سنڌ ۾
عربستان جا ثقافتي ناتا
ڊاڪٽر اختر امام
سنڌ جي
تاريخ شروعات کان، ايشيا جي ثقافتي تاريخ ۾ نمايان
ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب، جا شڪ ناھي
تھ دراوڙي نوعيت جي ھئي، وقت جي واريءَ تي اونھان نشان
ڇڏيا آھن. پارٿيا، بابل ۽ اسيريا ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڏکڻ
عربستان بابت اھو انومان ڪڍي سگھجي ٿو تھ انھن ويجھن
ملڪن سنڌ ڏيھھ سان ثقافتي ناتا قائم ڪيا ھوندا، ڇو تھ
ساحلي ليڪ سامونڊين کي اھڙن ناتن ڳنڍڻ جو پورو پورو
وجھھ ٿي ڏنو. يوناني امير البحر نيارڪوس بابت ڄاڻايو
وڃي ٿو تھ ھن ملتان جي گھاٽ تي عرب سامونڊي ڏٺا ھئا.
ڀانئجي ٿو تھ عربن جي سنڌ سان واپار واري ھڪ ھٽيءَ کي
روم ۽ ايران وارن ختم ڪري ڇڏيو، پر انھن سلطنتن جي
زوال کان پوءِ سنڌ جي پاڻين ۾ عرب سامونڊين جون
سرگرميون وري شروع ٿي ويون ھيون.
ستين صدي
عيسويءَ ۾ عرب واچوڙي وانگر اٿيا ۽ دنيا تي ڇانئجي
ويا. ھنن ھڪ نئون عالمي نظام آندو، جيڪو رنگ، نسل ۽
ذات پات جي پراڻين قدرن کان انڪار تي ٻڌل ھو. ائين
سمجھڻ لاءِ پختو يقين آھي تھ سنڌ سان عربن جو واپار،
جيڪو اڳ پٺتي پئجي ويو ھو، سو اسلام جي ظھور کان پوءِ
زور وٺڻ لڳو.
تاريخ نويس
البلاذري (وفات 892ع جي لڳ ڀڳ) پنھنجي تصنيف ’فتوح
البلدان‘ ۾ ڄاڻائي ٿو تھ ديبل جي ڪناري وٽ ’بوارج‘(1)
يعني سامونڊي ڌاڙيلن جي سرگرمين جي ڪري سنڌ جو اسلامي
سلطنت سان ڳانڍاپو اڻ ٽر ھو.
سنڌ جي فتح
سان منسوب ڪھاڻي چڱي مشھور آھي، تنھن ڪري ھتي اُن جو
ورجائڻ واجبي نھ آھي. سنڌ تي ڪاھھ جا جيڪي سبب
البلاذريءَ ڄاڻايا آھن، سي سورھين صدي عيسويءَ ۾
فرشتي(2) جي ڄاڻايل سببن کان ڪافي مختلف آھن. فرشتي
پنھنجي معلومات جا ذريعا ظاھر نھ ڪيا آھن. جيئن تھ
البلاذري ۽ خليفي وليد بن عبدالملڪ (705-715ع)، جنھن
جي حڪم سان سنڏ فتح ڪئي وئي ھئي، ٻنھي جي وچ ۾ رڳو 177
ورھين جي وٿي آھي، انھيءَ ڪري اھو مورخ وقت جي
ويجھڙائيءَ جي بنياد تي معتبر ھجڻ جي دعويٰ ڪري سگھي
ٿو.
اڳتي وڌڻ
کان اڳ ھي ڄاڻائڻ مناسب ٿيندو تھ نائين ۽ ڏھين صديءَ
جي عرب لکندڙ عام طرح ’السند‘ ۽ ’الھند‘ ۾ فرق رکيو
آھي. ابن خردازبھ (وفات 1885ع)(3)، ابن فقيھ (9 صدي
عيسويءَ جي پڇاڙي)(4)، اليعقوبي (وفات 897ع)(5)،
المسعودي (وفات 956ع) (6)، المقدسي (ڏھين صدي عيسويءَ
جو پويون اڌ)(7)، ابنِ حوقل (وفات 977ع)(8)، الاسطخري
(ڏھين صدي عيسويءَ جو وچ)(9) ۽ حدود العالم جو گمنام
مصنف، جنھن پنھنجي تصنيف 982ع ۾ جوڙي ھئي، اھي سڀ
’سنڌ‘ کي ’ھند‘ کان ڌار ڪن ٿا. جيتوڻيڪ مٿين لکندڙن
مان ڪنھن بھ ’الھند‘ ۽ ’السند‘ جي وچ ۾ سرحد جو تعين
چٽيءَ طرح نھ ڪيو آھي. تنھن ھوندي بھ سندن لکڻيءَ جي
نموني مان صاف ظاھر ٿئي ٿو تھ سندن مراد ٻھ ڌار ڌار
ملڪ آھن. منارسڪي، حدود العالم تي پنھنجي شرح ۾ انھيءَ
مسئلي تي ھيئن لکيو آھي:
”عرب
جاگرافيدانن جي سنڌ (ھند کان مختلف حيثيت ۾) مان مراد
بلوچستان ۽ سنڌو نديءَ جو اروڙ تائين ھيٺيون علائقو
آھي.“(10)
مذڪور صاحب
جو اھو انومان اعتراض جوڳو آھي، ڇاڪاڻ تھ پاڪستان جو
اڄوڪي سرحدي پرڳڻو ۽ اڻ چٽيءَ طرح پنجاب بھ اڪثر
’السند‘ ۾ شامل ڪيو ويندو آھي. ديبل، جنھن کي البقري
(وفات 1094ع؟) ان جي عام نالي سان گڏ ديبنان(11) بھ
سڏي ٿو، سو حدود العالم جي چوڻ موجب (12) سن982ع ڌاري
ھڪ مصروف بندرگاه ھو. ھتي ھندوستان جي پيداوار اڳتي
اماڻڻ لاءِ وڏي انداز ۾ آندي ويندي ھئي. انھن شين ۾ ھن
بندر کان ”جيڪي شيون ھر پاسي موڪليون وينديون ھيون“،
تن ۾ مصري مکيھ ھوندي ھئي. ’حدود العالم‘ جي انھيءَ
مذڪور جي پٺڀرائي ڏھين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري
الاصطخري بھ ڪري ٿو. حيرت آھي تھ ابن الفقيھ سنڌ مان
ڏيساور ويندڙ شين ۾ ھڪڙي ’مشڪ ٻِلو‘ بھ ڄاڻائي ٿو.
