، سنڌ وارا ۽ ڪي قدر اُتر – الھندي
سرحد جا درنگيا ۽ اَرچوسيا وارا؛ اھي سڀ پاڪستان جي
ھاڻوڪي رياست ۾ اچي وڃن ٿا – ذري گھٽ انھن مِڙني نسلي
۽ ثقافتي پھلوئن سميت، جي اڄ بھ منجھن موجود آھن. فرق
رڳو ايترو آھي تھ جيستائينڪ منجھن پوءِ وارا تفاوت
پيدا نھ ٿيا، تيستائين ھو پنھنجن اولھھ ۽ اتر وارن
ايراني ڀائرن کي ويجھا رھيا.
سنڌ ايران جي محڪوميءَ ھيٺ
عالمن سنڌ ۽ ان سان لڳولڳ ايراضين تي ساڪاميني بادشاھن
جي قبضي سان انصاف نھ ڪيو آھي. نھ تھ ڪنھن ’بادشاھن جي
بادشاھھ‘ ۽ نھ ئي ڪنھن ھمعصر يوناني مورخ سنڌ جي محاذ
تي ڪنھن بھ لڙائيءَ جو بيان ڪيو آھي. اسان کي رڳو
ايترو ٻڌايو ويو آھي تھ ”ايشيا جو وڏو حصو داريوش ڳولي
ڪڍيو ھو. اھو معلوم ڪرڻ لاءِ تھ سنڌو ندي...... ڪھڙي
ھنڌ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ھن ڪيترا ئي اھڙا ماڻھو، جن جي
سچار ھجڻ جي کيس پڪ ھئي ۽ جن ۾ ڪارندا جو رھاڪو سڪيلاس
بھ ھو، ڏياري موڪليا تھ سنڌو نديءَ ۾ لھوارا وڃن.....
مسافريءَ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ داريوش سنڌين کي جيتيو ۽
انھن علائقن ۾ سمنڊ کان فائدو ورتائين.
ٻھ صديون پوءِ سڪندر کي جيڪي مشڪلاتون درپيش آيون
ھيون، تن مان جيڪڏھن ٿوريون بھ موجود ھجن ھا تھ ڳالھھ
کي رڳو ھڪڙو لفظ ’جيتيو‘ چئي پورو نھ ڪيو وڃي ھا.
سنڌين ساڪاميني لشڪر جي ڀروسي جوڳن سپاھين جي حيثيت ۾
جيڪي ڪارناما ڪيا، سي ثابت ڪن ٿا تھ اھي نھ رڳو دلير
ھئا، پر وڙھي بھ ڄاڻندا ھئا. بدنصيب داريوش ٽئين جي
بچاءَ ۾ اھي ئي ھئا ۽ سلطنت جي زوال کان پوءِ بھ رڳو
سنڌي ئي ھئا، جن جدوجھد جاري رکي ھئي. سنڌو ماٿريءَ ۾
سڪندر جي ڪارنامن بابت ھيترين آکاڻين ھوندي بھ اسان ھن
کي واپس منھن ڀر ڪريل ايران ڏانھن تڙ تڪڙ ۾ پسپا ٿيندي
ڏسون ٿا، سو بھ سال جي اَڻائي مند ۾ طوفاني سمنڊ تان ۽
سڃي برپٽ بيابان منجھان. کيس ڏاڍو ڦٽڻ وارو بھ ھڪڙو
سنڌي ئي ھو.
تنھن کان سواءِ، جيڪڏھن ٻن صدين جي ھيڏي ساري عرصي ۾
ھن سون سان ڀريل پرڳڻي اندر ڪو ’وڳوڙ‘ ٿيو ھجي ھا تھ
تاريخ نويس اسان لاءِ ٻيو نھ تھ ڪي اشارا ضرور ڇڏين
ھا. منھنجو پنھنجو خيال ھيءُ آھي تھ سنڌين آرين ۽ سندن
اتحادين سان ٻڌي ڪئي ھوندي ۽ اھڙيءَ ريت پھرين گھڻ –
قومي سنگت ٺاھي، اُن کي پڇاڙيءَ تائين بچائڻ جي ڪوشش
ڪئي ھوندي، پر جڏھن اھا ٽڪر ٽڪر ٿي تھ ھنن مقدونيا
وارن خلاف باھھ ٻاري ڏني تھ اسان جو ملڪ ڇڏي وڃو ۽
جڏھن ڏٺائون تھ ايراني ائين نٿا ڪن، تڏھن نراس ٿي
پنھنجن اوڀر وارن مائٽن سان گڏجي ساڳيءَ طرز تي نئين
سلطنت جو پايو وڌائون.