(13) ميون ۾ مکيھ پيدائش ڪمند، انب ۽ کٽا ليما ۽ ٻئي
اناج سان گڏ چانور بھ ٻاھر ويندڙ ھئا. (14)
جڏھن مسلمان پھريون ڀيرو سنڌ ۾ آيا، تڏھن ھنن ھيءَ
ڳالھھ خاص طرح ڏٺي تھ سنڌ جون ٻھ مکيھ قومون ’زت‘ (جت)
۽ ’ميد‘ پاڻ ۾ ٺھيل نھ ھئا. ياد رھي تھ المعتصم بالله
جي خلافت دوران سوين جت بصري ويا ھئا. المعتصم بالله
833ع ۾ خليفو بڻيو ھو. ابن خلقان اشارو ڏنو آھي تھ
امام ابو حنيفھ جو ڏاڏو جت ھو. ان کان گھڻو وقت اڳ چيو
وڃي ٿو تھ حضرت عمر کي ڪي جت مديني ۾ نظر آيا ھئا.
اھڙو ذڪر مولانا سيد سليمان ندويءَ پنھنجي تصنيف ’عرب
۽ ھند جا تعلقات‘ ۾ ڪيو آھي. المسعودي، ميدن جي شر
انگيز سرگرمين جو حوالو ڏئي ٿو تھ اھي ديبل کان گجرات
جي سومناٿ تائين سامونڊي ڌاڙا ھڻندا ھئا. ”المعتصم
بالله جي زماني ۾ سنڌ جي والي ميدن تي لشڪر چاڙھي
موڪليو، جنھن ٽي ھزار ميد ماري ڇڏيا.“(15) ايليئٽ
موجب، مجمل التواريخ جي مصنف جو رايو ھو تھ مٿيون
قومون ’ھيمائيٽ‘ نسل مان ھيون. (16) ان کان بھ اڳ،
المسعوديءَ ڄاڻايو ھو تھ ’السند‘ جا ماڻھو ھيمائيٽ بڻ
جا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
عباسي دور
جي تاريخ نويسن ڄاڻايو آھي تھ ھارون الرشيد جي
بيماريءَ طول ورتو تھ سندس علاج لاءِ ھڪڙو سنڌي طبيب
گھرايو ويو، جنھن کيس صحتياب ڪيو. المسعودي لکي ٿو تھ
”ھند ۽ سنڌ جي راجائن، نوشيروان عادل (78-531ع) ڏانھن
ايلچين ھٿان سوکڙيون موڪليون ھيون. (17) جن ۾ ٻين شين
سان گڏ شطرنج، خضاب ۽ آکاڻين جو ھڪ قلمي نسخو ڪليلھ
ودمنھ (18) نالي بھ ھو.“ وڌيڪ چوي ٿو تھ ”اھو خضاب
اھڙو تھ عمدو ھو جو ان جي ھڻڻ سان وارن جون پاڙون بھ
ڪاريون ٿي وينديون ھيون ۽ چمڪ پيدا ٿي پوندي ھئي.“ بنو
اميھ جو خليفو ھشام بن عبدالملڪ (743-704ع) اھو
(ٻاھران گھرايل) خضاب ھڻندو ھو. (19) اليعقوبي اسان کي
ٻڌائي ٿو تھ سندس ڏينھن ۾ ”ڪافور جو پاڻي ۽ نير،
عربستان موڪليا ويندا ھئا.(20) ھو وڌيڪ چوي ٿو تھ سنڌ
نباتات توڙي حيوانات ۾ بلڪل شاھوڪار آھي. انھن جو وچور
ڏيندي ھو گينڊي، مور، چتونءَ ۽ ڪڪڙن جا نالا پڻ ڳڻائي
ٿو ۽ پڻ ڪيترا عطرن ۽ جڙين ٻوٽين جا پڻ نالا کڻي ٿو.
(21)
ملتان ۾ مھراڻ درياءَ جي ڪنڌيءَ تي جيڪو سج ديوتا جو
مندر ھو ۽ سڄي ھندوستان کان ماڻھو جنھن جي ياترا تي
ايندا ھئا، تنھن مڙيوئي نائين ۽ ڏھين صديءَ جي مسلمان
سياحن کي ڪافي متاثر ڪيو ٿو ڏسجي. (22) انھيءَ سلسلي ۾
ھي ڄاڻائڻ مناسب آھي تھ تن صدين جا لکندڙ عام طرح ٻڌن
۽ ھندن جي پوڄا ۾ فرق نھ ڪري سگھندا ھئا. ويندي ابن
بطوطھ بھ، جيڪو سن341 ۾ لنڪا آيو ھو ۽ جنھن ان ٻيٽ جو
تفصيلي احوال قلمبند ڪيو آھي، ڀڪشوءَ ۽ سنياسيءَ ۾ فرق
نھ ڪري سگھيو ھو. ھن جن بھ غير مسلم عبادت گاھن کي
بيان ڪيو آھي، تن سڀني سان ساڳي ڳالھھ لاڳو ٿئي ٿي.
ڏھين صديءَ جي وچ ڌاري ’البڌا‘ تنھن وسيع ايراضيءَ جو
نالو ھو، جنھن جي گادي قندابيل ھو. جڏھن تھ المنصوره
سنڌ جي خاص گادي ھو، جيئن الاصطخري چوي ٿو:
”واما
البدھة فان مدينتھا قندابيل واما مدينة السند فانھا
المنصورة واسھا بالسندية برھمناد.“
المنصوره
جي سنڌي نالي جي سلسلي ۾ ڪا ڀل ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
الاصطخريءَ موجب ان کي سنڌيءَ ۾ برھمڻ آباد سڏيندا
ھئا. (23) پر ابن حوقل ان کي ’باميران‘ سڏي ٿو. (24)
المسعودي اسان کي سنڌ جي ھڪڙي مسلمان قلعيدار جي نھايت
ئي دلچسپ آکاڻي ٻڌائي ٿو: ”ھن کي ھارون بن موسيٰ
الموليٰ ازدي سڏيندا ھئا. ھو شاعر ۽ وڏو بھادر شخص ھو.
ھڪڙي ڀيري ڇا ٿيو تھ ھڪڙو ھندستاني راجا سندس ملڪ تي
جنگي ھاٿين سان ڪاھي آيو. اھو ڏسي ھارون بن موسيٰ
اڪيلي سر پنھنجي جبي ۾ ٻلي لڪائي وڏي ھاٿيءَ ڏانھن وڌي
ويو. جڏھن ھاٿي مٿس چڙھي آيو، تڏھن ھن ٻلي کڻي ڇڏي.
ھاٿي تنھن تي ٽھي پٺتي ھٽيو ۽ دشمن جون صفون ھيٺ مٿي
ٿي ويون ۽ لشڪر ۾ ٽاڪوڙو اچي پيو. راجا مارجي ويو ۽
مسلمان سردار کي فتح نصيب ٿي.“(25)
بغداد جي
عباسي خليفن کي گھٽ ۾ گھٽ نائين صدي عيسويءَ دوران،
سنڌ جي انتظامي معاملن تي مڪمل اختيار ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ابن عبد ربيھي (وفات 940ع) اسان کي ٻڌائي ٿو تھ ھارون
الرشيد، سنڌ جي واليءَ کي حڪم جاري ڪيو تھ ”جيڪڏھن
قبائلي تعصب پيدا ٿئي يا بت پرستيءَ جي ڪا تحريڪ شروع
ٿئي تھ ان کي ھڪدم بند ڪيو وڃي.“(26) خليفي ھارون،
عيسيٰ بن علي بن ماھان کي موڪليو تھ سنڌ ۾ جتي بھ
خارجي ھجن، ڳولي ماريا وڃن. (27) ھڪڙي ڀيري ھارون جي
پٽ کي شاعر احمد بن نعيم جي جوڙيل ڪن شعرن تي مٺيان
لڳي جو اھي عباسي گھراڻي جي شان جي خلاف ھئا، تنھن ڪري
کيس ڏيھھ نيڪالي ڏيئي سنڌ موڪليو ويو. (28)
مذھبي
معاملن تي لکندي المسعودي ڄاڻائي ٿو تھ ”ھڪڙي ڀيري
’بوداسف‘ ھندوستان جي سرزمين تي ظاھر ٿيو ۽ سنڌ وڃي
لٿو. ڪجھھ وقت کان پوءِ ھو سنڌ جي اولھھ طرف وارن ملڪن
ڏانھن روانو ٿيو. ھن پاڻ کي خدا جو نبي ڄاڻايو ۽
چيائين تھ آءٌ خدا جو پيغمبر آھيان ۽ خدا ۽ سندن بندن
جي وچ ۾ وسيلو آھيان، پوءِ ھو ايران ھليو ويو.“(29)
مذڪور تاريخ نويس نھ تھ اھو ڄاڻايو آھي تھ اھا معلومات
کيس ڪٿان ملي ۽ نھ ئي ھن ان بوداسف جي ظھور جي تاريخ
ڏني آھي. ھتي ھي ڄاڻائڻ مناسب آھي تھ جن مسلمان لکندڙن
مذھبن جو تقابلي اڀياس ڪيو آھي، تن عام طرح ان پراسرار
شخصيت بابت ڪا نھ ڪا ڳالھھ ضرور ڄاڻائي آھي. مثال طور
عبدالقادر البغدادي (وفات 1037ع) سندس نالو بوداسف لکي
ٿو(30) جڏھن تھ ٻين سندس نالو ٻڊاسف ڄاڻايو آهي. طاھر
المروزي، جنھن پنھنجي تصنيف 1120ع ۾ جوڙي راس ڪئي،
تنھن ھڪڙو سڄو سارو باب ٻڌمت تي لکيو آھي. ان ۾ ھو
ڄاڻائي ٿو تھ ٻڌن وٽ پنھنجي مذھب ۽ ’ٻڌاسفيھ‘(31) تي
ڪيترا ئي گفتا آھن. سو ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي تھ ٻڌ لاءِ
عربي لفظ بودھا ’بوداسفيھ‘ سان لاڳاپيل آھي. ھن زماني
۾ ڪن ان کي حضرت يوسف ڪري ۽ ڪن حضرت عيسيٰ ڪري سڃاڻڻ
جي ڪوشش ڪئي آھي، پر درحقيقت جيئن سيد سليمان ندوي
’ھند عرب تعلقات‘ ۾ ھي ڄاڻائي ٿو تھ ’ٻوڌي ستو‘ جي
عربي شڪل آهي ۽ بس!
عربي ادب جا
شاگرد، ابو عطا السنديءَ جي نالي کان واقف آھن. سندس
لکڻين جو اڀياس ڪندي ڪيترن ئي ’سنڌي‘ شاعرن يا صوفين
جا نالا ملن ٿا. انھيءَ عربيءَ جي لفظ ’نسبھ‘ جا ٻھ
مقصد ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ھڪڙو تھ واسطو رکندڙ شاعر صوفي اصل
سنڌ جو ھو، توڻي جو وطن ڇڏي ڏورانھين ڏيھھ وڃي رھڻ لڳو
ھو. ٻيو ھي تھ اھڙيءَ طرح سڏجندڙ ماڻھو يا تھ سنڌ کان
ٿي آيل(32) ھو يا سندس وڏا سنڌ جا ھئا. خطيب بغدادي،
ابن نصير السنديءَ جي نالي سان ھڪڙي شاعر جو ذڪر ڪيو
آھي، جنھن پنھنجي سرپرست الرشيديءَ جي واکاڻ ۾ ھڪ
قصيدو لکيو ھو. خطيب بغدادي ٽن سنڌي محدثن جا نالا پڻ
ورتا آھن، جي ھي آھن:
1.
نصر الله بن احمد ابن السندي (وفات 1041ع) (33)
2.
علي السندي العاقلي (34)
3.
احمد بن القاسم، جيڪو ابن السندي جي نالي سان مشھور
ھو. (35)
ياقوت، (36)
ابو معشر ۽ فتح بن عبدالله جا نالا ڄاڻائي ٿو، جي ٻئي
’سندي‘ مشھور ھئا. ابو معشر تھ سڌيءَ طرح تابعين کان
حديث پڙھي ھئي. ھڪڙو ٻيو برک سنڌي مشھور صوفي بزرگ شيخ
شھاب الدين السھروردي (وفات 234ع) جو دوست بھاءُ الدين
السندي ھو. ھن جو ذڪر اليافعي پنھنجي صوفي بزرگن تي
لکيل ڪتاب ۾ ڪيو آھي. الجاحظ، ابراھيم ابن السندي جو
نالو ڄاڻايو آھي، جو ديني عالم ھو. (37)
سو، ثابت ٿو
ٿئي تھ سنڌ ۽ عربستان جي وچ ۾ ثقافتي ڏي وٺ موجود ھئي،
جنھن باھمي مفاھمت، خيرسگالي ۽ علم جي واڌاري لاءِ
سازگار ماحول پيدا ڪيو.
حوالا ۽ سمجھاڻيون
(1)
ھنن کي انھيءَ نالي سان انھيءَ ڪري سڏيو وڃي ٿو، جو ھو
سمنڊ ۾ جن جھازن تي چڙھي ڌاڻا ھڻندا آھن، سي ’ٻيڙا‘
سڏبا آھن. ڏسو البيروني، ڪتاب الھند ص208.
(2)
تاريخ فرشتھ، نولڪشور پريس 1281ھھ، ص311
(3)
المسالڪ والممالڪ ص55
(4)
فتوح البلدان ص15
(5)
فتوح البلدان ص934
(6)
مروج الذھب جلد ٽيون ص14
(7)
احسن التقاسيم ص474
(8)
صورت الارض ص16
(9)
المسالڪ والممالڪ ص170
(10)
ايضًا ص372
(11)
معجم البلدان استبم جلد ٻيو ص569
(12)
ايضًا ص123
(13)
معجم البلدان ص11
(14)
الاصطخري ص173
(15)
ايليٽ، ’ھندستان جي تاريخ‘ ضميمو ص506
(16)
ايضًا ص509
(17)
مروج الذھب جلد ٻيو ص200
(18)
اصل سنسڪرت ۾ ’پنج تنتر‘ جي نالي سان لکيل. پھرين ان
جو ترجمو پھلويءَ ۾ ٿيو ۽ پوءِ پھلويءَ تان عبدالله
ابن المقفھ (وفات 760ع) عربيءَ ۾ آندو.