پر ان ساڳيءَ ڳالھھ ۽ ايراني مٿانھين پٽ جي وڏي ڀاڱي
تي يونان جي قبضي سنڌو ماٿريءَ کي ايران کان، سياسي
طرح ۽ ڪافي حد تائين سماجي طرح ڇني ڌار ڪري ڇڏيو.
اھڙيءَ ريت اسان جي اوائلي آريائي زماني جي افسوسناڪ
پڄاڻي ٿي. پر سون – ورني سرھي سنڌو، سدا گجندڙ،
ڌوڪيندڙ، پڄندڙ، ڍرڪيندڙ، وھندڙ، تار ٿي وڃي اُگھاڙي
سمنڊ ۾ ڪرندڙ سنڌو، سٻاجھن ۽ سائينءَ سنوارين سنڌين کي
ھميشھ نون زمانن جي سوغات ڏيندي رھي ٿي.
حوالا ۽ سمجھاڻيون
]اوائلي
آرين پنھنجن ڀڄنن جا ڪيئن ڳُٽڪا ڇڏيا آھن، جن ۾ سندن
حياتيءَ جون جھلڪيون ملن ٿيون. ھڪڙا آھن رگ ويد، جيڪي
دنيا جا جھوني ۾ جھونا مذھبي ڪتاب آھن ۽ منجھن امراءُ
۽ حاڪم طبقي لاءِ ڀڄن ڏنل آھن. ٻيا آھن اٿرو ويد، جيڪي
ھيٺين طبقن لاءِ آھن. انھن ٻنھي جي وچ ۾ سام ويد ۽ يجر
ويد آھن، جي پڻ حاڪم طبقي لاءِ آھن. پر ھت اسان جو
انھن سان واسطو نھ آھي، ڇاڪاڻ جو اھي گھڻو پوءِ ۽ سنڌو
ماٿريءَ کان اڳتي سھيڙيا ويا ھئا. انھن کان پوءِ وارو
آھي ’اَويستا‘ جو، جيڪو اڀرندي ايران وارن جو پاڪ ڪتاب
آھي. ھن مضمون جي ’تاريخي‘ مرحلي لاءِ مون ايران جي
ساڪاميني جي منارن تي اُڪريل لکيتن جو حوالو ڏنو آھي.
ڪن نڪتن جي سمجھاڻيءَ لاءِ ان زماني جي يوناني لکيتن
جا ڪي ٽڪرا پڻ ڪم آندا اٿم.[
مٿي ڄاڻايل ماخذ منھنجي معلومات جا وڏا توڙي ننڍا
ذريعا آھن پر منھنجو مقالو تصوير جو فقط ھڪڙو رخ پيش
ڪري ٿو. ٻيو رخ آءٌ آڳاٽن اھڃاڻن جي ڄاڻائڻ لاءِ ٿو
ڇڏيان تھ ڀل اُھي پوريءَ طرح نروار ڪن. مون حوالا توڙي
ببليو گرافي نھ ڏني آھي، ڇاڪاڻ تھ ھيءُ مقالو مون
پنھنجي ڪتاب ”سنڌو ماٿريءَ جا ماڻھو ايران ۾“ مان
ڪوريو آھي، جو آءٌ لکي رھيو آھيان.
(1)
سنسڪرت ۾ آريا، اَويستا ۽ ايئريا قديم فارسيءَ ۾
اريئا. آريا ھند – يورپين جو ھڪ پاڙو آھن.
(2)
جھيڻو ڳالھائيندڙ يا لس – ٻولڻا رواجي طرح ’س‘ کي ’ھھ‘
۾ مٽائيندا ھئا. ڪن سرن کي ڊگھو يا گھڻو ۽ ڪن وينجنن
کي وِسَرگ ڪندا ھئا. سپت سنڌو/ھپت ھندو؛
سرسوتي/ھرزوئتي، ھرھوئتي؛ ساريھ/ھرويو، ھرئيو؛
سھسر/ھزانر، سکامن/ھخامن، متر/مٿر.