(19)
مروج الذھب، جلد ٻيو ص20
(20)
معجم البلدان ص16
(21)
ايضًا
(22)
مروج الذھب، جلد چوٿون ص96
(23)
المسالڪ والممالڪ ص173
(24)
ايضًا
(25)
صورت الارض ص319
(26)
عقد الفريد، چوٿون جلد ص214
(27)
مروج الذھب، اٺون جلد ص127
(28)
عقد الفريد، جلد چوٿون ص35
(29)
مروج الذھب جلد چوٿون ص24
(30)
الفوق بين الفراق ص200
(31)
طبع الحيوان ص43
(32)
ڏسو السمتانيءَ جو الانسب
(33)
تاريخ بغداد، جلد تيرھون ص30
(34)
ايضًا جلد يارھون ص354
(35)
ايضًا جلد چوٿون ص354
(36)
معجم البلدان ڏسو ’سنڌ‘ جي عنوان ھيٺ.
(37)
البيان جلد پھريون ص55
(ترجمو: سليم احمد)
سنڌ ۾ ڇُر جو ڪم
فرانسواز ڪوزين
1973ع ۾
اسان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سھڪار سان سنڌ ۾ بلڪ لاڙ ۽
ٿرپارڪر ۾ ڇُرَ جي ھنر جو اڀياس ڪيو. لاڙ ۾ اسين
سيکاٽ، مٽياري، ٽنڊي محمد خان، ماتلي، ٺٽي ۽ حيدرآباد
وياسين. ٿر پارڪر ۾ غلام نبي شاھھ ۽ عمرڪوٽ وياسين. ھت
اسين انھيءَ ابتدائي کوجنا دوران مليل پھرين معلومات
پيش ڪنداسين. ڇُرَ جي نمونن ۽ جن ھنڌن تي اھو ڪم ڪيو
وڃي ٿو، انھن ٻنھي جو اسان جيڪو اڀياس ڪيو آھي، سو اڃا
اڻپورو آھي، ڇو جو اسان جو ھالا، بدين ۽ مٺيءَ جھڙن
ھنڌن تي وڃڻ نھ ٿيو آھي.
ڏٺل ھنڌن جي وچور مان اڀياس ڪيل ڇريل لٽي جي قسم جو
اندازو ٿيندو. اھي شروعاتي طرح مرداڻا توڙي زالاڻا
ٻنھي قسمن جا ڪپڙا آھن، جھڙوڪ اجرڪ، پڙا، زنانيون
اوڍڻيون ۽ پڳون. گھر ۾ ڪم ايندڙ سامان، جھڙو ٽنڊي محمد
خان ۾ ٺھي ٿو، تنھن جو اڀياس ڪونھ ڪيو ويو. جتي ٻڌل
رنگ روڪن سان جو ڪم ڪيو وڃي ٿو، تتي ان جو اڀياس پڻ
ڪيو ويو.
مليل مدي
اندر رھندي ۽ ڄاڻ سڃاڻ کي ليکي ۾ آڻيندي اڀياس جي
ھيٺينءَ رٿا تي عمل ڪيو ويو.
(الف)
ھنري اڀياس
1.
ڇر جو ڪم
2.
اوزار ۽ ڪچو سامان
3.
ڪاريگر ۽ سندن ڪم
(ب) وڪرو
1.
وڪري جو بندوبست
2.
دستوري پڙي
3.
آئيندي جون امڪاني پڙيون
(ج) ڇريل
ڪپڙا
1.
انھن جو ڪارج
2.
انھن جا نمونا: چٽ ۽ رنگ
(الف) ھنري اڀياس
ڇر جو اصول
ھيءُ آھي تھ اڇي ڪپڙي کي رنگ – ٻنڌ
(Mordant)
يا رنگ – روڪ
(Vesist)
ھڻي، پورن سان ڇربو آھي. جڏھن رنگ –
ٻنڌ لڳل ڪپڙو ڇربو آھي، تڏھن رنگ جو ان سان ردعمل
ٿيندو آھي ۽ رڳو ڇريل حصن تي رنگ چڙھندو آھي. جڏھن رنگ
– روڪ لڳل ڪپڙو ڇربو آھي، تڏھن رڱڻ وقت رڳو رنگ – روڪ
کان آجا ڀاڱا رڱبا آھن.
ڇرڻ جي
ڪارروائي
ڇرڻ لاءِ
ڪيئي ڪارروايون ڪرڻيون پون ٿيون. اھي ڪارروايون نموني
آھر ڦرن گھرن ٿيون، پر ھر حالت ۾ انھن جي ٽن سرن ھيٺ
درجي بند ڪري سگھجي ٿي: ڪپڙي جي تياري، ڇر ۽ رڱاوت.
اسان گھڻي
تفصيل ۾ وڃڻ کان سواءِ، ھڪ ھڪ ڪري اجرڪن، پڙن ۽
پڇاڙيءَ ۾ اوڍڻين ۽ پڳن جي ڇر ۾ ايندڙ مرحلن جو ذڪر
ڪنداسون.
اجرڪ
1. ڪپڙي جي تياري:
بزار مان اڇو سوٽي ڪپڙو وڏي انداز ۾ خريد ڪري گھربل
ماپ موجب ڪتربو آھي ۽ پوءِ کار مليل ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾
ڌوئبو آھي. ڪپڙي کي پوءِ صابڻ ۽ تيل ھڻبو آهي؛ اھي ٻئي
ڪم يا تھ ھڪ ئي وقت ڪبا آھن يا ھڪ ٻئي پٺيان. انھيءَ
مقصد لاءِ ٻن قسمن جو تيل ڪتب ايندو آھي: ھيرڻ جو ۽
ڄانڀي جو. پڇاڙيءَ ۾ ڪپڙو بيٺل ساڪڻ ۽ تيل جي ڳاري ۾
ڀڄائبو آھي. انھن ڪاررواين جو مقصد، جي ترتيبوار کُنڀ،
ساڄ ۽ ڪسائي سڏجن ٿيون، ڇريل ڪپڙي تان ڪيميائي مسالا
خاص ڪري ڪلف لاھڻ، ان کي ڪونئرو ڪرڻ ۽ اھڙو ڪرڻ آھي تھ
جيئن ان تي رنگ سولو چڙھي.
2. ڇُرَ:
پھرين يعني ’اصل‘ ڇر کؤنر ۽ چُن پاڻيءَ ۾ ملائي ڪبي
آھي. ڪتب ايندڙ پور ’اصل جو پور‘ سڏبو آھي.
ٻي ڇُرَ
يعني ’ڪٽ‘ ھيراڪس جي ڳاري سان ڪبي آھي، جيڪو کؤنر يا
گدامڙيءَ سان گھاٽو ڪيل ھوندو آھي. ان لاءِ ڪتب ايندڙ
پور ’ڪٽ جو پور‘ سڏبو آھي.
ٽين ڇُر
’کور‘ سان يعني ميٽ، اٽو، کؤنر، ڦٽڪي، پاڻي ۽ آخر ۾ ڳڙ
ملائي ڪبي آھي. انھيءَ پوئين ڇر کان پوءِ پر اڃا ڪم
ھلندڙ ھوندو آھي جو ڪپڙي تي ڪٽي پٿاريندا آھن يا ڇيڻي
جي ڀور ھڻندا آھن، جنھن ڪري گڏاڙ
(mixture)
لٽي تي پڪو ٿي ويندو آھي.
3.
رڱاوت:
جيڪو پھريون رنگ ھڻبو آھي، سو آھي نير يا گلي. نير ٿڌو
ھڻندا آھن ۽ لٽو تھھ ڪيو ويندو آھي. پڪي ڪرڻ لاءِ ڪجھھ
ڪيميات پڻ گڏي ويندي آھي. پوءِ لٽي کي ڌوئي مَڃُٺَ
ھڻندا آھن.
مڃٺ سان رڱڻ جو ڪم ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ ڪبو آھي، جنھن ۾
مڃٺ سان گڏ پيٺل ساڪڻ پڻ مليل ھوندو آھي. رڱجڻ ۾ ٻھ
ڪلاڪ کن لڳي ويندا آھن ۽ لٽي کي پيو گھمائبو آھي تھ
جيئن ھڪ ڪرو رنگ چڙھي. گھمائڻ سان گڏ رکي رکي مڃٺ ۽
ساڪڻ بھ گڏاڙيو وڃبو آھي.
پوءِ لٽي کي
پھرين گِسي مليل پاڻيءَ ۾ ٻوڙيندا آھن ۽ پوءِ کار مليل
پاڻيءَ ۾ ڌوئيندا آھن. پڇاڙيءَ ۾ زمين تي پٿاري ڪيترا
ئي ڀيرا صاف پاڻي ڇٽڪاريندا آھن. ان ڪارروائيءَ کي
تپائي چئبو آهي.
تنھن کان پوءِ لٽي کي وري اھڙي ئي رنگ – روڪ سان
ڇريندا آهن، جھڙو اڳ واپرايل ھوندو اٿن. وري ان کي نير
۾ ٻوڙيندا آھن. ان ڪارروائيءَ کي مينا چئبو آھي.
4.
پڇاڙيءَ جو ھٿ:
لٽي کي پھرين کار ۽ صابڻ واري پاڻيءَ ۾ خبرداريءَ سان
ڌوئبو آھي ۽ پوءِ اُجري پاڻيءَ ۾.
پڇاڙيءَ ۾
لٽي کي سَٽبو آهي، جيڪو ڪيترن ئي ڌوپن کان پوءِ ڪبو
آھي. ائين ڪرڻ سان لٽو ڪونئرو ۽ کوڙيل ٿي پوندو آھي.
پڙا:
1.
لٽي جي تياري:
لٽي کي ڌوئي ساڪڻ مليل پاڻيءَ ۾ ڀِڄائبو آهي.
2.
رنگ – ٻنڌڻ سان ڇُرَ:
پھرين ڇر پاھھ ڪئي ويندي آهي، جيڪو ڦٽڪڙيءَ ۽ گدامڙيءَ
جو پاڻيٺو گڏاڙ ٿئي ٿو. جڏھن مڃٺ ھڻبي آھي تھ رڱيل
ڀاڱا ڳاڙھا ٿي بيھندا آھن.
ٻي ڇر ڪٽ
سان ڪئي ويندي آھي. مڃٺ ھڻڻ سان رڱيل ڀاڱا ڪارا ٿي
بيھندا آھن. پوءِ لٽو ڌوئبو آهي جيئن واڌاري ڦٽڪڙي
نڪري وڃي.
3.
مڃٺ سان رڱڻ.
4.
رنگ – روڪن سان ڇُرَ:
اھو رنگ روڪ، جيڪو ڊڀ سڏبو آھي، سو ڪِٽي، کؤنر، چن،
مٽيءَ ۽ پڇاڙيءَ ۾ پاڻيءَ جو گڏاڙ ھوندو آھي. لٽي تي
پوءِ واري پٿاريندا آھن تھ جيئن ڊڀ پڪو ٿئي.
5.
گلي ھڻڻ.
6.
پڇاڙيءَ جو ھٿ:
لٽي کي اجري پاڻيءَ ۾ ڌوئي، صابڻ واري پاڻيءَ ۾ ڌوئبو
آھي ۽ پوءِ سٽبو آهي. پوءِ ڪچن رنگن جا دڳڙ يا تھ پور
سان گديءَ سان لڳايا ويندا آھن. ان ڪارروائيءَ کي ڪَنج
يا ڀَنُ سڏيندا آھن.
ٻيا
طريقا:
ٻين لٽن جي
ڇُرَ بھ اڳيئي ڄاڻايل طريقن جھڙن طريقن سان ڪئي ويندي
آهي. مثال طور: ڪن پڙن تي ڪارا چٽ ڪين ھوندا آھن. ان
لاءِ ڪٽ جو ھٿ ڇڏي ڏبو آھي. اسان رڳو ٻن قسمن جي ڇر جو
ٿورو احوال ڏينداسون. پھرين ڪرياڻو ۽ ٻي آھي ملير يا
جھمي.
.1ڪرياڻو:
ان طريقي ۾ پھريون ھٿ کؤنر ۽ چاڪ جي رنگ – روڪ
(ڪرياڻو) جو ھڻبو آھي. ٻيو ھٿ ڪٽ سان ھڻبو آھي. تنهن
کان پوءِ لٽي جي سموري مٿاڇري کي ڦٽڪيءَ ۽ گدامڙيءَ کي
پاڻيءَ ۾ ملائي ليپ ڏبو آھي. انھيءَ ڪارروائيءَ کي کڙ
چئبو آھي.
رنگ روڪ
(ڪرياڻو) خبرداريءَ سان لاھي لٽي کي مڃٺ ۾ رڱبو آھي.
ڌوئڻ کان پوءِ ڪچي پيلي يا سائي رنگ جا دڳڙ ھنيا ويندا
آهن. هيءُ طريقو اوڍڻين ۽ ڪن نمونن جي پڙن ڇرڻ لاءِ
ھوندو آھي.
2.
ملير ۽ جھمي:
تياريءَ کان پوءِ لٽي کي اجرڪ وانگر ڇري، گليءَ سان
رڱي ڌوئي ڇڏبو آھي. پوءِ ان کي مڃٺ سان رڱي وري ڌوئبو
آھي. ان طريقي ۽ اجرڪ ڇرڻ واري طريقي ۾ فرق ھيءُ آھي
تھ ھن ۾ رنگ – روڪ سان ٻي ڇر ۽ نير سان ٻيھر رڱاوت نھ
ٿيندي آھي.