(3)
بلوچ ۽ پٺاڻ اڃا تائين سنڌو ماٿريءَ ڏانھن لڏيندا رھن
ٿا.
(4)
مثال طور ڀيٽي ڏسو رگ ويد جا پاراوت، جي الھندن ٽڪرن
جو ھڪ شاھوڪار قبيلو ھئا. اھي شايد اَويستا ۾ آيل
پائروتا آھن، جي پڻ الھندن ٽڪرن جا ھئا.
(5)
مھاڀارت جا ڪيترا ئي لکندڙ، سڌاريندڙ ۽ وڌائيندڙ ھئا.
ھاڻي ان ۾ اٽڪل 20 ھزار سلوڪ آھن، پر خيال آھي تھ شروع
۾ اھا 8800 سلوڪن تي مشتمل ھئي. انھيءَ تاراج ڪندڙ جنگ
بابت ڪن جو رايو آھي تھ اھا رگويد ۾ آيل تين راجائن ۽
ٻين جي وچ ۾ لڳل لڙائيءَ جي وڏي ڪري ڏيکاريل شڪل آھي.
اھا مڪاني لڙائي ھئي ۽ 900 ق.م ۾ لڳي ھئي ۽ پوءِ وڌاءُ
ڪندي ان ۾ ھندستان جي سڀني قومن کي بھرو وٺندي ڏيکاريو
ويو. انھن قومن ۾ سنڌي ۽ ٻيا ڏورانھان ماڻھو شامل ڪيا
ويا. اھا لڙائي ڪرڪشيتر جي ميدان ۾ لڳي ھئي، جو ھاڻوڪي
دھليءَ جي اُتر ۾ ھو.
(6)
اھو ڄاڻائڻ دلچسپيءَ کان خالي نھ ٿيندو تھ لس – ٻولڻن
پنھنجي لاءِ آريا – اران، ايران، ايراني – نالو قائم
رکيو، پر سندن اُچار ’ھندو‘ ۾ ڪئين ڦيريون ڦاريون آيون
آھن. انھيءَ اُچار سموري ڏکڻ ۽ ڏکڻ – اوڀر ايشيا کي
ھند، ھندوستان، ھند – چين، ھندي (ٻولي ۽ ماڻھو) ۽ ھندو
(ھڪ ڌرم جا پوئلڳ) جا نالا ڏنا آھن، جن جي يورپي شڪل
انڊيا، انڊو – چائنا، انڊونيشيا، ايسٽ اِنڊيز، ويسٽ
انڊيز، انڊينس (ھندوستان جا رھاڪو ۽ ساڻن ’مٽي مائٽي
نھ رکندڙ‘ آمريڪي ھندوستاني)، انڊين اوشن، ھندو ازم ۽
پڻ اِنڊس. ھوڏانھن ’سنڌ‘ ايراضي ۽ ھنڌ ۾ ڦيرين گھيرين
جي باوجود سنڌو ماٿريءَ جي ڪنھن نھ ڪنھن ڀاڱي جو نالو
رھندو آيو آھي، ايتري قدر جو ايرانين کي بھ ان جو نالو
’سنڌ‘ ۽ اتان جي رھواسين کي ’سنڌي‘ اچارڻو پئجي ويو.
ساساني ۽ اوائلي اسلامي دور ۾ ’سنڌ‘ جو نالو سنڌو
ماٿريءَ سان ۽ باقي ننڍي کنڊ سان ’ھند‘ نالو لاڳو ڪيو
ويو ھوندو.
(7)
ڀيٽي ڏسو: دَھھ (ھڪ وچ – ايشيائي قوم) ۽ دھيھ (ڏيھھ
يعني ايرانين جو ملڪ) دسيھ جي اصل معنيٰ ھئي ’اوپرا‘.
(8)
ڀيٽي ڏسو: اويستا ۾ ان جھڙيءَ ڏند ڪٿا لاءِ ڪتب آيل
لفظ ’ازھي‘ ۽ ’وريٿر‘ توڻي صفت دھاڪ.
(9)
ساڪاميني جا ٻاڻي پڻ ائين ڪندا ھئا.
(ترجمو: سليم احمد) |