ڪچو
سامان:
ڇرڻ ۾ جيڪو
ڪچو سامان ڪم اچي ٿو، تن مان گھڻن جو ذڪر اسان ڇر واري
باب ۾ ڪري آيا آهيون. رڱاوت ۾ ڪتب ايندڙ گھڻيون قدرتي
پيدائشون، وناسپتي توڙي معدني، واپري مان نڪري ويون
آھن. مثال طور ھيراڪس (رنگ ٻنڌ طور ڪتب ايندڙ) ھاڻ
لوھھ جي ٽڪرٽيرن کي پاڻيءَ ۽ ڳڙ ۾ پسائي رکڻ سان نٿي
ٺاھي وڃي، بلڪ ھٿراڌو
(Synthetic)
پيداوار آھي. قدرتي ڦٽڪيءَ جي جاءِ ھٿراڌو ڦٽڪڙيءَ
ورتي آھي ۽ نير ۽ مڃٺ جھڙا رنگ بھ ھاڻ ڪيميات منجھان
ٺھڻ لڳا آھن.
ڪيميائي نير
ڪم کي سھنجو ڪري ٿو ۽ تڪڙو اڪلائي ٿو. البت ڪيميائي
مڃٺ گھڻو وقت کائي وڃي ٿي. تياريءَ ۾ نھ پر واپري ۾.
ڪاريگر
بنيادي شيون، جن مان گھڻيون پاڪستان ۾ ئي ٺھنديون آھن،
بزار منجھان خريد ڪندا آھن. مڃٺ، نير ۽ ڦٽڪڙي ٻاھران
گھرايا وڃن ٿا.
ڇر جو ڪپڙو
سوٽي ٿئي ٿو، جو پڻ پاڪستان ۾ ئي ٺھي ٿو. ڪاريگر اھو
وڏي انداز ۾ بزار مان ٻڌن واپارين کان خريد ڪندا آھن.
ڪاريگرن ۽ ٻڌن واپارين جي ناتي تي ھيٺ بحث ڪيو ويو
آهي.
ڇُرَ
جا اوزار:
بنيادي
اوزار ڪاٺ جو پور آھي، جيڪو پورگر ٺاھيندا آھن. دادو
ضلعي جي شھر راڌڻ جا پورگر انھيءَ ھنر ۾ استاد ليکيا
وڃن ٿا ۽ حيدرآباد جا پڻ. پور اھڙي ڪاٺ منجھان ٺاھيا
وڃن ٿا، جيڪو گھڻو وقت ھلي ۽ چٽو چٽ ٺاھي. ڪپڙي جي ڇت
۾ ڪيترا ئي پور ڪتب ايندا آھن. واپري پٽاندر ھر پور جو
نالو ڌار ٿئي ٿو.
پورگر جنھن ميز (پٽيو) تي ڇر جو ڪم ڪندو آھي، سا ڳوٺ
جي ڊکڻ جي ٺھيل ھوندي آھي. پٽيي تي پھرين ڪمبل يا ٻيو
ڪو چڱي ٿولھھ وارو ڪپڙو وڇائيندا آھن. انھيءَ مٿان
آڇاڙو رکندا آھن. ان سان مٿاڇرو لسو ٿي پوندو آھي،
جنھن تي لٽو رکي ڇربو آھي. ڪاريگر پاڻ ھڪ ننڍڙي گديءَ
تي ويھندو آھي.
ساڄي ھٿ تي،
پٽ مٿان يا سرن تي، ٺڪر جي چاٽي ياپلٿي رکيل ھوندي
آھي، جنھن ۾ رنگ پيل ھوندو آھي. ان ۾ اندر ڇپري رکيل
ھوندي آھي ۽ مٿان سڻيءَ يا ان جو مچو ۽ پوءِ نير جو
تھھ ھوندو آھي. پاسي واري ٿانءَ منجھان رنگ ٿورو ٿورو
ڪري اوتبو وڃبو آھي تھ جيئن مچي جو ھر پاسو ھڪجيترو
رنگ چُھي وٺي. جڏھن پور انھيءَ مچي سان لڳائبو آھي،
تڏھن ان جا اڀريل مٿاڇرا (ڪڻ) ھڪ ڪرو رنگ کڻندا آھن.
ڪڏھن ڪڏھن رنگ – روڪ ٺڪر جي ڀڳل ٿانءَ يعني ٽڀڙيءَ ۾
وجھي رکندا آهن. مکيھ اوزار اھي آھن، پر ڪيترا ٻيا
اوزار بھ ڪم ايندا آھن.
پورن جي
صفائيءَ لاءِ سوئر جي وارن جو برش ۽ سوئو ڪم آڻبو آھي،
جن سان ڪن پورن ۾ نِڪِتل سل صفا ڪيا ويندا آھن. سنھي
ڪم لاءِ تيلي ڪم آڻبي آھي، جنھن سان چٽن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ
لاءِ ماپ ڪبي آهي. نموني يا ڊزائين جا جيڪي ڀاڱا نامن
چاڙھڻا ھوندا، سي پني ٽڪرين، چاملي يا چامڙيءَ سان
ڍڪيا ويندا آھن.
رنگن
ٺاھڻ جا ٿانءَ ٿپا:
ڪن شين
جھڙوڪ ساڪڻ جي پيھڻ لاءِ اھڙو ئي جنڊ ڪم ايندو آھي،
جھڙو اَن پيھڻ جي ڪم ايندو آھي. رنگ – ٻنڌ ٽامي جي وڏي
ديڳڙيءَ ۾ ٺاھبا آھن، جڏھن تھ رنگ روڪ ٺڪر جي ڪُنن ۾
ٺاھبا آھن.
رڱڻ ۽
ڌوئڻ جون شيون:
مڃٺ سان رڱڻ
جو ڪم ٽامي جي ھڪ وڏي ناريءَ يعني چري يا چرڻ ۾ بٺيءَ
تي رکي ڪبو آھي، ڇو تھ ان ڪم لاءِ گرمائش ضروري ٿئي
ٿي. لٽي کي ٻن ڏنڊين سان پيو اٿلائبو پٿلائبو آھي.
عمرڪوٽ ۾ ناريءَ کي چيرو، ڏنڊين کي ڏانڊيون ۽ بٺيءَ کي
رڌڻ چلھو سڏيو وڃي ٿو. مڃٺ وستيءَ سان ساڪڻ ٻڪن سان
توري ويندي آھي.
گلي ھڻڻ جو
ڪم ٺڪر جي ڪني يا گنديءَ ۾ ڪبو آھي، جا ڳوٺ جا ڪنڀر
ٺاھيندا آھن. ان ڪارروائيءَ ۾ ھڪ وڏي لٺ ڪتب آڻبي آھي.
واھھ يا
درياءَ ۾ ڌوئڻ لاءِ ٽامي جا ٿانءَ واپرائبا آھن. ڪپڙي
کي ڦرھن تي سوٽيءَ سان ڪٽبو آھي.
ڪاريگر ۽ سندن ڪم:
گھڻو ڪم
دڪان تي ڪيو ويندو آهي، جيڪي گھرن کان الڳ ھوندا آھن.
تاھم، ڪچي سامان جي سنبت جو ڪم گھرن اندر زائفون
ڪنديون آھن. ڌوئڻ ۽ سٽڻ جو ڪم درياءَ يا واھھ تي ٿيندو
آهي.
اسان جن
ھنڌن تي وياسين، اتي سڀ ڪاريگر کتري مسلمان آھن، سواءِ
عمرڪوٽ جي، جتي کتري ھندن جو چڱو چوکو تعداد رھندڙ
آهي. عام طرح، ڇرڻ ۽ رڱڻ جو ڪم مرد ڪندا آھن. پر ڪڏھن
ڪڏھن ڪن شين ٺاھڻ جو ڪم زائفون بھ ڪنديون آھن. عمرڪوٽ
۾ ڇرڻ جو ڪم مرد توڻي زائفون ٻئي ڪندا آهن، پر رڱڻ جو
ڪم رڳو مرد ڪن.
ھر دڪان تي
ھڪڙو اُستو، ھڪڙو باريگر ۽ ھڪڙو ڇوڪرو ھوندو آھي.
ڇوڪرو باريگر کي ھر ڪم ۾ مدد ڪندو آھي. دڪان ۾ جيترا
پٽيا ھوندا، تيترا ڪاريگر اُتي ڪم ڪندڙ ھوندا.
ڪاريگر يا
تھ اُستي جي گھر جا ڀاتي ھوندا آھن يا وري پگھاردار
ٿيندا آهن. دراصل، سٽاءُ دڪان جي ھنڌ ۽ ننڍ وڏائيءَ
موجب ڦرندو رھي ٿو. ٽنڊي محمد خان ۾ ڪيترا ئي اھڙا ھنڌ
آھن، جتي چڱيرڙي تعداد ۾ ماڻھو ڪم ڪن ٿا. ڪي ڪمي اُستي
جا مٽ مائٽ ھوندا آھن ۽ ڪي نھ – ڪي تھ ماڳھين کتري بھ
نھ ھوندا آهن. انھن غير کترين منجھان ڪن کان رڳو ڪپڙي
ڌوئڻ جو ڪم ورتو ويندو آھي. عام طرح ڪي ڪاريگر ھڪڙي چٽ
جو ڪم ڪندا آھن ۽ ٻيا وري ڪنھن ٻئي چٽ جو. رنگن ٺاھڻ
جو ۽ آميزن ۾ پوندڙ مختلف رنگن تورڻ جو ڪم اُستو پاڻ
ڪندو آھي.
باريگر جو
پورھياڻو ڇريل ڪپڙي جي ڊيگھھ تي ڪٿيو ويندو آھي، پر
ٻين ڪمين کي ڏھاڙي ملندي آھي. پورھياڻي جو دارومدار
ملندڙ ڪم تي ٿئي ٿو. ھڪڙي ڪاريگر جي چوڻ موجب، ڪم جو
انداز ٻڌي واپاريءَ تي منحصر ٿئي ٿو ۽ نھ اُستي تي.
(ب) پڙي
ڪاريگرن جي
وڻجارڪي سرگرمي رڳو ڪچي سامان جي خريداريءَ ۽ تيار
سامان جي ورھاست تائين محدود ھوندي آھي. پور جي اُستي
جي ملڪيت ھوندا آهن، سي حيدرآباد، راڌڻ يا ڪنھن ٻئي
ھنڌان دڪان تان وٺبا آھن يا چئي ٺھرائبا آھن. سوٽي
ڪپڙو ٻڌن واپارين کان وٺبو آھي ۽ ڇريل ڪپڙو بھ ٻڌن
واپارين کي، ڪڏھن ڪڏھن ساڳئي ٻڌي واپاريءَ کي وڪيو
ويندو آھي. ڪاريگر پئسي پنجڙ لاءِ ٻڌي واپاريءَ تي
ڀاڙڻ لڳا آھن، جنھن جي ڪري ٻڌا واپاري گھٽ آسودن
ڪاريگرن تي پنھنجيءَ مرضيءَ جا اگھھ مڙھي سگھن ٿا.
ٻڌن واپارين
تي ڀاڙڻ کان بچڻ لاءِ ٻھ نيون صورتحالون ھڪ ئي وقت
اُسريون. ٽنڊي محمد خان ۾ اسان ھڪڙو دڪان ڏٺو، جيڪو
ننڍي پيماني وارن ڪارخانن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو ۽ سموريءَ سنڌ
۾ ٻڌي حساب سان مال وڪرو ڪري ٿو. انھيءَ ڪاروبار جي
سرواڻ وٽ پاسپورٽ آھي ۽ مال ڏيساور موڪلڻ جو ليسن بھ.
اھڙو ڪاروبار ٻڌن واپارين تي اثر جي ڪري، ننڍن
ڪاروبارن تي چڙھت ڪري ۽ کين ڌڪ ھڻي چڙھندو آهي.
ماتليءَ جي ڇريندڙن اڳ ۾ ئي سڄيءَ سنڌ جي سڀني ڇريندڙن
جي سنگت ٺاھي آھي. سندن مکيھ مقصد بئنڪن کان قرض وٺڻ
ھو. سچ پچ تھ اسان جي اڀياس واري وقت انھن مان ڪيترن
ڇريندڙن لاءِ ڪم کي جاري رکڻ ناممڪن ٿي پيو ھو ۽
پنھنجا دڪان بند ڪري ڇڏيا ھئائون. جيڪي اڃا ڪم کي لڳل
ھئا، تن سڌيءَ طرح بزار جي واپارين تي ٿي ڀاڙيو.
ٻيو مسئلو
ھن اڀياس جي زماني ۾ پيدا ٿيو، يعني ٻاھران گھرايل ڪچي
سامان خاص ڪري مڃٺ ۽ نير جي ملڻ ۾ ڏکيائي.
مجموعي طرح
ڇريل ڪپڙي جي زبردست مڪاني گھر جي باوجود ڇريندڙ
پنھنجي آئيندي کان ڪي گھڻا پراميد نھ آھن ۽ ڏسڻ ۾ ائين
ٿو اچي تھ جيڪڏھن ھو ڪنھن وڏي ڪاروبار ۾ نوڪري نھ ڪندا
يا پاڻ کي ڪنھن سھڪاري سنگت ۾ منظم نھ ڪندا تھ کين ڇُر
جو ڪم ڇڏڻو پوندو. ھڪڙي پاسي، مال ملڻ ۾ ڏکيائي ۽ ٻئي
پاسي ڪلن تي ٺھيل مال سان چڙھاچتي، اھي نھ رڳو ڇُر جي
ڪم کي وڌائڻ ۾ رنڊڪون آھن، پر موجوده پيداوار کي قائم
ڪرڻ ۾ بھ، توڻي جو گھر اڄ بھ چڱي خاصي آھي.
ڊزائين:
ڇريل ڪپڙو
ايترو تھ گوناگون آهي جو اسان کي ھنر توڙي ڊزائين ٻنھي
جو لحاظ ڪندي ڪپڙي جي اھميت کي نظر ۾ رکندي چونڊ ڪرڻي
پئي ھئي. ھنر جو ذڪر اڳيئي ٿي چڪو آھي. ھاڻ اسان
ڊزائين جو بيان ڪنداسين.
اجرڪ
اجرڪن جو
ذڪر بيگم فيروز نانا جي تصنيف جي حوالي کان سواءِ نٿو
ڪري سگھجي، جنھن ۾ ھن اجرڪن جي ڊزائين تي مفصل بحث ڪيو
آھي. ھت اسان رڳو ٿورن عام نڪتن کي کڻنداسون.
اجرڪ جاميٽريءَ وارن چِٽن سان ڪپڙي جو مستطيل ٽڪر
ٿيندو آھي، جيڪو مرد اوڍيندا آھن. ڪي اجرڪ زالون بھ
چادر ڪري پائينديون آھن. گھڻو ڪري چٽ روايتي ۽ پراڻا
ھوندا آھن. پر ڪي نمونا ھاڻوڪا آھن، جي يا تھ مختلف
جزن جي نئين ترتيب جو نتيجو آھن، يا ڪنھن نئون چٽ
واپرائڻ جو نتيجو آھن، يا وري ڪو پراڻو چٽ جيڪو عام
طرح ڪنھن ٻئي ڪپڙي تي لڳل ٿئي ٿو، سو واپرائي نئين
ڊزائين پيدا ڪئي ويئي آهي. اجرڪن جي ڊزائين ۾ اھا نواڻ
ڏيکاري ٿي تھ ماڻھن جو اجرڪن ۾ چاھھ چڱو سگھارو آھي.
اجرڪون ٻن قسمن جون ٿين ٿيون: ھڪ پُڙي (ھڪڙي پاسي
ڇريل) ۽ ٻھ پُڙي (ٻنھي پاسي ڇريل). قدرتي طرح ٻھ پڙي
اجرڪ ٺاھڻ وڌيڪ ڏکي ۽ اِن ڪري وڌيڪ مھانگي بھ. نالي
وارا دڪان فقط ٻھ پڙيون اجرڪون ٺاھيندا آھن يا گھٽ ۾
گھٽ سندن مالڪن جو چوڻ اھو ئي آھي. ٻئي طرف، جيڪي دڪان
مالي لحاظ کان ڪسا آھن، سي ھڪ پڙيون اجرڪون ٺاھڻ تي
مجبور آھن.
اجرڪون ھڪ
ٻئي کان نمونن جي لحاظ کان يا نمونن ۾ ڪم ايندڙ چٽن جي
لحاظ کان مختلف ٿين ٿيون. خريدار پنھنجي ذوق ۽ کيسي
آھر گوناگون نموني وارين اجرڪن مان ڪابھ پسند ڪري سگھي
ٿو. نمونن جي درجي بندي منجھن موجود ’چونڪٽن‘
(Frame)
جي تضاد تي ڪئي وڃي ٿي. اڃا ننڍي درجي بندي جدا جدا
چٽن جي لحاظ کان ڪئي وڃي ٿي. ڪي چٽ رڳو ھڪ ئي قسم جي
اجرڪ تي ھوندا آھن.
سڀني اجرڪن
جي زمين نيري يا ڳاڙھي ھوندي آھي. نمونو اجھو ھيئن
ھوندو اٿن: ھر اجرڪ جي پلون وٽ ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ
تائين ٻھ حاشيا ھوندا آھن، جن جي اندر وچون مستطيل
ھوندو آھي. انھيءَ مستطيل جي چوڌاري ڪڏھن چونڪٽ ھوندا
آهن، ڪڏھن نھ بھ ھوندا آھن. اھي ئي اھي چونڪٽ آھن، جن
جي بنياد تي اجرڪن جي درجي بندي ڪئي وڃي ٿي. ڌار ڪندڙ
ليڪون نموني جي جزن جي وچ ۾ ھونديون آھن.
سادي ۾ سادي
اجرڪ ’ناري واري اجرڪ‘ سڏبي آھي. ان ۾ پلوَ وارن حاشين
وٽ ’نارو‘ نالي ٽيئي اڇيون پٽيون ھونديون آھن. پاسي
وارن حاشين وٽ پڻ ساڳيون ٽي پٽيون ڏندا ڏندا ڪيل
ھونديون آھن. وچون مستطيل اجرڪ وارن چٽن مان ڪنھن بھ
ھڪ سان سينگاريل ھوندو آھي. اھڙي اجرڪ بزار ۾ پنجويھن
کان چاليھن روپين تائين ملندي آهي.
پيچيدي ۾
پيچيدي اجرڪ ’حاشيي واري (ٽن حاشين واري) اجرڪ‘ سڏبي
آھي. پلو وارن حاشين جي چوڌاري ڌار ڌار ڪندڙ ليڪ ٿيندي
آھي، جنھن تي ڇريل چٽ جو نالو آهي، سادي وٽ. اھا پاسي
وارن حاشين ۾ بھ ھوندي آھي. ھن ريت ٽنھي چنڪٽن ۾ ھڪ
مستطيل ٺھي بيھندو آهي: ڦرھي حاشيو، سليمي حاشيو. ڦرھي
حاشيو ھڪڙي پٽيءَ سادي وٽ، رستي ڌار ڪيل وچون مستطيل
سليمي حاشيي يا ڪنھن ٻئي چٽ سان سينگاريل ھوندو آهي.
بزار ۾ اھڙي اجرڪ پنجيتاليھن کان پنجھتر روپين تائين
وڪامندي آھي.
انھن ٻن
اجرڪن جي وچ ۾ ٻيا بھ ڪيترا قسم آھن. اجرڪ تي جھڙو ڪم
ٿيل ھوندو ۽ جھڙو ڪپڙو ھوندو، قيمت بھ تھڙي لھندي.
ملير
۽ جِھميون:
ٿر پارڪر جا
ھندو مرد ملير پڳ ڪري ٻڌندا آهن. عام طرح انھن جي چئني
ڪنڊن تي، ڇر مٿان، ڀرت ڀريل ھوندو آھي. جھمي وري اتان
جون ھندو مايون اوڍڻي ڪري واپرائينديون آھن.
ملير توڙي
جھميءَ جي ٻنھي پلون تي ٽن چٽن – لالائر، ڪٽھڙو ۽
ڍاريو – جو ٺھيل حاشيو ھوندو آھي. پاسن کان ٻن چٽن –
ڪٽھڙو ۽ ڍاريو – جو ٺھيل حاشيو ھوندو اٿن، جنھن وٽ پلو
وارا حاشيا مليل ھوندا آهن. وچ ۾ مستطيل ھوندو اٿن،
جيڪو ھڪڙي ئي ور ور ڪري ورجايل چٽ سان ڀريل ھوندو آھي.
پر ملير ۽ جھميءَ جا چٽ جدا جدا آھن. |